سيڪشن: ادب

ڪتاب: گليلو

باب:

صفحو:2 

ڪليسا جي انهيءَ فيصلي گليلو  کي ڏاڍو رنجايو. پر پابندي ۽ بندش هوندي به هن فلارينس جي شهر ۾ سج، چنڊ، زمين ۽ ٻين گرهن جي گردش جي موضوع تي ” دنيا جا ٻه عظيم  نظام“ نالي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن پنهنجي  مشاهدن ۽ کوجنائن کي ورجايو ۽ انهن جي زوردار تصديق ڪئي. انهيءَ تي ڪليسا جي بزرگن کي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ هنن انهيءَ ڪتاب کي ضبط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ گليلو کي، جنهن جي عمر ان وقت ستر ورهيه هئي، روم جي احتسابي عدالت (Inquisition) ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڪيو. اتي ڪيترن ئي ڏينهن جي پڇا ڳاڇا کانپوءِ هن کي اهڙو ته مجبور ڪيو ويو ۽ مختلف جسماني عذابن جو اهڙو ته خوف ڏياريو ويو، جو هن لاچار ٿي چيو ته ” آءُ آڻ مڃان، هاڻي اوهان جي هٿ وس آهيان ۽ اوهين جيڪي چوندو اهو ئي چوندس.“ انهيءَ تي ڪليسا جي طرفان هڪ ” توبهه نامو“ تيار ڪيو ويو، جيڪو گليلو احتسابي عدالت جي جلسي ۾ پڙهيو. ان مطابق گليلو پنهنجيءَ سموريءَ سائنسي تحقيق ۽ کوجنا کي ڄاڻايو ۽ پنهنجن سڀني علمي نظرين تان هٿ کڻي توبهه تائب ٿيو.

گليلو پنهنجي باقي عمر جا ڏينهن پنهنجي گهر ۾ گذاريا، جتي مٿس چوڪسي رکڻ لاءِ ڪليسا جا پادري چاري ڪري بيهاريا ويا ته متان هو ڪو سائنسي مشادو يا تجربو ڪري يا ڪو علمي ڪتاب لکي. پر اُنهيءَ هوندي به ماٺ ميٺ ۾، رات جو لڪي ڇپي، صرف چانڊوڪيءَ جي روشنيءَ تي، هُن پنهنجو آخري ڪتاب”علمي مباحثا“ لکي پورو ڪيو. ۽ اُن ڪوشش ۾ هن پنهنجي اکين جي روشني وڃائي ڇڏي. ۽ هو نابينا ٿي پيو. پنهنجي گهر ۾ اٺ سال ائين قيد ۾ رهڻ کان پوءِ 1642ع ۾ 78 سالن جي عمر ۾ هُن وفات ڪئي.

استاد گليلو جي عظيم الشان شخصيت جو بنياد سندس هن نظريي تحت رکيل هو ته وهم، وسوسا ۽ غير علمي انسان ذات لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيا آهن ان جي ابتڙ علمي ۽ سائنسي کوجنائن جي وسيلي انسانذات کي ڪائنات جي ڳجهن کي سمجهڻ ۽ پروڙ جو شعور حاصل ٿئي ٿو. ۽ ان خوف ۽ خطري کان نجات ملي  ٿي جنهن جي اثر هيٺ صدين تائين اسان ذهني ۽ اخلاقي طرح ڄامڙا، لولا ۽ لنگڙا پئي رهيا آهن. تنهنڪري اُن شعور ۽ ڄاڻ کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون، اُنهن جي راهه ۾ رنڊڪون وجهڻ پوريءَ انسانذات تي ظلم ٿيندو. گليلو  جو خيال هو ته سائنسي کوجنائن ڪرڻ جي پوري آزادي هجڻ گهرجي، ۽ اهڙيءَ طرح جيڪي نيون نيون ايجادون ٿين ٿيون تن کي  ڪنهن خاص طبقي يا گروهه جي بدران انسانن جي عام  ڀلائيءَ ۽ آسائش لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. سائنس جي اِنهيءَ سماجي  ڪارج بابت گليلو جي آڏول عقيدي جو اظهار بريخت هن لفظن ۾ ڪري ٿو.

”منهنجو چوڻ آهي ته سائنس جو واحد مقصد هيءُ آهي. ته انساني زندگيءَ جي ڏک ۽ سختيءَ کي آسان بنايو وڃي. جيڪڏهن  سائنسدان، خود _مفادي اقتدار جي صاحبن جي دٻاءَ ۾ اچي، علم محض علم خاطر وڌائيندا ۽ خوش ٿيا ويٺا رهن، ته اُن حالت ۾ سائنس پنگلي ۽ بي اثر بنجي سگهي ٿي. ۽ اوهان جون نيون مشينيون پوءِ رڳو هيڻن کي چيڀاٽڻ جا نوان ذريعا ۽ نيون ترڪيبون بنجي وجود ۾ اينديون رهنديون ۽اُنهن مان ٻيو ڪو انساني مفاد جو ڪارج سڌ ڪونه ٿي سگهندو. اِنهيءَ روءِ، وقت گذرڻ سان، ممڪن آهي ته اوهين اُهو سڀڪجهه ڳولي سگهو ۽ لهي سگهو جيڪو ڳولڻو ۽ لهڻو آهي، پر اوهان جو اُهو سڄو واڌارو اوهان کي انسان ذات کان دور نيئي سگهي ٿو، اُن جي ويجهو نٿو آڻي سگهي.“(ص_161)

برٽالٽ بريخت هِن ڊرامي ۾ استاد گليلو جو تارخي دؤر، سماجي پس منظر  ۽ هُن جي زندگيءَ ۽ ڪارنامن کي علامت طور  استعمال ڪري، اُنهن سائنسي ۽ سماجي مسئلن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪي ويهن صديءَ جي ٻيءَ وڏيءَ لڙائيءَ جي وقت، اُن  جي پس منظر ۽ پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ سندس پنهنجي سڄي دور ۾ پيدا ٿيا هئا. ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾، خاص طرح، هار ۽ جيت جو سڄو دارومدار انهن خطرناڪ جنگي هٿيارن تي هو، جن جي ايجاد سائنسدانن جي مدد کان سواءِ ممڪن نه هئي. جرمنيءَ ۾ ته اهڙا خطرناڪ جنگي هٿيار ٺهڻ لڳا هئا. جن جي استعمال سان ايترو ته جاني ۽ مالي نقصان ٿي رهيو هو. جو انهن  جي ٺاهيندڙ سائنسدانن کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ شرم  ۽ پشيماني ‎ءَ کان هنن جا گردن جهڪي ويا. سائنسي ايجادون انسانذات جي ڀليءَ ۽آرام لاءِ استعمال ڪيون ويون. اُنهيءَ صورتحال ۾ ڪيترائي سائنسدان لڪ چوريءَ جرمنيءَ مان ڀڄي نڪتا ۽ ٻين ملڪن ۾ پناهه وٺي معمولي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي پيا. انهن خطرناڪ ۽ موتمار جنگي هٿيارن جي ڊوڙ ۾ جرمنيءَ تائين محدود نه هئي. پر جنگ ۾ شامل هر ملڪُ پنهنجي حريف ملڪ کي نيست نابود ڪرڻ لاءَ انهيءَ ڊوڙ ۾ شريڪ ٿي ويو هو. نيٺ انهيءَ ڊوڙ ۾ آمريڪا ويهين صديءَ جو سڀ کان وڌيڪ هولناڪ هٿيار، ائٽم بم، ٺاهي، سڀني کان گوءِ کڻي ويو.

بريخت هن ڊرامي جي 47-1945ع واري ترميمي مسودي متعلق پنهنجن اڻپورن نوٽن ۾ لکيو آهي ته”يار رکڻ گهرجي ته اسين

”گليلو  جي زندگي“ جو هيءَ ڊرامو اُن وقت ۽ اُڻ ملڪ ۾ اسٽيج ڪري رهيا هئاسون. جنهن ائٽم جنهن ائٽم بم، ايجاد ڪيو، ۽ جنهن ان کي فوجي مقصد لاءِ استعمال ڪيو ائٽمي طبعيات کي خفيه رکڻ لاءِ حد کان وڌيڪ خبرداري ڪئي ويئي هئي. جنهن ڏينهن ائٽم بم اڇلايو ويو هو. ان ڏينهن آمريڪا ۾ جنهن به ماڻهوءَ کي اُن واقعي جي خبر ٿي پيئي، تنهن کان اُهو ڏانهن وسرڻ ڏاڍو مشڪل هو. اُها خبر جڏهن لاس اينجلز جي شهر ۾ پهتي، تڏهن ماڻهن فورا اِئين به سمجهيو ٿي ته ڀيانڪ جنگ جلدي ختم ٿي ويندي ۽ هنن جا پُٽ ۽ ڀائر واپس موٽي ايندا. پر اُنهيءَ سک سان ٽمٽار ۽ خوشين سان ڀريل شهر ۾ غم ۽ الم جي هڪ وحشتناڪ لهر پڻ ڊوڙي ويئي هئي. مون پاڻ بس ڪنڊ ڪٽرن ۽ دڪانن تي شيون وڪڻندڙ ڇوڪرين کي خوف ۽هراس ۾ ٻڏل ڏٺو. اُها فتح هئي. پر اُن سياستدانن ۽ فوج گڏ جي قوت جي اُهي عظيم ذريعي کي مخفي رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. جنهن تي دانشورن ۾ ڪاوڙ جي لهر ڊوڙي ويئي. تحقيق جي آزاديءَ کي کوجنائن جي معلومات جي ڏي وٺ ۾ سائنسدانن جي بين الاقوامي شراڪت کي اُنهن اقتدار پرستن ٻنجو ڏيئي ڇڏيو هو. ۽ ان لاءِ سندن هر قسم جي دليل دلائل ۽ منطق ۾ ماڻهن کي ذرو به ڀروسو ۽ اعتبار نه رهيو هو. طبعيت جا جڳ مشهور ماهر  پوءِ حڪومت جي نوڪريءَ مان پنهنجي جان ڇڏائي ڀڄي ويا. هڪ مشهور معروف سائنسدان اهڙي هڪ گمنام نوڪري وڃي ڪئي جتي هن کي طبعيات جا محض ابتدائي اصولن سيکارڻا ٿي پيا. ۽اُهو اِن لاءِ ڪيائين ته جيئن هو اُنهي علم کي باندي بنائي رڳو پنهنجي استعمال ۾ آڻڻ وارن حاڪمن جي هٿ هيٺ ڪم ڪرڻ کان بچي سگهي. علم تي اقتدار جي قبضي واري اُن ماحول ۾ ڪا به نئين کوجنا يا ايجاد ڪرڻ هڪ وڏي بيعزتيءَ جي ڳالهه هئي.“

بريخت جي هِن ڊرامي جو مرڪزي موضوع سچ جي لاءِ پر جوش عقيدت آهي. ڊرامي جو عظيم ڪردار، استاد گليلو، شروعات کان ئي سچ جي ڳولا ۾ آهي. هن جي ڪيترن  ئي مڪالمن مان اِن جي تصديق ٿئي ٿي. مثال طور:

”سج وقت جي پيداوار آهي ۽ نه سند جي“ (ص_56) يا_

”اسين سائنس جا طالب آهيون… اسان جو ڪم نه آهي ته پاڻ بيهي پڇون ته سچ اسان کي ڪيڏانهن ٿو وٺي وڃي.“ (ص_57) يا_

”جنهن کي سچ معلوم نه آهي، رڳو هڪ احمق آهي. پر اُهو جيڪو سچ ڄاڻي ٿو ۽ اُن کي ڪوڙ ٿو سڏي،سو هڪ خطرناڪ رهزن آهي.“(ص_101)

گليلو سچ جو حامي آهي، هو سچ کي سڃاڻي ٿو. سچ جو پرچار ڪري ٿو. هو ذهن جي آزاديءَ ۽ اظهار جي آزاديءَ جو نقيب آهي. پر جڏهن مسيحي ڪليسا جي احتسابي عدالت هن کي اُنهيءَ کان منع ڪري ٿي، هن کي عذابن کان ڊيڄاري ٿي، تڏهن هو مصلحت کي ئي ضروري سمجهي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته ان جو ڪارڻ گليلو  جي وڏيءَ عمر هجڻ ڪري سندس جسماني  ڪمزوري هجي. پر انهيءَ سخت امتحان مان گذرڻ کان پوءِ اُن لاءِ پنهنجي اکين جي نور وڃائي ڇڏڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته زندگيءَ کان پوءِ به ”چرپر“(حرڪت) جي موضوع تي هن جي آخري ڪتاب لکڻ کان پوءِ به پنهنجي اکين جي نور وڃائي ڇڏڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته زندگيءَ جي ڪنهن ڏکيءَ کان ڏکيءَ نازڪ گهڙيءَ ۾ به هن پنهنجي مقصد کي ڪڏهن نه گليلو پنهنجي هڪ ساٿيءَ کي، جيڪو هن جي ڀرسان بيٺو هو. ڪن ۾ چيو ته ”ڌرتي اڃان به ڦري پئي.“ اهڙيءَ ريت سائنس جي بقا ۽ سلامتي خاطر استاد گليلو سائنس دشمن ٽولي سان وقتي مصالحت ڪري هڪ نئين اخلاقيات کي پڻ جنم ڏنو. حقيقت ۾ گليلو جي دؤر ۾ هڪ نئين زماني جي شروعات ٿي چڪي هئي. بريخت گليلو جي زبان ڊرامي جي پهرئين ڏيک ۾ چورائي ٿو:

”آءُ جڏهن جوان هوس تڏهن هڪ ڀيري ٻه رازا ڏٺم ته پنجن منٽن جي دليل بازيءَ کان پوءِ، هنن پٿر جي ڇپڻ کي مٿي پهچائڻ جو ڇڪ ڇڪان ۽ ڌڪ ڌڪان وارو هزار سال جو پراڻو طريقو ڇڏي، هڪڙو نئون ۽ وڌيڪ ڪمائتو. پُلي ۽ بيرم وارو طريقو، ڪم آڻڻ شروع ڪري ڏنو.اُتي ۽ انهيءَ مهل مون سمجهيو ته پراڻو زمانو پورو ٿيو ۽ نئون زمانو اسان وٽ اچي چڪو آهي.“(ص_4)

انهيءَ ساڳئي ڏيک ۾ اڳتي هلي گليلو وري چوي ٿو:

”سچ پڇين ته اسان جي دنيا ۾ نيئن دؤر جو پهريون سج اڀري چڪو آهي_ اهڙو هڪ عظيم دؤر جنهن ۾ ٺلهو جيئڻ به ثواب آهي“(ص_8)

گليلو سترهين صديءَ ۾ هڪ عقلي ۽ سائنسي دؤر جي چائنٺ تي بيٺو هو. چؤ طرف ڏاڍ ۽ هٺ ڌرميءَ جي پابندين جي هوندي به هن انسان ذات جي مستقبل کي روشن ۽ تابناڪ ڏٺو. اهڙيءَ حالت ۾ ڪليسا جي احتسابي عدالت جي اڳيان مصلحت ڀريو جواب ڏيئي، هن سائنس جي روشن راهن کي جهالت، ڪٽرپڻي ۽ دقيانوسيت جي تاريڪيءَ ۾ ٻڏڻ کان بچائي ورتو.

سترهين صديءَ جي هن عظيم سائنسدان گليلو جي شاندار شخصيت،عملي ڪارنامن ۽ قربانين تي تمثيل طور استعمال ڪري، برٽالٽ بريخت ويهين صديءَ جي انهن هر قسم جي مفاد پرست طاقتن کي پنهنجي تنقيد ۽ طنز جو نشانو بنايو آهي، جن، سترهين صديءَ جي ڪليسائي حاڪمن وانگر سائنسدان کي، يعني انهن جي عقل ۽علم کي، پنهنجي مرضيءَ ۽ مفاد مطابق هلائڻ گهريو ٿي.گليلو احتسابي عدالت ۾ مصلحت کان ڪم وٺي، سائنس کي ڪليسا جي اقتدار  مان ڪڍي بچائي ورتو: پر عجب ته ويهن صديءَ ۾ سائنسدان سامراجي چنبن مان پاڻ کي ڇڏائي نه سگهيا ۽ هن صديءَ ۾ فتح نيٺ سامراجي طاقت جي ئي ٿي. انهيءَ جي حڪم سان ۽ اُنهي جي نظرداريءَ ۾ ائٽم کي ٽوڙڻ جي جو تجربو  ڪامياب ٿيو، ۽ آخرڪار آمريڪا هن صديءَ جو اهو موتمار جنگي هٿيار ”ائٽم بم“ جپان جي ٻن شهرن هيرو شيما ۽ ناگاساڪيءَ تي اڇلائي. تباهيءَ ۽ برباديءَ جو هڪ اهڙو نظارو ڏيکاريو. جنهن کي ڏسي، پوريءَ انسان ذات کان خوف، ڏک ۽ ڪاوڙ وچان رڙ نڪري ويئي.

ويهين صديءَ جو اِهو عظيم الميو ئي آهي. جنهن کي بيان ڪرڻ لاءِ پرتالٽ بريخت”گليلو“ ڊرامي کي علامتي طور استعمال ڪيو آهي. هِن الميي جو شڪار اڄ به هر اُهو ملڪ ۽ هر اُهو سماج آهي، جتي زور ۽ مفاد پرستي علم ۽ اقتدار تي قابض آهي. اسين پاڻ به اڄ هن الميي جا اهڙا ئي شڪار آهيون. جهڙو استاد گليلو گليليءَ جو سترهين صديءَ وارو اطالوي يا سڄو يورپي سماج هو. ويهي صديءَ جو اهو  خوف، ڏک ۽ غصو ئي آهي. جيڪو نجات ۾ اچي، تنگ نظريءَ. تعصب ۽ اقتدر جي انڌ کان انساني روح کي نجات ڏياري سگهندو. ۽ انسان جي دل اميد، خوشيءَ  ۽ ڪهل جي سوجهري سان روشن ٿيندي، ۽ هو پنهنجي لاءِ هن دنيا ۾ علم، انصاف ۽ محبت جي جنت تعمير ڪري سگهندو.

محمد ابراهيم جويو

حيدرآباد سنڌ 4-9-1977ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org