سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: بک عشق ادب

باب: --

صفحو : 21

گهمجي ڦرجي. ڪوبه ٻنڌن نه. ڪي به واعدا نه. شروعات ۾ پنهنجون ڪمزوريون ۽ ناپسنديون ٻڌائي ڇڏجن.

”پيار ڪجهه وقت ئي هلندو.“

”۽ ٻار؟“

”ٻار پنهنجي مرضيءَ سان ته پئدا ٿين نٿا، طلاق بعد هو سمجهندا ته زندگي آهي ئي ائين.“

”تون لنڊن مان ڪڏهن آئي آهين؟“

”مان، بس سال ٻه ٿيا. تون چئين ته توکي به وٺي هلان.“

”۽ اتي ڇڏي ڏين.“

”ٿي سگهي ٿو.“

”تون سٺي آهين. تو ۾ ڇل ڪپت ڪونهي. واقعي مون کي تنهنجي رٿ وڻي ٿي. پر تون ته ڄاڻين ٿي. . .“

”توکي اسٽيٽ بئنڪ مان روز هڪ فون ايندو آهي. موهن، تون ان مينهن سان شادي ڪندين؟ ڇا توکي ملڪ ڊائري کولڻي آهي؟“ هوءَ ڏاڍو کلي.

”ٿوري ٿلهي آهي.“

”توکي رات جو بيڊ تي سمهڻ جي ضرورت نه پوندي.“

”ڇو؟“

”تون هن جي ٻانهن تي ئي ليٽي پئج!“

مون چپ دٻائي هن جو ڪن پٽيو ۽ سنڌيءَ ۾ چيومانس: ”لچي.“

هڪ دفعي اول پارڪ ۾ راجڪماريءَ چيو: ”گيتا ڳالهه ڪئي ته تو ڇهن مهينن جي مسواڙ نه ڀري آهي.“

”مسواڙ ايڪويهه روپيا آهي. بونس ملندو ته ڀري ڇڏيندس.“

”ٻڌو اٿم، مڪان مالڪ توتي ڪيس به ڪيو آهي!“

”اهو ته پيو سال هلندو.“

”ائين ته نه ٿيندو جو ويڏيءَ تي اچي پوليس گرفتار ڪريئي؟“

”ائين ته فلمن ۾ ٿيندو آهي.“

”پنهنجي زندگي به ته فلمي آهي.“

”ته پوءِ ختم ڪري ڇڏيون؟“

”ڇا؟“

”پنهنجو سنٻنڌ!“

”۽ اسان جو مڱڻو؟“

”اهو به.“

”يعني تون مون کي دوکو ڏيندين. دنيا کي خبر آهي ته توسان منهنجي شادي ٿيندي.“

مان چپ ٿي ويس. ٻئي ڏينهن لالائن برلا منشري ۾ ڪو راڳ ناچ جو پروگرام رکيو هو. راجوءَ ۽ گيتا کي به نينڍ هئي ۽ راجڪماريءَ کي مون گهرايو. اتي مس بليڪ ۽ آفيس جا ٻيا ماڻهو به اچڻا هئا. ان ڏينهن راجوءَ لنچ، بئلرڊ پيئر جي هڪ دي گريٽ هوٽل ۾ رکي. اتان هو گهر ويندا. وري شام جو اسٽيٽ بئڪ ۾ راجڪماريءَ کي لفٽ ڏيندا، جتي مان اڳواٽ ايندس.

هوٽل ۾ راجڪماريءَ چيو، ”موهن کي چئو ته اوهان وانگر بزنيس ڪري.“

”مون کي بزنيس ۾ آندو به موهن آهي. پنهنجي دفتر ۾ ويهڻ ڏنائين. مفت ۾ بلڊنگ جون پلان پاس ڪرائي ڏنائين. پوپ جي هڪ ڪوتا آهي: هڪ هيءُ گهر به: ائنڊ آ هائوس ٽو لاج آ فرينڊ.“ (۽ هڪ گهر، جنهن ۾ هڪ دوست کي رهائي سگهان).

مون مشڪيو. هن چيو: ”اوهان کي موهن جو ڪيترو خيال آهي. ايترو خيال هو پنهنجو به نه ڪندو آهي.“

”موهن منهنجو ٻيو ساهه آهي“، راجو مشڪيو.

ماني اچي تيستائين مون سلاد مان پن وارو بصر کائڻ شروع ڪيو ۽ پوپ جو شعر دهرايم: ”ائنڊ آ هائوس ٽولاج آ فرينڊ.“ گيتا اکيون چمڪائي مون ڏانهن نهارڻ لڳي. تمام ٿورا ماڻهو زال مڙس، ٻنهي کي وڻندا آهن ۽ مان انهن ٿورن مان هئس.

ٻه چار ڪلاڪ پوءِ گيتا راج جو فون آيو.

”توهان به ڪمال ٿا ڪريو!“

”ڇو؟“ مون حيرت مان پڇيو.

”اوهان مانيءَ کان اڳ بصر ڇو کاڌو؟“

”بصر! ڇو، اهو نه کائبو آهي!“

”نه.“ گيتا چيو، ”اوهان جي راجڪماري چوي ٿي موهن کي ڪو ڪلچر نه آهي.“

مان چپ.

”اوهان کان ڏاڍو ناراض آهي.“

مان چپ.

”اوهين ماٺ ڇو آهيو؟“

”شايد هوءَ برابر آهي.“

”پروگرام تي اچو ٿا؟“

”سڌو اُتي ايندس.“

”اسٽيٽ بئنڪ ڪونه ويندا؟“

”اهو راجڪماريءَ کان پڇج.“

آفيس ۾ فون تي خانگي گفتگو ڪرڻ مشڪل آهي، پر مان مختصر ۽ گهٽ ڳالهائيندو هوس.

مون کي ڏاڍو صدمو پهتو. کيس پنهنجا رايا رکڻ جو حق هو، پر ان ريت هوءَ مون تي ڪو حملو ڪري نٿي سگهي. هن منهنجي لکڻ جو مذاق اڏايو. مان چپ رهيس. غريبيءَ تي ٺٺولي ڪئي، تڏهن به برداشت ڪيم. هڪ ماءُ هئي منهنجي، ڪيترا سال بيروزگار هئس ۽ راتيون جاڳي سندن ننڊ ڦٽائيندو هوس، پائي نه ڪمائيندو هوس. هن ڪجهه نه چيو. اوچتو ڏسان ته ٽيبل تي چانهه. واهه ماءُ، ڪيترا دوست منهنجي گهر آيا. سڀ ئي کيس سٺا لڳا ته اهڙن دوستن جو دوست هوندي مان به کيس سٺو لڳو هوندس. جيڪڏهن ماءُ! منهنجي لکڻ ۽ غريبيءَ تي هڪ حملو ڪري ها. مان ريل جي پنن تي پاڻ اڇلائي پاڻ کي ماري ڇڏيان ها ۽ سکر جو آزمودو وساري ڇڏيان ها. ڪراچيءَ کان وٺي مون گهر کي ڏنو ڇا، پهرين سنگهه ۽ گهر کان غائبي. پوءِ جيل. گوئا ۽ ادبي ڪلاس. پيءُ به ڪجهه نه چيو، پر هوءَ چئي وڃي ۽ گار ڏئي ته موهن کي ڪلچر نه آهي.

مون اسٽيٽ بئنڪ جو فون گهمايو ۽ آپريٽر رستي کيس سڏ ڪيم.

”مون ڏاڍي غلطي ڪئي جو هوٽل ۾ بصر کاڌم.“

”اوهان کي گيتا راج ٻڌايو هوندو.“

”مون ۾ ڪو ڪلچر ڪونهي.“

”هوٽل ۾ ماني کائڻ جا خاص اخلاق ٿيندا آهن. ايٽيڪيٽس.“

”اهي مون ۾ نه آهن. تون مون وٽ ڪڏهن به سکي رهي نه سگهندينءَ. مان تنهنجي لائق نه آهيان. بهتر آهي، ته تون پنهنجي لاءِ ٻيو مڙس ڳولهين!“

”منهنجو اهو مطلب نه هو.“

”تون پنهنجا مطلب، آدرش ۽ سپنا پنهنجي پرس ۾ رک. آءِ هيٽ يو!“ (مون کي توکان نفرت آهي) ۽ مون فون رکي ڇڏي.

برلا منشري هال ۾ امين ساهنيءَ جي ڪامنٽري چالو هئي. راجڪماري، راجوءَ ۽ گيتا سان گڏ ويٺي ۽ پاسي واري ڪرسي خالي رکي هئائين.

منهنجو مزاج ڏاڍو خراب هو. مان آيس ته هال ٻاهران هڪ اديب هڪ فلمي شاعر گلشن باورا سان واقفيت ڪرائي. مون چيو: شاعر آهي! هتي ڪيئن؟ پاسي ۾ گٽر ته ڪونهي! ۽ مان اندر ويس. شاعر لال پيلو ۽ سائو ٿي ويو. شايد پهريون دفعو ڪنهن اديب سان بدتميزيءَ سان پيش آيس ۽ راجڪماريءَ جو لڳايل الزام صحيح ثابت ڪيم.

”مون کي ڏسي راجو اڳيان وڌيو، ”هل نه“

”ڪيڏانهن؟“

”پنهنجي راجڪماريءَ وٽ.“

”مان هن جو منهن به ڏسڻ نٿو چاهيان.“

”هوءَ روئي ويٺي.“

”ٻڌ راجو، هن ڌرتيءَ تي اهڙو ڪو انسان پئدا ٿيو آهي، جو موهن جي بيعزتي ڪري سگهي ۽ پنهنجي عزت بچائي سگهي.“

”ڳالهه خسيس آهي!“

”ڳالهه تمام وڏي آهي.“

مون کي ڏسي بلئڪ اڳيان  وڌي آئي ۽ اچي هٿ ملايائين. راجو وڃي پنهنجي سيٽ تي ويٺو ۽کيس ڪجهه چيائين. هن مون ڏانهن نهاريو ته مون مس بليڪ جي چيلهه ۾ هٿ وڌو. ”هل ته ٻاهر ڪوڪ پيئون.“

هن منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي چيو، ”هل.“

ٻاهر ڪوڪا ڪولا پيئندي بليڪ پڇيو، ”اڄ ڏاڍو خوش ٿو نظر اچين.“

”اڄ پهريون دفعو ائڪٽنگ ٿو ڪريان. ڳالهه هيئن آهي. . .“

مون کيس سڄي ڳالهه ٻڌائيندي چيو، ”تون ڪجهه مدد ڪر. مون سان گڏ ويهه.“

”جيئن تون چاهين.“

هڪ دفعي مون راجڪماريءَ کي چيو: ”منهنجي يادداشت ڏاڍي ڪمزور آهي.“

”پوءِ ته مان مري وينديس.“

”ڇو؟“

”پوءِ ته توکي تنهنجا واعدا به ياد نه پوندا.“

”واعدا وسري ويندا، پر ماڻهو ته ساڳيو آهيان. ڪو بدمعاش نه آهيان. وري به ساڳيا واعدا ڪندس.“

هوءَ کلي. هڪ دفعي هن چيو، ”مون کي اوندهه گهرجي.“

مون کيس چيو: ”مون وٽ اوندهه ئي ته آهي. منهنجي گهر ۾، ادب ۾، ذهن ۾، منهنجي اکين ۾.“

مس بليڪ ۽ مان گڏ ويٺاسين ته راجو وري آيو.

”موهن، غلطي ٿو ڪرين.“

”مون کي مڪتي کپي. مون کي شانتي کپي. مون کي ڪويتا کپي. مان هن لاءِ اهو سڀ ڇڏي نٿو سگهان.“

ان رات ٻين لڳي گهر پهتس. هري موٽواڻيءَ ”آئيني اڳيان“ ڪالم لکڻ لاءِ چيو هو. ان رات قلم ۾ زهر ڀري اهو لکيم، راجڪماريءَ سان ناتو ڪٽي ڇڏيم ۽ ڪڏهن سندس واٽ نه ورتم.

اٽڪل ڏهه سال اڳي وي. ٽي ٽيڪسي اسٽينڊ تي گڏي. اسان ٻنهي جي الڳ الڳ طور شادي ٿي چڪي هئي. گفتگو مختصر ٿي:

”ڪيئن آهيو؟“

”ٺيڪ آهيان.“

”ڪڏهن منهنجي ياد اچيو؟“

”ايندي آهي.“

”پوءِ ڪڏهن مون وٽ آيا نه آهيو؟“

”ڪڏهن سوچيو نه اٿم.“

”منهنجي هڪ خواهش آهي.“

”اڃا به؟“

”بس، زندگيءَ ۾ فقط هڪ دفعي اوهان چانهه پيئڻ لاءِ منهنجي آفيس ۾ اچو.“

”نه مان ديوداس آهيان، نه تون پاروتي آهين.“ مون چيو، ”تنهنجي اها خواهش ڪڏهن پوري نه ٿيندي.“ مون کيس هٿ جوڙيا ۽ مان هليو ويس.

نه. مان ڪٺور نه آهيان. پر رڳو موهي، جذباتي ۽ متوالو به نه آهيان. مون ترقي پسندن سان نهايت ڪٺور ٿي ٽڪر کاڌو، پر من منهنجو ئي ضربجندو هو. مون اها ئي ڪوشش ڪئي ته جو صحيح سمجهان اهو ڪريان، چاهي منهنجو اهو صحيح سمجهڻ خود ۾ غلط ڇو نه هجي. پيار مون گهڻا ڪيا آهن ۽ هر پيار ۾ صادق رهيو آهيان. اهي سڀ پيار منهنجي من جي الڳ الڳ ڪنڊن ۾ زندهه آهن. اڪثر مان عڪس انداز ٿيندو آهيان، پر ماضي ۾ جيئڻ بدران حال ۾ نيون خوشيون خلقڻ جي جدوجهد ڪندو آهيان.

دک ٿيندو اٿم، پر من جا زخم ايترا گهرا اٿم جو مشڪل اک ۾ ڳوڙهو اچي. مان غم کي پي ويندو آهيان ۽ ان ۾ ڪافي مهارت حاصل ڪئي اٿم. مون ”آئيني اڳيان“ ۾ هڪ هنڌ لکيو: مان ’موهن جو دڙو‘ آهيان. گريس جو ’اٿينس‘، چين جي ڊٺل ديوار آهيان. من ۾ ڄارا آهن. ڪوريئڙا آهن. مان اندران ٽُڪيو پيو آهيان.“

انهن ئي ڏينهن ۾ طارق اشرف آيو. مان تنها. مايوس. اداس. هن مون تي هڪ ڪهاڻي لکي: ”گوندر ڪڍيا گؤنچ“ جا ڪهاڻي سٺي هئي، پر ان جي پڇاڙي خيالي هئي ۽ ذاتي طور مون سان لاڳو نه هئي. حقيقت ۾ مان هڪ خيالي عورت جي تلاش ۾ هوس ۽ جا ملي، اها ان خيالي عورت جي ابتڙ هئي.

جا ملي اها ڪمل هئي. مونکي لڳو آهي، منهنجي پيار جا سڀ درد ۽ شڪستون ڄڻ کيس پائڻ جون تياريون هيون. مون هن کي پنهنجون سڀ پريم ڪهاڻيون ٻڌايون آهن. هوءَ کلندي آهي. گنو اڪثر چوندو آهي: ليکڪن ۾ زال ته موهن جي. ڪمايان، گهٽ ڪمايان، هن دک سک ۾ منهنجو ساٿ ڏنو آهي. سترهن سال سنڌ ۾. سترهن عشقن ۾ ناڪامي ۽ سترهن سال ڪمل سان گڏ.

”ڪ“ اکر سان منهنجو هڪ اتفاقي ناتو رهيو آهي، ڪجهه هن طرح:

جنم جو هنڌ                   ڪوٽڙي

پڙهائي                         ڪراچي

لڏپلاڻ بعد                     ڪلياڻ پناهگير ڪئمپ

اسڪولي عشق                 ڪمل (بينا)

تخلص                         ڪلپنا

پهرين ادبي رسالي جي ايڊيٽري ڪونج

پتني                           ڪمل

پهريون شهر جتي سنمان ٿيو  ڪلڪتو

بهترين ڪتاب                ڪانءُ ۽ سمنڊ

تڏهن سمجهيو هوم ته ڪتي جو موت مرندس، جو ان ۾ به ته ”ڪ“ آهي. پر اتفاقن جو پنهنجو منطق آهي، جو ان ۾ ڪوبه منطق ڪونهي. قلم هٿ ۾ آهي ۽ ڪٿا، پنهنجي ۽ مان خود لکان ويٺو.

هڪ دفعي کلندي کلندي وري پيار جو تپ چڙهيو. ڪا ڪماري ”ش“ هئي ۽ ڀڳوان ڪپور کيس چاهيندو هو. ڀڳوان پوءِ فرانس ۽ آمريڪا ۾ پنهنجن چترن جا وڏا نماءَ ڪيا آهن ۽ هن وقت آمريڪا ۾ رهيو پيو آهي.

پئرس مان هڪ خط  لکيائين. ٻه ڳالهيون ڪجهه هيئن هيون:

_ فرانس ۾ انڊيا جا ٻه ڪتاب هر شو ڪيس ۾ ڏسبا آهن:

ڪام سوتر ۽ ڀڳوت گيتا.

_ فرانس جي هر آرٽسٽ جي شخصيت ۽ فطرت تو جيان آهي. ذهين، تيز، حملا آور، بيپرواهه، مڪت کلندڙ. موهن، هتي مان فقط توسان ئي مليو آهيان.

اها ”ش“ جنهن کي مان سندس خانگيت ۽ پنهنجي سهوليت موجب شبانا چوندس، مون کي پنهنجي پيءُ جي گهر ملي، جو خود فنڪار هو ۽ ڀڳوان ڪپور روز اتي ايندو هو. شبانا منهنجي ”موهي نرموهي“ ڪهاڻي پڙهي. چيائين: ”تون آهين اهڙو. ڪڏهن من چاهي ته تنهنجا پير ڇهان.“

ڀڳوان ڪپور وائڙو.

چيومانس، ”ان کان بهتر آهي تون ست نارايڻ جي ڪٿا ڪرين.“

”ڀڳوان رنگن جو دوست آهي ۽ رنگ گونگا ٿيندا آهن. تنهنجي لفظ لفظ ۾ ساهه آهي.“

ڀڳوان چيو، ”رنگ به ڳالهيون ڪندا آهن.“

”تون آسمان ۾ بادل ڪڍندين ته ان مان برسات پوندي؟“

شبانا پڇيس.

”پر برسات جو وهم ته پئدا ٿيندو.“

”يعني تنهنجا رنگ نظرن جو دوکو آهي!“

”ته لفظن ۾ ساهه ڪيئن ٿيندو آهي؟“

”اهي ڳالهائيندا آهن.“

”ڇا ڳالهائيندا آهن؟“

”سچ ڳالهائيندا آهن.“

ڀڳوان ڪپور کي خراب لڳو ۽ هو هليو ويو. هڪ شام شبانا چيو، ”هي مندر ڪيئن آهي؟“

ڏسان ته ڪاٺ جي شو ڪيس ۾ شوَ ۽ وشنوءَ وچ ۾ منهنجو فوٽو پيو هو، جو ڪنهن مئٿران هل اسٽيشن تي نڪتل هو.

هڪ غريب ليکڪ جو فوٽو ۽ ڀڳوانن جي ڀرسان!

”تو اهو فوٽو ڪٿان آندو؟“

”تنهنجي راجڪماريءَ ڏنو.“

”۽ مندر ۾ ڇو؟“

”ست نارايڻ جي پوڄا ڪرڻ لاءِ. . .“

۽ جڏهن گيتا راج مون کي زبردستيءَ ناگپور وٺي هلي ته، ڏسان گاڏيءَ ۾ شبانا به آهي. ڏاڍي خوشي ٿي. مالهي به هو، ڀڳونتي به. ڪنهن اسٽيشن تان سترام روهڙا به چڙهيو. جنهن چيو ته سندس خواهش هئي ته هڪ فلم ڪڍي. مون چيومانس: سنڌين ۾ ڌرمي فلم هلندي. ڪهڙي؟ ست نارايڻ جي ڪٿا. پوءِ هن جيه سنتوشي ما، فلم ڪڍي ۽ ڪروڙين روپيا ڪمايا. فلم هنديءَ ۾ هئي، ست نارايڻ جو نالو ٻڌي شبانا ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳي.

ناگپور ۾ چيائين، ”مالهي رڳو ريهرسلون لڳائي ويٺو آهي، تون مون کي ڪٿي گهمائڻ وٺي هل.“ مون گيتا راج کي چيو. هن چيو: مان به هلنديس. گيتا الڳ رڪشا ۾ ويٺي، مان هوءَ الڳ. شبانا چيو، ”هن کي ڇو ٿو وٺي هلين؟“

”اڙي، هن ۾ ڏاڍو موهه اٿم.“

”مون کي نٿو وڻي.“

”ڇا منهنجو موهه يا هن جو هلڻ؟“

”هن جو هلڻ.“

”ته مان ڇا ڪريان؟“

”تون مون کي وٺي هل، اتي جتي ڪو رستو نه هجي. ڌرتي ۽ آسمان مليا پيا هجن. جتي ڪوبه نه هجي. فقط مان ۽ تون.“

مون هٿ، رڪشا هلائيندڙ کي چيو: آهستي هل. ڪٿي بيهج نه. جيترو به هلي سگهين هل. وچ ۾ مينهن پيو. گيتار رڙ ڪئي: ڪيڏانهن موهن؟ ڪيڏانهن به! پر اوندهه ٿي ويئي آهي! صبح ته ٿيندو. ته مان وڃان ٿي! اسين به اينداسين. ۽ گيتا موٽي ويئي. ڪلاڪ ٻن بعد رستي جي سامهون هڪ بند آيو. مينهن بند ٿيو هو. شبانا چيو: موهن، هن کي پئسا ڏيئي ڇڏ.

”پوءِ واپس ڪيئن هلنداسين؟“

”پنڌ.“

”ڏاڍي بدنامي ٿيندي.“

”سٺو.“

”ڇو؟“

”اسان ٻنهي جو نالو گڏ کنيو ويندو. پوءِ ان بدناميءَ کان بچڻ لاءِ شايد اسين شادي ڪنداسين.“

رڪشا وارو ويو ته مون کانئس پڇيو: بند جي ساڄي روشني ۽ کاٻي اوندهه آهي. تون ڪهڙي پاسي هلندينءَ. هن چيو: اوندهه ۾. تون تارا ڏسج، مان توکي ڏسنديس.

اٽڪل پنجاهه ڏاڪا مٿي چڙهياسين. پوءِ ڪجهه وقت هلياسين. هن هلندي منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وڌو ۽ پنهنجو منهن منهنجي ٻانهن سان لڳائي هلڻ لڳي. ڪافي اڳيان وڌي مان آسمان ڏانهن نهارڻ لڳس. هوءَ آهستي اچي مون سان لڳي بيٺي. مون هن جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو. ”اهو نهايت سندر آهي.“

”ته پوءِ ڳالهاءِ نه.“

مون چاهيو ته کيس چمان. هوءَ به چمندي. پوءِ اسين اوندهه ۽ مٽيءَ ۾ ليٽي پونداسين، پر نه. اڄ مان هن جي اکين ۾ آڪاش جا تارا ڏسندس. فنڪار آهيان. ڪجهه ٻين کان بلند ۽ مختلف آهيان.

اسين ڪلاڪ کن بند تي هئاسين ۽ واپس ورياسين ته هڪ ٿي ويو.

مون ”سرءَ جا پن ۽ پيلا پوپٽ“ ڪهاڻي هن تي ئي لکي آهي.

صبح جو گيتا چانهن جو ڪوپ کڻي اچي پاسي کان ويٺي ۽ ننڊ مان اٿاري چيائين، ”آخر توهان کي ڪڏهن سمجهه ايندي؟“

”ڇو؟“

”رات ايترو دير سان آيا. ڪجهه دنيا جو سوچيو. هوءَ به ڄڻ بيهوش ٿي سمهي پيئي آهي. ضرورري اوهان کيس ريپ ڪيو آهي.“ نظرون تيز هوندي به هن چانهه جو ڍڪ ڀريو.

مون چيو، ”اهو ته ڪنهن جي مرضيءَ جي خلاف ٿيندو آهي.“

”يعني توهان ڳالهه ته اها ڪئي آهي، رڳو هن جي مرضي هٿ ڪئي اٿوَ.“

”نه، نه!“ منهنجي آواز ۾ ڄڻ پڙاڏو هو.

”توهان جي اکين ۽ چهري ۾ مون ايتري سونهن ڪڏهن نه ڏٺي آهي.“

”مان واسنا جي اگنيءَ ۾ جليو آهيان.

”هوءَ اوهان کان چوڏهن سال ننڍي آهي. کيس ڪا سمجهه نه آهي.“

”سيتا جڏهن شادي ڪئي، تڏهن هن جي عمر چوڏهن سال هئي.“

”تڏهن ته راوڻ آهيان!“

”نه موهن، مون کي غلط نه سمجهه. اوهين رڳو پيار پيا ڪريو. هوءَ شاهوڪار ڪٽنب جي آهي. اوهان جو سڄو پگهار هن جي ڪاسميٽڪس تي خرچ ٿيندو.!“

مان اٿي، هٿ منهن ڌوئي آيس ته ڏسان ٻه ڪوپ چانهن جا کنيو شبانا بيٺي آهي. هن به پلنگ تي ويهندي چيو، ”اڄ به اتي هلنداسين.“

”اتي ڪٿي؟“

”جتي نه ڌرتي هئي ۽ نه آسمان هو، نه ماڻهو، نه روشني هئي. فقط مان ۽ موهن.“

”موهن لفظن جون ساڙهيون ڏيندءِ. پائيندينءِ؟“ گيتا پڇيس.

” موهن منهنجو سپنو آهي.“

”موهن جو گهر ڏسندينءَ ته. . .“ گيتا جملو پورو ڪري ته مون کيس ڪٽيندي چيو، ”بيهوش ٿي ويندينءَ.“

”ته اهو گهر نه ڏسنديس. هو منهنجي گهر رهندو. مون سان.“

”۽ تنهنجا ماءُ پيءُ؟“

”اهي ڪا ٻي جڳهه ڪندا.“

راجو به ڪرسي کڻي اچي ويٺو. مون کي ڏسي پيو مشڪي. شام ٿي ته مالهيءَ چيو: ناگپور جا ڪي ڪامريڊ اچن ٿا. ڪافي تيز آهن. تون ڪيڏانهن وڃج نه. ڏسج جيئن بحث ۾ هنن تي حاوي پئون. اها رات بحث ۽ چرچن ۾ ختم ٿي ۽ مان شبانا سان وڃي نه سگهيس.

موٽندي گاڏي خالي هئي. شبانا چيو ته هل ته ڊائيننگ ڪار ۾ چانهه پيئون. ٻه ڪلاڪ گاڏي هلندي رهي. مون هن جو هٿ ڏٺو. منهنجي کاٻي ۽ هن جي ساڄي هٿ جون ليڪون ساڳيون. هن جي کاٻي ۽ منهنجي ساڄي هٿ جون ريکائون به ساڳيون. يعني ان علم موجب، مون کي هن جهڙي زال، هن کي مون جهڙو مڙس ملڻو هو. منهنجي علم ۽ زندگيءَ جي ليڪن وچ ۾ وڏي وڇوٽي آهي. اهي ساڄي ڇيڙي تي به الڳ آهن، جن لاءِ ڪتاب چوندا آهن ته ڪلا ۽ ڪرانتيءَ جون ريکائون آهن ۽ ماڻهوءَ جي سوچ پوري دنيا جي ڀلي ۾ لڳي رهندي آهي. هوءَ پڪي گهريلو. ڪلاتمڪ سڀاءُ. سک درسي.

گاڏو سڄو خالي. مالهيءَ جو گروپ هڪ طرف، ته منهنجو ٻئي طرف. راجو گيتا وڃي مٿي سمهيا. ساڄي بينچ تي ٻار، هوءَ منهنجي گود ۾ مٿو رکي ڪتاب پڙهڻ لڳي. مان هن جي وارن سان ڪجهه هلڪو کيڏڻ لڳس. ڪڏهن اهو سندس ڊگهي ڳچيءَ تي رکيم ۽ ڪڏهن آهستي، نزاڪت ۽ کن پل لاءِ ٿورو هيٺ ۽ اڃا به ٿورو هيٺ.

ڪلاڪ ٻن بعد هوءَ اٿي. چيائين: ”ٿڪجي پيو هوندين. اچ.“

هوءَ اٿي ويٺي. مان هن جي گود ۾ ليٽيس. هن کاٻو هٿ وڌائي منهنجي منهن جي کاٻي پاسي لڳايو ۽ پوءِ اهو هٿ مٿي ڪري وارن تائين آندائين. ان کن سوچيم ته ايڏو سک، آنند، ڪڏهن به ڪٿي به نه مليو اٿم. بس، هلندي رهي هيءَ گاڏي. ڪڏهن به ختم نه ٿئي سفر ۽ رات. مان زندگيءَ جا سڀ ڏوهه معاف ڪري ڇڏيندس. وري هن جو هٿ ساڄي ڳلي تي وچ ۾ گيتا اُٿي. هيٺ لٿي. ٽائليٽ ويئي. آئي وري وڃي مٿي سمهي پيئي. هن ڏٺو مان شبانا جي پهلوءَ ۾ ليٽيو پيو هوس.

مان ڪافي راتيون سندس گهر ويس. هن کي شطرنج راند سيکاريم. پوءِ اتي ڪافي راتيون رهيس به. سر کي هڪ عجيب نشو. ڄڻ هوا ۾ ٿي هليس. ۽ پوءِ شايد هڪ غلطي ڪيم. مون ۾ احساس ڪمتري جاڳي ته مان کيس شادي بعد سکي رکي نه سگهندس. ائين نه آهي ته هوءَ ماديت پرست هئي، پر منهنجي مالي حالت اهڙي نه هئي جو کيس سندس گهر جهڙو سک ڏيئي سگهان. سو هڪ صبح سندس ماءُ کي چيم، ”ايندڙ مهيني شادي ٿو ڪريان.“

”ڪنهن سان؟ هن پڇيو.

شبانا گاڊريج جي ڪٻٽ مان ڪپڙا ٿي ڪڍيا، جي ڏينهن ۾ چار دفعا ڪڍندي هئي، صبح، منجهند، شام، رات.

”ڪا آهي. بي اي آهي. ست سئو پگهار اٿس. الهاس نگر ۾ رهندي آهي.

شبانا ڄڻ ڪٻٽ ۾ سمائجي ويئي. هن مون کي پيار ڪيو. سنمان ڏنو. فوٽو مندر ۾ رکيائين. ڪڏهن به غلط نه هئي. ڪافي گهري ٿي. شايد اها وڏي ڀل ڪيم. چئي نٿو سگهان.

منهنجي هر فيصلي جي ڪاتب منهنجي غريبي يا ان جو من ۾ ويٺل هراس هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org