سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: بک عشق ادب

باب: --

صفحو : 5 

رکي رکي من ڪوٽڙيءَ ڏانهن ڀڄندو هو، پر اتي نياضي نه ڏسي پورو من سنگهه جي ڪمن ۾ لڳايم، روز حاضر. روز جاسوسي. مارا ماري. خواهه رانديون ڪندي ٽنگ تي ڪافي ڌڪ لڳا. پهرين علاج نه ڪرايان. پئسا هجن به ته. وري ٽڪو پئسو وٺي ڪرايان ته زخم مهينا هلن. منهنجي نشاني ٽنگ تي ڪا پٽي.

ان انقلابي خيمي ۾ جتي هٿيار هوندا هئا. هندن جي ڌرم، سنسڪرتي، ساهت، نرت، پراڻن مندرن ۾ انهن جي مهارت تي ڪافي بحث هلندو هو. اسين ڪلفٽن تي شوَ جي مندر ۾ وڃي سنسڪرت ۾ گيتا ڳائيندا هئاسين. ڏهن اوتارن، جن مان نوَ ٿي چڪا آهن، انهن جون ڪٿائون ٻڌيوسين، هن ديش ۾ ڪجهه نهايت سندر ۽ الوڪڪ آهي، جو بچائڻو آهي، ڪجهه اديت ۽ رهسيه مئه.

گهر جي حالت ڪجهه هن ريت هئي. گهر ۾ بيڊ روم ۽ هال. ٽائيلس فقط ڪوٺين ۽ بالڪنين ۾ هيون، جي ٻه هيون. رنڌڻي، ڪاڪوس، سنان جاءِ سان گڏ اسٽور روم به هو. مسواڙ اڻويهه رپيا. پاڻي نلڪن رستي. ڪوٽڙي ۽ سکر جيان پخالي ڪونه کڻي ايندا هئا.

دادا کي انگريزي مليٽري ڪئمپ ۾ گروسر جي نوڪريءَ جي آڇ ٿي ۽ هو وڏيءَ پگهار سان ان ڪم تي لڳو. للت پور، بينا، ساگر ۽ چترپور ۾ ڪم ڪيائين ۽ ورهاڱي وقت سندس شاپ ڪلياڻ مليٽري ڪئمپس ۾ ٿيو. يعني هاڻوڪي الهاسنگر ۾، جتي اسان جو ڪٽنب پهريون سنڌي ڪٽنب هو، جو آباد ٿيو.

ناني به برنس روڊ تي سيوهاڻي ڪلب مٿان وڏو گهر ورتو، جتي پنج بيڊ روم هئا. مامو موهن بٽاڻي دادا کي ڀائيندو هو ۽ لاهور ۾ ٻه چار مهينا اچي ٽڪيو هو. ڪراچيءَ ۾ هر ديوي هاءِ اسڪول ٻاهران ڇوڪرين کي تڪيندو هو ۽ اڪثر هڪ کي سائيڪل تي چاڙهي، برنس گارڊن وٺي ويندو هو. اهو به دادا وٽ ويو ۽ ڪم تي لڳو. هڪ ڏينهن تار آئي ته ڪن ۾ سور پوڻ سبب هو گذاري ويو ۽ دادا کي گرفتار ڪيو ويو آهي. بعد ۾ معلوم ٿيو ته هڪ انگريز جو هن سان جهڳڙو ٿيو ته هندستاني ڪتا آهن. جنهن تي مامي مڪ هڻي، هن جا اڳيان ڏند ڀڃي ڇڏيا. کيس امالڪ شوٽ ڪيو ويو. داد تي مقدمو هليو ۽ کيس ٻه ٽي سال جيل جي سزا ڏني وئي. داد اهو ڪيس چڱيءَ طرح ڪڏهن نه ٻڌايو. کيس پنهنجو اهو سالو ڏاڍو پيارو هو. هن جي شڪل هوبهو ڌرميندر جهڙي هئي. سندس ان بهادريءَ ۽ شهادت جي خبر ڪنهن اخبار ۾ نه ڇپي. ماءُ تار پڙهي بيهوش ٿي ويئي. پوءِ سندس ڪپڙا، جي امان وٽ هئا، انهن کي ڇاتيءَ سان لڳائي ڏاڍو روئيندي هئي.

الهاس نگر ۾ حشمت ڪيولراماڻي منهنجي ماءُ سان گڏجندو هو ۽ چوندو هو ته هو هڪ عظيم سنڌي عورت آهي. تن ڳالهين جي مون کي خبر نه آهي. ڪراچي ۾ هن مون کي ٻه اڇيون پينٽون ۽ اڇيون قميصون سبائي ڏنيون. اڇا جوراب. اڇو ٽينس شو. اڇو رومال. اها ڊريس پائي، ڪوٽڙيءَ نياضيءَ وٽ ويو هئس. منهن به اڇو، جو اُسن ۾ رلي سانورو ڪري ڇڏيم.

هينئر به قميص لاهيان ته لڳندو شڪل هڪ جي آهي، بدن ٻئي جو آهي. بدن اڃان به ڪافي اڇو اٿم. سکر ۾ هڪ پائي خرچي ملندي هئي. جنهن مان اسڪول ۾ ٽي پوريون ۽ دال کائيندو هوس. ڪراچيءَ ۾ چار آنا. ٻي آني ۾ ايترو گوشت ملندو هو جو آرام سان ڇهه مانيون کائي وڃجن. آني ۾ چانهه. اهي به زمانا هئا. فلمون اڃا به ڏسندو هوس. ڀاءُ گلو، دادا سان هو ۽ ٻن ڀينرن جي شادي ٿي چڪي هئي.

ليکڪ مون کي ماءُ ئي بنايو، ”خزانچي“ فلم ۾ گانو هو: ڪئڪان دي فصلان. . . هوءَ سکر مان لاهور داد کي خط لکندي هئي: اها نڀاڳي نڀاڳي ايڪسپريس هئي. مان هم عمر مامي رام کي خط لکندو هوس: اها نڀاڳي نڀاڳي مڪسڊ هئي، يعني هلي ته مليل بيهي ته گوڊس گاڏي. ڀاڀي چوندي هئي: تون جڏهن منهنجي اميدن ۾ هئين ته تڏهن مان رامايڻ پڙهندي هيس ته تون ڏاڍو گوڙ ڪندو هئين، پر مهاڀارت وقت چپ رهندو هئين.

ها ماءُ، مان ضرور ان ڪري چپ ٿيندو هوس، جو سوچيندو هوندس ته اهو ڪهڙو سچ هو، جنهن جي گهوڙي تي غلط سواري ڪندي، ڪرشن پوري هڪ يُگ کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ يُگ پرش بڻيو.

هڪ دفعي لک ڇپ راند ڪندي، ميٺارام هاسٽل ۾ هليو ويو هوس ۽ هڪ روم ۾ وڃي لڪو هوس. پاسي واري روم ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي بحث ٿي رهيو هو. پوءِ راند وسري ويئي. اتي ڪجهه وقت آئون اڀياس ڪلاس سامهون وڃي بيٺو هوس. اڇي ڊريس ۾ هوس مان ۽ اهو خيال به ته مان زندگيءَ ۾ ٿيندس هڪ ليکڪ ئي. اٺ ڏهه جوان هئا. سندن اکين ۽ چهرن ۾ اُمنگ هئا. ڪنهن جو نالو به نه ٻڌو هئم، پر سمجهان ٿو ته انهن ۾ شيخ اياز ضرور هوندو، جنهن گهڻا سال پوءِ چيو: هڪ آهين تون ۽ توسان منهنجو جنم جنم جو ناتو آهي.

مون قومي ڪهاڻين سان گڏ سنڌ ۾  ئي خاص طور موپاسان ۽ چيخوف جون ڪهاڻيون پڙهيون. او هينريءَ کي بعد ۾ پڙهيم. ڪافي ليکڪ پڙهيم جن جا نالا ٻڌائي، پنهجي وڏائي ڪرڻ نٿو چاهيان. هڪ سنڌي اصلوڪي ڪهاڻي به پڙهيم، جا ڪجهه هن ريت هئي:

طوفان لڳي رهيو هو. وڄ پئي ڪڙڪا ڪيا. ڪلاڪار محل جا در دريون بند ڪري ڏاڪڻ ۾ ستار وڄائي رهيو آهي، جنهن جو آواز ٻڌي سندس پريمڪا ساهيڙي گهر روئي رهي هئي.

مون سوچيو: طوفان. بجلي. در دريون بند، پوءِ ڪلاڪار جي ستار جو آواز ٻئي هنڌ ڪيئن پهتو؟ مان لکندس ڪهاڻيون. هن ملڪ ۾ انقلاب آڻيندس مان. ماڻهو چوندا: آکاڻي معنيٰ موهن. ڪٿي به ويندس ته چوندا: هن کي ڏسو هي موهن آهي، ليکڪ آهي.

مان هڪ شام هيٺ پان وٺي رهيو هوس، جو ٽڪي ۾ اڌ ملندو هو ته ملباري هوٽيل ۾ رکيل ريڊيو تان پڌرائي ٿي: ڪانگريس ٻن قومن جو اصول مڃيو آهي ۽ مسلم ليگ کي پاڪستان ملي رهيو آهي. ماڻهو جمع ٿيڻ لڳا ۽ ”پاڪستان زندهه باد“ جا نعرا هڻڻ لڳا.

اسان جي بلڊنگ جي سامهون، ٻه ماڙ تي هڪ مسلم ليگي مسلمان رهندو هو. اکيون ۽ منهن ايڏو وڏو جو هڪ وقت سندس منهن ڏسي نه سگهجي: نالو هوس شاهه جي. ڳاڙهو ڳٽڪو. ڊگهو قداور. اڇي سلوار اڇو ڪڙتو. مان کيس هر هوليءَ تي ڳاڙهي رنگ جي پچڪاري هڻندو هوس. سڀ ڪپڙا خراب. اصل ناراض ڪونه ٿيندو هو. کلندو هو ۽ جليبيون وٺي کارائيندو هو. سنڌي مسلمان جيترو پيار سنڌي هندن کي ڪندا هئا، اوترو پيار هندستاني هندوستانين کي شايد ئي ڪندا هجن.

هن به خبر ٻڌي. اڳيان اچي چيائين، ”هاڻ اوهان جو سنگهه ڇا ڪندو؟“

”ڇو؟“

”هاڻ ته اوهان هندن کي سنڌ ڇڏڻي پوندي.“

”سنڌ جا اصل مالڪ هندو آهن.“

”هاڻ ته سنڌ مسلمانن جو هوم_لئنڊ ٿيندي.“

مان چپ.

”اوهين هندستان ويندا.“

ڪجهه ان طرح جي گفتگو. پوري ياد نه اٿم. مون کي لڳو سامهون ڪا جڳهه هئي جا وچ مان ٽٽي ويئي. بس ائين ڏسندي ڏسندي پاڪستان ٿي ويو. مان جشن جمهوريت جي سرگس ڏسڻ لاءِ صدر ويو هئس. جناح ۽ مائونٽ بئٽن هڪ ڪار ۾ ويٺا هئا ۽ هنن سان گڏ هندستان ۾ انگريز فوج جو آرمي ڪمانڊر به هو. سرگس وڏي هئي. مون پاڻ کي نهايت خسيس سمجهيو. ملڪ جي قسمت ٺاهڻ لڳو ڏکيو ڪم هو. مان ته شطرنج جو پيادو هئس. اعليٰ سطح تي منهنجو ڪو آواز نه  هو.

مون ڪٿي لکيو آهي ته هندستان جي آزاديءَ مون کي ڪا خوشي نه ڏني آهي ۽ مون گذريل پنجٽيهه سالن ۾ هندستان جي قومي جهنڊي جي ڪڏهن سلامي نه ڪئي آهي. اڃا آزادي لولي لنگڙي سمجهي اٿم ۽ آزاديءَ جي ڏينهن ڪڏهن به جشن ۾ شامل نه ٿيندو آهيان، اهو ڏينهن مون کي ياد ڏياريندو آهي ته اسان پنهنجي وطن کي ان ڏينهن وڃايو هو.

 

 

پاسي ۾ شيلا رهندي هئي ۽ هوءَ ڪئرم بورڊ راند ڪرڻ لاءِ منهنجي گهر ايندي هئي. مون وٽ کيس لفٽ ڏيڻ ۽ عشق ڪمائڻ جو ڪو پروگرام نه هو. ائين ڪن جوان ڇوڪرن ڇوڪرين سان ڪلفٽن به هلي ۽ پاسي ۾ ويهي ڪافي چرچا مستي ٿي ڪيائين. سندس پيءُ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ بائلاجيءَ جو پروفيسر هو ۽ ڀاءُ نهال ٽينس چئمپين هو. مون کي لڳو ته شادي هن سان ئي ڪندس. سندس مسڪراهٽون ۽ اُداس نهارون اڃا به ياد اٿم. هڪ دفعي هڪ ڳالهه تي مون ڪنهن ڇوڪري کي مار ڏني ته، ڀيڻس ميران اکيون ٽمڪائي پاسي کان اچي بيٺي ۽ اتساهه مان منهن ڏانهن ٿي نهاريائين. ورهاڱو ٿيو. شيلا الائي ڪيڏانهن ويئي. کيس ڪراچيءَ بعد اڃا تائين ڪونه ڏٺو اٿم.

جا مون پهرين ڪهاڻي 1948ع ۾ لکي ان جو عنوان هو: ”آتم هتيا.“ هتي ڪنهن سنڌي فلمي رسالي ۾ ڇپي. ان جي شروعات هن ريت هئي: ”مون کي هن سان پيار هو، نه ان ڪري ته هوءَ حسين هئي، پر رحم دل پڻ.“ آخر ۾ لکيم: ”هوءَ ته رهي نه آهي. مان به نه رهندس. قلم رکندس ۽ ٽرين جي پٽن ڏانهن ويندس. پاٺڪ هن ڪردار جي موت جي خبر اخبارن ۾ پڙهندا.“ ڪهاڻي ورهاڱي ۽ وڇوڙي تي هئي. مون ڪلاس ۾ گني کي پڙهي ٻڌائي. گني پڇيو، ”ڇا اردو تان ترجمو آهي؟“ چيم، ”نه، اصلوڪي آهي.“ هوءَ همدرد هئي، اهو مون غلط لکيو هو. ڪيترا لفظ ان ڪري لکندو هوس جي ڄاڻندو هوس، پر مون کي ان جي معنيٰ نه ايندي هئي.

حيدرآباد ۾ مامو موهن چوندو هو: موهن يو آر ڊاڪي، منهنجو ترجمو هيئن: يو معنيٰ تون. آر معنيٰ گڏهه. ڊانڪي معنيٰ آهين. سو مون هڪ آمريڪي فوجيءَ کي چيو: گڊ ڊانڪي سر. گڊ ڊانڪي سر. اسين ڪڏهن ڪڏهن آمريڪن هاسٽل ۾ سنگتڙا کائڻ ويندا هئاسين. منهنجو مطلب: تون ڏاڍو سٺو ٿو لڳين. بندوق کڻي پٺيان پيو. پر مون کي پڪڙي نه سگهيو. لفظن طرف منهنجي نادانيءَ جو هڪ ٻيو مثال: جيل ۾ نارائڻ ڀارتيءَ چيو، ”گوبند مالهي چوٽيءَ جو ليکڪ آهي. مون سمجهيو ته شايد آريه سماجي هوندو. پر کيس ڏٺم ته حيران ٿي ويس. مالهيءَ جي مٿي تي دهليءَ جو درياهه گنج هو. مون ڀارتيءَ سان شڪايت ڪئي: مالهيءَ کي وار ئي ڪٿي آهن جو چوٽي رکائي. ڀارتي ڪي ٻڌا ۽ ڪي ڇڙا ٽهڪ ڏنا. دادا وٽ ڪي انگريز فوجي ايندا هئا. مون کي چوندا ها: برنگ چاڪليٽ، برنگ پيئرس سوپ وغيره. مان چوٿون پڙهي انڊيا آيو هئس، پر مون کي برنگ يعني آڻ لفظ جي معنيٰ نه ايندي هئي. مون سمجهيو ته برنگ ڪو خريديءَ جو اسم آهي ۽ کين چوندو هوس: نو برنگ سر، ٻيو سڀ ڪجهه آهي، برنگ نه آهي. سنڌ ۾ مسلمان ڀائرن کي ”ڀائي جان“ ۽ ”سلامالي ڪم“ چوندو هوس جا غلطي طارق اشرف درست ڪئي.

ائين گهڻن سنسڪرت لفظن جو ست ٽوڙيو هوندو. جيتوڻيڪ هنديءَ ۾ ماهر هوس ۽ ان ۾ هزارين ڪتاب پڙهيا هئم. پوءِ هندستان ۾ پڙهڻ بدران جليبيون کائڻ شروع ڪيم.

 

 

شڪارپور ڪالونيءَ ۾ بم ڦاٽو ۽پرڀداس بٽاڻي مري ويو. هڪ ڏينهن صبح جو چئين لڳي فوجي اسان جي جڳهن کي ورائي ويا. ٽي چار مٿي آيا. هٿن ۾ بندوقون ۽ ٽارچون هئن.

هڪ فوجيءَ منهن ۾ ٽارچ هڻندي چيو، ”هي آر. ايس. ايس جي آفيس آهي؟“

”هيءُ گهرآهي.“

”زالون آهن.“

”اهي هندستان ويون آهن. اسين به ٻن ٽن ڏينهن ۾ وينداسين.“

”اسان کي سرچ ڪرڻي آهي.“

”ڇاجي؟“

”هٿيارن جي.“

”هٿيار ۽ هتي. مان اسڪولي شاگرد آهيان ۽ هندستان وڃي فلمي ائڪٽر ٿيڻ چاهيان ٿو.“

”دروازو کول، سڄو.“ هو اندر گهڙيا، چرن جيت ڏڪي ويو. مونکي چيائين: ٻاهر بلڊنگ کي مليٽري گهيرو ڪيوآهي. چيومانس: تنهنجي شڪل خراب آهي. چئجانءِ، مان هن جو نوڪر آهيان. مان ڪرچيون ۽ ڪارتوس بالڪنيءَ ۾ تلسين جي ڪونڊين هيٺان لڪائي رکيا هئا. جي اهي کين ملن ها ته گرفتاري ۾ ڦاسي طئه هئي. هو ته اسان جون شڪليون ڏسي لڄي ٿيا ۽ اڇاتري سرچ ڪري، معافي وٺي واپس موٽي آيا.

ڀاڀيءَ چيو: هتي رهڻ ٺيڪ نه آهي. سو رتن تلاءَ تي هڪ جڳهه مسواڙ تي ڪيائين. سنگهه جون شاخون لڳڻ بند ٿي ويون. مامن جو هڪ دوست مسلمان هو، جو ڪنهن هوندو ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي هندو سڏائيندو هو ۽ پنهنجو نالو ڀڳوان رکيو هئائين. هن مون کي ڪراچي صدر ۾ پي ڊبليو ڊي آفيس جي جهرڪ ڊويزن ۾ هڪ ٽريسر جي نوڪري وٺي ڏني. پگهار ستر روپيا. ڏاڍي خوشي ٿي. اهو زمانو ڪجهه ٻيو هو.

6 جنوري 1948ع ۾ بهار مان آيل مهاجرن فساد ڪيا ۽ اٺ ڏهه سک ماري ڇڏيائون. ڪي ٽولا رتن تلاءَ تي ڦرون ڪرڻ آيا ۽ هڪ اسان جي گهر به آيو. هڪ جوان چاڪو کولي گهر ۾ گهڙيو. ڀاڀي کين چيو، ”ڇا اسلام توهان کي سيکاري ٿوته زالن ۽ ٻارن تي حملو ڪريو. اوهان کي ڇا ملندو؟ منهنجي ٻچن کي هٿ نه لڳايو. ڀل مون کي ماريو.“

مان هجان ها ته شايد خونريزي ٿئي ها، پر مان آفيس  هئس. ٻڌم ته ڀاڀي ڪجهه اهڙي وشواس مان ڳالهايو جو هو واپس هليا ويا، ۽ هڪ پاجي ڀت تي ڪليءَ ۾ ٽنگيل منهنجي اڇي پينٽ کڻي ويو. ان جو ڏک سال منهنجي من تي قائم رهيو. اها پائيندو هوس ته نياضي يادي ايندي هئي. اڃا به ڪڏهن اڇي ڊريس پائيندو آهيان ته اڪثر هوءَ ياد ايندي آهي.

مان ٽرام ۾ چڙهي آفيس ويندو هوس ۽ ٽرام ۾ واپس اويندو هوس. اتان سڌو پنهنجي اڳئين پاڙي ۾ ويندو هوس. جنهن جي رونق بدلجي ويئي هئي. سنسان، ڪابه چهل پهل نه. جمعو دادا جو محرم ڏينهن پاڻ کي ماري رتورت ڪندو هو، چوندو هو: ڪيئن يار، تون به سنڌ ڇڏي ويندين؟ جمعو دادا باڪسر هو. ماڻهن کي مارون ڏيندو هو، پر چاڪو نه هلائيندو. اهي اسان جي پاڙي جا مئجسٽريٽ هئا. ڪو ٻيو غنڊو ان حد ۾ گهڙيو ته جمعي دادا جا ٽڪر ۽ مڪون چالو. ائين بهار مان هڪ جعفري دادا آيو هو ۽ جمعي کي ڏاڍي مار ڏني هئائين. سنڌين مارون ئي ته کاڌيون آهن. هيٺ جمنوءَ جي هوٽل هئي. جمعي جو اتي پنڪج ملڪ جا راڳ ايندا هئا. ۽ سڄو ڏينهن جڳنو پڪچر جو رڪارڊ هلندو هو. نورجهان ۽ رفيع جو ڳاتل:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org