سيڪشن: ادب

ڪتاب: ڏکن کان ڏور

باب:

صفحو:3 

پنجون باب

ڪاروباري پريشانين جو پنجاھھ سيڪڙو ازالو ڪريو

جيڪڏھن اوھان ڪاروبار ڪندڙ صاحب آھيو تھ ھي باب اوھان لاءِ واقعي فائديمند ثابت ٿيندو. مون اوڻيھن سالن تائين ذاتي ڪاروبار ھلايو آھي ۽ مان پڪ سان ان معاملي ۾ اوھان جي سوالن جا جواب ڏئي سگھان ٿو. شايد مان اوھان جي ڪاروباري پريشانين کي پنجاھ سيڪڙو حل ڪرڻ جو اھل ثابت ٿي سگھان.

نيٺ جڏھن تجربو ڪيو آھي تھ ڪوبھ ماڻھو ذاتي طور تي ئي پنھنجن معاملن کان چڱيءَ طرح واقف ھوندو آھي، تنھن ھوندي بھ مان اوھان کي اھڙن ماڻھن جا حوالا ڏئي سگھان ٿو، جن پنھنجي خاطر خواه ڪاروباري پريشانين کي دور ڪيو ھو........ باقي اوھان پاڻ تي ڇڏي ڏيو.

پريشاني نھايت سنگين شيءِ آھي. 10 سيڪڙو پريشاني بھ دور ٿي وڃي تھ منھنجو خيال آھي تھ اوھان خاصا مطمئن ٿيندؤ. مان اوھان کي ھڪ اھڙي ايگزيڪٽو جي باري ۾ ٻڌايان ٿو، جنھن جو نھ رڳو پنجاھ، پر پنجھتر سيڪڙو پريشانيون دور ٿي ويون، جڏھن تھ ھو پنھنجي ڪاروباري مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سمورو وقت ڪانفرنسن ۾ گذاريندو ھو........ اھو شخص سائمن ۽ سڪشن جي پبلشنگ ھائوس جو ھيڊ ھو ۽ ھاڻي پاڪٽ بڪس جو صدر آھي. 630 پنجين اوينيو نيويارڪ 10020 ۾ رھندو آھي.

سندس نالو ليئن شمڪن (Leon Shimkin) آھي. مان سندس تجربو سندس ئي لفظن ۾ ٻڌايان ٿو:

آءٌ پندرھن سال مسلسل اڌ ڏينھن بزنس ڪانفرنسن ۾ گذاريندو ھوس ۽ پنھنجن مسئلن تي بھ بحث ڪندو ھوس تھ ڇا اسان کي ھيئن ڪرڻ کپي؟ ھونئن ڪري ڇڏڻ گھرجي يا ڪجھھ نھ ڪرڻ گھرجي؟ اسان ٿڪجي ويندا ھئاسون. پنھنجين ڪرسين تي ڦرندا رھندا ھئاسون. فرش تي چھل قدمي ڪندا ھئاسون. دليل ڏيندا ھئاسون ۽ جڏھن رات ٿيندي ھئي تھ مان ٿڪجي چڪندو ھوس. شايد مان پنھنجي زندگي بھ ائين ئي گذاري ڇڏيان ھا. مون پندرھن سال انھيءَ پريشانيءَ ۾ گذاري ڇڏيا وڃائي ڇڏيا. مون کي ڪوبھ بھتر رستو نظر ڪونھ آيو. جيڪڏھن مون کي ڪوئي ٻڌائي ھا تھ مان پنھنجي وقت جا ٽي حصا پريشان ڪن ڪافرنسن ۽ ٽن حصن اعصابي پريشانين کان بچي سگھان ٿو تھ مان سمجھان ھا تھ اھو حقيقت پسند، خوش مزاج ۽ روشن خيال انسان آھي. مون اھڙو ئي ھڪ منصوبو بڻايو، جنھن جو سچ پچ تھ اھڙو نتيجو نڪتو. مان اھو منصوبو اٺن سالن کان عمل ۾ آڻيندو پيو اچان. ان منھنجي صلاحيت، صحت ۽ خوشيءَ تي خوشگوار اثر ڇڏيو آھي.

اھو جادو ٿو لڳي..... مگر ڏاڍو سولو آھي. راز جي ڳالھھ اھا آھي تھ سڀ کان اڳ ۾ مون پنھنجي گذريل پندرھن سالن جي ڪانفرنس کي ھڪدم بند ڪري ڇڏيو. مون پنھنجن ساٿين کي سمورين مشڪلاتن کان آگاھ ڪري نھايت غلط ڪم پئي ڪيو. ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي مون ھميشھ اھو ئي سوال ڪندو ھوس تھ اسان ھاڻي ڇا ڪنداسون؟ ٻيو...... مون نئون اصول بنايو....... اصول اھو ھو تھ ھر شخص جيڪو بھ مسئلو پيش ڪرڻ چاھي، اھو ھنن چئن سوالن جا جواب تيار ڪري کڻي اچي:

سوال نمبر1: مسئلو ڇا آھي؟

گذريل ڏينھن ۾ اسان ڪلاڪ ٻھ ڪانفرنس ۾ اھو ڄاڻڻ ۾ گذاري ڇڏيندا ھئاسون تھ اصل مسئلو ڇا آھي؟

سوال نمبر2: مسئلي جو سبب ڇا آھي؟

جڏھن مان پنھنجي ماضيءَ ۾ جھاتي پائيندو آھيان تھ حيران ٿيندو آھيان تھ مون مسئلي جو ٺوس سبب ڄاڻڻ بنان پريشان ڪن ڪانفرنسن ۾ ايڏو وقت ضايع ڪري ڇڏيو. ڇو؟

سوال نمبر3: مسئلي جا ڪھڙا ممڪن حل ٿي سگھن ٿا؟

گذريل ڏينھن ۾ ڪانفرنس جو ڪوبھ ميجر ھڪڙو حل ٻڌائيندو تھ ڪو ٻيو........ وري ٻيو. ان طرح بحث ڊگھو ٿي ويندو ھو ۽ ڪو نتيجو نھ نڪرندو ھو......... ڪانفرنس ۾ ڪوبھ شخص ڪوبھ حل ڪونھ لکندو ھو، جنھن مان ڪنھن نتيجي تي پھتو وڃجي.

سوال نمبر4: ان باري ۾ اوھان جي ڪھڙي صلاح آھي؟

ڪانفرنس ۾ مون سان گڏ ھڪ شخص ويندو ھو، جيڪو ڪنھن مسئلي جو حل سوچي ان کي لکڻ کان سواءِ ھميشھ وقت وڃائيندو ھو. ڪڏھن ڪونھ ٻڌائيندو ھو تھ مان ان باري ۾ ڪھڙي صلاح ڏيان ٿو؟

ھاڻي منھنجا ساٿي منھنجي آڏو پنھنجا مسئلا پيش ڪونھ ڪندا آھن، ڇو تھ کين خبر پئجي چڪي آھي تھ چئن سوالن جا جواب ڏيڻ ڪاڻ انھن کي سموريون حقيقتون گڏ ڪرڻيون پونديون ۽ انھن جي باري ۾ سوچ ويچار ڪرڻو پوندو ۽ ائين ڪرڻ بعد بھ ٽي ڀاڱا اھڙا ڪين آھن جن ۾ انھن کي مون کان ڪونھ ڪو مشورو وٺڻو پوندو. ايستائين ڪھ اھي ڪيس بھ جن ۾ منھنجو مشورو ضروري نھ آھي.

چوٿون حصو پھريائين حل ڪري وٺندا آھن، ڇاڪاڻ تھ اھي ڪيس ھڪ خاص ترتيب سان ھلندا، منطقي رستن کان ٿيندا، معقول حل تي وڃي پھچندا آھن.

پاڪيٽ بڪس جي گھر ۾ ھاڻي ان ڳالھھ تي تمام گھٽ وقت ضايع ٿيندو آھي تھ غلط ڇاھي؟ پر ھاڻي ڳالھين کي درست ڪرڻ جو عمل جاري رھندو آھي.

آمريڪا ۾ اصلي پاٽي جي ھڪ انشورنس مين فرينڪ بيئگر جيڪو منھنجو دوست بھ آھي، مون کي ٻڌايو آھي تھ ان طريقي سان مون نھ رڳو ڪاروباري پريشانيون گھٽايون آھن، پر منھنجي آمدني بھ ٻيڻي ٿي وئي آھي.

فرينڪ بيئگر چوي ٿو تھ: ڪئين سال اڳ جڏھن مون پھريون پھريون انشورنس وڪڻڻ شروع ڪئي تھ پنھنجي ڪم کي وڏي پيار ۽ ڌيان سان سرانجام ڏيندو رھيس. پوءِ ھڪ واقعو پيش آيو. مان ايڏو دل برداشتھ ٿيس جو اھو ڪم ڇڏڻ جو فيصلو ڪيم، پر ھڪ ڏينھن تسليءَ سان ويھي پنھنجي پريشانين جي پاڙ نھ پڪڙيان ھا تھ شايد اھو ڪم ئي ڇڏي وڃان ھا.

1.        سڀ کان اڳ ۾ مون پاڻ کان پڇيو تھ مسئلو ڇا آھي؟ مسئلو اھو ھو جو مون کي پنھنجي ڪال جي رقم جي ادائگي ڪانھ پئي ٿئي ۽ ماڻھو رقم ڏيڻ کان لنوائين پيا. تانجو اھو لمحو بھ آيو جڏھن وڪرو بند ٿي ويو. گراھڪ چوڻ لڳا تھ چڱو مان سوچيندس. مسٽر بيئگر وري ڪڏھن اچجو. اھي ڪالون مون کي مايوس پيون ڪن.

2.       مون پاڻ کان پڇيو تھ ان جو ممڪن حل ڪھڙو ٿي سگھي ٿو؟ مگر ان جو جواب وٺڻ لاءِ مون کي حقيقتن جي تھھ تائين پھچڻ جي ضرورت ھئي. مون رڪارڊ بوڪ مان گذريل ٻارھن مھينن جي رڪارڊ جو اڀياس ڪيو.

مون کي ھڪ ڳالھھ نظر آئي. مون ڏٺو تھ ستر سيڪڙو سيل پھرين ۽ باقي ٽيويھھ سيڪڙو سيل ٻئي انٽرويو ۾ ختم ٿي وئي ھئي ۽ ست سيڪڙو ٽئين، چوٿين ۽ پنجين ۾ خاتمي تي پھچي ويئي........ مون پنھنجي وقت جو اڌ رڳو ان ست سيڪڙي تي ضايع پئي ڪيو.

3.       اصل حل ڪھڙو ھو؟ حل صاف ظاھر آھي. مون ٻئي انٽرويو کان فورا بعد ساريون ملاقاتيون ڪٽي ڇڏيون ۽ فالتو وقت کي نون پراسپيڪٽس ۾ کپائڻ لڳس. نتيجو حيرت انگيز نڪتو. ھر ڪال 280 کان 427 ڊالر تائين وڌڻ لڳي.

جيئن جو مان پھريائين ٻڌائي چڪو آھيان تھ فرينڪ بيئڪر ھاڻي ملڪ جو مصروف ترين لائف انشورنس سيلزمينن مان ھڪ آھي. ھو فائيڊيليٽي ميوچل آف فلاڊيلفيا سان منسلڪ آھي ۽ لکين شالرن ون ساليانيون پاليسيون لکندو آھي. ھي اھو ئي شخص آھي، جيڪو ڪم ناڪاميءَ سببان ڇڏڻ وارو ھو. پر مسئلن جو تجزيو ڪرڻ کان پوءِ ھو ڪاميابيءَ جي راھ تي روان دوان ھلڻ لڳو.

ڇا اوھان پنھنجي ڪاروباري مسئلن ۾ انھن سوالن کان مدد وٺي سگھو ٿا.......؟ پنھنجي چئلينج کي ورجائيندي آئون پڪ پڪاڻي چئي ٿو سگھان تھ اوھان پنھنجي پنجاھ سيڪڙو مسئلن کي حل ڪري سگھو ٿا......... مان اھي ورجايان ٿو:

1.        مسئلو ڇا آھي؟

2.       مسئلي جو ڪھڙو سبب آھي؟

3.       ان مسئلي جا ممڪن حل ڪھڙا ڪھڙا ٿي سگھن ٿا؟

4.       اوھان ڪھڙي حل جي چونڊ ڪندؤ؟

پريشانين جي تجزئي جون بنيادي ٽيڪنڪس

رول نمبر1: حقيقتن کي ڄاڻي وٺو. ڪولمبيا يونيورسٽي جو ڊين ھاڪس چوي ٿو: ”دنيا جون اڌ پريشانيون ان ڪري ٿين ٿيون جو ماڻھو انھن جي باري ۾ مناسب علم رکڻ کان سواءِ فيصلا ڪري وٺندا آھن.“

رول نمبر2: سمورين حقيقتن کي احتياط سان جاچڻ کان پوءِ ڪوئي فيصلو ڪريو.

رول نمبر3: ھڪ ڀيرو احتياط سان فيصلو ڪرڻ کان پوءِ عمل ڪيو ۽ ان فيصلي مان ڪوئي نتيجو ڪڍڻ ۾ مشغول ٿي وڃو ۽ نتيجي جي باري ۾ پريشان نھ ٿيو.

رول نمبر4: جڏھن اوھان يا اوھان جو ڪو ساٿي ڪنھن بھ مسئلي جي باري ۾ پريشان ھجي تھ ھيٺين چئن سوالن جا جواب لکو:

1.        ڪھڙو مسئلو آھي؟

2.       مسئلي جو ڪھڙو سبب آھي؟

3.       ان مسئلي جا ڪھڙا ممڪن حل ٿي سگھن ٿا؟

4.       اوھان ڪھڙو حل چونڊيندؤ؟

ھن ڪتاب مان وڌ ۾ وڌ لاڀ وٺڻ جا نو عدد مشورا

1.        جيڪڏھن توھان ھن ڪتاب مان وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪرڻ چاھيو ٿا تھ سمورن قاعدن کان وڌيڪ ھڪ ٽيڪنڪ آھي، جنھن کي پنھنجو بنائي اوھان حيرت ۾ وجھندڙ نتيجا ظاھر ڪري سگھو ٿا. اھا ٽيڪنڪ ڇا آھي؟ سمجھڻ جي خواھش، ارادي جي پختگي ۽ غم کي وساري جيئڻ سکڻ.

ڇا اوھان پنھنجي انھيءَ خواھش کي مضبوط بنائي سگھو ٿا؟

ذھن ۾ رکو تھ اھي اصول اوھان لاءِ ڪيترا اھم آھن....؟ اھي اصول اوھان جي زندگيءَ کي بيحد و حساب خوشگوار بنائڻ ۾ مدد ڏيندا آھن. اھا ئي ڳالھھ پنھنجي باري ۾ بار بار چوندا رھو. منھنجو ذھني سڪون، منھنجي خوشي، منھنجي نصيحت ۽ شايد منھنجي آمدنيءَ جو دارومدار انھيءَ قديم، واضح ۽ اٽل سچائيءَ تي آھي، جيڪا ھن ڪتاب ۾ لکيل آھي.

2.       ھر ھڪ باب جو شروعاتي جائزو وٺڻ لاءِ تيزيءَ سان پڙھي وٺو ۽ فورا ئي ايندڙ باب تي اچو....... پر ائين ڪونھ ڪيو، اھو تھ رڳو وقت گذارڻ جي برابر ٿيندو. جيڪڏھن اوھان غم وساري جيئڻ چاھيو ٿا تھ موٽي اچو ۽ ھڪ ھڪ باب کي چڱيءَ طرح ٻيھر پڙھو. ان جو نتيجو نيٺ اھو ٿيندو جو اوھان جو وقت بچندو ۽ ھر قسم ۾ ڪاميابي اوھان جا قدم چمندي.

3.       پڙھڻ دوران اھو سوچڻ ڇڏي ڏيو تھ اوھان ڇا پيا پڙھو؟ پاڻ کان پڇا ڪريو تھ ھر ھڪ صلاح کي ڪيئن ۽ ڪاٿي ڪتب ۾ آڻي سگھجي ٿو؟ ان قسم جو مطالعو اوھان کي ڪتي جي اڳيان ڊوڙندڙ سيھڙ کان بھ گھڻو اڳتي وٺي ويندو.

4.       پڙھڻ دوران پنھنجي ھٿ ۾ پين يا پينسل رکو ۽ جڏھن ڪوئي اھڙو مشورو ڏسو، جنھن کي محسوس ڪريو تھ اوھان استعمال ڪري سگھو ٿا تھ ان جي ھيٺان ليڪ ڪڍو. جيڪڏھن اھا فور اسٽار صلاح آھي تھ ھر ھڪ جملي ھيٺان ليڪ ڪڍو يا وري ”×××ד جو نشان لڳايو. جملن ھيٺان ڇڪيل ليڪون يا اھڙا نشان پڙھڻ کي وڌيڪ دلچسپ بڻائيندا آھن ۽ ڪتاب کي تيزيءَ سان ٻيھر ڏسڻ لاءِ گھڻي ڀاڱي آساني ٿيندي آھي.

5.        آئون ھڪ اھڙي شخص کي ڄاڻان ٿو، جيڪو عرصي پندرھن سالن کان ھڪ تمام وڏي انشورنس فرم جي آفيس جو مئنيجر آھي. ھو پنھنجي ڪمپنيءَ جي جاري ڪيل سمورن انشورنس ڪانٽريڪٽن جو ھر مھيني اڀياس ڪندو آھي. جي ھائو، ھو ھر مھيني ھر سال انھن ٽن معاھدن جو مطالعو ڪندو آھي، ڇاڪاڻ جو تجربي کيس اھو سيکاريو آھي تھ رڳو اھو ئي طريقو ان جي ضرورتن کي چڱيءَ طرح ذھن ۾ ويھاري سگھي ٿو.

مون ”پبلڪ اسپيڪنگ“ جي ڪتاب لکڻ ۾ ٻھ سال لڳايا ۽ مان ھربي ھربي ان کي منڍ کان پڙھندو رھندو ھوس..... اھو ڄاڻڻ ڪاڻ تھ مون پاڻ پنھنجي ڪتاب ۾ ڇا لکيو آھي؟ ڇاڪاڻ تھ اسان ڳالھين کي تمام جلد ويساري ويھندا آھيون. تنھن ڪري جيڪڏھن اوھان ھن ڪتاب مان حقيقي ۽ ديرپا لاڀ وٺڻ چاھيو تھ سوچيو ئي نھ تھ ھڪ ڀيرو مٿاڇرو جائزو وٺڻ سان اوھان جو ڪم ٿي ويندو. ھڪ ڀيرو غور سان مطالعو ڪرڻ بعد اوھان چند ڪلاڪ صرف ڪري ان کي ورجائيندا ڪريو. ان کي روزانو اکين آڏو رکو. ھر ممڪن حد تائين فائدو وٺڻ ڪاڻ پاڻ کي مسلسل متاثر ڪرائيندا رھو. ياد رکو تھ انھن اصولن جي استعمال جي لاشعوري طور عادت وجھو، بس اھو ئي ھڪ رستو آھي.

6.       برناڊ شاھ ھڪڙي ڀيري چيو: ”جيڪڏھن اوھان ڪنھن شخص کي ھڪ ڳالھھ سيکاريو ٿا تھ اھو ڪڏھن ڪونھ سکندو.“ ھو ٺيڪ چوندو ھو........ سکڻ ڪاڻ عمل ضروري آھي...... اسان عمل سان ئي سکندا آھيون، تنھن ڪري جي اوھان ھن ڪتاب ۾ لکيل اصولن تي عبور حاصل ڪرڻ چاھيو ٿا تھ انھن کي عملي جامو پھرايو. انھن کي ھر موقعي تي استعمال ڪريو. جيڪڏھن ائين ڪونھ ڪندؤ تھ اوھان انھن کي تمام جلد وساري ويھندؤ. استعمال ۾ آندل علم ئي اوھان جي حافظي کي مضبوط ۽ مستحڪم بنائي سگھي ٿو.

انھن مشورن کي ھر وقت استعمال ۾ آڻڻ اوھان ڪاڻ ڏاڍو مشڪل ھوندو. مان ڄاڻان ٿو، ڇاڪاڻ تھ ھي ڪتاب مون لکيو آھي ۽ محسوس ڪيو آھي تھ جيڪي ڪجھھ مون لکيو آھي، ان جي ھر ڳالھھ کي عمل ۾ آڻڻ مشڪل آھي. تنھن ڪري ھي ڪتاب اوھان پڙھو تھ ياد رکو تھ رڳو معلومات ئي حاصل ڪونھ ٿا ڪريو، پر نيون نيون عادتون اپنائڻ جي ڪوشش پيا ڪريو. اوھان نئين زندگي تي ھلڻ جي ڪوشش پيا ڪريو ۽ ائين ڪرڻ ۾ وقت ۽ عمل جي ضرورت ھوندي آھي.

تنھن ڪري غم تي فتح حاصل ڪرڻ ڪاڻ ھن ڪتاب جي ورقن جا حوالا ڏيو. ان کي ورڪنگ ھينڊ بوڪ تصور ڪريو. جڏھن بھ اوھان جو ڪنھن مامري سان واسطو پئي تھ سمورو ڪتاب نھ پڙھو، پر رڳو انھن ورقن کي اٿلائي ڏسو، جن تي اوھان نشان لڳايا آھن. يعني جن جملن جي ھيٺان پين يا پينسل سان ليڪون ڪڍيون اٿو يا ٻيا نشان ڪيا اٿو، اھي طريقا اوھان جي مسئلي کي بھتر نموني حل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا رھندا.

7.       جيڪڏھن اوھان جي زال ڪتاب ۾ لکيل اصولن ٽوڙڻ لاءِ اوھان تي زور ڀري تھ انھيءَ وقت انھن جو چوٿون حصو کيس پيش ڪريو.

8.       ايڪيھين باب جا شروعاتي ورق ڏسو تھ ڪھڙيءَ طرح مختلف ماڻھن پنھنجين غلطين کي درست ڪيو آھي؟ جيڪڏھن اوھان بھ ائين ڪيو تھ ٻھ نتيجا نڪرندا.

پھريون اھو تھ اوھان ۾ تعليمي لاڙو پيدا ٿيندو، جيڪو اوھان جي زندگيءَ لاءِ ڏاڍو ڪارائتو ٿيندو.

ٻيو تھ اوھان غم وساري جيئڻ سکندؤ، جنھن سان اوھان جي زندگيءَ ۾ بھاريون اچي وينديون.

9.       پاڻ وٽ ھڪ ڊائري رکو...... ۽ ھن ڪتاب ۾ لکيل اصولن تي عمل ڪندي ڪاميابي تي پھچڻ وارا واقعا نوٽ ڪريو. نالو، تاريخ ۽ نتيجا لکو. اھو رڪارڊ رکڻ ڪري اوھان ۾ وڌيڪ ڪاميابيءَ جو جذبو اجاگر ٿيندو....... ھاڻي جو ھاڻي ڊائريءَ جو استعمال ڪرڻ شروع ڪيو.

حاصل مطلب

ھن ڪتاب مان وڌ ۾ وڌ لاڀ ماڻڻ جون نو صلاحون

1.        غم تي فتح حاصل ڪرڻ وارن اصولن جي خواھش وڌايو.

2.       اڳيون باب پڙھڻ کان اڳ ۾ ھر ھڪ باب جو ٻھ ڀيرا مطالعو ڪريو.

3.       جڏھن اوھان مطالعو پيا ڪريو تھ پاڻ کان متان پڇو تھ اوھان ڪنھن صلاح کي ڪيئن عملي جامو پھرائي سگھو ٿا؟

4.       ھر ھڪ اھم نقطي ھيٺان ليڪ ڪڍو.

5.        ھن ڪتاب جو ھر ماھ مطالعو ڪندا رھو.

6.       انھن اصولن کي ھر موقعي تي ڪتب آڻيو. ھن ڪتاب جو ورڪنگ ھينڊ بوڪ طور استعمال ڪريو. ھي اوھان جي روز مره جي مسئلن کي حل ڪندو.

7.       پنھنجي اڀياس کي وندرائيندڙ راند بڻايو ۽ جڏھن ڪو دوست اوھان کي انھن اصولن تي ھلڻ کان روڪي تھ ان مان چوٿون حصو کيس بھ ڏيو.

8.       ھر ھفتي پنھنجي ڪارڪردگي چيڪ ڪريو. پاڻ کان پڇو تھ اوھان کان ڪھڙي غلطي ٿي آھي؟ اوھان ڪھڙو ڪم بھتر ڪيو آھي ۽ آئيندي ڪاڻ ڪھڙو سبق حاصل ڪيو اٿو؟

9.       ھن ڪتاب جي پويان ھڪ ڊائري رکو ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ اصولن جا اوقات لکو.

ڇھون باب

ذھن تان پريشانيءَ جا ڪڪر ٽولي ڇڏيو

چند سال اڳ ۾ واري ھڪ رات کي ڪڏھن بھ وساري ڪونھ سگھندس، جڏھن سيرين بي ڊگلس منھنجي ڪلاس جو شاگرد ھوندو ھو. ان مون کي ٻڌايو تھ سندس گھر ۾ ٻھ ڀيرا ھڪ دردناڪ واقعو پيش آيو. پھريون ڀيرو سندس پنجن ورھين جي ٻارڙي وڃائجي وئي. ھن پاڻ ۽ سندس زال سوچيو تھ اھي ھي پھريون صدمو سھي ڪونھ سگھندا. ڏھن مھينن کان پوءِ خدا پاڪ ٻيءَ نياڻيءَ سان نوازيو، پر اھا بھ پنجن ڏينھن کان پوءِ فوت ٿي وئي.

اھو ٻيو صدمو سندن سھپ کان ٻاھر ھو. ان شخص ٻڌايو تھ: ”مان  سمھي ڪونھ سگھندو ھوس، آرام ڪونھ ايندو ھو، بيقرار رھندو ھوس. منھنجا اعصاب جواب پيا ڏين ۽ منھنجو ويساھ رسي ويو ھو. نيٺ ٻن ڊاڪٽرن وٽ ويس. ھڪڙي ننڊ جون گوريون تجويز ڪيون، ٻئي سفر ڪرڻ جي صلاح ڏني.“ ھن ٻئي ڪوشسون ڪيون پر ڪابھ ڪوشش سندس غم غلط ڪري نھ سگھي. ھن چيو تھ: ”منھنجو بدن ورتو پيو ھو ۽ سنڌ ڇڪبا پئي ويا.“ جيڪڏھن اوھان جو ڪنھن غم سان پالو پيو آھي تھ اوھان اندازو ڪري سگھو ٿا تھ ھن ڇا ڇا چوڻ پئي چاھيو؟

پر خدا جو شڪر آھي جو منھنجو چئن سالن جو ھڪ پٽڙو بچي ويو ھو. ان ئي مون کي پنھنجي مسئلي جو حل ٻڌايو. ھڪ ڏينھن ٽيپھريءَ جو جڏھن مان اداس چھرو وٺيو ويٺو ھوس تھ ھن مون کان پڇيو تھ بابا! ڇا اوھان مون کي ٻيڙي بنائي ڏيندؤ؟ منھنجو ٻيڙيءَ ٺاھڻ جو ڪو موڊ ڪونھ ھيو. دراصل منھنجو ڪجھھ بھ ڪرڻ جو موڊ ڪونھ ھو، پر منھنجو پٽ بھ ضدي ھو. ان ڪري مون کي ائين ڪرڻو پيو.

ان جو اھو رانديڪو ٺاھڻ ۾ مون کي ٽي ڪلاڪ لڳا. جڏھن اھو رانديڪو مڪمل ٿيو تھ مون محسوس ڪيو تھ جيڪو سڪون مھينن ۾ ڪونھ مليو ھوم، اھو انھن ٽن ڪلاڪن ۾ ملي ويو آھي.

مون ان مان اھو سبق پرايو تھ جڏھن اوھان ڪو اھڙو ڪم ڪيو ٿا، جنھن جو واسطو منصوبي ۽ سوچ سان ھجي تھ پريشاني رفوچڪر ٿي ويندي آھي. منھنجي معاملي ۾ ٻيڙي ٺاھڻ غم کي رنگ کان ٻاھر ڪڍي اڇلايو ھو، تنھن ڪري مون پنھنجو پاڻ کي مصروف رکڻ شروع ڪيو.

ان رات مون پنھنجي گھر جو ڪمرو ڪمرو گھميو ۽ مختلف ڪمن جو وچورون گڏ ڪندو رھيس. کوڙ سارا ڪم ڪرڻا ھئا. بوڪ ڪيس، ڏاڪڻ، دريون، الماڙيون، انھن جا شيشا ۽ شيڊ ناب، تالا ۽ ڪيتريون ئي ٻيون شيون مرمت ڪرڻيون ھيون. حيران ٿيڻ جي ڳالھھ اھا آھي جو مون مرمت جوڳين شين جي فھرست ٻن ھفتن ۾ تيار ڪئي ۽ مون کي ٻھ سؤ ٻائيتاليھن شين جي مرمت ڪرائڻي ھئي.

مون کي انھن شين کي مڪمل ڪرائڻ ۾ لڳ ڀڳ ٻھ سال لڳي ويا. ان کان سواءِ مون پنھنجي زندگي کي ٻين ڪمن ۾ مصروف ڪري ڇڏيو. ھفتي ۾ ٻھ ڀيرا مان بالغن جي تعليم جا ڪلاس اٽينڊ ڪندو آھيان. پنھنجي شھر جي سماجي سرگرمين ۾ بھرو وٺندو آھيان ۽ ھاڻي آئون پنھنجي اسڪول جي بورڊ جو چيئرمين آھيان. درجنين ميٽنگون اٽينڊ ڪندو آھيان. ريڊڪراس ۽ ٻين سرگرمين ڪاڻ چندو گڏ ڪندو آھيان. ھاڻي آئون ايترو مصروف آھيان جو پريشان ٿيڻ لاءِ مون وٽ وقت ئي ڪونھي.

چارلس ڪيٽرنگ بھ آٽو موبائيل جو ڪاروبار ڪرڻ وقت انھيءَ شيءِ جو شڪار ھيو. مسٽر ڪيٽرنگ ڏيھان ڏيھي مشھور جنرل موٽرز ريسرچ ڪارپوريشن جو وائس پريزيڊنٽ ھو. مگر شروع ۾ ھو ڏاڍو تنگ دست ھو ۽ گذر بسر لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن مان گذرڻو پوندو ھوس. مون سندس زال کان پڇيو تھ ڇا اھا ان دوران پريشان ڪانھ ھئي؟ چوڻ لڳي ھائو، پريشان تھ ايتري قدر ھئس جو سمھي بھ ڪانھ سگھندي ھئس، مگر مسٽر ڪيٽرنگ ايڏو مصروف ھوندو ھو جو پريشان ٿيڻ واسطي وٽس وقت ئي ڪونھ ھوندو ھو ۽ نھ بچندو ھو.

معروف سائنسدان پاسچر چوڻ لڳو تھ: ”سڪون تھ لائبريرين ۽ ليبارٽرين ۾ ملندو آھي.“ ان کي اتي سڪون ڇو ملندو ھو؟ ڇاڪاڻ تھ انھن جڳھن تي ماڻھو ايترا مصروف رھندا آھن جو انھن کي پريشان ٿيڻ جو ھوش ئي ڪونھ ھوندو آھي. ريسرچ ڪندڙن جو نروس بريڪ ڊائون تمام گھٽ ٿيندو آھي. ان جي لاءِ وٽن وقت ئي ڪونھ ھوندو آھي.

ھر ڪا مصروفيت ڪھڙيءَ طرح پريشاني کي دور پڄائيندي آھي؟ اھو ھڪ نفسيات جو اصول آھي تھ ھڪ انسان لاءِ ھڪ ئي وقت ٻن ڳالھين بابت سوچڻ ممڪن ڪونھي، توڙي ڪيڏو بھ ذھين ڇو نھ ھجي. اوھان کي يقين ڪونھي تھ ھاڻي جو ھاڻي تجربو ڪري وٺو.

سمجھو تھ اوھان ھاڻي ٽيڪ ڏيو، اکيون بند ڪيو ۽ ھڪ ئي وقت آزاديءَ جي مجسمي ۽ سڀاڻي پيش ايندڙ ڪمن جي باري ۾ سوچيو. اوھان ڏٺو تھ اوھان ائين ڪونھ ڪري سگھندؤ. اوھان ھڪ ڳالھھ لاءِ ھڪ کان پوءِ ٻي سوچي سگھو ٿا. ھڪدم ٻنھي تي ڌيان ڏئي ڪونھ ٿا سگھو. اھو ارتڪاز جي خلاف آھي. پر جذبات جي ميدان ۾ اسان ائين ڪري ٿا سگھون. ھڪ قسم جي جذباتي صورت ٻيءَ کي ختم ڪري سگھندي آھي. ھن حيرت ۾ وجھندڙ فارمولا آرميءَ جي ماھر نفسيات کي ھلندي جنگ ۾ ڪم ڪرڻ جو اھل بنائي ڇڏيو ھو.

جڏھن ٿڪل ٽٽل، پريشان حال فوجي جنگ جي ميدان کان موٽيا تھ فوجي ڊاڪٽر انھن کي علاج طور مصروف رھڻ جي صلاح ڏني. جنگ دوران انھن جا اعصاب چڱا خاصا متاثر ٿيا ھئا ۽ ٻي اھي ڪم ڪندا پئي رھيا، ھر لمحي ڪم ڪندا رھيا. گھڻا مڇيءَ جو شڪار ڪندا ھئا، جانورن جو شڪار، گولف راند، تصوير ڪشي، باغباني وغيرھ ڪندا رھيا. انھن کي جنگ جو ھولناڪ زمانو ياد ڪرڻ جو وقت ئي ڪونھ ڏنو ويندو ھو. Occupational Therapy ھي اصطلاح ھاڻي نفسيات ۾ استعمال ٿيندو آھي. ان کي علاج ۽ دوا ٻنھي طور تجويز ڪيو ويندو آھي. ھي ڪو نئون لفظ ڪونھي. يوناني ان کي 500 ورھيھ قبل مسيح استعمال ڪندا ھئا. جھڪن Quakers کي فلاڊيلفيا ۾ فرينڪلن Ben Franklin جي دور ۾ استعمال ڪيو ويندو ھو. ھڪ شخص 1774ع ۾ ھڪ ڪوئيڪر سيني ٽوريم ڏسي بيحد حيران ٿيو. ان ۾ مريض سڻي اڻي رھيا ھئا. ھن سوچيو تھ ھنن غريبن جو استحصال ڪيو پئي ويو. مگر ڪوئيڪرز ان کي ٻڌايو تھ جڏھن اھي مريض ٿورو ٿورو ڪم بھ ڪري ٿا وٺن تھ انھن جي حالت خاصي بھتر ٿي ويندي آھي. اھو ڪم سندن اعصابن کي سڪون ڏيندو آھي.

ھر ھڪ ماھر نفسيات اوھان کي مصروف رھڻ جي صلاح ڏيندو. اعصابي مريض ڪاڻ اھو بھترين علاج آھي. ھينري ڊبليو لانگ فيلو بھ پنھنجي نوجوان زال جي وفات تي پاڻ کي مصروف رکيو. ھڪ ڏينھن سندس زال ميڻ بتيءَ سان ڪنھن ميڻ جي سيل کي ڳاري رھي ھئي تھ سندس ڪپڙن کي باھ وڪوڙي ويئي. لانگ فيلو سندس رڙين تي ڊوڙندو پھتو پر ھوءَ سندس پھچڻ کان اڳ ۾ سڙي مري وئي. ڪجھھ دير تھ ھن اندوھناڪ حادثي ڪري ھو تقريبًا پاڳل ٿي ويو، پر خوش قسمتيءَ سان سندس ٽن ٻچن کي سندس توجھھ جي ضرورت ھئي. پنھنجي غم ھوندي بھ لانگ فيلو کي سندن پيءُ ۽ ماءُ بنجي ڏيکارڻو ھو. ھو کين سير ڪرائڻ ڪاڻ وٺي ويندو ھو، کين آکاڻيون ٻڌائيندو ھو، ساڻن کيڏندو ھو، کين پوري ڪمپني ڏيندو ھو. انھن کي پڙھائيندو ھو، انھن جي سمورن ڪمن ايترو مصروف ڪيس جو سندس سڪون کيس واپس ملي ويو. ٽيني سن Tennyson جو بيحد عزيز دوست آرٿر ھيلم جڏھن کانئس وڇڙي ويو تھ ھن چيو تھ مون کي ڪجھھ نھ ڪجھھ ڪندو رھڻ گھرجي، ان کان اڳ ۾ جو مان پريشانيءَ ۾ پاڻ کي ئي ختم ڪري ويھان.

اسان منجھان ڪيترا ماڻھو ڪنھن نھ ڪنھن شڪل ۾ غم جو شڪار آھن. اسان کي ڪم ۾ گم ٿي وڃڻ گھرجي. واندڪائي اسان ڪاڻ خطرناڪ آھي. جڏھن اسان واندا ھوندا آھيون تھ غم اسان کي وڪوڙيندا آھن.

خالي ذھن کي ڀرڻ لاءِ عام طور اسان کي جذبا اچي وڪوڙيندا آھن. غم سان ٽمٽار جذبات، نفرت، صدما وغيره، اھي سمورا جذبات ايتري قدر شديد ٿيندا آھن جو پرامن ۽ خوشگوار سوچن ۽ جذبن کي ٻاھر اڇلائي ڇڏيندا آھن.

جيمز ايل مارشل آف ايجوڪيشن چوي ٿو تھ: غم اوھان کي برباد ڪندو آھي. ان وقت نھ جڏھن اوھان مسلسل ڪم ڪندا آھيو. يعني عمل پيھم جو نمونو ٿيندا آھيو، پر ان وقت جڏھن اوھان سڄي ڏينھن جي ڪم ڪار مان واندا ٿي ويندا آھيو. اھڙي وقت اوھان جو ذھن پنھنجي لوڊ بنان موٽر آپريٽنگ وانگر ھوندو آھي. ان جي دوڙ ۾ تسلسل ڪونھ ھوندو آھي، تنھن ڪري غم کي پوريءَ طرح ختم ڪرڻ ڪاڻ اسان کي لڳاتار مصروف رھڻ گھرجي.

ھڪ عورت مون کي ٻڌايو تھ سندس پٽ فوج ۾ ڀرتي ٿيو. پنھنجي ايڪيل پٽ جي جدائيءَ ۾ صحت وڃائي ويٺي. ھوءَ اڪيلي اڪثر سوچيندي ھئي تھ ھو ڪاٿي آھي؟ صحيح سلامت آھي يا جنگ جي ميدان ۾ آھي؟ ھو زخمي تھ ڪونھ ٿي پيو آھي؟ ڇا ھو مري تھ ڪونھ ويو آھي؟

مون ان کان پڇيو تھ ھن غم کان ڪيئن ڇوٽڪارو پاتو؟ ھن جواب ڏنو تھ: ”مون پاڻ کي مصروف ڪري ڇڏيو. سڀ کان اڳ مون پنھنجي نوڪرياڻيءَ کي ڪم تان ھٽائي ڇڏيو ۽ ساري گھر جو ڪم پاڻ ڪرڻ لڳس. پر ان سان بھ مون کي خاطر خواھ فائدو ڪونھ ٿيو، ڇو تھ مان گھڻو ڪم مشينن سان ڪندي ھيس ۽ ان ۾ منھنجي ذھن کي وڏو دخل ڪونھ ھوندو ھو. ان ڪري مون بسترا درست ڪندي، ٿانو ڌوئيندي غمگين ئي رھندي ھئس. مون محسوس ڪيو تھ مون کي ڪو نئون ڪم ڳولھڻ گھرجي، جيڪو منھنجي بدن سان گڏ منھنجي ذھن کي بھ مصروف رکي. تنھن ڪري مون ھڪ تمام وڏي ڊيپارٽمنٽل اسٽور ۾ سيلز ويمن جو ڪم شروع ڪيو.

انھيءَ ڪم منھنجي اندر ھڪ خاص تبديلي آندي. آئون جلد ئي گھڻو مصروف ٿي ويس. منھنجي چوگرد گراھڪن جا ھجوم ھئا. ڪوئي ڪنھن شيءِ جي قيمت ۽ ڪوئي سائيز پيو پڇي تھ ڪو رنگ پڇندو ھو. ڪم ڌاران پل بھ ڪونھ پئي گذريو ۽ جڏھن رات ٿيندي ھئي تھ مان ٿڪل پيرن مان جتي لاھي رات جي ماني کائي، بستري تي بي خبر ٿي سمھي پوندي ھئس. مون وٽ غم ڪرڻ جو وقت ڪونھ ھو نھ وري سگھھ ھئي.

جان ڪاڪرپووي John Cowter Powys چوي ٿو تھ: ”مڪمل سڪون جي گارنٽي اھا آھي تھ ڪوئي انسان يا جانور ڪم ڪندو رھي. ڪم ڪرڻ سان اسان کي سڪون ملندو آھي. سندس پٺن کي آرام ايندو آھي.“

ڪم وڏي نعمت آھي. اوسا جانسن ٻڌايو تھ ھن شاديءَ کان پوءِ پنھنجي خاوند مارٽن جانسن سان ڏاڍي خوشگوار زندگي گذاري، پر ھڪ ڏينھن سير وتفريح ڪندي سندن جھاز پھاڙ سان ٽڪرائجي ويو. مارٽن جانسن ٿڌي تي مري ويو. ڊاڪٽرن چيو تھ ھاڻي اوسا ساري زندگي بستري تان اٿي ڪونھ سگھندي، پر شايد اھي سندس ھمت کي نھ ڄاڻندا ھئا. پورا ٽي مھينا پوءِ ھوءَ Wheel Chair تي ويٺي ھڪ تمام وڏي مجسمي کي ليڪچر پئي ڏنو. مون جڏھن ان کان پڇيو تھ ھن ائين ڪيئن ڪيو؟ تھ ھن وراڻيو تھ: ”مون ان ڪري ائين ڪيو جيئن مون کي غمگين ۽ پريشان ٿيڻ جو وقت ملي نھ سگھي.“

ايڊمرل برڊ Miral Byrd جنوبي قطب ۾ ھيکل پنج مھينا گذاري ڇڏيا. ھن جي چوڌاري رڳو برف جون ڇپون ھيون. ھي قطب اقوام متحده ۽ يورپ کي ملائجي، ان کان بھ وڏو ھو ۽ ايدمرل جي گرد سون ميلن تائين ڪنھن مخلوق جو وجود ڪونھ ھو. ھتان جا ڏينھن بھ راتين وانگر تاريڪ ھئا. پنھنجي ڪتاب Alone ۾ لکي ٿو تھ: ان اونداھي ۽ ٿڌي جڳھھ تي ھن پنج مھينا تنھا گذاريا ۽ ھتي پنھنجا حواس برقرار رکڻ ڪاڻ پاڻ کي بيشمار ڪمن ۾ رڌل رکيو.

منھنجي ھڪ شاگرد ٽريمر لانگ فيلو ھن ھوٽل ۾ مون کي پنھنجو داستان ٻڌايو ۽ چوڻ لڳو: ”اڄ کان ارڙھن ورھيھ اڳ آئون نھايت پريشان ھوس. لڳو پئي تھ منھنجو نروس بريڪ ڊائون ٿي ويندو. ٿيو ھيئن جو مون ڪرائون فروٽ ۽ ايڪسٽريڪٽ ڪمپني 418 ويسٽ برابوي نيويارڪ جو ڪيشيئر ھوس. آئون اسٽرابيري کي ٽين جي دٻن ۾ پيڪ ڪري آئسڪريم جي مينو فيڪچرز کي سپلائي ڪندو ھوس. ان ڪاروبار ۾ مون لڳ ڀڳ ڏھ لک رپيا ڪمايا. اسان ويھھ سال اھو ڪاروبار ڪندا رھياسون تھ اوچتو اسان جي سيلز رڪجي وئي. آئس ڪريم ٺاھيندڙن جو رجحان نيشنل ڊيري طرف وڌيڪ وڌي ويو. ان طرح سندن پروڊڪٽس بھ وڌي ويون ۽ اھي وقت ۽ پئسو بھ بچائڻ لڳا. اھي ھاڻي اسٽرابيريءَ کي بند دٻن مان ٻاھر ڪڍڻ ۾ وقت ڪونھ وڃائيندا ھئا.

ھڪ پاسي تھ اسان اسٽرابيري وڪڻي ڪونھ پئي سگھياسون، ٻئي پاسي اسان جو Conical معاھدو ھيو تھ اسان ايندڙ ٻارنھن مھينا بھ اسٽرابيري خريد ڪندا رھنداسون. اسان اڳ ۾ ئي بئنڪ کان ساڍا ٽي لک اوڌر وٺي چڪا ھئاسون. اھو قرض چڪائڻ بھ اسان جي وس ۾ ڪونھ ھو، ان ڪري اسان بيحد پريشان ھئاسون، خاص طور تي مان.

مون ھڪدم ويسٽو نولي ڪيليفورنيا، جتي اسان جي فيڪٽري ھئي، پھتس. پريزيڊينٽ صاحب کي سموري صورتحال کان آگاھ ڪيم، مگر ان مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ھن سموري تباھيءَ جي ذميواري اسان جي نيويارڪ واريءَ آفيس جي مٿي تي مڙھي ڇڏي. ھائي ڙي سيلزميني!

ڪافي ڏينھن مٿي ھڻڻ بعد مون نيٺ کيس قائل ڪيو تھ ھو وڌيڪ اسٽرابيريءَ جي بڪنگ روڪي ڇڏي ۽ سان فرانسسڪو مارڪيٽ ۾ تازي بيري وڪرو ڪري. ان سان اسان جو مسئلو حل ٿي ويندو. ھاڻي مون کي پريشان نھ ٿيڻ کپندو ھو، پر منھنجي پريشاني دور ڪانھ ٿي. غم ڪرڻ بھ ھڪ عادت آھي ۽ مان بھ انھيءَ عادت جو شڪار ھوس.

مان جڏھن نيويارڪ واپس آيس تھ مان ڪيترين ئي ڳالھين لاءِ پريشان ھوس. اسان اٽليءَ کان چيري ۽ انناس ھوائي کان خريد ڪندا ھئاسون. ان طرح ٻيا مسئلا بھ لاڳو ھئا. آئون پريشان حال سمھي بھ ڪونھ پئي سگھيس، جڏھن تھ مان ٻڌائي چڪو آھيان تھ مون کي نروس بريڪ ڊائون محسوس پئي ٿيو.

ان پريشانيءَ اندر منھنجي زندگي اھڙي طريقي سان گذرڻ لڳي جو ان ۾ منھنجيون پريشانيون ڀڄي ويون. مان پنھنجن مسئلن ۾ ئي مصروف رھيس ۽ ان مصروفيت ۾ مون کي پنھنجي قابليت ڏيکارڻي ھئي. ھاڻي مون وٽ پريشان ٿيڻ واسطي نھ وقت ھو. ڪوبھ وقت ڪونھ ھو. ھاڻي مان روزانو پندرھن سورھن ڪلاڪ ڪم ڪرڻ لڳس. آئون اٺين وڳي صبح کان شام، بلڪھ ڪيترا ڀيرا اڌ رات تائين پنھنجي آفس ۾ ويٺو ھوندو ھوس. مون نوان ڪم ۽ نيون ذميواريون سنڀالي ورتيون ھيون. جڏھن مان اڌ رات جو گھر موٽندو ھوس تھ ايترو ٿڪي ٽٽي چڪندو ھوس جو بستري تي ڪرڻ ۽ بي خبر سمھڻ ھوندو ھو.

آءٌ لڳ ڀڳ ٽن مھينن تائين انھيءَ پروگرام ھيٺ ڪم ڪندو رھيس. ان وچ ۾ پريشانين جي عادت ڇڏي ڏنم. ان کان پوءِ اٺ ڪلاڪ روزانو نارمل طور ڪم ڪندو رھيس. اھو واقعو ارڙھن سال اڳ جو آھي، تڏھن کان اڄ تائين مون کي اڃا تائين ڪابھ پريشاني ڪانھ ٿي آھي.

جارج برناڊ شا اھو ٺيڪ چيو ھو تھ: ”غمگين رھڻ جو راز ان ۾ سمايل آھي تھ انسان وٽ اھو سوچڻ جو وقت ھجي تھ ھو خوش آھي يا غمگين آھي؟“ تنھن ڪري اھڙو سوچيو ئي نھ. مسلسل سرگرم عمل رھو، اوھان جو سسٽم بھتر ٿي ويندو ۽ اوھان جو بدن غم کي ڪڍي ٻاھر اڇلائيندو. مصروف رھو، مصروف ٿي وڃو. زمين جي گولي تي غم جي اھا سستي ۾ سستي دوا اٿو. سرگرم عمل رھو، غمگين ۽ پريشان شخص کي ڪجھھ نھ ڪجھھ ڪندو رھڻ گھرجي. غم جي عادت ٽوڙڻ جي اھا ئي فارمولا آھي. ڪجھھ نھ ڪجھھ ڪندا رھو، ڪم ڪندو رھڻ گھرجي، ان کان اڳ ۾ جو اھو برباد ٿي وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org