سيڪشن: ادب

ڪتاب: گليلو

باب:

صفحو:7

رياضيءَ جو الم: اُن جوهڪڙو نرم جواب ته هيءَ به ٿي سگهي  ٿو ته اوهان جي دوربيني، جيڪا اهڙي ڪا شيءَ  ڏيکاري ٿي، جيڪا وجود ۾ ئي ڪانهي. سا خود ڪيئن هڪ اعتبار جوڳي دوربيني سڏي سگهبي؟

گليلو:اوهان جو ڇا مطلب آهي؟

رياضيءَ جوعالم: اِن کان وڌيڪ مفيد هيءَ ڳالهه ٿيندي،استاد گليلي، ته اوهين اسان کي اهي سبب ٻڌايو، جيڪي اوهان کي انهيءَ مفروضي قائم ڪرڻ تي آماده ڪن ٿا ته اڻ بدلجڻ آسمانن جي سڀ کان اوچن ايونن ۾ تارا کليل پولار ۾ آزاد ڦري سگهن ٿا.

فيلسوف:سبب، استاد گليلي، سبب

گليلو: سبب؟ جڏهن خود تارن تي هڪ نگاهه، ۽ ان تي منهنجي سمجهاڻيءَ سان، قدرت جي اِن سڄي ڪرشمي جو ذاتي تجربو ۽ مشاهدو ٿي سگهي ٿو! سائين منهنجا، هيءُ مناظرو عقل جي ڏيوالي جو مظاهرو ٿيندو وڃي.

 رياضيءَ جو عالم: جيڪڏهن هيءَ خاطري هجي ته اوهين پاڻ کي وڌيڪ جوش ۾ نه وجهندا، ته هوند هيءَ ڳالهه به اشاري طور چئي سگهجي ٿي.ته ڪجهه اوهان جي دوربينيءَ ۾ آهي ۽ جو ڪجهه آسمانن ۾ آهي. اُهي ٻيئي ساڳي ڳالهه نه، پر جدا جدا ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.

فليسوف: اِهو خيال اِن کان وڌيڪ نرم ۽ واضع نموني بيان ٿي ئي نٿو سگهي.

فڊرزوئي: اوهين سمجهو ٿا ته اِهي ميڊيسي تارا اسان دوربينيءَ جي شيشن تي پينٽ ڪري ڇڏيا آهن!

گليلو: ڇا، اوهين مون تي ڌوڪي جو الزام هڻي رهيا آهيو؟

فليسوف: پر اسين ائين ڪيئن ٿا ڪري سگهون؟ سو به اعليٰ حضرت جي موجودگي ۾!

رياضيءَ جو عالم: اوهان جو اوزار_ان کي اوهان جواولاد چئجي يا اوها جو شاگرد_بهرحال، وڏيءَ عقلمنديءَ سان ٺهيل آهي. ان ۾ ڪوشڪ ڪونهي.

فليسوف: ۽ اسان کي بلڪل خاطري آهي. استاد گليلي، ته نڪي اوهين ۽ نه وري ڪو ٻيو اهڙي ڪا جرئت ڪري سگهندو، جو اسان جي حڪمران گهراڻي جو جڳ سڃاتل نالو اهڙن تارن تي رکي. جن جو وجود هر قسم جي شڪ کان بالاتر نه هجي.

(هو سڀيئي اعليٰ حضرت رئيس اعظم ڏانهن ڪنڌ جهڪائين ٿا.)

قاسمو( ڪنڌ ڦيرائي، بيگم  (اعليٰ حضرت کي): تارا ته هر طرف ٺيڪ آهن. اعليٰ حضرت! هي معزز عالم رڳو هي پيا پڇن ۽ پڪ ڪن ته تارا سچ پچ ۽ واقعي موجود آهن يا نه!

(ٿوري ماٺ.)

ننڍيءَ عمر واري بيگم: چون ٿا ته انهيءَ اوزار منجهان آسمان ۾ شڪاريءَ جي ڪمان جو زهه به ڏسي سگهجي ٿو!

فڊروزني: هائو، ۽ ڏاند“ جون  ته سڀ شيون ڏسي سگهجن ٿيون.

گليلو: ڀلا، معزز حضرات،هاڻي اِن منجهان ڏسندؤ يا نه؟

فيلسوفل بلڪل، پڪ ئي پڪ.

رياضيءَ جو عالم: بلڪل.

(ماٺ اوچتو،ائنڊري پٺي ورائي، ڪاٺيءَ وانگر اڀو ٿي، سڄو ڪمرو لتاڙي، سينورا سارتيءَ توکي ڇا ٿي ويو؟

ائنڊري:هيءَ سڀ احمق آهن( زوريءَ پاڻ ڇڏائي،ڊوڙ پائي، نڪري وڃي ٿو.)

فيلسوف: افسوس آهي هن ٻارتي.

پيشڪاري: اعليٰ حضرت، معزز حضرات، اوهان جي ياد دهاني ڪرڻي اٿم ته عالي درٻار جو هفتيوار رقص پوري مُني ڪلاڪ کان پوءِ شروع ٿيڻ وارو آهي.

رياضي جوعالم: ڳالهه لڪائي ڇو؟ ترت يا دير سان، مطلب ته ڪڏهن نه ڪڏهن، استاد گليليءَ کي حقيقتون ظاهر ڪرڻيون پونديون سندس مشتريءَ جا اپگرهه ضرور بلوري گنبذن کي ٽوڙِي ٻاهر نڪرڻا آهن ڳالهه سنئن سڌي پئي آهي.

فڊرزوني: اوهان کي عجب ته لڳندو، پر گنبذ آهن ئي ڪين.

فليسوف: اڙي ڌڻيءَ جا بندا، معلوليءَ کان معمولي اسڪولي ڪتاب به توکي ٻڌائيندو ته بلوري گنبذ آهن.

فڊرزوني:ته پوءِ نوان اسڪولي ڪتاب ٺهندا.

فيلسوف: اعليٰ حضرت! منهنجا لائق رفيق ۽ آءُ پاڻ مقدس ارسطو جي سند کان سواءِ ٻي ڪنهن جي سند نٿا قبول ڪري سگهون.

گليلو(تقريبا بيزار ٿيندي):معزز صاحبؤ، ارسطوءَ جي سند ۾ ايمان هڪ ڳالهه آهي:کليل حقيقتون، ٻي ڳالهه آهن. اوهين ٿا چئو ته ارسطوءَ جي چوڻ موجب هُتي مٿي بلوري گنبذ يا چرخ آهن.تنهنڪري ڪي گردشون يا چرپريون ته واقع ٿي نه ٿيون سگهن، ڇاڪاڻ ته ايئن ڪرڻ سان تان تي اهي گنبذ ٽوڙڻا پوندا آهن پر جيڪڏهن انهن چرپر يا گردش جي انهن جي اکين سان تصديق ٿي وڃي ته پوءِ؟ پوءِ شايد اوهان کي مڃڻو پوي ته اُهي بلوري گنبذ بنهه موجود ئي ڪونهن. معزز حضرات آءُ اوهان کي نهايت نماڻائيءَ سان عرض ٿو ڪريان ته اوهين پنهنجين اکين تي اعتبار ڪريو.

رياضيءَ  جو عالم: منهنجا عزيز گليلو، اها ڳالهه اوهان کي ڀلي کڻي قديم دور جي لڳي. پر آءُ ٻين ڳالهين سان گڏ، ارسطو کي پڙهڻ جوعادي آهيان. ۽ اوهان کي خاطري ٿو ڏيان ٿو ته اُتي پنهنجين اکين تي اعتبار رکان ٿو.

گليلو: آءُ انهيءَ ڏسڻ تي هري ويو آهيان ته سڀني علمن جا استاد هر قسم جي حقيقت تي پنهنجون اکيون بند ڪري ٿا ڇڏين، ۽ ائين هلن ٿا ڄڻ ڪجهه ٿئي ئي ڪونه ٿو. ۽ نه ٿي ٿو سگهي. آءُ پنهنجا مشاهدا پيش ڪريان ٿو ۽ هو انهن تي بيٺا کلن. آءُ پنهنجي دوربيني سندن حوالي ڪريان ٿو. ته جيئن پنهنجي اکين سان پاڻ تسلي ڪن، ۽ هو مون کي ارسطوءَ جا قول پڙهي پيا ٻڌائين، پر اُن ماڻهوءَ وٽ ته دوربيني ڪانه هئي!

رياضي جو عالم: بلڪل ڪانه هيس، بلڪل ڪانه هيس.

فيلسوف(ڳالهه کي ويڙهيندي، پوري اعتماد سان) جيڪڏهن ارسطوءَ کي ائين مٽيءَ ۾ لويو ويندو، جنهن کي نه فقط قديم وقت جي سڄي علمي دنيا پر خود مقدس ڪليسا جا سڀ پادر سڳورا ناقابل ترديد سند طور تسليم ڪن ٿا، ته پوءِ، گهٽ ۾ گهٽ، مون کي ائين سمجهه ۾ اچي ٿوته هن مباحثي کي جاري رکڻ فضول آهي. آءُ بيڪار بحث نه ڪندو آهيان. گهڻو ٿيو!

گليلو: سچ وقت جي پيداوار آهي ۽ نه سند جي. اسين بيحد اڻڄاڻ آهيون. اچو ته پنهنجي اڻڄاڻائي کي ذرو ذرو ڪري گهٽايون. ڇو هن وقت ايتري عقلمندي بنجڻ جي ڪوشش ڪريون. جڏهن ڪوشش ڪري اسين پنهنجي بي عقليءَ کي ڪجهه گهٽائي سگهون ٿا. اِها منهنجي هڪ ويسهه ۾ نه اچڻ جهڙي خوش نصيبي هئي. جو مون کي هڪڙو نئون اوزار هٿ اچي ويو. جنهن جي وسيلي ڪائنات جي هڪ ننڍڙي ڪنڊ ڪجهه وڌيڪ صاف ڏسي سگهجي ٿي. گهڻي نه_ پر ٿورڙي، اچو ته ان جو فائدو وٺون!

فيلسوف: اعليٰ حضرت، معزز خواتين ۽ حضرات، آءُ پاڻ کان پڇي رهيو آهيان ته  هيءَ سڄي ڳالهه اسان کي نيٺ ڪيڏانهن وٺي ويندي!

گليلو: منهنجو خيال آهي ته اسين سائنس جا طالب آهيون. ان حالت ۾ اسان جو ڪم نه آهي ته پاڻ کان بيهي پڇون ته سچ اسان کي ڪيڏانهن ٿو وٺي وڃي.

فيلسوف: (سخت ڪاوڙ ۾ ): استاد گليلي، سچ اسان کي بلڪل اوڙهه ۾ نيئي سگهي ٿو.

گليلو: اعليٰ حضرت، جئين هيءَ رات آهي. تيئن ههڙين راتين تي، اٽليءَ ۾ هر هنڌ، دوربينيون ڦرنديون. آسمان ڏانهن اڀيو ٿينديون رهن ٿيون. مشتريءَ جي چنڊن  سان ملڪ ۾ کير مکڻ سستو ڪونه ٿي پوندو. پر اِهي چنڊ اڳي ڪڏهن ڏٺا نه ويا آهن. مٿي موجود آهن.اِن مان هڪ عام ماڻهو اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته ڏسڻ لاءِ ٻيون به ڪيتريون ئي شيون موجود هونديون. رڳو سندس پنهنجي اکين کولڻ جي دير آهي. اوهان جوفرض آهي ته هُن جي انهيءَ اميد جي تصديق ڪريو. اِها ڪا ٻن چئن ڏورانهن تارن جي چرپر جي ڳالهه ڪانهي جنهن سڄي اٽليءَ جي ماڻهن کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي؛ پر اصل ۽ وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته اها خبر جيڪا عام پکڙي ويئي آهي ته ماڻهن  جا ڪي عقيدا ۽ رايا، جيڪي اڄ تائين سمجهيا ويندا هئا ۽ غلط نٿا ٿي سگهن. اُهي هاڻي  ڊهي ڍير ٿي رهيا آهن. اُن خبر عام ماڻهن جا ڪن کڙا ڪري ڇڏيا آهن ته اهڙا عقيدا ۽رايا ته ٻيا به گهڻيئي ٿي سگهن ٿا. معزز حضرات، اسان کي مدي خارج ۽ مرندڙ تعليمات کي بچائڻ نه گهرجي.

فڊرزوني: استاد جي حيثيت ۾، اوهان کي ته پاڻ انهن جي خاتمي کي ويجهي آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي.

فيلسوف: آءُ چاهيندس ته اوهان جو ماڻهو سائنسي مذاڪري ۾ پنهنجي ٽنگ اڙائڻ جي ڪوشش نه ڪري.

گليلو: اعليٰ حضرت، ويس جي وڏي اسلح خاني ۾ پنهنجي ڪم جي دوران، آءُ خاڪه نويسن، رازن اوزار ٺاهيندڙ ۽ ٻين ڪيترن ئي پورهيتن، هنرمندن ۽ڪاسبين سان لاڳاپي ۾ آيو هوس. هنن ماڻهن مون کي ڪيترائي نوان رستا شين ٺاهڻ جا ۽ ڪم ڪرڻ جا ٻڌايا ۽ ڏيکاريا. اهي اڻ پڙهيل هئا، پر انهن پنهنجن پنجن حواسن تي اعتبار ٿي رکي. ۽ اڪثر حالتن ۾ هُنن کي اِن ڳالهه جو خيال ڪونه ٿي رهيو ته سندن اهڙا تجربا ۽ مشاهدا کين ڪيڏانهن وٺي ويا. ۽…

فيلسوف: اوهو!

گليلو: بلڪل اسان جي انهن جهازرانن وانگر، جيڪي سؤ ورهيه اڳ اسان جن ڪنارن تان لنگر کڻي، اجهاڳ سمنڊ جي سفر تي نڪري پيا هئا، ۽ اهو خيال ڪونه ڪيو هئائون ته اهو سفر ڪهڙن ڪهڙن ڪنارن ڏانهن کين وٺي ويندو. ائين سمجهجي ٿو ته اڄ انهيءَ اعليٰ تجسس کي لهڻ لاءَ، جنهن قديم يونان کي حقيقي عظمت بخشي هئي. اسان کي وري ڪن جهاز ساز گودين ۾ وڃڻو پوندو.

فيلسوف، جوڪجهه اسان اڄ هتي ٻڌو آهي، ان کان پوءِ واقعي منهنجي دل ۾ ڪو شڪ ڪونه ٿو رهي ته استاد گليليءَ کي سندس شائق ۽ ثنا خوان جهازن جي گودين ۾ ئي ملي سگهندا.

پيشڪار: اعليٰ حضرت، مون کي ڊپ آهي ته هيءَ غير معمولي سبق آموز گفتگو ڪجهه وڌي، ڊگهي ٿي پيئي آهي. اعليٰ حضرت کي درٻاري رقص کان پهريائين ڪا گهڙي آرام فرمائڻ گهرجي.

(اشاري ملڻ سان رئيس اعظم گليلو طرف جهڪي ٿو . درٻاري تيز تيز نڪري وڃڻ شروع ڪن ٿا.)

سينورا سارتي(رئيس اعظم جي اڳيان اچي، کيس پيسٽرين جي پليٽ پيش ڪري ٿي): هڪڙو بسڪوٽ، اعليٰ حضرت!

(وڏي عمر واري بيگم اڳيان ٿي، رئيس اعظم کي ٻاهر وٺي وڃي ٿي.)

گليلو: (هنن جي پوئتان ڊوڙندي): پر معزز صاحبؤ،اوهان کي سچ پچ منهنجي آلي منجهان رڳو ڏسڻ ته گهربو هو!

بيشڪار: استاد گليلي، خاطر رکو: اعليٰ حضرت، بهرحال اوهان جي دعوائن متعلق روم ۾ مقدس پوپ جي ڪاليج جي فلڪياتي علم جي استاد ڪرسٽافر ڪلي وئس، کان ضرور رايو وٺندو. جيڪوهن وقت دنيا ۾ في الحقيقت فلڪيات جو وڏي ۾ وڏو ماهر آهي.

 


 

5

پليگ جي به پرواهه نه ڪندي، گليلو پنهنجي تحقيقات کي جاري رکي ٿو.

 

ـــــــــــ الف ـــــــــــ

 فلارينس ۾ گليلو جي مطالعي جو ڪمرو

(صبح جو سوير، گليلو دوربينيءَ تي ويٺو، نوٽ وٺي رهيو آهي. ورجينيا، سفر جو ٿيلهو کنيو، اندر اچي ٿي.)

گليلو: ورجينيا، ڪجهه ٿيو آهي ڇا؟

ورجينيا: ڪان وينٽ بند ٿي ويو. اسان کي سڌو گهر موڪليو اٿن .شهر جي آرسيٽري محلي ۾ پليگ جا پنج ڪيس ٿيا آهن.

گليلو(سڏ ٿو ڪري):سارتي!

ورجينيا: اڄ صبح کان مارڪيٽ وارو رستو بند ڪيو ويو آهي. چون ٿا ته اولڊ ٽائون ۾ ٻه موت واقع ٿيا آهن ۽ ٽي نازڪ ڪيس اسپتال ۾ پيا آهن.

گليلو: هن ڀيري وري به پڇاڙيءَ تائين هر ڳالهه مخفي رکيائون.

سينورا سارتي(اندر اچي ٿي): تو هتي ڇا پيئي ڪرين؟

ورجينيا: پليگ پيئي آهي.

سينورا سارتي: يا خدا!سامان ته ٻڌان. (مٿي تي هٿ ڏيئي. ويهي ٿي رهي.)

گليلو: ڪو به سامان نه ٻڌ. ورجينيا ۽ ائنڊريءَ کي وٺي وڃ. آءُ پنهنجا ڪاغذ ٿو گڏ ڪريان.

(هو ڊوڙي ميز وٽ وڃي ٿو. ۽ تڪڙ تڪڙ ۾ ڪاغذ مِيڙي گڏ ٿوڪري. سينورا سارتي ائنڊريءَ جي پٺيءَ تي ڪوٽ ٿي رکي. جيڪو ڊوڙندو اندر آيو آهي. ۽ پوءِ ڪجهه کاڌو ۽ بستري جو سامان گڏ  ڪري ٿي. سپاهي داخل ٿئي ٿو.)

سپاهي: هن نگريءَ بيماريءَ ڪري، اعليٰ حضرت جن شهر ڇڏي بولونا روانا ٿي ويا آهن . پر سخت حڪم ڏيئي ويا آهن ته استاد گليليءَ کي به سواريءَ جو بندوبست ڪري ڏجي ته شهر مان نڪري. ڪنهن سلامتي واري هنڌ پهچي سگهن. ٻن منٽن ۾ گاڏي اوهان جي در تي پهچي ويندي.

سينورا سارتي( ورجينيا ۽ ائنڊريءَ کي): وڃو، تکا وڃو! هان، هي پاڻ سان کنيو وڃو!

ائنڊري: پر ڇو؟ جي نه ٻڌائيندينءَ، ته آءُ ڪونه ويندس.

سينورا سارتي: منهنجا پٽ! پليگ پيئي آهي.

ورجينيا: اسين بابا لاء ترسنداسين.

سينورا سارتي: استاد گليلي، توهين تيار آهيو؟

گليلو(جيڪو دوربينيءَ کي ميز پوش ۾ پيو ويڙهي): ورجينيا  ۽ ائنڊيءَ کي تون گاڏي ۾ چاڙهه. آءُ اجهو ٿو اچان.

ورجينيا: نه اسين اوهان کان سواءِ نه وينداسين. توهين جيڪڏهن ڪتاب ٻڌڻ شروع ڪندا ته ڪڏهن به تيار نه ٿي سگهندا.

سينورا سارتي: گاڏي پهچي ويئي.

گليلو: ڪجهه ڏاهي ٿيءُ ورجينيا! جيڪڏهن تون گاڏي ۾ نه چڙهندينءَ ته گاڏيءَ وارو هليو ويندو. پليگ ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي.

ورجينيا(ڪاوڙ ڏيکاري ٿي_ جيئن سينورا سارتي کيس ۽ ائنڊريءَ کي اڳيان ڪيو. ٻاهر وٺي ٿي وڃي.) بابا کي تون ڪتاب ٺاهڻ ۾ مدد ڪر. نه ته هو ڪڏهن به ڪين نڪرندو.

سينورا سارتي( ڏاڪڻ جي در تي پهچي، سڏي ٿي): استاد گليلي. ڪوچوان نٿو ترسي!

گليلو: سينورا سارتي: آءُ نٿو سمجهان ته مون کي گهر ڇڏڻ گهرجي. سڀ شيءَ هتي پکڙي پيئي آهي.مون کي هڪ ٻه راتيون هتي رهڻ گهرجن. نه ته گذريل ٽن مهينن ۾ جيڪي نوٽ ورتا اٿم . سي سڀ بيڪار ٿي ويندا ۽ سمورا ڪاغذ اڇلائي ڇڏڻا پوندم. ۽ هي بيماري به ته هر هنڌ پکڙي پئي آهي!

سينورا سارتي: استاد گليلي، فورن هيٺ اچو. توهان جو مغز ته خراب ڪونه ٿي ويو آهي.

گليلو: تون وقت نه وڃاءِ. ورجينيا ۽ ائنڊريءَ کي وٺي هلي وڃ. آءُ به توهان جي پويان اچان ٿو.

سينورا سارتي: هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ته ڪنهن کي شهر مان نڪرڻ به ڪونه ڏيندا.توهان کي هڪدم هلڻ گهرجي (ڪن لائي ٻڌي ٿي) گاڏي ته وڃي پيئي! ڊوڙي بيهاريانس!

(وڃي ٿي)

(گليلو اڳتي پوئتي هلي ٿو. سينورا سارتي موٽي ٿي اچي_ منهن لٿل، پريشان،هٿين خالي.)

گليلو: تون اڃان ڇو بيٺي آهين؟ گاڏي ٻار کي کڻي هلي ويندي.

سينورا سارتي: هو ويا هليا ورجينيا کي زوريءَ اندر جلهي ويٺا. بولونا ۾ ڪو نه ڪو ٻار جي سنڀال لهندو. پرهتي توهان جو کاڌو ڪير پچائيندو؟

گليلو: تون چري ٿي پيئي آهين. کاڌي پچائڻ لاءِ شهر ۾ رهي پوڻ…!

(پنهنجا ڪاغذ کڻي ٿي) ائين نه سمجهه ته آئو ڪو بيوقوف آهيان.سينورا سارتي! آءُ هتي پنهنجن ”مشاهدن“

کي ڇڏي نٿو سگهان.منهنجا ڏاڍا طاقتور دشمن آهن. ۽ مون کي پنهنجن نظرين لاءِ ثابتيون هٿ ڪرڻيون آهن.

سينورا سارتي: توهين ڇو ٿا مون کان معافي گهرو! پر اِها سمجهه ڀري ڳالهه ڪانهي.

_ب_

فلارينس ۾ گليلو جي گهر جي ٻاهران

(گليلو گهران ٻاهر نڪري ٿو ۽ گهٽيءَ ۾ پري ڏسي ٿو. ٻه راهبائون اچي لنگهن ٿيون.)

گليلو( هنن سان ڳالهائي ٿو): منهنجون ڀينرون، مون کي ڏس ڏيئي سگهنديون ته آءُ ٿورو کير ڪٿان وٺان؟ اڄ صبح جو کير واري مائي اسان وٽ ڪانه آئي.۽ منهنجي خادمه ٻاهر نڪري ويئي آهي.

هڪڙي راهبه: دوڪانه هاڻي رڳو شهر جي هيٺيئن پاسي کليل آهن.

ٻي راهبه: اوهين هُتان نڪتا آهيو؟(گليلو ڪنڌ سان هائوڪار ڪري ٿو.)هن ئي گهٽيءَ مان!

(ٻيئي راهبائون پنهنجيءَ ڇاتيءَ تي صليب ٺاهين ٿيون. بيبي مريم کي سڏين ٿيون ۽ تکيون تکيون وڌي وڃن ٿيون. هڪڙو ماڻهو اچي لنگهي ٿو.)

گليلو(هن سان ڳالهائي ٿو): تون اهونانوائيءَ ته نه آهين. جيڪو اسان کي سفيد نان ڏيئي ويندو آهين؟(ماڻهو ڪنڌ سان هائو ڪري ٿو) تون منهنجي خادمه ته ڪانه ڏٺي؟ هوءَ شايد ڪالهه شام جو ڪيڏانهن نڪري ويئي آهي. اڄ صبح جو هوءَ گهر ۾ ڪانه هئي.

( ماڻهو ڪنڌ سان ناڪار ٿو ڪري)

(سامهين پاسي واري دري کلي ٿي، ۽ ان مان هڪ عورت جهاتي پائي ٻاهر ڏسي ٿي.) عورت (دانهن ڪري): ڀڄو اتان ! انهي پاسي پليگ آهي!

(ماڻهو خوف ۾ وٺجي، ڀڄي ٿو.)

گليلو: توکي ڪا منهنجي خامه جي خبر آهي؟

عورت : تنهنجي خادمه گهٽيءَ ۾ اڳتي ويندي، ڪري پيئي هئي. هُن کي اڳي ئي خبر هئي. اِنهيءَ ڪري ته ٻاهر نڪتي هئي. ٻين جو ڪنهن کي خيال ئي ڪونه ٿو پوي!( هوءَ زور سان دري بند ڪري ٿي ڇڏي.)

(ڪي ٻار پريان گهٽيءَ مان ايندا ڏسجن ٿا . هو گليلو کي ڏسن ٿا ۽ رڙيون ڪري ڀڄن ٿا. گليلو موٽي ٿو. ۽ ٻه سپاهي مٿي کان پيرن تائين زرهه ۾ ڍڪيل. ڊوڙندا ڏانهس اچن ٿا.)

سپاهي: موٽي گهر وڃ ! هڪدم موٽي اندر وڃ!

(هو پنهنجن ڊگهن نيزن جي چهنبن سان گليلو کي ڊيڄاري اندر ڪن ٿا. هن کي اندر ڪري.ٻاهران ڪڙو ڏيئي. در بند ڪري ڇڏين ٿا.)

گليلو( دريءَ منجهان منهن ڪڍي): اوهين مون کي ڪجهه ٻڌائي سگهندا ته منهنجي خادمه جي ڪهڙي حالت آهي؟

سپاهي: اهڙا سڀ ڪيس ٻاهر ٻيلي ۾ کڻي ويا آهن.

عورت(وري دريءَ مان منهن ڪڍي ٿي): گهٽيءَ جو اهو سڄو پاسو پليگ ۾ ورتل آهي. ان کي اتان بند ڇو نٿا ڪري ڇڏيو؟

(سپاهي ٻنهي پاسن کان رسي ٻڌي، گهٽي کي بند ڪري  ٿا ڇڏين)

عورت پر  هاڻي ته اسان جي گهر ۾ به ڪو ڪونه اچي سگهندو اسان کي بند ڪري ڇڏڻ جي ضرورت ڪانهي. هتي هر ڪو چڱو ڀلو آهي. ائين نه ڪريو! ائين نه ڪريو!! منهنجي ڳالهه ٻڌو!!! منهنجو مڙس ٻاهر شهر ۾ هاڻي هو اسان وٽ واپس ڪيئن اچي سگهندو؟ اڙي مار پئيو! ڪا ٺڪاڻ پئيو!!

(اندران روئندي، رڙيون ڪندي ٻڌجي ٿي. سپاهي هليا وڃن ٿا. ٻي دري مان هڪ ٻڍي عورت منهن ڪڍي ٿي.

گليلو هوڏانهن ڪا باهه لڳل ٿي ڏسجي!

ٻڍي عورت: جتي پليگ جو شڪ هوندو اٿن، اتي باهه ڪانه وسائيندا آهن. سواءِ پليگ جي ٻيءَ ڪنهن ڳالهه جو ڪو خيال ئي ڪنهن کي ڪونهي.

گليلو: اِهي آهن ئي اهڙا! اهڙُو ئي انهن جو سڄو حڪومت جو نمونو آهي. بس، اسان کي ائين ڪٽي الڳ ڪري ٿا ڇڏين، جيئن انجير جي وڻ جي ڪا ٽاري ڪپي اڇلائي ڇڏبي آهي. جنهن کي جيت اچي وٺندو آهي ۽ اها ميوو جهلي نه سگهندي آهي.

ٻڍي عورتل توکي ائين چوڻ نه گهرجي. هوبه لاچار آهن.

گليلو: تون گهر ۾ اڪيلي آهين ڇا؟

ٻڍي عورت: هائو پر منهنجي پٽ ٻاهران مون کي چٺي موڪلي آهي. ڌڻيءَ جو شڪر، جو ڪالهه شام جو هن کي ڪا خبر پيئي ته هيڏي هن پاسي ڪو پليگ ۾ مري ويو هو. تنهنڪري هوگهر به ڪونه آيو. ڪالهه رات هن پاسي ٻارنهن ڪيس ٿيا هئا.

گليلو: آءُ پاڻ کي ڏوهه ٿو ڏيان، جو پنهنجي خادمه کي وقت سر موڪلي نه ڇڏيم. مون کي ته ضروري ڪم هو. پر هُن کي ته پوئتي رهڻ جو ڪو سبب ڪونه هو.

ٻڍي عورت: هاڻي،اسين به ته وڃي نٿا سگهون. اسان کي ڪير پاڻ وٽ اچڻ ڏيندو؟تون پاڻ کي ايترو نه لوءِ. مون هن کي ڏٺو هو. هوءَ اڄ صبح جو سوير، اٽڪل ستين وڳي ٻاهر نڪتي هئي. هوءَ بيمار هئي. ڇو ته هن مون کي ماني وٺڻ لاءِ در کان ٻاهر ايندي ڏٺو ، تڏهن هوءَ مون کان ڀڄي پري ٿي ويئي.شايد هُن نٿي چاهيو ته هو ڪو تنهنجو  گهر پوي ڇڏين. پر هوته هر شيءَ معلوم ڪري وٺن ٿا.

(گڙ گڙ گرڙ گرڙ  جو آواز ٻڌجي ٿو)

گليلو: اِهو ڇا آهي؟

ٻڍي عورتن اهي گوڙ ڪن ٿا ته جيئن آسمان جا ڪڪر جن ۾ پليگ جو ٻج آهي. سي ٽڙي پکڙي، هٽي وڃن.

(گليلو زور سان کلي ٿو)

۽ تون پيو کلين!

(هڪڙو ماڻهو گهٽي مان پريان اچي ٿو ۽ ان کي رسيءَ سان بند ڏسي ٿو)

گليلو: اڙي ادا! آءُ بند ٿيو پيو آهيان. ۽ گهر ۾ ڪجهه به کائڻ لاءِ ڪينهيم.

(هُن جو آواز ٻڌندي ئي ماڻهو ڀڄي وڃي ٿو.)

گليلو: پر، اڙي! اڙي! ميان! تون اسان کي ائين بک ۾ مرندي ڏسي. ڪئين ٿو ڀڄي وڃين!

ٻڍي عورت: شايد اسان لاءِ ڪجهه آڻيندا. نه ته، آءَ تنهنجي در جي ٻاهران کير جو پيالو رکي ويندس_ شل توکي مون مان ڊپ نه ٿئي_ پر سو به سج لٿي. اوندهه کان پوءِ

گليلو: او! او ڪوته من اسان کي ٻڌي!

(اوچتو رسيءَ وٽ ائنڊري اچي بيهي ٿو. هن جي ڳلن تي ڳوڙهن جا نشان ڏسجن ٿا.)

گليلو: ائنڊري! تون هتي ڪيئن پهتين!

ائنڊري: آءُ هتي سوير آيو هوس مون ٺڪ ٺڪ ڪئي، پر توهان در نه کوليو. ماڻهن مون کي ٻڌايو ته…

گليلو: گاڏيءَ ۾ تون ڪونه ويئن ڇا؟

ائنڊري:ويو هوس، پر رستي تي ڪنهن طرح ٽپ ڏيئي لهي پيس.ورجينيا هلي ويئي. آءُ اندر نٿو اچي سگهان ڇا؟

ٻڍي عورت:نه، اندر نٿو اچي سگهين. تون ارسيلن مرڪز ۾ وڃ. تنهنجي ماءُ اُتي هوندي.

 ائنڊري:آءُ اُتان ٿي ويو آهيان. پر هُنن ساڻس مون کي ملڻ  نه ڏنو. هوءَ ڏاڍي بيمار آهي.

گليلو: تون ايترو سڄو پنڌ ڪري آيو آهين؟ٽي ڏينهن ٿيا آهن. اوهان  کي هتان وئي!

ائنڊري: مون کي هتي اچڻ ۾ ايترا ئي ڏينهن لڳا آهن: توهين من تي ڪاوڙجو نه.واٽ تي هڪ ڀيرو من کي جهلي به وڌو هئائون.

گليلو: (بيوسيءَ کان تون هاڻي  روءُ نه. هيڏانهن ڏس. مون انهيءَ وچ ۾ ڪيتريون ئي نيون شيون لڌيون  آهن. توکي ٻڌايان؟ (ائنڊري سڏڪا بند ڪري، ڪنڌ سان هائو ڪري ٿو) هاڻي ڌيان سان ٻڌ. نه ته سمجهي ڪين سگهندين. ياد اٿيئي جڏهن مون تو کي زهري جوگرهه ڏيکاريو هو؟ تون ايڏانهن انهيءَ گوڙ تي ڪن نه ڏي_ اهو ڪجهه ڪونهي. سو. توکي ياد آهي؟ هاڻي توکي خبر آهي ته مون ڇا ڏٺو آهي. بس اهو ته چنڊو جهڙو آهي! مون ان کي اڌ گول جي شڪل ۾ ڏٺو آهي.۽ هلال جي شڪل ۾ ڏٺو آهي. هاڻي تون ڇاٿي چوين؟ آءُ توکي اهوسڀ ڪجهه هڪڙي بال ۾ ميڻ بتيءَ جي مدد سان ڏيکاري سگهان ٿو. اِن مان ثابت ٿئي ٿو ته انهي گرهه کي به پنهنجي روشني ڪانهي. ۽اهو به سج جي چوڌاري ڦري ٿو_ بلڪل هڪڙي سادي گول دائري ۾ آهي نه عجب جهڙي  آهي؟

ائنڊري(سڏڪا ڀريندي): هائو، ۽اها به حقيقت آهي.

گليلو( آهستي): مون هن کي هتي ڪونه روڪيو هو. ائنڊري!

(ائنڊري چپ آهي.)

گليلو: پر، آءُ جي هتي نه ترسان ها، ته برابر ائين ڪونه ٿئي ها.

ائنڊري : ڀلا،هاڻي ته توهان تي اعتبار ڪندا؟

گليلو: مون سڀ پنهنجيون ثابتيون گڏ ڪري رکيون آهن. توکي ٻڌايان ٿو ته جڏهن هيءَ ڳالهه ختم ٿي ويندي، تڏهن آءُ روم ويندس ۽اتي وڃي کين ڏيکاريندس.

(گهٽيءَ مان پريان ٻه منهن ڊڪيل  ماڻهو اچن ٿا.ڪنواٺين وانگر انهن کي ڊگها لڪڙا آهن. جن جي پڇڙين ۾ باڙديو لٽڪيل آهن. هو. درين منجهان. پرين ٻڍيءَ مائيءَ کي پوء گليلو کي، ڊڄي ڊڄي، ماني ڪڍي ڏين ٿا)

ٻڍي عورت: ۽ هُتي پريان، ٽن ٻارن سان هڪڙي ماءُ اٿو. انهن کي به ڪجهه ڪڍي ڏيو.

گليلو: پر مون وٽ پيئڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي. گهر ۾ پاڻيءَ جي ڦڙي ڪانهي(ٻيئي ماڻهو ڪُلها ساهيندي، پنهنجي لاپرواهي ڏيکارين ٿا.)

سڀاڻي اوهين وري ايندؤ؟

هڪڙو ماڻهو(گهٽيل آواز ۾، ڇو ته منهن تي ڪپڙو ويڙهيل اٿس): اڄ ڪنهن کي خبر ته سڀاڻي ڇا ٿيندو؟

گليلو:جيڪڏهن سڀاڻي اوهين اچو ته، مو لاءِ هڪڙو ننڍڙو ڪتاب آڻي سگهندؤ؟ مون کي پنهنجي ڪم لاءِ اهوکپي.

ماڻهو(ٺلهي نموني کلي ٿو): ڄڻ ڪتاب هاڻي ڪا وڏي ڳالهه آهي! شڪر ڪر. جي ڪا ماني به ملئي.

گليلو:پر اهو ڇوڪرو منهنجو شاگرد سڀاڻي هن مهل هتي هوندو، ۽ منهنجي لاءِ اهو ڪتاب اوهان کي ڏيندو. اُهو هڪڙو نقشو آهي. ائنڊري، جنهن تي عطارد جي ڦيري جو وقت ڄاڻايل آهي._اهو مون کان ڪٿي هيٺ مٿي ٿي ويو آهي_ تون اسڪول مان مون لاءِ کڻي ايندين؟

(انهي وچ ۾ ٻيئي ماڻهوهليا وڃن ٿا.)

ائنڊري: بلڪل، استاد گليلي، آءُ توهان لاءِ اهو ضروري کڻي ايندس.

(گليلو دريءَ مان هٽي اندر ٿئي ٿو. سامهون واري گهر مان ٻڍي مائي ٻاهر نڪري ٿي ۽ گليلو جي در وٽ کير جو پيالو آڻي رکي ٿي.)


 

ــــــــ 6 ــــــــ

1616ع: روم ۾ مقدس پوپ جي ڪاليج جو تحقيقاتي ادارو گليلو جي کوجنائن جي تصديق ڪري ٿو

حالتون سچ پچ بيحد عمدي صورت اختيار ڪن ٿيون

جڏهن ڄاڻو ماڻهو ڄاڻڻ لاءِ هيٺانهين وٺن ٿا.

اسان کي اعلان ڪندي ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي._

علم جي تحصيل کان فارغ ٿيل ۽ دستاربند عالم،ڪلي وئس،

گليلو جي کوجنائن جي پٺڀرائي ڪئي!

روم ۾ مقدس پوپ جي ڪاليج جو وڏو هال:

(رات آهي: ڪليسا جا اعليٰ بزرگ، وڏا پادري ۽ عالم_ ٽولن  جي صورت ۾ هڪڙي پاسي گليلو بيٺو آهي_اڪيلو وڏو کل خوشيءَ جو وايو منڊل آهي.

ڏيک شروع ٿئي ٿو. اُن کان اڳ وڏا وڏا لاڳيتا ٽهڪ ٻڌجن ٿا.)

ٿلهو وڏو پادري (مزي سان، نڪتل پيٽ کي هٿن ۾ جهليندي): الا، حد ٿي ويئي! ڀلا ڪو اهڙي به ڳالهه ٻڌائي، جنهن تي ڪنهن کي ويسهه نه اچي؟ هڪڙو عالم: مثال طور اوهان کي کاڌي  کان ڏاڍي چڙ آهي. يا حضرت!

ٿلهو وڏو پادري: انهي تي ويسهه ڪري ويندا! انيهي تي ويسهه ڪري ويندا!

 ماڻهن کي رڳ معقول ڳالهه تي ويسهه نٿو اچي مثال طور شيطان آهي_ انهيءَ تي شڪ ڪندا.پر ڌرتي لاٽونءَ وانگر گٽر ۾ ڦري پيئي_ انهي تي ويسهه ڪيو وڃن! ڌڻي جي ڪا ڀلائي ٿئين!

هڪڙو راهب(سانگ ڪندي):مون کي ته ڦيري ٿي اچي. ڌرتي ڪجهه حد کان گهڻي ڦري رهي آهي. پروفيسر، هيڏانهن ٿي ته توتي ٽيڪ ڏيئي پاڻ جهليان.

(لڏي لڏي، ڪرڻ جومنهن ٿو ڪري، ۽ هڪڙي عالم جي ڪلهي کي وڃي جهلي.)

پهريون عالم( کيل ۾ شامل ٿيندو): هائو، ويچاري اسان جي پوڙهي ڌرتي ماتا_ اڄ وري گهڻو پيتو اٿس.

ٿلهو وڏو پادري: ڇڏيو، ڇڏيو! آءُ ته مرڳو ڪران ٿو. ڇڏيو! آءُ ته ٿو چوان، ڪا ٻه ڳالهه ڪريو!

ٻيو عالم:زهره ته اڳي ئي وٺجي ٻيڻي ٿي پيئي آهي. آءُ ته ان جي پٺيءَ جو رڳو هڪڙو اڌ ڏسي ٿو سگهان!بچايو!بچايو!

(پادرين جي هڪڙي ٽولي گڏ ٿئي ٿي. کلندي، هو اهڙو ناٽڪ ڪن ٿا. ڄڻ ڪنهن طوفان ۾ ورتل جهاز مان هيٺ سمنڊ ۾ ڪرڻ کان  پاڻ بچائي رهيا هجن.)

هڪڙو ٻيو راهب: خدا خير ڪري، ڪٿي اڇلجي چنڊ تي نه وڃي پئون.

ڀائرو، چون ٿا ته اُن جي جبلن جون چوٽيون ڏاڍيون چهنجاريون آهن!

پهريون عالم: پير پنهنجا پختا ڪري بيهو!

پهريون راهب: ۽ هيٺ نه نهاريو. منهنجو ته مٿو ٿو ڦري.

ٿلهو وڏو پادري( سعيو ڪري زرو سان ڳالهائي ٿو. ته جيئن گليلو ٻڌي): ناممڪن! مقدس پوپ جي ڪاليج ۾ ڪنهن جو مٿو ڦري!

(وڏا ٽهڪ)

(پٺئين در کان، ڪاليج جا ٻه فلڪياتي ماهر داخل ٿين ٿا.)

(ماٺ‎ ٿي وڃي ٿي.)

هڪڙو راهب اڃا اوهين پيا جانچ ڪريو؟ هيءَ ته خواري ٿي!

پهريون فلڪياتي ماهر(ڪاوڙ مان): اسين جانچ ڪونه ڪريون!

ٻيو فلڪياتي ماهر: هيءَ ڳالهه اسان کي ڪٿي پهچائيندي؟ ڪلي وئس کي آءُ ته سمجهي نٿو سگهان…گذريل پنجاهه سالن ۾ جيڪي دعوائون ٿيون آهن. سي سڀ جيڪڏهن ائين سوچيون سمجهي قبول ڪجن ها! 1572ع جي سال ۾ سڀ، کان مٿئين آسمان ۾، يعني اٺين آسمان ۾، جنهن ۾ بيٺل تارا جڙيل آهن. هڪ نئون تارن جو جهڳٽو چمڪندي ڏسجي ٿو_ پنهنجي سڀني پاڙيسري تارن کان وڏو ۽ وڌيڪ روشن_ ۽ ارڙهن مهينا ئي نٿا گذرن. ته اهو وري هليو ٿو وڃي ۽ موٽي غيب ۾ گم ٿي وڃي ٿو! اسين پڇي سگهون ٿا ته جي ائين آهي، ته پوءِ آسمانن جي ازلي معياد ۽ لافاني دائميت جو ڇا ٿيندو.؟

فيلسوف : ڏسجي ائين ٿو ته جي هنن جو وس پڄي ته اسان جي هيءَ سڄي ڪائنات ڊاهي ڍير ڪري ڇڏين!

پهريون فلڪياتي ماهر: هائو. نيٺ اسين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون؟ پنج سال پوءِ هو ڊچ ٽڪو بروهو، هڪڙي پڇڙي  تاري جو رستو ڪڍي ٿو اسان کي ٻڌائي! اهو چنڊ کان مٿان نڪتو، ۽ بلوري گنبذن کي، جيڪي چرندڙ نکٽن جا نهرا ۽ مضبوط چرخ آهن. هڪ هڪ ڪري ٽوڙيندو. اڳتي وڌندو ويو! ان آڏو ڪا جهل ٿي! پوءِ ڀلا اسين هنن کان پچون ته هي سڀ چرخ ڪيڏانهن ويا؟

فليسوف: نه نه، اِهو ته سوال ئي ڪونه ٿو اُٿي. ڪرسٽافر ڪلي وئس، اٽليءَ جوسڄيءَ ڪليسا جو وڏي م وڏو فلڪياتي عالم.اهڙيءَ هڪ واهيات ڳالهه جي رڳو جانچنا به ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟

ٿلهو وڏو پادري: خدا جي پناهه ڏئي! اِها ته وڏي  خواري ٿي.

پهريون فلڪياتي ماهر: پر هو اِهو جانچنا ڪري رهيو آهي! هو هتي اندر ويٺو آهي. ۽بيٺو انهيءَ شيطاني آلي منجهان ڏسي!

ٻيو فلڪياتي ماهر: ڳالهه منڍ کان ئي ڦٽي آهي! هيءَ سڄي خرابي شروع ئي تڏهن ٿي. جڏهن اسان ان ملحد ۽ ڪافر ڪاپرنيڪس جي ليکن ۽ جدولن منجهان آسماني جسمن بابت هر شيءَ جا حساب لڳائڻ شروع ڪري ڏنا هئا. شمسي سال جي ڊيگهه. سج گرهڻ ۽چنڊ گرهڻ ۽ جون تاريخون، سالن جا اڳواٽ آسماني جسم جا گهر ۽ هنڌ.

هڪڙو راهب: اوهان کان ٿو پڇان ته بهتر ڳالهه ڪهڙي آهي: جنتريءَ ۾ ڏيکاريل تاريخ کان ٽي ڏينهن پوءِ گرهڻ ڏسجي، يا هميشه لاءِ ماڻهو الاهي نجات کان محروم ٿي وڃي؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org