سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: بک عشق ادب

باب: --

صفحو : 16

پر چيو هن سچ.

ڇوڪريون منهنجو چهرو ڏسي عاشق ٿينديون هيون، پر ڪپڙا ڏسندي سندن عاشق سرڳواس ٿي ويندي هئي. هڪ دفعي سڳن آهوجا چيو، ”ڪميونسٽ اسين آهيون. پر سچو باغي تون آهين. هن سماج تنهنجو قدر نه ڪيو آهي ته تون به لنڊيون پينٽون پائي ان کي چئينس: آئي ڊونٽ ڪيئر فار يو.

(مون کي اوهان جي پرواهه نه آهي).“

مون چيو، ”نه سڳن، اها بغاوت نه آهي جو چونڊ نه آهي. سٺيون پينٽون هجن ۽ نه پايان ته تون صحيح آهين.“

”ڪارل مارڪس پئرس ۾ گڏهه تي چڙهي بورجوا سماج کي ڇيڙيندو هو.“

”مارڪس کي ڪار هجي ها ته سندس پروٽيسٽ کي ڪا معنيٰ هجي ها.“

”تون مارڪس کي به نه ڇڏيندين!“

”نه سڳن،“ مون چيو، ”مارڪس هڪ سج آهي ۽ مان رستي تي ڦٽو ڪيل ٻرندڙ سگريٽ آهيان. پر اهي ڳالهيون آهن ملمعا. پنهنجي اڇا سان ڪو راج، پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي. هرشچندر ڏس. رام چندر. گوتم ٻڌ. گانڌي. نهرو. سباش.“

”مارڪس چاهي ها ته پروفيسر ٿي سگهي ٿا، پر هن اڀياس ڪرڻ ۽ سکڻ پسند ڪيو. اها گهٽ تياڳ آهي؟ لنڊن ميوزيم جي چوڪيدار کي خرچي ڏيئي، پاڻ کي ڪلف سان بند ڪرائي، اندر لڪي اڀياس ڪندو هو. هن تي ڪنهن ڪنهن ڪيس نه ڪيا. ڪاساين، مودين، کير وارن. هن يورپ ۽ آمريڪا ۾ ٿرٿلو پيدا ڪيو. سندس زال کي پڪڙي وئشيائن سان بند ڪيائون. پاڻ لکڻ ۾ مشغول. ڪنهن چيس: کيس ڇڏاءِ.

مارڪس چيو: مان ته پوري دنيا جي آزاديءَ جو ٿو سوچيان. هوءَ ته بس هڪ عورت آهي.“

مون سڳن جي چمڪندڙ اکين ڏانهن نهاريو ۽ ڪو بحث نه ڪيو. هڪ قسم جي خوشي ٿيم ته سڳن منهنجي غريبيءَ جو نه فقط مذاق نه اڏايو، پر مهاپرش جي غريبيءَ جو مثال ڏيئي سمجهايائين ته، جڏهن هنن کي ٻه  ويلا ماني نصيب نه ٿي ته اسين انهن اڳيان ليکي ۾ به نه آهيون. پر پنهنجو رستو ساڳيو آهي، چاهي اسين خسيس ۽ جيتامڙا آهيون. اهو رستو آدرشواد جو آهي. پرمان آدرشواد جي ڀيٽ ۾ انڀو ڏانهن وڌيڪ وفادار رهيو آهيان.

هاڻ عالم بيروزگاريءَ جو هو ۽ لکڻ ۽ ادبي ڪلاس جون سرگرميون زورن تي هيون. اديبن جي وچ ۾ مون کي غريبيءَ جو ڪڏهن احساس نه ٿيو. اديبن ۾ تڏهن ڪوبه پروفيسر نه هو، سواءِ عزيز ۽ رام پنجواڻي جي. ٻيا سڀ ماستر ڪلارڪ، ننڍ وڏا ڪامورا ۽ وڪيل هئا. انهن سان پوري زندگي گذاري آهي ۽ اطمينان سان گهڻن تي لکيو اٿم. هڪ دفعي سڳن آهوجا مون سان ايم ڪمل جي ۽ پرسرام ضيا جي گهر هليو. ضيا گهڻو پوءِ گذاري ويو ۽ مرڻ کان اٽڪل هڪ هفتو اڳ هن مون کي چيو ته منهنجي زندگي هاڻ ڪڏهن به ختم ٿيندي، ان ڪري چاهيان ٿو، توکي پنهنجي جيون ڪٿا ٻڌايان جا تون ئي لکندين. هو ان بعد فقط ستن ڏينهن ۾ گذاري ويو. مون سندس مختصر زندگي ”سهڻي“ رسالي ۾ لکي. ضيا اڪثر شام جو شراب پيئندو هو، جا عادت پوءِ سڳن آهوجا ۾ به پيئي. اتي ڪمل هڪ شعر پڙهيو. شايد هيءُ:

تون مون سان گڏ هئين پر

نه ٿم خبر ڪڏهن ڪٿي.

ضيا نشي ۾ . چيائين واهه واهه. ڪمل خوش. وري چيائين: ٺيڪ آهي. ڪمل حيران. وري ضيا چيس: ڇا لکيو اٿئي؟ ڪمل جي منهن جو پنو نه، سندس سڄو چُنو لهي ويو. ڪمل پوءِ ڏاڍي محنت ڪئي ۽ اڄڪلهه وڏن شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.

هڪ دفعي ڪمل مون کان پڇيو: ”ادب ۾ نواڻ ڇاهي؟“

چيومانس: ”اهو دک، جو ڪنهن يورو پيئن ظاهر ڪيو هجي.“

هڪ دفعي غصي ۾ ڪيرت چيو، ”هڪ ڏينهن ايندو، جڏهن هر ايماندار شخص کي ڪميونسٽ ٿيڻو پوندو.“

چيومانس، ”هڪ ڏينهن ايندو جڏهن هر ڪميونسٽ کي ايماندار ٿيڻو پوندو.“

هڪ دفعي مالهيءَ، سڳن آهوجا اڳيان چيو، ”تون اها غلطي نه ڪج، جا اسان ڪئي آهي.“

”ته مان ڪميونسٽ نه ٿيان،“ مون کليو.

”نه.“ سڳن چيو، ”تون شادي نه ڪج. شادي ادب جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ آهي.“

”برابر“ سڳن چيو، ”ڪنوارو ماڻهو پنهنجو ڌيان ادب کي ڏيئي سگهندو آهي.“

”جيئن عزيز ۽ تيرٿ بسنت ڏنو آهي.“

”ها،“ مالهيءَ چيو.

”گهرن جون تقاضائون، زال جو تقاضائون، ٻارن جي پرورش، وري نوڪري.“ سڳن چيو، ”اسان جي اها غلطي اسان کي وڏو ليکڪ بنجڻ نٿي ڏي.“

”۽ نوڪري به نه ڪرڻ گهرجي؟“ مون چيو.

”ها.“ سڳن چيو ”جيڪڏهن اهو ممڪن هجي.“

”ڪامياب ليکڪ ڪامياب پتي نٿو ٿي سگهي.“ مالهيءَ چيو.

”شاهه لطيف، ٽالسٽاءِ ۽ برنارڊشا ناڪامياب مڙس هئا،“ سڳن آهوجا چيو.

مان پيو کلان. منهنجي لاءِ وڏو سوال اهو هو ته مان شادي ڪري سگهندس به يا نه. گهر الائي ڪڏهن. ٺهي ڪا نوڪري به ملندي يا نه. ڪجهه ملڻ بعد ته ان ڏانهن ڌيان گهٽ ئي ويندو آهي ۽ ادب ته منهنجي رڳن ۾ ڊوڙندو آهي.

ائين سڳن آهوجا سومر سومر ڏينهن گڏجندو ۽ الڳ ٿيڻ وقت هڪ پائلي ڏيندو هو. وقت گذريو ته مالهي کيسي ۾ هٿ وجهي سڄي چينج ڏيندو هو. ادب ۾ ته اسين وڙهندا هئاسين، پر دوستيءَ ۾ ڄڻ ڀائر هئاسين مالهي ڪياني ريسٽارنٽ ۾ ويهندو هو، جتي صلاح مصلحت لاءِ ڪافي اديب، خود ڪيرت ۽ اتم به هن وٽ ويندا هئا ۽ ڪڏهن مالهي منجهندو هو ته ويسٽ اينڊ جي ريسٽ هائوس گل بهادر ۾ سڳن وٽ ويندو. سڳن گرئجوئٽ هو ۽ اهو به انگريزي ادب ۾. اديب کيس ”واڪنگ ڊڪشنري“ چوندا هئا. نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز جو گهرو دوست. ان دور ۾ بحث اڪثر ادبي ۽ نظرياتي هئا. ايڪڙ ٻيڪڙ اديب پتلونن ۽ فونن، فرجن ۽ ٽي وي تي ڳالهائيندا هئا. مالهي پوءِ اپٽا ۾ ويو. رتو گهتڪ سان دوستي ٿيس. ڀڳونتي ناواڻي کي سنڌي هلچل ۾ ڇڪي آندائين. اُتم مخالفن سان ڪڏهن به نه مشڪي. هنن کي پاڻ کان پري رکندو. ڪيرت وڌيڪ ڊپلومئٽ. ڪڏهن به ڪنهنکي لکا پوڻ نه ڏيندو ته، هو اڳلي لاءِ ڪهڙو رايو ٿو رکي، پر پيش نهايت فضيلت سان ايندو. مالهيءَ سان ڳالهائڻ مهل ڪنهن خسيس ماڻهوءَ کي به پنهنجي هستيءَ جو وڏو احساس ٿيندو. آنچل سٺو شاعر ته هو، پر لڳندو به شاعر هو. جڏهن ڪو ماڻهو نه وڻندس ته، هن ڏانهن اک نه کڻندو. سڳن کي سڀ ماڻهو وڻندا هئا. لڳندو ڄڻ پنج سئو سالن جو دوست آهي. ڪرشن راهي به دردمند شاعر. جيڪڏهن وڪيل ٿئي ها ته سپريم ڪورٽ ۾ نالو ڪڍي ها. دليل بازي ۾ نهايت قابل. ماڻهو ويٺو هوندو ته ثابت ڪري سهگندو ته هو ان شهر ۾ ئي ڪونهي. هر ڇنڇر هڪ کان چار تائين ڪياني ريسٽارنٽ. پوءِ ادبي ڪلاس. مون کي لونا ولا ۾ نوڪري ملي ته اتان به ڇنڇر ڏينهن ادبي ڪلاس ۾ ايندو هو. چانهه جا آرڊر گڏيل هوندا هئا، پر بل الڳ الڳ ڏيندا هئاسين: يعني آنو يا ٻياني. هڪ چانهه. ڪڙي ۽ مٺي، گهاٽي ۽ گرم ۽ جلدي. هڪ پان ڏي. ڪلڪتو، مٺو، سادو، ڪچي سوپاري، خوشبو ڪمام جو هلڪو اشارو.

”آنچل، هي پاڻ پٽ تي ڪرندو ته آواز نه ڪندو، پر شيشي وانگر ٽٽي ڇينهون ڇينهون ٿي ويندو.“

”اهو تنهنجن لفظن جو جادو آهي، تڏهن ئي ڇوڪريون توتي چريون ٿيون ٿين.“

پر منهنجي قسمت تڏهن ٺهندي، جڏهن مون تي چريون نه ٿينديون، مون لاءِ سنئيون ٿينديون.“

هڪ دفعي ميران ۽ ساوڻ جي ڀيڻ رتنا چوي، ”تون فقط پنجن منٽن لاءِ سٺو آهين. تنهنجين ڳالهين ۾ سڀ ڪجهه وسريو وڃي.“

”دنيا جون سڀ وڏيون ڳالهيون، فيصلا منٽن ۾ ٿيندا آهن.“

”پر موهن، ڏينهن ۾ چوويهه ڪلاڪ ٿين. ڪلاڪ ۾ سٺ منٽ. ان مان ڪو پنج منٽ ئي. . .“

”هونءَ اهي پنج منٽ ئي اهم آهن. ماڻهو پنهنجي شخصيت جو ڪجهه حصو ڏيکاري، باقي لڪائي ڇڏين. مان ته پنهنجي پوريءَ سچائيءَ سان ننگو آهيان.“ هوءَ چپ رهي.

”شايد ان ڪري تون صحيح آهين.“

بيروزگاري ۽ عشق جي ناڪامي ڄڻ جاڙيون ڀينر آهن. ٻيئي ٻنهي پاسن کان سمهن. منهنجي ڳالهه تي کلن، مشڪن ۽ مان نقاشيءَ ۾ پورو. ڪڏهن ٿو شادي ڪرين؟ ڪو پڇندو. بس هن سال خيال اٿم . ڊسمبر ۾ ڪندس. ڊسمبر گذرندو ته وري پڇندا، شادي نه ڪيئي؟ شادي! اها رد ٿي ويئي. وري ڪڏهن ڪندين؟ ڊسمبر ۾ خيال آهي. ڀائي مون وٽ شاديءَ جي اميد هوندي آهي، خاطري ته فقط رد ٿيڻ جي هوندي آهي.

1956ع ۾ ٽي مهينا جي جي هاسپيٽيل ۾ نوڪري مليم. جنوري 1957ع ۾ ريلوي ۾ مليم جا 58 ۾ ڇڏيم. 59 ۾ لالا آرڪيٽيڪٽس ۽ انجنيئرس ۾ مليم. 65 ۾ رام دادلاڻي وٽ ڪيم. 68 ۾ بيمار ٿيس ۽ آر ڪي تلريجا ڪاليج ۾ ڪيم. 69 ۾ هڪ انگريزي اخبار جو ايڊيٽر ٿيس 70 ۾ ان جو مالڪ، جا 75 تائين هلايم ۽ پوءِ ڪنسٽرڪشن لائين ۾ آيس. 78 تائين پنهنجي ڪمپني جو مالڪ ٿيس. ان سال فلم ڊسٽربيوشن ڪمپني کوليم ۽ ان ۾ اڳ ۾ ڪمايل پئسا وڃايم. سوينير ڪمپنيءَ ۾ پبلڪ رليشن آفيسر ٿيس. اتي نومبر 1979ع کان آڪٽوبر 1980ع تائين ڪم ڪيو. وري پنهنجي ڪمپني کولي اٿم ۽ ان وچ ۾ ٻه آفيسون بدلايون اٿم.

_ نوڪري بدلائڻ جا مکيه طور ٽي سبب هئا:

_  ڪو مون سان سٺو نه هلي.

_  ساڳيو ماحول ڏسي مصنوعيت جو احساس.

_ بهتر آمدنيءَ جي خواهش.

ڪڏهن علي بابا يا ماڻڪ جون ڪهاڻيون پڙهندو آهيان ته لڳندو آهي ته هيءُ به پنهنجا ذات ڀائي آهن. ڪ دفعي مشتاق شورو انٽرويو ۾ پاس ويو، پر کيس نوڪري ان ڪري نه ملي جو عمر ٻه سال ننڍي هئس. مون جتي به نوڪري ٿي ڪئي، اتي جي ماحول تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪهاڻي ته ضرور لکيم ٿي. اها ڳالهه به وشنو ڀاٽيا ڪئي ته تون پڪاسو وانگر ڪٿي به پاڻ کي دهرائيندو نه آهين.

هڪ دفعي پرچي وديارٿيءَ جي دفتر مان واپس ورندي هيري شيوڪاڻيءَ نهايت پنهنجائپ مان چيو: ”تون ايتريون نوڪريون مٽائي ڪيئن ٿو سگهين، ڪيئن ٿو پاڻ کي جدا جدا ماڻهن ۽ جڳهين سان ائڊجسٽ ڪرين؟“

”شايد مان ڏاڍو تخليقي آهيان.“

هن ڄڻ چوڻ چاهيو: ان حساب سان زال به مٽائڻ گهرجي. چوڻ چاهيان ٿو: اتي پريم آهي جا خود ۾ تخليق آهي. نه ته، ڪنهن هڪ جڳهه جي مصنوعيت باقي ماحول جي تخليق کي وسعت بخش ٿي. هن شايد چاهيو ٿي ته هڪ هنڌ اسٿائي ٿيان ۽ زندگيءَ ۾ ٿوري ساهي پٽيان پر مون زندگيءَ کي يڪساهي جيئڻ، ڀوڳڻ ۽ ماڻڻ چاهيو آهي. اها ئي ٽيبل ڪرسي پنا. پين. لکڻ. شايد ميٺارام هاسٽل ۾ ڪجهه عظيم ۽ گهرو ڏٺو مون. شايد لکڻ منهنجي فطرت ۾ آهي. يا شايد مان شروعات کان غلط هئس. گهر جا ڀاتي بک ۾ پاهه ٿيندا هئا ۽ مان لکڻ ۾ مشغول. ”ڪوڙو آهي منهنجو جيون“ ۽ هڪ دفعي مون قلم کينو:

مون ڪڏهن سوچيو هئو

مان نه لکندس ڪا ڪهاڻي

درد ان جو سهڻ کان پري آهي

مون ڏٺو اوندهه کي ڦٽندو

ڪي اکيون بي آس، خالي

جن مٿان مان ساهه فن گهوري ڇڏيان.

__

داد تي وڏو بار هو. گهر جا ڪل اٺ ڀاتي. پاڻ پوءِ اسٽينڊ هوٽل جو مئنيجر ٿيو ۽ گلو به انگريزي فرم ۾ لڳو. منهنجا دونهان ۽ سوچ ۽ ادبي محفلون. پر دادا زندگيءَ ۾ ڪڏهن چماٽ نه هنئي. مان ڊگهو. قداور. بهادر. انقلابي ۽ ليکڪ.  يا شايد کيس خبر هئي ته آزاديءَ جي ڪک ۾ بيروزگاري جو بار آهي، گرئجوئيٽ پيا ٽيڪسيون هلائين ۽ فلاسافيءَ جا ڊاڪٽر بوٽ پالشون ڪن.

وري جيڪڏهن جيون واپس ملي ته ڇا ڪريان؟ سوال نٿو اٿو. پر منهنجي ڪنهن به ڪم جي اڳيان پٺيان پڇتاءُ نه آهي. لالائن جي نوڪري ڇڏڻ بعد غلطي محسوس ڪيم. ايئرڪنڊيشن آفيس. مئنيجري. ٻه فون. تڏهن بمبئي ۾ مشڪل سان ڪا آفيس ايئرڪنڊين هئي. طارق اشرف جڏهن ان آفيس ۾ آيو ته حيران ٿي ويو. سادگي حيرت جي ماءُ آهي. سنڌ ۾ چڱي مشهوري ڏنائين ته موهن وڏو آفيسر آهي.

 

 

 گاگنداس چيو ته موهن هڪ قرب ڪر. ميران کي منهنجي بهادريءَ جون ڪهاڻيون تون ٻڌاءِ. ۽ ان ريت هن مون کي پنهنجي سريت وٽ موڪليو. پوءِ اهو روز جو نيم ٿي ويو. صبح جو نوين کان هڪ لڳي تائين اتي. ٻه چار ڪوپ چانهه جا. هن جو منهن ڳاڙهسرو ۽ اکيون بنهه ڪاريون هيون. مينا شوريءَ وانگر وڏيون. سندس چهري تي هڪ وقت حسرت، مسرت ۽ حيرت ۽ ترشنائن جا اظهار.

”اسين سڀا طرفان شرت چندر جو ڏينهن ٿا ملهايون، تون هلندينءَ؟“

”گاگن کان پڇ.“

”تون پاڻ فيصلو ڪري نٿي سگهين.“

”نٿي ڪري سگهان.“

”اها غلام منورتي آهي. تون هلج، مون سان.“

ٻئي ڏينهن هن جو منهن پيلو. گاگنداس منهنجو ڪردار جاچڻ لاءِ پاسي واري ڪوٺيءَ ۾ هو، پر مون کي ان جي خبر نه هئي. ميران چيو: گاگن دهليءَ ويو آهي. ڀلا، تنهنجو فيصلو؟ شام جو اچج.

هن مون کي ڪڏهن به شام جو نه گهرايو هو، سو ڏاڍو خوش ٿيس. هاڻ ٿورو آزاد ٿي ڳالهائيندي. وڃان ته ڏسان گهر ۾ اوندهه. سڏ ڪيم. ٻاهر آئي. اندر وٺي هلي. در ڀرسان ڪرسيءَ تي ويهاريائين، جتي ٻاهران روشني ٿي آئي. تڏهن اتي پراڻي پوسٽ آفيس هئي ۽ ادبي ڪلاس ان ڀرسان ناري شالا ۾ لڳندو هو. هوءَ هڪ ٽيبل ۽ ڪرسي کڻي آئي.

ٽيبل تي چانهه رکيائين ۽ ڪرسيءَ تي پاڻ ويٺي.

”تون مون کي پيار ٿو ڪرين؟“ هن پڇيو.

”شايد ٿي ويو آهي.“ مون چيو.

”مون سان شادي ڪندين؟“

”مون کي خوشي ٿيندي.“

”پر تون ته بيروزگار آهين!“

”ڪڏهن ته نوڪري ملندي.“

”پر اها توکي ملندي ڪيئن؟ جڏهن کان گوئا مان موٽيو آهين. روز ته مون وٽ ايندو آهين. ٽي چار مهينا ٿي ويا آهن.“

”چئين ته نه اچان. ٺيڪ آهي. سڀاڻ کان نه ايندس.“

”مان ائين نٿي چوان.“

”زندگيءَ ۾ رس ڪجهه گهٽ ئي آهي. اها زمين مان کوٽي ڪڍندو آهيان.“

هن مشڪيو. ”مان هلنديس توسان، تنهنجي پروگرام تي ۽ مون کي شرت چندر جا ڪي ڪتاب کپن.“

مان منجهي پيس. ڪتابن لاءِ پئسا ۽ مون وٽ ڪٿي.

چيم: سڀاڻ کڻي ايندس.

ٻاهر نڪتس ته ڏٺم گاگنداس بيٺو هو ۽ وٺي هلي هڪ حجام جي پاسي بينچ تي ويهاريائين.

”تو گوئا ۾ ته منهنجي بهادري ڏٺي؟“ هن ڏند شيڪيندي چيو.

”ها.“

”ڪير ميران ۾ اک رکندو ته مان ان جو خون ڪندس.“

”ڀلي ڪريو پر اوهين ته دهليءَ ويا!“

”تنهنجيءَ شرافت کي آزمائڻ ٿي چاهيم.“

”توهان ٻه زالون رکيون آهن. اها اوهان جي شرافت آهي؟“

”اهو منهنجو ذاتي معاملو آهي.“

”موهن، اسان ٻنهي جان جو جوکو کڻي گڏ ڪم ڪيو آهي. تون ميران وٽ وڃڻ ڇڏي ڏي.“

”اوهان ئي ته اتي موڪليو.“

”پنهنجي ساراهه ڪرائڻ لاءِ.“

”مان ڪو درٻاري ڀٽ نه آهيان.“

”مون وٽ وڏو ڇرو اٿئي. جي سڀاڻ تون اتي ويندين ته لاچار مون کي تنهنجو خون ڪرڻو پوندو.“

مان اٿي بيٺس. چيم: ”تون منهنجو دوست آهين، ان ڪري توکي ايترو ڳالهائڻ ڏنو اٿم. پر سڀاڻي جيڪڏهن خنجر کڻي اچين ته سڀنالي هلائج، ڇاڪاڻ جو مان جنهن کي هٿ کان جهلي ڇڪ ڏيندو آهيان، ته اهو اوڪڙو ٿيندو ويهه فوٽ وڃي پريان ڪرندو، ان بعد ٻه چار فوٽ زمين تي گهلجندو ويندو.“

هن کي اهو جوش ته، مون سندس ٻي زال سان پيار ٿي ڪيو، مٿان ائين ته مون کيس هٿ به نه لڳايو. وري سندس ڳالهه نه مڃيم ۽ کيس تون ڪري مخاطب ٿيس. هو ڏند ڪرٽيندو رهجي ويو ۽ هليو ويو. زالن جي معاملي ۾ الائي ڪيئن هو، پر ماڻهو سٺو هو. ٻئي ڏينهن ڀارتيءَ کان ڪتاب اڌارا وٺي، اتي ڏسان ته گهر کي ڪلف لڳو پيو آهي. خبر پيئي ته هنن بمبئيءَ ۾ جڳهه ورتي آهي. هو هميشه لاءِ الهاس نگر ڇڏي ويا آهن.

ميران ويهن سالن ۾ هڪ دفعو گڏي. مان ۽ گنو ڪي سي ڪاليج ۾ ڪنهن جشن تي ٿي وياسين ته، ايروز ريسٽارنٽ ۾ ملي. گاگنداس گڏ هو، جنهن چيس ته مون کي تڪڙو ڪم آهي، اتي موهن سان اچج.

پڇيائين، ”ڪيئن آهيو؟“

مون آسمان ڏانهن اکيون ڪيون، ”خدا جي مهر آهي.“

”ڏاڍا اداس پيا لڳو.“

”ائين ئي. من چنچل آهي. ڪڏهن اهو پٺيان ڍڪي.“

مون کيس ڪي سي ڪاليج ۾ ڇڏيو. گاگنداس جو نمونو تمام سٺو. اٽڪل پنج ڇهه سال ٿا جو ٽائيمس ۾ خبر ڇپي ته ميران ۽ هندستان جي ڪنهن وڏي شراب ڪمپنيءَ جي هڪ جوان نالي ڪپائي گڏجي آپگهات ڪيو. سندن لاش ڪار ۾ ڏٺا ويا. ان بعد اهو ڪي سي آءِ ڊي وارن کنيو ته متان مرڊر ڪيس هجي. خبر نه آهي ان جو ڇا ٿيو. اخبارن ۾ گاگنداس خونيءَ جي خبر لهڻ لاءِ شايد پنجاهه هزار رپيا ڏيڻ جي پڌرائي ڪئي. الائي ان جو ڇا ٿيو. اتي هنن دستوري شادي به ڪئي ۽ کين ڌيءَ ڄائي هئي.

جي جي اسپتال جي نوڪري ٽي مهينا هئي. ڪنهن ٽٿ برش ڪمپنيءَ اٽڪل ٽي سئو انساني کوپريون ميسر ڪري ڏنيون ته، ان جي ڏندن جي ماپ وٺي ٻڌايو ته هي سراسري طور ڪيڏا ٿين ٿا، جيئن اسين برابر ماپ جا ٽٿ برش ٺاهيون. مون ڪنهن جو اسسٽنٽ ٿي ڪم ڪيو. پگهار تمام وڏو. ڏيڍ سئو رپيا. ٻه چار سٺيون ڊريسون ٺهرايم. پر اها نوڪري ڪندي رات جو اکين ۾ کوپرين جو ڦرڻ شروع. ڪنهن جي منهن ۾ ڏسان ته يڪدم اتان اکيون ۽ ماس هٽيو وڃن ۽ کوپري ڏسڻ ۾ اچي. مٿو. ڳلن جا ڪنڊا ڏند ۽ کاڏيءَ جو هڏو. تڏهن سونهن فاني لڳم ۽ مساڻي گيان جا خيال اچڻ لڳا. مون ”پيار ۽ سونهن“ ڪهاڻي لکي جا به ”مهراڻ“ سنڌ ۾ ڇپي ۽ هتي اڃا نه ڇپي آهي.

نوڪري ختم ٿي ويئي. مان وري بيروزگار. ڪپڙا اڇا، کيسا خالي. ان سان دهليءَ ۾ پهرين ايشين رائيٽرس ڪانفرس ٿي. مون کي به دعوت آئي. ريلوي جي هڪ پاسي رعايت، پر ڀاڙو ڪٿان اچي. ادبي ڪلاس ۾ لوڪناٿ جيٽلي چيو ته موهن اتي ضرور وڃڻ گهرجي. هن مون کي پندرهن رپيا ڏنا جي پڇاڙيءَ تائين واپس ڪري نه سگهيس. هو اٽڪل ڏهه سال ٿيا ته مري ويو. ٿورا گهر مان ورتم.

اتي سنڌي ٻوليءَ جي تسليميءَ لاءِ دنيا جي وڏن ليکڪن کان رايا ورتم. هڪ روسي شاعره ڪافي گهري ٿي، ان سان هڪ فوٽو ڪڍايم ته ڏسان پاسي ۾ سنڊري اچي بيٺي آهي. وري ڪلا پرڪاش. پوءِ اتم، موتي، ملڪاڻي ۽ ضيا سڀ بيهندا ويا. اهو فوٽو پوءِ ”نئين دنيا“ ۾ ڇپيو. فوٽو روسي ايمبيسيءَ ۾ نڪتل آهي. منهنجي هٿ ۾ ووڊڪا جو گلاس آهي ۽ هٿ شاعره جو ڪلهي تي رکيل اٿم. ان ۾ ووڊڪا. پر فوٽوءَ ۾ اڇو گلاس ۽ ان ۾ اڇو شراب ڏسڻ ۾ نٿو اچي. البرٽو موراويا سان اتي ملاقات ٿي. پنج سال پوءِ، ٽئگور شتابديءَ جي پروگرام تي گڏيو. هتي ٽيهه رپيا ٽڪيٽ خرچي ويو هوس ۽ سنڌين مان ٻيو فقط اسان جو سائين منگهارام ملڪاڻي آيو هو. نهروءَ سان ملاقات وگيان ڀون ۾ ٿيڻي هئي، پر اسين وقت تي پهچي نه سگهياسين. بمبئيءَ ۾ اسان فقط اکيون ملايون ۽ هڪ ٻئي کي هٿ جوڙيا. ملڪاڻي اسان جي وفد جو اڳواڻ هو، جنهن صدر جمهوريت راجندر بابوءَ کي آئين ۽ ساهت اڪادميءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ آڻڻ لاءِ چيو. سندس اها ملاقات ملڪ راج آنند معرفت مون ڪرائي. هونءَ مان گهڻو اگييه سان ٿي گهميس ۽ تارا شنڪر بئنرجي، جئنيندر ڪمار، امرتا پريتم، ڌرم وير ڀارتي، يشپال ۽ ٻين سان گڏيس.

مون جڏهن فيض احمد فيض کان پڇيو، ”پاڪستان ۾ سنڌي ٻولي ڪڏهن تسليم ٿيندي؟“

هن چيو، ”پاڪستان ۾ فقط انگريزي ۽ اردو ٻوليون آهن بنگالي ۽ سنڌي ته حڪومت کي خيال ۾ به نه آهن.“

مون ان جي رپورٽ به ”مهراڻ“ ۾ موڪلي جا سٺي نموني ڇپي. ان تي ڪن ليکڪن سٺا رايا ظاهر ڪيا. ائين مان ڪانفرنس ۾ ڪافي ٻاهر ويو آهيان: ڪلڪتو دهلي، ڀوپال، جئپور، ناگپور، گانڌيڌام، پونو، مائونٽ ابو، لوناولا، الور، رائپور، لکنو وغيره. ان ڪري تمام گهڻو گهميو آهيان. اديبن جي پنهنجي سلطنت آهي. اسين ادب جا شهزادا. لکاپتي پيا پاتلن ۾ ماني کارائيندا ۽ ڪيترا شخص چاهيندا ته هڪ دفعو اسان ڏانهن نهارين.

مون ڪشميري ليکڪن سان ضياءَ جي واقفيت ڪرائي. ”هي از اَور پيپلس پوئٽ.“ (هو اسان جو عوامي شاعر آهي.) اهي ويا ته ضيا اچي ڪاوڙيو. چي: تو مون کي بازاري شاعر سڏيو آهي. پاڻ کي وارن هينگسٽن ۽ ڪلائيو  جو اولاد پيو سمجهين. اردو ۾ ڳالهائين ها. وچ ۾ سائين ملڪاڻي پڇيو: ضيا ڳالهه آهي ڇا جو محبوب موهن تي مٽيو آهين. ڳالهه ٻڌي ملڪاڻيءَ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو. ”موهن ته تنهنجي وڏائي ڪئي آهي.“ ضيا پوءِ ان لاءِ معافي ورتي.

لکنو سميلن وقت هندي ليکڪن اسان کي گهرايو. ترقي پسند اُتي ان ڪري نه هليا جو هنن دعوت گني سامتاڻي ۽ مون کي ڏني هئي. اسان مائيڪ تان ٻين کي دعوت ڏني. گنو، لعل پشپ، موتي لعل جوتواڻي اتي هليا. (1964). هنن طرفان يشپال، رام لعل، بيگم سجاد ظهير. پهرين دور چرچن جو هليو. مون هنن سان ڏاڍا چرچا ڪيا. رام لعل چوي: امان ڪيا ڪهتي هئن. مان چوان: بابا سچ ڪهتا هون. يشپال ماسڪو مان اک جو آپريشن ڪرائي آيو. سو سوچيم ته ٻيءَ جو مان ڪندو مانس. مون رٿ ڏني ته هنديءَ جا ليکڪ سنڌي ٻوليءَ جي تسليميءَ لاءِ يڪراءِ ٺهراءُ بحال ڪن. تقرير ۾ مون چيو: اسان وٽ موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ اعليٰ ادب آهي. اسان جي زبان به ترقي يافته آهي. اسين ٿورائيءَ واري جاتي جا آهيون. اسان جي ملڪ تان هن ملڪ جي تاريخ شروع ٿئي ٿي، ڇو ته زمين نه اٿئون ته اهو جائز حق نه ملندو؟ توهان کي خبر آهي ته يونيسڪو طرفان چيو ويو آهي ته دنيا ۾ شينهن ۽ گهوڙن جو نسل ختم ٿي رهيو آهي، انهن کي بچايو وڃي. هند سرڪار پڻ انهن کي بچائڻ لاءِ ڪروڙين رپيا خرچ ڪري رهي آهي. اوهان کي شينهن جو خيال آهي. گهوڙن جو خيال آهي. باقي سنڌي مرن يا جئين، ڪنهن کي فڪر ڪونهي!

هندي اديب ڏاڍو کليا ۽ منهنجو نقطو سمجهه ۾ آين. موتي جوتواڻي، سنڌ جي تاريخ ۽ ڪلچر تي سٺو ڳالهايو ۽ هندي ليکڪن کي عجب ۾ وڌائين ته چاهي سنڌ پاڪستان ۾ ويئي ۽ سنڌي هندو هندستان آيا، اتي ڪو هندو مسلم فساد نه ٿيو.

ٺهراءُ جي سخت مخالفت يشپال ڪئي. چيائين: ”هي هڪ سياسي ٺهراءُ آهي. اسين اهو قبول ڪري نه سگهنداسين.“

”پر اوهان ته سياسي تحريڪن جي رهبري ڪئي آهي ۽ ترقي پسند ادب کي سياسي مقصدن جو هٿيو بڻايو اٿوَ. اوهين ڇو ٿا ڏڪو!“

”پر اسان جي ٺهراءَ مان اوهان کي فائدو؟“

”سنڌي ٻوليءَ جي تسليميءَ لاءِ بهتر وايو منڊل پئدا ڪندو.“

اتي پندرهن ويهه مشهور هندي اديب ويٺا هئا، انهن سڀني ها ڪئي. ٺهراءُ بحال ٿيو ۽ ان تي يشپال به صحيح ڪئي. اهو ٺهراءُ ”راڻي“ رسالي ۾ ڇپيو. هندستان اخبار ۽ نئين دنيا نه ڇپيو، ڇو ته ڪا ڳالهه نئين ۽ سٺي ٿئي ۽ اهي غير ترقي پسند ڪن ته کين گوارا نه ٿيندو، بلڪه ذهني تڪليف ٿيندن. مون ميڙ ۾ ترقي پسندن جي پرچاري ذهنيت تي سخت حملو ڪيو ۽ اهو به يشپال جي اڳيان، سو ڄڻ ناراض ٿي لڳو. بيهي سنبوسا ٿي کاڌم ته پٺيان اچي ڪنهن پيار مان مڪ هنئي. ڏسان ته بيگم سجاد ظهير آهي. چيائين، ”تنهنجي گفتگو ۾ انقلاب جي خوشبو آهي. توکي ڪميونسٽ ٿيڻ گهرجي. مان ايندس تنهنجي گهر. اتي رهنديس. تو جهڙو جوان ۽ ڪميونسٽ نه ٿئي، اهو اسان جو قومي نقصان آهي.“

حقيقت ۾ هن جي ڳالهه کان وڌيڪ مون کي مڪ وڻي. شرت چندر خواه مخواه بنگالي عورتن کي اڀ تي چاڙهيو آهي. اهي ته اڪثر هر جڳهه مهان آهن. پوري دنيا جو وٽن درد آهي، نه ته ڪٿي مان هڪ غريب ٻوليءَ جو هڪ غريب هندو ليکڪ، ڪٿي غير واقف امير اردو ٻوليءَ جي مسلم ليکڪا بيگم سجاد ظهير. جڏهن ڪي سال اڳ روس ۾ سجاد ظهير مري ويو ته چاهيم وڃي سندس بيگم سان گڏجان ۽ چوانس: تنهنجي غم ۾ مان به شريڪ آهيان، ڀيڻ.

پر ڪمال هن به اها ڳالهه چئي، جا گوبند مالهيءَ ڏهه سال اڳ چئي هئي. شايد ڪميونسٽ چاهيندا آهن ته دنيا جا سڀ سٺا ماڻهو هن طرف هجن. اها به هڪ وڏي انساني دوستي آهي. پر ڪميونسٽ ٿيڻ لاءِ پنهنجن خيالن جي آزادي کي ان جي پڌرنامي جي نعرن جو بک ڪرڻ مون کي يا عمر پسند نه آئي آهي. ويچارن جي آزادي وڏي نعمت آهي، پارٽيءَ ۾ مت ڀيد معنيٰ پارٽيءَ مان نيڪالي. ۽ پارٽيءَ اندر فيصلو به يڪراءِ، يعني مت ڀيد جي گنجائش نه رهي. هندستان ۾ ٽي ڪميونسٽ پارٽيون آهن ۽ ٽنهي جا منهن لکنو جي ٽانگي جيان ٽطرفا ۽ اڳيان تاريخ جو گهوڙو. هن وقت ڪميونسٽ ملڪن جا به ٽي طرف آهن: روسي ڪميونزم، چيني ڪميونزم ۽ يورو ڪميونزم. هونئنءَ ڪميونسٽ ماڊرن رشي آهن. پوڄا لائق آهن، پر مت ڀيدن ۾ فرشتن جا تخت ڇڏي سخت ۽ مقرر اصولن جي اٺ تي چڙهندا. هونءَ به وڏا ماڻهو پنهنجو گهڻو وقت هڪ ٻئي کي هيٺ ڪرڻ ۾ خريد ڪندا آهن. پوءِ ڪو خروشچوف چوندو: هيءَ پينٽنگ آهي؟ ها، ماڊرن آهي؟ ها. مون کي ته ڪا رنگين ٿڪ ٿي لڳي. آرٽسٽ ميڙ ۾ بيهوش. خروشچوف چئي: انگلينڊ جي پرائيم منسٽر ائنٿوني ايڊن ۽ مون ۾ هڪ ڳالهه جي سهمتي ٿي ته اسين ”جاز“ ۽ ”پڪاسو“ جو ماڊرن آرٽ سمجهي نٿا سگهون. ڄڻ سمجهڻ لاءِ ڪنهن ذهني تربيت جي ضرورت نه آهي. چين ۾ هڪ ڪميسار ناٽڪ جي ريهرسل ڏسڻ ويو. نائڪا ايڪٽنگ سٺي ڪئي. پر هي چوي: ايڪٽنگ غلط آهي. پر ڪامريڊ، ڊائريڪٽر او ڪي ڪئي آهي! ڊائريڪٽر ڪير ٿيندو آهي؟ پارٽي سيڪريٽري مان آهيان، يا هو آهي! (ليٽ دي هنڊريڊ فلاورس بلوم). سنڌيءَ ۾ به سيڪريٽرين، ايڊيٽرن ۽ ڪميسارن اهو رخ ورتو. آمريڪي سامراج جا ڪيڏا به تضاد هجن، پر اتي هڪ ڪالمسٽ واٽر گيٽ سوال تي ملڪ جي طاقتور صدر نڪسن کي سندس عهدي تان هٽائي سگهي ٿو. جيئن سيمنٽ ٺڳي جي سوال تي اخبار نويس ارون شوري، مهاراشٽرا جي مکيه منتري اي آر انتلي کي هٽايو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org