سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: حاجي بابا اصفهاني

حصو پهريون

صفحو :6

باب نائون

حاجي بابا مصيبت جي حالت ۾ پخالي ٿئي ٿو

اسين پوري وقت تي مشهد پهتاسين ۽ شهزادو ڏاڍي هنگامي ۽ تجمل سان شهر ۾ داخل ٿيو. مون ڏٺو ته آءٌ ڌارئين ملڪ ۾ هڪڙو اڪيلو ماڻهو آهيان. نڪو يار دوست ڪو ويجهو ٿي سمجهيم، نه ڪو ٻيو ماڻهو جنهن کان ڪنهن به قسم جي مدد جي اميد رکي سگهان. بلڪ پاڪين جو جوڙو به ڪونه هوم جو منهنجي دل کي ڏڍ ڏيئي. وري پنهنجي هڙ ڏي ٿي ڏٺم ته پنجن تومانن کان وڌيڪ پيسو به ڪونه هوم، جي مون قافلي سراءِ منجهان چورايل ڳوٿريءَ مان لڪائي پنهنجي ٽوپيءَ جي آستر ۾ وجهي ڇڏيا هئا. انهيءَ کانسواءِ هڪڙو ڀوري رنگ جو پشمي گڊلو، رڍ جي کل جي صدري، هڪڙو پهراڻ، هڪڙي سٿڻ ۽ ڳرو جوتو هوم. جيسين هو خچرن وارو شهزادي جي نوڪريءَ ۾ داخل هو ۽ هر روز خوراڪ ملندي هيس. تيسين آءٌ مٿس تعلق رکي گذر سفر ڪندو هوس. پر هاڻ ته هن کي ۽ هن جي خچرن کي ڪڍي ڇڏيو هئائون. تنهن ڪري مون کي اميد ڪانه هئي ته هو مون کي اڳتي کارائيندو. مون کي دل ۾ آيو ته آءٌ وري پنهنجو ڌنڌو اختيار ڪيان. پر ڪنهن کي کٽيءَ کنيو هو جو جيڪو ماڻهو ترڪمانن جو جاسوس سمجهيل هو، تنهن کان پنهنجو نرگهٽ وڍائيندو، يا مٿس ڀروسو رکي سندس پاڪيءَ سان پنهنجي سسي لهرائيندو. تنهن کانسواءِ جي کڻي پاڪيون خريد ڪريان ها ته به مون وٽ ايترو پيسو نه هو ته دڪان کولي ويهان، ۽ گهمندي حجامت ڪرڻ جو ته اصل منهنجو ارادو نه هو.

منهنجي دوست خچرن واري کي مشهد جي رسمن راهن جي پوري خبر هئي، تنهن مون کي تاڪيد سان صلاح ڏني ته پخالي ٿي پئو. چوڻ لڳو ته ”تون جوان ۽ همت وارو آهين ۽ آواز به چڱو اٿئي ۽ پنهنجي مٺي آواز سان ماڻهن کي لالچائي پاڻي پياري سگهندين. تنهن کانسواءِ تون چرب زباني ۽ چاپلوسي ۽ مسخريءَ ۾ به چالاڪ آهين. جيڪي زيارتي ماڻهو امام جي روضي جي زيارت لاءِ مشهد ۾ اچن ٿا، سي تمام گهڻا آهن ۽ خيرات ڪرڻ کي گويا هو پنهنجن روحن جي نجات جو سبب ٿا سمجهن، ۽ جيڪي هنن کي گهڻي ثواب پهچائڻ جي اميد ڏين ٿا، تن کي هو گهڻوئي ڪي ڏين ٿا. توکي گهرجي ته هر هڪ ڍڪ پاڻيءَ جو حضرت امام حسين رضه جي صدقي ۽ سندس نالي وڪڻين، هميشه مفت يا سواءِ پيسن جي ڏيڻ جي ڪجئين. پر اها نظر ڪج ته جڏهن پيسا هٿ ۾ ڏينئي تڏهن تون پاڻي سانداري مان ڪڍين، ۽ جڏهن تنهنجو گراڪ پاڻي پي ڍئو ڪري تڏهن وڏي سڏ چئجئين ته ”شل اهو پاڻي نوش جان ٿئي! شل حضرت امام حسين رضه توکي پنهنجي پناهه هيٺ وٺي!“ ۽ اهڙا ٻيا دعا جا جملا چئجين، پر، اهڙي مٺي آواز سان ۽ ڍار سان چئجئين، جو سڀڪو ٻڌي سگهي. مطلب ته جيڪي زيارتي هزار فرسنگ ڪري اچن ٿا، تن کي جيڪي به تون چوندين انهيءَ تي ضرور اعتبار ڪندا. آءٌ پاڻ مشهد ۾ سقا ٿي رهيو آهيان ۽ انهيءَ ڌنڌي جي مون کي گهڻي خبر آهي. انهيءَ مان ايترو پيسو ڪمايم جو هيتريون چخريون خريد ڪيم، ۽ هينئر اهڙي حال ۾ آهيان جنهن ۾ ڏسينم ٿو.“

آءٌ پنهنجي دوست جي صلاح تي هليس. هڪدم جيڪي پيسا هوم تن مان هڪڙو ساندارو کڻي ورتم ۽ هڪڙي پتل جي نلي ۽ هڪڙو چمڪندڙ وٽو به خريد ڪيم. پوءِ ساندارو پاڻيءَ سان ڀري ٿوري وقت تائين رکي ڇڏيم. ته چم ڀڄي ۽ گندي باس ڇڏي. پوءِ آءٌ امام جي روضي ڏانهن هليس ۽ پنهنجو ڪم شروع ڪيم. جيڪو هوڪو مون پنهنجي لاءِ مقرر ڪيو سو هي هو ته ”پاڻي پاڻي! امام جي صدقي پاڻي.“ جيتري زور سان مون کان ٿي سگهيو اوتري زور سان اهو هوڪو ڏيندو رهيس. انهيءَ کان ٻه ڏينهن اڳي هن خچرن وارن جي نظر هيٺ انهيءَ جي استعمالي ڪئي هيم، تنهن ڪري پڪ هيم ته آءٌ اهو ڪم اهڙو چڱو ٿو ڪريان جهڙوڪ جهونا آزمودگار ڪندا آهن. ظاهر ٿيڻ شرط ٻيا جيڪي پخالي هئا تن مون کي ڏٺو ۽ مون سان جهيڙي ڪرڻ تي هئا. هڪڙي ته مون کي ڌڪا ڌوڻ به ڪئي، پر هنن ڏٺو ته هي مڙڻ جو ناهي ۽ آهي به ڏٽو مٽو، تنهن ڪري رڳو پري کان گاريون ڏيڻ لڳا. پر انهيءَ ۾ ته آءٌ پاڻ استاد هوس. تنهن ڪري جهٽ ۾ ماٺ ڪرائي ڇڏي مان. شايد خدا تعالي مون کي انهيءَ ڪم جي لاءِ خلقيو هو. جيڪو پاڻي هڪڙي ڪني حوض مان ڀري کنيو هوم تنهن جي نالي چوڻ لڳس ته ”حوض ڪوثر جو آهي ۽ زمزم جي کوهه جي پاڻيءَ جهڙو پاڪ آهي ۽ بهشت جي نديءَ جي هڪڙيءَ شاخ مان آيو آهي.“ خيال ۾ ئي نه ايندو ته ڪيئن ماڻهن کي اهو ڏاڍو ٿي وڻيو ۽ انهيءَ جي مفت ڏيڻ لاءِ مون کي ڪيترا نه پيسا ٿي مليا. اها سنڀال پئي ڪيم ته جيڪي نوان زائر تازا وارد ٿي ٿيا تن کي هٿ ڪريان. اهي اڃا خچرن تان مس ٿي لٿا ۽ رستي جي مٽيءَ سان ڀريا پيا هئا ۽ ترڪمانن جي هٿان سلامت اچڻ تي خوشيون پئي ڪيائون ته مون پاڻي جو وٽو ڀري رسول ڪريم ﷺ جي نالي تي وڃي ٿي ڏنن، ۽ چيو مان ٿي ته ”مشهد ۾ پهچڻ شرط اهو اوهان جو پهريون فرض آهي. تنهن ڪري سلامت پهچڻ جي شڪر گذاريءَ ادا ڪرڻ لاءِ اوهان کي گهرجي ته مون کي جهجو ڏيو.“ انهيءَ منهنجي نصيحت جو هنن تي گهڻو اثر ٿي ٿيو.

عاشورن جا ڏينهن اچي ويجها ٿيا هئا، جڏهن حضرت امام حسين رضه جي شهادت لاءِ سڄي ايران ۾ ماتم ڪرڻ فرض سمجهندا آهن. مون پڪو ٺهراءُ ڪيو ته پاڻ کي اهڙي تعليم ڏيان ۽ اهڙو استعمال ڪريان جو انهن ڏينهن ۾ سقا ٿيان جنهن کي پوئين ڏينهن جو تمام سڳورو سمجهيل آهي. ماتمداريءَ ۾ وڏو ڪم ڪرڻو ٿو ٿئي. اها ماتمداريءَ جي تشبيهه شهر جي وڏي چونڪ ۾ عام طرح شهزادي جي اڳيان ٿيڻي هئي ۽ مون کي اميد هئي ته انهيءَ ڏينهن تمام وڏو ساندارو پاڻيءَ سان ڀريل پٺن تي کڻي، ٻي به انهيءَ سان گڏ چالاڪي ڏيکاري پهلوانيءَ جي لاءِ به نالو ڪڍان، ۽ پيسي جو فائدو به حاصل ڪريان. ٻيو به هڪڙو انهيءَ ڪم لاءِ سنبريل هو، جنهن گذريل سال ۾ اهڙي وقت اهو ساڳيو ڪم ڪيو هو. پر جيڪو ساندارو مون کي هن ڀيري کڻڻو هو تنهن ۾ ايترو گهڻو پاڻي ٿي پيو جو هن جي کڻڻ جو نه هو. تنهن ڪري مون کي پڪ هئي ته آءٌ هن کان ڪسر کڻي ويندس. انهيءَ هوندي به مون کي ماڻهو صلاح ڏني ته خبردار رهج جو هو ڏاڍي حسد ۽ ساڙ وارو آهي ۽ جي وس پڄي سگهيس ته توکي ڪونه ڪو نقصان پهچائيندو. جڏهن اهو ڏينهن آيو تڏهن شهزادو پنهنجي محلات جي دروازي جي مٿان هڪڙي جاءِ ۾ ويهي رهيو ۽ ٻي شهر جي سڄي خلق اچي تشبيهه ڏسڻ لاءِ اتي گڏ ٿي. آءٌ چيلهه تائين اگهاڙو هوس ۽ منهنجي بت مان رت پئي وهيو، پنهنجو ڳرو ساندارو کنيو آهستي پئي هليس. جنهن دريءَ وٽ شهزادو ويٺل هو تنهن وٽ جڏهن پهتس، تڏهن وڏي سڏ سندس اقبال ۽ بخت لاءِ دعائون گهرڻ لڳس. انهيءَ تي هن جو ڌيان مون ڏانهن ٿيو. هن هڪڙو سونو سڪو مون کي اڇلائي ڏنو، ۽ منهنجي چالاڪي جي نسبت ۾ خوشي ظاهر ڪيائين. مون وري هيئن ڪيو جو جيڪي ڇوڪرا اتي آسپاس بيٺا هئا تن کي هڪٻئي جي مٿان سانداري سان گڏ پٺن تي چاڙهي بيهاريم. هيءُ حال ڏسي ماڻهن کي حيرت وٺي ويئي ۽ هو رڙيون ڪري مون کي آفرين ڏيڻ لڳا. مون اڃا به هڪ ٻئي هڪڙي ڇوڪر کي سڏيو ته اتي اوچتو منهنجو دشمن، جنهن وجهه پئي ڳوليو سو نڪري ظاهر ٿيو. ۽ ٻين سڀني جي مٿان مون تي چڙهي بيٺو: نيت اها هيس ته مون کي چپي ڇڏيندو، پر آءٌ بار جهلي سڀني کي کڻي اٿي هليس. هي ڏسي ماڻهن جا وات پٽجي ويا ۽ خوشي کان رڙيون ڪرڻ لڳا. جيتوڻيڪ گرميءَ ۾ مون کي ڪابه تڪليف معلوم نه ٿي ٿئي، پر پوءِ جڏهن مون تان سڀ بار لٿو تڏهن منهنجن پٺن ۽ چيلهه کي اهڙي ضرب رسي وئي، جو اڳتي پخاليءَ جي ڪم ڪرڻ جو بلڪل لائق نه ٿيس. تنهن ڪري مون پنهنجو ساندارو ۽ ٻيون شيون وڪڻي ڇڏيون ۽ پاڻي وڪڻڻ سان جيڪي پيسا ڪمايا هئم، تن سان مشهد ۾ پهچڻ واري ڏکئي وقت جي مقابلي ۾ پاڻ کي بهتر حال ۾ سمجهيم. منهنجو دوست خچرن وارو عاشورن کان ڪي ڏينهن اڳي هڪڙي قافلي سان طهران ڏي هليو ويو هو، تنهن ڪري انهيءَ جي صلاح مشورت کان آءٌ هاڻي نااميد رهيس. منهنجي دشمن مون کي جيڪو ايذاءُ پهچايو هو، تنهن جي لاءِ جيڪر آءٌ فريادي ٿيان ها ۽ گهلي قاضيءَ وٽ آڻيانس ها، پر مون کي ماڻهن پڪ ڏني ته محمدي شريعت موجب اهڙي قسم جي ضرب لاءِ ڪابه سزا ڪانهي. لکيل آهي ته اک جي بدران اک ۽ ڏنڊ جي بدران ڏنڊ، پر ضرب جي بدران ضرب لکيل نه آهي. جيڪڏهن مون کي ڪو همت وارو وڪيل هجي ها ۽ منهنجي پاران مقدمي هلائڻ ۾ ڪوشش ڪري ها ته شايد منهنجو ڪو داد ٿئي ها، ۽ مون کي ڪو عيوضو ملي ها، پر آءٌ غريب مسڪين هوس، ڪوبه منهنجو واقف يا دوست ڪونه هو، تنهن ڪري مون کي ڪنهن به فائدي حاصل ٿيڻ جو امڪان نه هو، بلڪ ڊپ هو ته جيڪو ٿورو گهڻو پيسو ڪمايو هوم سو به وڃي ها.     

باب ڏهون

هو پاڻ سان مشورت ڪري ٿو ۽ گُهمندي حُقي ڇڪائڻ وارو ٿئي ٿو

Text Box: 80

مون پاڻ سان مشورت ڪئي ته اڳتي گذران لاءِ ڇا ڪريان” دنيا ۾ گهڻائي ڌنڌا هئا جي ڪري ٿي سگهيس. مشهد ۾ پنڻ جو ڌنڌو ته سڀ کان چڱو هو ۽ پخالي ٿي جيڪي ڪمايو هوم تنهن مان معلوم ٿي سگهيو ٿي ته سگهوئي آءٌ پنڻ جي ڪم ۾ سڀ کان ڪسر کڻي ويندس. لوطي به ٿي سگهان ۽ رڇ کڻي ڌاريان ها، پر انهيءَ ۾ هنر کپندو هو ۽ شاگرد ٿي اهو سکڻو پوي ها ته مسخري ڪيئن ڪجي ۽ رڇ ڪيئن پالجي. تنهن ڪري مون انهي ڌنڌي جو خيال لائي ڇڏيو. آءٌ پنهنجو حجامڪو ڪم اڃا به ڪري سگهان ها ۽ هڪڙو دڪان کڻي وٺان ها، پر مون کي هڪڙي هنڌ رهي پوڻ جو اصلي خيال ڪونه هو، خاص مشهد جهڙي پرانهين شهر ۾. نيٺ مون پنهنجي دل جو لاڙو ڏسي انهيءَ تي عمل ڪيو ۽ آءٌ پاڻ جو حقي ڇڪڻ جو شوقي هوس، تنهن ڪري ارادو ڪيم ته گهمندي ماڻهن کي پيسن تي حقو ڇڪائيندو وتان. اهو ارادو ڪري مون جدا جدا قد جا نڙ ورتا ۽ هڪڙي ڪاٺ جي ٿالي به ورتم، جنهن ۾ نڙن جا مٿا پيل هئا. اها ٿالهي مون چيلهه سان ٻڌي ڇڏي. ۽ ٽانڊن کڻڻ لاءِ هڪڙو لوهه جو ٿانو ورتم، جو هٿ ۾ کنيم ۽ انهن کانسواءِ هڪڙو لوهه جو چمٽو ۽ ٽامي جو لوٽو پاڻي لاءِ به ورتم جو پنهنجن پٺن تي ڪڙي ڪنڍي سان لڙڪائي ڇڏيم ۽ ڪي وڏيون ڳوٿريون تماڪ کڻڻ لاءِ. اهي سڀ شيون مون پنهنجي بدن جي چوڌاري ٻڌي ڇڏيون. ۽ جڏهن پوري طرح سنبري ٿي بيٺس تڏهن سيڙهه جهڙي ڏيکاري پي ڏنيم، جنهن جا ڪنڊا کنڊري کڙا ٿي بيهندا آهن. منهنجو تماڪ به جدا جدا قسمن جو هو: تپاس جو، شيراز جو، شوش جو ۽ دمشق جو. اهو سچ آهي ته اهو صاف ڏيڻ نه ٿي گهريم، جو سچي تماڪ جي ٿورن پنن سان جدا جدا قسمن جو ڇيڻو ۽ ٻيو ڪچرو ملائي انهيءَ کي گهڻو ٿي ڪيم. مون کي اها تجويز هئي جو پنهنجن گراهڪن ۾ سهي ٿي ڪيم ته هوشيار ۽ خبردار ڪير آهي، انهيءَ کي سو گهڻو ڪري نج تماڪ ڇڪايم. حقيقت ڪري منهنجو سڄو فائدو ماڻهن جي قسمن پروڙڻ تي تعلق هو. وچين درجي وارن ماڻهن کي اڌ گڏيل تماڪ ٿي ڏنم. انهن کان گهٽ درجي وارن کي ٽي پتيون گڏيل. ۽ سڀ کان گهٽ درجي وارن کي ته رڳو نالي جو تماڪ ٿي ڏنم. ٻيو سڀئي ڪچرو. جڏهن به ڪو گهنڊ پيل منهن ٿي ڏٺم تڏهن هڪدم پنهنجي تماڪ جي تعريف ٿي ڪيم، ۽ چڱي تماڪ جا نمونا ٿي ڏيکاريم. انهيءَ جي خاصيتن جو بيان ٿي ڪيم ۽ جنهن باغائي اهو پوکيو هو تنهن جي سڄي تاريخ پڙهيو ٿي ويس پڪ سان ٿي چيم ته آءٌ اها جاءِ به ڏيکاري سگهندس. جتي اهو تماڪ ٿيندو آهي.

آءٌ پنهنجي حقي جي ڪري مشهد ۾ مشهور ٿي ويس. منهنجو مک گراهڪ درويش هو. جو اهڙو هوشيار هو جو آءُ انهيءَ کي نج تماڪ کانسواءِ همت جهلي ٻيو ڪي ڏيئي نه سگهندو هوس. جيتوڻيڪ هن جي حقي ڇڪڻ ڪري مون کي گهڻو فائدو ڪونه هو، جو پيسا به پوري طرح نه ڏيندو هو، پر پوءِ هن جي گفتگو اهڙي مزي جهڙي هئي ۽ هن منهنجي نسبت ۾ پنهنجن ايترن گهڻن دوستن کي سفارش ڪئي. جو جيترو مون کان ٿي سگهيو اوترو هن کي خوش ٿي رکيم.

Text Box: 81
82

هن جو نالو درويش صفر هو. هو هڪڙي طرز جو ماڻهو هو. هن جو نڪ ڊگهو ۽ وريل هو، اکيون ڪاريون ۽ تيز هيس، ڏاڙهي گهاٽي هيس ۽ ڊگها نڀور ڪارا وار هئس. جي ڪلهن تي پئي لٽڪيس. هن جي چهنبياريءَ ٽوپيءَ تي چوڌاري قرآن جون آيتون ۽ ٻيون دعائون سئيءَ سان ڀريل هيون. ڳاڙهي هرڻ جي کل پٺن سان ڍري ٻڌل هيس. جنهن جو وارن وارو پاسو ٻاهر نڪتل هو. هن کي هٿ ۾ هڪڙي ڊگهي لوهه جي لٺ هئي. جا هو اڪثر ڪلهي تي کڻندو هو، ۽ ٻئي هٿ ۾ هڪڙو ڪشتو يا ڪچڪول هوندو هوس جو ٽن زنجنيرن ۾ اٽڪيل لٽڪيل هو، جڏهن دل چوندي هيس تڏهن لنگهندڙن کان انهيءَ ۾ خيرات گهرندو هو. ڪمربند ۾ وڏا ڪڙا لڳل هئس جن مان گهڻائي ڳرا ڪاٺ جا مڻڪا پئي لڙڪيا. هو جيئن گهٽين ۽ بازارن مان لڏندو لنگهندو ٿي ويو، تيئن سندس صدائن ۽ اشارن ۾ اهڙو سوز ۽ اثر هو جو جن ٿي هن کي ڏٺو تن کي هيبت ٿي ٿي. انهيءَ بابت پوءِ مون کي معلوم ٿيو ته هن ڄاڻي ٻجهي پنهنجي درويشي ڏيکارڻ لاءِ ائين ٿي ڪيو، ڇاڪاڻ جو جڏهن هو منهنجو حقو ڇڪيندو هو ۽ ٻيو ڪو ماڻهو حاضر نه هوندو هو، تڏهن بلڪل بي حجاب ۽ اصلوڪي طبيعت ۾ رهندو هو. اسان جي واقفيت سگهوئي بدلجي گهري دوستي ۾ تبديل ٿي پئي ۽ نيٺ مون کي هن ڪن ٿورن درويشن سان واقف ڪرايو، جي خود سندس ڊول جهڙا ۽ سندس ڌنڌي وارا هئا ۽ جن کان سواءِ هو نه گذاريندو هو. آءُ ڪيترائي ڀيرا هنن جي سڏڻ تي سندن مجلس ۾ ويس. اهو سچ آهي ته حقي ڇڪائڻ جي ڌنڌي ۾ ائين ڪرڻ مان مون کي فائدو ڪونه هو، ڇاڪاڻ جو جيڪو چڱو تماڪ هو کپائيندا هئا سو منهنجي ٻين سڀني گراڪن جي کپايل تماڪ کان وڌيڪ هوندو هو. پر هنن جي صحبت اهڙي مزي جهڙي هوندي هئي، جو آءٌ هنن سان شامل ٿيڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهندو هوس.

هڪڙي ڏينهن شام جو جڏهن اسان هميشه کان وڌيڪ تماڪ ڇڪيو. تڏهن درويش صفر مون کي چوڻ لڳو ته ”حاجي بابا، سڄي عمر تون حقي ڇڪائڻ ۾ گذاريندين ڇا؟ تون بهتر ڪم ڪرڻ جهڙو ماڻهو آهين. ڇو نه اسان وانگي درويش ٿو ٿين. اسين ماڻهن جي ڪابه پرواهه ڪانه ٿا رکون ۽ مٿن ٺٺوليون ڪندا وتون، جيتوڻيڪ اسين ڪڏهن سکيا ڪڏهن ڏکيا ٿا گذاريون ته به جدا جدا حالتن ۾ ٿا رهون ۽ ڪم ڪوبه ڪونه ٿا ڪريون. ماٺ ڪيو ويٺا آهيون. انسان ذات کي اسين پنهنجو چڱو شڪار ٿا ڄاڻون. اسين هنن جي ڀورڙائيءَ ۽ ضعيفيءَ تي گذران ٿا ڪريون. ۽ جيتريقدر آءٌ تنهنجو واقف ٿيو آهيان اوتريقدر آءُ ڀانيان ٿو ته تون اسان جي ڌنڌي ۾ ڏاڍو ناليوارو ٿيندين ۽ نيٺ ڏينهن پئي اهڙو مشهور معروف ٿيندين جهڙو خود شيخ سعدي هو.“ ٻن ٻين انهي رٿ جي تائيد ڪئي ۽ مون کي زور ڪيائون ته درويش ٿي پئو. آءٌ ناراض ته نه هوس، پر مون عذر اهو ڏنو ته جيڪي هنر انهيءَ ڪم لاءِ ضرورت آهن. تن مان آءٌ واقف ناهيان. مون چيو ته ”انهيءَ جو ڪهڙو امڪان آهي ته آءُ جو اهڙو غير واقف ۽ ناآزمودگار آهيان سو هڪدم ايتري علميت حاصل ڪري سگهندس، جيتري درويش ٿيڻ لاءِ ضروري آهي. سچ آهي ته آءُ لکي پڙهي ڄاڻان ٿو، قرآن پڙهيو اٿم ۽ ”حافظ“ ۽ ”سعدي“ گهڻو ڪري سڄوئي ياد اٿم. انهيءَ کانسواءِ ”فردوسي“ جي ”شاهنامي“ جو گهڻو ڀاڱو به پڙهيو اٿم، پر انهيءَ کان مٿي ڪي به ڪين ٿو ڄاڻان.“

درويش صفر چيو ته ”يار، درويشن جي ڪا ٿورڙي خبر آهي، انسان ذات جي اوتري به ڪانه اٿئي. درويش ٿيڻ لاءِ علميت جو ضرور ئي ڪونهي، پهرين ضروري شيءِ دل جي همت آهي. جيڪي فضيلتون تو بيان ڪيون آهن تنهن جي پنجاهين پتيءَ سان ۽ رڳو ٿوري رواجي بيحيائي ۽ همت سان مون کي پڪ آهي ته ماڻهو تنهنجا گفتا ٻڌي پنهنجو پيسو ته خير، پر پنهنجو ساهه به توتان قربان ڪري ڇڏيندا. بيحيائي جي رستي آءٌ هڪڙو وڏو بزرگ ٿي چڪو آهيان. بيحيائي جي رستي مون ڪرامتون ڪري ڏيکاريون آهن، بيحيائيءَرستي مون قريب المرگ ماڻهن کي وري چڱو ڀلو ڪيو آهي. مطلب ته بيحيائي جي رستي آءٌ ڏاڍي آرام جي حياتي ٿو گذاريان ۽ جيڪي تو وانگي درويش کان غير واقف آهن. سي مون کان ڊڄن ٿا ۽ مون کي تعظيم ڏين ٿا. جيڪڏهن آءٌ پاڻ تي ايتري تڪليف هموار ڪريان ۽ ايترا ڪشالا ڪڍان ۽ جيڪر هينئر هڪڙو وڏو اولياءَ شمار ۾ اچان. رڳو پنهنجي طرفان بي حيائي گهرجي ۽ خلق جي طرفان ڀورڙائي ۽ ويساهه.“

جڏهن درويش صفر ڳالهائي بس ڪئي. تڏهن سندس سنگتين کيس آفرين ڏني. هن پنهنجن عجيب غريب ڪمن جون ايتريون حيرت جهڙيون ڳالهيون ٻڌايون. جو مون کي اهڙن عجيب انسانن جي وڌيڪ احوال معلوم ڪرڻ جو گهڻو شوق ٿيو. هنن انجام ڪيو ته ٻئي ڀيري جڏهن گڏياسين تڏهن پنهنجي حياتيءَ جو مفصل احوال توکي ٻڌائينداسين. تيستائين هنن مون کي صلاح ڏني ته تون ڪنهن ٻئي آبرو جهڙي ڌنڌي ڏي خيال ڪر ۽ وڌيڪ لذت ۽ فرحت به حاصل ڪر، نه کريل تماڪ ڇڪائڻ واري بدمعاش جو ڪم اختيار ڪر.  

باب يارهون

 

درويش صفر ۽ ٻين درويشن جو احوال

وري جڏهن اسين سڀ گڏ ٿياسين ۽ هڪڙي جاءِ ۾ حقا ٽيڪي ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويٺاسين جتي اسان جي جاءِ جي دريءَ جي ٻاهران هڪڙو گلن جو چمن هو. تڏهن درويش صفر جنهن کي سڀني پنهنجو بزرگ ڪري ٿي سمجهيو، تنهن پنهنجي ڳالهه هن طرح شروع ڪئي:

”آءٌ شيراز جي شهزادي“ لوطي باشي يا وڏي مسخري جو پٽ آهيان. منهنجي ماءُ هڪڙي مشهور ڪڃري هئي، جنهن جو نالو طائوس هو. اهڙن ماڻهن هوندي مون کي ڪهڙي تعليم ملي هوندي تنهن جو اوهين خيال ڪري سگهندئو: ننڍپڻ ۾ پنهنجا مک سنگتي رڇ ۽ ڀولڙا هئا، جي منهنجي پيءُ ۽ سندس دوستن جا هوندا هئا. شايد جيڪي ناٽ ۽ مسخريون انهن کي ٿي سيکاريائون ۽ جنهن چالاڪيءَ ۽ آسانيءَ سان اهي انهن ٿي سکيا. تنهن مان مون کي مسخري ڪرڻ جي قابليت حاصل ٿي. جا مون کي سڄي حياتيءَ ۾ گهڻي ڪم آئي. پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ آءٌ پڪو لوطي ٿيس. آءٌ باهه کائي ويندو هوس، وات مان پاڻي وهائي سگهندو هوس ۽ ٻيون ڪيتريون ئي هٿ ناٽيون ڪري ڄاڻندو هوس. آءٌ انهي ڌنڌي ۾ جيڪر هليو هلان ها ۽ چڱي ڪمائي ڪندو رهان ها، جي شهزادي جي شترسوارن جي لشڪر جي سپهه سالار جي ڌيءَ مون تي عاشق نه ٿئي ها.

هن هڪڙي ڏينهن نوروز جي عيد تي دربار جي آڏو مون کي هڪڙي رسي تي هلندو ڏٺو. هڪڙي جوان شترسوار جي ڀيڻ انهي سپهه سالار جي حرم ۾ نوڪرياڻي هئي. اهو شترسوار منهنجو گهاٽو يار هو. انهيءَ کي ڀيڻ خبر ڏني ته منهنجي شڪل سندس ڌياڻيءَ کي گهڻو وڻي ٿي ۽ انهي اها خبر مون سان ڪئي. آءٌ هڪدم هڪڙي ڪاتب يا منشيءَ وٽ ويس جو بازار جي ڪنڊ ۾ هڪڙي ننڍي مَنهه هيٺ ويٺو هوندو هو. چيومانس ته ”منهنجي طرفان هڪڙو محبت جو خط لکي ڏي ۽ انهي ۾ ڳاڙهي مس گهڻي ڪم آڻ ۽ تجويز سان هيڏي هوڏي مونجهاري جهڙا ليڪا منجهس ڪڍي ڇڏ.“ هن هڪڙو تمام چڱو خط لکي ڏنو. ڇاڪاڻ جو شروع ۾ ئي هن منهنجي معشوقه کي منهنجي نسبت ۾ اطلاع ڏنو ته فلاڻو مري ويو آهي جو تنهنجن اکين جي باهه ۾ هن جي دل ڀڃي ڪباب ٿي پئي هئي. انهي هوندي به پڇاڙيءَ ۾ مون هيئن لکايو ته مون توکي ڪڏهن ڪين ڏٺو آهي ۽ اميد ٿو رکان ته تون مون کي پنهنجو منهن ڏيکاريندئين ۽ مون سان ملاقات ڪنديئن. اهڙي خط هٿ آڻڻ جي خوشيءَ ۾ مون منشيءَ کي مخفي طرح ٻڌايو ته اها منهنجي معشوقه ڪير آهي؟ ٻڌڻ شرط هن کي اچي انهيءَ ۾ طمع کنيو ته محنت جو ڪو انعام کٽان. تنهنڪري هڪدم وڃي خود سپهه سالار سان اها ڳالهه ڪيائين. ڀلا لوطي باشيءَ جو پٽ اهڙو ٿئي جو زنبور ڪچي باشيءَ جي ڌيءُ ڏي نهاري سگهجي. اهو اهڙو ڏوهه آهي جنهن جي جيڪر معافي ڏيئي نه سگهجي، ۽ انهيءَ زنبور ڪچي پاشي جي شهزادي جي دربار ۾ گهڻي رسائي هئي، تنهن شيراز مان هڪدم حڪم جاري ڪرايو. جنهن موجب مون کي هڪدم نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيائون. منهنجي پيءُ جي مرضي نه هئي ته شهزادي جي ڪاوڙ کڻي، ۽ آءٌ جو پنهنجي ڌنڌي جو نالو ڪڍندو ٿي ويس، تنهنڪري اهوبه ڊپ ٿيس ته متان سگهوئي هي منهنجي جاءِ کسي وٺي. تنهن ڪري دير ڪرڻ ته نه ڏنائين. پاڻ تاڪيد ڪيائين ته جلد هتان نڪري وڃ. جنهن ڏينهن صبح جو آءٌ شيراز مان ٿي نڪتس ۽ پنهنجن سنگتين يعني بابي جي رڇن ڀولڙن ۽ ٻين جانورن کان ٿي موڪلايم، انهيءَ ڏينهن بابي مون کي چيو ته ”صفر، بابا، آءٌ جيڪر توکان ڌار ٿيڻ نه گهران، پر جيڪا تعليم توکي ملي آهي ۽ مون سان ۽ منهنجن جانورن سان گڏ رهڻ ڪري جيڪي خاص فائدا تو حاصل ڪيا آهن. تن جي نظر تي مون کي پڪ آهي ته تون دنيا ۾ سکيو رهندين. هاڻي آءٌ توکي هڪڙي بخشش ٿو ڏيان جا توکي سگهوئي سائو ڪندي. آءٌ توکي پنهنجو وڏو باندر ٿو ڏيان جو پنهنجي ذات ۾ تمام هوشيار ۽ لاثاني آهي. پنهنجي خاطر هن سان دوستي رکج ۽ منهنجي خاطر انهيءَ کي پيار ڪج. مون کي اميد آهي ته نيٺ تون به انهي اوج کي وڃي رسندين، جنهن کي تنهنجو پيءُ رسيو آهي.“ ائين چئي هن اهو باندر کڻي منهنجي ڪلهي تي رکيو ۽ آءٌ اهو کڻي بابي جي گهران نڪتس.

”مون اصفهان وارو رستو ورتو، پر دل ۾ گهڻو خوش ڪين هوس ڇا لاءِ جو مون کي پڪ نه هئي ته هن حالت بدلڻ ڪري آءٌ خوش ٿيان يا رنج ٿيان. باندر ۽ آزادگي اهي بيشڪ خوشيءَ جهڙيون شيون هيون، پر پنهنجا يار دوست ۽ جايون جن سان ننڍي هوندي کان منهنجي دل ٻجهي ويئي هئي سي ڇڏڻ ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اها خوبصورت غير واقف زال، جنهن کي مون پنهنجي خيال ۽ شيرين جهڙو حسين ٿي ڄاتو. اهي اهڙيون ڏک واريون ڳالهيون هيون جو جيسين آءٌ تنگ ا اڪبر وٽ درويش جي ڀنگئي تائين پهتس، تيسين آءٌ نااميديءَ کان بي دليو ۽ ماندو ٿي ڪري پيس. ڀنگيءَ جي ويجهو هڪڙي پهڻ تي ٿي ويٺس ۽ باندر کي کڻي پاسي ۾ ويهاريم، پوءِ اوڇنگارون ڏيئي ويهي روئڻ لڳس، ۽ دانهون ڪري واءِ واءِ. اي واءِ چوڻ لڳس.

”منهنجين رڙين تي درويش نڪري آيو: جڏهن هن منهنجي ڳالهه ٻڏي تڏهن هو مون کي اندر ڀنگئي ۾ وٺي ويو، جتي مون هڪڙو ٻيو درويش هن کان وڌيڪ حشمت وارو ويٺل ڏٺو. هن کي به اهڙا ئي ڪپڙا پيل هئا جي مون کي هينئر پيل آهن. بلڪ هيءَ ٽوپي جا مٿي ۾ پئي اٿم، سا انهيءَ جي آهي. پر هو اهڙو مستانو نظر ٿي آيو جو ڏانهس ڏسندڙ جي دل مائل پئي ٿي.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org