سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٽيون)

باب:

صفحو:7 

ڪھاڻي ”اندر جو ڄامڙو“ ھڪ ماڻھوءَ جي نفسيات کي ظاھر ڪري ٿي. ٽِڪو ولايت مان ھڪ نيگرو ڇوڪريءَ سان شادي ڪري موٽي ٿو. ڀاءُ جو گھر ھن جي زال جي رھڻ لائق نه آھي. زال مڙس ھوٽل ۾ رھن ٿا. وڏي ڀاءُ ۽ ان جي زال کي ڪي ساديون ۽ استعمال ٿيل شيون تحفي ۾ ڏين ٿا. اھڙي رويي مان ڄاتو وڃي ٿو ته ھو اندر جو ڄامڙو آھي ۽ دولت جي لالچ ۾ شادي ڪري آيو ته کيس وقت کان اڳ ٻار به ڄائو!

اياز قادري (١٩٢٦- ١٩٩٧ع):

قادريءَ جو مجموعو ”بلو دادا“ ١٩٥٧ع ۾ ڇپيو. ھن ۾ ١٣ افسانا آھن. افسانو ”بلو دادا“ ھنن افسانن ۾ نشانبر آھي. عجب آھي ته افسانن سبب مڃتا ماڻيندڙ اياز قادريءَ خود پنهنجي پي ايڇ. ڊي ٿيسز جي مھاڳ ۾ ھيئن لکي، افساني جي تذليل ڪئي: ”منهنجي مقالي جي ضخامت ڏسي دوستن ٻه ڳالھيون ورجايون ٿي. ھڪ ته ايڏو ڪتاب پڙھندو ڪير، ٻيو ايڏو ڪتاب ڇپيندو ڪير. جيتري قدر پڙھڻ جو تعلق آھي ته ھي ڪتاب انهن ماڻھن لاءِ نه آھي جيڪي وقت گذارڻ يا بوريت ختم ڪرڻ لاءِ صرف افسانا ۽ ناول پڙھندا آھن (١٠).“ بهرحال بلو دادا ھڪ ڏاڍي مڙس/ غنڊي/ شريف ھڏڏوکي ماڻھوءَ جو ڪردار آھي. ”ھو سڄي پاڙي ۾ بدنام ھو، ھرڪو ھن کان ڪؤ کائيندو ھو. جھڙو تهڙو ته ھن جو نالو به ڇرڪي وٺندو ھو. پئسي وارا ھن کي بنهه گونڊو سمجھندا ھئا. سندس نالو بلاول ھو، مگر کيس ڪوٺيندا ھئا بلو دادا. رنگ جو ڪارو ڪٺ، وار ننڍڙا، گھنڊيدار ۽ سخت، ڪيتري به تيل لائڻ سان نه نرم ٿيندا ھئا نه ڦڻي ڏيڻ سان ئي ڪنهن طريقي تي بيھندا ھئا.“ ھو ڳالھين جو ڳھير ھو. غريبن جو ھمدرد ۽ شاھوڪارن جو ويري ھو. لوفر ڇوڪرن جي گوشمالي ڪندو ھو. مطلب ته عوام دوست ۽ لڄپال ھو. شاديءَ تي ويندي ماستر دوست کي چيائين: شاديءَ کان وڌيڪ قضيي ۾ شامل ٿجي. گس تي ھڪ لاش کي دفنائڻ لاءِ ڀرواري بلڊنگ جي مالڪ کي مڪراني مڪ ڏيکاري پئسا وٺي تدفين جو فرض نڀايائين. ماستر کي دوست ھروڀرو ههڙي اعليٰ انسان بلو دادا جي سنگت سبب ٽوڪيندا ھئا. بلو دادا، شيدو ڌاڙيل يا پشو پاشا نه ھو. انهن کان مختلف ھو. نه ڪو ھو ڦل ماڇي يا ميرو نظاماڻيءَ جھڙو ڌاڙيل ھو. بلو دادا ھڪ ارڏو انسان ھو. غلطي ۽ ڏاڍ سھي نه سگھندو ھو.

امرجليل (ولادت ١٩٣٦ع):

سنڌيءَ جو مقبول ترين ليکڪ آھي. سندس پھرين ڪھاڻي ”اندرا“ آھي جا رسالي ادا (نواب شاهه) ۾ ڇپي. امرجليل ڊائلاگن وسيلي ڪھاڻين ۾ جان وڌي ۽ سندس موضوعن نوجوان نسل کي گھڻو متاثر ڪيو. جليل جي ڪن ڪھاڻين جا سرا نوان ۽ ڇرڪائيندڙ آھن. جليل جا مجموعا، دل جي دنيا (١٩٦٩ع)، جڏھن مان نه ھوندس (١٩٧١ع)، تاريخ جو ڪفن (١٩٨٣ع)، منهنجو ڏس آسمان کان پڇو (١٩٨٣ع)، سنڌو منهنجي ساهه ۾ (١٩٨٤ع) ۽ ٽيون وجود (١٩٨٦ع)، پنهنجي اشاعت جي سالن (٦٩- ١٩٨٦ع) جي دوران امرجليل جي مڪمل شخصيت ۽ ڪھاڻي، فن جي مڃتا جو باعث بنيا. ھو ھڪ سڄاڻ، سجاڳ (committed) ليکڪ جي حيثيت سان اڀريو. سندس ڪردار ڪھاڻيءَ جي واڌ ويجهه ۾ چٽا نظر اچن ٿا. انهن ۾ ڪي ماٺيڻا ته ڪي ڏاڍا جوان. ڪي زندگيءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجندڙ ۽ ڏاند جھڙا به. ”پل صراط“ وارو ’مان‘ به انهن مان ھڪ آھي. جيڪو پنهنجن ٻارن جي لشڪر جو پيٽ پورت ڪرڻ ۾ ئي پورو آھي. قربانيءَ لاءِ دنبو ڇا وٺي خود ئي دنبو بنيو پيو آھي. جليل جي پھرئين مجموعي ”دل جي دنيا“ وارا افسانا،”اروڙ جو مست“،”سياڻن ۾ ھڪ ڀوڪ“، ”بارنيس اسٽريٽ جو غنڊو“ ۽”دل جي دنيا“ گھڻو مقبول ٿيا. عجيب اتفاق آھي ته ھي مجموعو رھبر پبليڪيشن وارن شايع ڪيو ۽ جلد ئي جليل جي ڪھاڻي ”سرد لاش جو سفر“ جي رد ۾ ”ننگي لاش جو سفر“ آندائون جو رھبر ڊائجيسٽ جي مقرر معيار کان مٿي نه بيٺو.

جليل جي تحريرن ۾ اڪثر مزاح به شامل رھيو. ان جا به ڪي مثال آھن، جيئن ”چرٻٽ ۽ قلفي“ وغيره. ”جڏھن مان نه ھوندس“ ھڪ طويل ڪھاڻي آھي. ھڪ اھڙي ڪردار جي ڪھاڻي آھي جو رومانس سان گڏ وطن جي محبت ۾ گرفتار آھي. ان ڪري اختياريءَ وارن کي به گھربل آھي. زھره ھن جي ٻانهن ۾ مري ٿي. ھي به ھڪ تمثيل ۽ تشبيهه آھي. لکڻ ڏوهه آھي. آمر کي آمر چوڻ گناهه آھي. جذبات سان پر ھي ڪھاڻي فقط ڪھاڻي نه آھي. جليل سنڌ جي حالات جي پيش منظر ۾ گھڻو لکيو آھي. سنڌ جي سورن کي سياڻن جي زباني ته بيان ڪيو آھي، پر چرٻٽن ۽ ڀوڪن واتان به سنڌ جا سور بيان ڪيا آھن.

دعوائن ۾ ته ھڪ ئي صف ۾ محمود ۽ اياز بيٺل آھن، پر حقيقت ۾ اياز جو درجو گھٽ آھي. اِھا منافقي مسجد ۾ به گھڙي آئي آھي ۽ اياز کي لتون ۽ مڪون ئي سرن ٿيون. ”تاريخ جو ڪفن“ ۾ تاريخ پاڻ کي ڪيئن ٿي دوھرائي؟“

”منهنجو ڏس آسمان کان پڇو“ جي ڪھاڻين ۽ ڪردارن جي باري ۾ ڇا چئبو. انهن جي عمل جي دائري کي مٺ ۾ ڪيئن قابو ڪجي. جليل پاڻ ڪن ڪردارن ۾ موجود آھي. محرم علي جو بنا سسيءَ ڌڙ سوال پڇي رھيو آھي! ’سماج سڌارڪ‘ جوابدار آھن؛ پر کين ڪير چئي ”عاشق ۽ شھيد موٽي ايندا آھن“، انهن جون قربانيون اجايون نه وينديون آھن. ائين محرم علي به موٽي آيو.

جليل جي ڪھاڻين، ڪالمن  ۽ ليکن ۾ ڪي ڪردار مسلسل ساٿ نباھين ٿا. مثال سنڌو، چينو ۽ ڏاند وغيره. ليکڪ جي ڳالهه، انهن کان پڇيل سوال ۽ سندن ڏنل جواب ۾ ٺيڪ ملي ٿي. ائين ”قربان علي ڪنگلي جو روح“ پڙھبي ته ڪي پئرائون ۽ جملا مزاحيھ لڳندا، پر انهن ۾ جي ڳوڙھيون ڳالھيون آھن، سي امرجليل کي ظاھر ڪن ٿيون.

ريڊيو ۽ ٽي وي ڊراما به جليل جي ڪھاڻين کي ظاھر ڪن ٿا. ائين سمجھون ته نيٺ گونگي ڳالھايو، پر اڃان گونگي جي پيٽ ۾، ۽ الماڙيءَ ۾ لڪايل ڪاغذن ۾ گھڻو ڪجهه آھي.

حميد سنڌي (ولادت ١٩٣٩ع):

ھڪ اديب ۽ گھڻ پاسائين شخصيت، پيارو پيارو ڄڻ ھر ملڻ واري سان جنم جنم کان پنهنجو. ڪھاڻين جي ڪري خاص اھميت. رسالي”روح رھاڻ“جو روح روان ۽ زندگي پبليڪيشن جو مھتمم. ھن جون ڪھاڻيون ھن جي حقيقي زندگيءَ جي جھلڪ ۽ مشاھدي جو نتيجو آھن. مجموعا: سيمي (١٩٥٨ع)، اداس واديون (١٩٦٥ع)، ويريون (١٩٨١ع)، راڻا جي رجپوت (١٩٨٤ع)، جاڳ به تنهنجي جيءَ سان (١٩٩٦ع) ۽ دردونديءَ جو ديس (٢٠٠٢ع). ڪو وقت ملازمت ۽ ٻين خفن ۾ گرفتار، ته به ڪھاڻيءَ سان نباھيو اچي.

حميد جي رسالي”روح رھاڻ“واري خدمت سڄي سنڌ تسليم ڪئي. ڪھاڻيءَ ۾ به ھڪ انفراديت ۽ حقيقي واقعن جو تاثر ۽ بيان شامل ڪندو آيو.

”ويريون“ ھڪ ڪٽنب جي وچ ۾ پيل جدائيءَ جي ديوارن جي ڳالهه آھي. ڪلهه جيڪي گڏ ھئا سي پنهنجو پنهنجو ويڙھو جدا ڪري ويٺا. نه تنهنجو سٽ نه منهنجو ڪپاهه! نيٺ دلين جي ھن جدائيءَ کي ٽوڙيو ويو. ”رئيس محمد ابراھيم!اچي ھيءَ تيش وٽ. اھي ويريون ٽوڙي ڇڏ. گھٽ ۾ گھٽ پاڻ واري ويري ته ڊاهه! اڙي سڀ گھٽجي مري ويندؤ. اڙي دٻجي مري ويندؤ. اڙي ويريون ڊاھيو ته دليون صاف ٿين.“

دلين جي ڪٽ جي ڪري ته ھي جدائي ٿئي ٿي. ھيءَ ھڪ ڪھاڻي سنڌ جي اڪثر ويڙھن ۽ ويرين جي ڪھاڻي  آھي. اھڙيءَ طرح حميد جي ڪھاڻي ”راڻا جي رجپوت“ محبت ۽ مجاز جي ھڪ سھڻي ڪٿا آھي، ان ۾ سنگيت به ھڪ موضوع آھي. رڳو شعر ڏيڻ سان ڪھاڻيءَ جو ٽيمپو ڍرڪي ٿو پوي. ”جاڳ به تنهنجي جيءَ سان“ جي مھاڳ ۾ تنوير عباسيءَ، حميد جي ڪھاڻين جي ڪردارن جي سھڻي تورتڪ ڪئي آھي. اھي ڪردار حميد جا ڏٺل وائٺل آھن. ڪن سان ڄڻ واسطو پيو آھي. ڪھاڻي ”پرديسي پکيئڙا“ جو بچل پوڙھو ٿي پٽ کي به نصيحت ٿو ڪري ته خيال سان کانڀاڻي ڦيرا ۽ ڪنهن پکيءَ جو کنڀ نه ڪري. ائين ٻيا ڪردار ڄڻ افسانه نگار جي ڏک سک جا ساٿي. حميد خوش نصيب آھي، جنهن کي تنوير عباسي، آغا سليم، مھتاب محبوب، قمرشھباز ۽ خواجھ سليم جھڙن ليکڪن جو ساٿ مليو، جن سندس شخصيت ۽ فن بابت ڪھاڻين جي مجموعن ۾ دل کولي لکيو؛ نه ته ڪڏھن لکڻ وارو اڻڄاتل ۽ اڻ ڳاتل رھجيو وڃي. حميد جي تحريرن ۾ ڏينهون ڏينهن اسلوب، انداز بيان ۽ جذبات ۾ اڀار ايندو وڃي ٿو. اِھا ڳالهه آخري مجموعي ”دردونديءَ جو ديس“ ۾ چٽي نظر اچي ٿي. ساڳئي نالي واري ڪھاڻي رومانس جي اپٽار آھي. انسان جي يادن جي جزيري جا پرتوا، بيان جي لھرن تي لڏن ٿا. زندگي ۽ يادون، ماضي ۽ حال انسان سان گڏ ھلي ٿو. ليکڪ اھڙن معاملن کي خوبصورتيءَ سان ھڪ نئون رنگ ڏين ٿا. حميد سنڌي، ڳالهه کي وزنائتي طرز سان ڪري ٿو ۽ زبان جي لحاظ کان به ڪاميابيءَ جي بلندين کي ڇھي ٿو.

نسيم کرل (١٩٣٩- ١٩٧٨ع):

سنڌي زبان جو سڄاڻ ليکڪ نسيم دشمن جي حملي جو شڪار ٿي ويو، پر ٿوري وقت ۾ ٿورين ئي ڪھاڻين سان سنڌي زبان جي جھولي ڀري ويو. سندس مجموعا آھن: ”شبنم شبنم ڪنول ڪنول (١٩٦٦ع)، چوٽيھون در (١٩٧٣ع) ۽ ڊمي (١٩٨٤ع). پوئين مجموعي ۾ ڪي مضمون به شامل ڪيل آھن. نسيم جي ڪھاڻين ۾ ڪافر، ڊمي، ڪني آڱر ۽ چوٽيھون در خاص طور مقبول رھيون. ’ڪافر‘ ۾ نسيم ان منافقيءَ جو پردو فاش ڪيو آھي، جنهن موجب ڪنهن کي مسلمان ته ڪجي، پر کيس سڱ نه ڏجي! سيتل اوڏ ان ڪري ئي پنهنجي گنات ڏانهن موٽي ويو. عبدلله نه ٿي سگھيو. ”ڪافر نيٺ ڪافر!“ مولوي چيو.

’ڪني آڱر وڍي چڱي‘ وارو پھاڪو نسيم جي ڪھاڻي ”ڪني آڱر“ جو عنوان آھي. سڀ ڪنهن کي پنهنجا سور ٿا سجھن. في الحال اھي ھئا زينب جا! جي طلاق ملي ته مڙس زمين کان محروم رھي. جڏھن مئو ته زينب کي ڇوٽ ملي ويئي. اھڙيءَ طرح ڪھاڻي ”چوٽيھون در“ پوليس جي بي پرواھيءَ جو مثال آھي. سکر بئراج جي چوٽيھين در ۾ لاش ڦاٿل ھو. سسي ڪپيل ھئس. گيج ريڊر پھرين سکر ٿاڻي تي رپورٽ ڪرڻ لاءِ وڃي ٿو. چڱي آڏي پڇا کان پوءِ معلوم ٿيو ته عورت جو لاش ته چوٽيھين در ۾ ڦاٿل آھي ۽ اھا روھڙي ٿاڻي جي حد آھي! ”بابا! روھڙي ٿاڻي تي وڃ.“ وري اوڏانهن ڀڳو ۽ ساڳي آڏي پڇا ۽ ڊيگهه! ماڻھو ڀڳو ته پڪ ڪري ته لاش ڪھڙي در ۾ ڦاٿل آھي. ان اچي ٻڌايو ته لاش ٽيٽيھين در ۾ ڦاٿل آھي، اھا سکر جي حد آھي. ھاڻي ته گيج ريڊر ڪوڙ ڳالھائڻ جي ڏوهه ۽ پوليس جي آرام ۾ خلل وجھڻ جي جرم ۾ ئي ڦاٿو. موٽي اچي پڪ ڪري ته لاش ٽيٽيھين در مان به نڪري وري چوٽيھين در ۾ ڦاٿل نظر آيو. نيٺ چوٽيھين در جي چاٻيءَ ۾ ھٿ وجھي لاش لوڙھي ڇڏيائين!

ڪھاڻي ”ڊمي“ به ھڪ شاھاڻي سوچ واري بيگم جي ڪھاڻي آھي، جا پنهنجي ساڙھيءَ جھڙي ساڙھي ميزبان جي نوڪرياڻيءَ کي پاتل ڏسي سڄي شاھاڻي سوچ سميت ڄڻ زمين تي ڪري ٿي پئي. نسيم جي ڪھاڻين ۾ ڪردارن جي مڪالمن ۾ اھائي زبان آھي، جا ان طبقي جا ماڻھو ڳالھائين ٿا. سندس ڪھاڻيون،”پھرين مراد“،”اِٽالو پڊنگ“،”مڪسڊ گرل“۽”گٽس“به سنڌي ادب ۾ اھم مقام رکن ٿيون. نسيم جون سڀ ڪھاڻيون گڏ ھڪ جلد ۾ به ڇپيل آھن.

رسول بخش پليجو (ولادت ١٩٢٩ع):

سندس انقلابي سوچ ۽ مطالعي جو نتيجو ھيٺيان ڪتاب آھن: انڌا اونڌا ويڄ، جيڪي بنگال سان ٿيو، مائوزي تنگ، ھوچي منه، منهنجي آتم ڪھاڻي، انقلاب ۾ ادب ۽ فن جي اھميت، ڌراڙن جا ڌڪ، ڳالھيون ڳنوارن جون ۽ سندي ذات ھنجن. افسانن جو مجموعو ”پسي ڳاڙھا گل“ پليجي جي ڪھاڻي، فن ۽ سجاڳ سوچ جو نتيجو آھي. ھن مجموعي ۾ سندس ڇهه ڪھاڻيون آھن. انهن ۾ حقيقت نگاري ۽ زبان جي خوبي ته آھيئي، پر ظلم جو نشانو ٿيل ڪردار ٻولي رھيا آھن. ”پسي ڳاڙھا گل“ جي ملوڪان انهن ڪردارن ۾ اول آھي، جنهن محبت ۽ جذبات جي نتيجي ۾ ڀوڳيو. ھن جي زندگي پاڻ لاءِ نه ھئي ۽ مائٽن جي فيصلي جي پابند ھئي. فيصلو نه مڃيائين ۽ ڳجهه ڳوهه ۾ ياروءَ سان نڪري ويئي ۽ جلدي اھو دؤر به خوفناڪ نتيجي تي پھتو، جتي پيءُ به ملڻ کان ڪيٻائي ٿو. الائي ڪيتريون ملوڪائون آھن، جي ھن ڪٺور مرحلي مان لنگھيون ۽ منهن ڀر وڃي ڪريون، توڙي ڪھاڙين جو کاڄ بنيون!

پليجي جا ڪردار ھن جي مشاھدي مان نڪتل آھن، جيڪي ڀوڳين ٿا ۽ جيڪي ظلم ڪن ٿا. ھن جي زبان به ڪردار جي حيثيت موجب آھي. ھو لاڙ جو آھي ۽ لاڙ جي فطري محاوري کي ضرورت ۽ موقعي آھر اصلي رنگ ۾ ڪم آڻي ٿو. اھا زبان، جتي باهه ٻري، پسي ڳاڙھا گـُل ۽ بختاور ۾ خاص طور نمايان آھي. ان کان سواءِ ھو فقط افسانو لکڻ خاطر افسانو نٿو لکي، بلڪ پرماريت، ظلم، جھالت ۽ فرسودهه سوچ جي خلاف ھڪ سڄاڻ ۽ سجاڳ انسان وارو پنهنجو حصو ادا ڪري ٿو. جيئن سنڌ جي سماجي حالت سڌري سگھي.

”چنڊ جا تمنائي“ (١٩٦٣ع) ۽ ”ڌرتي روشن آھي“، آغا سليم (ولادت ١٩٣٥ع)، جي افسانن جا مجموعا آھن. ناول آغا سليم پوءِ لکيا. شاهه عبداللطيف، بابا فريد ۽ ٻين شاعرن تي ڪتاب به گھڻو پوءِ لکيائين. افسانا سندس ادبي زندگيءَ جي ابتدا ۾ آيا. انهن ۾ سندس شخصيت جا پاڇا به نظر اچن ٿا. ھن جو پنهنجي پراڻي قلمي نالي سان به ھڪ افسانن جو مجموعو ”لذتِ گناهه، ڇپيل آھي. ان کان پوءِ جا افسانا نسبتا مختلف آھن. سندس جوڀن کان ھي ڪھاڻيون سرجيون آھن. ”نيٺ بهار ايندو“ ۾ ٻن ڀائرن جي ڪھاڻي آھي، جي مالي حالت موجب به مختلف آھن ته سوچ ۾ به. ڪھاڻي ”چنڊ جا تمنائي“ محبت ۽ مجاز جي موضوع جي چؤگرد ڦري ٿي. وصال ۽ فراق جا رنگ پسائي ٿي. ان ئي محبت جا معاملا ”ڊڄڻي“ ۾ آھن، جي سھيلين جي خطن وسيلي اجاگر ٿين ٿا. ”سڄڻ نت سوجھرو“ ۾ انساني انا جو مسئلو ڇيڙيو ويو آھي، جنهن ڪري پاڻ تي جبر به ڪرڻو پوي ٿو.

ٻئي مجموعي ”ڌرتي روشن آھي“ ۾ آغا سليم ڪھاڻين لکجڻ جو مختصر بيان خود پيش لفظ ۾ ھيئن ڪيو آھي:

”اڄ کان ويهه ايڪيهه سال اڳ مان ڪجهه ڏينهن لاءِ حيدرآباد ۾ ھڪڙي ھوٽل ۾ رھيو ھوس. اتي جو ڪجهه مون ڏٺو يا جن ڪردارن سان مليس، انهن جي باري ۾ مون”درد جو شھر“ڪھاڻي لکي. ان کان پوءِ ترت ئي مون آسٽريليا ۽ ھانگ ڪانگ جي سفر جي پس منظر ۾”درد جا رشتا“،”پل پکيئڙا“ ۽”اکيون آرسيون“ڪھاڻيون لکيون(١١).“

”ھيءَ ھڪڙي ھوٽل آھي“ (درد جا رشتا)، ڪھاڻي ھيئن شروع ٿئي ٿي. ھوٽل ۾ رھندڙ ماڻھو نمونن جا ۽ مختلف طبيعتن وارا آھن. ھيءَ حيدرآباد جي گڊس ناڪي جي ’ھوٽل شيزان‘ به ٿي سگھي ٿي، ڪا ٻي به! ڪيئي ڳالھيون ٿين ٿيون. ھوٽل جو ھڪڙو رھاڪو ’مان‘ به ٻين سان لهه وچڙ ۾ اچي ٿو ۽ ھڪ ڪھاڻي جنم وٺي چوٽ (climax) تي پھچي ٿي.

جھاز لنڊن کان سڊني وڃي رھيو ھو، ان ۾ ھڪ ڪھاڻي سرجي ٿي ۽ ملاقاتن ۾ سماج ۽ ادب بحث ھيٺ اچي ٿو. ’مان‘ پنهنجي ڳالهه ڪري ٿو ته ايلز پنهنجي ڪٿا بيان ڪري ٿي. مغرب ۽ مشرق جي اپٽار ٿئي ٿي. ايشيا جو ھيڻو حال پڌرو ٿئي ٿو. سماج واد ۽ سامراج جا نالا حوالا اچن ٿا. ھڪ طرف آمريڪا بهادر آھي ته ٻئي پاسي بالشيوڪ انقلاب جو قصو اچي ٿو. ڪيئي روماني لمحا ۽ نيٺ موٽ. ھن طويل ڪھاڻيءَ ۾ آغا گذريل لمحن کي لفظن جي پيتيءَ ۾ بند ڪرڻ جي ھرڪا ڪوشش ڪئي آھي. جذبات جي دنيا ۾ گذريل لمحا ئي ته يادن کي زنده رکن ٿا. جيئن نياز ھمايونيءَ چيو: اي درد ھلي آءٌ ته يادن جي جزيرن ۾ ھلون!

قمر شھباز (ولادت ١٩٣٨ع):

لوڪل بورڊ ھاءِ اسڪول نواب شاهه جو کلمک ۽ سدا بهار شاگرد، سنڌيءَ جو سٺو ناٽڪ نويس، شاعر ۽ افسانه نگار بنيو. ناٽڪن ۽ ٽوٽڪن ۾ قمر ھڪ مزاح نگار وانگر لڳي ٿو، پر زندگيءَ جي پيچرن تي ھلندي ھن جي سموري کل گم ٿي ويئي ۽ ھو ادبي دنيا ۾ ھڪ سنجيدو شخص ٿي اڀريو. ڪھاڻيءَ ۾ به قمرشھباز مڃتا جو مقام ماڻيو. مجموعو ”قمر شھباز جون چونڊ ڪھاڻيون (١٩٨٣ع)ان ڳالهه جو ثبوت آھي. ھن ۾ ٻارھن ڪھاڻيون آھن، جن ۾ اھي جيئرا جاڳندا ڪردار آھن، جيڪي زندگيءَ جون ٿڌيون ڪوسيون سھن ٿا. ھڪ ٻئي سان سک ۽ ڏک ونڊين ٿا. ڪلھوڪي مارئي، اڄوڪي جيني، دنيا جو ھي ڪارزار ۽ انسانيت جو مستقبل، ڪن ڪردارن جي عمل سان ئي ته آھي (مارئي). ڪھاڻي ”واگهه نک“ ليکڪ جي ھڪ سفر جي ذڪر سان گڏ جذبن جي پالوٽ رکي ٿي. اھو سفر قمر ھتان ھڪ نمائندي طور بلغاريھ ڏانهن ڪيو. پلاڊيف ڏانهن سفر، ماريو شيديءَ سان ملاقات، ان جي ڪھاڻي ۽ جذبات جي لھرن ۾ پڄاڻي. سفرنامي جي صورت ۾ ڪھاڻي آھي ۽ سفرنامو به! آخر ۾ ليکڪ جو گيت به ڪھاڻيءَ جو حصو بنجي ويو آھي. افسانو ”کجيءَ جو جن“ ڪنهن جاءِ ۾ ھجي ته ھرڪو ان کان پري رھندو. ڪو ھوندو جو چاھيندو ھوندو ته ھت ڪير نه رھي ۽ آءٌ پنهنجون ڪارستانيون ڪندو رھان. جي ڪو رھڻ لاءِ ضد ڪري ٿو ته ان کي مڏيءَ سوڌو ٻاھر اڇلايو ٿو وڃي. اھا رمز سڄي دنيا ۾ موجود آھي. تنهنجي منهنجي ڪھاڻي ۽ احساس جو صليب به زندگيءَ جي کٽن مٺن تجربن، مشاھدن ۽ واقعن جون ڪھاڻيون آھن. ڪتاب جي آخري ڪھاڻي ”قصو چوٿين درويش جو“. داستان چھار درويش مان ھڪ درويش جي زباني آھي. موجوده زماني جي حالات تي ھڪ طنز آھي.

رشيد ڀٽي (١٩٣٣- ١٩٨٨ع):

پھرين مزاح نگار ۽ پوءِ ھو ھڪ سنجيدي ۽ قوم پرست ليکڪ طور ظاھر ٿيو. ڪجهه شعر، ناول، ترجما ۽ ناٽڪ لکڻ سان گڏ پوئين زندگيءَ ۾ ڪھاڻيون لکيائين. ڪھاڻين جا مجموعا رشيد جي دل جي نه رڳو جذبن کي کولي ظاھر ڪن ٿا، پر ھن جي فني قابليت به سامھون آئي. ”گھڙي گھڙي ھڪ گھاءُ“ کان پوءِ، رشيد جون ڪھاڻيون ”سياري جي رات“ ۽ ”ديس ستا دل وارا جاڳيا“ مجموعن ۾ ھن جي ڪردارن جي واتان ڳالھائي رھيون آھن. ھڪڙي ئي ڪھاڻي ”سڙيل نوڙي“ ڪردار نگاريءَ جو شاھڪار آھي. ان جو سورمو ادو وڏو ڪا ٻي چيز آھي، جي کٽو ته به خان آھي. لوڪ لکا ڏيڻ وارو ناھي. رشيد جو بياني انداز ادي وڏي کي ھيئن متعارف ٿو ڪرائي: ”جان سنڀرون، تان سندس ساڳيو ئي حليو ۽ حال ڏٺوسين. ساڳيو روزمره جو چالو. سياري اونهاري سرءُ بهار ساڳي پوشاڪ ۽ روٽين. محموديءَ جي شلوار ٽھ- ڏري، وائل جو ڪڙتو، پيرن ۾ تنهن زماني جو مشھور زمانه ائرسٽوڪريٽ جو نوڪدار شو ۽ مٿي تي گيڙو رنگ رتل وڏي تري وارو پٽڪو. ڪڙتي مٿان ٻارھوئي ڪوٽ (اونهاري ۾ الپاڪي جو ۽ سياري ۾ ڪشميري جو) پر بٽڻ سدائين کليل. ڪڙتي جي اڳئين کيسي مان سدائين سؤ روپئي جو نوٽ ٻيڻو ٿيو پيو جھاتيون پائيندو.“ پر اھو ٺٺ ٺانگر مالي حيثيت ۾ نه رھيو، ملڪيت نه رھي ته به خالي حيثيت ۾ رکيو آيو. اعليٰ گريڊ جون گاريون سندس وات مان ڪلاشنڪوف جي صورت ۾ ڇٽنديون ھيون. سلام جو جواب ڪنڌ جي ٿوري لوڏ سان مس ڏيندو. ٻٽاڪ جي حد نه. گھمڻ ڦرڻ کانپوءِ رڳو وات جو چشڪو سير جا بيان ڪو ٻڌي!

رشيد ڀٽيءَ ادي وڏي جي ڪردار نگاريءَ ۾ دنگ ڪري ڇڏيا آھن. شايد ئي ڪو ڪردار سنڌي ادب ۾ ادي وڏي جي ڪردار سان برميچي سگھي. ڪھاڻيءَ جي تسلسل کي پوئين حصي جا ڪي بيان ڪمزور ڪن ٿا. نه ته ادي وڏي جي لئھ ۾ پوءِ به ڪا ڪمي ناھي. ادو ڪرسيءَ تان ڪريو ۽ بيمار ٿيو. ترت وڃي ڌڻي در پھتو. چيني پھاڪي جو نمونو ھو. ”سڙيل نوڙيءَ مان وٽ ڪڍڻ جي ڪوشش نه ڪريو توھان کي رک جي ڍير کان سواءِ ڪجهه پلئھ نه پوندو.“ اڙدوءَ واري چيو ته رسي جل گئي بل نه گيا!!

رشيد جي ھيءَ ھڪ ڪھاڻي ئي لکي ھا ته به سندس نالو ادبي جائزن ۾ اچي وڃي ھا. ھونئن سندس ڪھاڻيون ”ديس ستا دل وارا جاڳيا“، ”وطن دوستي“ ۽ ٻيون به نهايت معياري آھن. ڪي قومي جذبي سان لکيل آھن.

طارق اشرف (١٩٤٠- ١٩٩٢ع) ۽ غلام نبي مغل (ولادت ١٩٤٤ع):

ٻئي دوست، سھڻي پبليڪيشن، اداره ادب نو ۽ پوءِ نيو فيلڊس سندس ڪتاب ڇاپيا. ھڪ ٻه- ڪتابي صورت ۾ طارق ۽ مغل جون ڪھاڻيون ڇپيون. ھڪ پاسي کان طارق اشرف جون ”سونهن پٿر ۽ پيار“ ۽ ڪتاب کي ٻئي پاسي کان پڙھو ته مغل جون ڪھاڻيون ”نئون شھر“ جي نالي سان. ان کان سواءِ طارق، ناول، خط ۽ جيل ڊائري وغيره به لکي. طارق جا افسانا ڪتابي صورت ۾ ”زندگيءَ جو تنها مسافر“ ۽ ”درد جا ڏينهن درد جون راتيون“ ڇپيا. اھي سندس پيڙا جو نتيجو آھن. فني لحاظ کان طارق اشرف ڪنهن به طرح ادبي سطح تي بطور ڪھاڻيڪار مڃتا نه ماڻي سگھيو(١٢). ان جي برعڪس غلام نبي مغل باوجود جنسياتي مسئلن تي لکڻ جي فني لحاظ کان ۽ ڪھاڻيءَ جي اسلوب سبب ھڪ مڃيل ليکڪ طور اڀري آيو. سندس ڪھاڻين جا مجموعا: ”رات جا نيڻ“ (١٩٦٩ع) ۽ ”رات منهنجي روح ۾“. (١٩٧٨ع) ان جو ثبوت آھن. مغل جو جنسيات تي لکڻ آسانند مامتورا کان مختلف آھي. ھن عام ڪردارن جي ھيجان انگيز زندگيءَ ۽ ڌنڌو ڪرڻ وارن ڪردارن تي لکيو. ان سلسلي ۾ سندس ڪھاڻيون ”ريشمي وار“ ۽ ”جي رلن ٿا پرين ڪاڻ“ ڳڻجن ٿيون. ”شيشي جو گھر“ ۽ ٻين ڪھاڻين جي ڪري کيس مشھوري ۽ مڃتا ملي. ان جو ھڪ سبب سندس اسلوب به ھو. ڪن ماڻھن جنسياتي ڪھاڻيون لکي اھا جاءِ وٺڻ گھري جا غلام نبي مغل جي آھي؛ پر سستي ادب ۽ فحاشيءَ سبب اسري نه سگھيا. سندس ھڪ مجموعو ”سٺ ستر اسي“ به آھي ۽ ٻه ناول به آھن.

عبدالقادر جوڻيجو (ولادت ١٩٤٥ع):

سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ جاءِ پيدا ٿي ته ھو ڊرامن ڏي ھليو ويو. ريڊيو ۽ پوءِ ٽي ويءَ جي مشھوري عبدالقادر کي گھڻي حاصل ٿي. سندس ڊراما ترجمو ٿيا ۽ پوءِ اردوءَ ۾ ڊراما لکڻ لڳو. کيس ڪھاڻيءَ جو ڏانءُ آھي. ٻهراڙيءَ جي زندگي ۽ اتان جو ڀاڄ ڪلچر کيس گھڻو متاثر ڪندو رھيو. سندس ڪھاڻي ”واٽون راتيون ۽ رول“ به اھڙو مثال آھي. محمود سٻاجھيءَ کي ڀڄائي ٿو. ھڪ ٻن ھنڌ ترسي ٿو، پر ڏسي ٿو، پڪي پناهه نه ملندي. ھو سٻاجھيءَ کي ماري ٿو ڇڏي.

عبدالقادر جا مجموعا: واٽون راتيون ۽ رول“ تقريبا ساڳين ڪھاڻين تي مشتمل آھن. ھن جا ڪردار ۽ انهن جون ننڍيون ننڍيون خوشيون، جدا جدا سوچ رکڻ وارا آھن. انهن جي زندگيءَ جي مختلف پھلوئن جي اپٽار ھو ڪاميابيءَ سان ڪري ٿو.

عبدالقادر مطالعي جو شوقين آھي. دنيا جي اديبن مان چونڊ ماڻھن بابت به لکيو اٿس. ان سان گڏ ڳوٺ جي نفسيات به سندس تحريرن ۾ آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org