سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: بک عشق ادب

باب: --

صفحو : 19

 

 

مان وري بي روزگار. ٻه چار اڇيون ڊريسون سبائي ورتيون هئم. هڪ دفعي عزيز چيو: ”سنڌيءَ ۾ گهڻا شاعر آهن، پر شاعر لڳندو هڪ تون ئي آهين. ٻڌو اٿم سندري اتم چنداڻيءَ سان تنهنجو عشق آهي.“

”اوهان کي ڪنهن چيو؟“

”يعني آهي.“

”نه عزيز صاحب. دوست جي زال ماءُ سمان آهي.“

”ٻڌو اٿم ته سڄو سڄو ڏينهن هن جي گهر پيو هوندو آهين.“

”شايد اُتم چاهي ٿو ته سندري مون کي ڪامريڊ بڻائي.“ عزيز مشڪڻ لڳو،

هڪ دفعي رشيد ڀٽيءَ اڳيان شيخ اياز چيو، ”تنهنجو اتم سان ڪوبه نظرياتي جهڳڙو ڪونهي. تون کيس هيٺ ڪري کانئس سندري کسڻ چاهين ٿون.“

”ڪيئن؟“ مون پڇيو.

”تون ئي هندستان جو وڏو ليکڪ آهين. تون چاهين ٿو ته سندري

اتم جي نه، تنهنجي زال ٿيڻ گهرجي.“

”پر هوءَ منهنجي ماءُ آهي.“

”سچ!“

”ها اياز.“

سندري ۽ مان مالهيءَ جي ڊرامن ۾ ريهرسل ڪندا هئاسين. ڪي سي ڪاليج جي ڏاڪن تان لهندي کيس چيم: ”اهو ڊرامو هٽ ويندو، جنهن ۾ تون ۽ مان هيرو ۽ هيروئن هونداسين.“

”مان توکان عمر ۾ پنج سال وڏي آهيان.“

”مان توکان انڀو ۾ پنج سال وڏو آهيان.“

هڪ دفعي سنڌ ماڊل هاءِ اسڪول ۾ ريهرسل هلندي چيومانس، ”آخر تون منهنجي هيروئن ڇو نٿي ٿين؟“ سوال پڇي مان مشڪلڻ لڳس.

”مان تنهنجي منهن ۾ هڪ معصوم ٻار ڏسندي آهيان.“

عجب گهڻا سال پوءِ ساڳي ڳالهه مون کي ماهتاب محبوب به چئي ۽ هڪ خط ۾ پوپٽيءَ به لکي ته، ”موهن بحث ۾ جن، جلاد، قاتل، ظلمي آهي. اهو موهن جو هڪ روپ آهي. موهن جو هڪ ٻيو روپ آهي، ته هو اڃا به ٻار آهي. هن ۾ ٻار جي معصوميت آهي ۽ ان ۾ ڪو ڇل ول ڪونهي. موهن ڪلپنا جي پهرئين روپ پٺيان ٻئي روپ جو بنياد آهي، ۽ ان ڪري موهن سان سنڌ جو هر اديب ”پيار ڪري ٿو.“ عجب ته جولاءِ 1982ع ۾ دهلي آگري جي ياتر ۾ منهنجي نئين مسلم ڀيڻ گلشن به ساڳي ڳالهه چئي:

هڪ دفعي سندري دهلي ۾ آٿرس گلڊ ڪانفرنس لاءِ بمبئي سينٽرل اسٽيشن تي آئي. کيس ٽڪيٽ هئي، پر رزرويشن نه هئي. مان چانهه پيئڻ ويو هوس کيس جڳهه نه ملي. مالهي، گنو، لعل، موتي، ڪلا، پوپٽي، راهي، ڪافي اديب ۽ مان هڪ گاڏيءَ ۾ هئاسين.

مالهيءَ پڇيس، ”تون ويهندينءَ ڪٿي؟“

”ڪلپنا جي سيٽ تي.“

”۽ ڪلپنا؟“

”ان جو بندوبست هو ڪندو.“

مان آيس ته قصو ٻڌايو ويو. مون کيس پنهنجون ٽڪيٽون ڏيندي چيو: ”چيڪنگ ٿئي ته ٻڌائج ته منهنجو نالو موهن ڪلپنا آهي.“ هن کليو.

ان کان اڳ ڪلاپرڪاش جي گهر ۾ ڪافي اديب گڏ ٿياسين: مالهي، شاد، راهي، موتي وغيره. منهنجي شادي ٿي چڪي هئي ۽ ڌيءَ گيتا به وڏي ٿي رهي هئي.

مون موتي پرڪاش سان چرچو ڪيو، ”منگهارام ملڪاڻي لکيو آهي ته مون کي مرد ليکڪن ۾ موهن ڪلپنا ۽ عورتن ليکڪن ۾ ڪلا پرڪاش وڻندي آهي. ان ڏينهن سائين ملڪاڻي ۽ هيري شيوڪاڻي اڳيان مون ڪلا کي چيو: ڪلا، تو موتيءَ سان شادي ڇو ڪئي؟ مون سان ڇو نه ڪئي؟ ڪلا جون اکيون ڦاٽي ويون. کيس يقين نه آيو ته، شادي بعد منهنجي پريم جو مرڪز فقط منهنجي پتني ڪمل رهي آهي.“

”موتيءَ مشڪي چيو، ”ڪلا مون سان ڳالهه ڪئي. مون کيس چيو، توسان اهڙو نشپاپ چرچو فقط موهن ئي ڪري سگهي ٿو.“

دراصل سندري ۽ منهنجي نزديڪيءَ جو ڪارڻ فقط اهو هو ته، اسين ايشيائي سطح جا مشهور ليکڪ هئاسين. اتم نه چاهيندو هو ته مان ڇنڇر جي ڏينهن ايراني هوٽلن ۾ ادبي چرچن ۾ پنهنجو وقت وڃايان. مون کي لالا آرڪيٽيڪٽس ۾ نوڪري ملي ته هن جي نزديڪ ٿيس. هو پراڻي سيڪريٽريٽ ۾ وڏي عهدي تي هو. منهنجي دفتر ايندو هو. اسين هوٽل ۾ گڏجي ماني کائڻ  ويندا هئاسين. اسين مغز ڪڙي کائيندا هئاسين. هن مون کان ڪرشن چندر جي ”گلدستو“ ڪهاڻي به ترجمو ڪرائي. سنڌي ليکڪ ڪرشن چندر کان تمام گهڻو متاثر ٿيل هئا. ڪرشن چندر جي رپورتاج ”صبح هوتي هي“ ۾ هن تلنگانه انقلاب جي فائدي ۾ ۽ نهروءَ ۽ چندن جي وڻن خلاف گهڻو لکيو هو. جڏهن جڳت آڏواڻي کانئس ان جا سنڌي حق وٺڻ ويو ته، ڪرشن چندر نهروءَ خلاف لکيل ڪافي ٽڪرا ڪٽيا. رڳو هڪ ٽڪرو رکيائين: ڏکڻ هندستان ۾ مون تان ٻن چيزن جو جادو لٿو: چندن جي وڻن جو ۽ نهروءَ جو.

هڪ دفعي انجمن ترقي پسند ۾ ڪرشن چندر ڪهاڻي پڙهي.

هڪ نقاد چيو: ڪرشن چندر ڪهاڻي نٿو لکي، جادو ٿو ڪري.

راجندر سنگهه بيديءَ چيو: جادو گهڻو ڪيو اٿائين. هاڻي چئوس ڪجهه ڪهاڻي به لکي.

مان اُتم جي گهر آشا ۽ بينا کي هنج ۾ کڻي پيار ڪندو هوس. هو مون کي ماما چونديون هيون. هنن پوءِ ڪلاسيڪل ناچ ۾ تربيت ورتي ۽ ٽي وي تي سٺا پروگرام ڪيائون. ٻنهي سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪئي آهي ۽ اڃا به ماما ڪري سڏينديون آهن.

اُتم نه کائيندو هو، پر مان ڳاڙها مرچ گهڻا کائيندو هوس. سو ماني ڏيڻ وقت سندري ڳاڙهن مرچن جي شيشي به اڳيان رکندي هئي. هڪ دفعي مان پلنگ تي ليٽيو پيو هوس. جو سندري هڪ وڏي ڪينچي کڻي آئي. ”تون ۽ اتم سچ پچ عجيب ماڻهو آهيو. پنهنجي بدن جو خيال نٿا رکو. پنهنجن پيرن جا ننهن ڏس. ڪا ڇوڪري توکي ڪيئن پسند ڪندي. هان وٺ، پنهنجا ننهن لاهه.“

 سال ٻن بعد جڏهن اسان ٽيهن کن ليکڪن ”ممبرا کاريءَ“ ۾ سير ڪيو ۽ سڄي چنڊ ڏانهن منهن ڪري سندريءَ پاڻيءَ ۾ پير وڌا ته مون کيس چيو: تون ماءُ آهين. يا شايد چيم ڪونه پر من ۾ خيال آيم ۽ ڪٿي لکيم: هوءَ ماءُ آهي. سڀني سان ڪيترو سٺو هلي ٿي. اتم جي نظر به تيز آهي. گذريل ويهن پنجويهن سالن ۾ اتم ”نئين دنيا“ جي پرچن ۾ منهنجون جيڪي به رچنائون ڇپيون آهن ته پهرين سندريءَ جي، پوءِ منهنجي ۽ ان بعد پنهنجي ڏني آهي يا سندريءَ جي پنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ڏني آهي. شايد ان رام چاهيو ته سيتا ڀرسان تير ڪمان وارو لڇمڻ هجي.

 

 

مون کي سنيهه جي ڇايا جتي ڪٿي ملي آهي. گنو، راجو ۽ مان. اسين ويهن سالن جا هئاسين جو راجوءَ چيو: دوستي اها جو زال ننگي سمهي ته دوست هن ڏانهن اک نه کڻي.

هڪ دفعي گني چيو: تو وٽ وحشت ۽ دهشت آهي، پر مان توکي هڪ ڳالهه جي خاطري ٿو ڏيان. شروعات ۾ ڇوڪرين کي مردن جون اهي ٻه وصفون وڻنديون آهن. پر دائمي پريم لاءِ ماڻهوءَ ۾ ڪجهه ٺهر کپي. ڪلاسيڪي سورمن جيان سوچ جي گهرائي. اوچتو انترمک تي وڃڻ. جيڪڏهن تنهنجي ۽ منهنجي زال ساڳي هجي ته اها توڏانهن اک کڻي نه نهاريندي.

مان کلڻ لڳس.

”تنهنجي اها کل بند ٿي ويندي.“

”شرتچندر جي ”جوالا“ ۾ هڪ اچلا آهي، ان ۾ هڪ بابو آهي، تو وانگر انترمکي. هڪ سريش آهي، دهشتي مون جيان. ۽ اچلا جڏهن سريش سان ڀڄي ويئي. ته مهيم هن جي ڳولا به نه ڪئي ۽ آرام ڪرسيءَ تي ليٽي انتر سوچ جي دنيا ۾ گم ٿي ويو.“

”۽ سندس اها پيڙا اچلا کي واپس ڇڪي آئي.“ گني مشڪيو.

”مان عشق ۾ توکي چيڀاٽي ڇڏيندس.“

”هاڻ سنڌين ۾ ڪير آهي جو بحث ۾ توکان کٽي سگهي ٿو.“

”ته هار مڃين ٿو؟“

”نه گنا،“ مون چيو، ”مان انهن مان آهيان جي پٽ تي ڪرڻ کانپوءِ به پنهنجي لڙائي جاري رکندا آهن.“

”ته پوءِ اڄ اسين هڪ قسم ٿا کڻون.“

”ڪهڙو؟“

”اسان مان جيڪو به پهرين شادي ڪري، اها اسان ٻنهي جي زال ٿيندي.“

اسان ٻنهي ڄڻن هٿ ملايو. مون چيو. ”پوءِ مان به آڱر کڻي چئي سگهندس: هيءَ آهي منهنجي ۽ هن جو جسم منهنجو آهي. آتما منهنجي آهي. پلنگ تي رات جو پاسو ورائي ڏسندس ته اهو خالي ته نه آهي.“

”مان تنهنجي اها آڱر ڪٽي ڇڏيندس.“

اهو به هڪ وقت هو. هڪ دفعي هڪ ويد شاستريءَ چيو، ”تون عورتن تي گهڻو ٿو لکين.“

”اوهان کي ڪو اعتراض؟“

”پنهنجي عورت تي لکڻ بي شرمي آهي. پرائي عورت تي لکڻ اَڌرام آهي.“

حقيقت ۾ ان نقطي کي وڏي معنيٰ آهي. ادب ته تخليق آهي. آتم ڪٿا ۾ اهو نقطو هڪ سوال بنجي سامهون بيهي ٿو. لکڻو ته سچ ئي آهي، پر ڪهن هٿ ۾ رکڻي ٻڌڻي پوي ٿي. يا اها رکڙي اڪثر مون پنهنجي ٻانهن ۾ ڏٺي آهي. جڏهن به دوست جي زال سان اڪيلو هوندو آهيان. شايد من ۾ ڪي پراڻا سنسڪار آهن. پر انهن جو هئڻ سچ آهي.

”نيا دور ۾“ گني چيو، ”دليپ پنهنجي دوست اجيت کان پڇي ٿو: مان مندر ۾ ٿو وڃان. ٻڌاءِ، شوڀڳوان کان تولاءِ ڇا گهران؟ اجيت چئي ٿو: جيڪو پنهنجي لاءِ گهرين، مون لاءِ به اهو گهرج. ٻنهي جو وجينتي مالا سان پيار آهي. پوڄا بعد وجينتي، دليپ کان پڇي ٿي: تو ڀڳوان کان ڇا گهريو؟

دليپ: ڪجهه به نه. وجينتي: ڇو؟ دليپ: جيڪو مان پنهنجي لاءِگهران ها، اهو اجيت لاءِ به گهران ها ۽ مان ته اهو سوچي به نٿو سگهان.“ گني مشڪيو، ”اهو آهي پيار، دوستي ۽ ذهني ايمانداري.“

پيار ته مون گهڻا ڪيا، ڄڻ عشق جو ٽرئفڪ پوليس مئن هوس، حسينائون جي موٽرون آهن، جي هٿ جي اشاري سان بيهن ۽ هليون وڃن. گهڻو پوءِ مون ”مارچ جا گل“ هڪ ڪوتا لکي:

ڪي گل ڪرن ٿا موٽرن تي

گل نه آهن،

خواب آهن _

ڪنهن حسين عورت جا، ڪاليج گرل جا!

ٺوس عشق پهرين راجوءَ ڪيو، گيتا راج سان. سڄو ڏينهن هن وٽ پيو هوندو هو. ٻنهي ڄڻن ڪهاڻيون لکيون. گيتا شڪل ۾ ڄڻ پهاڙي چشمو آهي. پوءِ ته ناٽڪ ۽ فلمن ۾ نائڪا به بڻي. کيس شيخ اياز هڪ ڪتاب منسوب ڪيو آهي. ڪڏهن، جيئن ٿيندو آهي، ڪنهن ڳالهه تي رسندي ته ڀڄندي گني ڏانهن. گنو پوءِ شرت. راجوءَ کي اها ڳالهه نه وڻندي هئي. اڄڪلهه هو لنڊن ۾ آهن ۽ هر ڇنڇر تي راجو گني کي فون ڪندو آهي.

گيتا جي مون تي وڏي سند هئي. کيس شايد خبر هئي ته موهن ٽي دفعا ساڳيو سوال ٻڌڻ بعد آخرين طور نه ڪري نه سگهندو.

”اڄ اسين ناگپور ٿا وڃون.“ مشڪي، ”اوهان به هلو.“

”نه.“ اها ٿي پهرين ۽ پختي نه.

”هن کي اوهان کان سواءِ مزو نه ايندو. هلو.“

”نه.“ ارادي جي محڪمتا.

مون اجهل کي چيو آهي ته هو اوهان جي گهر وڃي ڀاڀيءَ کي چوي ته اوهين هفتو ناگپور ٿا هلو. هو ڪلياڻ اسٽيشن تي اوهان جا ڪپڙا کڻي ايندو. اوهين آفيس مان سڌو وڪٽوريا ٽرمينس ايندا. اها ”نه“ اوهين ڪنهن ٻئي لاءِ رزرو ۾ رکو.“

ايئرڪنڊيشن آفيس ۾ ڪرسيءَ تي منهنجي سامهون. مان چوندس. ”چڱو.“

ڪڏهن بيمار ٿي پوندس ته راجوءَ کي موڪلي گهر گهرائيندي هئي. راجو دفتر هليو ويندو هو ۽ هوءَ مون کي چانهيون پياريندي هئي ۽ ’سريڪا‘ ۽ ’نئين ڪهانيان‘ ۾ پڙهيل ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي. هو جڏهن باندرا پالي هل تي ائڪٽرن پاسي وڃي رهيا ته مان ڪافي بيمار ٿي پيو هوس، بيماري ته ڪانه هوندي هئي، رڳو من اداس رهندو هو. نراس. ڪجهه نه وڻندو هو. سوچيندو هوس ته اکيون ٻوٽي ڇڏيان ۽ بستري تي فقط گل پيا هجن.

استريءَ جو پيار مرد کي ڪافي مٿي ٿو کڻي. راجو ريلوي ۾ ڪلارڪ مان بلڊر ۽ پوءِ فلم پروڊيوسر ٿيو. بسو ڀٽا چاريه کي هن ئي فلم لائين ۾ آندو ۽ سندس فلم ”آس ڪي ڪهاني“ جي نائڪا راجيش کنا جي پهرين زال آنجو مهيندرا هئي. راجيش کنا جڏهن سپر اسٽار ٿيو ۽ رستي تان ڪار ۾ لنگهڻ سبب ٻه ٻه ڪلاڪ ٽرئفڪ جئم ٿيڻ لڳي ته، هڪ رات ٻين لڳي راجو راجيش کنا کي گهر وٺي ويو. گيتا کيس گراموفون تي بيگم اختر ۽ مينا ڪماريءَ جا خود ڳايل اُهي غزل ٻڌايا جو وائڙو ٿي ويو ۽ راجن چاولا جا اٺ رڪارڊ کڻي ويو. هڪ دفعي گيتا چيو: ”راجيش بلڪل اوهان جيان آهي. شانت. اداس. اوچتو مشڪندڙ. ”امر پريم“ ۾ راجيش کنا ڪونهي. اوهين آهيو.“

راجوءَ ڪار ورتي. هو مون کي اڳيان ويهاريندو. گيتا، انيتا ۽ اميش پٺيان. هي دليپ جو گهر آهي. هي نرگس جو. راجڪپور هتي ڪڏهن نه آيو آهي. توکي رڳو هڪ فل سوٽ جي ضرورت آهي. هزارين ڇوڪريون توتي مرنديون. موهن، تون هڪ سٺي ڪهاڻي ته لکي ٿو سگهين، تو وٽ ڏهه رپيا نه آهن جو ڪنهن کي فلم ڏيکاري

سگهين ۽ آئسڪريم کارائي سگهين.“

مان سنڌي ساهت منڊل جو سيڪريٽري هئس جو شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي هتي آيا. ڪافي ادبي محفلون لڳيون. هر روز ڪير سندن ماني ڪري. پوءِ ٿيو ائين جو هو سفر جا پويان ڏينهن راجوءَ جي گهر رهيا ۽ راجو به اهڙو جو ڪار کڻي کين دهلي ۽ آگرو گهمائي آيو. گيتا جو پيار ۽ مهمان نوازي شاعر جي دل ۽ دماغ ۾ گهڙي ويا، ان ڪري سندس پروگرام گيتا ئي ٺاهيندي هئي.

هڪ رات مان ۽ گنو راجوءَ وٽ هئاسين، سنڌ جو اداس روح ڀٽي به هو، گيتا بتيون بند ڪري ڇڏيون. هن چينيءَ جي وڏيءَ پليٽ ۾، هڪ قطار ۾ چار وڏيون ميڻ بتيون ٻاريون. اياز جي اڳيان ٽيپ رڪارڊ رکيو. اياز رات جو ٻارهين لڳي کان صبح جو پنجين تائين ڪوتائون پڙهندو رهيو. چانهين جا دور ۽ ڪوتائون.

هئنگنگ گارڊن تي جهرمر ۽ بتين جو پنج ميل اڌ گول وارو رستو ڏسي اياز چيو، ”جهڙو ڀڳل نيڪليس.“

مون چيو، ”ڄڻ اڌ ۾ ڇڏيل آزاد نظم.“

الهاس نگر ۾ سڳن آهوجا جي گهر ٻاهران هن مون کي پنهنجي پاسي کان ويهاريو. سڄي رات کاٻي هٿ سان منهنجي ساڄي ٻانهن کي مهٽيندو رهيو. ڄڻ منهنجي ٻانهن ۾ ڪو ڪليات، شاعري، ڪو خزانو ڀريو پيو هو.

جوهوءَ تي سنان ڪندي مون کيس چيو، ”اياز، تون شاعري ٿو ڪرين ته لڳي ٿو، ڄڻ راڻا پرتاب جي تلوار ٿي هلي.“

”اهو ڪيئن؟“

”راڻا پرتاب جي تلوار ڳري هوندي هئي، پر هو ڪيترو به لڙي، هن جي پهرئين ۽ آخري وار جو زور ۽ رفتار ساڳي رهندي هئي. راڻا پرتاب جلاوطنيءَ ۾ هو، جڏهن هن ڪنهن سامراج واديءَ کي ماريو. ٽي دفعا تلوار هلايائين. هڪ جهوپڙيءَ ۾ هڪ پيءُ ان تلوار جي زوم جو آواز ٻڌي پٽ کي چيو: ٻاهر ڏس ”راڻو پرتاب بيٺو آهي! جو ساڳئي زور ۽ رفتار سان فقط پرتاب ئي راجپوتانه ۾ تلوار هلائي سگهي ٿو.“

هن بنگلي تي چيو: ”موهن مون کي پنهنجو رايو منهنجي ڊائريءَ ۾ لکي ڏي.“

ريڊيو ڪلب مرحبا ۾ شروعاتي واقفيت وقت هن چيو، ”منهنجو توسان جنم جنم جو ناتو آهي.“

۽ وڃڻ کان اڳ ڊائري ۾ مون تي انگريزيءَ ۾ لکيل هي بيان پڙهي ٻڌايائين: ”موهن ڪلپنا هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي آخري اميد. هن جو حوص دٻيل آهي. هو ڊگهو ۽ قداور آهي ۽ کيس ڪشش ڪندڙ شخصيت آهي.“ ۽ سنڌ مان خط لکيائين: ”هندستان ۾ مون هڪ ست منهون راوڻ ڏٺو، جنهن جو سر ڪير ان ڪري نٿي ڪٽي سگهيو، جو هن وٽ رام جي آتما هئا. مون اروڙ ۾ ٻه هرڻ ڏٺا، جي اوڀر طرف منهن ڪري سنڌ جي ڪمالت ڏسي رهيا هئا.“

هونءَ اياز عظيم شاعر هوندي به طنز جو ماهر هو. اُتم گهر ۾ وسڪي کولي ته اياز چيس: ”تون هڪ ٽهڪ ڏي ته وسڪي پيان.“ اتم چيس: ”ڇو،  مون ٽيون ڏينهن جو مهيم بيچ تي ٽهڪ ڏنو هو.“

رشيد ڀٽي قوم پرست هو ۽ آهي. هن به ڪافي جيل ڀوڳيا آهن. چرچن ۾ استاد، کلي ائين ماٺ ڪندو، ڄڻ اهي ڪنهن ٻئي ڪيا آهن. جوهو جي سنان وقت هن چيو: ”هندو ۽ مسلمان جي وحشت جو پتو فقط کٽن تي پوندو آهي.“

”اهو ڪيئن؟“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org