سيڪشن: ادب

ڪتاب: ڏکن کان ڏور

باب:

صفحو:6 

مان، مرحوم فريڊ فلرشيڊ کي سدائين تحسين جو نذرانو ڏيندو آھيان، جنھن پراڻي پھاڪي کي نئين ۽ دلچسپ پيرائي ۾ بيان ڪيو آھي. بي، اي جي درجي کي پڙھائيندي ھن ڪلاس کان پڇيو تھ اوھان مان ڪيترن ڇوڪرن ڪاٺيءَ تي ڪارائي ھلائي ھوندي.....؟ ذرا ھٿ تھ مٿي ڪريو. ڪيترن ئي ڇوڪرن ھٿ مٿي ڪيا. پوءِ ھن پڇيو تھ اوھان مان ڪيترن ڇوڪرن ٻوري تي آري ھلائي آھي؟ ڪنھن بھ ڇوڪري ھٿ مٿي ڪونھ ڪيو.

ظاھر آھي تھ ٻوري تي ڪارائي نٿا ھلائي سگھون. مسٽر شيلڊ وضاحت ڪئي تھ ٻوري تي تھ اڳيئي آري وھيل آھي. مثلا جڏھن يادگيرين تي پريشان ٿيندا رھندا آھيون، جيڪي ماضي سان گڏ دفن ٿي چڪيون آھن، جن تي پڇتائڻ جو ڪوبھ فائدو ڪونھي تھ ان جو مطلب آھي تھ اوھان ٻوري تي آرو پيا ھلايو.

مون جڏھن ايڪياسي ورھين واري (Base Ball) بيس بال جي معروف رانديگر کان پڇيو تھ اھو ڪنھن ھارايل راند تي ڪڏھن پريشان ٿيو؟ ھن جواب ڏنو تھ مان پريشان ٿيندو ھوس، پر اھا بيوقوفي ڪيترا سال اڳ ۾ ڪندو ھوس. پر مون اھو نتيجو ڪڍيو تھ اھا بري عادت مون کي راھون رد ڪري ڇڏيندي. اوھان پاڻي وجھي اٽو ڪونھ پيھي سگھندؤ ۽ نڪي آلي ڪاٺيءَ تي آرو ھلائي سگھندؤ، پر اوھان پنھنجي چھري ۽ معدي تي السر جو آرو ھلائي سگھندؤ.

جڏھن ڊيمپي مون کي ھڪ ڊنر تي ٻڌايو تھ ھو ھيوي ويٽ چيمئپن شپ ھارائي ويو آھي تھ سندس حريف ٽني ھيو. ظاھر آھي تھ ان سان سندس عزت نفس کي ڌچڪو لڳو. ھن مون کي ٻڌايو تھ لڙائيءَ دوران ھن اوچتو محسوس ڪيو تھ ھو ھاڻي ڪراڙو ٿي چڪو آھي..... ڏھين رائونڊ جي پڇاڙيءَ ۾ ...... اڃا تائين ھو پنھنجن پيرن تي بيٺو ھو. سندس چھرو سڄي ويو ھو....... زخمي ٿي پيو ۽ اکيون تقريبًا بند ٿي ويون ۽ ريفريءَ ٽنيءَ جو ھٿ فتح جي نشان وانگر مٿي ڪيو. جڏھن مان رنگ کان واپس پھتس تھ ڪيترن ماڻھن جي اکين ۾ ڳوڙھا نظر پئي آيا.

پوءِ ھن ٻڌايو تھ ھڪ سال کان پوءِ ٽنيءَ سان ٻيھر وڙھيس، مگر اجايو. مان ھميشھ لاءِ ھارائي چڪو ھوس. ھاڻ پريشان ٿيڻ کان سواءِ رھي ڪونھ سگھيس، پر مون پاڻ کي سمجھايو.... منھنجو ماضي موٽي ڪونھ سگھندو. مون کي ان تي پڇتائڻ نھ گھرجي. مون کي فرش تي ڪرڻ بجاءِ ان مڪي کي خنده پيشانيءَ سان قبولڻ گھرجي.

جيڪ ڊيمي ائين ئي ڪيو. ھن بار بار دل ۾ ورجايو تھ گذريءَ تي ڪونھ پڇتائيندس. ھن پريشانين کان ڇوٽڪارو پائڻ لاءِ مستقبل جا منصوبا بنائڻ شروع ڪيا. ھن جيڪ ڊيمي ريسٽورنٽ کوليو. ان ۾ ھن باڪسنگ جي نمائش ڪري خوب ڪمايو. ھن پاڻ کي تعميري ڪمن ۾ ايتري قدر مصروف ڪري ڇڏيو تھ ماضيءَ تي پريشان ٿين لاءِ ھن وٽ وقت ئي ڪونھ رھيو. ھن ٻڌايو تھ گذريل ڏھن سالن ۾ مون وٽ گھڻو وقت ھو ۽ ھاڻي مان چيمپئن شپ جي زماني کان بھتر وقت گذاري رھيو ھوس.

مسٽر ڊيمپي مون کي ٻڌايو تھ ھن گھڻن ڪتابن جو مطالعو تھ ڪونھ ڪيو آھي، پر شيڪسپيئر جي ان نصيحت تي عمل پئي ڪير تھ عقلمند ماڻھو بيڪار ويھي پنھنجي نقصان تي ڪونھ روئندو آھي، پر سھڻي نموني نقصان جي تلافي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي.

مان جڏھن تاريخ يا ماڻھن جون آتم ڪھاڻيون پڙھندو آھيان تھ انھن ماڻھن تي حيران ٿيندو آھيان، جيڪي ڏکن سورن کي وساري ڇڏڻ جي صلاحيت رکندا آھن ۽ آئندھ لاءِ خوشگوار زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪندا آھن.

ھڪڙي ڀيري سنگ سنگ (جيل) ڏسڻ جو موقعو مليو. اتي ان ڳالھھ مون کي حيران ڪري وڌو تھ قيدي ھڪ عام ۽ آزاد ماڻھن وانگر خوش ۽ مطمئن ھئا. مون اتان جي وارڊن اي لاز سان ان جو ذڪر ڪيو تھ ھن مون کي ٻڌايو تھ مجرم جڏھن پھريون ڀيرو سنگ سنگ ۾ داخل ٿيندا آھن تھ بيحد اداس ۽ تنھ مزاج ھوندا آھن، پر ڪجھھ مھينن کان پوءِ انھن مان ذھين ماڻھن جي اڪثريت پنھنجي بدنصيبين کي ڀلائي قيدين جي حيثيت ۾ آرام سان زندگي کي قبول ڪندي آھي. وارڊن مون کي ھڪ قيديءَ بابت ٻڌايو، جيڪو مالھي ھو. ھي شخص جيل جي چؤديواري ۾ گل ۽ ڀاڄيون پوکيندو جھونگاريندو بھ ھو. ھن گھڻن کان وڌيڪ سرت سمجھھ جو مظاھرو ڪيو. پڇڻ تي چيائين تھ ڏک ڪري بينائي ڇو وڃائجي؟ پڪ سان اسان پنھنجي ڪئي تي پريشان ٿيندا آھيون. اسان ڪھڙو تير ھلايو؟ ڪير ائين ڪونھ ٿو ڪري، تانجو نپولين پنھنجو ٽيون حصو جنگين کي ھٿان وڃايو. اسان مان شايد ئي ڪنھن کي اھڙيءَ سنگين صورتحال مان گذرڻو پيو ھجي. ان ھوندي بھ بادشاھ جا سمورا گھوڙا ۽ ساري رعيت گڏجي بھ ماضيءَ کي موٽائي ڪونھ ٿا سگھن. اچو تھ رول 7 کي ياد ڪريون تھ ٻوري تي آري ھلائڻ جي ڪوشش نھ ڪندا ڪريو.

ٽئين حصي جو حاصل مطلب

رول نمبر1: غم غلط ڪرڻ ڪاڻ پاڻ کي مصروف رکو. ڪم جي زيادتي غم جو بھترين علاج آھي.

رول نمبر2: ننڍين ننڍين ڳالھين ۾ نھ الجھو....... انھن کي پنھنجي زندگيءَ ۾ اچڻ ئي نھ ڏيو....... اھي اوھان جي حياتي ۽ خوشين کي تباھ وبرباد ڪري ڇڏينديون.

رول نمبر3: پنھنجي غمن جو تجزيو ڪرڻ ڪاڻ ڪيترن ئي ٻين سببن سان موازنو ڪريو. پاڻ کان پڇو. اگر اھا ڳالھھ نھ ھجي ھا تھ ٻيون ڪيتريون ڳالھيون ھجن ھا.

رول نمبر4: اڻٽر حالتن سان تعاون ڪريو. جيڪڏھن سمجھو ٿا تھ حالتون اوھان جي سگھھ کان ٻاھر آھن تھ پاڻ کي سمجھايو تھ اھو اٽل آھي. ان کان سواءِ ڪجھھ ڪونھ ٿيندو.

رول نمبر5: پنھنجي غمن تي ”اسٽاپ لاس“ آرڊر لڳايو ۽ فيصلو ڪريو تھ اوھان غم کي ڪيتري حد تائين غلط ڪري سگھو ٿا.....؟ غم کي وڌيڪ اھميت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

رول نمبر6: ماضي دفنايو، ٻوري تي آرو نھ ھلايو.

ٽيون حصو

ٻارھون باب

سڪون ۽ خوشيءَ جون مست فارمولائون

اٺ لفظ جيڪي اوھان جي زندگي بدلي سگھن ٿا:

ٿورا سال اڳ مون کي ريڊيو جي ھڪ پروگرام ۾ ھن سوال جو جواب ڏيڻ جو چيو ويو تـھ: ”پنھنجي زندگـيءَ جو سڀ کان وڏو سبق ٻڌايـو.“

اھو آسان ھو. مون پنھنجي زندگيءَ ۾ سڀ کان اھم اھو سبق سکيو آھي تھ ”سوچڻ“ جي ڪھڙي اھميت آھي؟ جيڪڏھن مان اھو ڄاڻي وٺان ھا تھ اوھان ڇا ٿا سوچيو تھ مان ڄاڻان ھا تھ توھان ڪير آھيو؟ اسان جو ذھني لاڙو اسان جي مقدر کي پختو بنائي ٿو. ايمرسن چيو ھو تھ: ”انسان اھو ئي آھي جيڪو سارو ڏينھن سوچيندو آھي.... ۽ ان کان سواءِ ٿي بھ ڇا ٿو سگھي؟“

مون کي ھاڻي پتو پيو آھي تھ منھنجو سڀ کان وڏو مسئلو ئي اھو آھي تھ صحيح سوچن جي چونڊ ڪيئن ڪجي؟ جيڪڏھن اوھان ائين ڪري ٿا سگھو تھ مسئلن جو حل اوھان جي مٺ ۾ آھي. رومن حڪومت جي عظيم فلسفي مارڪس ايڪس جيڪو روم جو حڪمران ٿيون، ان اٺن لفظن ۾ ان جو خلاصو ڪيو...... اٺ لفظ جيڪي اوھان جي مقدر جو فيصلو ڪن ٿا...... ”اسان جي زندگي اھا آھي جيڪي اسان جون سوچون آھن.“

جي ھا، جيڪڏھن اسان جون سوچون خوشگوار آھن تھ اسان خوش آھيون...... جيڪڏھن اھي مايوس ڪن آھن تھ مايوس لڳنداسون...... اگر سوچون خوفزده آھن تھ اسان خوفزده نظر اينداسون...... جي اھي بيمار آھن تھ اسين بيمار ٿي پونداسون. جيڪڏھن اسان پاڻ تي ترس جھڙي ڪيفيت طاري ڪنداسون تھ ھر ماڻھو اسان جي شخصيت کي نظر انداز ڪندو، مجروح ڪندو گذرندو. نارمن ونسنٽ پيل چيو تھ اوھان اھي ناھيو جيڪي اوھان سوچيو ٿا، توھان آھيو، پر اھي آھيو جيڪي اوھان سوچيو ٿا. بدقسمتي سان اسان جي زندگي ايتري ساري ناھي، جيتري ڏسجي ٿي. مان ٻڌايان ٿو تھ ناڪاري رويي جي نسبت سان اسان جو رويو ھاڪاري ھوندو آھي. ٻين لفظن ۾ اسان کي پريشان رھڻ ۽ غم ڪرڻ بدران حالتن سان سمجھوتو ڪرڻ گھرجي. سمجھوتي ۽ غم جي وچ ۾ ڪھڙو فرق آھي؟ ٻڌو! مان ھر وقت نيويارڪ جي رش سان ڀرپور سڙڪون ٽپندو آھيان. منھنجو واسطو رڳو ان ڳالھھ کان آھي تھ مان ڇا ٿو ڪريان........؟ نھ ڪي پريشان ٿيڻ ۾ آھي. تعلق مان مطلب مسئلن جو احساس ڪرڻ ۽ انھن کي سھڻي اسلوب سان نڀائڻ آھي. پريشانيءَ مان مراد خيالن جو دائرو پنھنجي گرد لپيٽي ذھن کي بي سڪون رکڻ آھي.

ھڪ شخص پنھنجي سنجيده مسئلن ۾ گھري بھ ڪنڌ مٿي ڪري ھلي سگھي ٿو. مون لوويل ٽامس کي بلڪل ائين ڪندي ڏٺو آھي. مون کي پھرين مھا ڀاري لڙائيءَ ۾ ڪيمپ اندر ان سان ملڻ جو اتفاق ٿيو. لوويل ۽ سندس ساٿين جنگ ھلندي فوٽو ڪڍيا ۽ ٽي – اي لارنس ۽ سندس عربي آرمي جون تمام ويجھي کان واضح ۽ رنگين تصويرون ڪڍيون. ان کان سواءِ ايلن جي جي مقدس زمين جي فلمي تصويرن جو رڪارڊ ورتو. سندس ڪتاب ”ايلن جي، فلسطين ۽ لارنس ان عربيا“ جي عنوان سان مرتب ڪيو ويو. ھي ڪتاب لندن توڙي سڄيءَ دنيا ۾ گھڻو مشھور ٿيو. لوويل پنھنجي فلمن جي ڪري لندن ۽ سڄي دنيا ۾ شھرت ماڻي. ھن انڊيا ۽ افغانستان جي زندگيءَ، رھڻي ڪھڻي تي فلم ٺاھڻ ۾ ٻھ سال لڳايا. تمام وڏيءَ ڪاميابيءَ سان گڏ کيس اڻٽر حالتن مان بھ گذرڻو پيو. لندن ۾ ھو ڪاروباري سطح تي تباھ برباد ٿي ويو. ان دوران مان لوويل سان گڏ ھوس. مون کي ياد آھي تھ اسان تمام گھٽيا ھوٽلن ۾ ماني کائيندا ھئاسون ۽ شايد گھٽيا کاڌو بھ ڪونھ ملي ھا جيڪڏھن ھڪ معروف آرٽسٽ جيمس ميڪسي کان رقم قرض طور نھ ورتي ھجي ھا. ايتري خساري ۽ مصيبت ھوندي بھ سندس تعلق ھو ”پريشاني“ ڪانھ ھئي. ھن ڄاتو پئي تھ جيڪڏھن پاڻ کي ختم ڪيو تھ دنيا ۾ سندس ڪاري ڪوڏي بھ ڪانھ رھندي، تنھن ڪري ھر صبح جو ٻاھر وڃڻ کان اڳ ھو ھڪڙو گل خريد ڪري ڪوٽ جي ڪاج ۾ اٽڪائيندو ھو ۽ آڪسفورڊ جي گھٽين ۾ جھومندو جھونگاريندو ھلندو ھو. سندس ڳاٽ اوچو ۽ قدم ھڪ خاص خوبصورت انداز سان کڄندا ھئا. سندس سوچون ھاڪاري ۽ ھمت جوان ھئي ۽ ھن شڪست مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ھن وٽ غم سان چنبڙڻ  ڪاميابيءَ جو دليل ڪونھي. اوھان جيڪڏھن ڪاميابيءَ کي ڇھڻ چاھيو ٿا تھ پريشانيءَ سان تعلق رکو، پر پريشانيءَ کي پري ڀڄائي ڇڏيو.

اسان جو ذھني رويو اسان جي جسماني طاقت تي بھ اثر ڪندو آھي. ھڪ مشھور برطانوي ماھر نفسيات جي اي ھاڊ فيلڊ پنھنجي ڪتاب The Psychology of Power جي صفحي 54 تي لکي ٿو تھ: مون ٽن ماڻھن کان سندن ذھني ڪيفيت کي جسماني سگھھ تي اثر ڪرڻ جي باري ۾ بيان ڪرڻ واسطي چيو. ان جي پيمائش ڊائنا موميٽر تي ڪئي وئي. ھن چيو تھ اھي پوري زور سان ڊائنا موميٽر کي پڪڙن.

جڏھن مون انھن جي نارمل حالت ٽيسٽ ڪئي تھ سندن گرفت 101 پونڊ ھئي. پر جڏھن ھن انھن تي اھو تاثر ڇڏيو تھ اھي ڪمزور ٿي چڪا آھن ۽ ان کان پوءِ ٽيسٽ ورتي وئي تھ سندن پڪڙ صرف 29 پونڊ ھئي. (انھن مان ھڪ شخص انعام يافتو فائيٽر ھو. جڏھن کيس ٻڌايو ويو تھ اھو ڪمزور آھي تھ ان ٻڌايو تھ ھو پنھنجي ٻانھن کي ٻار جي ٻانھن وانگر ڪمزور محسوس ڪري ٿو.

جڏھن ڪيپٽن ھيڊ فيلڊ انھن ماڻھن جي ٽيھر ٽيسٽ ورتي تھ کيس ھينوسس تحت ٻڌايو ويو تھ ھاڻي اھي تازا توانا آھن تھ انھن جي گرفت 132 پونڊ ھئي ۽ سندن جسمن ۾ ھاڪاري سوچ ھئي ۽ جسماني قوت 500% تائين وڌي چڪي ھئي.

تھ اھو آھي اسان جي ذھني لاڙن جو اسان جي جسماني حالت مٿان اثر. اوھان کي حيرت جھڙي فڪري قوت جي باري ۾ ٻڌايان ٿو. ھيءَ آمريڪا جي حيرت ۾ وجھندر ڪھاڻين مان ھڪ آھي. ان تي ڪتاب لکي سگھجي ٿو. مان اوھان کي ٻڌايان ٿو، آڪٽوبر جي ھڪڙي ڌنڌلي رات جو سول وار کان ٿورو عرصو بعد ھڪ بي گھر ۽ پريشان عورت مادر ويسٽر Mother Wester ھڪ رٽائرڊ بحري ڪپتان جي زال جو دروازو کڙڪايو، جيڪا ان وقت ايمسبري ماسا چيوسٽس Amesbury Massa Chusetts ۾ ترسيل ھئي.

در کوليندي ئي ھن عورت جو خوفزده چھرو ڏٺو. سندس کل ۽ ھڏيون ڏسي لڱ ڏڪڻ ۽ لرزڻ لڳندا ھئا. ان اجنبي عورت جو نالو مسز گلوور ھو. ھن ٻڌايو تھ کيس ھڪڙي گھر جي تلاش آھي، جتي ويھي ھوءَ سڪون حاصل ڪري ۽ ڪوئي ڪم ڪري. اھو ئي مسئلو کيس رات ڏينھن پيو کائي. ويسٽر چيس تھ اھا سندس ئي گھر ۾ ڇو نٿي رھي پئي؟ ايڏي وڏي گھر ۾ ھوءَ ھيڪلي ئي تھ رھندي آھي.

جيڪڏھن مسز ويسٽر وٽ سندس قانوني پٽ بل ايلس موڪلون گذارڻ نيوياڪ نھ اچي ھا تھ پڪ سان پاڻ ان وٽ رھي ھا. ان کي جڏھن مسز گلوور جي ھجڻ جي خبر پئي، ھن لڙ ڪيو تھ ھو پنھنجي گھر ۾ ڪنھن رولوءَ کي رھڻ جي اجازت ڪونھ ڏيندو ۽ ھن بي گھر عورت کي گھر مان ڪڍي ڇڏيائين. ٻاھر وڏ ڦڙو مينھن پئي وسيو. ھوءَ ڪجھھ منٽن تائين برسات ۾ بيٺي ڏڪندي رھي ۽ پوءِ ڇانو ڳولڻ ڪاڻ سڙڪ تي اچي ويئي.

ھاڻي ڪھاڻيءَ جو حيران ڪندڙ حصو شروع ٿئي ٿو. اھا ئي رولاڪ جنھن کي بل ايلس گھر مان ڪڍي ڇڏيو ھو، دنيا جي انتھائي ستم رسيده عورت ھئي. ھاڻي سيري بيڪر ايڊي .......... ڪرسچن سائنس جي بانيڪار ........ جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. ھن جا لکين چاھيندڙ آھن.

ان وقت تائين ھن بيماري، غم الم ۽ المين کان سوا دنيا کان ڪجھھ ڪونھ ورتو ھو. سندس پھريون مڙس شاديءَ کان ٿورو وقت پوءِ گذاري ويو ھو. ٻئي مڙس سندس زندگي تباھ وبرباد ڪري ڇڏي ھئي ۽ ھڪ شادي شده عورت سان ڀڄي ويو ۽ بعد ۾ غربت ۽ افلاس جي حالت ۾ مري ويو. ان جو رڳو ھڪڙو پٽ ھيو. غربت، افلاس، بيماري ۽ مصيبت ھٿان کيس چئن سالن جو ننڍو ٻچڙو بھ ڇڏڻو پيو ۽ ايڪيتاليھن ورھين تائين سندس کرو لھي نھ سگھي.

بيمار رھڻ ڪري مسز ايڊي ڪئين سال Science of Mind healing سان لاڳاپيل رھي، مگر لينن ماسا چيوٽس (Lynn Massa Chusetts) ۾ سندس زندگيءَ ۾ ڊرامائي طور تبديلي رونما ٿي. ھڪ ڏينھن سخت سردي ھئي. ھوءَ ھلندي ھلندي برف تان بريءَ طرح ترڪي پئي..... ۽ بيھوش ٿي پئي. سندس ڪرنگھي جو ھڏو بري طرح زخمي ٿي پيو تھ کيس اينشن (پيٽ ۾ ڳنڍيون پوڻ) جي بيماري لاحق ٿي پئي. ڊاڪٽرن جو خيال ھو تھ ھوءَ زنده نھ رھندي. جيڪڏھن بچي بھ وئي تھ ٻيھر ڪڏھن پنڌ ڪري ڪانھ سگھندي.

بستري تي، جنھن کي اسان موت جو بسترو چئي ٿا سگھون، ليٽي ميري بيڪر ايڊيءَ انجيل کولي ۽ قدرتي طور ڪنھن طاقت ھن کي سينٽ ميٿيو جا ھي لفظ پڙھڻ تي مائل ڪيو: ”۽ ڏسو، اھي ان وٽ ڪوڙھ جو ھڪ مريض وٺي آيا........ ۽ حضرت عيسيٰ ان بيمار ماڻھوءَ کي چيو......... جيڪو بستري تي پيو ھو....... پٽ! خوش ٿي وڃ، تنھنجي گناھن کان توکي بخشيو ويو. اٿي، پنھنجو بسترو کڻ ۽ پنھنجي گھر وڃ....... ۽ اھو اٿي بيٺو....... ۽ پنھنجي گھر ھليو ويو.“ ھن ٻڌايو تھ حضرت عيسيٰ جي لفظن سندس اندر ھڪ اھڙي سگھھ پيدا ڪئي جو ھوءَ اٿي بيٺي ۽ ھلڻ لڳي. ھن ٻڌايو تھ صحيح رستو پاڻ مرادو وٽس ھلي آيو ۽ مون کي ٻڌائڻ لڳو تھ مون کي ڪھڙيءَ طرح پاڻ کي ٺيڪ ڪرڻ کپي ۽ ٻين کي بھ ائين ڪرڻ جي ترغيب ڏجي. ڪھڙيءَ طرح ڏجي؟ مون کي پڪ ٿي وئي تھ ھر ڳالھھ جو سبب ”ذھن“ آھي ۽ ھر ھڪ سٺو توڙي برو اثر ذھني ڪيفيت پٽاندڙ جنم وٺندو آھي. (ڪرسچن سائنسدان)

اھڙيءَ طرح ميري بيڪر ايڊي نئين مذھب جو پايو رکندڙ ۽ ھڪ وڏي تبليغي شخصيت بڻجي وئي. ھيءَ اھا واحد عورت آھي، جنھن جو مذھب ساريءَ دنيا اندر پکڙيو.

ھن وقت اوھان چوندا ھوندؤ تھ ڊيل ڪارنيگي شايد ڪرسچن سائنس ڪاڻ پنھنجو دين پيو بدلائي. نھ! اوھان غلطيءَ تي آھيو. مان ڪرسچن سائنسدان ڪونھ آھيان، پر جيستائين جيئرو آھيان تھ مان گھرائيءَ سان قائل ٿيڻ وارو ناھيان! بالغن کي پڙھائڻ جي پنجٽيھن سالن جي تجربي اھو ئي سيکاريو اٿم تھ عورتون توڻي مرد پنھنجي سوچ بدلائي غم، خوف ۽ مختلف بيمارين کان ڇوٽڪارو وٺي سگھن ٿا..... ڄاڻان ٿو........ ڄاڻان ٿو......... مون سوين ڀيرا ائين ٿيندي ڏٺو آھي. مون اھا تبديلي ايترا ڀيرا ڏٺي آھي جو مون کي ھاڻي اھڙن ماڻھن تي ڪابھ حيرت ڪانھ ٿيندي آھي.

مثال طور: اھڙي حيران ڪندڙ تبديلي منھنجي ھڪ شاگرد جي زندگيءَ ۾ رونما ٿي. سندس نروس بريڪ ڊائون ٿي ويو. اھو ڪيئن ٿيو؟ غم جي سبب! منھنجي شاگرد ٻڌايو تھ مان ھر ڳالھھ تي غم ڪندو آھيان. ڪڏھن پريشان ٿيندو آھيان تھ مان ڏٻرو آھيان، ڪڏھن پريشان ٿيندو ھوس تھ منھنجا وار پيا ڪرن، ڪڏھن سوچيندو ھوس تھ ساري ڄمار شادي ڪرڻ جيتري رقم گڏ ڪونھ ڪري سگھندس. ڪڏھن غم ڪندو ھوس تھ مان ڪڏھن ھڪ سٺو پيءُ ڪونھ ٿي سگھندس، ڇاڪاڻ تھ جنھن ڇوڪريءَ سان مان شادي ڪرڻ چاھيان ٿو، اھا منھنجي ڪانھ ٿي سگھندي. ڪڏھن سوچيندو ھوس تھ مان سٺي زندگي ڪونھ پيو گذاريان، ڪڏھن پريشان رھندو ھوس تھ خدا ڄاڻي منھنجي باري ۾ ماڻھن جا تاثرات ڪھڙا ھوندا؟ مان پريشان ھوندو ھوس تھ مون کي آنڊي جو السر آھي ۽ ڪم ڪرڻ جي لائق ڪونھ رھندس. مون نوڪري ڇڏي ڏني ۽ اندر ۾ بيچيني پيدا ڪري ڇڏيم. ان جو اھڙو نھ سھڻ جھڙو اثر ٿيو جو ڪنھن نھ ڪنھن شيءِ جي کسجڻ جو انديشو رھندو ھو ۽ ائين ئي ٿيو. جيڪڏھن اوھان جو ڪڏھن نروس بريڪ ڊائون ڪونھ ٿيو آھي تھ خدا کان دعا گھرو تھ ڪڏھن نھ ٿئي. جيڪڏھن ذھن بيمار نھ ٿئي تھ بدن ڪڏھن بھ بيمار ڪونھ ٿيندو.

منھنجو بريڪ ڊائون ايترو شديد ھو جو مان پنھنجيءَ ئي آڪھھ سان ڳالھائڻ لائق ڪونھ رھيس. مون کي پنھنجين سوچن تي ضابطو ڪونھ رھيو. مان خوفزده ھوس. ٿوري ٿوري آواز تي ڇرڪ ڀريندو ھوس. مون ھر ڪنھن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو، بنان ڪنھن خاص سبب ڪري روئيندو رھندو ھوس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org