سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٽيون)

باب:

صفحو:9 

عالمن جو آفتاب (1961ع):

ھيءُ ڪتاب ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي سوانح حيات ۽ علمي خدمتن بابت مختلف عالمن، اسڪالرن ۽ شاعرن طرفان کيس نذر عقيدت طور مرتب ڪري ڇپايل آھي. ھن جا ٻه حصا آھن. نثر ۽ نظم. بيگم صاحبه محترمھ خديجھ دائودپوٽھ جي ھدايت ۽ اھتمام سان سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچيءَ ڇپايو آھي. منجھس ڪل ٣٨ مقالا آھن. جن برک ليکڪن جا مقالا آندل آھن، اھي ھي آھن: مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، لطف لله بدوي، پروفيسر اجواڻي، شفيع احمد علوي، مولائي شيدائي، پروفيسر ملڪاڻي، ميران محمد شاهه، جھامنداس ڀاٽيھ ۽ بيگم خديجه دائودپوٽه. اھڙيءَ طرح نظم جي حصي ۾ ڪيترن شاعرن نذر عقيدت پيش ڪئي آھي.

سوانح حيات لکندڙ اديبن ڊاڪٽر دائودپوٽي جي زندگيءَ جو احوال لکڻ سان گڏ سندس خدمات ۽ ادبي ڪارنامن تي روشني وڌي آھي. انهن ۾ سندس ساٿي، شاگرد ۽ ٻيا ليکڪ آھن. مولانا قاسمي صاحب لکي ٿو:

”قدرت طرفان اھا سعادت سنڌ جي ھڪ غريب خاندان جي فرد کي عطا ٿيڻي ھئي. سو نيٺ اسباب ويا جڙندا. ٽلٽيءَ جو ھڪ ڳوٺاڻو ڇوڪر عمر بن محمد اسڪولي تعليم لاءِ ويھاريو ويو ۽ ساڳي طرح گھريلو ماحول ڪري، کيس نيڪ دل ۽ خدا رسيده بزرگن جي صحبت به نصيب ٿيندي رھي، جنهن جو نتيجو اھو نڪتو جو اھو ڳوٺاڻو ڇوڪر ٿوري وقت ۾ علامھ دائودپوٽي جي لقب سان سڏجڻ لڳو.“

ڊاڪٽر دائودپوٽي جي سوانح حيات جو ھيءُ ڪتاب صاحب ممدوح جي حيات ۽ علمي ڪارنامن تي ھڪ ڀرپور ڪاوش آھي.

تذڪره شھباز (١٩٦٤ع):

حضرت شيخ عثمان مروندي قلندر لعل شھباز جو ذڪر گھڻن ئي تذڪرن، رسالن، مخزنن ۽ ٻين ذريعن سان ظاھر ٿيو آھي. ھيءَ سوانح ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ لکي آھي. ھن ۾ قلندر لعل شھباز جي سوانح حيات جي مڙني پھلوئن ۽ ڪرامتن جو احوال آھي. سوانح جي ابتدا ڪندي ميمڻ صاحب لکي ٿو: ”عام طرح کين قلندر لعل شھباز سڏيو ويندو آھي. سندن اصلي نالو عثمان آھي؛ ٻيا سمورا سندن لقب آھن. جيئن ته پاڻ ڳاڙھا ڪپڙا پائيندا ھئا، تنهن ڪري کين لعل سڏيندا ھئا. سندن دوست حضرت جلال بخاريءَ کي وري ڳاڙھن ڪپڙن پائڻ ڪري سرخ لقب سان سڏيو ويندو ھو. جيئن ته پنهنجي مرشد وٽ سڀني مريدن کان مٿي ۽ ولايت ۾ فائق ھئا، ان ڪري کين شھباز جو لقب مليو. قلندر جو لقب ان ڪري ملين جو قلندري مشرب اختيار ڪيائون. سيف اللسان لقب انهيءَ ڪري پين، جو جيڪي چوندا ھئا، اھو ٿي پوندو ھو. مھدي انهيءَ ڪري سڏيا ويا جو ماڻھن کي گمان ھو ته آخري زماني جا مھدي موعود آھن.

اھڙيءَ طرح شمس الدين لقب انهيءَ ڪري پين جو دين جو سوجھرو ھئا. پاڻ ظاھري علمن جا وڏا ڄاڻو ھئا؛ تنهن ڪري کين مخدوم به سڏيو ويو.“

قلندر شھباز جو ذڪر ڪيترن ئي اوليائن جي تذڪرن ۾ آيو آھي. اھي اڪثر فارسيءَ ۾ آھن. ميمڻ صاحب انهن جا حوالا جا بجا ڏنا آھن. سنڌ سرڪار پاران شايع ڪيل ڪن ساليانه مخزنن ۾ به قلندر تي مقالا ڇپيل آھن.

اھي ڏينهن اھي شينهن (ٽي ڀاڱا: ١٩٦٦-١٩٨٠ ۽ ١٩٨١ع):

نهايت ڪشش ڪندڙ محاوراتي عنوان سان ھيءُ ڪتاب علي محمد راشديءَ لکيو آھي. راشدي صاحب سياسي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. صحافي رھيو ۽ سندس شخصيت به نرالي رھي. طرز تحرير ۽ زبان و بيان به پرڪشش ۽ ڪنهن جي به اثر ھيٺ نه! جن شخصيتن تي قلم کنيائين، انهن جي زندگيءَ جا مختلف پھلو بيان ڪندي، بيباڪيءَ وارو پنهنجو فطري لاڙو قائم رکيائين. شخصيتون ضلعي وار به آنديون اٿس ۽ ڪٿي گڏي به بيان ڪيون اٿس. ابتدا ۾ مدن ڀڳت جو ھڪ بيت ھر جلد تي آيو آھي. اھو آھي:

جنهن جي رات، تنهن جو ڏينهن،

جنهن جو مدن، تنهن جو شينهن.

”اھي ڏينهن اھي شينهن“ وارو محاورو انهيءَ معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو، جيئن گذريل زمانو جو وسري ويو، ورجايو وڃي ته اشارو ڪجي. جي ڪنهن کان ڪا ماضيءَ جي ڳالهه پڇجي يا ڪنهن شھر، ڳوٺ يا ماڻھوءَ سان لاڳاپي جو پڇجي ته ھو جواب ۾ ناڪار ڪري ۽ چوي ته: ”نه مليس يا نه ويس بس اھي ڏينهن اھي شينهن.“ ھتي پير علي محمد راشدي اھڙين گذريل ۽ وسري ويل وارتائن ۽ ماڻھن کي وري ياد ڪيو آھي. ھن تيز مزاج صحافيءَ، سياستدان ۽ باڪمال ليکڪ جو ھيءُ بيمثال ڪارنامو آھي، جو سنڌي سوانح حيات جي فن ۾ ھڪ روشنيءَ جو منارو آھي. جڏھن ڪنهن زبان جي بهترين ڪتابن (Best Books) جو ذڪر ڪبو ته ھيءُ ڪتاب سنڌي زبان جي بهترين ڪتابن ۾ ھڪ آھي.

پھرئين جلد ۾ ضلعي يا ايراضي- وار شخصيتن جو ذڪر خيرپور، سکر، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي جي باري ۾ ڪيو ويو آھي. ھر باب ۾ پھرين اڪثر ’عام حال‘ جي عنوان سان جائزو پيش ڪندي، پوءِ مختلف شخصيتن جو بيان ڪيل آھي. شخصيتن ۾ زميندار، ڪامورا، شاعر، اخبار نويس، قومي ورڪر ۽ استاد اچي وڃن ٿا. انهن مختلف شخصيتن ۾ ڪي پنهنجي عمل ۽ ڪردار جي ڪري نمايان ٿي بيٺا آھن. زميندار ۽ ڪي ٻيا ماڻھو ھڪ مخصوص ذھنيت جا ھوندا آھن. علي محمد راشديءَ انهن بابت کولي کولي بيان ڪيو آھي. پھرئين جلد ۾ ڪيئي منفرد شخصيتون آھن. انهن ۾ آغا نظر علي خان ۽ تراب علي شاهه نمايان حيثيت رکن ٿا. آغا نظر علي، پيرصاحب جو صحافتي ساٿي ۽ گڏ گذارڻ وارو، خوش طبع، بذلھ سنج. جي ھندو- مسلم جھيڙو ٿيو ته به جوابدارن ۾ پھرين نالو آغا نظر عليءَ جو لکبو. سندس شخصيت جا ڪئين پھلو. مھمان بئگ بستري سان اچي پريس ۾ لٿو ته به ان لاءِ کٽ جو مسئلو به زيربحث.

تراب علي شاهه، ھڪ وڏي شخصيت ھو. ان جي باري ۾ ذڪر ڪندي، پير علي محمد راشدي، سعدلله ۽ ڪن ٻين جو ذڪر به ڪري ٿو. پير تراب علي شاهه سان ملاقات ٿيڻ جو بيان ڪري ٿو: ”آءٌ پاڻ کي بختاور سمجھان ٿو، جو مون کي ڪن سچن پيرن سان صحبت ڪرڻ جو موقعو مليو. يعني پير تراب علي شاهه سائين رحمت لله عليھ ۽ سندس پير، احمد شامي رحمت لله عليھ سان. اڳ ۾ ئي گھڻي دير ٿي ويل ھئي. زمانا ڦري چڪا ھئا. اڳيان وير وڃڻ وارا ھئا، محفلون ميٽجڻ تي ھيون، ڏيئا اجھامڻ وارا ھئا، گھڙي پلڪ جي ويرم وڃي رھي ھئي، ان وچ ۾ آءٌ به وڃي سھڙيو ھوس. مون پنهنجي زندگيءَ اندر گھڻائي ماڻھو خواه مرون ڏٺا آھن. قسما قسم، رنگ برنگ، چڱا ۽ مٺا، رھبر ۽ رھزن، درد وندا ۽ بيدردا.“

ڪتاب جي ٻئي جلد ۾ دادو ۽  ڪراچيءَ جي شخصيتن جو بيان آھي. انهن ۾ زميندار، چڱا مڙس، سياستدان، درويش، عالم ۽ عام ماڻھو اچي وڃن ٿا. ڪراچيءَ ۾ اچي رھندڙ شخصيتون به ھن فھرست ۾ شامل آھن. دادوءَ جي شخصيتن جو بيان ”دادو جادو“ عنوان ھيٺ رکيل آھي. ھن جلد ۾ سائين گل محمد شاهه، علامھ قاضي، شمس الدين بلبل، رئيس ڏتل خان، نارو ڀڳت، مولانا وفائي، پيرزادو عبدالستار، دين محمد عليگ، ڄيٺي سپاھيملاڻي، محمد ھاشم گذدر، جمشيد مھتا، ۽ خواجھ احمد زمان اچي وڃن ٿا.

دلچسپ ڪردارن ۾ پوڙھو پوربيو ھڪ اھم شخص آھي. ائين ميڊم نوران جو ذڪر به آھي، جنهن جي ھڪ بنگالي انجنيئر سان شادي ٿي. ھي دلچسپ بيان آھي: ”ڏاڏي مرحوم مون کان پڇيو ته علي محمد تو ڪنوار ڏٺي؟ مون چيس ته ڏاڏا! مون ته ڪانه ڏٺي، مون ڏانهن پٺي ھئس. سڀني مھمانن ۾ ٽھڪڙو پئجي ويو. ڏاڏي مرحوم مشڪندي چيو ته نالائق اھوئي ته مائيءَ جو منهن ھو، جنهن کي تو پٺي سمجھيو آھي! مون عرض ڪيو ته ڏاڏا! اوھين سڀ ڀلي مون تي کلو؛ پر جيڪڏھن مائيءَ جو منهن اھو ھو ته پوءِ گھوٽ جو به ھر ھارو منهن ڪارو چئبو.“

ھن جلد ۾ ھمايون جي عشق جو به بيان آھي. ٽئين جلد ۾ ٨٠ شخصيتن جو بيان آھي، جن ۾ سياستدان، اديب ۽ گويا شامل آھن. اسڪندر مرزا جو به ذڪر ڪيو ويو آھي. خصوصي شگفته بيانيءَ سان ھي جلد به سينگاريل آھي. مختلف ماڻھن جو ذڪر ڪندي، ليکڪ انهن سان پنهنجي واقفيت ۽ تعلقات جو ذڪر ڪندي ڪٿي لفظن جو اڻ لکو نه پر چٽو استعمال ڪيو آھي. سوانح نويسيءَ جي فن ۾ بيشڪ پير علي محمد راشديءَ جو نالو نمايان رھندو ۽ ھي ”اھي ڏينهن اھي شينهن“ جا ٽي جلد سنڌي زبان جو سرمايو بڻيل رھندا.

جنب گذاريم جن سين (١٩٦٧ع):

سائين جي. ايم سيد جو ھيءُ ڪتاب سوانح نگاريءَ ۾ اھم آھي. سيد صاحب ھڪ سياسي رھبر طور ايترو مقبول رھيو جو ٻهراڙين جا ماڻھو کين ’جيئيم‘ ڪري ياد ڪندا ھئا. ١٩٤٦ع واري اليڪشن ۾ پاڻ پيرصاحب عالي شاهه جي حمايت ۾ ورڪ خاطر بدين آيا ۽ سندن اچڻ ڪري، بدين ۾ شادمانا ٿيا، ھرڪنهن جي زبان تي ھي لفظ ھئا: ”سائين جيئيم شاهه آيو آھي.“

سيد صاحب جي سياسي ڪردار سان گڏ سندن ھڪ علمي، ادبي حيثيت به آھي. مطالعي جي مدنظر ڏسبو ته سيد صاحب ھڪ عالم ھو. سندن ڪتاب مان ”منهنجي ڪھاڻي منهنجي زباني“، ”نئين سنڌ لاءِ جدوجھد“، ”جيڪي ڏٺو مون“، ”ديار دل داستان محبت“ ۽ ٻيا ڪتاب سندن علمي، سياسي، سماجي، ديني ۽ ادبي حيثيت کان اسان کي واقف ڪن ٿا. ’پيغام لطيف‘ مان سندن لطيفي پيغام جي ادراڪ جي خبر پوي ٿي. پاڻ لطيف کي ڪيئن سمجھيو اٿن، اھا ڄاڻ ملي ٿي.

زير نظر ڪتاب جنب گذاريم جن سين، ٻن ڀاڱن تي مشتمل آھي ۽ ١٩٦٧ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. ٻيو ايڊيشن به ادبي بورڊ ١٩٧٩ع ۾ شايع ڪيو. ٽيون ڇاپو ھڪ ئي جلد ۾ روشني پبليڪيشن ٢٠٠٤ع ۾ شايع ڪيو آھي. ھيءُ ڪتاب سيد صاحب جي ھمعصر دؤر جي شخصيتن جي سوانح حيات بابت آھي. اِھي شخصيتون مختلف ماڻھن جون آھن، جن ۾ درويش، سياستدان، قومي ڪارڪن، اديب ۽ شاعر، استاد، مدبر، زميندار ۽ خاندان، دوست، سماجي ڪارڪن، سرڪاري عملدار، بزرگ، رفيق ۽ واقفڪار اچي وڃن ٿا. ھن سلسلي جو مواد پاڻ مختلف ذريعن مان حاصل ڪيو اٿن. ان ۾ واسطيدار ماڻھن کان خط وسيلي به معلومات ورتل آھي.

سبب تاليف ڄاڻائيندي ڪتاب جي پيش لفظ ۾ لکيو اٿن ته: ”زندگي ھڪ عجيب تگ و دو جو ميدان آھي. جنهن ۾ سارو وقت انسان روزمره جي ڪشمڪش ۾ گذارڻ بعد جڏھن ماضيءَ تي نظر ٿو ڪري، ته ان ساريءَ سرگذشت جون صرف اڻ لکيون يادگيريون باقي رھن ٿيون. لکھا انسان اھي سندن يادگيرين جا داستان پاڻ سان کنيو، ڪنهن به رڪارڊ ڇڏڻ کان سواءِ گذر ڪيو وڃن. ڪي آھن، جي انهن کي قلمبند ڪريو، پوين جي معلومات لاءِ ڇڏين ٿا.“

انهيءَ خيال جي مدنظر سيد صاحب ھيءُ قلمي ڪشالو ڪيو ۽ ان جو نالو شاهه جي رسالي جي سر مارئيءَ مان ورتو، بيت ھي آھي:

مٿي ٿر رھي، ويا گذاري ڏينهڙا،

وٽان تن نه آئيو، ڪو پنهوارن پھي،

ويا سي وھي، جنب گذاريم جن سين.

زير نظر ڪتاب ’جنب گذاريم جن سين‘ انهن يادگيرين جو به ھڪ دستاويز آھي، جن جو واسطو سندس سماجي ۽ سياسي سفر جي رفيقن سان آھي. ھن ڪتاب جو مواد بنيادي طور سندن طويل داستان حيات ”منهنجي ڪھاڻي منهنجي زباني“ مان جنم وٺي ٿو. سوانح حيات جا ته مختلف زبانن ۾، ۽ سنڌيءَ ۾ به ڪيئي ڪتاب آھن. ھن ڪتاب جي خصوصيت ڪھڙي آھي؟ انهيءَ باري ۾ گذارشات پيش ڪريان ٿو. پھرين ۽ آخري توڙي مڪمل خصوصيت ھيءَ آھي ته ڪنهن عام ليکڪ جو ڪتاب نه آھي. سائين جي. ايم سيد جھڙي نابغھء روزگار (Genius) جي تحرير ۽ ڪاوش آھي.

ڪتاب ۾ ١٧٦ شخصيتن جي سوانح حيات ۽ ڪارنامن جو باضابطھ ۽ بالترتيب بيان آھي.

انهن شخصيتن ۾ گھڻيون شخصيتون اھڙيون آھن، جن جو سيد صاحب جي سياسي سفر ۾ ساٿ رھيو. ساڻس موافق رھيا يا مخالف. اِن ڳالهه جي قطع نظر انهن جو ذڪر ڪيو اٿس. ھيءَ سوانح حيات ليکڪ جي زندگيءَ جي سفر جو ھڪ ڀرپور عڪس به آھي. پاڻ حاصل ٿيل مواد جي مدنظر ھرھڪ سوانح کي پوري توازن سان لکيو اٿن. ھرھڪ شخصيت جي خوبين ۽ ڪيل خدمتن کي کولي لکيو اٿن، جي ڪٿي ڪنهن جي ڪردار ۾ ڪا خامي آھي ته فقط اشارو ڪيو اٿن. انهن شخصيتن مان آءٌ فقط چئن بابت سيد صاحب جي طرز تحرير، بيان ۽ ڏنل معلومات جو اختصار سان بيان ڪريان ٿو.

پھرين شخصيت ماستر حامد علي آھي، جو ھالاڻيءَ جو ھو. نوشھري مدرسي ۾ پڙھيو ۽ تعليم ڏيڻ جو پيشو اختيار ڪيائين. ھن سن ۾ وڃي سيد صاحب جي انگريزي تعليم ڏيڻ جو فريضو ادا ڪيو. ١٩١٨ع کان ڏيڍ سال سن ۾ رھيو. انگريزي زبان سيکارڻ سان گڏ ٻي عام معلومات ذريعي به سيد صاحب جي مدد ڪيائين. ماستر حامد علي پوءِ به ميڊيڪل اسڪول حيدرآباد مان طب جي تعليم حاصل ڪئي ۽ پنهنجي ڳوٺ وڃي طبابت ڪرڻ لڳو.

پنهنجي انگريزيءَ جي اتاليق جو ھي مختصر بيان سيد صاحب اھڙي انداز سان ڪيو آھي، جنهن ۾ ڪي به روايتي تعريفي فقرا نه آھن. اھڙيءَ طرح ٻي شخصيت يعني سنڌ جي سونهن، سنڌ جو ڏکويل آواز، ڪيئن ريجھايان توکي ڪيئن پرچايان جو پڙاڏو صوفي منش ڀڳت ڪنور رام آھي. تفرقھ بازي ۽ نفرت جي شڪار ٿيل ڀڳت ڪنور رام جو آواز اڄ به سنڌين جي ڪنن سان وري وري ٽڪرائجي ٿو. ڀڳت ڪنور جي سوانح حيات جي ابتدا ۾ سيد صاحب لکيو آھي ته: ”سنڌ صوفين ۽ درويشن جو ملڪ آھي. انهن سنتن ۽ صوفين جا مکيھ مقصد، وحدت الوجود جي تعليم، اتحاد انساني لاءِ ڪوشش ۽ جملي مذھبن جي بنيادي وحدت جو پرچار پئي رھيا آھن. صوفين ۽ درويشن جي گھڻي حصي ھرھنڌ عشق يا ڀڳتيءَ جي ذريعي مٿين مقصدن جي حصول لاءِ ڪوشش پئي ڪئي آھي.“

ڀڳت ڪنور رام ڳوٺ جروار (ميرپورماٿيلي) جو رھاڪو ھڪ صوفي سنت ھو ۽ بظاھر ھن آواز سان سنڌ کي آباد ڪيو. روايت موجب ھو ١٨٨٥ع ڌاري ڀائي سترام داس جي دعا سان ڄائو ۽ ان جي قدمن ۾ کڻي پيش ڪيائون. ڪنور رام جي ابتدائي زندگيءَ جو عڪس سيد صاحب ھيئن پيش ڪيو آھي، ”گائن وديا ڳوٺ حيات پتافيءَ ۾ ڀائي ھاسارام کان سکيو. سندس والد ھن جي شادي ڀائي اوٽومل جي نياڻيءَ سان ارڙھن ورھين جي ڄمار ۾ ڪرائي. سندس ھڪ پٽ آھي، جو اڃا تائين (شايد ھي تحرير لکجڻ وقت) ڳوٺ جروار ۾ رھي ٿو. ڀڳت صاحب شڪل ۾ سھڻو ھو. اکيون رونق واريون ھئس ۽ سندس آواز ۾ حد درجي جو ميٺاج ۽ درد ھوندو ھو.“

ڀڳت ڪنور رڪ ريلوي اسٽيشن تي تفرقھ پرستيءَ جي گوليءَ جو شڪار ٿيو. اھا تاريخ ٢ نومبر ١٩٣٩ع جي ھئي. سوانح جي آخر ۾ سيد صاحب اھڙن واقعن کي سنڌ جي صوفياڻي ڪردار لاءِ ھاڃيڪار سڏيو آھي ۽ ڪنور جي امر آواز کي سڪ سان ياد ڪيو آھي. ڪنور جي بي لوث خدمتن کي ساراھيو اٿس. ڪنور جھڙا اعليٰ فنڪار سنڌ ۾ پوءِ ٿورا پيدا ٿيا. نه ته پئسي پٺيان ڊوڙڻ وارا بيشمار آھن. جيڪي نچن ٽپن ته پيا، پر ڪنور وانگر ڇيريون ڇمڪائڻ جي منجھن طاقت ڪونهي. جيڪي مليو سو ٻين لاءِ ڏيئي ڇڏيائين.

ٽي شخصيت سيد ميران محمد شاهه جي آھي، جنهن سان سيد صاحب جو سياسي ۽ ذاتي تعلق ھو. ٻنهي جي دل جي دنيا ۽ جذباتي دور جون ڳالھيون انهن خطن ۾ آھن، جيڪي ڪتاب رھاڻ ۾ موجود آھن. ميران محمد شاهه جو تعلق مردم خيز خطي ٽکڙ سان ھو. سيد صاحب، ٽکڙ جي مختصر تاريخ، ميران محمد شاهه جي وڏن ۽ اھم شخصيتن جو ذڪر ڪيو آھي. انهن ۾ علامھ اسدلله فدا، حافظ شاهه حافظ ۽ ٻيا ڪيترا عالم ۽ شاعر ھئا. انهن ۾ ميران محمد شاهه ھڪ قداور شخصيت جو مالڪ ھو. سندس سياسي ڪردار تابناڪ رھيو. لوڪلبورڊ کان وٺي، بمبئي ڪائونسل کان وٺي، سنڌ ڪائونسل، سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر، وزير، اسپيڪر ۽ پوءِ پاڪستان جو اسپين ۾ سفير رھيو. سياسي زندگيءَ سان گڏ ميران محمد شاهه جو ادبي ڪردار به ھو. اسپين بابت سندس مضمون، ڪافيون ۽ ڀٽ شاهه تي لطيفي ميڙو مچائڻ سندس ادبي زندگيءَ جا اھم ۽ ڳڻڻ جھڙا واقعا آھن.

سيد صاحب، ’مون سان تعلقات‘ جي سري ھيٺ ١٩٢٤ع کان ميران محمد شاهه سان پنهنجن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي. سڄي  دؤر جو جائزو ورتو آھي. انهيءَ ۾ سنڌ جي سياست، سنڌ وزارت ۽ باھمي تعلقات جو حوالو به اچي وڃي ٿو.

ھن ڪتاب مان جنهن چوٿين شخصيت جو ذڪر ڪرڻ گھران ٿو، اھا آھي ھڪ سماجي ڀلائيءَ سان لاڳاپيل خاتون مسز گل بانو. ڪي . مينوالا. نائون مل روڊ ڪراچيءَ جي مسز مينوالا جو تعلق ھڪ پارسي ڪٽنب سان ھو. ھوءَ ١٩١٣ع ۾ ڄائي ۽ ڪراچيءَ ۾ تعليم حاصل ڪري ٽيچر ٿي. جمشيد نسروانجيءَ جي اثر ھيٺ سماجي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ کي وقف ڪيائين.

ورھاڱي بعد انتها پسندن ۽ بنياد پرستن ڪي مسئلا پيدا ڪيا، پر مسز مينوالا پنهنجي سچي جذبي آڌار انهن مان ڪاميابيءَ سان پار پئي ۽ ڪيترن ادارن جي مدد سان پنهنجو تعليمي ۽ سماجي خدمت وارو ڪم ڪندي رھي. ١٩٣١ع ۾ سندس شادي ٿي. ڪيترن ادارن جي ميمبر رھي ۽ کيس عزت وارو مقام حاصل ٿيو.

سيد صاحب مسز گل مينوالا جي سوانح لکندي، ھن سان ١٩٢٧ع کان پنهنجي ملاقات جو به ذڪر ڪيو آھي. ھن ڪتاب جي مڙني سوانح عمرين کي مطالعو ڪندي، اھو ثابت ٿئي ٿو ته سيد صاحب جن مختلف شخصيتن جو ذڪر ڪيو آھي، سچ ته انهن کي وقت جي ويرن ۾ لڙھي وڃڻ کان بچايو آھي. اھي شخصيتون سنڌ جي تاريخ، ثقافت، سـَيـَاست، سماج ۽ ادب جون اھم شخصيتون آھن ۽ انهن جو احوال محفوظ ڪرڻ به ضروري ھو.

انهيءَ کانسواءِ ويھين صدي عيسويءَ جون ھي شخصيتون سنڌ جي ويھين صدي عيسويءَ جي تاريخ بنائيندڙ به آھن. سيد صاحب جو انداز بيان نهايت دلنشين آھي. سندس ھن ڪتاب ۾ سنڌ جو ثقافتي ورثو نمايان طور موجود آھي.

ڪتاب جو نمايان مواد سياسي شخصيتن ۽ قومي ڪارڪنن بابت آھي. ھي شخصيتون ئي آھن، جن سنڌ جي ويھين صديءَ کي درخشان بنايو. انهن جو عملي ڪردار تاريخ ۾ محفوظ ڪرڻ لاءِ سيد صاحب جي ھيءَ ڪاوش تمام گھڻي اھميت واري آھي. نه رڳو ايترو پر سندن تحرير مان اھو به ظاھر آھي ته پاڻ ھڪ اديب وارو ڪردار ڪاميابيءَ سان نباھيو اٿن. عام طور سياستدان کي انهيءَ شعبي ۾ ئي ڳڻيو ويندو آھي ۽ ادب ۾ ڄڻ جاءِ نه اٿس. سياستدانن ۽ قومي ڪارڪنن ۾ اھڙا ٻيا نالا رسول بخش پليجي ۽ ڄام ساقيءَ جا آھن، جيڪي سٺا ۽ سلجھيل ليکڪ به آھن.

سيد صاحب جي ادبي ڪردار تي نظر ڪبي ته ھـُو سياست سان گڏ ادب جي دنيا ۾ به ھڪ اعليٰ مقام رکي ٿو. سنڌ جي ادبي تاريخ به سندس ذڪر کان سواءِ اڻپوري رھندي. ”جنب گذاريم جن سين“ ھڪ سوانح عمرين جو ڪتاب ھجڻ سان گڏ سنڌ جي ثقافتي ورثي جو به ھڪ اھم دستاويز آھن.

مسڪين جھان خان کوسو(١٩٦٧ع):

ھن ڪتاب جو ليکڪ محمد بخش مجنون آھي. ھن صاحب، ھڪ عوامي خدمتگار ۽ انسان دوست جھان خان کوسي جي حياتيءَ جو احوال لکيو آھي. ڪو سردار، ڪو وڏيرو، ڪو عالم، ڪو اديب نه، ھڪ غريب ماڻھو ھو جھان خان. مجنون صاحب ھيءُ ڪتاب ان جي جيئري ئي لکي ڇپايو. نه رڳو ايترو پر پنهنجي سھڻي ۽ پـُرڪشش تحرير به مجنون صاحب کي برک ليکڪن جي قطار ۾ بيھاري ڇڏيو. جھان خان بابت مجنون لکي ٿو: ”ڪرڙوڍ، قد درميانو، جسم جو جانٺو، موڪري ماٺيڻي منهن تي سفيد سھڻي چاپونئي سونهاري، اڇي جھڙي ٻـُوهه، مٿو اڪثر اگھاڙو؛ ڪڏھن ڪڏھن سياري ۾ ملن واري برقعي ٽائيپ ٽوپي يا اونهاري ۾ کجيءَ واري مولانا ڀاشاني ٽوپي. مليشيا جا ڪپڙا سي به ميل ۾ ڪچ، ھڪ دفعو پائڻ کان پوءِ سج کٽي يا ٻج کٽي، پاڻھي ڳري سڙي پنهنجي جان ڇڏائين ته واه نه ته ٻيو ٿيو خير. ساڄي ڪلھي تي پٺارڪ ڪتابن ۽ اخبارن جي، کاٻي ڪڇ ۾ ٻه ٽي سير اخبارن جو پلندو ۽ ان سان گڏ ٻاوري جو گيڏيو، ھٿ ۾ مس ڪـُپڙي، کـُڙيون ڀڄي سپاٽا ٿي ويل سليپرن سان کـِڙت کـِڙت ڪندو، مٽيءَ جي اڻ مئي کـِه اڏائيندو، ٿرين جا ولرن جا ولر پويان لايو، ڪنهن آفيس ڏانهن واڪيندو ڪو ماڻھو ڏسو ته پڪ سمجھو ته اھو مسڪين جھان خان کوسو.“

ڳالهه فقط ايتري ڪونهي. ٻاوري جو گيڏيو ڇا آھي؟ اھا غير ٿرين لاءِ ڳجھارت ڀڃڻ مشڪل آھي. ان لاءِ مجنون، سارنگي نواز استاد بندو خان جو مثال ڏنو آھي ته بمبئي ۾ ھو ذوالفقار علي بخاريءَ وٽ مھمان ھو، ٻئي ڪمري ۾ ھو پنهنجي پياريءَ سان ھيءَ گفتگو ڪري رھيو ھو. پياري ويجھي ٿي، منهنجي بغل ۾ اچي سمهه! بخاري اچي ڏسي ته ھو اِھا گفتگو پنهنجي سارنگيءَ سان ڪري رھيو ھو. اھا ئي حالت ھئي مسڪين جي. ھن کي به ٻاوري جي گيڏئي سان اٿاهه پيار ھو. اوڻيھن سالن کان (١٩٦٧ع) مسڪين جو ساٿي ھو. بقول مجنون پاڪستان جو ھم عمر ھو. ان کي ڪيئن سڃاڻجي؟ مجنون لکي ٿو :”ھي ٿاريلي ٻوليءَ جا لفظ سمجھڻ لاءِ ھڪ غير ٿريءَ کي وڏيون ڪاوشون ڪڍڻيون پونديون.“ نه ڊاڪٽر بلوچ جو ھٿ پھچي نه ڏيپلائي ڏي پنڌ ڪجي. اجھو ھي آھي حل :”ٻاوري ٿر ۾ ھڪ وڻ آھي ۽ گيڏيو ٿري لڪڻ کي چوندا آھن.“

مسڪين جي عمل جو دائرو وسيع ھو. ”ھـُو ڪليڪٽريءَ ۾ پھچي ٿرين جون مفت درخواستون لکي، کين اناج جون پرمٽون ڪڍائي ڏيندو، ڪامورن ۽ سرمايھ دارن جي ستايل ٿرين جي پڪارن جي پيروي ڪرائيندو، اتان فارغ ٿي لٺ کڻي لوڪل بورڊ سان وڃي ٻه ٻه ھٿ ڪندو ته ٿر ۾ ترايون، بند ۽ کوهه کوٽائي ٿرين لاءِ روزگار پيدا ڪري ڏيو.“ دين ڌرم ۾ ڪو به ڀيد ڀاءَ اصل نه رکندو ھو. ڪولھين تي ڪک به نه سھندو ھو. ”مجال آھي جو ڪنهن ڪولھيءَ سان ڪو ڦڏو فساد يا ظلم زيادتي ڪري، چاھي اھو ڪھڙي ئي خان خانان جو پٽ کڻي ھجي يا مسڪين(جھان خان) جو سڳو ڀاءُ ڇو نه ھجي. ايستائين مسڪين ان جي پٺ نه ڇڏيندو، جيستائين ان فعل جي ان کي سزا نه ڀوڳائي يا ُھو توبهھ تائب ٿي ڪولھيءَ سان پورو وھنوار نه ڪري.“

ھيءَ آھي ھڪ مسڪين جي ڳالهه. جي اھڙا شھر شھر ڳوٺ ڳوٺ ۾ ٻيا به ھجن ته سنڌ جا، ٿر جا، لاڙ جا،  اتر جا،  وچولي جا ۽ ڇپر جا ڀاڳ ڀلا ٿي وڃن.

مائوزي تـُنگ (1972ع):

ھيءُ ڪتاب رسول بخش پليجي لکيو آھي. ڪتاب تي ڪسر نفسيءَ کان ڪم وٺندي، پاڻ کي جنرل ايڊيٽر لکيو اٿس. مائوءَ جي سوانح ۽ جدوجھد جي تاريخ ڪن اصل چيني ماخذن جي انگريزي ترجمن تان ورتل آھي. (مائوءَ جو اصل چيني زبان ۾ نالو مائوزتـُنگ آھي. اسين عام طور زي چئون ٿا). چيئرمن مائو عوامي جدوجھد ۽ ڪميونسٽ انقلاب جو باني ھو. ھيءَ دنيا جي ھڪ عظيم جدوجھد ھئي جا بي سر و سامانيءَ ۽ جذبي جي جھاجهه سان شروع ٿي ۽ ١٩٤٩ع ۾ عوامي چين جي آزاد مملڪت جي حصول تي مڪمل ٿي. ”لانگ مارچ“ جو ڏکيو مرحلو طئي ٿيو. ھي دنيا جي تاريخ ۾ ھڪ انوکو تجربو ھو. ھن قافلي جا سالار چيئرمن مائو، چو اين لائي، چـُوتي، ليوشائوچي ۽ ٻيا اڳواڻ ھئا. عظيم رھبر مائو ھو، جيڪو پيڪنگ لئبرريءَ مان اٿيو ۽ آزاد چين جو صدر ٿيو. آخري شھنشاهه پو اِي ان ئي لئبرريءَ جو انچارج اچي ٿيو ۽ ”شھنشاهه کان شھريءَ تائين“ ڪتاب لکيائين.

پليجي ھن ڪتاب کي اٺن بابن ۾ ورھايو آھي. انهن ۾ ابتدائي دؤر کان وٺي چنگ ڪانگ جيل ۾، لانگ مارچ، ڪومن تانگ سان ٺاهه، فتح ۽ عظيم پورھيت ثقافتي انقلاب جو ذڪر ڪيو ويو آھي. ثقافتي انقلاب جي سلسلي ۾ پليجو لکي ٿو :”١٦ مئي ١٩٦٦ع تي مائوءَ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جو اجلاس گھرايو. ان ۾ ھڪ نئين قسم جي زبردست انقلاب جو عام نقشو، پاليسيون ۽ پروگرام منظور ڪيا ويا. مائوءَ چين جي سمورن عوام دشمنن خلاف ھڪ اھڙي عجيب غريب فوج کي مارچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن جھڙي فوج ڪنهن به نه سـُئي ھئي ۽ نه ٻڌي ھئي.“ (ھن فوج ريڊ گارڊز جو بيان آءٌ ايندڙ عنوان سفر نامي ۾ ڪندس. آءٌ ھن ثقافتي انقلاب وقت پيڪنگ/ پيچـِنگ ۾ ھوس ۽ اھو احوال ’مائوجي ملڪ ۾‘  ڪتاب ۾ لکيو اٿم.)

سنڌ جا سورما(١٩٧٤ع):

جي . ايم . سيد جي ھن ڪتاب تي گھڻو واد واد ٿيو آھي. جن حلقن کي سنڌ جا ھي سورما پسند نه آيا، انهن سخت طوفان کڙو ڪيو. سورما ھي آھن : ”ڏاھر، دودو شھيد، دولهه دريا خان، مخدوم بلاول ۽ شاهه عنايت شھيد. سيد صاحب وطن پرستي، تصوف ۽ وحدت انساني جي پنهنجن نظرين ھيٺ ھنن پنجن شخصيتن جي سوانح عمري ۽ سياسي ڪردار جو جائزو ورتو آھي. دولهه دريا خان بابت لکي ٿو : ” نواب دريا خان ھن (ڄام نظام الدين ) منصف مزاج، منتظم ۽ مردم شناس حاڪم جو وزير اعظم ھو. ان بابت چوڻ ۾ اچي ٿو ته اصل ۾ ھي ڄام صاحب جي وزير لکمير وٽ نوڪر ھو. سندس اصل نسل جو پورو پتو نٿو پوي. سندس اوائلي نالو قبوليو ھو. ھڪ دفعي ڄام نندو شڪار تي نڪتو، ساڻس وزير لکمير به گڏ ھو. رستي تي ڄام صاحب کي اڃ لڳي. ڄام صاحب جو نوڪر پري ھو. ان ڪري قبوليي ڇوڪر کيس پاڻي آڻي ڏنو. ڄام صاحب ڏٺو ته ان ۾ ڪي ڪک پيل ھئا. ان بابت ھن کان ڄام صاحب سبب گھريو. ھن جواب ۾ ٻڌايس ته قبلا جن کي سخت اڃ ھئي، يڪدم پاڻي ڀري وري سواري ڪن ھا ته طبيعت تي خراب اثر پوي ھا. ان ڪري ڪک وجھي ڏنم ته سائين جن آھستگيءَ سان پين. سندس اھڙي عقل واري جواب کان ڄام صاحب متاثر ٿي کيس پاڻ وٽ نوڪر ڪري رکيو.“

ھن ڪتاب توڙي ڪن ٻين ڪتابن ۾ سيد صاحب جي ڪل ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ٤٠ ڪتابن جي فھرست به شامل آھي.

تذڪره مشاھير سنڌ (ٽن جلدن ۾ (١٩٧٤-١٩٨٥ ۽ ١٩٨٦ع):

مولانا دين محمد وفائيءَ ھي تذڪرو لکيو آھي ۽ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. ھنن ٽن جلدن ۾ گھڻو ڪري سنڌ جي عالمن، درويشن ۽ شاعرن جون سوانح عمريون ڏنل آھن. ٽنهي جلدن ۾ ڪل ٤٤٢ شخصيتون شامل آھن. فقط پھرئين جلد تي نوٽ ۽ حاشيا پير حسام الدين راشديءَ لکيا آھن. مولانا وفائي صاحب رسالي”توحيد“جي ايڊيٽر ۽ ٻين علمي ڪارنامن ۽ قومي خدمتن سبب ناليرو عالم رھيو. ھنن سوانح عمرين ۾ جيڪي ھستيون شامل آھن، انهن مان ڪي ھي آھن: ابو العطا سنڌي، احمد ڪتابي، ساھڙ لنجار، عبدالغفور ھمايوني، مرزا قليچ بيگ، پير محمد اشرف، مصري شاهه، نانڪ يوسف، مخدوم احمدي، پير پٺو، ڇـُٽو امراڻي، قاضي ڏتو، طاھر اڏيرو لال، شاهه عبدالڪريم، مخدوم عبدالرؤف، غلام علي مائل، قاضي قادن، مخدوم نوح، ابو طالب اگھمي، آخوند ٺارو بديڻي، شيخ حماد، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، فقير لله علوي، بيدل، خواجھ محمد خمان، محمد محسن ٺٽوي ۽ ٻيا. تذڪره جي پھرئين جلد جو اردو ترجمو به ٿيو.

وفائي صاحب، مخدوم احمد ڪتابيءَ جي باري ۾ لکي ٿو ته :”ھـُو اصل اگھم ڪوٽ جو ھو، سندس والد ٺٽي ۾ اچي رھيو، احمد، حال ۽ قال جو صاحب ھو. شروع زماني ۾ درس ۽ تدريس جو شغل جاري رکيائين. سندس شاگردن ۾ مخدوم عنايت لله ٺٽوي به آھي، جنهن جي فيض مان ھزارين ماڻھو فائديمند ٿيا. آخري عمر ۾ دنيا کان ترڪ تعلقات ڪري گوشي نشين ٿيو.“

مولانا وفائيءَ سوانح عمرين جو ھيءُ ڪتاب گھڻي محنت سان ترتيب ڏنو. سندس وفات کانپوءِ الف – ب وار ڪري شايع ڪيو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org