سيڪشن: ادب

ڪتاب: گليلو

باب:

صفحو:8 

گليلو:( سمجهاڻي ڏيڻ لاءِ تيار ٿيندي): آءُ ته مقدس ڪليسا جو سپوت آهيان.…

بابريني: هيءُ سمجهائڻ کان پري آهي. پوريءَ معصوميت سان هيءُ خدا کي فلڪيات جي علم ۾ بلڪل ئي اڻڄاڻ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. اوهين ڇا ٿا سمجهو ته مقدس انجيل جي ڪتابن ٺاهڻ کان پهريائين خداوند قدوس فلڪيات جو پورو مطالعو نه ڪيو هو؟ اڙي منهنجا محترم عزيز دوست…

بيلارمين: اوهان کي هيءُ ڳالهه وڌيڪ ممڪن نه ٿي لڳي ته خالق اڪبر پنهنجيءَ تخليق متعلق گهڻو ڄاڻي ٿو. ۽ خود تخليق پنهنجي متعل ايترو نٿي ڄاڻي؟

گليلو: پر معزز صاحبو، ماڻهو نه رڳو تارن جي چرپر کي غلط سمجهي سگهي ٿو، پر خود مقدس انجيل کي به غلط سمجهي سگهي ٿو.

بيلارمين: پر مقدس انجيل جو سمجهڻ ۽ ان جو تفسير ڪرڻ ته بهرحال مقدس ڪليسا جي شريعت عاليه جي عالمن سڳورن جو ڪم آهي.

(گليلو خاموش آهي)

بيلارمين: هاڻي ڏٺئي نه! تون هاڻي چُپ آهين.(هو ڪلارڪن کي اشارو ڪري ٿو) استاد گليلي، اڄ رات مقدس ڪليسا جي صدر دفتر تسليم ڪيو آهي ته ڪاپرنيڪس جي تعليم، جنهن مطابق سج ڪائنات جو مرڪز آهي ۽ اهو بيٺل آهي ۽ ڌرتي ڪائنات جو مرڪز نه آهي ۽ اُها هلي پيئي، هڪ فضول،احمقانه، ملحدانه تعليم آهي. مون تي اِهو فرض رکيل  آهي ته آءُ اوهان کي ان فيصلي کان آگاهه ڪريان (پهرئين ڪلارڪ کي:) اِهو وري پڙهي ٻڌاءِ.

پهريون ڪلارڪ: حضرت سائين ڪارڊينل بيلارمين مٿي ذڪر ڪيل گليلو گليليءَ کي: مقدس ڪليسا جي صدر دفتر فيصلو ڪيو آهي ته ڪاپرنيڪس جي تعليم، جنهن مطابق سج ڪائنات جو مرڪز آهي ۽ اهو بيٺل آهي، ۽ ڌرتي ڪائنات جو مرڪز نه آهي ۽ اُها هلي پيئي. هڪ فضول، احمقانه ۽ ملحدانه تعليم آهي. مون تي اهو فرض رکيل آهي ته آءُ اوها کي اِن فيصلي کان آگاهه ڪريان.

گليلو: اِن جو ڇا مطلب ٿيو؟

(رقص واري هال مان ڇوڪرن جي آواز ۾ نظم جو هڪڙو بند ڳائجندي ٻڌجي ٿو:)

آءُ چوان ٿو: دلڪش موسم تيز اڏامندي ٿي وڃي:

سو، گلاب ڇني وٺ_ اڃا مئي جو مهينو باقي آهي.

(بريني ۽ بيلارمين گليلو کي راڳ جي پوري ٿيڻ تائين چپ ڪري بيهڻ جو اشارو ڪن ٿا. هو ڏاڍيءَ اُڪير سان بيهي راڳ ٻڌن ٿا.)

گليلو: پر حقيقتون؟ مون سمجهيو هو ته  مقدس روم جي ڪاليج جي فلڪيات جي عالمن منهنجا مشاهدا قبول ڪيا هئا.

بيلارمين: ۽ پوري اطمينان جو اظهار ڪيو هئائون، ۽ اها اوهان لاءِ وڏي ۾ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي.

گليلو: ۽مشتريءَ جا اپگرهه ۽ زهره جون ڪلائون…‏

بيلارمين:مقدس ڪلياس جي صدر دفتر انهن تفصيلي فروعات کي خيال ۾ آڻڻ کان سواءِ اهو فيصلو ڪيو آهي.

گليلُو: تنهن جي معنيٰ ته سمري وڌيڪ سائنسي تحقيق…

بيلارمين: پوريءَ طرح هلندي رهندي، استاد گليلي. ۽ مقدس ڪليسا جي اِنهيءَ نظريي جي عين مطابق ته اسين اصل کي سڃاڻي نٿا سگهون. پر اسان کي تحقيق جاري رکڻ گهرجي. (هو پري کان رقص جي هال ۾ ڪنهن مهمان کي وري کيڪاري ٿو) اوهان کي اِها به آزادي آهي ته خود هن تعليم جي به، رياضيءَ جي هڪ مفروضي طور، تشريح ڪندا رهو، سائنس، استاد گليلي، مقدس ڪليسا جي خدائي تبليغ جي هڪ بلڪل جائز ۽ محبوب شاخ آهي. اسان مان ڪنهن هڪ جو هيءُ خيال ڪونهي ته اوهين ڪو مقدس ڪليسا جي اختيار اعليٰ کي ڊاهڻ ٿا گهرو.

گليلو: (ڪاوڙ مان): اختيار جو ناجائز استعمال ئي اُن کي ڪمزور بنائي ٿو ته نيٺ اُن کي ڊاهي ٿو.

باربريني: سچ پچ؟(هو، زور سان کلندي، هن جي پٺي ٺپري ٿو. پوءِ هو جوهه وجهي. هنُ کي ڏسي ٿو. ۽ ڪجهه همدرديءَ سان گڏ ٻار  کي به اڇلائي نه ڇڏبو آهي. اسين به ائين ڪرڻ نٿا گهرون. اوهان کي به ائين ڪرڻ نه گهرجي. اوهان کي اسان جي گهرج آهي. اُن کان وڌيڪ اسان کي اوهان جي گهرج  آهي.

بيلارمين: منهنجي دلي خواهش آهي ته  اسين اٽليءَ جي عظيم ترين رياضي دان کي مقدس ڪليسا جي صدر دفتر جي سربراهه کي خدمت ۾ پيش ڪريو. جنهن جي دل ۾ اوهان لاءِ وڏي تعظيم ۽ وڏو احترم آهي.

باربريني(گليلو جي ٻي ٻانهن جهليندي): جنهن تي اِهو بهتر ٿئي ها. جيڪڏهن اوهين به هتي ڪاليج جي استادن جي روايتي چوغي ۾ ڍڪجي اچو ها. منهنجو پوش ئي آهي. جيڪو اڄ مون کي هتي ڪجهه وڌيڪ آزادي سان هلڻ ڏئي ٿو. هن ئي پوش ۾ آءُ اوهان جي ڪن ۾ چئي سگهان ٿو: جيڪڏهن خدا ڪونهي، ته ماڻهوءَ کي اهو ايجاد ڪرڻ پوندو“ پر اسان کي ته پوش آهن. ويچاري گليلي کي ڪوئي پوش ڪونهي.

(هو گليلي کي وچ ۾ ڪري، پاڻ سان گڏ، رقص جي حال ۾ وٺي وڃن ٿا.)

پهريون ڪلارڪ: پويون جملو ٻڌي سگهئين؟

ٻيو ڪلارڪ: نه (تکو تکو لکندا رهن ٿا) تو اهي لفط لکيا، جڏهن هو چيو هو ته عقل کي مڃي ٿو؟

(ڪارڊينل محتس اچي ٿو)

محتسب: گفتگو ٿي؟

پهريون ڪلارڪ (مشيني انداز سان): پهريائي استاد گليلي پنهنجي ڌيءُ سان اندر آيو. اڄ هوءَ ليوڊو وڪو سان گڏ مڱي... (محتسب بي صبريءَ وچان اِتي هن کي ڪٽي ٿو) استاد گليليءَ پوءِ اسان کي شطرنج کيڏڻ جو نئون طريقو سيکاريو، جنهن ۾ روايتي قاعدن جي ابتڙ، هن وڏي وڏي چال هلي، سڄيءَ بساط مهرا ڦيائي ڏيکاريا....

محتسب (هن کي بس ڪرڻ جو اشارو ڪري ٿو) ڪاپي ڪٿي آهي؟

(هڪڙو ڪلارڪ هن کي ڪاپي ڏئي ٿو، ۽ و ويهي اها پڙهي ٿو. ٻه جوان عورتون، منهن تي پوش پاتل، اسٽيج تان اچي لنگهن ٿيون. اهي، ويندي ويندي ڪارڊينل جي اڳيان جهڪي آداب بج آڻين ٿيون)

هڪڙي جوان عورت: اهو ڪير آهي؟

ٻي: ڪارڊينل محتسب.

(هو کک کک ڪنديون هليون وڃ ٿيون. اتي ورجينيا. هيڏانهن هوڏانهن ڪنهن شي کي ڳوليندي، داخل ٿئي ٿي)

محتسب (پنهنجي ڪنڊ مان) ڇا آهي، منهنجي ڌيءُ

ورجينيا (ڇرڪ ڀري ٿي، ڇاڪاڻ ته هن کي ڪونه ڏٺو هئائين) او حضرت سائين!

(ڪنڌ مٿي کڻڻ کان سواءِ. محتسب پنهنجو ساڄو هٿ ڊگهيري ٿو. هوءَ ويجهو اچي ٿي. نِوڙي ٿي ۽ هن جي مَنڊيءَ کي چمي ٿي)

محتسب: بهترين رات آهي. مڱڻي جي مبارڪ. تنهنجو گهوٽ چڱي خاندان مان آهي. هاڻي، اوهان اسان وٽ روم ۾ رهندا؟

ورجينيا: يا حضرت، شروع ۾ نه. شاديءَ لاءِ تياري ڪرڻي آهي.

محتسب: ها. سو تو پنهنجي پيءُ سان فلارينس ويندينءَ. اهو ٺيڪ ٿيندو. آئون سمجهان ٿو ته تنهنجي پيءُ کي تنهنجي ضرورت آهي. رياضي جو علم ڪو دلچسپ ساٿي به ڪونهي. ڪيئن، هائو نه؟

اهڙي ماحول ۾ ڪنهن انسان جو گڏ هجڻ سان وڏو فرق ٿو پوي. تنهنجي پيءُ جهڙو عالم ۽ فاضل ماڻهو ته آسانيءَ سان تارن جي دنيا ۾ پاڻ کي گم ڪري ويهندو هوندو ۽ تارن جي دنيا ته ڏاڍي وڏي دنيا آهي.

ورجينيا: (وڏو ساهه کڻندي) توهين ڏاڍا مهربان آهيو، يا حضرت، سچ پچ ته مون کي اهڙين ڳالهين جي ڪا خبر ڪانهي.

محتسب: واقعي؟ (هو کلي ٿو) ماهيگير جي گهر ۾ مڇي ڪانه کائين، هان؟ تنهنجي پيءُ کي ته عجب لڳندو، جڏهن ٻڌندو ته توکي مون فلڪيات جي علم جون ڳالهيون ٻڌايون آهن. (ڪاپيءَ جا پنا ورائيندي) آءُ هتي ڏسان ٿو ته اسان جا نون خيالن وارا خود سمجهن ٿا ته اسان جي پياريءَ ڌرتي کي جو شروع کان ايتري اهميت مليل آهي، ان ۾ گهڻو وڌاءُ ٿيل آهي، ۽ ان کي گهٽجڻ گهرجي. قديم عالم، بطليموس، جي ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين تسليم ٿيل آهي ته سڄي ڪائنات جي ويڪر. يعني هن سڄي اٺن بلوري چرخن جي ڪائنات جي، جنهن جي پوري وچ تي ڌرتي بيٺل آهي. خود اسان جي ڌرتيءَ جي ويهن هزارن قطرن جيتري آهي. هيءَ ڪيڏو نه وڏو پولار آهي! پر اسان جي نون خيالن وارن لاءِ اهو به اڃا ننڍو آهي. هو چون ٿا ته پولارن ان کان گهڻو، تمام گهڻو، بلڪ اعتبار کان وڌيڪ گهڻو، وڏو آهي ۽ ڌرتيءَ ۽ سج جي وچ وارو مفاصلو، جيڪو هونئن تمام وڏو سمجهيو ٿي ويو، سو، هنن جي چوڻ موجب، ڌرتيءَ  بلڪل ٻاهرئين اٺين بلوري چرخ ۾ جڙيل تارن تائين واري بي انت مفاصلي جي ڀيٽ ۾ ايترو ننڍو آهي، جو اهو ڄڻ ڪنهن شمار ۾ ئي آڻي نٿو سگهجي! ڪيئن؟ آهن نه اِهي اسان جا نون خيالن وارا پنهنجي وس کان مٿي ڦوڪڻ وارا ڦوڪڻا!

(ورجينيا کلي ٿي. محتسب به کلي ٿو)

محتسب: سچ پچ ته مقدس ڪليسا جي صدر دفتر جا علما حضرات ڪائنات جي هن نئين تصوير تي بنهه هراسجي ويا آهن، جنهن جي ڀيٽ ۾ اڄ تائين ان جي تسليم ٿيل تصوير ايتري ته ننڍي آهي، جو اها تائٿ ڪي هوند ڪن سهڻين ڪنوارين ڇوڪرين جي ڳچين ۾ ٻڌي ڇڏجي! مقدس ڪليسا جا علما حضرات  انهيءَ ڪري پريشان آهن. جو جيڪڏهن ڪائنات ۾ ايڏا بي انت مفاصلا ٿيا، ته ننڍا وڏا پادري، ويندي ڀيشت ۽ ڪارڊينل به، ڪٿي گمراهه ٿي. وڃائجي نه وڃن! خود مقدس پوپ به ممڪن آهي ته خداوند قدوس جي نظر کان ٿڙڪي وڃي. هائو، ڳالهه ڏاڍي مزيدار آهي، پر مون کي خوشي آهي ته تون، منهنجي مؤمن، ڌيءُ، پنهنجي پيءُ جي سايي ۾ صحيح سلامت  هوندينءَ، جنهن کي اسين سڀ تمام گهڻي عزت ڏيون ٿا. تو ڪو مرشد سڳورو ورتو آهي. منهنجا ٻچا! ڪير آهي اُهو ڌڻيءَ جو پيارو؟

ورجينيا:حضرت سائين ڪرسٽافورس، ارسلا شريف جو.

محتسب: ها، ها! برابر! مون کي خوشي آهي، جو تو پنهنجي پيءُ وٽ هوندينءَ. هن کي تنهنجي ضرورت  رهندي، تون اها ڳالهه سمجهي نه سگهندينءَ، پر اها ڳالهه ائين آهي. تون ايتري ننڍي نوجوان آهين بلڪ ايتري تازي تواني آهين ۽ تنهنجي پيءُ سچ پچ ته وڏو ماڻهو آهي. ڪڏهن ڪڏهن. تمام وڏو ماڻهو ٿيڻ به نقصانڪار ٿئي ٿو. دراصل ڪو به ماڻهو ايڏو وڏو نٿو ٿي سگهي. جنهن کي دعا جي ضرورت نه ٿئي. پر آءُ توکي اجايو ترسايو بيٺو آهيان. منهنجا ٻچا. وڌيڪ ترسندينءَ ته تنهنجو مڱيندو مون تي رشڪد ڪندو. ۽ شايد تنهنجي پيءُ کي مون سان حسد ٿي پوي_ ڇو ته مون توکي تارن بابت اُهي ڳالهيون ٻڌايون آهن. جيڪي ممڪن  آهي ته پراڻيون ۽ بيڪار ٿي ويل هجن. هاڻي تون ڊوڙي وڃي رقص ۾ شامل ٿيءُ، پر پنهنجي مرشد سڳوري. حضرت سائين ڪرسٽافورس آف ارسلا شريف کي منهنجا ضرور دعا سلام ڏج.

(ورجينيا ڪجهه وڌيڪ نوڙي، ڪرنش ڪري ٿي. ۽ تکي تکي هلي وڃي ٿي.)

8

گفتگو

گليلو ڏاڍو مُنجهيو ويٺو هو، ته

هڪڙو نوجوان راهب وٽس آيو.

هيءُ راهب غريب مائٽن جو ٻار هو.

۽ هنن سائنس بابت گفتگو ڪيئي

 

روم ۾ فلارينس جي سفير جي محل ۾

(گليلو ننڍڙي راهب جي ڳالهه ٻڌي ٿو، جنهن مقدس روم جي ڪاليجي مباحثي کان پوءِ پوپ جي فلڪياتي عالمن جو فيصلو هُن کي ڪن ۾ ٻڌايو هو.)

گليلو: ڳالهاءِ، ڳالهاءِ، توکي جيڪا پاکر پاتل آهي. اُن ۾ جيڪي تون چاهين سو چئي سگهين ٿو.

ننڍڙو راهب: استاد گليلي، مون رياضيءَ جو علم پڙهيو آهي.

گليلو: علم جي تحصيل ۾ اهو تو کي مدد ڪري سگهي ٿو، بشرطيڪ اُن مان تون رڳو اهو سکي سگهين ته ٻه ڀيرا ٻه هر حالت م چار ٿيندا آهن.

ننڍڙو راهب: استاد گليلي، گذريل ٽي راتيون آءُ سمهي نه سگهيو آهيان. آءُ سمجهي نٿو سگهان ته مشتريءَ جا جيڪا اپگرهه مون ڏٺا آهن ۽ پوءِ جيڪو مقدس ڪليسا جي صدر دفتر جو فرمان جاري ٿيو آهي_ تن ٻن ڳالهين کي پنهنجي ذهن ۾ ڪيئن گڏي ويهاريان، جو هن مونجهه ۽ بي آراميءَ کان نجات ملي سگهيم. نيٺ فيصلو ڪيم ته صبح جي عبادت ڪري، توهان وٽ اچي حاضر ٿيان ۽ توهان کي پنهنجي ڳالهه ٻڌايان.

گليلو: مون کي هي ٻڌائڻ لاءِ ته مشتريءَ کي اپگرهه آهن ئي ڪين؟

ننڍڙو راهب: نه، آءُ هاڻي ان فرمان جي حڪمت کي سمجهي سگهيو آهيان. اُن مان مون تي هيءَ ڳالهه ظاهر ٿي آهي ته ضابطي کان ٻاهر ۽ حد کان وڌيڪ تحقيق ۾ انسان ذات لاءِ وڏا خطرا لڪيل آهن. انهيءَ ڪري مون فلڪيات جي علم جي تحصيل ڇڏي ڏني آهي. بهرحال منهنجو پوءِ به فرض آهي ته آءُ توهان کي اُهي سبب ٻڌايان، جيڪي خود هڪ فلڪيات جي عالم کي به فلڪيات جي خاص هن تعليم ۾ حد کان وڌيڪ تحقيق ڪرڻ کان روڪي سگهن ٿا.

گليلو: آءُ توکي ٻڌائي سگهان ٿو ته آءُ انهن سبن کان اڳ ئي واقف آهيان.

ننڍڙو راهب: آءُ توهان جي تلخيءَ کي سمجهي سگهان ٿو. توهين انهن غير معمولي طاقتن ۽ اختيارن جو سوچي رهيا آهيو. جيڪي مقدس ڪليسا وٽ آهن. ۽ اُهي هوءَ استعمال به ڪري سگهي ٿي.

گليلو: مثال طور، ايذارسانيءَ جا اوزار_ ائين نه؟

ننڍڙو راهب: پر آءُ بيا سبب بيان ڪندس. مون کي هڪ گهڙي پنهنجي متعلق ڳالهائڻ ڏيو. آءُ ٻهراڙيءَ جي هڪ هاريءَ جو پٽ آهيان ۽ ان ئي حيثيت ۾ اُتي پلجي وڏو ٿيو آهيان. هو ڏاڍ سادا سودا ماڻهو آهن. هو پنهنجن فصلن بابت سڀڪجهه ڄاڻن ٿا. پر اُن کان سواءِ ٻي انهن کي تمام ٿوري خبر آهي. آءُ دوربينيءَ ۾ هتي جڏهن زهره جون ڪلائون ڏسان ٿو. تڏهن موکي منهنجا مائٽ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جيڪي ڪمپانا ضلعي جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ پنهنجي ڪڙائين گهر ۾ ويٺا آهن._منهنجي ڀاءُ ڀيڻ سان گڏ، ۽ چلهه  تي ويٺا ڍوڍو مانيءَ جو کائين. اُنهن جي مٿان ڏسان ٿو ته ڇپر جا پڃر ۽ ورا اڻ ڳڻين سالن کان دونهانٽجي. ڪارا ٿي ويا آهن. ۽ آءُ انهن جا پورهئي ۾ گٺل هٿ ۽ سڪي ٺوٺ ٿي ويل پير ۽ انهن جي منهن جون هڙٻائون ۽ نرڙ جا گهنج ۽ اڀريل نسون ڏسان ٿو. هو شاهوڪار نه آهن. پر سندس دکي مسڪين زندگيءَ ۾ به هڪ قسم جي اڄاتل رٿا ۽ ترتيب آهي. پهرين ته هنن جي ٺڪيل اُهي ڪم آهن_ گهر جي ٻهاريءَ کان وٺي. زمين جي پوکيءَ راهي ۽ قرض پکي جي ڏکي جي ڏي وٺ تائين_جيڪي کين ڪرڻا پون ٿا. مٿن جيڪي قدرتي ڪوپ ۽ انساني آفتون اچن ٿيون. مثلن ٻوڏيون، سوڪ، ماڪڙ، چريون چڪاريون، مارڪُٽ، انهن ۾ به ڏسجي ٿو ته ڄڻ هڪ قسم جو ڪو سلسلو ۽ باقاعدگي آهي، جنهن سان اُهي مٿن نازل ٿين ٿيون. منهنجي پيءُ جي پٺ ڪٻي ٿي وڃي ٿي. سا به اوچتو ڪڏهن هڪ ئي مهل نه، پر سال بسال ڪم ۾ ڳهندي ڳهندي، هر جي پٺيان هلندي ۽ بار جون ڀريون ڍوئيندي ڍئيندي، ائين ٿئي ٿو_ بلڪل ائين جيئن منهنجي غريب ماءُ هڪ ٻار جي پٺيان ٻيو ٻار ڄڻيندي، ۽ بابا ٻني ۾ ۽ گهر ۾ اڪيلي ڪم ۾ اجهڙندي  اجهڙندي، آهستي آهستي، پر جهٽ ۾، هڪ جوان عورت مان، ماءُ مان هڪ ڏٺل وائٺل ماڻهوءَ مان ڦري، هڪ جيئرو جاڳيندو لاش بنجي پوي ٿي، پر پوءِ به هو ڪم ڪندا رهن ٿا. نپائين ٿا. هلندا چلندا ۽ کائيندا پيئندا رهن ٿا، سو ڇو ته هو هڪ دستور جا پابند آهن_ ۽ هنن کي هڪ سلسلي جو. هڪ ضرورت جو احساس آهي، جيڪو هنن کي پنهنجي زمين کي ڏسندي مليو آهي. جيڪا کين فصل ڏئي ٿي: وڻن کي ڏسندي مليو آهي. جيڪي هر سال گؤنچ ڪڍن ٿا. ساوا پن پهرين ٿا ۽ ميوا جهلين ٿا، ۽ اهو احساس کين  پنهنجي ڳوٺ جي ننڍڙيءَ ديول کي ڏسندي مليو آهي، ۽ هر  آرتوار تي اُن ۾ انجيل جي آيتن کي ٻڏندي مليو آهي_ جيڪا ڏاڍي پاٻوهه سان بلڪه وڏي الڪي سان کين ڏسي رهيو آهي_ ۽هيءَ سڄي ڪائنات سندس چوڌاري جيڪا ٺاهي ويئي آهي. سا انهيءَ ڪري ته هو پاڻ جيڪي ان جا ويس ڌاري آهن. سي اُڻ ۾ پنهنجو پنهنجو، ٿورو يا گهڻو، ننڍو يا وڏو، مليل ڪم پورو ڪري سگهن  منهنجا هي سادا سٻاجها ماڻهو جڏهن مون کان ٻڌندا ته هو سچ پچ هڪڙي ننڍڙي ڀتر يا پٿر تي ويٺا آهن، جيڪو سدائين خالي پولار ۾ هڪڙي ٻئي تاري جي چوڌاري ڦرندو رهي ٿو، ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي پٿر آهن جي ائين پولار ۾ ڦرندا ٿا رهن، ۽ سندن هي پٿر، جنهن تي هو ويٺا آهن. سو انهن ٻين پٿرن جي ڀيٽ ۾ هڪڙو خسيس ۽ بي وزنو پٿر آهي_ ته پوءِ هيءُ سندن جبل جيڏو صبر ۽ سندس سڄي دک ۽ پيڙا جي هيءَ خاموشي تسليمي، اڄ ڇو ضروري آهن يا ٺيڪ آهن؟ پوءِ مقدس ڪتاب ۾ هڪڙو صداقت رهي. جيڪو هر شيءَ جي سمجهاڻي ڏئي ٿو، ۽ جنهن پورهئي جي، دک سهڻ جي، بک ڪڍڻ جي، توڪل تي رهڻ جي ۽ قناعت  سان گذارڻ جي ضرورت ۽ وڌائي بيان ڪرڻ آهي. ۽ جيڪو هاڻ جهٽ ۾ پنهنجيءَ ڳالهه ۾ ايترو اؤڻو ثابت ٿي پيو آهي؟ نه نه، هر گز نه، آءُ سندن اکين ۾ ڏسان ٿو ته اُهي خوف ۾ ڦاٽن ٿيون. آءُ ڏسان ٿو ته چلهه تي ويٺي ويٺي. سندن هٿن مان گرنهن ڪري پيا آهن.آءُ ڏسان ٿو ته هو پاڻ کي ڪيئن نه ٺڳجي ويل ۽ ڦرجي ويل، بنهه ڪمزور ۽ بيوس جيڪو سمجهن ٿا. سو، اسان تي ڪنهن جي نگاهه ڪانهي. ائين هر سسيل ۽ هيسيل حيوان بنجي چون ٿا. ”اسان کي پنهنجي سنڀال پاڻ لهڻي آهي_ اسين، جيڪي اڻڄاڻ، اڄ پوڙها ۽ ڳري ڪاٺيون ٿي ويا آهيون ! هن ڏکئي، ننڍڙي، رواجي  پٿرائين تاري تي، جيڪو آزاد ڪونهي ۽ جنهن جي چوڌاري ڪو به ٻيو تارو ڪونه ٿو ڦري، اسان جي لاءِ ڪو به خاص ڪم ڪونهي. جو اسان کي ڪرڻو آهي! ته پوءِ اسان جي دک درد جي ڪابه معنيٰ ڪانهي؛ اسان جي بُکن سهڻ جو مطلب  رڳو پيٽ ڀرجي نه سگهڻ آهي ۽ اُن ۾ اسان جي صبر ۽ سهڻ جي ڪا آزمائش ڪانهي؛ اسان جو پورهيو رڳو ٺلهي هڻ هڻان  ۽ ڇڪ ڇڪان جي ڳالهه آهي ۽ ان ۾ اسان جو ڪو شان، ڪا وڏائي ۽ڪو ثواب ڪونهي!_اِنهي ڪري، استاد گليلي، منهنجا محترم سائين، توهين سمجهي سگهو ٿا ته مقدس ڪليسا جي  اُن فرمان ۾ آءُ ڇو ٿو چون ته مون کي صحيح پدرانه شفقت ۽ عظيم روحاني نيڪيءَ ۽ رحمدليءَ جو اظهار ڏسڻ ۾ اچي ٿو؟

گليلو: روحاني نيڪي؟ تنهنجو مطلب شايد هيءُ آهي ته پوئتي ڪجهه ڪونه بچيو آهي، شراب پيئجي ويو. هنن جا چپ ائين ئي خشڪ رهجي ويا. تنهنڪري ڀلي ته مقدس پيءُ جي چادر جو پلئه چمي پنهنجو روح خوش ڪن! ۽ پوئتي ڇو ڪجهه نه بچيو آهي؟ ڇو هن ملڪ ۾ جيڪا به جوڙجڪ ۽ سٽا ڏسون ٿا. سا رڳو هڪ اهڙي ڪٻٽ جي سٽا جوڙجڪ آهي. جيڪو خالي آهي ۽ ٻي ڳالهه جيڪا بچي آهي سا رڳي پورهيو ڪري ڪري مري وڃڻ جي ضرورت وڃي بچي آهي؟ ۽ سو ٻه چوڌاري ڀلن پڪن فصلن ۽مٺن رسيل ميوي سان جهنجهيل وڻن ۽ وڻ سان ڀريل چهچ ساون باغن جي وچ ۾! تنهنجي ڪمپانا ضلعي جا هاري خونخوار جنگين جا خرچ ڀرين ٿا. جيڪي ماٺيڻي. امن جي بادشاهه. يوسوع مسيح، جو عيوضي، اسپين ۽ جرمنيءَ ۾، اڄ به وڙهي رهيو آهي. نيٺ به هو ڌرتيءَ کي ڪائنات جو مرڪز ڇو ٿو بنائڻ ۽ سڏائڻ چاهي؟ اِنهيءَ لاءِ ته سندس پنهنجي بادشاهت جي مقدس گادي ڌرتيءَ جو مرڪز بني رهي. بس انهيءَ لاءِ ٻيو ڪو اُن جو سبب ڪونهي. تون برابر صحيح آهين. هن ڳالهه جو گرهن ۽ تارن سان ڪو واسطو ڪونهي. اِن جو واسطو ڪمپانا ضلعي جي سٽا ۽ رٿا ۽ اُن جي حسن ۽ پوري سلسلي جي ڳالهه نه ڪر_ جنهن جو زمانن کان بيان ۽ ساراهه ڪري ڪري، ان کي اوهان پري_ کان_ چمڪندڙ سونو پٽ چاڙهي ڇڏيو آهي توکي خبر آهي ته سپ ڪيئن موتي پيدا ڪندي آهي؟ هوءَ جڏهن ڪنهن موتمار بيماريءَ جو شڪار ٿيندي آهي، تڏهن پنهنجي پيٽ ۾ پئجي ويل ڪنهن ڌارينءَ شيءَ_ مثلا واريءَ جي ڪنهن داڻي_ کي پنهنجيءَ موتيءَ جهڙيءَ رس سان بيهي ڍڪيندي آهي. تان جو اُن کي ڍڪيندي ڍڪيندي. يعني پنهنجي اُن دفاعي عمل ۾ ڳهندي ڳهندي، نيٺ هوءَ مري ويندي آهي. اهڙي موتي پوءِ جنم ۾. مون کي صحتمند سپ گهرجي. نيڪي، منهنجا دوست، عذاب سان شامل ڪانهي. جيڪڏهن تنهنجا ماڻهو خوشحال ۽ سکيا هجن ها. ته اُنهن ۾ اُهي نيڪيون وڌي سگهن ها، جيڪي سک ۽ خوشحالي سان شامل آهن. پر هاڻي، تو پنهنجن ماڻهن جي جن نيڪين جو ايڏوءَ اُڪير سان بيان ڪيو، اُهي بيمار ۽ ڏکن ۾ ڏڌل ماڻهن ۽ ڦريل ۽ ٻهاريل زمين مان پيدا ٿيندڙ نيڪيون آهن، ۽ انهن کي آءُ رد ٿو ڪريان. اڙي ميان، منهنجا نوان پاڻي ڪڍڻ جا پمپ کان وڌيڪ معجزا ڏيکاري سگهن ٿا._ ياد رکو: ”ڦردار بنجو، ۽ وڌو ويجهو، ڇا ڪاڻ ته اوهان جو زمينون ٿڪجي پيون آهن ۽ جنگيون اوهان کي لڻي، چٽ ڪري رهيون آهن. هاڻي تون ئي چئو ته آءُ تنهنجن ماڻهن کي ڪيئن ڪوڙ هڻي ٻڌايان؟

ننڍڙو راهب (وڏي اڌمي ۾ ڀرجي): تمام اعليٰ ڪارڻ آهن، جيڪي اسان کي چپ رهڻ تي مجبور ڪن ٿا._ يعني اسان جي بدنصيب ماڻهن جو ذهني آرام ۽ روحاني سڪون.

گليلو:  تون ڏسڻ چاهيندين، جيڪو سيليني شراب جو کوکو ڪارڊينل بيلارمين جو ڪوچوان اڄ صبح جو هٿ مون کي ڏيئي ويو آهي؟ تنهنجن، ڇا چوان، نيڪ بخت مائٽن جي ذهني آرام کي نه ڦٽائڻ لاءِ، منهنجا دوست، اختياريءَ وارا مون کي شراب پيش ڪن ٿا. جيڪو تنهنجا مائٽ.ڳهي ڳهي. پنهنجي پگهر جي پورهئي سان، هُنن لاءِ چڪائين ٿا_ تنهنجا مائٽ، جن  لاءِ هو چون ٿا ته اُهي خدا پنهنجي همشڪل خلقيا آهن. جيڪڏهن آءُ خاموش ٿي ويهڻ لاءِ تيار هجان. ته پڪ ئي پڪ اُن جا خسيس ۾ خسيس ڪارڻ به ٿي سگهن ٿا.

يعني آرام، سُک، ۽ تڪليف ۽ ايذاءَ کان نجات، وغيره.

ننڍڙ راهب: استاد گليلي، آءُ هڪ پادري آهيان.

گليلو:تون طبعيات جو عالم پڻ آهين.۽ تون ڏسين ٿو ته زهره جون ڪلائون ٿين ٿيون. هاڻي هُتان ڏس!(دريءَ کان اشارو ڪري ڏيکاريس ٿو.) اِهو ڏسين ٿو وڻ جي ڀرسان، کوهه وٽ ڀڳل پرئاپوس جو بت؟ اهو باغن جو، پکين جو ۽ چورن  جو خدا مڃجي ٿو_ ڏسڻ ۾ ئي ڄٽڪي هٿ جو ٺهيل آهي. اگهاڙو ئي اگهاڙو. لنگ ڪڍيو بيٺو آهي. چون ٿا ته انهي ” خدا“ کي ٻه هزار ورهيه ڄائي ٿيا آهن! ايترا ته ان ڪوڙ به نه هنيا هوندا._چڱو، پر آءُ  به ڪليسا جو امتي آهيان. هاڻي ٻڌ، تو شاعر هوريس جون ”اٺ سٺون“ پڙهيون آهن؟ مون هن کي بنهه اڳهرو پئي پڙهيو_ هن جي پڙهڻ سان طبيعت بحال ٿي وڃي ٿي. (هٿ ڊگهيري. ننڍڙو ڪتاب کڻي ٿو.) هن هڪڙو اهڙو ئي پرئاپوس جو بت باغ ۾ ڏٺو هو. پوءِ ان جي ئي واتان هڪڙي سٺ ٻڌي هئائين. اُن جو پهريون بند هيءُ آهي:

هڪڙي انجير جي وڻ جو بند، بيڪار ڪاٺ جو ٽڪر_

اهو آءُ هوس: پوءِ واڍو آيو. ٻه خيال هئس.

۽ سوچيائين ته پرئاپوس ٺاهيان يا اسٽول!

نيٺ فيصلو ڪيائين ته خدا ٿو ٺاهيان…

تون ڇا ٿو سمجهين ته هو ريس اِن شعر ۾ اِتي”اسٽول“ جي بدران ”ميز“ جو لفظ آڻي ها ته شعر ٺهي سگهيس ٿي؟ ته مٺا سائين، جيڪڏهن منهنجي ڪائنات ۾ زهره پنهنجي ڪلائن کان سواءِ ظاهر ٿئي، ته منهنجي حسن جو شعور به ائين ڦٽجي پوي ٿو.هيءُ هيڏو اسان جي اکين اڳيان جيڪو وڏو ۾ وڏو ڪارخانو هلي رهيو آهي، يعني هيڏي ساري پولار ۾ هيءَ فلڪياتي ڪارخانو، ان جي ڪل پرزن جو ڪڏهن مطالعو نه ڪنداسين، ته پوءِ نديءَ مان پمپ رستي پاڻي ڪڍڻ جي ڪا مشين ڪيئن ٺاهي سگهنداسين. ڪليسا جي ڪنهن ڪارڊينل جي مرضي رکڻ لاءِ ٽڪنڊي جي ڪنڊن جو جوڙ بدلائي نٿو سگهجي. آزاد هلندڙ جسمن جي چرپر جا گس آءُ آئين ته ڪونه ڪڍي سگهندس. جو انهن مان ٻُهارن تي چڙهي هلندڙ ڏائڻين جا گس معلوم ٿي سگهن!

ننڍڙو راهب: توهين ڀلا هيءُ نٿا مڃي سگهو ته سچ_ جيڪڏهن اُهو سچ آهي_ اسان کان سواءِ به فتحياب ٿيندو؟

گليلو: نه، نه، نه، سچ جي فتح کان فقط اوتري آهي. جيتري اسان جي فتح آهي: عقل جي فتح معني! معقول ماڻهن جي فتح. تون پنهنجي ڪمپانا ضلعي جي هارين جي ائين ٿو ڳالهه ڪرين،ڄڻ اُهي ٺلهو ڀتين جو اوراڳو ڪنڊن جو جوڙ اُنهن جي ضرورتن جي آڏو اچي ٿو سگهي . يا ذهني آرام کي ڦٽائي ٿو سگهي. ائين سو برابر آهي ته جيڪڏهن هو پاڻ چرندا به ڪونه ۽ سوچڻ ئي شروع نه ڪندا، ته خود آبپاشيءَ جون بهترين رٿائون به کين ڪو فائدو ڪونه ڏيئي سگهنديون. آءُ تنهنجي ماڻهن جو خدائي صبر ڏسي سگهان ٿو، پر مون کي ٻڌاءِ ته انهن جو خدا غصو ڪٿي آهي؟

ننڍڙو راهب هو ٿڪجي پيا آهن.

گليلو: (هٿ اکر لکيل ڪاغذن جو بنڊل اڇلائي ڏئيس ٿو): منهنجا عزيز، تون طبعيات جو عالم آهين نه؟ اِنهن ڪاغذن مان تون سمنڊ جي وير ۽ آلڙ جا سبب معلوم ڪري سگهندين، پر تون اِنهن کي پڙهين متان! سمجهيئي نه!_اڙي  تون ته توڻي اِنهن کي پڙهڻ ۾ لڳي وئين! ته پوءِ، برابر، تون طبعيات عالم آهين ۽ ڄاڻڻ گهرين ٿو.

(ننڍڙو راهب ڪاغذن ۾ گم ٿي ويو آهي.)

گليلو: علم جي وڻ جو هڪ صوف! هيءُ اِتي ئي ان کي ياد ڪرڻ ويهي رهيو آهي. هيءُ ازلي نڀاڳو آهي_ هيراڪ آهي_ جهلبس ته به پي ويندو. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ڏهه پرهه ڪنهن اونداهيءَ چُر ۾ وڃي ويهان، جتي روشنيءَ جو ڪرِڻو به پهچي نه سگهي_ ۽اُتي کوجنا ڪريان ته اِها ڇا آهي. _ يعني روشني ڇا آهي. ۽ مون سان وڏي ويڌن هيءَ آهي ته جڏهن ڪا شيءَ ڄاڻندو آهيان، تڏهن اها ٻڌائيندو آهيان. هڪ عاشق وانگر، هڪ نشيءَ وانگر، هڪ جاسوس وانگر. علم جي ڇڪ واقعي ڪجهه نه آهي، پر گناهه آهي، ۽ وڏيءَ برباديءَ ڏانهن ڇڪجي وڃي ٿي. پر پوءِ به ڪيترو وقت آءُ، تون ۽ تنهنجا مائٽ چُلهه تي ويٺا رڙيون ڪنداسين؟_ اڄ منهنجو سوال اِهو آهي.

ننڍو راهب: (ڪاغذن ۾ هڪڙو فقري ڏانهن اشارو ڪندي): آءُ هيءَ جملو سمجهي نٿو سگهان.

گليلو: آءُ توکي سمجهايان ٿو. آءُ توکي سمجهايان ٿو.

9

جڏهن نئين پوپ جي تاجپوشي ٿئي ٿي، جيڪو پاڻ به رياضيءَ جو عالم آهي. تڏهن اٺن سالن جي ماٺ کان پوءِ، استاد گليلو، همت ڪري، منع ٿيل موضوع يعني سج جي داغن تي پنهنجي تحقيق شروع ڪري ٿو.

پورا اٺ سال، مُنهن ۾ زبان هوندي به

_۽ هن کي معلوم هو_ اُن جي هن ڳالهه نه ڪئي.

پوءِ هن جي حرص جهل نه ڏني.

۽ استاد گليليءَ اٿي، پنهنجيءَ قسمت کي للڪاريو.

فلارينس ۾ گليلو جو گهر

(گليلو جا شاگرد، فڊرزوني، ننڍڙو راهب ۽ ائنڊري سارتي، جيڪو هاڻي وڌي جوان ٿيو آهي. استاد جي عمل ليڪچر ٻڌڻ لاءِ  تيار ٿيا ويٺا آهن. گليلو بيٺي، ڪو ڪتاب پڙهي رهيو آهي. ورجينيا ۽ سينورا سارتي شاديءَ جا ڪپڙا سبي رهيون آهن.)

ورجينيا: شاديءَ  جا ڪپڙا سبڻ به مزيدار ڪم آهي. هيءَ چادر وڏيءَ ڊائننگ ٽيبل لاءِ آهي_ ليوڊوڪو دعوتن ڪرڻ جو شوقين آهي. هيءَ بلڪل صاف سٺي هئڻ  کپي؛ هن جي ماءُ ته ڌاڳو ڌاڳو ڏسي ٿي. باقي بابا جي ڪتابن تي هوءَ سخت چڙيل آهي. حضرت سائين ڪرسٽافورس وانگر.

سينورا سارتي: هِن ويچاري ته سالن کان ڪو نئون ڪتاب ڪونه لکيو آهي.

ورجينيا: آءُ ڀانيان ٿي ته بابا هاڻي سمجهي ويو آهي ته شروع ۾ پاڻ غلط هو. روم ۾ مقدس ڪليسا جي هڪڙي وڏي بزرگ مون کي ڪيتريون اِنهي علم جون ڳالهيون سمجهايون هيون. آسمانن جا مفاصلا ڏاڍا ڊگها آهن ۽ انهن جو ڳالهيون تمام وڏيون آهن.

ائنڊري(بليڪ بورڊ تي ڏينهن جي سبق جا نوٽ لکيندي):خميس ڏينهن، ٽپهري، ترندڙ جسم“. وري به برف؛ پاڻيءَ ڀريل برتن؛ ساهمي: لوهه جي سئي؛ ارسطو.

(هو سڀ شيون آڻي رکي ٿو، ٻيا پنهنجن ڪتابن تي اِئين لکن ٿا، جيئن هو کين چوي ٿو. فلِپوميوُسس، پڪيءَ عمر  جو هڪ عالم اندر اچي ٿو_ هو ڪجهه بتال لڳي ٿو.)

ميوسس: مهرباني ڪري استاد گليليءَ کي چئو ته مون سان ملن، ائين مون کي ٻڌڻ کان سواءِ ڏوهي نه بنائين.

سينورا سارتي: پر هو تو سان هرگز هرگز نه ملندو.

ميوسس: مائي وڏي، خدا جي واسطي مهرباني ڪر، هيءُ ثواب کٽ، تون هڪ ڀيرو وري کين چؤ! مون کي ساڻن ضروري ڳالهائڻو آهي.

ورجينيا(ڏاڪڻ تائين وڃي ٿي): بابا!

گليلو: ڇا آهي؟

ورجينيا: فلپوميوسس.

گليلو( تڪڙو اٿندي، ڏاڪڻ جي منهن تي وڃي بيهي ٿو. سندس شاگرد پٺان اٿس): تون ڇا ٿو گهرين؟

ميوسس: استاد گليلي:آءُ توهان کي درخواست ٿو ڪريان ته مون کي ڇڏيو ته توهان کي پنهنجي ڪتاب جي اُنهن ٽڪرن جي سمجهاڻي پيش ڪريان، جن ۾ ڌرتيءَ جي ڦيري بابت ڪا پرنيڪس جي تعليم جو رد ظاهر ٿئي ٿو. مون…

گليلو: ڇا ٿو تون سمجهائڻ جي ڪوشش ڪرين؟ تون مقدس ڪليسا جي سال 1616ع جي فرمان سان متفق آهين. توکي اُن جو پورو حق آهي. تون برابر هتي رياضيءَ جو علم سکيو آهين. پر اُن ڪري توتي اسان جو هروڀرو حق ڪونهي. جو تنهنجي واتان اسين ٻڌون ته ٻه ڀيرا ٻه چار آهن! دراصل توکي اِن جو پورو حق آهي. جو چوين ته هيءُ پٿر (هو پنهنجي کيسي مان هڪڙو ننڍڙو پٿر ڪڍي. فرش تي اڇلي ٿو.)

هيئنر ڇت ڏانهن اڏامي ويو.

ميوسس: استاد گليلي، آءُ…

گليلو:پنهنجي لاچار جو ذڪر نه ڪر! مون کي ته پليگ پنهنجي تحقيقات کان روڪي نه سگهي.

ميوسس: استاد گليلي، پليگ ته سڀ  کان وڏي مصيبت ڪانهي.

گليلو: آءُ توکي ٿو چوان ته اهو جنهن کي سچ معلوم نه آهي.رڳو هڪ احماق آهي. پر اُهو جيڪو سچ ڄاڻي ٿو. ۽ اُن کي ڪوڙ ٿو سڏي، سو هڪ خطرناڪ رهزن آهي. تون هليو وڃ هتان مون وٽان!

ميوسس (ڪنڌ هيٺ، چپن ۾): توهين صحيح آهيو. (هليو وڃي ٿو.)

(گليلو پنهنجي مطالعي واري ڪمري ڏانهن واپس وڃي ٿو.)

فڊرزوني: افسوس، مصيبت سچ پچ اِها آهي. پنهنجي مُنهن هي ڪو وڏي پايي جو ماڻهو نه آهي. جيڪڏهن توهان جو شاگرد نه هجي ها ته ڪير پڇيس به ڪونه ها. پر هاڻي واقعي ماڻهو چوندا ته گليلي جو ڪجهه سيکاري ٿو سو هِن ٻڌو، ۽ هيءُ  مڃي ٿو ته اهو سڀ ڪوڙ آهي.

سينورا سارتي: مون کي هن ماڻهو جو ڏاڍو ڏک آهي.

ورجينيا: بابا هِن جو تمام گهڻو خيال رکندو هو.

سينورا سارتي: ورجينيا، مون کي تنهنجي شاديءَ جو خيال آهي. تون اڃا ننڍي آهي، توکي ماءُ به ڪانهي. ۽ تنهنجي پيءُ اِهو رڳو پاڻيءَ تي برف جا ڳنڍا پيو لوڙهي. هونئن به تنهنجي شاديءَ بابت ڪا ڳالهه هن کي چئي به تون ڇا ڪندينءَ. سڄو هفتو وٺندو اُن تي ويچار ڪرڻ ۾ ۽ پوءِ مانيءَ کائيندي، جڏهن ننڍا نيٽا ساڻس گڏ ميز تي ويهندا هوندا. تڏهن هو اهڙي ڪا ڇرڪائيندڙ کلي ڳالهه ڪري ڇڏيندو، جنهن ۾ پاڻيءَ جو حجاب ڪونه هوندو_ حجاب ته هن کي هونئن به ڪڏهن ڪانه هوندو آهي. ۽ آءُ هن جي اِنهن عادتن کي ڪجهه سمجهندي  به ڪانه آهيان. پر مو کي جيڪو خيال آهي سو هيءُ آهي ته آئيندي تنهنجو ڇا ٿيندو. مون کي اِنهن ڳالهين جي ڄاڻ ڪانهي؛ آءُ هڪ اڻپڙهيل پورهيت زال آهيان، پر آءُ ايترو سمجهان ٿي ته شاديءَ جهڙي وڏي معاملي ۾ اکيون پوري. ائين ٻي الڪائيءَ سن، ٽپي نه پئبو آهي. منهنجي صلاح آهي ته تون يونيورسٽيءَ بي ڪنهن چڱي فلڪياتي استاد وٽ وڃ، جيڪو سٺو نجومي هجي. ۽ انهي کان پنهنجي جنم ۾ ڇا ٿيندو ڇو، تون ڇا تي پيئي کلين؟

ورجينيا: ڇا ڪاڻ ته آءُ هڪڙي وٽان اڳئي ٿي آئي آهيان.

سينورا سارتي(ڄاڻڻ لاءِ اُتي آهي): پوءِ اُن ڇا چيو!

ورجينيا: ٽي مهينا مون کي خبردار رهڻ کپي. ڇا ڪاڻ ته سج سرطان جي خاني ۾ هوندو. پر اُن کان پوءِ منهنجو ستارو اوچو آهي. ۽ سڀ ڪارا بادل لهي ويندا. جيڪڏهن مشتريءَ کي نظر ۾ رکيم ته جيڏانهن به چاهينديس تيڏانهن سفر ڪري سگهنديس _ ڇا ڪاڻ ته منهنجو جنم سرطان جي نکٽ ۾ آهي.

سينورا سارتي: ۽ ليوڊووڪو؟

ورجينيا: هن جو ”اسد“ ۾ آهي. (ٿوروهٻڪي،) هن جي طبع هوسي آهي.

(ماٺ ) پيرن جو اِهو آواز آءُ سڃاڻان ٿي.استاد گفُون. يونيورسٽيءَ جي ريڪٽر جو آهي.

استاد گفون، روم جي يونيورسٽيءَ جو ريڪٽر (سربراهه  اچي ٿو.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org