سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: سون ورنيون دليون

صفحو :6

 

[21]

ڀريا ٽي هفتا نبري ويا هئا، جيئن تنهن ڏهاڙي، هيلڊار منع ڪئي هيس، تيئن رٿ وري پنهنجي ٻيلي وارين ساهيڙين وٽ ليو ڪونو  پاتو هو. پاڻ به هيلڊار تنهن وچ ۾ وٽس آيو پئي، پر ڄڻ نياپو ڏيئي، وري هليو ويندو هو. اڳي جو رٿ کي ڏسندو هو، ته نيڻ پيا ٺرندا هئس، اُها سرهائي هينئر سندس منهن ۾ رهي ڪانه هئي. منهن ۾ جي سونڊ ته پيو هوندو هوس، ته ڳالهائڻ ته سندس بلاشڪ ڳورو ٿي پيو هو. رٿ سان اهو عرصو انت هئي. ويهي ويهي، ،جذبو ايندو هوس، ته هيلڊار کي صاف چئي ٿي ڏيان ته پنهنجي به نه بڻي؛ تنهن ۾ توهان تان حرف لٿو؛ توهان وڃي ڪا پنهنجي لاءِ ٻي لائق ٻانهن ڳوليو. پر وري ائنا جو ويچار ”هوش“ جاءِ آڻيندو هوس. تڏهن پاڻ کي هيٺيون هيٺ، مٿيون مٿي، کڻي زبان جهليندي هئي.

نيٺ هڪ ڏهاڙي دل اچي کنيس، ته اڄ ته ساهڙين وٽ لنگهي وڃان. ٻيلي کي به پئي سنڀاريائين پر ٻيون ڪارڻ هي به هو، جو ڀانئيائين ته ڪيئن به مڙيوئي آلڊينهوفر جي منهن کان ٽري پاسو ڪريان!

ٻيلي مان لنگهي پئي، ته پٺيان ڪنهن جو آواز ڪن تي پيس. منهن ورائي ڏٺائين، ته هيلڊار پئي آيو.

پڇيائينس: آءُ به توهان سان گڏ هلان؟

هيلڊار ورندي ڏنيس: آءُ تلاءُ ڏي ٿو وڃان. تون هلي ڇا ڪندينءَ؟ واٽ تي ٻي وندر به ڪانهي، ڪڪ ٿي پوندينءَ.

        ”اوهان جي هوندي، آءُ ڪڪ ڪانه ٿينديس. تنهن ڌاران اوهان سان ڪا ڳالهه به ڪرڻي اٿم.“

تڏهن بيشڪ مون سان هل . پر آءُ ته هتان وچ مان ئي هلون ته گهڻو وقت نه لڳي. داديءَ تاڪيد ڪري ڇڏيو اٿم ته موٽي سگهو اچج. پاڻ اڄ ٽپهري ڪالروٿ وارن وٽ ڪندي.“

”چڱو، هڪڙي ڳالهه هيءَ ٿي ٻڌائيمانوَ ته داديءَ ڪالهه چٺي لکي اٿم...“

”هون...“

”ڏاڍي ويچاري تنگ آهي. گيوبرٽ کي نيٺ جواب ڏنائين. گيوبرٽ ته وڃي مائٽن وٽ رهيو آهي. پر پاڻ دادي...“

”پر اهي ڳالهيون مون کي ڇو پيئي ٻڌائين؟ ٻيو چنتائون چت سان ٿورڙيون لڳل اٿم ڇا؟ آءُ اڳيئي ورتل...“

”پيارا معاف ڪجو، مون کان چڪ ٿي... “

”پر تون هن وير، ويئينءَ ڪيڏانهن ٿي؟“

رٿ سمجهيو، اصل ئي ٻڌائينديسانس، ته ڏاڍي بڇان وينديس، پر تڏهن به صاف چئي ڏنائينس: آءُ ٻيلاين  وٽ ٿي ويس.

هيلڊار جو گهنڊ آيو رهيو. پڇيائينس: ٻيلاين وٽ ڇو؟

”وڃي چوان ٿي ته ٿورڙن ڏينهن ڪاتر، مون کي پاڻ وٽ رهائين.

”ڇو؟ آلڊينهوفر جي بنگلي ۾ آرام نٿو اچي ئي ڇا؟ اُتان به ڪڪ ٿينءَ ڪيئن؟

”آلڊينهوفر جي بنگلي ۾ آءُ ڪانه رهنديس... جو نٿي چاهيان... اوهان سان...ڪؤڙي... پوان!“

”تون هي چوين ڇا ٿي؟“

”منهنجا ڀلا چاهُو آهيو، ته مون کي اتي وڌيڪ رهايو.“

”ڇا؟ آلڊينهوفر...“

”آلڊينهوفر جي حق ۾ متان ڪو گمان آندو آٿوَ. آءُ پاڻ کيس ڏسان ٿي، ته اندر ۾ الاجي ڇا پيو ٿئيم. هيءَ ڀانسَ به ڏاڍا پاڻ سان مٿا هنيا اٿم، تنهن کان پوءِ اوهان سان ڀانسي اٿم. تنهن ۾ آءُ وڃي ٿي ٻيلاين کان پڇان ته داديءَ ۽ مون کي پاڻ وٽ رهائيندا؟“

ائنا جو هينئر ته بلو ڪرين ٿي، پر وهاتوَ کان پوءِ ائنا ڪٿي رهندي؟

وهانوَ کان پوءِ؟ وهانوَ کان پوءِ گذر سندس اسان وٽ ٿيندو.“

”اسان وٽ! سو وري ڪيئن؟“

”ڇا؟ اوهان هي ڇا ٿا چئو؟ دادي اسان وٽ نه رهندي، تڏهن ڪيڏاهن ويندي؟ ويچاري ائنا....“

”ويچاري ائنا! ويچاري ائنا ! اٿندي به ائنا، ويهندي به ائنا ! رڳي ائنا ئي ائنا ! هيءَ جا مون کي آلڊينهوفر واري ڳالهه ٻڌايئم، تنهن تان به آءُ حسد ۾ سڙان جلان ڪونه ٿو. چڱو ڏينهن – اڌ ترس، ته آءُ پاڻ توکي ٻڌايان. آءُ به ڏسان، ملڪ ڪيئن پيو هلي!“

رٿ کي ان مهل ڌرتي به ڦاٽي جاءِ ڪانه ڏني، نه ته امالڪ ٽپ ڏيئي منجهس گهڙي وڃي ها. وات سان ڀڻڪو ڪونه ڪڍيائين، پر منهن سو هيڊ ٿي ويس. دل ۾ رڳو چيائينس: ڇا؟ سِڪ سندس پِڪ ٿي پيئي. پر هيلڊار وري جو اتي وڍ وڌس، ته داديهن کي تڏهن هي تنهنجا پار اڳيئي سجهيا ٿي؛ تڏهن پاڻ به شرمايائينس، ته سنڀالي ڳالهايو، اهي اوهان جا ويڻ آءُ ڪانه سهنديس.

”سو تون مون کي ڌمڪائين ٿي؟ تڏهن ڀلا ٻڌ  ته توکي تڙي کڙي اتي ئي ٻڌائي ڇڏيان.“

”آءُ هينئر اوهان جي ڳالهه ٻڌنديس ئي ڪانه، جو اوهان جو من ٺهر ۾ نه آهي.“

”تون ڀانئين ٿي، ته جڏهن جوش منهنجو ٺرندو، تڏهن آءُ ڪو ٻيو فيصلو ڪندس؟“

”نه. اهو آءُ ڄاڻان ٿي، ته پوءِ به اوهان ڪو فيصلو ٻيون ڪونه ڪندا. پر نيٺ جي ڇنڻي ڦارڻي اٿوَ، ته هيئن ڪاتيءَ سان ڇو ڇنو؟ سرهي منهن، ساڳي ڳالهه ڪري سگهو ٿا.“

”ڏيکارينم ٿي، ته ڪهڙيِ نه ٺهر واري سياڻي عورت آهين! ڀانئين ٿي، مَنَ ائين پتو پاڻي ٿي وڃيم !“ ”نه، اهڙي اميد مون کي آهي ئي ڪانه. پر آءُ پاڻ هن وقت هڪڙو فيصلو نٿي ڪري سگهان. باقي اوهان جيڪي اکر واتان ڪڍيا، تنهن لاءِ آءُ توهان کي ري گهري معافي ڏيان ٿي. ٻيون به؛ هينئر جي آءُ اوهان جي ڳالهه ڪري ٻڌان به، ته عمر لاءِ منهنجو اندر جو سک ڦٽي پوي. تنهن ۾ ڀل ٻه – چار ڏينهن نبرن، پوءِ جي سانهه ستيءَ سان مون کي چيو، نه اوهان کان هي بار وڌيڪ کنيو نٿو ٿئي، ته آءُ پاڻ اوهان جي سک ڪارڻ اوهان کي وڌيڪ زور ڪانه ٻڌنديس“

رٿ ائين چئي، هلي ويئي. هيلڊار ڳاڙهو ڳاڙهو لال پئي ڏٺو. چي، آءُ ته چريو ٿي پوندس !

 واٽ تي رٿ کي منهن سامهون آلڊينهوفر گڏجي ويو. آلڊينهوفر گهوڙي تي سوار هو، پر هيءَ تڪڙو تڪڙو پير کڻي، وڃي اڳيان بيٺس. چيائينس: اوهان کي هڪڙي وينتي ڪرڻي اٿم؟

آلڊينهوفر گهوڙي کي اَمالڪ کڻي بيهاريو.

رٿ ڳالهايو ٿي، ته هٻڪي پئي: چئي، اوهان مون نسبت الاجي ڇا سمجهندوُ؟ پر آءُ به منجهي پيئي آهيان، ته اوهان سان ڳالهه ڪيئن ڪڍان؟

تنهن تي آلڊينهوفر چس: هينئر نه؛ ته پوءِ گهر ئي ڪري ڳالهه ٻڌائجانم .

”نه، نه، گهر الاجي همٿ ٿئيم، نه ٿئيم. تنهن ۾ هينئر ئي ٻڌو.“

”چڱو. جيئن تنهنجي مرضي.“

انساني سڀاءُ! هوڏانهن هيلڊار ساٿس ڪؤڙو پيو هو، ۽ هيڏانهن هن اشراف ساڻس مٺي پئي ڳالهايو، پر رٿ کي دل تي گهاؤ اهڙوئي پئي پيو!

خير، آلڊينهوفر کي چيائين: ٻڍڙيءَ تنهن ڏينهن ڳالهه ٿي ڪئي، ته آءُ جيڪر مهينو ماس وڃي پٽ وٽان ٿي اچان، پر ويچار ٿو ٿئيم. ته پٺيان گهر ڪير جهلي ويهندي؛ تنهن سورئون پٽ وٽ به نٿي وڃان. منهنجي دادي... پر اتي نڙيءَ ۾ ڳنڍو اٽڪجي پيس. اڳتي سندس زبان هلي ئي نه. اکين مان ٽاهه ٽاهه ڳوڙها پئي ڳاڙيائين.

آلڊينهوفر پاڻ حيرت ۾ پئجي ويو. پڇيائينس: بابا، ٻيو ته سڀ خير آهي؟ دل تي ڪهڙو درد اٿيئي؟

”منهنجي درد جي ڳالهه کڻي ڇڏيو. اول داديءَ جي ته ڳالهه ڪري رهان.

آلڊينهوفر يڪدم ڳالهه پروڙي ورتي. چيائينس: تنهنجو مطلب آهي ته ٻڍڙي وڃي کڻي، ته داديهن اچي منهنجو گهر جهلي ويهي؟

رٿ وات سان ورندي ڪانه ڏنيس.ڪنڌ سان اشارو ڪيائينس، ”ها“.

”توکي جيڪس  خبر ڪانهي، ته مون وٽ هيڪر شئي آئي، ته پوءِ آءُ وري موٽائي بنهه ڪانه ڏيان. تون سڀاڻي داديهن جي وري طلب ڪرين؟“

”دادي اوهان وٽ هوندي، ته وري آءُ گهر بنهه ڪانه ڪنديس.ڇو ته مون کي پڪ آهي ته اوهان وٽ هوءَ ڏاڍو سکيو وقت ڪاٽيندي.“

هيلڊار  ته ڪونه اعتراض اٿاريندو؟ انهيءَ کي  اها ڳالهه قبول آهي؟“

”هيلڊار! هيلڊار ته ائين پيو ڄاڻائي، ڀانءِ ته ائنا ۾ سندس ڪجهه ڪونه وڃي.“

آلڊينهوفر کي باقي به پتو پئجي ويو. هينئر سمجهائين، ته منهن ۾ موڳي ۽ اداس ڇو پيئي ڏسجي. چيائينس: داديهن کي هينئر جو هينئر لکي موڪل ته هيڏانهن هلي اچي. آءُ ڄاڻان ٿو، ته تنهنجي ساڻ ڏاڍي پريت آهي. مون کان جيتري آهر ٿي سگهندو، اوتري آهر کيس سکي رکندس.

رٿ تنهن تي سندس هٿ وٺي  چپن تي رکيو.

آلڊينهوفر پڇيس: هي ڇا ٿي ڪرين؟

ورندي ڏنائيس: داديءَ کي اوهان اَجهو ٿا ڏيو، تنهن لاءِ آءُ اوهان جو ٿورو ٿي بجا آڻيان. آءُ اوهان کي پڪ ٿي ڏيان، ته پاڻ اوهان جو ڏاڍو هڏ ٺاريندي ڇو ته ”دل سون ورني“ اٿس.

 

 

 

[22]

”هيلڊار ڪڏهڪو پيو تنهنجو پڇي. مهلون ٿيون اٿس، باغ ۾ پيو اچي وڃي. مون کي چيائين ته فلاڻي اچي، ته امالڪ مون ڏي موڪلي ڏجانس.“

”هيلڊار ! ڪهڙو ڪم هوندس؟“

”ڏاڍو آتو پيو ڏسجي ، پر تو باغ ۾ ڪونه ڏٺس ڇا؟

”آءُ باغ ڏي لڙيس ئي ڪانه، جو اتي ڪارولائين ۽ هيلن بيٺيون هيون !“

ايوا اٿي دريءَ وٽان ٻاهر نهاريو.

چيائين: سچ ايڊورڊ به ساڻ اٿن. پوپٽ پيو جهٽي پر هيلڊار الاچي ساڻن ڳالهيون ڪهڙيون پيو ڪري هو ٻيئي ته وڃن ٿيون هليون. هيلڊار، ايڊورڊ کي وٺيو هيڏانهن پيو اچي.

ايوا ڳالهايو ئي پئي، ته رٿ به ٻاهر ٿي نڪتي. پڇيائينس: پوءِ وٽس وڃين ٿي؟

رٿ جا چپ پئي ڌڏيا، ورندي ڏنائيس، ٻيون ڇا ڪريان؟ سُڌ ته هونديئه، ته ڪيترن ئي ڏهاڙن کان هڪٻئي سان اکر ڪونه ڳالهايو اٿئون. توکي ڪجهه چوڻو هجي، ته چؤ؟

”آءُ ٻيون ڪونه ٿي چوانءِ. پر هيلڊار سان ڳالهائج مٺو. ڏسان ٿي، ته چِت تي ڏاڍي ڪا چنتا اٿس.“

”آءُ ته ساڻس مٺو گهڻو ئي ڳالهايان، پر کيس جي منهنجو ميٺاج وڻي. منهنجي به ته جيڪس تانگهه ڏسجي ئي ڪانه ٿي.“

”مٺي، ائين نه چؤ-“

ايوا وري به ڳراهٽڙي پائي، نراڙ تي چمي ڏيئي، چيس: هاڻ سگهي وڃ. پاڻ منهه وٽ بيٺو اٿيئي.

رٿ اڳيانس اچي ٻڌايس: چارلس، آءُ آئي آهيان؛ ته پهريائين ته پاڻ وٺي ڇڙڪ ماريائين. پوءِ چيائينس: آءُ ته هيڏانهن اندر ٿي ويهون.

ڪا گهڙي ته ٻيئي ماٺ ۾ هئا. نيٺ هيلڊار ڳالهه چوري چئي، تو مون کي مهلت ڏني، تنهن لاءِ آءُ تنهنجو تهدل ٿورائتو آهيان. تو مون سان پنهنجا لائق ڪيا، جو منهنجي ڳالهه نه ٻڌءِ.

پر هيلڊار ڳالهايو ويٺي، ته رٿ خالگيءَ ۾ ئي پئي نهاريو. هيلڊار کي به جرئت ڪانه ٿي ٿي، جو منهن سامهون کڻي نظر ڪريس. رٿ ادا اهڙي پئي ڏني، جو هن جا ڍڍر پئي ڍرا ٿيا.

پڇيائينس: تون منهنجي ڳالهه ٻڌين ويٺي؟

ورندي ڏنائيئس: هائو!

”مون تنهنجي چئي پٽاندر، وڃي پاڻ سوڌي ڏٺو“

”اهو آءُ سمجهان ٿي اوهان جو منهن پيو ڳالهائي“

”پڇيئي ڪين؟ راتيون تارا ڳڻيندي وهاميون اٿم. آءُ توکان ڪجهه ڪين ٿو لڪايان. پر سڌ ئي نٿي پويم، ڇا ٿيو اٿم- اڳي جو اندر وارو سهم ڏيندو هوم، سو به چپ ٿي ويو ٿو ڏسجي. پر تون مون تي ڪاوڙيل ته ڏاڍو هوندينءَ.

”نه پيارا، اوهان سان ڪاوڙ ڇو ڪريان؟“

”تون مون کان وڌيڪ همت واري آهين. آءُ تنهنجي اڳيان ڦڪو پيو ٿيان. آءُ اها ڀانس ڀانسيان ٿو.“

وري ڪا گهڙي، نٿي هن ڪڇيو، نٿي هن ڪڇيو.

نيٺ هيلڊار، ڳاٽ اوچو جهلي؛ اکيون کڻي رٿ جي اکين ۾ کپايون. پڇائينس: توکان هي درد سٺو ڪيئن ٿيندو؟

رٿ وٺي ڇرڪ ماريو.

ورندي ڏنائينس: آءُ کہ پيس. اوهان رڳو پنهنجي ڳالهه ڪريو.

”آءُ نهايت شرمسار آهيان. مون پنهنجو وچن نه پاڙيو. وعدو ڀڳم. ڊهل نٿو سهي سگهان. پهريائين سمجهيم ٿي، ته لڪ لنگهي وڃي پار پوندس. پر هينئر پاڻ ۾ اُها جرات ساريان ئي ڪانه ٿو. ڏاڍو پاڻ سان جهيڙيو اٿم. دل اڃا به پيئي تڙڦي. پر لاچار آهيان. مون توکي  انت ڏنو. تون ته مون کي هينئر دليؤن ڌڪاريندينءَ؟“

”نه. اها آءُ اوهان کي پڪ ٿي ڏيان. اوهان کي ته پاڻ شابس هجي، جو ڪچيءَ ۾ ئي ڳالهه کي سمجهي ورتو. اهڙي همت به ڪنهن کي ٿئي!وهانو ٿي وڃي ها، انهيءَ کان پوءِ ڏهاڙي پئي ڏمري پوي ها، تنهن کان وري به هيئن ڇيڙو ڇٽو، ته چڱو ٿيو. آءُ پاڻ اوهان جو ٿورو ٿي مڃان.“

”تڏهن تو مون کي رهائي ڏني؟“

”هائو.“

رٿ اُتي جو اُتي چيچ مان منڊي لاهي؛ پڇاڙيءَ جو ان کي مٿاڇرو ڏسي، ڪري بئنچ تي رکي؛ جا هيلڊار اَمالڪ کڻي کيسي ۾ وڌي.

”آءُ ڪو تنهنجي ڪاتر جوڳو بلو ڀيڻي ڪريان، تون اعتراض ته ڪونه وٺندينءَ؟“

”بس. ٻي ڳالهه مون سان بنهه نه ڪريو. منهنجو مٿو ٿو ڦري. مون کي ڇڏيو.“

”آءُ اجهو اٿان ٿو. پر مون کي ٻڌاءِ ته سهين، ته تون هاڻ ڇا ٿي ڪرين؟ هتي ئي رهي پوندينءَ...؟ مون توکي ڪٿان ڪري آندو، هاڻ...!“

”دادي اجها ڏينهن – اڌ ۾ آئي ڪي آئي. منهنجو بلو ڀيڻي پاڻهي اها ڪندي. هاڻ آءُ اوهان کان معافي ٿي گهران.“

ائين چئي، پنهنجو هٿ ٿي ڊگهاري ڏنائينس؛ پر هيلڊار هٿ ڪونه ورتس؛ رڳو ادب سان ڪري ڪنڌ نئڙايائين

ايڊروڊ، تنهن وچ ۾، پئي هيڏانهن هوڏانهن نچيو ٽپيو.

تنهن جو هينئر رٿ کي ڏٺو، ته وڃي ٿي هلي، سو چنبڙي پيس، ته مامي! پاڻ سان وٺيو مون کي به هل.

رٿ چمي ڏيئي، چيس: تون مٺا، ڪيڏانهن هلندين؟ آءُ ڏاڍو پري پري ٿي وڃان.

”ڪيترو پري؟“

”هر ٿا جي ماٿر ۾!“

”اُها وري پري ڪيئن ٿي! ڏاهي ٿيءُ، مون کي به وٺي هل.“

هيلڊار تنهن تي چيس: تون اوڏانهن نه وڃ. تون اتي ئي ويهه. پر هن شيطان ڇڙڪ جواب ڏنس: آءُ هتي ڪونه ويهنديس. آءُ اوهان کان ڊڄان ٿو.

رٿ ڇا ڪري؟ تڏهن ٻي اٽڪل ويڙهايائين. چيائينس: ڏس، ائنا پئي اچي. اُنهيءَ سان گڏ وڃ، ته مرغ ڏيکاريئي. چوندو آهين نه، مرغ مون کي ڏاڍو وڻي ٿو؟ توکان هٿ مان اَن ڪين وٺي کائيندو آهي!

ايڊروڊ جو ڌيان جو ائين مرغ ڏانهن ڇڪجي ويو، سو پڇيائينس: مرغ ڪٿي آهي؟

تيتري ۾ ائنا کير جو جام ڀري، منهه وٽ اچي پهتي هئي؛ تنهن چيس: مون سان هل، ته مرغ  ڏيکاريانءِ. پوءِ ويهي ساڻس رانديون ڪج.

ايڊورڊ تڏهن مس رٿ جي پچر ڇڏي.

رٿ ويئي ٿي هلي، ته وري ائنا چيس: کير ته پي وڃ.

ورندي ڏنائينس: کير پوءِ ٿي اچي پيئان. آءُ گهڻي ويرم ڪانه لائينديس.

رٿ پٺ ڏني، ته هيلڊار، ائنا کي چيو: دادي به ڪلاڪ – اڌ ۾ اچي سهڙندي. توهين اها کن ايڊورڊ کي کڻي پاڻ وٽ ويهاريو.

ائنا ورندي ڏنيس: ويٺو هجي. اسان جو اکيون ٿڌيون. ايوا کي ٿي چوان.، اُها ويهي ٿي  وندرائيس.

هيلڊار سندس شڪريه بجا آڻي، وري پارت ڪيس: اُڃ لڳي هونديس. پاڻيءَ جهلو به ڪرائجوس.

ائنا ايڊورڊ جي ٻانهن آڻي، ايوا کي ڏني، ته ايوا هيٺ مٿي پئي ٿي. پڇيائينس: توسان خير ته آهي؟

ورندي ڏنائينس: خير اڄ ڪونهي!

سچ؟ پر چڱو ٿيو پوءِ جي ڏهاڙيءَ بڇ بڇ کان، وري به شڪر، جو هينئر ئي رٿ جي جند آجي ٿي.“

ايڊورڊ تيتري ۾ دڙها پئي هنيا. ٻنهي ڀينرن جي ڇت ڇني ويو. تڻ پڻ تپائي ڏنائين. چي، مرغ؟ مرغ؟

ائنا کي ته گهر جو ڪم حاج ئي گهڻو هو. ايوا باغ ۾ وٺي، وڃي مرغ ڏيکاريس.

مرغ سان رانديون ڪري، ۽ ڊوڙون پائي، جڏهن ٿڪو تڏهن سج لٿي، ايوا موٽائي جائي تي وٺي آيس.

اُتي ويهي ويهي، ايوا کي  ٿو چوي: دادي، اهو مرغ مون کي ڏيندينءَ نه؟

ايوا ورندي ڏنيس: تون مٺا ڪٿي رهائينديس؟ هن جو جهنگ کان سواءِ  ٻئي هنڌ گذر ٿي ڪونه سگهندو.

        ”آءُ پاڻ ئي ٿو تڏهن هتي رهي پوان؟“

”لچ! تون وري هتي ڪيئن رهندين!“

”سچ! مون کي تون ڏاڍي وڻين ٿي. پوءِ ته ڀلا مون کي مرغ ڏيندينءِ؟“

”اهو ته چڱو، پر هينئر بک لڳي اٿيئي؟ اچ ته ڪجهه کاراريانءِ.“

”بک نه، باقي اُڃ ڏاڍي اٿم.“

 اِتي جاري تي ڏٺائين؛ جو کير جو جام ڀريو رکيو هو. لوهه ڏيئي وڃي اُهو کنيائين، پڇائينس: پيئان؟

        ايوا چيس: اهو کير رٿ جو آهي. پر تون ڀل صحت جان ڪرينس. ائنا وٽ ٻيون به کير هوندو. رٿ کي اُتان ڏيندي.

ايڊورڊ تڪڙا تڪڙا ڍڪ ڀريندو ويو.

پر ايڊورڊ تڪڙا تڪڙا ڍڪ ڀريا، ته ايوا سمجهايس، رڳون تتل اٿيئي. کير جهلي جهلي پيءُ.

ايڊورڊ کي جام چپن تي ئي هو. چيائين، کير ٿڌو ڪونهي.

ايوا ڊنوپهه، جام کانئس وٺي ڍڪ ڀريو، ته ڏٺائين جو ايڊورڊ سچ ٿو چوي. پر کير اهڙو سوادي لڳس جو ٻه – چار ڍڪ تڪڙا تڪڙا ٻيا به ڀري ويئي. وري جام ايڊورڊ کي ڏيئي، چيائينس، پي ڇڏ.

 

[23]

رٿ ماٿر ۾ پهچندي ئي وڃي جهرڻي جي ٻني تي ويٺي. هوڏانهن مٿي ۾ ڌان ڌان، ڪنن ۾ تاڙيون، ڇاتيءَ ۾ ڌڪ ڌڪ پئي ٿيس، هوڏانهن ساڳئي ٽاڻي ائين به پئي ڀانئيائين، جو دل تان وڏو بوجو لهي ويو اٿم. تڏهن به ائين ڪونه چئبو، ته هينئر ڏک ٿيس ئي ڪونه ٿي. ڀلا آسون اميدون سڀ چٽ ئي ويس. ڪيڏا ڀانءِ ته اندر ۾ سٺا ڳنڍيا هئائين!

ويهي ويهي، پنهنجي منهن ٿي چوي: هينئر آءُ سندس منهن تي نه ڪانه چڙهنديس. آءُ هتان ماڳهين ڀڄي ٿي وڃان. ائين ئي ڪنهن جو آواز ڪن تي پيس. ڪنڌ مٿي ڪيائين ته آلڊينهوفر اڳيانس بيٺو هو، جنهن سندس ڳالهاءُ ٻڌي ورتو هو.

        چيائينس: تون هتان ڀڄي ڇو وڃين؟ آءُ توکي ڇڏينديس ئي ڪين. آءُ انهيءَ ويل کان تنهنجي ڪڍ لڳو اچان. مون کي پڪ هئي، تون اوس هتي ئي اچي آرمي ٿيندينءَ. آءُ سمجهان ٿو، تنهنجي چاهنا هوندي ته آءُ توکي هن ويل ڪجهه چوان نه، پر توکي وينتي ٿو ڪريان ته مون کي پل نه وجهه، ڇو ته آءُ تنهنجو چيو مڃيندس ئي ڪونه، پوءِ ڇا به ٿي پوي-

        رٿ منٿ ڪيس: هينئر مون کي ڇڏيو. هينئر آءُ ڪابه ڳالهه ڪانه ٻڌنديس،

”مون ڏي ته مٿي نهار.“

”مون تي ٻاجهه ڪريو. مون کي ڇڏيو.“

”ٻاجهه تون مون تي ڪر، منهنجي ڳالهه ٻڌ.“

”ٻاجهه! آءُ نماڻي اوهان تي ڪهڙي ٻاجهه ڪريان؟ اوهان کي ٻاجهه جي ڪهڙي درڪار؟

        ”مون کي ڪهڙي درڪار؟ آءُ پاڻ چئي نٿو سگهان.“

رٿ کڻي ماٺ ڪئي.

        ”چوويهين ورهئين جو هوس، ڪنهن هنڌ ناچ پئي پيو. منهنجي اُتي ڪنهن مرگهه – نين سان اک لڳي ويئي. ٻارهن مهينا اسان ڪنهن ٽياڪر کي انت ڪونه ڏنو. تنهن وچ ۾ هن جي ماءُ به ڪا گذر ڪري ويئي. ماڻس جو عذر لٿو، تڏهن مون منٿ ڪيس ته هاڻ وڌيڪ نه ترس. پر مون کي دلاسا پئي ڏنائين، آءُ اُتس چريو هوندو هوس. نيٺ هڪڙي ڏينهن اخبار ۾ ڇا پڙهيم، جو جنهن کي مون الاجي ڇا ڪري ٿي سمجهيو، سا وڃي ڪنهن امير سان پرڻي! منهنجو هوش گوش اُڏامي ويو. من ماندو، دل بي آرام، چوان پيو هي ٿيو ڇا؟ آءُ ديوانو ٿي پيس. اهڙيءَ حالت ۾ ڪم ڪنهن کان ٿو پڄي؟ تڏهن شهر ڇڏي، اچي هي جهنگ وسايم جهنگ مون سان وڙ ڪيو. آءُ سندس ڪهڙو ڳڻ ڳايان! هن جي بيوفائي مون کان بنهه وسري ويئي. باقي سندس مورت مون وٽ نشانيءَ طور هئي، سا به تنهن ڏهاڙي ياد هوندءِ، تنهنجي ڏسندي مورت ڦاڙي هن جهرڻي ۾ اڇلائي ڇڏيم. من منهنجو ٻيءَ ڪڙيءَ آيو، ته آءُ علم جي تحصيل کي لڳي ويس. سنسار کي به مون وساري ڪونه ڇڏيو، پر سنسار جي پٺيان ديوانن وانگر ڪونه ٿي پيس. ڪنهن ويل اوچتو ڇو نه هڪڙو سدا گلاب هن ٻيلي ۾ ٽڙي بنهي! مون کي سندس اڇائي ۽ پوترتائي ڏسي جيڪا سرهائڻ ٿي! دل جوڪنول کلي پيم. پر هن ٽهيءَ ۾ عقل عشق تي غالب وڌيڪ ٿو رهي، تڏهن پاڻ پئي روڪيم. نيٺ جڏهن پڪ ٿيم ته اهو سدا گلاب ئي پنهنجي هٻڪار سان مون کي معطر ڪندو، تڏهن مڄاڻ ڪو ٻيون اچي وچ ۾ پيو! پر سمي پيئي، سندس ڪاتر سدا گلاب ۾ اهو اڳوڻو ڏپ رهيوئي ڪونه. ههڙو بي بها جوهر جهيڻو پئي لڳيس. تڏهن کٽو ٿي کڻي ان کي پٽ تي اڇلايائين. پر هن ڀيري مون دير ڪئي ڪانه. امالڪ ڊوڙي اچي ان کي پٽ تان کنيو اٿم! اڳيئي دير وجهي دل کي درد رسايو هوم. منهنجا سدا گلاب! منهنجا املهه ماڻڪ: منهنجا بي بها جوهر توکي آءُ ڇا چوان؟“

هي ڪير هو؟ آلڊينهوفر هو! جنهن جي يا ته ڪنهن ۾ اک ڪانه ٿي ٻڏي! جنهن اميرياڻيءَ کي به ٿو ڪاري ڇڏيو هو.

رٿ کان پڇيائين: پوءِ آءُ آس رکان؟ تون مون تي وڙ ڪندينءَ؟

رٿ ورندي ڏنيس: آءُ گهوري وڃان. آءُ اوهان جي، اوهان جي آهيان.

آلڊينهوفر مٿو اُگهاڙو ڪري، ٻانهون ٻڌي، ڌڻيءَ جا ٿورا مڃيا.

رٿ پڇيس: هي ڇا ٿا ڪريو؟

ورندي ڏنائينس: ڌڻيءَ جا ٿورا ٿو مڃان؛ جنهن نيٺ مون کي دل جو دلبر  ملايو. پوءِ کڻي رٿ کي ڀاڪر ۾ جهليائيس، ۽ نرڙ تي چمي ڏنائينس.

رٿ کي پهرينءَ رات وارو سپنو اچي ياد پيو.

چيائين: هاڻ سمجهيم. سڀني ۾ بابي اوهان ڏي ئي نٿي اشارو ڪيو. سو نيٺ مهنجو سپنو سچو نڪتو.

آلڊينهوفر ورندي ڏينس؟ مون به هن ماٿر ۾ اچي پناهه ورتي، ته پرينديئي پرون پيم، ته مون سان به وڙ نيٺ هتان ئي ٿيندو. سو ڏس ته منهنجي آس به هتي ئي پوري ٿي!

پر رٿ کي اڃا هڪڙو کٽڪو دل ۾ هو، پڇيائين: پوءِ دادي؟

آلڊينهوفر چيس: داديهن تان تو ڪڏهوڪو هٿ کنيو دادي ڇاجي؟ داديهن هينئر منهنجي حوالي. پرينديئي ڪين شرطائي ڇڏيو هومانءِ، ته هيڪر مون وٽ شئي آئي، ته آءُ اها موٽائي ڏيان ئي ڪانه؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org