سيڪشن؛  ناول

ڪتاب: سون ورنيون دليون

صفحو :1

سون ورنيون دليون

 

لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي

سرڳواسي لالچند امر ڏني مل جڳتياڻيءَ جي ٻي ورسيءَ جي موقعي تي، جڏهن سرڳواسي جي وصيت پٽاندر، سندس هاٺيون بمبئيءَ مان کڄي، سنڌونديءَ کي سپرد ڪيون ويون – ان موقعي جي ياد ۾ هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇاپي، شايع ڪيو ويو.

 

 

 

”ميائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي!“

 

 

 

ارپيم

توکي!

 

 

منڍ

هيءَ آکاڻي،  نالن مان ئي پڙهندڙ سهي ڪندو، هڪ انگريزي ناول تان ورتل آهي. مون  هن کي سنڌي ويس هن لاءِ ڍڪايو، جو چيم پنهنجن ديس ڀاين کي ڏيکاريان، جو سون ورنيءَ دل وارا جيو، جتي ڪٿي ٿا ٿين!

 

لالچند امر ڏنومل جڳتياڻي

 

 

 

ناشر طرفان ٻه لفظ

ڪتابي ادب جي حفاظت ۽ بقا جو دارو مدار ڪتابن جي عام موجودگيءَ تي آهي. ڪي ڪي مذهبي ڪتاب بر زبان ياد ڪرايا ويندا آهن- ۽ انهن جي بروقت حفاظت جو اهو به هڪ طريقو آهي- پر ڪتاب، مذهبي هجن يا خالص علمي ۽ ادبي، هڪ دفعو جيڪڏهن ڇپيا ۽ پوءِ ائين گم ٿي ويا، جو عام پڙهندڙن کي وقت سر انهن جو ملڻ ناممڪن ٿي پوي، ته چئبو ته اهي ڪتاب ۽ منجهن جيڪو ادبي  سرمايو موجود هو، هو هميشه لاءِ ڄڻ فنا ٿي ويو.

        زنده ٻوليون پنهنجي ادبي سرمايي کي ڪڏهن به ائين بيدرديءَ سان فنا ٿيڻ نه ڏينديون آهن. سندن ادبي شاهڪارن جا نوان نوان ڇاپا باقاعدگيءَ سان  ۽ نهايت آب تاب سان هميشه نڪرندا ئي رهندا آهن. افسوس آهي، جو اسان جي سنڌي عالمن ۽ اديبن، ادبي جماعتن ۽ علمي ادارن ان طرف اڄ ڏينهن تائين ايترو ڌيان نه پئي ڏنو آهي، جيترو کين ڏيڻ گهربو هو: نتيجو هي نڪتو آهي، جو اڄ سوَن اهڙن  بي مثل سنڌي ڪتابن جا نالا وٺي سگهجن ٿا، جيڪي ڪنهن به قيمت تي پڙهندڙن کي هٿ نٿا اچي سگهن، ۽ ائين پيو ڀانئجي، ڄڻ اهي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ڪڏهن لکيائي ڪونه ويا هئا، ظاهر آهي، ته پنهنجي  هن عظيم ادبي ورثي ڏانهن ايتري سرد مهري، ۽ ان کان ايتري غفلت ۽ لاپرواهي نه ڪڏهن معافيءَ لائق ٿي سگهي ٿي، ۽ نه وري ان جي ڪڏهن ڪا مناسب پورائي ئي اسان کان ٿي سگهندي، پنهنجن وڏن جي ميڙيل چونڊيل املهه ماڻڪن کي ائين هٿن جي وٿين مان واريءَ وانگر جيڪڏهن هميشه وڃائيندائي رهنداسين، ته آخر ۾ سواءِ خالي هٿن جي باقي اسان وٽ ڇا وڃي بچندو، سا ڳالهه سڀڪو سمجهي سگهي ٿو.

        سنڌي ادبي بورڊ، انهن ڳالهين کي محسوس ڪندي، هڪ بنيادي مقصد پنهنجي سامهون هي به رکيو آهي ته پنهنجي ٻوليءَ جا پراڻا ڇپيل ڪتاب جنهن عزت ۽ احترام جي لائق آهن، تنهن عزت ۽ احترام سان ٻيهر ڇپائي شايع ڪيا وڃن، ته جيئن سنڌي ادب ۾ انهن ڪتابن جي هڪ دائمي حيثيت باقي رهي سگهي. انهيءَ مقصد جي پوئواريءَ ۾، بورڊ طرفان ڪي ڪتاب جهڙوڪ: گل شڪر، حيات النبي، سير ڪوهستان، بلو کوکر، گل ڦل ۽ جهان آرا وغيره اڳي ئي ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي ساڳئي سلسلي جو هڪ وڌيڪ ڪتاب خدمت ۾ پيش ٿي رهيو آهي.

        هي ڪتاب اول 1925ع ۾ ۽ پوءِ 1928ع ۾ ”نئين سنڌي لئبرري“ طرفان شايع ٿيو هو، ۽ پوءِ ناياب ٿي ويو، جو پوءِ سنڌي ادبي بورڊ عين انهيءَ موقعي تي شايع ڪيو، جڏهن سرڳواسيءَ جون هاٺيون سنڌو درياءُ ۾ پروار ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ آيل هيون.

        ڪتاب جي آکاڻي، گفتگو جو انداز، جذبات نگاري، وغيره سڀ نهايت ڪامياب ۽ موهيندڙ آهن. وري لائق سنڌيڪار سندس ترجمي کي اهڙيءَ ته سلوڻي سنڌيءَ ۾ پيش ڪيو آهي، جو ائين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو، ته اصل کي به اجاڳر ڪيو ويو آهي، سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي سليس، سلوڻيءَ ۽ موهيندڙ زبان ۾ تمام ٿورا ڪتاب پيش ٿيل آهن.

        ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ جي نتيجن طور، يا دنيا جي موجوده اقتصادي حالتن سبب ڏسجي ٿو ته هر شخص نفسا نفسيءَ ۾ لڳو پيو آهي، هر ڪا دل هٻڇ، حرص ۽ حسد سان ڄڻ ته ٻري پيئي آهي. عزت نفس يا مرجات ڏي تمام گهٽ توجهه ڏني ٿي وڃي، دلين کي دٻاءُ سان جهڪائڻ جو رجحان پوري عروج تي آهي، ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ صحيح خوشي ۽ اطمينان ڀري زندگي تمام قليل ڏسڻ ۾ ٿي اچي پر هي ڪتاب اسان کي هڪ روشن راهه ڏيکاري ٿو ته ”اها دل سدائين خوشيءَ سان ڀرپور ۽ اطمينان سان منور رهندي، جا ”سون ورني“ آهي. هن کي پنهنجي مرجات سان هلندي، جيڪي به حاصل ٿيندو آهي، ان تي خوش رهندي آهي، ڪا تڪليف ايندي اٿس ته به ائين سمجهي مِٺي ڪري پيئي ڀوڳيندي آهي، ته دک سک سڀ دنيا جو دستور آهي ۽ ڪوبه جيءُ انهن کان خالي ناهي. اس ۽ ڇانوَ، رات ۽ ڏينهن، لاها ۽ چاڙها، سدائين پيا ايندا ويندا آهن، مگر منجهانئن ڪوبه دائمي نه، رهندو آهي.

        انهيءَ ڪري، سون ورنيون دليون، نه هوند تي مغرور ٿينديون آهن، نه اڻ هوند تي مايوس، هنن جي نظر ۾ ”اخلاق ۽ انسانيت“ ٻين سڀني چيزن کان وڌيڪ قيمتي هوندي آهي.-“

بورڊ، هن ڪتاب کي پيش ڪندي، پنهنجي پڙهندڙن کان اهائي اميد ٿو رکي، ته هو ڪوشش ڪندا رهندا ته سندن دليون به”سون ورنيون“ ٿين.

 

سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org