سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: رتيءَ جي رهاڻ

 

صفحو : 10

منطقي

 

اختلاف ۽ احترام

 

اختلاف ۽ احترام، اهي ٻئي اکر عجيب و غريب معنيٰ ۽ مطلب رکن ٿا. انهن ٻنهي اکرن جون لغوي معنائون، مختلف ۽ جدا جدا آهن، مگر آهن پنهنجي مٿي وڏي شان ۽ شوڪت وارا.

احترام به سڀ جو نه ڪبو آهي. احترام جي قابل به تمام ڪي گهٽ شخصيتون هونديون آهن. اها شخصيت علمي هجي يا ادبي، سياسي هجي يا سماجي، انهي شخصيت ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ڪا نه ڪا بنيادي بات هجڻ کپي. اهڙي طرح اختلاف به هڪ پنهنجي مٿي حيثيت رکندڙ اکر آهي. اختلاف رکڻ به سڀ ڪنهن جو ڪم نه آهي، ۽ اختلاف به سڀ ڪنهن سان نه ڪبي آهي. اختلاف رکڻ لاءِ ڄاتل سڃاتل شخصيتن جو هجڻ تمام ضروري آهي. اختلاف ڪرڻ لاءِ به اختلاف رکندڙ کي ڪي بنيادي سبب موجود هوندا آهن. ٺلها ۽ سکڻا اختلاف به صحيح اختلافن جي توهين هوندا آهن. انهن اختلاف ۽ احترام جو سمورو دارو مدار حضرت انسان جي سمجهه سوچ ۽ شعور تي منحصر هوندو آهي. دنيا ۾ ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن، جن کي احترام ۽ اختلاف جي ڪابه ڪل ڪانه هوندي آهي، هو  صرف موسمي هوائن جي ردو بدل وانگر پاڻ کي ڦيريندا گهيريندا احترام ۽ اختلاف جي مٽي پليد ڪندا رهندا آهن.

هڪ قابل ۽ دانا تڏهن احترام ۽ اختلاف ڪندو جڏهن هن کي ڪا ڳالهه صحيح يا غلط سمجهه ۾ ايندي. جيستائين ڪوبه ماڻهو ڪنهن به قصي ۽ ڪهاڻي، مطلب ۽ معنيٰ کان وانجهيل آهي، تيستائين ان وٽ احترام ۽ اخلاف جو پئدا ٿيڻ ئي بيڪار ۽ بيسود آهي. ڪڏهن ڪڏهن احترام ماڻهو، ان ڪري به ڪندا آهن جو کوکلين، ڪاغذي ۽ اخباري شخصيتن جي ظاهري زينت، مان شان ۽ مرتبي جي ڪري ان جو احترام ڪندا آهن. احترام ڪندڙ جڏهن انهن کوکلين ۽ دڪاندار شخصيتن جي ويجهو وڃن ٿا، ۽ هنن جي ڪمن ڪارين کان بخوبي واقف ٿين ٿا، تڏهن هنن ۾ هڪ قسم جي سمجهه ۽ سوچ هڪ هنڌ تي اچي گڏ ٿينديون، ۽ اختلاف جو پيدا ٿيڻ لازمي ٿي پوندو آهي. جيئن ته ڪنهن وڏي شاعر ۽ اديب ڪنهن تنقيدڪندڙ کي چيو ته اوهان منهنجي هيترن سارن ڪتابن تي تنقيد ۽ تبصرا ڇو ڪونه ڪندا آهيو؟ تنقيد ڪندڙ اديب، شاعر کي جواب کي جواب ڏيندي چيو ته سائين اوهان جي نظم ۽ نثر جا جيڪي به ڪتاب منهنجي نظر مان گذريا آهن، سي منهنجي علمي لياقت کان مٿڀرا ۽ مٿانهان آهن، جنهن ڪري نه نظم سمجهه ۾ آئي، ۽ نه نثر، جڏهن ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، ته ان تي ويهي ڪهڙي ٽيڪا ٽپڻي ڪجي، ان مان صاف ظاهر آهي ته اختلاف جو دارو مدار انسان جي گهري مطالعي ۽ وسيع معلومات تي منحصر هوندو آهي، ۽ احترام جو پڻ ساڳيو حال آهي.

* * *

 

سچ ۽ ڪوڙ

قدرت جو قانون آهي ته جڏهن به سچ ۽ ڪوڙ جي جنگ شروع ٿيندي آهي، تڏهن سچ هميشه ئي پنهنجي سچائيءَ ۽ صداقت سان منزل مقصود تي پهچندو رهندو آهي ۽ ڪوڙ آخر ڪوڙ آهي. ڇو ته سچائي عبادت آهي، ۽ ڪوڙ خيانت آهي.

 

اقرار ۽ انڪار

اقرار ۽ انڪار، مخالفتون ۽ موافقتون، رنجشون ۽ روساما، غلط فهميون ۽ خوش فهميون، شڪ ۽ شبه جيڪڏهن انهن اکرن ۽ الفاظن جي لغوي معنيٰ ۽ مطلب، بيهڪ ۽ بناوت، سونهن ۽ سوڀيا، سچائي ۽ صداقت جي اثر ۽ رسوخ جي حقيقتن ۽ حڪايتن کي قلم جي زبان سان ظاهر ڪبو ته ڪئي دفتر درڪار ٿي ويندا.

ٻين اکرن ۽ الفاظن جي معنيٰ ۽ مطلب ۽ نزاڪتي نقطن کي پرڀرو ۽ پاسيرو رکي، صرف ٻن الفاظن جو ذڪر ڪجي ٿو. يعني اقرار ۽ انڪار.

اقرار ۽ انڪار جو اسان جي علمي، ادبي، تاريخي  ۽ تحقيقي اقتصادي، اصلاحي ۽ معاشرتي زندگي ۽ روز مره جي واقعن ۽ حالتن ۾ ڪيترو ۽ ڪيڏو نه دخل ٿيندو رهي ٿو. جيستائين انسان اقرار ۽ انڪار جي حقيقتن ۽ حڪايتن کان پوري طرح واقف نه آهي تيستائين هن کي ڪوبه حق نه آهي، ته هو اقرار ۽ انڪار جهڙن الفاظن ۽ اکرن کي استعمال ڪندو رهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو بنا سمجهه ۽ سوچ، عقل ۽ ادراڪ، فهم ۽ فراست، هوش ۽ حواس جا سمورا دروازا بند ڪري صرف اجاين ۽ سجاين، بيڪار ۽ بيسود افواهن جي بنياد تي اقرار ۽ انڪار تي ضد ٻڌي بيهي رهندو ته ان ۾ سندس ئي اڻ ڄاڻائي ۽ اٻهرائي جو ئي وڌيڪ دخل سمجهيو ويندو آهي.

اقرار ۽ انڪار جي ڪري ملڪن ۽ قومن، قبيلن، خانددانن ۽ پنهنجن پيارن سان ئي ايترا ۽ ايڏا اختلاف پيدا ٿيندا رهندا آهن، يا پيدا ٿي پوندا اهن، تن کان ڪير واقف نه آهي. اقرار ڇو ڪيو وڃي ٿو ۽ انڪار جو الفاظ ڇا لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، ان جا به سوين سبب آهن، مگر مکيه ڪارڻ انسان جي حالتن ۽ ماحول جو هوندو آهي.

هونئن به معاشري جي پيدا ڪيل ماحول جو اثر انسان ڪنهن نه ڪنهن نموني ۽ طريقي سان قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي پوندو آهن. پوءِ اهو اثر نقصان ڪار هجي يا فائديمند، بيڪار هجي يا بي سود، بهر صورت جنهن معاشري ۽ ماحول ۾ انسان اک کولي ٿو ته پوءِ هن جي هر ڳالهه جو اثر به سندس دل دماغ تي ٿيندو رهي ٿو.

جيڪي انسان پنهنجي ملڪ، ۽ مولا جي مخلوق سان انس ۽ الفت، مٺ ۽ محبت ڪندا رهن ٿا، اهي هميشه ئي پنهنجي انفرادي آرزوئن ۽ اميدن کي پوئتي اڇلائي صرف اجتماعي طرح هر چڱي شئي جو قدر ۽ قيمت ڪندا اڳتي وڌندا رهندا آهن. جنهن ڪري اقرار کي هميشه ئي انڪار مٿان فتح ٿيندي رهندي آهي، مگر ڪڏهن ڪڏهن زندگي جي هن لمبي چوڙي سفر جي ڪن ڪن منزلن تي انڪار به پنهنجو اثر ڏيکارڻ کان سواءِ رهي نه سگهندو آهي، ۽ اقرار کي ٿوري عرصي لاءِ آڻ مڃڻي پوندي آهي.

ڇو ته حقيقت، حقيقت آهي ۽ هوائي قلعن جا افسانا صرف افسانه ئي هوندا آهن. جيڪي ماڻهو دنيا ۾ دور انديشي ۽ دانشمندي، سياڻپ ۽ سمجهداري، ساڻيهه ۽ سگهڙپائي کان هر ذاتي ۽ شخصي، انفرادي ۽ اجتمائي مسئلن ۽ معاملن کي سامهون رکي انهن کي چڱي طرح جاچي جوچي، ڇنڊي ڇاڻي، ڏسي وائسي، پوءِ اڳتي قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، تن جو گهڻو ڪري ڪاميابي ۽ فتحيابي اچي قدم چمندي آهي.

بخت ۽ نصيب

ماڻهو گهڻو ڪري بخت ۽ نصيب کي هڪ ڳالهه سمجهندا رهندا آهن. هر محفل ۽ مجلس ۾ بخت ۽ نصيب جي باري ۾ جيڪي به ڳالهيون ٿينديون رهنديون آهن، يعني بخت ۽ نصيب کي هڪ ئي سمجهيو ويندو آهي، مگر ائين نه آهي. نه وري ڪو بخت ۽ نصيب اختلافي موضوع آهن. آئون گهڻو ڪري اجاين اختلافن، بي ڪار ۽ بي سود بحثن کان هميشه ئي پاسو ڪندو رهندو آهيان، ڇو ته انهن بي بنياد بحثن ۾ انسان جو قيمتي وقت ضايع ٿيندو رهندو آهي. باقي علمي، ادبي، تاريخي، تحقيقي ۽ تنقيدي بحث هجي ته ان ۾ پنهنجي معلومات مطابق ماڻهو کي حصو وٺڻ گهرجي نه ته انهن کان به پاسو ڪرڻ گهرجي ته بهتر آهي.

منهنجو پنهنجو ذاتي مطالعو ۽ مشاهدو آهي، ته بخت ۽ بصيب بلڪل جدا ۽ مختلف موضوع آهن، ۽ انهن جو ڪٿي به ۽ ڪڏهن به پاڻ ۾ ڳانڍاپو ورلي ٿيندو آهي. پڙهندڙن لاءِ بخت ۽ نصيب جي جدا هجڻ جو صرف هڪ مثال پيش ڪريان ٿو.

مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙا هزارين انسان ڏٺا ۽ پسيا آهن، جيڪي ڪنهن ڪم ۾ هٿ وجهندا آهن، ته بخت هميشه ئي سندن ساٿ ڏيندو رهندو آهي، ۽ لکن جي آمدني آڻي اڳيان رکندو آهي. يعني بخت هنن جي پوئتان پيو هلندو رهندو اهي. ايتري ۽ ايڏي آمدني هوندي به ڪيترن همراهن کي ماني به نصيب نه هوندي آهي. سڀ ڪجهه هوندي سوندي به نصيب ۾ سندن ڪابه شئي استعمال ۾ نه ايندي آهي. منهنجي هڪ دوست هڪ واقعو ٻڌايو ته ڪراچي جي هڪ لکاپتي ماڻهو سان، منهنجي عليڪ سليڪ هوندي هئي، موٽرن، ڪارن هوندي به ٽيڪسين، رڪشائن، ۽ بسن ۾ سفر ڪندو رهندو هو. يعني سدائين ڌڪن ۽ ٿاٻن ۾ هلندو وتندو هو. ان جو ڪجهه ڪاروباري ڪم اسلام آباد ۾ ڪنهن منهنجي دوست ۾ پئجي ويو. سندس ڪم بلڪل واجبي ۽ آسان هو، ۽ مون کي بار بار چوندو هو ته اسلام آباد هلي، هي ڪم ڪري اچون آئون کيس هميشه ئي ائين چوندو رهندو هوس، ته دفتري ۽ ڪاغذي ڪاررواين ۾ هميشه ئي دير مدار ٿيندي رهندي آهي، خوهمخواه پنڊي ڇو هلجي مگر هو صاحب هميشه ئي اسرار ڪندو رهيو ته ضرور هلبو. هڪ دفعي ڏاڍو مجبور ڪيائين، مون کيس چيو ته ٽڪيٽ بڪ ڪرائي اچ ته فلاڻي ڏينهن هلنداسين. پاڻ چيائين ته توهان لاءِ هڪ ٽڪيٽ جهاز جي بڪ ڪرائي اچان ٿو، ۽ مان عوامي ايڪپريس ۾ پنڊي ايندس. ان ڳالهه تي مون کان ٽهڪ نڪري ويو. پاڻ چيائين ته ”منهنجي ڳالهه تي ڇو ٿا کلو!“ آئون سندس ڳالهه سمجهي ويس. ڪجهه وقت کان پوءِ جهاز جي هڪ ٽڪيٽ بڪ ڪرائي، مون کي آڻي ڏنائين، مون کيس چيو ته هڪ ڪمرو هوٽل انٽر ڪانٽينينٽل ۾ ”رزرو“ ڪرائي ڇڏ. چيائين ته حاضر، اهو به مان اڄ شام تائين ”رزرو“ ڪرائي ڇڏيندس. ٻئي ڏينهن صبح جو آئون جهاز ۾ سوار ٿي ڪلاڪ سوا ۾ وڃي پنڊي پهتس. ڪمرو اڳ ۾ ئي بڪ ٿيل هو. هي همراهه ٻن ڏينهن کان پوءِ پنڊي پهتو ۽ مون سان اچي مليو مون چيومانس ته هتي ڪمرو وٺي رهه، مگر پاڻ چيائين ته ”مان راجا بازار جي ڪنهن ننڍڙي سراءِ نما هوٽل ۽ رهڻ جو انتظام ڪري آيو آهيان“ خير همراه جو ڪم ٿيو ۽ هو ڏاڍو خوش ٿيو. مون کيس چيو ته ڪم ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ ڪراچي واپس جهاز ۾ هل ته وقت بچي پوندءِ. پاڻ چيائين ته آئون وري به ايڪسپرس ۾ ڪراچي ايندس. آئون ان شام جو ڪراچي پهتس ۽ هو ٻن ڏينهن کانپوءِ ڪراچي آيو. انهيءَ واقعي ٻڌڻ کانپوءِ، مون لاءِ نصيب ۽ بخت جو مسئلو حل ٿي ويو ته بخت جدا شئي آهي، ۽ نصيب عليحده. هاڻي پڙهندڙ بخت ۽ نصيب جي بنيادي نقطن کان بخوبي با خبر ٿي ويا هوندا، ته بخت ڪنهن جو آهي، ۽ نصيب ڪنهن کي آهي!

* *  *

سونهن ۽ سوڀيا

* سعد پور جي ساران جي سونهن ۽ سوڀيا جون سڀڪو ساراهه جون سرڪيون ڀريندو هو.

* نماڻي نوران جي نيڻن مان نيئرن جا نار نڪري نروار ٿيا.

* ننڍي نيٽي نينگر، نازان جي نخرن نورو کي نهوڙي وڌو.

* اباڻي املاڪ، اوباشيءَ ۾ اُف ڪرڻ اٻهرائي، اڻڄاڻائي ۽ الڙپائي  جي نشاني هوندي آهي.

* * *

تصوير جا ٻه پاسا

دنيا، ۽ دنيا وارن جي سچن ۽ صاف ڳالهين ٻولهين ۽ سندن ظاهر ۽ باطن جي ڪمن ڪارين کي قلم جي زبان سان بي نقاب ڪبو، ته پڙهندڙن جي حيرت ۽ حسرت جي حد نه رهندي.

تعليم کان وڌيڪ انسان تي تربيت ۽ تجربي جو وڏي ۾ وڏو اثر هوندو آهي ڪيئي مشاهدا ۽ معلومات، ماڻهو قلمبند ڪري سگهي ٿو، مگر ڪيترا نظارا اهڙا به هوندا آهن، جن کي قلم سان قابو ڪري نٿو سگهجي. ڪيتريون ڳالهيون آهن، جيڪي عام پڙهندڙن لاءِ لکندڙ پنهنجي انداز سان پيش ڪري ويندو آهي، مگر ڪيترا اهڙا قصا ۽ ڪهاڻيون به آهن. جن کي زبان ۽ فلم سان ظاهر نه ڪري سگهيو آهي. ظاهر ۾ محسوس ڪرڻ هر انسان جي پنهنجي طبيعت، ماحول مطابق معاملو هوندو آهي. جيئن عقل ۽ تجربو انسان جي عمر سان ڪوبه واسطو نه رکندا آهن. اسان ڏٺو آهي ته مطالعي کان وڌيڪ ماڻهو ۾ مشاهدو وڏو ڪم رهندو آهي. تجربيڪا ۽ آزمودگار هن دنيا جي گورک ڌنڌي ۾ علم ۽ تعليم وارن کان وڌيڪ تيزيءَ سان قدم کڻندا رهندا آهن. ڪٿي ڪٿي ماڻهو، حضرت انسان کي الف به ڏسندو آهي، ۽ ڪٿي وري غلاف ۾ ڍڪيل به ڏسي وٺندو آهي. اهي انسان جا پنهنجا ذاني ۽ شخصي مشاهدا هوندا آهن. بهرصورت هن دنيا ۾ هر تصوير جا ٻه پاسا ۽ ٻه رخ هوندا آهن، انهي تصوير جي ٻن پاسن جي ڪهڙي پاسي سان، انسان جي وڌيڪ رغبت رهي ٿي. ان مان ئي انسان جي عظمت جو اندازو لڳائي سگهبو آهي.

يعني نيڪي ۽ بدي، برائي ۽ ڀلائي، ڪوڙ ۽ سچ، ظلم ۽ رحم، دوستي ۽ دشمني، بهادري ۽ بزدلي، ڪمزوري ۽ ڪرڙائي، محبت ۽ نفرت، ڪدورت ۽ قرب، پيار ۽ ڌڪار، رهبري ۽ رهزني، علم ۽ جهالت، عقلمندي ۽ بي عقلي، دستگيري ۽ دغابازي، معافي ۽ مقابلا، درگذر يا انتقام، آڪڙ ۽ انڪساري، بيڪاري ۽ باڪاري، دانائي ۽ ناداني، خوشي ۽ غم، هلڪڙائي ۽ بردباري، تڪبر ۽ نهٺائي، خوش فهمي ۽ غلط فهمي، سرمائيداري ۽ سڃائي، حقن کي هضم ڪرڻ ۽ حقن جي حفاظت ڪرڻ، غيبت ۽ ساراهه، صلح ۽ جهيڙو، امن ۽ فتنو، امانت ۽ خيانت، عيبجوئي ۽ عيب پوشي، راحت ۽ رنجش، ميلاپ ۽ دوري، قرار ۽ بيقراري، اڻ تڻ ۽ اطمينان، تيز رفتاري ۽ سست رفتاري، بلند اخلاقي ۽ بداخلاقي، ترقي ۽ تنزل، ڪم ڪرڻ ۽ ڪاهلي، چاڪائي ۽ ناچاڪائي، گندگي ۽ صفائي، روشني ۽ اوندهه، رات ۽ ڏينهن، بادل ۽ برساتون، گرمي ۽ سردي، چنڊ ۽ سج، اس ۽ ڇانو، صبح ۽ شام وغيره وغيره. يعني هڪ سج ٻه پاڇا، اهي ٻئي هڪ ٻئي جا ضد ۽ ابتڙ آهن، جن تي دنيا قائم آهي. اهي شيون هڪ ٻئي جي زد ۾ هلنديون رهن ٿيون ۽ هلنديون رهنديون، جنهن ڪري انهن ۾ ڪنهن به قسم جو تر جيترو تفاوت نه اچڻو آهي ۽ نه ايندو.

جيئن ته ڪنهن جي اچڻ، وڃڻ سان هن دنيا جي ڪارخاني ۾ ڪنهن به قسم جي ڪمي بيشي نه اچڻي آهي نه ايندي.

دنيا جي تاريخ جي ورقن کي ورائڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته تاريخ جا صفحا حيرت جي قلم ۽ حسرت جي مس سان لکيا پيا آهن. دنيا جي دلڪش ۽ دلنشين رنگينين، راحتن، تڪليفن ۽ تعدين کي، ڪي مانجهي مڙس ئي محسوس ڪري سگهندا آهن. باقي هن دنيا جي ماڻهن جي پيدا ڪيل رسم و رواج ۽ قائم ڪيل ڪوڙي وقار کي ڪير سمجهي.

* * *

 رانديون

رانديون هر هڪ خطي جي ماڻهن جي مزاج مطابق پيدا ٿينديون رهنديون آهن، جنهن ڪري انهن قديمي ۽ تاريخي راندين مان ان ملڪ جي ماڻهن جي ذهانيت ۽ قابليت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هر هڪ راند کي پنهنجي مٿي هڪ تاريخي پس منظر هوندو آهي. سنڌ جي هڪ قديم راند يعني:

”شطرنج“ جيڪا هن وقت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ کيڏي وڃي ٿي، ان راند جو انسان جي ذهن سان تعلق آهي. جيئن ٻين راندين جو گهڻو ڪري واسطو ماڻهو جي جسماني طاقت ۽ همت سان هوندو آهي. هن وقت دنيا جي بين الاقوامي راندين ۾ اسان جي سنڌ جي ايجاد ڪيل ”شطرنج“ راند مٿاهين، مٿڀري ۽ اڳڀري ٿيندي رهي ٿي. سنڌ جي قديم تاريخن ۾ انهي راند جو بار بار نالو ايندو رهي ٿو، ۽ تاريخدان انهي راند جي متعلق لکن ٿا ته ان جو اصل نالو ”چترنگ“ هو، جنهن جي لغوي معنيٰ يعني لشڪر جا چار ڀاڱا، هاٿي، گهوڙا، رڇ ۽ پيادل. انهي راند جو رواج پنج هزار ورهيه اڳ سنڌ ۾ هو، جنهن جي ثابتي لاءِ موهن جي دڙي مان ڪيتريون ئي ڳوٽون ۽ ساريون، لڏيون ويون آهن.

چنڊ ۽ سج

  چنڊ ۽ ان جي چانڊوڪيءَ متعلق دنيا جي اديبن ۽ شاعرن پنهنجي پنهنجي طبيعت، سمجهه، سوچ ۽ تصور مطابق قلم کان اهي اهي ڪم ورتا آهن ۽ وٺندا رهن ٿا، جن کان پڙهندڙ بخوبي واقف آهن. ان کان سواءِ جن صاحبن جو علم، ادب، شعورشاعري سان لڳ لاڳاپو ۽ وجهه واسطو آهي، اهي ئي انهن موتين ۽ گوهرن جو قدر ۽ قيمت ڪَٿي سگهندا . اهو به عجيب اتفاق آهي ته سڄي ڏينهن ۾ چنڊ جو ذڪر تمام گهٽ ايندو اهي. هونئن به چنڊ جي کير جهڙين چانڊوڪين جو تعلق راتين سان هوندو آهي. مگر راتيون به اهي، جن ۾ چنڊ انسانن جو من موهيندو سندن سيني ۾ سرور ۽ نيڻن ۾ نور پيدا وندو رهندو آهي. چنڊ کي گهڻو ڪري شاعرن، پنهنجي محبوب جي منهن مهانڊي ۽ سونهن سوڀيا سان مشابهت ڏني آهي. شعر و شاعري جي دنيا ۾ اهڙا ڪئي مثال موجود آهن، پر هڪ دلچسپ ڀيٽ، هڪ شاعر هن طرح ڪئي آهي، شاعر پنهنجي محبوب جي سونهن جو، چنڊ جي سونهن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ، چنڊ ۽ پنهنجي محبوب کي تارازيءَ ۾ تورڻ لڳو. ساهميءَ جي هڪ پڙ ۾ پنهنجي محبوب کي ويهاريائين، ۽ ٻئي پڙ ۾ چنڊ کي رکيائين، ۽ تورڻ وقت سندس محبوب جي سونهن ايڏي سرس ۽ وزاندار ٿي جو زمين سان اچي لڳو، ۽ چنڊ ايترو هن جي اڳيان هلڪو ٿي پيو جو وڃي آسمان تائين پهتو. ان شاعر، محبوب ۽ چنڊ جي سونهن ۾ تفاوت ظاهر ڪندي، واقعي ڪمال ڪيو آهي.

سج جو ذڪر اسان گهڻو ڪري ڪندا رهندا آهيون: سج اڀريو، سج لٿو، سج ڪني ڪڍي، سج جي تپش تيز ٿي، سج جا شعاع درين مان ليئا پائي رهيا آهن. پر تڏهن به سج کي اسان جي اديبن ۽ شاعرن، تمام گهٽ نثر توڙي نظم ۾ استعمال ڪيو آهي، حالانڪ سڄي ڏينهن ۾ سوين دفعا سج ۽ ان جي تپش جو ذڪر ٿيندو رهندو آهي. منهنجو پنهنجو ذاتي مطالعو ۽ مشاهدو آهي، ته جنهن شئي ۾ گرمائش گهڻي هوندي آهي، ان کان انسان ذات پري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي. ان ڪري اسان جي اديبن ۽ شاعرن سج جي تپش ۽ گرمائش ڪري، سج کي گهٽ ياد ڪندا رهندا آهن. چنڊ ۽ ان جي چانڊوڪي کي انهي ڪري پسند ڪيو وڃي ٿو، جو ان جي ٿڌاڻ ۾ سرور به آهي، سونهن به آهي. ۽ سوجهرو به آهي، پر ان لاءِ ممڪن آهي ته اهو به سج هجي ڇو ته چنڊ به ته سج جو پاڇو ۽ اولڙو آهي، ۽ انسان کي پاڇا ۽ پرڇائيون، اولڙا ۽ اَرنگ وڌيڪ مٺا لڳندا آهن.

*  * *

 تجربو ۽ آمودو

ڪنهن به ڪم ڪار ۽ ڪرت لاءِ ٿورو گهڻو تجربو ۽ آزمودو هجڻ تمام ضروري آهي، ڇو ته تجربي ۽ آزمودي جي ڪري، انسان ۾ ڪي قدر شعور، سوچ ۽ سمجهه، سياڻپ ۽ سڃاڻپ ايندي رهندي آهي. انهيءَ بنيادي کي زندگيءَ جو ڪاروبار ۾ قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪبي آهي ته ضرور ڪونه ڪو نيڪ ۽ مبارڪ نتيجو نڪري نروار ٿيندو رهندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org