سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: بک عشق ادب

باب: --

صفحو : 13

  

ڀاڀيءَ پٺيان کٽمٺڙن جي ڪارخاني ۾ نوڪري وٺي ڏني. ڏينهن جا چار آنا. معنيٰ ٽڪي ۾ ڪلاڪ. ڪم خطن تي پتا لکڻ. هڪ ڏينهن ۾ ٿڪجي پيس ۽ مالڪ کي چيم، هڪ ڏينهن ائين گذريو آهي ڄڻ سال گذريو آهي.“

کلي چيائين، ”هڪ سال ڪم ڪندين ته لڳند ئي سڄي زندگي گذري ويئي اٿئي.“

پوءِ اهڙي ڌنڌي ۾ پنهنجي زندگي ڇو پيا خراب ڪريو.“

واڇون ٽڙي ويس. ”ڇا؟“

”اوهين اڄ جو حساب ڪري ڇڏيو ۽ سڀاڻ ڪو ٻيو ماڻهو رکجو.“

پرسرام وليڇا خانگي بسن ۾ چيڪر جي نوڪري وٺي ڏني. هڪ ڪنڊيڪٽر منجهند جو هٿ تي ويهه پئسا رکيا. چيائين: ڪي پئسينجر پئسا ڏين پر ٽڪيٽون ڪونه وٺن. ڪمائي ۾ اڌ اڌ. مون چيومانس: اها سڄي ڪمائي تون پاڻ وٽ رک. ۽ پوءِ اتان گهر هليو ويس ۽ پگهار تي حق نه ڄمايم.

دادا ويسٽ اينڊ هوٽل ۾ اسٽاف بواءِ جي نوڪري وٺي ڏني. جا ٽي ڏينهن ڪيم. پهرئين ڏينهن چيائون ته هال ۾ وڃي بيهه ۽ چانهه ڪافيِءَ جو آرڊر وٺ. ڏاڍو شرم آيم. اڇا ڪپڙا ڏنائون. مان هندستان جي شيڊو ڪئبنيٽ جو پرڌان منتري ۽ ڪم ته آرڊر وٺان ته چانهه پاڻي کڻي اچ. پر قومي روايت: گدا ٿي ڪمائجي، شاهه ٿي کائجي. ٻئي ڏينهن ٻن هٿن ۾ کاڌي جي ٽري ڏنائون ته، مالڪ کي فلاڻي هنڌ پهچاءِ. وڃڻو ٽرام ۾ هو. ڌوٻي تلاءَ تي ٽرامون آيون ته ٿي، پر مان ان ۾ چڙهي نٿي سگهيس. ايتري ۾ ڪرشن راهي گڏيو. هو سوچي به نٿي سگهيو ته مان ڄڻ ڪٿي حمالي ٿيو هوس. ڪيڏانهن؟ بس، شادين ۾ ائين ئي ته وهڻو پوندو آهي. ٽئين ڏينهن ٿڪاوٽ سبب دفتر جي هڪ ڪرسيءَ تي ويٺس ته وڏو مالڪ اچي نڪتو.

”ڪرسيءَ تي ڇو ويٺو آهين؟“ جوش مان پڇيائين.

”ته پٽ تي ويهان.“

”منهنجي مٿي تي.“

”مان مئٽريڪيوليٽ آهيان، سر“

”پي ايڇ ڊي هج. توکي اٺئي ڪلاڪ بيهڻو آهي.“

مون ان وقت استعيفا لکي ڏني. ٽن ڏينهن جو پگهار شايد ٽي رپيا ڇهه آنا مليو. مون کي پاڪستان ۾ نوڪري ملي هئي ته پگهار ستر رپيا ۽ پڙهيل به گهٽ. هتي حالت اها جا ٽيهه رپيا پگهار تي لئبريريءَ ۾ لڳس. وچ ۾ اليڪشن آئي ته ٻه رپيا روز تي ووٽرن جون لسٽون ٺاهيم ۽ چڱو ناڻو ڪمايم. اليڪشن ۾ چيائون ته خانچند گوپالداس لاءِ ڪم ڪر. مون چيو: هو سنگهي آهي، پر تون به ته هئين. هئس، آهيان ڪونه. پر زبردستيءَ وٺي هليا ۽ مون هڪ تقرير ڪانگريس جي خلاف ڪئي. وري آنچل چيو: ڪامريڊ ڀوڄراڄ پرسواڻي اليڪشن (1954ع) ۾ بيٺو آهي، ڪم ڪر. هڪ تقرير هن جي ميڙ ۾ ڪانگريس خلاف ڪيم. تقرير ساڳي ڪيم، پر ائين نه چيم ته ووٽ الف يا ب کي ڏيو. ان ٻه چتائيءَ سبب خود ئي پاڻ کي چوندو هوس:

 

 لئبريريءَ ۾ هئس ته ماڻهن جا مهڻا ٻڌي ”جواب“ ڪهاڻي لکي هئم (1953ع) جنهن کي آنچل بروقت شاهڪار ڪوٺيو ۽ هيري شيوڪاڻي ان کي (1957ع) ۾ ڪامياب جديد ڪهاڻي لکيو ۽ عجيب اتفاق سان ماڻڪ، سنڌ ۾ ويهه سال پوءِ ساڳئي رنگ ڍنگ ۽ ٽيڪنڪ ۾ ”۽ هو مري ويو“ ڪهاڻي لکي.

هاڻ اسان جون بيٺڪون شام جو ديال آهوجا جي دڪان تي ٿيڻ لڳيون. روز سڳن، آنچل ۽ مان اچون ۽ ڪڏهن گنو، راجو ۽ ڀارتي. سال ٻن بعد ان جڳهه جو هڪ ٻڌي ايم ڪمل به اچڻ لڳو. پر اڃا پاڻ تي ”ڪمل“ تخلص نه رکيو هئائين.

هڪ ڏينهن جمعي جو اتي اڇي ڊريس ۾ هڪ جوان عورت آئي. 1919ع ۾ ڄائي هئي ۽ شانتي نڪيتن ۾ اندرا گانڌيءَ سان گڏ پڙهي هئي. چند بحر وزن ايندا هئس. کيس وهم هو ته هوءَ جڏهن مرندي ته گڏيل قومن جي جماعت طرفان جاچ ٿيندي. ڪميونسٽن جي سخت مخالف هئي ۽ مون لاءِ ديال کان پڇيو هئائين ته ڪيڏو آهي ۽ ڪٿي رهندو آهي، ڇا ڪندو آهي. هن مڙس کي طلاق ڏني هئي ۽ مراٺا سيڪشن ۾ ٻن ڪوٺين واري جڳهه ۾ اڪيلي رهندي هئي. مون  ”لگن“ ناول هن تي ئي لکيو آهي ۽ ”پيار جي پڇاڙي“ ۽ ”وشواس“ ۾ هن جو ڪردار کنيو اٿم. مون هن جو نالو رکيو سرجو، اها ندي جي ايوڌيا ڀرسان رهندي آهي. کلي ته جيستائين ماڻهو فنڪ نه ٿئي ته کلڻ بند ته ڪري.

”ته تون موهن ڪلپنا آهين؟“

”منهنجو ڪو ڏوهه؟“

”توکي ”آواراهه“ ناول جو ٻيو ڀاڱو لکڻو پوندو.“

”ڇو؟“

”هيرو هيروئن کي حاصل نه ڪري سگهيو ۽ پوءِ فرسٽريشن ۾ خانگي وئشيا سان شادي ڪيائين.“

”ها.“

”شادي ته ڪنهن سان به ڪرڻ سولي آهي. سوال نباهڻ جو آهي، جذبات ۾ شادي ته ڪيائين، ان وئشيا سان پوءِ هليو ڪيئن؟“

”ٺيڪ ته هليو هوندو.“

”نه ڪهاڻي شروع اتان ئي ٿئي، جتي تو ناول ختم ڪيو آهي.“

”تون به ليکڪا آهين؟“

”ڪڏهن ڪڏهن شاعري ڪندي هيس.“

”ڪو هڪ شعر ٻڌاءِ.“

”ڪڏهن پوءِ.“

اها ڪڏهن پوءِ مون کي سندس گهر وٺي هلي.

هن جي گهر ٻه پلنگ پيا هئا ۽ لالٽين. پلنگ تي وهاڻا ڪونه هئا. هڪ آرام ڪرسي ڀت تي ڪوبه فوٽو وغيره نه.

”چانهه پيئندين؟“

”مهنجو هڪ شعر آهي.“

”ٻڌاءِ.“

”کپي چانهن سگريٽ اخبار ۽ بس،

حياتيءَ سان ٻي ڪا شڪايت نه رهندي.“ تڏهن ڪو اڌ سگريٽ ڇڪي سگهندو هوس.

”حياتيءَ مان تمام گهٽ اميدون ٿو رکين.“

”ها، نه ته دک گهڻا ملندا.“

”ڪٿي آهي هوءَ جنهن سان تو شادي ڪئي.“

”باقي ڪتاب ته پاڻ تي لکيو اٿم ۽ هوءَ هڪ خيال آهي.“

”ائين ٿي نٿو سگهي.“

”هڪ ڇوڪري هئي، اڪثر نهاريندي هئي. هڪ دفعي جئه هند ڪو آپريٽو بئنڪ ٻاهران ڏسڻ ۾ آئي. هن کي هڪ گل هو. هن اهو گل مون ڏانهن وڌايو، پر مون کانئس اهو گل نه ورتو. هن پڇيو: ڇو؟ چيومانس: گل وٺندس ته توکي به سويڪار ڪرڻو پوندو، منهنجي ڪجهه ٻي ڪلپنا آهي.“

”پوءِ تو تصور ۾ هن کي طوائف بڻايو.“

”شايد.“

”جوش ڪونه لڳئي.“

”جوش مارڻ لاءِ رس ول پيئندو آهيان. ان ڪري منهن تي هيترا موهيڙا آهن.“

”هون.“

”۽ تنهنجو مڙس!“

”هن کي منهنجي جسم سان محبت ۽ ڪوتا لاءِ نفرت هئي. نتيجو؟ تون ته ڏسين ويٺو.“

هن چانهه ٺاهي ۽ اهو چانهه جو دؤر هر شام چالو رهيو ۽ هڪ شام ٿيو ائين جو لالٽين مان روشني گهٽجڻ لڳي ۽ بند ٿي ويئي. اسان ٻنهي مان ڪنهن به نه ڳالهايو. ڪافي وقت هن نه ڳالهايو. مان به چپ. ڇت جي هڪ سر ڀڳل هئي، جتان چنڊ جي چانڊوڪي ٿي آئي. هن ڇا سوچيو سو کيس معلوم. چيومانس، ”اٿ، بتي ٻار.“

هن بتي ٻاريندي پڇيو، ”رات جا ٻارنهن ٿيا آهن، ويندين ڪونه!“

”روز ته ويندو آهيان.“

”ته رات رهندين؟“

”سوچيو ناهي.“

”ها، ڪڏهن ڪڏهن سوچڻ ڇڏي ڏجي.“

مان چپ چاپ ٻئي پلنگ تي ليٽي پيس. رات جو ڏاڍو سيءُ پيو جو ڊسمبر جو مهينو هو. صبح جو پنجين لڳي اٿيس ۽ گهر هليو ويس. ٻي شام وڃڻ شرط ان ئي پلنگ تي ويٺس. هن چيو، ”رات ڏاڍو سيءُ پيو. سوچيم تنهنجي ڀرسان ليٽان اچي ۽ ڪمبل جي ٿوري ڪناري پاڻ ڏانهن ڇڪيان.“

”ته پوءِ اچين ها.“

هوءَ چپ.

مون ساڄو گوڏو مٿي ڪيو. چيومانس اچ. هوءَ آئي ۽ گوڏي کي ڀت سمجهي ان تي پٺ رکيائين. مون ساڄي ٻانهن وڌائي هٿ بيڊ جي لڪڙيءَ ڏانهن کپايو. هن منهنجي سخت ٻانهن تي ٻئي ٽنگون رکيون. ٻنهي ويٺي کليو ۽ چرچا مستي پئي ڪياسين.

”ڀلا اڄ رات بتي بند ٿي وڃي ته؟“

”ته؟“

”گوڏي کي زور ڏيندس ۽ تون منهنجي ڇاتيءَ مٿان.“

هن بلڪل نه کليو ۽ چپ رهي. ٻئي ڏينهن گني کي ٻڌايم ته اها سڄي رات هن جو اڌ بدن منهنجي ساڄي گوڏي تي هو ۽ ٻيئي خوبصورت ٽنگون منهنجي مضبوط ساڄيءَ ٻانهن مٿان، ائين مون کي بار محسوس ٿيو، پر مان چريس ڪونه ۽ کيس به پوءِ تڪليف ٿي هوندي، پر هوءَ به سڄي رات ائين ليٽي ۽ ڳالهيون ڪندي رهي.

”رشي وشواتر جو به جوڳ ٽٽي پيو.“ وري ٻي رات هن چيو، ”تون وڌيڪ مهمان آهين.“

”تون مينڪا کان به وڌيڪ سندر آهين. پر جنهن عورت بدن جي ڇن پٽ تي مڙس کي ڇڏيو، ان سامهون ته سنڀالڻو پوندو.“

”تون زندگيءَ ۾ تمام اوچو ويندين.“

”۽ هوا ۾ لٽڪي پوندس. چڱو: وري اچ منهنجي گوڏي تي.“

”هوءَ آئي ۽ مون کيس پاڻ ڏانهن ڇڪيو. بدن کي ڪجهه عجيب لڳو. رت ۾ حرارت آئي. نياضي هئي ته ننڍو هئس ۽ هينئر زندگيءَ جا ٽيويهه سال پورا ڪيا هئم.

”مون ڪام شاستر نه پڙهيو.“ ٿورو لڄي ٿي چيم.

”يعني؟“

”سيڪس جي راهه کان اڻ واقف آهيان.“

”ته مان تنهنجي گائيڊ ٿيان؟“

”سيڪس ۾.“

هن مون کي هڪ پئشونيٽ چمي ڏني. ڪنهن به ته نه ڏني هئي اهڙي. لڳم ته شانتينڪيتن جي ڪوتا مارگ تي قدم رکيو هو مون، پر جسمن ۾ ڪوتا جئه ديو جي گيت گوندم جي هئي. ان رات شايد ان قسم جون ٽي ڪوتائون پڙهيم ۽ هر رات هڪ ٻه پڙهندو هوس. ٻه چار مهينا بس رتي ۽ مدن جي راس ليلا هئي!

هوءَ نوڪري ڪندي هئي ۽ پگهار مان ڪي پئسا هل اسٽيشن جي هاسٽل ۾ رهندڙ پٽ کي موڪليندي هئي. اهو قصو پوءِ ٻڌايائين. مون کي به مونامل ۾ مزدوري ملي ويئي. ميرا چيو هو ته، پهرين پگهار مان مون کي پيسٽري کارائج ۽ هوليءَ تي رنگ به هنيو هئائين، جا ڳالهه سرجوءَ کي نه وڻي. ان بعد مون کي ساڙڻ لاءِ دفتر جي ڪن جوانن جي ساراهه ڪندي هئي. مون کيس چيو: مان ڪرشن ٿيڻ چاهيان ٿو. هڪ منهنجي راڌا ۽ هزار منهنجون گوپيون هونديون. هڪ دفعي چيائين ته منهنجي بدلي اڪبر ڪئمپ ۾ ٿي ٿئي ۽ ڪنهن کيس پرپوز  به ڪيو آهي. مان پاسو ورائي سمهي پيس.

ٻي رات هن چيو، ”مون توتي هڪ ڪوتا لکي آهي، ٻڌندين؟“

”ٻڌاءِ.“

اها ڪوتا ڪجهه اڃا به ياد اٿم. هن ريت آهي:

واه جو بڻيو هي ڪرشن، سڀ کي سکي چوي ٿو

هر ڪنهن تي پنهنجي دعويٰ، ٻئي جي نه ڪجهه سهي ٿو

نالو وٺان جي ڪنهن جو، هڪدم رسي پوي ٿو

سمجهي ٿو مون کي پنهنجو، پوءِ ڇو حسد ڪري ٿو

هن هن جي ذهن ۾ هو هر دم رهڻ ٿو چاهي

تنهنجو ئي آهيان مٺڙي، مون کي به ائين چوي ٿو.

مون به کيس پنهنجي لکيل هڪ ڪوتا ٻڌائي:

زندگيءَ جو ارٿ ڇا آهي؟

هڪ چمي اوندهه ۾ ڪنهن جي.

سرجوءَ جڏهن پهريون دفعو مون کي چمي ڏني ته، بنهه ان کن نياضي ياد آيم. پر سوچيم ته: جنهن سان آهيان، ان کن ان جو خيال ڪندس، ان جي جذبن ۽ احساسن جو. هوءَ به اندر جو سچ آهي، جو موقعي جي ساڳيائي ڏسي ياداشت جي دريءَ مان پنهنجو سيس ڪڍي ٿي، پر چمي هڪ جي ۽ لطف ٻئي جو وٺان، مون پاڻ کي اهڙي تربيت نه ڏني. جيتوڻيڪ فرائڊ چيو آهي: هڪ ماڻهو جڏهن هڪ کي چمي ٿو ته، ٻه ماڻهو ٻن کي چمن ٿا. اهو اڌورو سچ آهي، ڇو ته نياضيءَ جي چمين وقت ڪوبه ياد نه آيم. ان ڪري ئي پيار ساڳيو هوندي به پهريون پيار وڌيڪ اهميت رکي ٿو.

هڪ دفعي سرجوءَ چيو، ”مون کي آمريڪي جاسوس کاتي طرفان خاص هدايتون آهن ته هندستان ۾ جيئن مان سنڌي آهيان، سنڌين ۾ روس جي جاسوس کاتي جي سرگرمين مٿان نظر رکان. آءِ ايم ٽيرر فار ٽيررسٽس. مان سنڌين ۾ ڪميونسٽن کي اسرڻ نه ڏينديس. هو غدار آهن. هنن جو هندستان سان نه، روس سان پيار آهي. هي اهي وڀيشڻ آهن جي لنڪا جلائيندا. ٿي سگهي ٿو مون کي خون ڪيو وڃي. پوءِ ان جو سوال يو اين او ۾ اٿندو ۽ تون مون کي ان ڪارج ۾ مدد ڪندين.“

”يعني تنهنجو پيار هڪ اسٽراٽجي آهي؟“

”اسٽراٽجي آهي ۽ پيار به آهي.“

”پر ڪميونسٽن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ آمريڪا ڏانهن نهارڻ ضروري ڇو آهي؟“

”آمريڪا آزادي پسند آهي. تون ئي هڪ آهين. تون ڪجهه ڪري سگهين ٿو.“

”مان. . . مان ته سؤ رپين جي هڪ ڊيسينٽ نوڪري به نٿو ڳولهي سگهان.“

”اها وڏي ڳالهه نه آهي.“

”پر آمريڪا ڏکڻ ڪوريا کي پاڻ سان ٻڌي رکيو آهي. هن جرمني ۽ ويٽنام جو ورهاڱو ڪيو ۽ مارشل پلان هيٺ پوري آزاد دنيا کي پنهنجو غلام بنائڻ چاهي ٿي. آمريڪا روس جي انقلاب کي ختم ڪرڻ چاهي ٿي. روسي انقلاب روس مان غريبي ۽ بيماريءَ جو خاتمو آندو آهي. پرٿوي راج ڪپور چيو آهي: روس جو انقلاب قائم دائم هجي، پر مان چاهيندس ته ان جو جهنڊو فقط ڪريملن مٿان ئي جهولي.“

هوءَ چپ رهي ۽ ٻي رات اتي نه ويس. ڪافي راتيون اتي نه ويس. هڪ رات ڏسان ته اتي ڪلف لڳو پيو آهي، جيئن نياضيءَ جي گهر ٻاهران ڏٺو هئم. جاچ ڪندي معلوم ٿيو ته سندس بدلي اڪبر ڪئمپ ٿاڻا ٿي هئي ۽ پاڻ به اتي وڃي رهي پئي هئي. مون وٽ رپيو ٻه هو سو لوڪل ٽرين ۾ چڙهي ٿاڻا ويس ۽ چار پنج ميل پنڌ ڪري اڪبر ڪئمپ وڃي پهتس. رات جا ٻارنهن ٿيا هئا. چوڪيدار سنڌي هو، ان کان پتو پڇيم ۽ آخر سرجوءَ جي گهر ٻاهران اچي بيٺس. آهستي سڏيم. هن بتي ٻاري پر در نه کوليو ۽ دريءَ وٽ اچي بيٺي.

”تون هلي آئينءَ!“

”تو اچڻ ڇو بند ڪيو؟“

”ڇا پيار ايترو محدود ٿيندو آهي؟“

”تون مون سان شادي ڪندين؟“

”ڪئي ته آهي.“

”ائين نه. سماج اڳيان.“

”ڇا سٻنڌ شاديءَ ۾ ختم ٿيندا آهن؟ ائين ئي رهنداسين. مان توسان رهندس ۽ ٻئي سان شادي نه ڪندس. شادي هڪ وڏو ٻنڌڻ آهي.“

”ميران سان شادي نه ڪندين؟“

”هوءَ منهنجي دوست آهي.“

”مان تنهنجي ڪير آهيان؟“

”تون! تون منهنجي پريمڪا آهين.“

”اجايون ڳالهيون آهن، موهن. مون کي لڳي ٿو ته تون به ڪميونسٽ ٿيندين ۽ ڳالهيون به ان قسم جون ٿو ڪرين. ڪميونسٽن لاءِ پيار هڪ سوڍا جي بوتل آهي، جا پياس ٻجهائڻي آهي. شادي ڪرڻ لاءِ تيار هجين ته در کوليان.“

”نه، در نه کول. مان ائين ئي هليو ويندس. مون کي ڪوبه شرط، ڪوبه ٻنڌن قبول ڪونهي.“ ۽ مان هليو آيس. نهايت ڪاري رات هئي اها. رستو سنسان. گاڏيون بند. مان پنڌ ئي نڪري پيس. شايد ويهه ميل هو. جبل. ٽڪر. پهاڙ. من ۾ دک هو ۽ هلندي ٿڪجي پيس. صبح جا چار کن ٿيا جو رستي تي هڪ ٽرڪ بيٺي. ڊرائيور ڪو سردار جي هو.

”بابو جي ڪيڏانهن ويندين؟“

”ڪلياڻ.“

”اچ.“

هن  مون کي پنهنجي ڀرسان ويهاريو. کيس به ڪلياڻ وڃڻو هو، پر

جڏهن سڄو پتو پڇيائين ته سڌو اچي گهر ٻاهران ڇڏيائين. ڏسان ته بخار اٿم. سو پنج ڇهه ڏينهن بستري تي پيو هوس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org