سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: اُونداهي ڌرتي روشن هٿ (ناول)

باب: --

صفحو :16

 

 

مڪليءَ وٽ هو ڪار تان لٿا. مارگريٽ مقبرن جا فوٽا ڪڍيا ۽ سارنگ هن کي هڪ هڪ مقبري جو تاريخي پس منظر ٻڌائيندو ويو. ٺٽي جي ڪمال ۽ زوال جو، خوبصورتي ۽ بدصورتيءَ جو داستان ٻڌايو. سنڌو حيرت ۾ ٻڌندي رهي. هن دنيا جي تاريخ پڙهي هئي، پر پنهنجي هن ننڍڙي ديس جي تاريخ نه پڙهي هئائين ۽ هن کي پهريون دفعو خبر پئي، ته هن ننڍڙي ديس جي پنهنجي الڳ تاريخ هئي. تاريخ جي هر دؤر  ۾ سنڌ پنهنجي الڳ تاريخي حيثيت کي قائم رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندي رهي هئي. ڪڏهن دهليءَ مان ۽ ڪڏهن قنڌار مان آيل ڪٽڪن سان جنگيون جوٽيندي رهي هئي. مياڻيءَ جي جنگ جي ڳالهه نڪتي ته مارگريت چيو، ”مون نيپيئر جي ڀاءُ وليم نيپيئر جو ڪتاب ’سنڌ جي فتح‘ پڙهيو آهي. ان ڪتاب ۾ هن پنهنجي ڀاءُ جي دليريءَ جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي. پر ڏٺو وڃي، ته نيپيئر جي فتح سندس دليريءَ جي فتح نه هئي، پر نون هٿيارن جي فتح هئي. بارود، بمن ۽ توبن جي، تلوار ۽ توڙيدار بندوق تي فتح هئي. شايد سنڌين کي خبر هئي ته هو هار کائيندا. پر پوءِ به هو مرڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري آيا. زندگي ڏاڍي پرڪشش آهي ۽ موت ڏاڍو هيبتناڪ آهي. پوءِ انسان ۾ آخر اهو ڪهڙو جذبو آهي، جنهن جي هٿان مجبور ٿي، هو زندگيءَ جي ساري حسن کان منهن موڙي  موت کي ڳراٽڙي ٿو پائي.“

”اهو جذبو ئي انساني عظمت جو منارو آهي. اهو جذبو دودو آهي. دريا خان آهي. هوشو آهي ۽ شهيدن جو اهو قافلو آهي، جيڪو ازل کان تاريخ ۾ روان دوان آهي. اهو جذبو جڏهن مزور جي دل ۾ ٿو جاڳي، ته روس جو انقلاب ٿو اچي. هندستانيءَ جي دل ۾ ٿو جاڳي ته آزاديءَ جي اُمنگ ٿو بڻجي، منهنجي خيال ۾ مياڻيءَ جي جنگ هندستان جي پهرين جنگ آهي، جيڪا ڪنهن بادشاه يا سپہ سالار جي حڪم سان نه، پر جذبي جي حڪم سان لڙي وئي. ان وقت جي حاڪم نٿي چاهيو ته جنگ ٿئي. پر عوام جو سيلاب اُٿلي پيو، جنهن کي وقت جو حاڪم به روڪي نه سگهيو. اڄ جو عوام به جڏهن اٿل کائيندو، تڏهن انقلاب ايندو ۽ اهو انقلاب اسان جي دؤر جي مياڻيءَ  جي جنگ هوندو، جنهن کي روڪڻ لاءِ وقت جا حاڪم پيا پاڻ پتوڙيندا، دشمن جون توپون پيون گجنديون ۽ عوام پيو وڌندو. اها مياڻي اُها هوندي، جنهن ۾ عوام جو جذبو بمن، بندوقن ۽ توپن تي به فتحياب ٿيندو.“

 

هينئر پريان کان حيدرآباد جا منگهه ٿي نظر آيا، سارنگ، سنڌو ۽ رجني پهريون دفعو حيدرآباد آيا هئا. هنن کي حيدرآباد ڏاڍي وڻي. منگهه ۽ ماڙيون، لاهيون ۽ چاڙهيون، تلڪ چاڙهي ۽ هيرآباد! جتي هيرن ۾ هٻڪار هئي ۽ عامل ڇوڪريون کنوڻن وانگر کلڪارون ڪنديون خوشبويون ور کائينديون ٿي ٽليون. پوءِ هو مياڻيءَ ويا ۽ مياڻيءَ جي بنگلي ۾ وڃي لٿا. بنگلو ڏاڍو پرسڪون هو. وڏا، گهاٽ ۽ ڊگها وڻ. هوا ۾ مڌ جي مستي. موهن لهڻ سان چيو:

”شريمتي سنڌو ديوي، هينئر پنهنجي هٿن سان چانهن جو ڪوپ ٺاهي پيار ته سارو ٿڪ لهي وڃي.“

”حاضر ڪامريڊ موهن داس عرف داس ڪيپيٽل.“

 

سڀئي ٻاهر ٻاري ۾ ڇٻر تي ويهي چانهن پيئڻ لڳا. وڻن مان پيلا پن ٿي ڇڻيان ۽ نوان گونچ ٿي ڦٽا. نيري آسمان ۾ اڇا اڇا ڪڪر ترندا ٿي لنگهيا. فضا ۾ وائک هئي ۽ بسنتي بوءِ رچيل هئي. سارنگ سنڌوءَ جي ڀرسان ويٺو هو ۽ هن کي سنڌوءَ جي قرب مان بهار جي بوءِ ٿي آئي. اها بوءِ جيڪا ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهان ئي ايندي آهي. مارگريٽ چيو:

”وڻن مان پيلن پنن کي ڇڻندو ڏسان ٿي ته مون کي شيلي جو نظم  Ode to the west wind ٿي ياد پوي ۽ ائين ٿو لڳيم ڄڻ شيلي اهو نظم هتي، هن ڇٻر تي ويهي لکيو هو.“

”مون کي چيخوف جي ڪهاڻين جو پس منظر ٿو ياد پوي، ۽ ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ چيخوف پنهنجون ڪهاڻيون هنن وڻن جي هيٺان ويهي لکيون هيون، اسين سڀ هن جي ڪهاڻين جا ڪردار آهيون ۽ ڏکويل ۽ صدين کان ستايل انسان جي سُکن جا خواب ٿا ڏسون،“ سارنگ چيو:

”مون کي هنن ڇڻندڙ پنن مان خزان جي گيتن جا پڙلاءَ ٿا ٻڌڻ ۾ اچن ۽ ائين ٿو لڳيم، ڄڻ ساري ڪائنات گيڙو الفي پائي، يڪتارو ۽ چپڙيون وڄائي ڀڄن ڳائي رهي آهي.“

”مون کي ائين ٿو لڳي، ڄڻ مان هن ڌرتيءَ جي هنج ۾ پلي آهيان ۽ اوهان مان ئي آهيان. مان اوهان جي آڏو پنهنجي قوم جي ڪن ڪرتوتن لاءِ شرمسار نه آهيان، ڇاڪاڻ جو مان به اوهان مان آهيان. هن ڌرتيءَ تي ڪو به انگريز ڪونهي، ڪو به هندستاني ڪونهي، فقط ظالم ۽ مظلوم آهي ۽ سڀئي مظلوم هڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي آهن. مظلوميت جي ناتي اسان کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو آهي. هتي مياڻيءَ جي جنگ ۾ ڪو سارنگ مئو هوندو، ڪو موهن مئو هوندو، ته ڪو فلپ به مئو هوندو. ڪنهن مارگريٽ به ڏهاڳ ڏٺو هوندو. اهي سڀ شهيد پاڻ ۾ ڀائر آهن. جيتوڻيڪ هو هڪ ٻئي جي گولين سان مئا آهن، ته به هو پاڻ ۾ ڀائر آهن ۽ دنيا جون سڀ مارگريٽون، سڀ ڏهاڳڻيون پاڻ ۾ ڀينر آهن،“ مارگريٽ چيو:

”مون کي گولڪيءَ جا لفظ ٿا ياد اچن ته ائين ٿو لڳي، ته جتي به وڃو، اُتي هر شخص اسان جو دوست ۽ رفيق آهي. سڀني جي دلين ۾ هڪ ئي شعلو روشن آهي. سڀ سٺا، همدرد ۽ کلڻا آهن. هڪ ٻئي کي سمجهڻ لاءِ ڳالهائڻ جي به ضرورت نه آهي. سڀ پاڻ ۾ ملي هڪ واحد عظيم ڪورس بڻجي ٿا وڃن، جنهن ۾ هر هڪ دل پنهنجو گيت ٿي ڳائي ۽ سڀ گيت چشمن وانگر آهن، جيڪي هڪ ئي درياه ۾ وڃي پوندا آهن، ۽ درياه آزاديءَ سان وڌندو، پکڙجندو نئين زندگيءَ جي مسرتن واري سمنڊ ڏانهن روان آهي.“

 

پوءِ ڏيوري ڏسڻ ويا. سڀ خاموش ۽ اُداس هئا، ڄن هنن جي سامهون شهيدن جون بي ڪفن ميتون پيون هيون، جن جا ڏند ڏاڙهونءَ گل وانگر هئا، جسم سهاڳ جي مينديءَ جهڙا ڳاڙها هئا ۽ سندن سَنڌ سَنڌ تي زخمن جا گلاب ٽڙيل هئا. هي ان گمنام شهيد جي ميت هئي، جنهن سنڌ جي ڌرتيءَ تي پهريون دفعو ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف آواز اٿاريو هو. هي سومرن، سمن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جون ميتون هيون. هي حُرن جون ميتون هيون، جن ڦاهيءَ کي پڳ ڌڻيءَ جو ڳانو سمجهي ڳچيءَ ۾ پاتو هو. هي هيمون ڪالاڻيءَ جون هاٺيون هيون. ڳاڙهن گهوٽن جو قافلو هو، جيڪو ٽليون ۽ سنک وڄائيندو،  مورا ڳائيندو اڳتي وڌندو ٿي ويو.

اوچتو مارگريٽ اوڇنگار ڏني، سڀ حيران ٿي ويا. سنڌوءَ ۽ رجني اڳتي وڌي هن کي سهارو ڏنو ۽ هو سنڌوءَ جي ڪلهي تي ڪنڌ رکي روئڻ لڳي. شايد شهيدن جي ان قافلي ۾ هن کي پنهنجو پرين نظر آيو هو. شايد هر دؤر ۾ مارگريٽ کان پنهنجو پرين وڇڙندو آهي ۽ شايد هر دؤر ۾ وڇوڙي جي اها ساڳي ڪهاڻي دهرائي ويندي آهي. شايد هر دؤر جي مارگريٽ ۽ فلپ، سارنگ ۽ سنڌوءَ جي ساڳي ڪهاڻي آهي، جيڪا هر دؤر ۾ دهرائي ٿي وڃي. فقط نالا بدلبا آهن. سيٽنگ ۽ پس منظر بدلبو آهي. ڪاسٽيومز ۽ ميڪ اپ بدلبو آهي، باقي سڀ ڪجهه ساڳيو آهي. ساڳيو سارنگ، ساڳي نسڌو، ساڳيو ماڻڪ، ساڳي مارگريٽ ۽ ساڳيو فلپ. اڄ جي دؤر جو فلپ پائلٽ هو ۽ ٻي جنگ ۾ مارجي ويو هو ۽ اڄ شهيدن جي قافلي ۾ پنهنجي فلپ کي ڏسي مارگريٽ روئي رهي هئي.

 

شام جو دير سان هو ڪراچي روانا ٿيا. سڀ خاموش ۽ اُداس هئا.

 

سارنگ سنڌوءَ ڏانهن ڇڪبو ٿي ويو. بلڪل ائين، جيئن ڪو ٽٽل تارو لاٽَ ڪندو ڪنهن ٻئي تاري ڏانهن ڇڪجي ويندو آهي. سنڌو ئي هن جي خواب جي منزل ئي. هن جي روح جو نغمو هئي ۽ هن جي احساس جو معراج هئي. سنڌو ئي هن جو اڻ ڏٺل، اڻ سونهون پرين هئي، جنهن جا پير کڻندو هو، پنهنجي خواب جي پيچري تي وڌندو ٿي ويو ۽ هينئر هن پنهنجي پرينءَ کي آمهون سامهون ڏٺو هو ۽ هن جي دل چوندي هئي ته هو هر وقت سنڌوءَ کي ڏسندو رهي. سنڌوءَ جو اواز ٻڌندو رهي، جنهن مان نور جا ڪرڻا ڦٽندا هئا ۽ شاه سائين جي سر سارنگ جا پڙلاءَ ايندا هئا. رکي رکي سنڌو ٽهڪڙو ڏيندي ۽ سارنگ کي ائين لڳندو، ڄڻ ساري سنڌ کلڪار ڪري کلي پئي آهي. ڄڻ سنڌ جا ٿر ۽ بر پيا کلن. ان کل ۾ ستار ٿا جڳ مڳ ڪن، ٽيڙو ٿا ٽمڪن، ڪتيون ٿيون ڪر موڙين. سنڌوءَ سان ساڻ هوندو، ته هن کي ائين محسوس ٿيندو، ڄن هن جو وجود پگهرندو ٿو وڃي ۽ هن جي ساري هستي سنڌوءَ جي هستيءَ  ۾ جذب ٿيندي ٿي وڃي. سنڌوءَ سان پيار ڪري هن پنهنجو پاڻ سان پيار ڪي هو. سنڌوءَ کي پوڄي هن پنهنجو پاڻ کي پوڄيو هو. اها وجود جي وحدانيت هئي. انا الحق جي صدا هئي ۽ ڪنهن به دوئيءَ جي بوءِ ڪانه هئي. سنڌو به هن ڏانهن آهستي آهستي ڇڪبي ٿي آئي. هو هن جو ڏاڍو خيال ڪندي هئي. هن جي ڪهاڻين جي تعريف ڪندي، ٻيو ڪو گيت ڳائڻ لاءِ چوندس ته نٽائي ڇڏيندي، پر سارنگ چوندس ته يڪدم ستار کڻي گيت شروع ڪندي. موهن سان بحث ٿيندو ته هميشہ سارنگ جو پاسو کڻندي. سارنگ ته ڪڏهن به هن سان پنهنجو اندر نه اوريو هو پر پوءِ به ٻنهي هڪ ٻئي جي اندر جو آواز ٻڌي ورتو هو. هڪٻئي جي روح جو سڏ ٻڌي ورتو هو. سارنگ جي روح پنهنجي پيار جا گل سنڌوءَ جي قدمن ۾ رکيا هئا ۽ سنڌو اهي گل کڻي اکين تي رکيا هئا. سنڌوءَ سان پهرن جا پهر ويهي ڳالهيون ڪندو ۽ هاسٽل ۾ موٽي ايندو ته وري تنَ ۾ سنڌوءَ جي اهڙي تؤنس جاڳندس جو آرام ئي نه ايندس.

 

هڪڙي ڏينهن موهن رٿَ ڏني ته تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ پنهنجي هفتيوار اخبار ڪڍجي. رٿ ته سٺي هئي، پر پئسن جو مسئلو هو. سنڌوءَ صلاح ڏني ته ڊرامو اسٽيج ڪجي. در در تي وڃي چندو گڏ ڪجي ۽ ائين پئسا گڏ ڪري اخبار ڪڍجي. سڀني کي اها صلاح وڻي. سنڌوءَ سارنگ کي چيو ته ڊرامو لک. پر ڊرامو ڪنهن شهيد جو هجي، جيڪو انياءَ سان اٽڪيو هجي. سارنگ سومرن جي دور ۾ الادين ۽ دودي جي جنگ جي پس منظر تي ڊرامو لکيو. موهن ۽ سنڌوءَ کي پڙهي ٻڌايائين. سنڌوءَ  کي ڏاڍو وڻيو. پر موهن کي صفا نه وڻيو. موهن چيو:

”اڄ جي دور جو شاعر يا ليکڪ اهو ڀانَ نه آهي، جيڪو بادشاهن جي مهما ڳائي ۽ نه هي دور بادشاهن جي مهما جو دور آهي. هي دور عوام جي عظمت جو دور آهي ۽ اچو ته بادشاهن جي بدران عوام جا اڻ وڻندڙ، ڪِنا ۽ ڪوجها ڊراما لکون. هنن جي ڏکن ۽ سورن سهڻ جي قوت جي مهما ڳايون.“

”مان سمجهان ٿي ته سارنگ جو دودو اُن دور جو سلطان نه آهي، پر اسان جي دور جو موهن آهي، سارنگ آهي ۽ هر اهو انسان آهي،جيڪو انياءَ سان اٽڪڻ لاءِ سر جو سانگو لاهي ٿو ۽ جيڪو بادشاهي لباس پائي، شاهي محلاتن جي پس منظر ۾ بيهي اسان کي اسان جي ئي دور جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو. ٻاگهي شهزادي نه آهي، پر آزادي آهي. سنڌ جي ڌرتي ۽ سنڌ جو ست آهي، جنهن لاءِ هو سر وڍائي ٿو.“

 

 گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ ڊرامو پسند ڪيو ويو ۽ ڊرامي کي اسٽيج ڪرڻ جون تياريون شروع ٿي ويون. ٽڪيٽون ڇپائي در در وڪياؤن. چندا گڏ ڪياؤن ۽ پوءِ ريهرسلز شروع ٿيون. آخر ڊرامي اسٽيج ٿيڻ جو ڏينهن به اچي ويو.

 

هلڪي هلڪي موسيقي ۽ تاڙين جي شور سان پڙدو کڄيو. سڀئي اداڪار هٿن ۾ گلن جون پنکڙيون جهلي اسٽيج جي آڳر وٽ بيٺا. ساري اسٽيج  تي هلڪي هلڪي روشني، ڌوپ، ۽ اگر جو خوشبودار دونهون ڇانيل هو. سڀني اداڪارن سلامي ڳائڻ شروع ڪئي ۽ گلن جون پنکڙيون هال ۾ ويٺل ماڻهن ڏانهن اڇلائڻ لڳا. سلامي پوري ٿي. ٻيو پڙدو کڄيو. سامهون روپاه ماڙيءَ جو سيٽ لڳل هو. سنڌو ٻاگهيءَ جي روپ ۾ شاهاڻي انداز سان وکون کڻندي اسٽيج تي آئي. هال ۾ ويٺل سڀئي ماڻهو خاموش هئا، ڄڻ هنن جا جسم هتي هئا ۽ سندن روح وقت جون سرحدون اورانگهي سومرن واري سنڌ جي سونهن ۾ اٽڪيا هئا. سارنگ سڀني جي پٺيان هڪڙي ڪنڊ ۾ ويٺو سگريٽ پي رهيو هو. سنڌوءَ  کي ٻاگهيءَ جي روپ ۾ ڏسي هن کي ائين لڳو ڄڻ سنڌ جي ساري سونهن سميٽي انساني صورت اختيار ڪري وئي آهي. ڄڻ ٻاگهيءَ جو روح تاريخ جي تاريڪين ۾ ڀٽڪندو اڄ اسٽيج تي اچي بيٺو هو ۽ هن دور جي دودي کي ڳولهي رهيو هو. هينئر موهن دودي جي روپ م داخل ٿيو. ڪوئل، ننگر، منگر سڀ هڪ هڪ ٿي ايندا ويا ۽ پوءِ ڌارئي جي ٻاگهيءَ ڏانهن اک کڄي، دودو، ننگر ۽ منگر ميدان ۾ ٽپي پيا.

هينئر جنگ جي ميدان مان آيل ڦٽيل سپاهي ننگر جو موت بيان ڪري رهيو هو. هينئر ٻيو سپاهي دودي جو موت بيان ڪري رهيو هو. سڀئي هڪ هڪ ٿي شهيد ٿيندا ويا، بتيون هڪ هڪ ٿي وسامنديون ويون. روپاه ماڙي ڏهاڳڻ جي سينڌ وانگر اُجڙي وئي. ڪوئل ۽ ٻاگهي ٻئي اڪيليون بيٺيون هيون. ڊنل، هراسيل ۽ ڏکويل. هنن ڏانهن ڪير اک کڻندو جو اڃان ابڙو سمون جيئرو هو. ممٽ ابڙو جيئرو هو. سنڌ جو ٻچو ٻچو جيئرو هو. پوءِ سنڌ جي نياڻن ۽ننگن ڏانهن ڪير اک کڻندو.

 

 

ڊرامو ختم ٿي چڪو هو. ماڻهو وڃي چڪا هئا ۽ ڪرسيون خالي پيون هيون. سارنگ، سنڌو، موهن، رجني ۽ مارگريٽ پنج ئي اچي صوفن تي ويٺا. هنن جي پيرن ۾ گلن جون لتاڙيل پنکڙيون ۽ سگريٽن جا وساڻيل ٽوٽا پيا هئا. سامهون اسٽيج تي روپاه ماڙيءَ جو سيٽ لڳل هو ۽ در ۽ درين جا پڙدا هوا ۾ جهولي رهيا هئا. ٿوري دير اڳ هي هال ماڻهن سان ڀريل هو ۽ اسٽيج تي هڪڙي دؤر کي دهرايو ويو هو. پر اهو دور پورو ٿيو. هال خالي ٿي ويو. شايد هر دؤر جو انجام ائين ئي ٿيندو آهي. خالي اسٽيج، خالي هال ۽ خالي ڪرسيون. وري نئون دؤر، نئون ڊرامو، نوان ماڻهو، نوان هُلَ ۽ نوان هنگاما. هنن اکيون کڻي اسٽيج ڏانهن نهاريو. هنن کي ائين لڳو، ڄڻ خالي اسٽيج تي سومرن سردارن جا روح گهمي رهيا آهن. چيلهه تائين ڊگها چوٽا، ڪنن ۾ ڪيوٽيون، زربفت جون ڊگهيون شاهي قباؤن، هيرن ۽ جواهرن جون مالاؤن. هنن جو ڊرامو ته ختم ٿي چڪو هو، پوءِ سندن روح خالي اسٽيج تي ڇو ٿي ڀٽڪيا. شايد اسين به روح آهيون ۽ مُهن جي دڙي کان وٺي ڀٽڪندا ٿا وتون. هر دؤر ۾ پنهنجو ڊرامو دهرائيندا ٿا رهون. اسين سڀ ميڪ اپ ۾ آهيون. اسٽيج جون روشنيون ۽ ماڻهن جون نظرون اسان تي ڄميل آهن، اسان کي پنهنجو پنهنجو پارٽ ادا ڪرڻو آهي، پر اسان جو پارٽ ڪهڙو آهي. اسان جي ڊرامي جو انجام ڪهڙو آهي.

’سوراج جو سورج.‘

ورهاڱو، نئين ٻار جو جنم، نئين ملڪ جو جنم، پاڪستان!

انقلاب، عظيم انقلاب. جڏهن اسان جي اونداهي اڱڻ ۾ اُس جو تڙڪو ٿيندو. جڏهن هر طرف روشني هوندي، سونهن هوندي. جڏهن ماڻهو ماڻهوءَ کي نه کائيندو، جڏهن زندگي ٺٺولي نه هوندي.

جڏهين جنگيون نه ٿينديون، جڏهين ماڻهو ماڻهوءَ کي گولين جي بدران گل ڏيندو. هٿيارن ٺاهڻ وارن ڪارخانن جي بدران اسڪول ۽ اسپتالون ٺهنديون. پوءِ ڪو فلپ نه مرندو ۽ ڪابه مارگريٽ ڏهاڳ نه ڏسندي.

اهو ته ايندڙ نسل جي مسئلن جو سپنو آهي. اسان جي ڏکويل سپنن جي تعبير ڪهڙي آهي، اسان جي الميي جو انجام ڇا آهي.؟

اسان جي الميي جوانجام اهو آهي، ته اسان کي ڏک سهڻا آهن، جو اسين رات جا مسافر آهيون ۽ اسان جي منزل پرهه آهي. اها پرهه جيڪا پرينءَ جي پيشاني جهڙي روشن آهي، ماءُ جي اڇن وارن جهڙي پوتر آهي ۽ ڪنهن ننڊ ۾ مُرڪندڙ ٻار جي مرڪ جهڙي معصوم آهي.

”هاڻي هلندءُ يا آفيمين وانگر ويٺا پڻڪيون کائيندءُ.“ موهن چيو.

”ڪيڏانهن هلون؟“ سارنگ ڄن ننڊ مان جاڳندي پڇيو.

”پنهنجي پنهنجي گهر هلون، ٻيو ڪيڏانهن هلنداسين. مون کي مٿي ۾ سور آهي، مون کي گهر ڇڏي اچو، پوءِ اوهين ڀل ساري رات هتي ويٺا رهو.“

”چئبو ته منهنجو ڊرامو مٿي جو سور هو،“ سارنگ خوشدلي سان پڇيو.

”نه يار ائين نه آهي، ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. ان جي ڪري مٿي ۾ سور آهي.“

هاڻي ڀلا اسان کي ته مٿي ۾ سور نه وجهه.“ سنڌوءَ به خوشدليءَ سان چيو، ” هل ته گهر ڇڏي اچانءِ.“

 

هو هال مان نڪري ڪار ۾ اچي ويٺا. رستي تي مارگريٽ ڊرامي جي ۽ موهن،سنڌو ۽ رجنيءَ جي اداڪاري جي تعريف ڪندي رهي. سڀ کان پهرين هنن موهن ۽ رجنيءَ کي سندن گهر تي ڇڏيو پوءِ مارگريٽ کي ڇڏيائون.سنڌو ۽ سارنگ اڪيلا ٿيا ته سنڌوءَ پڇيو.

” تو کي ته مٿي ۾ سور نه آهي نه.“

”نه، ڇو؟“

”هل ته ڪلفٽن جو چڪر هڻي اچون.“

 

ڪلفٽن تي ڪار پارڪ ڪري هو سمنڊ جي ڪناري تي اچي بيٺا. چانڊوڪي رات هئي، هر طرف گهميل، ڀنل ۽ پگهريل سون جهڙي چانڊوڪي پکڙيل هئي. سمنڊ جون لهرون جهانجهر وڄائينديون، ڇم ڇم ڪنديون، جهومريون وجهنديون ڪناري ڏانهن وڌي ٿي آيون ۽ پوءِ ساڻيون ٿي موٽي ٿي ويون. ڪا لهر هنن جي پيرن تائين پهچي ٿي وئي ۽ سندن پيرن کي ڇهي موٽي ٿي وئي. چانڊاڻ ۾ سمنڊ انساني دل جيان ٿي لڳو. اٿاهه، بي انت ۽ بي چين. هر طرف سمنڊ جو شور هو ۽ هو ٻئي ڪناري تي بيٺي سمنڊ جو شور ٻڌي رهيا هئا، لهرن جي لوڇ ڏسي رهيا هئا. ڄڻ ٻئي ازل کان اتي بيٺا هئا ۽ وقت جو سمنڊ هنن جي اڳيان ڇوليون هڻي رهيو هو. ٻنهي جا روح زمانن کان هڪ ٻئي سان ملندا، وڇڙندا، هڪ ٻئي کي ڳوليندا ٿي رهيا ۽ هاڻي ٻنهي هڪ ٻئي کي ڳولي لڌو هو. آسمان ۾ چنڊ کڙيل هو ۽ سمنڊ جون لهرون جهومريون وجهنديون نچنديون ڪڏنديون ڪناري ڏانهن وڌي ٿي آيون ۽ سندن پير ڇهي موٽي ٿي ويون. وقت جي ڪا وير چڙهندي ۽ هنن ٻنهي کي جدا ڪري ڇڏيندي ۽ وري هو ڏينهن رات ۽ صبح شام جي گردش ۾ گردش ڪندا هڪ ٻئي لاءِ ڀٽڪندا رهندا. پر اهي ٻه چار گهڙيون، ٻه چار پَلَ جيڪي هنن کي مليا هئا سي ئي سندن وڇوڙي جو ڦل هئا، سي ئي سندن تمنائن ۽ خوابن جو معراج هئا ۽هاڻي هو زندگيءَ جي هر ڪنهن ڏک کي سکن جي انهن گهڙين جو ڏاج سمجهي سيني سان لائيندا. پر شايد هنن جي هستيءَ جي معراج جون اهي گهڙيون ڪڏهين نه گذرنديون. وقت ڄمي ويندو. اهي گهڙيون وقت جي هنيان ۾ کپي هميشہ لاءِ بيهي رهنديون ۽ هو ائين ئي گهميل، ڀنل ۽ پگهريل سون جهڙي چانڊوڪيءَ  ۾ بيٺا هوندا.

گهميل ۽ ڀنل هوا جي تيز جهوٽن سان سنڌوءَ جا وار ٿي اُڏاڻا. هن هٿ سان پنهنجا وار ٺيڪ ڪيا ۽ ڪنڌ سارنگ جي ڪلهي تي رکي ڇڏيائين. سارنگ هٿ وڌائي هن کي ڪلهي کان جهليو. هن جو ڇهاءُ ڄڻ چانڊاڻ ۽ هٻڪار جو ڇهاءُ.

سنڌوءَ ڄڻ ننڊ ۾ ڳائيندي چيو:

” سارنگ، ڇا واقعي ورهاڱو ٿيندو؟“

”ها، ورهاڱو ضرور ٿيندو، اهو تاريخ جو فيصلو آهي.“

سارنگ جو خواب آهي.

”تنهنجو خواب ته مون کان منهنجا سڀ خواب کسي ڇڏيندو. مون کان منهنجي سنڌڙي، منهنجا اباڻا ڪک، منهنجو شاه لطيف، سچل، سامي ۽ سارنگ کسي ڇڏيندو ۽مان ديس ۾ هوندي به پرديسڻ ٿي پرائي ڌرتيءَ تي اجهي جي ڳولا ۾ ڀٽڪندي رهندس.“

”ورهاڱو ٿيندو. پر لڏپلاڻ نه ٿيندي. توکان تنهنجي سنڌڙي نه کسبي.“

”وڏا فساد ٿيندا. ماڻهو ماڻهوءَ کي کائيندو. ڌرتي تپندي ۽ سنڌو جلاوطن ٿيندي.“

”جهوڪ، ڀٽ ۽ درازن واري ڌرتي ڪڏهن نه تپندي. هن ڌرتيءَ تي سدا سارنگ رهندا.“

سنڌو ماٺ ٿي وئي ۽ سارنگ کي پنهنجي ڪلهي تي آلاڻ محسوس ٿي. هن ڪنڌ جهڪائي سنڌوءَ جي اکين ۾ نهاريو. هن جون اکيون ٻوٽيل هيون ۽ سندس ٻوٽيل اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا. سارنگ بي اختيار ٿي هن کي ڇڪي ڇاتيءَ سان لاتو ۽ سنڌو سارنگ جي سيني ۾ منهن لڪائي روئڻ لڳي.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ آزاديءَ جو اعلان ٿيو. ورهاڱو ٿيو ۽ پاڪستان جنم ورتو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org