سيڪشن: ادب

ڪتاب: ڏکن کان ڏور

باب:

صفحو:9 

مان ۽ اوھان پاڻ وٽ موجود نعمتن تي ڌيان ڏئي سارو ڏينھن ڊاڪٽر مسرت جون بلڪل مفت خدمتون حاصل ڪري سگھون ٿا. اسان وٽ موجود نعمتون علي بابا جي خزاني کان بھ وڌيڪ قيمتي آھن. ڇا اوھان پنھنجيون اکيون وڪڻڻ ڪاڻ تيار ٿيندؤ؟ ڇا اوھان پنھنجيون ڄنگھون، ٻانھون، ھٿ، پير، ڪن، نڪ، پنھنجي اولاد، پنھنجي ”ڪابھ قيمت لڳائيندؤ؟ جيڪڏھن اوھان پاڻ وٽ موجود اثاثن جو ڪاٽو ڪيو تھ اوھان کي پتو پوندو تھ ھي راڪفيلرز، فورڊ ۽ مارگن جي سون جي ذخيرن کان بھ وڌيڪ مھانگا آھن. پر ڇا اسان پاڻ وٽ موجود انھن اثاثن جي اھميت کان واقف آھيون؟ نھ، بلڪل نھ. جيئن سڪرين ھاور (Schoren Haver) چيو ھو تھ اسان پاڻ وٽ موجود شين بدران غير موجود شين بابت سوچڻ ۾ پنھنجو وڌيڪ وقت گذاريندا آھيون. اھو ئي ھن ڌرتيءَ جو ”عظيم“ الميو آھي. انھيءَ ڏول انسان ذات کي سمورين جنگين ۽ بيمارين کان وڌيڪ ڇيھو رسايو آھي.

اھو ئي اھو احساس ھو، جنھن جون ماھر Jhon Plamer کي ھڪ سھڻي ڇوڪري ۽ نپيل شاھوڪار شخص جي روپ ۾ بدلائي ڇڏيو. رڳو اھو ئي ڪونھ، پر سندس ساري گھر کي تباھ ڪري ڇڏيو. پنھنجي تباھيءَ جو سمورو قصو ھن پاڻ مون کي ٻڌايو.

ھو 1030ھين ايوينيو، پيٽرسن نيو جرسيءَ ۾ رھندو آھي. ھن پنھنجي ڪھاڻي ھن طرح بيان ڪئي: جيئن جو مان فوج کان موٽي آيس، مون ھڪ ڪاروبار شروع ڪيو ۽ ان جي ترقيءَ ڪاڻ ڏينھن رات ھڪ ڪري ڇڏيم. سلسلو ڏاڍو سٺو پئي ھليو جو اوچتو مصيبتن اچي وڪوڙيو. مون کي پنھنجي ڪاروبار ڪاڻ گھربل پرزا ۽ ڪچو مال ملڻ بند ٿي ويو ۽ مون کي پنھنجي ڏيوالي پڻ جي خوف اچي ورايو. ايترو پريشان ٿيڻ لڳس جو منھنجي چھري جو رنگ روپ ٻڍي ماڻھوءَ جي شڪل ۾ بدلجي ويو. مان ايترو تھ ڪوڙو ڪسارو ٿي ويس جو منھنجي گھر جو خوشگوار ماحول برباد ٿيڻ لڳو. پوءِ ھڪ نوجوان معذور، جيڪو منھنجو ملازم ھو، مون وٽ آيو ۽ چيائين تھ جوني! توھان کي پنھنجي رويي تي شرم اچڻ کپي. اوھان تھ اھو ٿا سمجھو تھ ساري جھان ۾ رڳو اوھان ئي پريشان آھيو. سمجھو تھ جيڪڏھن ڪجھھ عرصي ڪاڻ اوھان کي دڪان بند ڪرڻو پيو تھ ڪھڙي قيامت ايندي؟ جڏھن حالتون سازگار ٿين تھ ٻيھر کولجو. اجايو ھر وقت پريشان ٿا رھو. مان سڌون ڪندو آھيان تھ مان اوھان جھڙو ھجان ھا تھ مون ڏي ڏسو، ھڪ ٻانھن اٿم، اڌ چھرو سڙيل آھي، پوءِ بھ مون ڪڏھن ڪا شڪايت ڪانھ ڪئي آھي. جيڪڏھن اوھان پنھنجي چڙچن کي بند نھ ڪيو تھ نھ رڳو اوھان جو ڪاروبار برباد ٿي ويندو، پر اوھان پنھنجي صحت، پنھنجو گھر ۽ پنھنجا دوست پڻ ھٿان وڃائي ڇڏيندؤ.

ھن معذور نوجوان جي ڳالھين مون کي ششدر ڪري وڌو ۽ مون کي محسوس ٿيو تھ مان بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آھيان. ان گھڙيءَ مون فيصلو ڪيو تھ مان پاڻ کي بدلائي ٻيھر ساڳيءَ ڪيفيت ۾ موٽندس ۽ مان ائين ڪرڻ ۾ بلڪل ڪامياب ٿي ويس.

منھنجي ھڪڙي دوست لوسلي بليڪ Lucile Black غم الم جي سمنڊ ۾ غلطان بيٺي ڏڪندي پئي رھي تھ ھن پنھنجي پريشانين جي باري ۾ سوچي سوچي پريشان ٿيڻ بجاءِ پاڻ وٽ موجود نعمتن تي ويچار ڪندي خوش رھڻ سکي ورتو. مان لوسلي سان ڪيترا ورھيھ اڳ ان وقت مليو ھوس، جڏھن اسان ٻنھي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ اسڪول آف جنرل ارم ۾ افسانا نگاريءَ جو فن پئي سکيو. نو سال اڳ سندس زندگيءَ ۾ ھڪ المناڪ سانحو آيو. ھوءَ ان وقت اريزونا جي علائقي تسڪان ۾ رھندي ھئي. ھن پنھنجي دکدائڪ صدمي بابت ھيئن ٻڌايو:

”مون ورل (Whirl) ۾ رھڻ دوران ڏاڍي سرگرم زندگي پئي گذاري. يونيورسٽي آف اريزونا ۾ آرگن سکندي ھئس. شھر ۾ تقريرن جي فن تي ليڪچر ڏيندي ھئس. پنھنجي گھر ۾ ميوزڪ ڪلاس ھلائيندي ھيس. نھ رڳو اھو، پر مختلف تقريبن ۾ شرڪت ڪندي ھئس ۽ رات جو تارن جي ڇانو ۾ گھوڙي سواري بھ ڪندي ھئس. ھڪ ڏينھن فجر مھل مون کي اوچتو دل جو دورو پيو، جنھن تي منھنجي ڊاڪٽر صلاح ڏني تھ پورو ھڪ سال بستري تي آرام ڪندي رھان. ان تي بھ کيس پڪ ڪانھ ھئي تھ مان ٻيھر اڳي وانگر مضبوط ٿي سگھندس؟

سڄو سال بستري تي بيڪار پيو رھڻ مون لاءِ موت برابر ھو. ان تصور کان ئي ڏڪي ڪنبي ويس. مون کي ھي ڇا ٿيو؟ مون ڪھڙو پاپ ڪمايو آھي؟ مان پنھنجو منھن ويڙھيون روئندي رھيس. منھنجو رويو ڪڙي کان ڪڙو ٿيندو ويو. سرڪش ۽ باغياڻو ٿيندو ويو، پر آخرڪار مون کي سارو سال ڊاڪٽر جي صلاح تي بستري تي ليٽڻو پيو. منھنجو ھڪ پاڙيسري آرٽسٽ رڊولف مون وٽ آيو. ھن مون کي چيو تھ تنھنجي خيال ۾ سڄو سال بستري تي ليٽيو رھڻ ھڪ الميو آھي؟ مان توکي ٻڌايان ٿو تھ اھڙي ڳالھھ قطعا ڪانھي، پر ان سان توکي پاڻ سان واقفيت جو موقعو ملندو، تنھنجي روحاني واڌ ويجھھ ۾ ھنن ڪجھھ مھينن ۾ ايتري واڌ ايندي جو تون پاڻ بھ حيران ٿيندينءَ. اھو سڀ ڪجھھ ٻڌي مان پرسڪون ٿي ويس ۽ مون اندر ۾ سوچڻ شروع ڪيو ۽ سوچ جي نون لاڙن کي وڌايو. مون پرجوش ڪتابن جو اڀياس شروع ڪيو. ان وڌ ۾ مون ريڊيو تان ھڪ مبصر کي چوندي ٻڌو: ”اوھان رڳو ان ڳالھھ جو اظھار ڪري ٿا سگھو، جيڪا اوھان جي شعور ۾ لڪل آھي.“ اھي لفظ اڳي بھ ڪيترا ئي ڀيرا ٻڌا ھئم، پر ھاڻي اھي لفظ منھنجي اندر ۾ پيھي ويا. مون ارادو ڪيو بلڪھ فيصلو ڪيو تھ رڳو انھن خيالن تي ڌيان ڏينديس جيڪي مون کي جيئڻ ۾ مدد ڏيندا. مثلا لطف، مسرت ۽ صحت جا خيال. مان صبح جو اٿندي ئي انھن بي بھا شين جو تصور ڪندي ھيس، جن جي بيحد شڪر گذار ھئس ۽ سوچيندي ھيس تھ مون کي ڪابھ تڪليف ڪانھي. مون وٽ ھڪ خوبصورت ۽ نوجوان ڌيءُ آھي، ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي سگھھ آھي، مان ريڊيو تي جادوءَ ڀري موسيقي ٻڌي سگھان ٿي، مون وٽ مطالعي لاءِ وقت ۽ بھترين خوراڪ آھي. سٺا سٺا دوست آھن. ان طرح خوشگوار رھندي ھئس. اڻ ڳڻيا دوست ملڻ ايندا ھئا، تان جو ڊاڪٽر اھا پابندي لڳائي تھ ھڪ وقت ۾ مون سان ھڪڙو ملاقاتي ملي ٿو سگھي.

ان ڳالھھ کي نو ورھيھ گذري چڪا آھن ۽ ھاڻي مان ھڪ ڀرپور ۽ سرگرم زندگي پئي گذاريان. پر مان ان ھڪ ورھيھ جي بيحد شڪر گذار آھيان، جيڪو مون بستري تي گذاريو جو اريزونا ۾ گذرندڙ اھو سال انتھائي قيمتي ۽ مسرت ڀريو ھيو. ان وچ ۾ پيدا ٿيل ھڪ عادت اڃا تائين برقرار آھي ۽ آئون ھاڻي بھ الله سائينءَ جي عطا ڪيل نعمتن کي ڳڻيندي آھيان ۽ اھا عادت مون لاءِ قيمتي وٿ آھي. مان پشيمان آھيان جو مون جيئڻ جو فن تڏھن سکيو، جڏھن موت مون کي ڊيڄاري ڇڏيو ھو.

پياري لوسلي! تون اھو ڪونھ ڄاڻي سگھندينءَ ۽ سڇ آھي تھ تو سبق پرايو، جيڪو ڊاڪٽر سموئل جانسن ٻھ صديون اڳ ۾ سکيو ھو. ان جو چوڻ آھي تھ: ڪنھن واقعي جي روش رخ تي نظر رکڻ جي عادت ھزار پونڊن جي آمدنيءَ کان وڌيڪ آھي.

واضح ھجي تھ اھي لفظ ڪنھن پيشھ ور روشن خيال شخص ڪونھ چيا آھن، پر اھڙي ماڻھوءَ چيا آھن جنھن پورا ويھھ ورھيھ غربت ۽ افلاس سان منھن ڏنو ۽ نيٺ پنھنجي دور ۾ بھترين اديب، وڏي پائي وارو سخنور ٿي اڀريو ھو.

لوگن پرسال (Logan Parsall) ھي جملو چئي درياءَ کي ڪؤنري ۾ بند ڪري ڇڏيو آھي:

”زندگي جا ٻھ مقصد ھجڻ گھرجن: پھريون تھ جنھن شيءِ جي خواھش ھجي، ان جو حاصل ٿيڻ ۽ ٻيو ان مان حظ حاصل ٿيڻ. پويون مقصد رڳو حد کان وڌيڪ عقلمند ماڻھو ئي ماڻي سگھندا آھن.“

ڇا اوھان ڄاڻڻ چاھيندؤ تھ باورچيخاني ۾ پليٽون ڌوئڻ وارو ڪم ڪيئن دلچسپ بنائي سگھجي ٿو؟ جيڪڏھن سچ پچ اوھان اھو ڄاڻڻ چاھيو ٿا تھ اوھان بورگل ڊاھل (Borgchalo Dahl) جي بيمثال جرئت تي لکيل پرجوش ڪتاب پڙھو. ھن ڪتاب جو عنوان آھي: ”مون ڏسڻ چاھيو.“

ھي ڪتاب ھڪ اھڙيءَ خاتون جي تصنيف آھي، جيڪا عملي طور اڌ صديءَ تائين ڏسڻ کان محروم رھي. ھوءَ لکي ٿي تھ ”مون کي رڳو ھڪڙي اک ھئي، جيڪا ڪيترن ئي گھرن زخمن سان ايتري تھ ڍڪيل ھئي جو مون کي سموريون شيون اک جي کاٻي پاسي واري ھڪڙي ٽنگڻي مان ڏسڻيون پونديون ھيون. مون کي ڪوبھ ڪتاب ڏسڻ ڪاڻ ان کي اک جي ويجھو ئي آڻڻو ڪونھ پوندو ھو، پر اک کي بھ انتھائي کاٻي پاسي گھمائڻو پوندو ھو.“

پر ان ھوندي بھ ان رحم جوڳي ۽ امتيازي سلوڪ جي حقدار بنجڻ کان نابري واري ڇڏي. ھڪ ٻار وانگر ھوءَ بھ چاھيندي ھئي تھ ٻين ٻارن سان گڏ جي ھاپ اسڪريچ کيڏي، پر افسوس جو ھوءَ نشان کي ڏسي ڪونھ پئي سگھي. ان ڪري جڏھن سمورا ٻار گھرن ڏانھن ھليا ويا، تڏھن ھوءَ زمين تي ويھي رھي ۽ پنھنجي اک زمين کي ويجھي ڪري ھاپ اڪريچ جا نشان ڳولھائين ۽ سمورا نشان چڱيءَ طرح ذھن نشين ڪيائين ۽ تمام جلد ڊوڙڻ وارين سمورين راندين ۾ بيحد تاڪ ٿي ويئي. ان سان گڏوگڏ ھن کي گھر ۾ موجود ٿلھن اکرن واري ھڪ ڪتاب کي پنھنجي اک جي ايڏو اوڏو آڻڻو پيو جو سندس پنبڻيون ڪتاب جي پنن سان گٺيون پئي. ھن ڪاليج مان ٻھ ڊگريون حاصل ڪيون، يونيورسٽي آف مني سوٽا (Minesota) مان پي اي بي ڪئي ۽ ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان ماستر آف آرٽس جي ڊگري ورتي.

ان کان پوءِ ھن مني سوٽا جي ٽوئن ويلي (Twin Valley) ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ پڙھائڻ شروع ڪيو ۽ ايتري ترقي ڪئي جو نيٺ ڏکڻ ڊڪوٽا ۾ سوڪس فلسٽ (Sioux Fillst) جي آگسٽا ڪاليج ۾ صحافت ۽ ادب جي پروفيسر بنجي وئي.

ھوءَ تيرنھن سالن تائين ان ڪاليج ۾ پڙھائيندي رھي ۽ ان سان گڏ ھوءَ عورت ڪلبن ۽ ريڊيو پروگرامن ۾ ليڪچر ڏيندي ۽ ڪتابن تي تبصرا ڪندي رھي. پاڻ لکي ٿي تھ: ”منھنجي ذھن تي سدائين اھو خوف سوار رھيو تھ ڪڏھن مان مڪمل انڌي نھ ٿي وڃان ۽ ان خوف تي قابو پائڻ لاءِ مون زندگيءَ جي باري ۾ سدائين خوش ڪندڙ رويو اختيار ڪندي رھيس.“

پوءِ جڏھن 1943ع ۾ ان جي عمر ٻاونجاھ سالن تي پھتي تھ ھڪ معجزو ٿي ويو. مشھور ميو ڪلينڪ ۾ سندس اکين جي آپريشن ڪئي وئي، جنھن کان پوءِ بصارت اڳ کان چاليھھ درجا بھتر ٿي وئي. ھڪ وڻندڙ ۽ پيار سان ٽمٽار دنيا ھڪ نئين دنيا سندس سامھون اچي ويئي ۽ ھاڻي کيس سنڪ تي پليٽن ڌوئڻ جو عمل بھ سنسي خيز لڳي ٿو. ھوءَ لکي ٿي تھ: ”مون ڏس پين ۾ ٺھندڙ سفيد جوڙين مان کيڏڻ شروع ڪيو. مان ھڪ ھٿ ۾ جھلي روشنيءَ آڏو رکي انھن ۾ ڏسجندڙ رنگن مان لطف وٺان ٿي.“

ھن جڏھن باوري خاني ۾ ڪچن سنڪ مٿان واري دريءَ مان ٻاھر ليئو پاتو تھ ان آسمان ڪرندڙ برف جي گالن مان گھرن ڀورن رنگن وارن پکين کي اڏامندي ڏٺو. ھوءَ صابڻ جي بوڙين مان ۽ اڏامندڙ جھرڪين کي ڏسي ايترو مزو ورتائين جو ان پنھنجي ڪتاب جي پڄاڻي ھنن لفظن تي ڪئي:

”پيارا ڌڻي پاڪ! تو مون کي پيدا ڪيو ان تي مان تنھنجي بيحد شڪر گذار آھيان، بيحد شڪر گذار آھيان.“

خدا پاڪ جي ان شڪر جو ڪاٿو ڪيو، تصور ڪيو، سوچيو جيڪو ٿانون ڌوئڻ ۽ صابڻ جي بوڙين ۾ انڊلٺ جا رنگ ڏسڻ، برف ۾ اڏامندڙ جھرڪيون ڏسڻ تي ادا ڪيائين. اوھان کي ۽ مون کي پاڻ تي شرمندو ٿيڻ گھرجي. اسان جي سامھون ھر سال سموري سونھن سوڀيا جا اڻ کٽ نظارا گذرن ٿا، تن مان صحيح طرح لطف اندوز ٿيڻ کان محروم رھون ٿا. جيڪڏھن اسان کي پريشانيون ترڪ ڪري زنده رھڻ جي شروعات ڪرڻ گھرجي تھ ان لاءِ چوٿون اصول اھو آھي تھ:

”پنھنجي تڪليفن کي نھ پر نعمتن کي شمار ڪريو.“

 

سورھون باب

پاڻ کي ڳولھيو ۽ پنھنجو ڍنگ اپنايو

ياد رکو تھ دنيا ۾ ڪوبھ توھان جھڙو ڪونھي

مون وٽ اتر ڪيليفورنيا جي شھر مائونش ايمرسي جي رھواسڻ مسز ايڊٿ ايلرڊ (Edith Allred) وٽان ھڪ خط آيو، جيڪو موجود آھي. ھوءَ لکي ٿي تھ: ”ھڪ ٻار جي حيثيت سان مان بيحد حساس ۽ شرميلي ھئس. مان منڍ کان ئي لڱن ۾ ڀريل ھئس ۽ پنھنجين ڦوڪيل ڳلن ڪري وڌيڪ ٿلھي نظر ايندي ھئس. امڙ ڪجھھ پراڻي فيشن واري ھئي ۽ عمدا ڪپڙا ڪونھ وڻندا ھئاس. اڪثر چوندي ھئي تھ کليو لباس گھڻو جٽادار ٿيندو آھي، جڏھن تھ تنگ ڪپڙو جلدي ڦاٽندو آھي. ھوءَ اڪثر ڪري مون کي پنھنجي پسند جا ڪپڙا سبائي ڏيندي ھئي. مان ڪڏھن بھ تقريبن ۾ شريڪ ڪانھ ٿيندي ھئس. منھنجي حياتي رکي رکي ھوندي ھئي. اسڪول ۾ بھ ٻين ٻارن سان ٻاھرين سرگرمين ۾ شامل ڪونھ ٿيندي ھيس، تانجو راندين ۾ بھ شامل ڪانھ ٿيندي ھيس. بيحد شرميلي ھيس ۽ پاڻ کي ھر ڪنھن کان مختلف سمجھندي ھيس. جڏھن جوان ٿيس تھ ھڪ اھڙي ماڻھوءَ سان شادي ڪيم، جيڪو مون کان ڪيترا ئي ورھيھ وڏو ھو. پر مان قطعي طور تبديل ڪانھ ٿيس. منھنجا ساھرا بيحد وچٿرا ۽ اعتماد ڀريا ھئا. اھي مون ڪاڻ سڀ ڪجھھ ھئا، پر پوءِ بھ ڪجھھ ڪونھ ھئا. مون انھن جي رنگ ۾ رنگڻ جي بيحد ڪوشش ڪندي بھ رڱجي ڪانھ سگھيس. ھنن منھنجي ذات کي دائري مان ڪڍڻ جيتري ڪوشش ڪئي، مان اوترو ئي ذات جي خول ۾ بند ٿيندي ويس. مان بدحواس ۽ چيڙاڪ ٿي پيس. سڀني مائٽن کان نٽائيندي رھيس، تانجو در کڙڪندو ٻڌي بھ ڊڄي پوندي ھيس. مان ڄاڻان پئي تھ مان ناڪام ٿي چڪي آھيان. مان ان کان بھ گھٻرائيندي ھيس تھ ستت ئي منھنجي مڙس کي منھنجي نفسيات جو پتو پئجي ويندو، تنھن ڪري جاڏي بھ تقريبن ۾ ويندا ھئاسون تھ خوش خرم نظر اچڻ جي ڪوشش ڪندي ھيس. ان ڪوشش ۾ وڏي حد تائين ڏيکاءَ جي ڪوشش ڪندي ھئي، جيڪا مون لاءِ ھاڃيڪار بھ ٿي پئي سگھي. نيٺ ايتري ماٺ رھڻ لڳس جو مون کي پنھنجو وجود ئي ڏنگڻ لڳو ۽ مون آپگھات ڪرڻ ڪاڻ سوچڻ شروع ڪيم.

ان ناخوش خاتون جي زندگيءَ ۾ ڪيئن ڦيرو آيو؟ رڳو ھڪ اتفاقي جملي سان. مسز ايلڊر خط جاري رکيو تھ: ”رڳو ھڪ اتفاقي جملي منھنجي زندگيءَ کي بدلائي ڇڏيو. ھڪ ڏينھن منھنجي سس ڪنھن سان ڳالھھ پئي ڪئي تھ ان پنھنجن ٻچن جي پالنا ڪيئن ڪئي؟ ھن ٻڌايو تھ مان نتيجن جي قطع نظر سدائين انھن جي پالنا پنھنجي طرز تي ڪئي....... انھن جي پنھنجي طرز تي........... اھو ئي جملو ھو جنھن منھنجي اندر ۾ اٿل پٿل مچائي ڇڏي ۽ مون فورا سوچيو تھ آئون پاڻ کي پنھنجي اڻ موافق طرز ۾ سموئڻ جي ڪوشش ڪندي رھي آھيان، جيڪا پاڻ سان سراسر زيادتي آھي.

ٻئي ڏينھن صبح جو مان مڪمل طرح بدلجي ويس. مون پنھنجي نموني زندگي گذارڻ جي شروعات ڪئي. مون پنھنجي شخصيت جو اڀياس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پاڻ کي ڳولھڻ جي ابتدا ڪئي. مون پنھنجي پسند وارن ڪپڙن، رنگن ۽ ڊيزائينن کي ڳوليو. مان دوست بنائڻ لڳيس. سڀ کان اڳ ۾ مون ھڪ ننڍڙي تنظيم ۾ بھرو ورتو. ان تنظيم پھريون ڀيرو مون کي ھڪ پروگرام ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو تھ مان ڏڪي اٿس. پر ھوريان ھوريان مون ۾ ڳالھائڻ جي جرئت پيدا ٿيڻ لڳي. ڪجھھ وقت گذرڻ کان پوءِ ھاڻي منھنجي جھوليءَ ۾ اميد کان وڌيڪ خوشيون آھن. پنھنجن ٻارن جي پالنا دوران مون ٻارن کي سدائين اھو سبق ڏنو تھ نتيجن کي نظرانداز ڪري پنھنجو ڍنگ اختيار ڪريو.“

ڊاڪٽر جيمز گورڊن گلڪي (Dr.James Gorden Gilchey) جو چوڻ آھي تھ فطري زندگي اختيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ جو مسئلو تاريخ وانگر پراڻو ۽ انساني زندگيءَ وانگر آفاقي آھي. فطري زندگي اختيار نھ ڪندڙ ماڻھو مختلف ذھني ۽ نفسياتي مرضن جو شڪار ٿي پوندا آھن. اينگلو پيٽريءَ (Anyloatri) ٻارن جي پالنا جي موضوع تي مشھور اخبارن ۾ سوين مضمون ۽ لڳ ڀڳ تيرنھن ڪتاب لکيا آھن. سندس چوڻ آھي تھ ان شخص کان وڌيڪ دکدائڪ حالت ڪنھن جي ڪانھ ٿيندي آھي، جيڪو پنھنجي پاڻ کي پنھنجي ذھن ۽ جسم کان جدارو بنائڻ جي ڪوشش ڪري. ھالي وڊ ۾ اھا وبا عام جام آھي. ھالي وڊ جي ھڪ بھترين ڊائريڪٽر سام روڊ جو چوڻ آھي تھ کيس نون اداڪارن کان ڪم وٺڻ دوران سڀ کان گھڻي پريشاني ان ڪري ٿيندي آھي جو ھو پنھنجي انداز بدران ٻين جا انداز اپنائيندا آھن. اھي سمورا ٻئي درجي جا لاناٽرنرز (Lanaturners) يا وري ٽئين درجي جا ڪلارڪ گيبلز (Clark Gables) ٿيڻ چاھيندا آھن، جڏھن تھ عام ماڻھو ان قسم جي اداڪاري ڏسي ڏسي ڪڪ ٿي پوندو آھي ۽ ڪنھن ٽئين انداز کي ڏسڻ جا خواھان ھوندا آھن. گڊبائي، مسٽر پپس ۽ فارم ھوم، ڊي بيل ٽولس جھڙين فلمن جي ھدايتڪاري ڪرڻ کان اڳ ۾ مسٽر سام وڊ (Sam Wood) ڪيترا ئي سال ملڪيتن وٺڻ ۽ وڪڻڻ جي ڪاروبار ۾ صرف ڪيا. ھن چيو تھ فلمي دنيا ۾ بھ ساڳيا اصول آھن، جيڪي ڪاروبار ۾ ڪم آندا ويندا آھن. ٻين جو نقل ڪري اوھان ڪڏھن بھ ڪامياب ڪونھ ٿي سگھندؤ، ڇاڪاڻ جو انسان ۽ طوطي ۾ وڏو فرق آھي. سام وڊ چوي ٿو تھ زندگيءَ جي تجربن اھو سبق ڏنو اٿم تھ انسان کي ڪڏھن بھ پنھنجو امالڪ پڻو ڇڏڻ نھ کپي.

تازو ئي مون سڪوئي ويڪوٽم آئل ڪمپني جي ايمپلاءِ مينٽ ڊائريڪٽر پال بوائنٽن کان پڇيو تھ ماڻھو نوڪري جي سلسلي ۾ درخواست ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪھڙي غلطي ڪندا آھن؟ بال پوائنٽن روزگار جي تلاش ۾ ڦرندڙ لڳ ڀڳ سٺ ھزار ماڻھن جا انٽرويو ڪيا آھن. ازانسواءِ ”نوڪري حاصل ڪرڻ جا ڇھھ گر“ جي عنوان سان ھڪ ڪتاب بھ لکيو آھي. ان جواب ڏنو تھ:

نوڪري حاصل ڪرڻ دوران ماڻھو سڀ کان وڏي اھا غلطي ڪندا آھن جو اھي پنھنجي فطري پڻ کان ھٽي ڪري بڻاوٽ کان ڪم وٺندا آھن ۽ انٽرويو دوران بي تڪلف ٿي ڳالھائڻ بدران اھي سوالن جا جواب نوڪري ڏيندڙ جي مرضيءَ موجب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ۽ انٽرويو وٺندڙ قطعا متاثر ڪونھ ٿيندو آھي، ڇاڪاڻ تھ ڪوبھ نقلي شيءِ خريد ڪرڻ ڪونھ چاھيندو آھي.“

ھڪڙي بس ڪنڊڪٽر جي ڌيءُ جي پنھنجي ڏکئي رستي ۾ اھو ئي سبق سکيو. ھوءَ ھڪ ڳائڻي ٿيڻ پئي چاھي، پر سندس راءِ ۾ سندس چھرو ان ۾ رڪاوٽ ھيو. سندس منھن ڊگھو ۽ ڏند ٻاھر نڪتل ھئا. جڏھن ھن نيوجرسي جي نائيٽ ڪلب ۾ پھريون ڀيرو ماڻھن آڏو گيت پيش ڪيو تھ پوري گاني دوران ھن پنھنجا ڏند مٿئين چپ سان ڍڪي رکيا تھ خوبصورت لڳي. ڀلا ان جو ڪھڙو نتيجو نڪتو؟ سھڻي نظر اچڻ بدران بي ڊولي لڳي ۽ بري طرح ناڪام وئي. ان ھوندي بھ ٻڌندڙن ۾ ھڪ شخص اھڙو بھ ھو جنھن ڇوڪريءَ جو آواز ٻڌي سندس لڪل صلاحيت ڀانپي ورتي. ھو ان وٽ ھليو ويو ۽ چڀندڙ انداز ۾ چيائين: ڏس! تنھنجي گيت دوران مون غور سان تنھنجو مشاھدو ڪيو آھي. تون ڇا ٿي لڪائڻ چاھين؟ ھا، تون ڏندن ڪري شرمندي آھين. ڇوڪري گھڻو ئي نٽ نٽاءُ ڪيو پر ھن بيان جاري رکندي چيو: ان سان ڪھڙو فرق ٿو پئي؟ وڏا ڏند ھجڻ ڪو ڏوھ تھ ڪونھي. پنھنجو وات کولي ڳائيندي ڪر. انھيءَ سان ماڻھو تنھنجي گاني ڏانھن ڌيان ڏيندا ۽ خوش ٿيندا تھ واقعي تون بيباڪيءَ سان پئي ڳائين. ٻيءَ صورت ۾ جن ڏندن کي تون لڪائين ٿي، اھي تنھنجي ناڪاميءَ جو ڪارڻ بنجي سگھن ٿا.

ڪاس ڊالي (Casscaley) ان شخص جي نصيحت پلئھ ٻڌي ۽ پنھنجن ڏندن متعلق سوچڻ ئي ڇڏي ڏنائين. ان کان پوءِ ھن ھميشھ پنھنجو ڌيان ٻڌندڙن ڏانھن ڇڪيل رکيو ۽ پورو وات کولي لطف ۽ سرور ۾ ٻڏي گيت اھڙي طرح ڳايا، جو ريڊيو ۽ فلم جي بھترين گائيڪا بڻجي ويئي ۽ اڄ ڪلھـھ ٻيا مسخرا سندس نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن.

وليم جيمز ھڪ ڀيري پاڻ سڃاڻڻ ۾ ناڪام رھڻ وارن ماڻھن جي ڳالھھ ڪندي چيو آھي تھ ھڪ عام ماڻھو پنھنجي ذھني صلاحيتن کي رڳو ڏھون حصو ئي ڪتب آڻي ٿو. اسان ڇا آھيون ۽ اسان کي ڇا ھئڻ گھرجي؟ ان سوال کي بحث جو موضوع بڻائيندي ھو فرمائي ٿو تھ: ”اسان رڳو اڌ جاڳيل آھيون. اسان پنھنجي ذھني ۽ جسماني صلاحيتن جي رڳو ھڪڙي حصي کي ڪم آڻيون ٿا ۽ ان طرح بنان سبب پنھنجون دريون جوڙي ۽ پنھنجي لڪل سگھھ کي وڌائڻ ۽ جاڳائڻ ۾ ناڪام ٿي وڃون ٿا.“

اوھان ۽ مون ۾ بي بھا قابليتون موجود آھن، ان ڪري اچو تھ اسان پنھنجي ذھن مان اھو خيال يڪسر ڪڍي ڇڏيون تھ اسان ڪنھن کان گھٽ آيون. پاڻ ھن دنيا جي منفرد چيز آھيون ۽ ازل کان وٺي اوھان کان اڳ اوھان جھڙو ڪوبھ شخص دنيا ۾ پيدا ڪونھ ٿيو آھي ۽ نڪو ابد تائين ڪو توھان جھڙو ايندو. جنسيات جي جديد علم مطابق اوھان جي والد ۽ والده طرفان چوويھھ ڪر موسم (Curomosomes) جي گڏيل عمل سان اوھان وجود پذير ٿيا آھيو. يعني اوھان کي ورثي ۾ ملندڙ سموريون خاصيتون جملھ اٺيتاليھن ڪو موسمن جي ڪري آھن. امرام سينفليڊ (Amaram Sheinfeld) چوي ٿو تھ: ھر ھڪ ڪروموسوم ۾ سوين جينس ھوندا آھن، جڏھن تھ ڪڏھن ڪڏھن رڳو ھڪڙو جين ئي فرد جي پوري حياتي تبديل ڪري رکندو آھي. سچ تھ اھو آھي تھ اسان حيرت ۾ وجھندڙ طريقي سان خلقيا ويا آھيون.

جڏھن اوھان جا والدين اوھان جي پيدائش جي سلسلي ۾ پاڻ ۾ مليا تھ ان وقت ٽن لکن مان اوھان جي مھانڊي واري ٻار جي ڄمڻ جو رڳو ھڪ سيڪڙو امڪان ھو. ٻين لفظن ۾ جيڪڏھن اوھان جا ٽي لک ڀائر ڀينر ھجن ھا تھ اھي سمورا شڪلين صورتون، آدابن اطوارن ۾ اوھان کان مختلف ھجن ھا. ڇا اھا رڳي قياس آرائي آھي؟ نھ، بلڪل ڪونھ. اھي سائنسي حقيقتون آھن. جيڪڏھن اوھان ان جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻڻ چاھيو ٿا تھ اوھان کي پبلڪ لا.بريريءَ مان امامر سل شيلڊ جو ڪتاب Youanheredity ”اوھان ھڪ ورثو“ وٺي پڙھو.

پنھنجي انداز ۾ رھڻ جي موضوع تي لڳاتاريءَ سان ڳالھائي سگھان ٿو، ڇاڪاڻ تھ مون عملي زندگيءَ ۾ ان جي ضرورت ۽ اھميت کي بريءَ طرح محسوس ڪيو آھي. مان ڄاڻان ٿو تھ مان ڇا ٿو چوان؟ ڇاڪاڻ جو ان سلسلي ۾ تلخ تجربن مان گذري چڪو آھيان. مثال طور: جڏھن آمريڪن اڪيڊمي آف ڊراماٽڪ آرٽس ۾ داخلا ورتي تھ مون ھڪ ايڪٽر بڻجڻ پئي چاھيو. منھنجي سمجھھ موجب ترقيءَ جي ڏاڪي تائين پھچڻ لاءِ اھو آسان رستو ھو ۽ ان سلسلي ۾ مون جيڪا رٿ رٿي ھئي، اھا ھن ريت ھئي تھ سڀ کان اڳ ۾ جان ڊيو والسٽر ھيمڊن Walter Hemden ۽ آٽس سڪنر (Otisskinner) جھڙن مشھور اداڪارن جو مطالعو ڪندس تھ اھي ڪھڙيءَ ريت ماڻھن تي اثر انداز ٿيندا ھئا؟ پوءِ مان انھن سمورين ڏسن جي بھترين رخن کي پاڻ ۾ سموئڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ ان ريت منھنجي اداڪاريءَ ۾ انھن سمورن بھترين اداڪارن جي فن جو سھڻو امتياز ٿيندو.... جيتوڻيڪ مون کي پنھنجي ان منصوبي تي ڏاڍو ناز ھو تھ اھو ھڪ اڇوتو خيال آھي، پر حقيقت ۾ اھا ھڪ اجائي ۽ احمقاڻي ڳالھھ ھئي. مون ڪيترا ئي سال ٻين جي نقل ڪرڻ ۾ وڃائي ڇڏيا. ان کان پوءِ مون کي احساس ٿيو تھ اھا غلط ڳالھھ آھي. ٻين جو نقل ڪرڻ بدران پنھنجو فطري ۽ منفرد رويو اختيار ڪرڻ کپي، جنھن کي اپنائڻ سان مون کي ڪابھ تڪليف پيش ڪانھ ايندي. پر افسوس جو ٻين جو نقل ڪرڻ جي عادت ورھين تائين ڇڏي ڪونھ سگھيس. ان ڳالھھ جو اندازو ان وقت ٿيو، جڏھن ڪيترن سالن کان پوءِ ڪاروباري ماڻھن جي انداز گفتگو تي بھترين ڪتاب لکڻ چاھيم تھ ذھن کان ڪم وٺڻ بدران مون اڳوڻو ئي طريقو اختيار ڪيو. مون پورو ھڪ سال تقرير جي فن تي لائبريرين مان ڪتاب گڏ ڪندو رھيس ۽ مختلف مصنفن جا خيال گڏ ڪري ھڪ نئون ڪتاب ترتيب ڏنم، جنھن ۾ سڀ ڪجھھ ھو. پر نيٺ احساس ٿيو تھ مان بيوقوفي پئي ڪئي. مختلف مصنفن جا خيال سھيڙي پنھنجي مسودي جو خاڪو جوڙيان ھا تھ اھو ڪنھن واپاري جي سمجھھ ۾ ڪونھ اچي ھا. تنھن ڪري مون پنھنجي ھڪ سال جي ڊوڙ ڊڪ سان تيار ڪيل مسودي کي رديءَ جي ٽوڪريءَ جي حوالي ڪيو ۽ نئين سري سان ڪم شروع ڪرڻ جو پڪو پھھ ڪيم. ان باري ۾ مون پاڻ کي چيو تھ مان ڊيل ڪارنيگي آھيان، منھنجيون پنھنجيون حدون ۽ دائرا آھن، مان ڪڏھن بھ ٻئي ڪنھن جھڙو ڪونھ ٿي سگھندس.

ان ڪري مون ٻين ماڻھن جي خيالن کي ملائي سلائي ترتيب ڏيڻ جو خيال ڇڏي ڏنو ۽ ٻانھون ڪنجي اھو ئي ڪيو جيڪو پھرين مرحلي ۾ ڪرڻ کپندو ھوم. مون تقرير جي فن تي پنھنجي مشاھدن ۽ تجربن تي مبني ھڪ ٽيسڪٽ Sir Walter Raleigh جو قول ھينئن ۾ ھنڍايو تھ: (مان ان سر والٽر جي ڳالھھ ڪونھ ٿو ڪريان جنھن شھزادي جي گذرڻ ڪاڻ پنھنجو ڪوٽ گپ مٿان رکيو ھو. مان ان سر والٽر ريلي جو ذڪر پيو ڪيان جيڪو 1904ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي ادب جو پروفيسر ھو) ان چيو ھو تھ مان شيڪسپيئر جي طرز تي ڪو ڪتاب ڪونھ ٿو لکي سگھان، البتھ پنھنجي طرز ۽ انداز ۾ ضرور لکي سگھان ٿو. ”پنھنجو ذاتي انداز اختيار ڪريو.“ اسان کي بھ انھيءَ نصيحت تي عمل ڪرڻ گھرجي، جيڪا آٽونگ برلن مرحوم جارجر گرشون (Jeorg Gershwin) کي ڪئي ھئي. جڏھن برلن ۽ گرشون پاڻ ۾ پھريون ڀيرو مليا تھ برلن چڱو مشھور ھو، جڏھن تھ گرشون ترقي ڪاڻ ڪوشان ھو.

ان زماني ۾ گرشون پنجٽيھھ ڊالتر ھفتي جي اجوري تي ٽرين پين ايلي (Tirpan Alley) ۾ موسيقي ترتيب ڏيندو ھو. برلن، گرشون جي صلاحيتن کان متاثر ٿي موجوده اجوري کان ٽيڻي پگھار تي پاڻ وٽ ميوزڪ سيڪريٽري جي عمدي آڇ ڪئي، پر ان سان ئي برلن کي نصيحت ڪئي تھ: بھتر اھو آھي تھ تون منھنجي آڇ قبول نھ ڪر، ڇا لاءِ جو عين ممڪن آھي تھ ان سان تون ھڪ ٻئي درجي جو برلن بڻجي وڃين. پر جيڪڏھن تون پنھنجو ذاتي انداز اپنائيندي تھ مون کي ويساھ آھي تھ ھڪ ڏينھن تون اول درجي جو گرشون بڻجي ويندين. گرشون ان نصيحت کي ڳنڍ ۾ ٻڌيو ۽ ھوريان ھوريان آمريڪا جو بھترين موسيقار بنجي ويو.

چارلي چپلن، ول راجرز، ميري مارگريٽ، ميڪ برائيڊ، جين آرٽري ۽ ٻين لکن مشھور فنڪارن بھ يقينا ان تي ئي عمل ڪيو ھوندو، جنھن جو ذڪر مان ھاڻي پيو ڪريان ۽ انھن بھ مون وانگر ڪٺن ڪٺن تجربن مان گذرڻ کان پوءِ اھو نتيجو ڪڍيو ھو.

چارلي چپلن جڏھن فلمسازي شروع ڪئي تھ ڊائريڪٽر ان کي انھيءَ زماني جي مشھورين ڪاميڊين (مسخري) جي نقل ڪرڻ تي مجبور ڪيو، پر چارلي چپلن مشھور تڏھن ٿيو، جڏھن ھن ڪنھن جي نقل ڪرڻ بدران پنھنجو رنگ ڍنگ اختيار ڪيو. باب ھوپ کي بھ اھڙن ئي تجربن مان گذرڻو پيو. ھو سالن جا سال نچڻ ڳائڻ ۾ لڳو رھيو، پر سڃاڻپ تڏھن مليس جڏھن پنھنجو منفرد انداز ماڻھن سان متعارف ڪرايائين. ول راجرز ڪجھھ ڪڇڻ کان سواءِ واڊ ويلي Waude Villey ۾ رسي گھمائيندو رھيو. ھو ان وقت مشھور ٿيو جڏھن ان مزاح جي دنيا ۾ ھڪ اڇوتي ۽ منفرد انداز کي اختيار ڪري رسي وٽڻ سان گڏ ڳالھائڻ شروع ڪيو. ميري مارگريٽ جو پھريون وڊيو پروگرام نشر ٿيو تھ ھن ھڪ آئرش مسخري جي نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن ۾ بريءَ طرح ناڪام ٿي. پر ان جڏھن پنھنجو فطري انداز ورتو تھ ھوءَ نيويارڪ ۾ مشھور ترين وڊيو اسٽار بڻجي اڀري ساڳي طرح جڏھن جين آرٽري ٽيڪساس جو لھجو ڇڏي شھري ڇوڪرن جھڙو روپ ڌاريو ۽ دعويٰ ڪئي تھ سندس واسطو نيويارڪ سان آھي، تڏھن مانھن مٿس خوب خوب چٿرون ڪيون. پر جيڪڏھن ھن پنھنجي انداز ۾ بينجو وڄائي ڪاؤ بوائي جا گيت ڳايا تھ ريڊيو ۽ فلم جو مشھور ترين ڪاؤ بوائي بنجي ويو.

اوھين ھن دنيا ۾ سڀني کان مختلف آھيو. اوھان کي اھو سوچي بھ خوشي ٿيڻ گھرجي تھ اوھان پنھنجي فطري خوبين کي ڀرپور طريقي سان ڪوشش ڪري ڪم آڻي سگھو ٿا. آخري تجربي موجب سارو فن ھڪ آتم ڪٿا جي حيثيت رکي ٿو. اوھان انھيءَ آواز ۾ ڳائي سگھو ٿا، جيڪو قدرت اوھان کي عطا ڪيو آھي. اوھان انھيءَ انداز ۾ تصوير ٺاھي سگھو ٿا، جيئن ان کي ڏسو ٿا. اوھان جو ھر ڪم اوھان جي تجربن، ماحول ۽ وراثتي خاصيتن تي ٻڌل ھوندو آھي. بھتري يا ابتريءَ ڪاڻ اوھان کي پاڻ کي ھڪ باغ رکڻو پوندو. بھتريءَ يا ابتريءَ ڪاڻ اوھان کي زندگي جي آرڪسٽرا تي ذاتي طور ھڪ ساز وڄائڻو پوندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org