سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سنڌيون

باب:

صفحو :4

اُن ڪري مير علي شير قانع کيس ڳوٺاڻو سڏيو آهي.

مخدوم صاحب فارغ التحصيل ٿيڻ تي ڏٺو ته ٺٽي توڙي سڄيءَ سنڌ ۾ کيس گهڻيون بدعتون پکڙيل نظر آيون، ۽ اسلام جي اُصولن جي صريحً خلاف ورزي پئي ڪئي وئي. پاڻ دين اسلام جي تبليغ ۽ ترويج لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيائين سي سج وانگر روشن آهن. آهن. انهيءَ سلسلي ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي واليءَ سنڌ، توڙي نادر شاهه ۽ احمد شاهه واليءَ افغانستان ڏانهن خط لکيائين. مخدوم محمد هاشم کان، هن ڪم جي سر انجامي واجب سمجهي، ميان غلام شاهه طرفان کيس اهڙو پروانو ۽ حڪمنامو ڏنو ويو، جنهن موجب ملڪي عملدارن کي هدايت ڪئي ويئي ته براين جي پاڙ پٽڻ ۾ مخدوم صاحب جا ٻانهن ٻيلي ٿين، ۽ هر طرح ساڻس تعاون ڪن. مخدوم  صاحب جو خيال هو ته هر طرح جي غير شرعي ڪمن کي ٻنجو ڏجي، ۽ سڀ فيصلا اسلامي اصولن موجب ٿيڻ گهرجن. انهيءَ نقطه نظر کان، مخدوم محمد هاشم عملي ڪم شروع ڪيو جنهن ۾ کيس چڱي ۽ خاطرخواه ڪاميابي حاصل ٿي.

مخدوم صاحب تقرير ۽ تحرير، توڙي درس ۽ تدريس ۾ پنهنجي دور جي هڪ اهم شخصيت هو. هو 1135هه ۾ مدينه منوره ويو، جتي به علماءِ اسلام ۾ هن جو ڌاڪو پئجي ويو. حج بيت الله کان موٽندي، 1137هه ۾، سورت بندر ۾ هڪ بزرگ سيد محمد سعدالله جو مريد ۽ خليفو ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ مخدوم محمد معين لکي ٿو: ”پهريائين جڏهن مخدوم محمد هاشم، هڪ بزرگ مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ کي تلقين لاءِ عرض ڪيو ته ان بزرگ فرمايو ته منهنجي سامهون مون کان تلقين حاصل ڪرڻ وارن جون صورتون پيش ڪيون ويون، تن ۾ تنهنجي صورت ڪانه هئي. اهو جواب ٻڌي مخدوم هاشم عرض ڪيو ته مون کي اُها جڳهه ٻڌايو جتي منهنجو شيخ (مرشد) آهي. بزرگ فرمايو ته تون سيد سعدالله سورتيءَ جي خدمت ۾ وڃ. انهيءَ تي مخدوم محمد هاشم، سيد سعدالله سورتيءَ وٽ حاضر ٿيو، ۽ فيض حاصل ڪيائين[2].“

پوئين زماني ۾ مخدوم صاحب ٺٽي ۾ رهي، عام خلق جي بهبوديءَ لاءِ تقرير ۽ تحرير جي وسيلي ڪم ڪندي، سنه 1147هه ۾ ڇهين رجب تي جان، جان آفرين جي حوالي ڪئي. سندس مدفن مڪليءَ تي آهي.

مخدوم محمد هاشم جون تصنيفون نه رڳو سنڌيءَ ۾ آهن، پر سندس علمي آثارن جو وڏو ڀاڱو عربي ۽ فارسيءَ ۾ به آهي. سندس عربي ڪتاب جامع الازهر ۾ به پڙهايا ويندا هئا، ۽ پڙهايا وڃن ٿا. سنڌيءَ ۾ مخدوم صاحب جا طويل نظم جي طرز تي لکيل هيٺيان ڪتاب ڪتاب ۽ رسالا مشهور آهن: تفسير پاره عم ۽ تفسير تبارڪ، فرائض الاسلام، زاداالفقير ۽ رسالو ذبح شڪار. پوين ٽن ڪتابن کي اسان ادبي نقطهء نگاهه کان بحث هيٺ آندو آهي.

فرائض اسلام: مخدوم صاحب هي ڪتاب پهرين عربيءَ ۾ لکيو هو، ۽ پوءِ ان جو سنڌيءَ ۾ طويل نظم جي طرز تي ترجمو ڪيائين. مخدوم ابوالحسن جي برپا ڪيل مدرسي ۾ جڏهن مخدوم محمد هاشم مقدمة الصلواة جي جاءِ تي فرائَض الاسلام پڙهائڻ شروع ڪيو، تڏهن ابوالحسن جا جهونا شاگرد اعتراض اٿارڻ لڳا، ۽ ان ڪري مخدوم محمد هاشم کي مخدوم ابوالحسن وارو ڪتاب مقدمة الصلواة وري جاري ڪرڻو پيو؛ پر ان ۾ ڪي ترميمون، اضافا ۽ تصحيحون ڪيائين.

فرائض الاسلام ۾ اهي سڀ ڳالهيون بيان ڪيل آهن، جيڪي اسلامي فرضن جي دائري اچن ٿيون. اسلامي فرض هڪڙا اعتقادي آهن ۽ ٻيا عملي. مخدوم محمد هاشم، ميان ابوالحسن جي ڄاڻايل ڪن مسئلن جا رد به ڏنا آهن، ۽ ڪي ترميمون ڪري اهڙا اشارا به ڏنا اٿس، ته ڪن عالمن کان غلطيون ٿيون آهن، ڌڻي انهن کي بخش ڪري، فرائض السلام جي منڍ ۾ چوي ٿو-ع

جيڪي فرض سنڌيءَ ۾ عاجز سڻايا،

سي ٻارهن سو ٻاهٺ ٿيا ليکي شمارا،

پر ڪنهين عالمن هيڪڙو سو ٽيهه فرض چيا،

ليکيائون تن کي جدا ڪري چوکا بيانا،

لکيائون تن ۾ امر سي جي فرض نه چئبا،

ڇڏيائون فرض ڪيترا قطعي جي ٿيا،

سهو ٿي ان کان بخشين مون موليٰ.

فرائض الاسلام ۾ مخدوم محمد هاشم جيڪي مسئلا ۽ فرض بحث هيٺ آندا آهن، تن جي عبارت سادي آهي. هن ڪتاب ۾ آيل نظم سندس ٻين ڪتابن ۾ آيل نظمن کان البت گهٽ معيار وارو آهي، پر قافيه پيمائيءَ جي ڪسوٽيءَ تي هي ڪامل آهي. ڪتاب ۾ ڪل ٻارهن هزار مصراعون يڪي ”آ“ قافيي تي ٻڌل آهن. تمام ٿوريون مصراعون اهڙيون آهن، جن ۾ قافيو بدلايو ويو آهي. ”آ“ قافيي جي آوازن ۾ ڪوبه فرق ۽ امتياز نه رکيو ويو آهي. ”آن- آءِ ۽ آهه“ قافين کا جائز ڄاڻي استعمال ڪيو اٿس-ع

ٽيون ايمان ان ڪري ته آهي هير موجودا،

چوٿون ته هو موجود مون ڌڻي آڳاٽو انهان-

هئڻ علم عظيم جو آهي هميشاه... الخ

مخدوم صاحب نه رڳو فرائَض الاسلام ۾، پر ٻين سنڌي ڪتابن ۾ به مشهور ديني ڪتابن جو نچوڙ پيش ڪيو آهي. فرائض الاسلام ۾ اهڙا حوالا هن جابجا ڏنا آهن، ان ڪري سندس بيان معتبر ۽ مؤثر بڻجي پيو آهي. جتي به متقدمين سان اختلاف ڏيکاريو اٿس اتي سند ڄاڻائي اٿس ته جيئن اعتراض جي گنجائش ۽ غلطيءَ جو احتمال نه رهي.

ذبح شڪار عرف راحة المومنين: هن مختصر رسالي ”ذبح شڪار“ جو تت هي آهي: جانور کي ڪهڙين حالتن ۾ حلال ڪجي، ڪيئن حلال ڪجي، حلال ڪيل جانور ڪهڙيءَ حالت ۾ مڪروه چئبو، ڪهڙا جانور حلال ۽ ڪهڙا حرام آهن، حلال جانورن جا ڪهڙا عضوا کائڻ گهرجن، ۽ هٿيار سان ماريل جانور جو حلال حرام ٿيڻ وغيره.

مخدوم صاحب پنهنجي طرفان هي رسالو انهيءَ ڪري لکيو جيئن مسلمان حلال ۽ حرام شين جو باهمي فرق پروڙين. حلال شين جو صحيح استعمال ڪن، شرح شريف جي مقرر ڪيل طور طريقي تي حلال ڪيل شيون ڪم آڻين. اهڙيءَ سمجهاڻي ڏيڻ کان اڳ تمهيد ۾ چوي ٿو-ع

هينئڙي منجهه حقير جي اچي وهم پيو،

ماڻهو مسئلا ذبح ۽ شڪار جا پڇم گهڻيرو،

ڪي لکجي، تن منجهان گهڻو جي ٿورو... الخ

مخدوم صاحب ڄاتو ٿي ته ”عربي آهي اهکي اٻوجهن اپار“؛ انهيءَ ڳالهه جو کيس احساس هو، ان ڪري هي ضروري مسئلا سنڌيءَ ۾ آندائين. هن رسالي جو نظم سهڻو، پختو ۽ وڻندڙ آهي. مخدوم محمد هاشم جو هي ادبي ڪارنامو ڪلهوڙن جي دؤر ۾ لکيل ”سنڌين“ ۾ خاص اهميت وارو آهي.

زادا الفقير مخدوم محمد هاشم، زاداالفقير ۾ روزي تي بحث ڪيو آهي. روزي کي هو زاد يعني ثمر ٿو سڏي. پنهنجي هن ننڍي رسالي ۾ مصنف روزي جا ماهيت، اهميت ۽ شرعي حيثيت تي عملي ۽ ديني زاويہء نگاه کان تبصره آرائي ڪئي آهي. هن ڪتاب جي تصنيف جو سال 1125هه آهي. مخدوم صاحب ٻين سنڌي تصنيفن وانگر هن ڪتاب ۾ به اهو اظهار ڪيو آهي ته ماڻهن کي عربي ڏکي ٿي لڳي، اُنهيءَ ڪري هو سنڌيءَ ۾ ئي لکي ٿو، ته جيئن سڀڪو سکي؛ مثال طور هن ڪتاب ۾ چوي ٿو-ع

عربي اڄاڻن کي گهڻو ڏهلي هوءِ،

سنڌي ڪيم سهکي چان سکي سڀڪوءِ.

هن ڪتاب جي عنوانن جو تت هي آهي: رمضان شريف جي چنڊ جي پڪ ڪيئن ڪجي؟، روزو ڇا آهي؟، سحري ۽ افطار جا وقت، روزن جا قسم (فرضي، واجب ۽ نفلي)، روزن جي نيت، روزا ڪنهن تي فرض ٿين ٿا، ۽ ڪنهن تي نه ٿا ٿين وغيره.

مخدوم صاحب روزي جي ماهيت ۽ حقيقت، حيثيت ۽ اهميت تي سير حاصل بحث ڪيو آهي. مصنف جي هن تصنيف جي محرڪ به ديني جذبا آهن. هي ڪم هن صاحب پاڻ تي ديني تبليغ جي سلسلي ۾ هموار ڪيو، جنهن ڏانهن اشارو ڪندي چوي ٿو-ع

سائين سنيون پائيين، مؤليٰ مؤمنن،

مٿي راهه رسول جي، راتو ڏينهن رڙهن،

سکن مسئلا دين جا، پڇن ۽ پڙهن،

پڙهي پروڙي تن کي عامل عمل ڪن- الخ.

مٿين چئن سٽن ۾ تجنيس حرفي جو به سهڻو مثال ملي ٿو. هم جنس لفظن جو اهڙو جوڙ ۽ جڙاءُ، ’زاداالفقير‘ ۾ هنڌ هنڌ ملندو. معنوي ۽ لفظي صنعتن جا به سهڻا مثال پيش ڪيا ويا آهن، جنهنڪري به رڳو مخدوم عبدالله جو قمرالمنير زاداالفقير کان سرس ليکبو، نه ته ادبي لحاظ کان ’زادالفقير‘ هن قسم جي نظمن ۾ هڪ سٺو اضافو آهي.

نظم ۽ ٻولي: نظم جي پختگيءَ جي ڪري فرائض الاسلام کان ذبح شڪار وڌيڪ معياري آهي، ۽ زاداالفقير مخدوم صاحب جي ڪلام ۾ تارن منجهه چنڊ مثل آهي. نظم جي پختگيءَ کان سواءِ صنايع ۽ بدايع ۾ به زاداالفقير ٻين کان سرس آهي. ذبح شڪار جو نظم به پختو آهي، پر اُهو زادالفقير سان برابري ڪري نٿو سگهي.

مخدوم محمد هاشم پنهنجي ”سنڌيءَ“ ۾، لاڙي ٻولي ڪم آندي آهي، ۽ عربي لفظ به چڱي انداز ۾ آڻيندو ويو آهي. هو درس ۽ تدريس جي ڪري، يا عربي ڪتابن سان واسطو رهڻ ڪري، عربي لفظن کان پاسو ڪري نه سگهيو آهي؛ پر هن ايترا گهڻا ثقيل ۽ دقيق عربي لفظ استعمال نه ڪيا آهن. مصنف عربيءَ جو يگانو عالم هو، تنهنڪري سندس سنڌي نظم ۾ عربي الفاظ جو اچڻ ڪا عجب جهڙي ڳالهه نه آهي. هن لاڙي لفظ ۽ عربيءَ جا مروج لفظ گڏوگڏ جڙيا آهن.

انتخاب- مخدوم صاحب جي مٿين ٽنهي ڪتابن مان انتخاب ڏجي ٿو، جنهن مان سندس فصيح زبان ۽ بليغ بيان جي وڌيڪ وضاحت ٿيندي.

فرائض الاسلام مان-ع:

1- فائدو پهريون اي سڻو مؤمنا،

ور ته ڄاڻي سڀڪو مؤمن مشتاقا،

جيڪي هن سنڌيءَ ۾ ٿيا مذڪورا،

ڪنان فرض رب جي تان هن مڪانا،

ڪي فرض عين سي، ڪي فرض ڪفايتا،

پر فرض عين مڙيئي جي تعلق وارا،

ساڻ پنجن رڪنن اسلام جي، جي دين جي بناءَ،

ٽي سؤ ٻٽيهه تن کان عقائدن منجهان،

ٽي سؤ چاليهه ٻيا تعلق طهارت جا،

ٽي سؤ ڇٽيهه تن کان فرض نماز ٿيا،

2- ڄاڻڻ پنجن قبلن جو فرض شريعتا،

پر نه لڌوم اي مسلئو منجهه ڪنهن ڪتابا،

ته ڄاڻن اِن قسم جو آهي ڪو فرضا،

ڪعبو آهي قبلو سو سندو رسولِ خدا،

 

زاد الفقير مان-ع

1- مان مؤمن تن کي پڙهي ياد ڪن،

جيڪي آهين ان ۾ سي مسئلا سکن،

کڻي هٿ ”هاشم“ کي مان ڪڏهن دعا ڪن،

مان مرهي ڏوهه ڏيهه ڌڻي ڏسي ڏوهارين،

جن تاري تڪيو ناهه ڪو نڪا ڇانئي ڇن،

ري رحمت رحمان جي ٻيو ڪين ٻجهن.

2- بقا ناهي بلاد کي دنيا ناهه دوام،

اجل ٿو اوتون ڪري، ٿي قريب قيام،

سمر سندي ساٿيا، ڪريو تات تمام،

ڪريو ياد ڪريم کي سنجهي صبح شام،

مڇڻ ويسارا وهو، اُڀيو منجهه اسلام،

ڪهو ڪلمو صدق سين مٿي محمد ڄام.

3- واري اواٽن کان، آڻي ڏانهن ايمان،

جو هئين ٺار اکئين سندو نور نشان.

4- مسئلا اسلام جا پڇي سڀ سکجا،

پڙهي پاڙهيو تن کي جيڪي چيو خدا،

ڪري رحمان رحمتون سٻاجهو سڀنئا،

ڪري ڪرم ڪريم ڌڻي کمي ڏوهه خطا،

فرمايئين فرقان ۾ لا تقنطوامن رحمة الله.

5- اچي جنهن شخص کي ٻيا ٻي ڏينهن ٻرو[7]

تنهن مٿي عادت پنهنجي روزو جي ڀڳو،

تان اُن ڏينهن نمرو[8] ٿيو ڪين ڏٺائين سو،

ته قضا ڪفارو تنهن تي لازم ڏيڻ هوءِ.

ذبح شڪار مان-ع

1- منجهه شرح تڪملي رازيءَ جي آهي ايءَ پچار،

ته کاڌو ڪٺو عورت جو سونهاري سردار،

تڏهن سو درست ٿيو مؤمنن موچار.

2- جي اچي داخل ٿيو شهر ۾ حاڪمن منجهان،

ڪڪڙ ڪٺائين ٻڪري تنهن کي اڳيان،

ڪارڻ تعظيم تنهن جي نه مهمانيءَ لاءِ،

ڪه قبر وٽ وليءَ جي اهي ٿوڪ ڪٺا،

ڪه بيديءَ وٽ بزرگ جي ڪه مريضن مهندا[9]،

ڪه جادا لاهيندي پٽ جي ڪٺائين گهيٽا،

ڪه هڻندي وڻ زمين ۾ ڪه کوهه کڻڻ ويرا،

ڪه نئون وسائيندي ڳوٺڙو سوڻ سڦري لاءِ،

ڪه ڪٺائون بت مهندا ڪه ڪنڌيءَ تي دريا،

ته متان اچي جن ڪو اسان ڪري ايذاءُ،

نه منجهه مڙني صورتين کيڻ [10] سو نه رهاءِ.

3- توڻي ترار ڪه تير پنهنجو ڪنهن مٿاهون رکيو،

واءُ سڻائو جو لڳو تنهن کڻي هيٺ هنيو،

سو اچي لڳو شڪار کي پر پريندي مئو،

ته کيڻ تنهنجو مؤمنن کي چيائون بڇڙو.

4- اٺون شرط شڪار جو پڻ سو ياد ڪجاهه،

جڏهن شڪاريءَ ڪتو ڊوڙايو چئي بسم الله،

تڏهن سو ڪتو رسڻ ري شڪار ڪري ٻي هاج نه ڪا،

سنهي ٿلهي نه ڪري نه ڪي ماني کاءُ،

نه ڪو وٺي قرار ڪو پسي ٿڌيري جاءِ،

وڃي ڪيائين قتل شڪار کي تنهن پڄاڻان،

تڏهن سو حرام ٿيو، کيڻ ماڻهن کان.

5- ڪارڻ اهل دين جي هي لکيم رسالو،

راحة المؤمنين [11] سنڌي رکيم تنهن نالو.

 

مخدوم عبدالله نرئـٖـي وارو

ڪلهوڙن جي زماني جو هي يگانو عالم ڪيترن ئي عملي ۽ ديني ڪتابن جو مصنف آهي. تذڪره نگارن هن بزرگ جي هڪ هم نام ميان عبدالله واعظ (عرف ميان موريو) جي نالي سندس سڄي تصنيفات کي منسوب ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري ڪتابن جو هي اصل مصنف ۽ سندس نالو گهڻو وقت گمناميءَ ۾ رهندو آيو. تازين تحقيقن مان ثابت ٿيو آهي ته جيڪي به ڪتاب اسان وٽ ميان عبدالله واعظ جي نالي ٻڌڻ ۾ پئي آيا آهن، سي حقيقت ۾ مخدوم عبدالله مندري نرئي واري جا آهن[12].

مخدوم عبدالله ذات جو مندرو (شايد ’منڌرو‘) هو. هو اصل بدين تعلقي جو ويٺل هو. سندس ڳوٺ جو نالو ماندر[13] ڄاڻايل آهي. سندس ننڍپڻ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بابت تذڪرن ۾ صرف ايترو ڄاڻايل آهي ته هن ٺٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي، ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو شاگرد ٿي رهيو.

مخدوم عبدالله ڪن اڻٽر سببن جي ڪري ماندر (مانڌر) مان لڏي، ڪڇ ملڪ ڏانهن هليو ويو، ۽ اتي ’نري‘ نالي ڳوٺ ۾ وڃي رهيو. پر اتي به هن يگاني عالم کي نه سٺو ويو. لاچار اتان لڏي ٻئي ڳوٺ سسريءَ (تعلقو ابڙاسو) ۾ وڃي رهيو، ۽ اتي ئي لاڏاڻو ڪيائين. سندس قبر به سسريءَ ۾ آهي. ڪڇ جو راجا به مخدوم صاحب جو معتقد هو. مخدوم صاحب جو اولاد ڪڇ ۽ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. مولانا قاسمي صاحب جي لکڻ موجب ”مخدوم عبدالله جي ڪتابن جو وڏو ذخيرو، سنس پوين وٽ ڪڇ ۾ محفوظ آهي“[14].

مخدوم صاحب جي سنڌي ڪتابن مان گهڻا ڇپجي چڪا آهن. اڻڇپيل ڪتابن مان ”خزانه اعظم“ هڪ آهي، جيڪو اٺن جلدن ۾ قلمي صورت ۾، پير جهنڊي جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي[15].

مخدوم صاحب جي ڪتابن ۾ هيٺيان مشهور آهن:

ڪنزالعبرت، قمرالمنير، نورالابصار، هفت بهشت، بدرالمنير، تفسير يوسف، غزوات ۽ خزانهء اعظم. پهريان ٻه ڪتاب، ڪنزالعبرت ۽ قمرالمنير جيڪي مقصديت، سلاست ۽ روانيءَ جي ڪري سنڌي نظم ۾ منفرد حيثيت جا حامل آهن. انهن ٻنهي تي هيٺ قدري تفصيل سان تبصرو ڪجي ٿو:

ڪنزالعبرت: هن ڪتاب ۾ مخدوم عبدالله، ”مڙيئي مسئلا شرح جا“ گڏ ڪيا آهن، جيڪي کيس صحيح حديثن ۽ فقهه جي ڪتابن ۾ مليا آهن، ۽ انهن مسئلن کي قرآن مجيد جي روشنيءَ ۾ نظم ڪيو اٿس. ڪنزالعبرت جي شروعات ۾ فرمائي ٿو-ع

ڪو قدر حديثن حبيب (ص) جي ڪڍي ڪتابنئا[16]،

جوڙي اٿم جمع ڪيو ڪارڻ نصيحتا،

سنڌي ڪيم تنهن جي خالص لڳ خدا،

ڪيم هيڪاندا هن نسخي ۾ اقسام روايتن جا،

ڪي بخاري ۽ مسلم منجهان ڪي منجهان مشڪواتا،

ڪي ڪنان[17] سنن ۽ معجم مان ڪي سندن منجهان،

ڪي شرحن منجهان تن جي ڪي تفسيرن منجهان،

ڪي ڪنان ڪتابن فقهه جي ڪيم ماخوذا.

ڪنزالبرت 1175هه جي تصنيف آهي. منجهس هڪ طرف مضمون جي گوناگوني آهي، ته ٻئي طرف مسئلن جي افراط آهي. هر مسئلي جو بيان دليل ۽ تمثيل سان ڪيو اٿس. نه رڳو هن ۾ فرض بيان ڪيا ويا آهن، پر واجب ۽ سنتون به بحث هيٺ آندل آهن. جيڪي عمل اسلام ۾ ممنوع آهن تن جي به چٽائي ڪيل آهي. مخدوم صاحب انهن تي تفصيل سان خيال آرائي ڪئي آهي. مثال طور ”عورتن جو قبرستان ۾ وڻ ممنوع آهي“؛ ان جي لاءِ فرمائي ٿو-ع

لکن ڪتابن ۾ انپر ٿا علماءَ،

ڪرڻ زيارت عورتن کي آهي ڪراهتا،

بلڪ هن زماني ۾ حرام چيائون آهه،

نڪرڻ نه آهي ان سندو خالي فساد ڪنان،

پڻ اصل ڪا اسلام ۾ رخصت هئي ان لاءِ،

ڪارڻ ڪرڻ زيارت جي سا پڻ هئي هن سببا،

جيئن پسي مٺا پنهنجا مان ڊڄن ڌڻيءَ ڊاءُ.

موصوف، مسئلي جي ماهيت سمجهائيندي اهو ٻڌائي ٿو ته ڇو پهريائين عورتن لاءِ قبرستان ۾ وڃڻ تي بندش نه هئي، جا پوءِ عائد ٿي. نتيجا ٻڌائيندي چوي ٿو ته: ”ٿيون آخر ان مان برايون پيدا؛“ انهيءَ ڪري هاڻي قبرستان ۾ عورتن جو وڃڻ نه رڳو ڪراهت آهي، پر حرام پڻ آهي.

ڪنزالعبرت ۾ مثال ڏيندي نمرود جي تباهيءَ جو بيان به ڪري ٿو-ع

تان پي چيائين حضرت ابراهيم کي سين پنهنجي زبانا،

ته جي تنهنجي رب جي ههڙي بادشاهت آهي ڪا،

جهڙي آهي جهان ۾ مون کي منجهه دنيا،

پڻ هوئيس [18] مون سين جنگ جي طاقت قدرتا،

جڏهن نمرود پنهنجو لشڪر وٺي ميدان تي اچي ٿو، ته جنگ جي ميدان ۽ لشڪر جو بيان مصنف هنن لفظن ۾ ڪري ٿو-ع

وٺي ڪٽڪ پاڻ سين لکين هزارا،

ست لک ساڻس سوارين نسورا اهڙا،

جي سڀ هئا پوشتا زره سين ماڻهو ۽ گهوڙا،

ٻيو جيڪي لشڪر هو ستن لکن ڌاران،

تن ڳاڻيٽو ناهه ڪو ۽ نڪو شمارا،

مٿئين بيان کي بلا ترديد رزميه شاعريءَ ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. بزم سان گڏ رزم جون ڳالهيون به مخدوم عبدالله پنهنجي ”سنڌيءَ“ ۾ خوبيءَ سان نباهيون آهن. اهڙا واقعا موصوف ڪن ڳالهين جي وضاحت ۽ سچ جي فوقيت ڄاڻائڻ خاطر ضمني طور بيان ڪيا آهن.

مضمون جي وچ وچ ۾ ڪي قصا ۽ خاص طور رسول ڪريم صلعم جن جي زماني جون سچيون ڳالهيون مثالن وانگر آڻي، مصنف پنهنجي بيان کي وڌيڪ رنگين بنايو آهي. علم جي حاصلات بابت چوي ٿو-ع

لکن ڪتابن ۾ اِن پر ٿا علماءَ،

طلب ڪرڻ علم جي اي فرض سڀن تي آهه،

توڻي آهي مڙس سو توڻي عورت سا،

طلب العلم فريضة عليٰ ڪل مسلم و مسلمة چيو رسول خدا،

پاڻ فرمايو فرقان ۾ ملڪ جي مؤليٰ،

ته جيڪي مرسل انبياء مڪا مون هئا،

سي سڀ آيا عالم ۾ انهيءَ سبب لاءِ،

ڪرين اطاعت منهنجي امر جي مڃين فرمودا،

پڻ سکائين سڀن کي علم دين هدا.

اهڙيءَ طرح مخدوم صاحب هر ڳالهه قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ سمجهائي ٿو. ٻئي طرف پنهنجي هيڻائيءَ جو بيان به پرسوز ۽ رقت آميز لفظن ۾ ڪري ٿو. قيامت جي ڏينهن ۽ خوف جو بيان ڪندي، ذات پات جي مت ڀيد ۽ وڏائيءَ کي واضح الفاظ ۾ نندي ٿو. جنهن جو مثال سندس هنن مصراعن ۾ ملاحظه ٿئي-ع

مورَ نه ٿيندو مهند سو ذات جي سببا،

ته ڪي سيد آهيان ڪ قريشن منجهان،

آءٌ ڇٽندس عملن ري ذات جي سببا،

ڪ آهيان پوٽو پيرن جو ۽ وڏيرن وياءُ،

منهنجا ڏاڏا پاڻهي مون کي ڇڏائيندا،

متان ڀرسو انهيءَ ڳالهه تي ڪري ڪو ادا،

سڀڪو لهندو پورهيو موجب ڪمائيا،

الٰهي ’عبدالله‘ چوي آءٌ ساريان سگهه نه ڪا،

نه مون علم نه عمل ڪي اي صاحب سٻاجها.

خاص طور ڪنزالعبرت ۾ مخدوم صاحب هيٺين ڳالهين تي بحث ڪيو آهي: قبرن جي زيارت، مجازي عشق، شرابنوشي، نذر نياز، سرود ۽ سماع ۽ خيانت وغيره. هي ڪتاب ٻن جلدن ۾ آهي هر عنوان جدا باب تحت آهي. هر عنوان تي سير حاصل بحث ڪيو ويو آهي.

قمرالمنير: هن ڪتاب جو بنياد عربي ڪتاب ’شرح سراج المنير‘ تي آهي، جنهن ۾ رسول ڪريم صه جن جي حالات، عادات و اطوار ۽ اسوه حسنه جو بيان آهي. مخدوم عبدالله ان کي ’سنڌيءَ‘ جو ويس ڍڪايو آهي. هن ڪتاب ۾ آيل نظم ڪنزالعبرت کان وڌيڪ وڻندڙ آهي.

ڪتاب جي شروعات نهايت پرسوز ۽ پر درد آهي. انهيءَ لاءِ خانبهادر ميمڻ[19] بلڪل پوري قياس آرائي ڪئي آهي ته ”مخدوم عبدالله ههڙي قسم جو نظم اڪثر ان وقت لکندو هو جنهن وقت سندس دل تي غم جو بار هوندو هو.“ ڪن پيارن جي جدائي، زماني، جي بي التفاتي ۽ عزيز جي وفات جي تازي صدمي جي اثر هيٺ سندس طبع ۾ هيجان ۽ غم و اندوهه هو؛ ان اثر هيٺ هو اهڙو نظم لکندو هو. جيئن ڪنزالعبرت جو سڄو نظم ’آ‘ جي قافيي تي آهي، تيئن قمرالمنير سڄي ڪتاب ۾ ’ن‘ جو قافيو آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف پنهنجي دلگيريءَ جو بيان هن ريت ڪري ٿو-ع

گوندر مٿي گوندرين اپر اوتون ڪن،

موت مشڪلاتون مفارقتون هم غم هزارن،

ڪيس تن ڪاهل گهڻو ماري مصيبتن،

مون سين موافق جي هئا منجهه مڙني مصلحتن،

درد دلگيريون دل جون جن ڏٺي ڏور ٿين،

سي اڻ موڪلايا اُسهيا پوريو پهه پين،

آرتو اوتيان اکئين ساريو ڳڻ سندن.

عزيزن ۽ دوستن جي بي مهابائيءَ جو ذڪر به رقت آميز ۽ دلسوز انداز سان ڪري ٿو-ع

عزيز هئا جي اڳيان تن ڇڏيو ساءُ سڀن،

ويو ميٺ مڙن مان ڪو جو واءُ ورين،

گهڻگهرائي ناهه ڪا مڙئي مٺو گهرن،

نفسانيت نابود ڪئي مٺائي مڙن،

مٿيون چند سٽون مصنف تمهيد طور لکيون آهن. ان کان پوءِ هو مقصد تي اچي ٿو، ۽ حضرت رسول ڪريم جن جا حالات ۽ اسوه حسنه بيان ڪري ٿو. شروع ۾ چوي ٿو ته حضور جن جي حيات بابرڪات جي ڄاڻ سبب مؤمن جو ذهن سنجيدو ۽ متين ٿئي ٿو؛ سندن زندگيءَ مان سبق وٺي، انسان پنهنجا عمل صالح ڪري، آفتن کان بچي سگهي ٿو-ع

هاڻي سڻو مؤمنا هنئين جن ڪنن،

اوصاف احمد ڄام جا پار سندا پرين،

ڪهڙا رکايا رب هئا اخلاق عجيب منجهن،

اوصاف افعال اڪمل جا سکي صحيح ڪجن،

جنهن ڪري سڃاڻجي ”سيد“ سندو سڀن،

پڻ ايمان ۽ اسلام بچي ڪنان[20] آفتن.

تخيلات جي گوناگوني ۽ مضمون آفرينيءَ جي ڪري ”قمرالمنير“ همعصر ”سنڌين“ کان سرس آهي. منجهس محاڪات جي ڪمي ڪانهي، ۽ منظرنگاريءَ جا ڪيترائي سهڻا مثال موجود آهن. معراج نبويءَ جو بيان ڪندي، براق جي تصوير هنن لفظن ۾ چٽي ٿو:

جيئن پاتو پير رڪاب ۾ رحمتِ عالمن،

براق ڀڄي اڳهون ٿيو اڀيي[21] نه اسپ سندن،

پٺ نه جهلي سو پانهنجي اڳيان عجيبن،

ڪري رقص ري پيئي نچي سين نازن،

هينئري هڻڪارون ڪري ڪڏي ڀر قدمن،

سهکو اڀي نه ساٿرو مهندان مقبولن،

حضرت جبريل هڪل ڪري ساڻ هيبتن،

چئيس چٽي زبان سين وٺي واڳ هٿن،

ڪه نه سڃاڻين نبيءَ کي جو مهندار محبوبن.

براق جواب ۾ چيو-ع

چي گهڻو سڃاڻان گوهر اي دادلو ڌڻين،

مولي سندو محبوب جو، سو سڀئي سڃاڻن،

اکين تي آئون کڻان پيزارون پرين،

پر ڄاڻي ڪيم سرڪشي ايءَ اڳيان عجيبن،

تان مون سين ڪري وعدو ور تهان پوءِ چڙهن.

قمرالمنير ۾ آيل نظم مقرر ڪيل فني معيار موجب ۽ سٽاءَ جي لحاظ کان پختو نظم آهي. تنهن سان گڏ صوري توڙي معنوي لحاظ کان اعليٰ پايي جو آهي.

ٻولي: مخدوم عبدالله جي زبان لاڙي سنڌي آهي. قمرالمنير ۽ ڪنزالعبرت کانسواءِ، هن پنهنجين ٻين تصنيفن جهڙوڪ: غزوات، شجاعت سيد الانام، خلفاءِ راشين، سنڱنامو، ايمان مجمل ۽ ايمان مفصل، نڪاح جي ترتيب، ترڪو ۽ ورثو وغيره ۾ ساڳي لاڙي، ۽ وقت جي مروج زبان ڪم آندي آهي. زبان جي سلسلي ۾ هو متقدمين کان متاثر ٿيو آهي. سندس زبان ۾ ميان ابوالحسن ۽ مخدوم محمد هاشم جي امتزاج جون جهلڪيون موجود آهن. مختصر طور سندس لاڙي لهجي واري ٻوليءَ لاءِ ائين چئجي ته هن وٽ علمي سنڌي موجود آهي، جنهن کي قمرالمنير ۾ ڪمال تي پهچايو اٿس. مخدوم عبدالله کي پنهنجي همعصر دور ۾ هڪ خاص مقام حاصل آهي. هن جي ديني ۽ ادبي ڪم ۾ جا يگانگت ۽ هم آهنگي آهي، ان جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته هن قسم جي نظم جي سلسلي ۾ هو هڪ اعليٰ پايه جو نظم نويس هو.


[1]. قانع علي شير: ”تحفة الڪرام“ (سنڌي)، ص 565.

[2]. مخدوم محمد معين: ”دراسات اللبيب“، (عربي) (مرتب عبدالرشيد نعماني): سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1957ع، مقدمي جو حاشيو ص 16.

[3]. هير= هينئر (لاڙي)

[4]. تذڪره لطفي، ڀاڱو پهرئين (ڇاپو ٻيو) ص 322 ۾ محترم لطف الله بدويءَ، ’زاد الفقير‘ جي مصنف جو نالو عبدالخالق ڄاڻايو آهي، پر اهو غلط آهي. عبدالخالق جو ڪتاب ’مطلوب المؤمنين‘ آهي، جنهنجو ذڪر اسان اڳ ۾ ڪيو آهي، ۽ پڻ ڏسو ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، ڀاڱو پهريون، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد، 1937ع، ص 111.

[5]. ڏکي.

[6]. چوان.

[7]. تپ، بخار

[8]. چڱو ڀلو

[9]. اڳيان

[10]. کائڻ

[11]. مخدوم محمد هاشم پنهنجي رسالي ذبح شڪار کي راحة المومنين به سڏيو آهي.

[12]. ڏسو: مولانا محمد مدنيءَ (ڪراچي) جو ڇپايل ”ڪنزالعبرت“، سال 1961ع، مهاڳ، ص ’ب‘. جناب مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي لکيل اُن سوانح تي، مٿي آندل احوال جو آڌار آهي.

[13]. حقيقت ۾ بدين تعلقي جي سڄي ڏاکڻئين حصي کي ’مانڌر‘ چيو ويندو آهي، يعني اهو هنڌ جتي منڌرا قوم رهي ٿي. هن مقالي جو مصنف ان حصي جو رهاڪو آهي. گفتگو ۾ منڌرا قوم کي به مانڌر چيو ويندو آهي. مون کي سڄي بدين تعلقي ۾ ڪوبه ماندر (يا مانڌر) نالي ڳوٺ ڪونه سجهي.

[14]. ڏسو مولانا محمد (ڪراچي) جو ڇپايل، ”ڪنزالعبرت“، 1961ع جو مهاڳ، ص ’ج‘.

[15]. هيءَ معلومات قبله مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن عنايت فرمائي.

[16]. ڪتابن مان

[17]. کان

[18]. هجيس

[19]. ميمڻ محمد صديق: ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، ڀاڱو پهريون، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد 1937ع، ص 214

[20]. کان

[21]. بيهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: