سيڪشن: ادب

ڪتاب: ڏکن کان ڏور

باب:

صفحو:20 

مون پاڻ کان پڇيو تھ مان پنھنجي زندگيءَ ۾ اھڙي طرح جو ھڪ سگنل سرشتو لاڳو ڇو نٿو ڪريان؟ منھنجو جواب ھو تھ مون وٽ اھڙو ڪوئي نظام آھي؟ خدا پاڪ مون کي ھڪ اھڙو نظام ڏنو آھي، جنھن کي پاڻ ئي ڪنٽرول ڪندو آھي، تنھن ڪري ان ۾ ڪو سقم، ڪا خامي ڪانھي. مون ھڪ گرين سگنل ڳولھڻ شروع ڪيو. مان ان کي ڪٿي ۽ ڪيئن ٿو ڳولھي سگھان؟ جيڪڏھن خدا پاڪ سائي روشني خلقي آھي تھ ان مان لاڀ ڇو نھ ورتو وڃي؟ مون ائين ئي ڪيو. پنھنجيون سموريون پريشانيون، سمورا فڪرات رب العالمين جي حوالي ڪري ڇڏيا. ھاڻي ھر معاملي ۾ جاتي بھ ڪو سائو دئو ڪونھ ھوندو آھي، رڳو ۽ رڳو رب کان رھبري وٺندو آھيان ۽ ان مون کي ڪڏھن بھ مايوس ڪونھ ڪيو آھي.

ھر صبح جو عبادت ڪرڻ کان پوءِ سڄي ڏينھن واسطي خدا پاڪ وٽان مون کي سائي جھنڊي ملندي آھي. اڪثر ڪري ڦڪو سگنل بھ ڏسندو آھيان تھ ذرا سنڀالي ھلڻ کپي. مون کي ڳاڙھو سگنل بھ ملندو آھي ۽ مان ان ڪم ۾ ھٿ ڪونھ وجھندو آھيان.

۽ ٻھ سال اڳ جڏھن مون تي اھا حقيقت آشڪار ٿي تھ ان وقت کان مون کي ڪا پريشاني ڪانھ ٿي آھي. ان عرصي دوران مان روزانو صبح سويري عبادت ڪندو آھيان ۽ منھنجا تقريبًا ست سؤ ڪم اھڙا ھئا، جن بابت رب العالمين منھنجي رھبري ڪرڻ فرمائي آھي ۽ اھي بلڪل منھنجي منشا موجب ٿيا آھن. ھاڻي منھنجي مقابل خراب حالتون ھونديون آھن تھ مان انھن کان ڪونھ ڊڄندو آھيان ۽ مون کي علم ھوندو آھي تھ مون کي انھن سان ڪيئن منھن ڏيڻو آھي؟

مون ھوريان ھوريان آپگھات پئي ڪيو جو مون کي خبر ڪانھ ھئي تھ آرام ڪيئن ڪجي؟

اڄ کان ڇھھ مھينا اڳ منھنجي زندگي وڏين مصروفيتن ۾ وڪوڙيل ھئي. مان ھر وقت تناءُ جو شڪار ھوندو ھوس ۽ آرام بلڪل ڪونھ ڪري سگھندو ھوس. ھر رات ٿڪي ٽٽي ساڻو ٿي اعصابي دٻاءُ وٺي آفيس کان گھر موٽندو ھوس. ڇو؟ ڇو تھ ڪنھن مون کي ڪڏھن ڪونھ چيو ھو تھ پال! تون پاڻ کي آھستي آھستي مارين ٿو. تون پنھنجيون مصروفيتون گھٽ ڇو نٿو ڪرين؟ تون ويرم آرام ڇو نٿو ڪرين؟

مان صبح جو تڙ تڪڙ ۾ اٿندو ھوس. تڪڙو تڪڙو شيو ڪندو ھوس، ڪپڙا بدلائي، نيرن ڪري ڀاڄ ڀٽيندو ھوس ۽ تيزيءَ سان ڪار ھلائيندو آفيس پھچندو ھوس. مان تڪڙ تڪڙ ۾ ڪم ڪندو ھوس جو مون کي گھر موٽڻ جي بھ تڪڙ ھوندي ھئي، رات جو سمھڻ جي بھ جلدي ھوندي ھئي تھ جلدي جلدي ننڊ ڪيان.

ان عجلت ڀري زندگيءَ ۾ مون اعصابي نظام جي ماھر ڊاڪٽر برنارڊ سان مشورو ڪيو تھ ان مون کي آرام ڪرڻ جي صلاح ڏني ۽ چيو تھ ھر وقت اھو ئي سوچيندو رھان تھ مون کي آرام ڪرڻو آھي. ڪار ھلائڻ وقت، ڪم ڪرڻ وقت، کائڻ پيئڻ وقت گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ڀيرو اھو ضرور سوچڻ گھرجي تھ ھاڻي مون کي ٿوريءَ دير لاءِ آرام ڪرڻو آھي. ھن مون کي خبردار ڪيو تھ مان ھوريان ھوريان پاڻ کي ماريندو رھان ٿو، ڇاڪاڻ تھ مون کي اھو پتو ڪونھي تھ آرام ڪيئن ڪبو آھي؟ ان ڏينھن کان پوءِ اڄ تائين مان آرام ڪرڻ جي مشق ڪندو آھيان. جڏھن ننڊ لاءِ ھنڌ تي سمھندو آھيان تھ ان وقت تائين سمھڻ جي ڪوشش ڪونھ ڪندو آھيان، پر ڏاڍي سڪون سان پنھنجي ذھن کي ننڊ ڏي راغب ڪندو آھيان. ھاڻي صبح جو جڏھن ننڊ مان اٿندو آھيان تھ ڏاڍو ھلڪو ڦلڪو، تازو توانو ۽ ھشاش بشاش ھوندو آھيان. اھا ھڪ وڏي ڳالھھ آھي، ڇاڪاڻ جو ان کان اڳ ۾ جڏھن صبح جو جاڳندو ھوس تھ ڏاڍي ٿڪاوٽ جو شڪار ھوندو ھوس. ھاڻي کائڻ پيئڻ، ڪار ھلائڻ وقت بلڪل ئي پرسڪون ھوندو آھيان.

ھتي اھو واضح ڪندو ھلان تھ مان ڪار ھلائڻ مھل چست ڦڙت ھوندو آھيان، پر ھاڻي مان پنھنجي اعصابن بدران ذھن سان ڊرائيونگ ڪندو آھيان. منھنجي آرام ڪرڻ جي سڀ کان اھم جاءِ منھنجي آفيس آھي، جتي مان اڪثر ڪري ڪم دوران ٿوريءَ ٿوريءَ دير ڪاڻ آرام ڪندو آھيان. ھڪ ڏينھن ۾ ڪيترا ئي ڀيرا ڪم ڇڏي آرام ڪندو آھيا. ھاڻي جڏھن بھ فون جي گھنٽي وڄندي آھي تھ فورا ڊوڙي وڃي ڪونھ ٻڌندو آھيان ۽ جڏھن بھ ڪوئي فون تي يا روبرو ڳالھائيندو آھي تھ ايتري سڪون سان ٻڌندو آھيان، جيئن ڪو ننڍو ٻار وات ۾ چوسڻي وجھي ستو پيو ھوندو آھي. ان جو اھو نتيجو نڪتو آھي جو منھنجي زندگي اڳي کان وڌيڪ لطيف، مسرت ڀري ٿي پئي آھي. ھاڻي مون کي ڪابھ پريشاني، ڪابھ اعصابي ٿڪاوٽ ڪانھي.

مون سان واقعي ھڪ معجزو ٿيو

مسز جان گبلر سان منھنجي پراڻي ڄاڻ سڃاڻ آھي. ھوءَ مون سان يونيورسٽيءَ ۾ پڙھندي ھئي ۽ پوءِ اتفاق سان سندس شادي بھ منھنجي ڪاليج واري زماني جي سٺي دوست سان ٿي ھئي. جڏھن کيس پتو پيو تھ مان پريشاني ۽ ٿڪاوٽ جي موضوع تي ڪو ڪتاب پيو لکان تھ ھن مون کي چيو تھ مان سندس ڪھاڻي بھ ان ڪتاب ۾ لکان، جيڪا ھتي بيان پيو ڪريان.

منھنجي پريشانين مون کي ھارايل بنائي ڇڏيو ھو. منھنجو ذھن ايترو الجھيل رھندو ھو جو منھنجي زندگيءَ ۾ ڪابھ خوشي ڪانھ ھئي. منھنجي اعصابن تي ايترو دٻاءُ رھندو ھو جو نھ رات جو سمھي سگھندي ھئس، نڪو ڏينھن جو آرام ڪري سگھندي ھئس. منھنجا ٽي ٻار جدا منھنجي مائٽن وٽ رھندا ھئا. منھنجو مڙس فوج جي نوڪريءَ مان فارغ ٿي ھڪ ٻئي شھر ۾ قانوني پريڪٽس ڪندو ھو ۽ مان نھايت غير يقيني ۽ مايوسيءَ جي ڪيفيت ۾ حياتيءَ جا ڏينھن ڪاٽيندي ھئس. منھنجو ڪوبھ اوھي واھي ڪونھ ھو ۽ مان بيحد خوفزده ۽ پريشان رھندي ھئس.

ان نموني مون نھ رڳو پنھنجي حياتي پئي ختم ڪئي، پر پنھنجي خاوند جي ڪيريئر ۽ پنھنجن ٻچن جي سٺي ۽ خوشگوار مستقبل جي راھ ۾ پڻ رڪاوٽ پئي بڻيس. مون پاڻ تي ويچار ڪيو، پر مان ھيکلي ئي ان بابت سوچيندي ھئس ۽ ان کي بدلائڻ جي جيتري ڪوشش ڪندي ھئس. ايترو ئي ڀؤ ٿيندو ھو تھ ناڪام نھ ٿيان. ان کان پوءِ مون کي پنھنجي ذميوارين جي رٿابندي ڪندي بھ ڀؤ ٿيندو ھو. مون محسوس ڪيو تھ مون کي ھيٺ مٿي ڪوبھ اعتماد ڪونھ رھيو آھي ۽ پوريءَ طرح ناڪام عورت آھيان.

جڏھن چئني طرفن کان بھتري جا آثار ڪونھ ڏٺم ۽ ڪوبھ منھنجي مدد ڪرڻ وارو ڪونھ ھو تھ امڙ مون ڪاڻ جيڪي ڪجھھ ڪيو، اھو وسارڻ جھڙو ڪونھي. ھن مون کي فڪرن ۽ پريشانين سان جنگ جوٽڻ جي جرئت ڏني. ھن پنھنجن اعصابن ۽ ذھن تي ضابطو رکڻ ڪاڻ خاص صلاحون ڏنيون. ھن چيو تھ صبح جو بستري مان اٿندي ئي ان ڳالھھ جو عھد ڪريان تھ ”اڄ مون کي پنھنجين پريشانين سان جنگ جوٽڻي آھي.“ امڙ ٻڌايو تھ زندگيءَ کان فرار ٿيڻ بجاءِ ان کي ڍنگ سان گذارڻ جي ڪوشش ڪريان ۽ پنھنجي پريشانين ۽ مشڪلن کان گھٻرائڻ بدران انھن جي مقابل ٿيان. امڙ جي ڳالھين مون کي وڏو حوصلو عطا ڪيو ۽ مون انھن ڳالھين کي ھڪ چتاءُ سمجھي انھن تي نھايت سختيءَ سان عمل ڪيو. صبح جو سوير ننڊ مان اٿي پريشانين خلاف وڙھڻ شروع ڪندي ھئس. مون کي چڱي ننڊ اچڻ لڳي. مون بھتر خوراڪ استعمال ڪرڻ شروع ڪئي، منھنجو جذبو وڌڻ لڳو. ٻن ھفتن کان پوءِ امڙ مون کي ڪپڙا استري ڪندي جھونگاريندي ٻڌو. ھن ٻڌايو تھ پريشانيءَ خلاف جنگ ۾ ڪامياب پئي ٿيان ۽ ھاڻي مون کي پير بھ پوئتي ھٽڻ نھ کپي.

ان ڏينھن کان پوءِ مان پنھنجي روز مره جي ڪمن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳس ۽ منھنجيون مصروفيتون وڌڻ لڳيون. نيٺ منھنجا ٻار مون وٽ موٽي آيا. منھنجي مڙس جو گھر بھ پورو ٿي ويو ۽ اسان سڀ ان نئين گھر وڃي ويٺاسون. مون پڪو پھھ ڪيو تھ پنھنجن پيارن ٻچن کي پياري ماءُ جيان پيار ڪندس. ھاڻي مون نئين گھر جي فرنيچر ۽ ان جي سجاوٽ جي باري ۾ رٿون رٿڻ شروع ڪيون. ان کان سواءِ پنھنجي مڙس ۽ ٻچن تي ڌيان ڏيڻ لڳس. ھاڻي مون وٽ پنھنجي باري ۾ سوچڻ جو وقت ئي ڪونھ ھو. ان کان پوءِ ھڪ معجزو ٿيو.

ڏينھون ڏينھن منھنجي صحت سڌرندي وئي ۽ سوير ننڊ مان اٿڻ ڪري تازي تواني ۽ خوش خوش ھوندي ھئس. صبح جي ڪمن کان واندي ٿي سڄي ڏينھن جي ڪمن کي سندن اھميت موجب ترتيب ڏيندي ھئس ۽ انھن جي پورائي جي رٿابندي ڪندي ھئس. جيتوڻيڪ ان کان پوءِ بھ ڪيترا ڀيرا مايوسي ۽ پريشانين جا ڏھاڙا آيا، پر خاص ڪري صبح جو ٿڪل ھوندي بھ پاڻ کي چوندي ھئس تھ مون کي انھن بابت ڪجھھ ڪونھ سوچڻ کپي. ان کان پوءِ اھي پريشانيون گھٽبيون ويون، نيٺ ختم ٿي ويون.

ھاڻي ھڪ سال کان پوءِ بيحد خوش، مگن، مسرور آھيان. منھنجو مڙس پنھنجي وڪالت ۾ ڏاڍو ڪامياب آھي. منھنجو عاليشان گھر آھي، جنھن ۾ پنھنجي سھڻن ٻچڙن سميت رھندي آھيان. ڏينھن ۾ سورنھن ڪلاڪ ڪم ڪندي آھيان ۽ اسان جي گھر ۾ سڀئين پرئين سک ۽ سڪون آھي.

بنجمين فرينڪلن پنھنجي پريشانين تي ڪيئن قابو پاتو؟

اسان ھتي بنجمين فرينڪلن جي ھڪ خط جون ڳالھيون پيا لکون، جيڪو ھن پنھنجي دوست جوزف کي لکيو ھو. جوزف، فرينڪلن کان صلاح گھري ھئي تھ کيس لائبريرين جي نوڪري پئي ملي تھ ان کي ڇا ڪرڻ کپي؟ بنجمين کيس خط ۾ لکيو تھ ھن پنھنجي پريشانين کي ڪيئن ضابطي ھيٺ آندو؟

پيارا جوزف!

مون لاءِ بھ حيرت جي ڳالھھ آھي تھ تو جھڙو باشعور ۽ زيرڪ انسان مون کان صلاح گھري! مان تو جيتريون صلاحيتون ۽ خوبيون تھ ڪونھ ٿو رکان جو توکي ڪا مناسب صلاح ڏيان، پر اھو ضرور ٻڌايانءِ ٿو تھ مون پنھنجي پريشانين ۽ مشڪلاتن تي ڪيئن قابو پاتو؟ ھا! زندگيءَ ۾ جيڪي پريشانيون ۽ مشڪلون اسان آڏو اينديون آھن، اھي مشڪل ان ڪري لڳنديون آھن، ڇا لاءِ جو اسان انھن تي تمام گھڻي سوچ ويچار ڪندا آھيون.

ان تي قابو پائڻ ڪاڻ ڪاغذ جي ڪنھن ٽڪر تي پينسل سان نشان ڪري، ان جا ٻھ حصا ڪندو آھيان. ھڪ حصي تي پنھنجي پريشانين جا سبب لکندو آھيان ۽ پوءِ چئن پنجن ڏينھن تائين انھن تي ويچار ڪندو آھيان ۽ پوءِ ڪاغذ جي ٻئي حصي تي انھن تي قابو پائڻ جا طريقا لکندو آھيان ۽ پوءِ انھن طريقن تي سوچ ويچار ڪندو آھيان ۽ مٿن عمل ڪري پنھنجي پريشانين کان آجپو وٺندو آھيان. مان ڪنھن بھ معاملي تي ڪڏھن بھ تڙ تڪڙ ۾ ڪو قدم ڪونھ کڻندو آھيان ۽ منھنجي ان عادت مون کي خاصو فائدو پھچايو آھي. تون بھ ان نوڪري بابت ڀليءَ ڀت سوچي ويچار ڪري، پنھنجي بھترين مفاد ۾ ڪو فيصلو ڪر. تڙ تڪڙ يا اٻھرائي بلڪل نھ ڪجانءِ!

مان خلوص سان اھا خواھش ڪيان ٿو تھ تون پنھنجي زندگيءَ جي ان اھم موڙ تي ھڪ بھترين فيصلو ڪندين.

بيحد خلوص سان

تنھنجو فرينڪلن

آئون ايتري قدر پريشان رھندي ھئس جو ارڙھن ڏينھن تائين مون ڪا ٺوس غذا ڪونھ کاڌي ھئي

ڪيٿرائن فارمر مون کي ٻڌايو تھ: ”ٽي مھينا اڳ ايتري پريشان ھئس جو لڳاتار چار راتيون سمھي ڪانھ سگھيس ۽ لڳاتار ارڙھن ڏينھن تائين ڪا ٺوس غذا بھ ڪونھ کاڌم. ان وچ ۾ ايڏي پريشان رھيس جو کاڌي جي بوءِ کان ئي ڪرنڀ پئي لڳي. منھنجي ذھني ڪيفيت ايتري قدر خراب ھئي، جو مون وٽ ان اذيت جي اظھار ڪاڻ لفظ ئي ڪونھن، جن مان آئون گذريس پئي. سوچيندي ھئس تھ دوزخ ۾ بھ ايتري تڪليف ڇا ھوندي يا ڪھڙي اذيت ملندي ھوندي، جيڪا مون کي ھن دنيا ۾ ئي ڀوڳڻي پئي ٿي. لڳو پئي تھ پاڳل ٿينديس يا مري وينديس. پڪ ھئم تھ زندگي سولي ڪانھ گذاريندم.

مون لاءِ اھا ساعت صدوري ھئي، جڏھن ھن ڪتاب جي ايڊوانس ڪاپي مون کي پڙھڻ ڪاڻ ڏني وئي. گذريل ٽن مھينن کان ھن ڪتاب ۾ ٻڌايل طريقن ۽ واقعن موجب زندگي بسر پئي ڪريان. مون کي ڪتاب جي ھڪ ھڪ صفحي ۾ زندگي گذارڻ جو نئون ڍند نظر پئي آيو. ھن ڪتاب کي پڙھي منھنجي ذھن ۾ حيرت جھڙي تبديلي آئي ۽ جذبن ۾ يقين.

منھنجي ذھن ۾ پھريون جيڪو ڪم ايندو آھي، اھو ڪرڻ لڳندي آھيان ۽ ان کان پوءِ اھو ڪم ذھن تان لھي ويندو آھي.

جڏھن مان ڪنھن اھڙي منجھائيندڙ مسئلي ۾ ڦاسندي آھيان، جيڪو بيحد پريشان ڪندو ھجي تھ ھن ڪتاب جي ٻئي باب جي پھرين حصي ۾ ٻڌايل ٽن اصولن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آھيان. پھريائين پاڻ کي چوندي آھيان تھ وڌ ۾ وڌ ڇا ٿو ٿي سگھي؟ ٻيو اھو تھ مان ان کي ذھني طرح قبول ڪرڻ ڪاڻ تيار ھوندي آھيان ۽ ٽيون تھ مسئلي تي غور ڪندي آھيان ۽ ڏسندي آھيان تھ ان کي بھتر نموني ڪيئن ٿي حل ڪري سگھان؟

جڏھن بھ ڪنھن اھڙي مشڪل ۾ پوندي آھيان، جنھن مان نھ نڪري سگھان تھ ھڪ دعا گھرڻ شروع ڪندي آھيان تھ: ”رب پاڪ مون کي انھن ڳالھين کي بھ قبولڻ جي سگھھ عطا ڪري، سڪون عطا ڪري، جن کي قبول ڪرڻ ڪونھ چاھيندي ھجان. خدا پاڪ مون کي ان مشڪل جي بدلائڻ جي توفيق عطا ڪري ۽ اھڙي ھمت عطا ڪري، جيڪا مون کي انھن مشڪلن ۽ پريشانين جي حل ڪرڻ ڪاڻ درڪار ھجي.“

ھن ڪتاب جي پڙھڻ کان پوءِ مان پنھنجي زندگيءَ ۾ ھڪ وڻندڙ تاثر محسوس پئي ڪريان. ھاڻي مان پريشانيءَ ڪري پنھنجيون خوشيون ۽ صحت ڪونھ گنوائيندي آھيان. ھاڻي تھ نو ڪلاڪ رات جو ننڊ ڪندي آھيان، کاڌو بھ مزي سان کائيندي آھيان. منھنجي مت تي پيل پردو لھي ويو آھي ۽ عقل جا در کلي ويا آھن. ھاڻي مان پنھنجي چؤگرد خوبصورتي کي ڏسي ۽ محسوس ڪري سگھندي آھيان. خدا جو شڪر ڪندي آھيان جو ھن مون کي ھن خوبصورت ۽ شاندار دنيا ۾ جيئڻ لاءِ جيئرو رکيو آھي.

اوھان کي بھ اھو مشورو ڏيان ٿي تھ ھي ڪتاب سدائين بستري جي قريب رکو ۽ پڙھندا رھو ۽ ان ۾ اھڙيون مشڪلون پڙھو، جن جو اوھان سان واسطو ھجي يا رھيو ھجي. ھي رڳو پڙھڻ يا وقت ٽپائڻ وارو ڪتاب ڪونھي. ھي ھڪ رھبر ڪتاب آھي، رھنما ڪتاب آھي،جنھن ۾ مايوس ۽ پريشان ماڻھن واسطي ھڪ نئين جيون جي واٽ ڏيکاريل آھي.

”جان ڊي را ڪفيلر“ اڌاري وقت تي پنجيتاليھھ سال ڪيئن گذاريا؟

جان ڊي را ڪفيلر سنيز صرف ٽيويھن ورھين جي عمر ۾ ڏھن لکن ڊالرن جو مالڪ ھو. ٽيتاليھن ورھين ۾ ھو شايد دنيا جي سڀ کان وڏي اسٽينڊرڊ آئل ڪمپنيءَ جو مالڪ ھو، پر ٽيونجاھ ورھين ۾ سندس ڪھڙو حال ھو؟ ان عمر ۾ کيس پريشانيون وڪوڙي ويون ھيون، جنھن ڪري سندس صحت بگڙجڻ لڳي ھئي. سندس ھڪ دوست جو چوڻ آھي تھ ان عمر ۾ ھو ھڪ لاش جھڙو لڳندو ھو.

ٽيونجاھ سالن جي عمر ۾ را ڪفيلر کي ھڪ پراسرار قسم جي بيماري لڳي ھئي، جنھن ڪري نھ رڳو سندس مٿي جا وار اڏامي ويا، پر سندس ڀروون بھ اڏري ويون. تانجو پنبڙين جا وار بھ پرواز ٿي ويس. سندس دوست وينڪلر جو چوڻ آھي تھ را ڪفيلر جي حالت ايتري تھ خراب ھئي، جو سندس گذارو رڳو کير تي ھو. ڊاڪٽرن جي خيال ۾ کيس گنجي پڻ جي وبا ھئي، جيڪا عام طور اعصابي نظام ۾ خرابيءَ کان شروع ٿيندي آھي. را ڪفيلر وگ ڪتب آڻڻ لڳو. ھو ڏاڍيون مھانگيون وگون استعمال ڪندو ھو. ھڪ وگ جي قيمت پنج سؤ ڊالر ھئي ۽ ھن پنھنجي بچي سچي زندگي انھن وگن ۾ گذارڻ شروع ڪئي.

را ڪفيلر توانو انسان ھو. ھن پنھنجو ٻالڪپڻ ۽ نوجواني پنھنجي پيءُ جي ٻنيءَ تي ڪم ڪندي گذاري ھئي، جنھن ڪري سندس جسم جانٺو ھو. ٽيونجاھ سالن ۾ جڏھن انيڪ انسان سٺي صحت جا مالڪ ھوندا آھن، پر را ڪفيلر جا ڪلھا جھڪيل ھئا ۽ ھلندي ھلندي ٿيڙ کائيندو ھو. آئينو ڏسندو ھو تھ نماڻي حال ۾ چوندو ھو تھ مان پوڙھو ٿي ويو آھيان. بي انتھا گھٽ ڪم، نھ کٽندڙ پريشانين، اوجاڳيل راتين، ورزش ۽ آرام جي اڻاٺ کيس ختم ڪري رکيو ھو. ھو ھن وقت دنيا جو امير ترين شخص ھو، ان ھوندي بھ اھڙي خوراڪ کائڻ تي مجبور ھو، جنھن کان ھڪ عام مزور جو کاڌو بھ ھوند سٺو ھجي. ان وقت ھن جي ھڪ ھفتي جي آمدني ڏھ لک ڊالر ھئي، پر ان جي سادي غذا تي ھڪ ھفتي ۾ رڳو ٻھ ڊالر خرچ ٿيندا ھئا ھو رڳو ڪريم نڪتل کير ۽ ڪجھھ بسڪوٽ کائي سگھندو ھو. سندس بدن جو رنگ بھ بدلجي ويو ھو. ان عمر ۾ بھترين علاج، بيحد مھانگين دوائن ھوندي بھ اداس پئي رھيو.

ھن جي اھا حالت ڇا کان ٿي؟ پريشاني، صدمي، ڇڪ يا واپاري الجھن؟ بس انھن سڀني را ڪفيلر کي قبر جي ڪنڌيءَ تي رسائي ڇڏيو ھو. سندس دوستن جو چوڻ ھو تھ جوانيءَ ۾ ھڪ ڀيرو را ڪفيلر جڏھن انشورنس ڪرائڻ کان سواءِ چاليھن ھزارن ڊالرن جو اناج سامونڊي جھاز ۾ ڪنھن ٻئي ملڪ ڏانھن موڪليو تھ ان رات ھڪ وڏو سامونڊي طوفان آيو. را ڪفيلر ان کان ايترو تھ پريشان ٿيو جو ساري رات آفيس ۾ گذاريائين. صبح جو سندس پارٽنر آفيس پھتو تھ ان را ڪفيلر کي زمين تي ليٽيل ڏٺو. سندس دل تيزيءَ سان پئي ڌڙڪي. اوھان حيران ٿيندؤ تھ انشورنس رڳو ڏيڍ سؤ ڊالر ھئي.

ھن پارٽنر کي ڏسندي رڙ ڪري چيو تھ وڃي ڏس تھ ان جي انشورنس ٿي سگھي ٿي يا نھ؟ اڃا گھڻي دير ڪانھ ٿي آھي. سندس پارٽنر فورا ويو ۽ انشورنس حاصل ڪيائين. جڏھن موٽي آفس پھتو تھ را ڪفيلر کي ويتر خراب حالت ۾ ڏٺائين. ايتري ۾ تار پھتي تھ اناج صحيح سلامت پھچي ويو آھي. ھاڻي را ڪفيلر کي ان ڳالھھ جي پريشاني ھئي تھ ھن ھرو ڀرو انشورنس تي ڏيڍ سؤ ڊالر وڃايا. ذرا سندس ڪنجوسيءَ تي سوچيو. جنھن جي فرم ساليانو پنج لک ڊالر پئي ڪمايا، رڳو ڏيڍ سؤ ڊالرن ڪاڻ ايڏو پريشان ھو جو وڃي کٽ سان لڳو.

را ڪفيلر وٽ راند روند يا تفريح ڪاڻ ڪو وقت ڪونھ ھو. کيس سدائين ڊالرن ڪمائڻ جي ڳڻتي ھئي. جڏھن سندس پارٽنر جارج ھڪ پراڻي ٻيڙي ٻين ماڻھن سان گڏجي خريد ڪئي تھ را ڪفيلر ڏاڍو ڪاوڙيو ھو توڙي جو ان ٻيڙيءَ جي قيمت رڳو ٻھ ھزار ڊالر ھئي ۽ جارج ڇڙا پنج سؤ ڊالر ڏنا ھئا.

ھڪ ڏينھن آفيس ۾ ڪم ڪندي جارج را ڪفيلر کي چيو تھ اسان ڪجھھ دير ڪاڻ ٻيڙيءَ ۾ سير ڪيون تھ تنھنجي طبيعت خوش ٿي پوندي. ٿوريءَ دير لاءِ بزنس کي وساري ڇڏ ۽ ڪجھھ سير سپاٽو ڪر. اھو ٻڌندي ئي ھن ڪاوڙ مان جارج کي ڏٺو ۽ چيو تھ جارج! تون ڏاڍو فضول خرچ ٿيندو وڃين ٿو. تون بئنڪ ۾ موجود پنھنجي ۽ منھنجي رقم برباد پيو ڪرين. تون اسان جي بزنس کي تباھ پيو ڪرين. مان تنھنجي ٻيڙي ۾ سير ڪندس نڪي اھا ڏسندس. ان کان پوءِ ھن ڇنڇر جي سموري ٻيپھري آفيس ۾ ويھي گذاري ڇڏي.

را ڪفيلر پنھنجي سموري زندگي ۾ تفريح جھڙن مشغلن کان محروم رھيو. ڪيترن ورھين کان پوءِ ھن چيو تھ مان رات جو سمھڻ کان اڳ ۾ اھو ضرور سوچيندو ھوم تھ منھنجي اھا عارضي ڪاميابي تھ ڪانھيئ ھو ڪڏھن بھ ڪلب ڪونھ ويو، ڪڏھن ٿيٽر وڃڻ جي تڪليف ڪانھ ڪيائين، تاس نھ کيڏيو ۽ ڪنھن دعوت يا پارٽيءَ تي ڪونھ ويو. سندس ھڪ معاون جو چوڻ آھي تھ ھو پئسن پويان پاڳل ھو. ھو ٻين معاملن ۾ وڏي شعور وارو ھو. اوھان ساڻس ڳالھائيندي محسوس ئي ڪونھ ڪيو ھوندو تھ ھو ھڪ نارمل انسان ڪونھي. پر جاتي رقم جو معاملو ھجي، ڏيتي ليتي ھجي تھ ھو پاڳل ٿي پوندو ھو.

را ڪفيلر ھڪ ڀيري پنھنجي پاڙيسري سان اقرار ڪيو تھ ھن جي خواھش آھي تھ ڪوبھ ساڻس محبت ڪري. ماڻھو کيس پسند ڪن پر سندس پاڙيسريءَ موجب اھا سڌ رکندڙ ماڻھو پنھنجي برتاءَ ۾ بيحد شڪي، سرد مھر ھو. کيس رڳو ٿورا ماڻھو ئي پسند ڪندا ھوندا. ھڪ ڀيري ورگن نالي ھڪ واپاريءَ ساڻس واپار ڪرڻ جو ارادو ظاھر ڪيو تھ را ڪفيلر رھڙ ڏنس. ھن چيو تھ مان ھن سان وھنوار ڪونھ ڪندس. را ڪفيلر جو پنھنجو ڀاءُ ھن کان سڀ کان وڌيڪ نفرت ڪندو ھو. سندس شڪل ڏسڻ بھ ڪونھ چاھيندو ھو. ھن پنھنجن مئن ٻارن جا لاش، جيڪي را ڪفيلر جي زمين ۾ دفن ھئا، قبرن مان ڪڍي ڪنھن ٻئي ھنڌ دفن ڪري ڇڏيا. ھن جو چوڻ ھو تھ سندس ٻچڙا را ڪفيلر جھڙي غليظ ترين شخص جي زمين ۾ ڪھڙي ابدي ننڊ ڪندا؟

را ڪفيلر جي مختلف فيڪٽرين ۽ ڪمپنين ۾ ڪم ڪندڙ ملازم ان کان سدائين خوف کائيندا ھئا ۽ ٻئي پاسي ھو پاڻ بھ انھن ملازمن کان ڊڄندو ھو. کيس شڪ پوندو ھو تھ سندس ملازم آفيس مان نڪري ٻاھر وڃي ماڻھن کي سندس ڪاروباري ڳالھين کان آگاھ ڪندا. انسانن تي سندس اعتبار ايتري قدر گھٽ ھيو جو ھڪ لڱا ھن ڪنھن اداري سان ڏھن سالن جو معاھدو ڪيو. ان معاھدي جو ھڪ مک شرط اھو بھ ھو تھ اداري جو مالڪ ھن معاھدي بابت ڪنھن سان بھ، تانجو پنھنجي زال سان بھ گفتگو ڪونھ ڪندو. سندس مقولو ھو تھ وات بند رکو ۽ ماٺ ميٺ سان ڌنڌو ھلايو.

۽ پوءِ جڏھن ھو خوشحالين جي بلندين تي ھيو ۽ سندس وسيع ڪاروبار ائين پيو سون اوڳاري، جيئن ٻرندڙ پھاڙ لاوا ڪڍندو ھجي، سندس ذاتي زندگي سڀئن پرئين ختم ٿي چڪي ھئي. اخبارن ۾ را ڪفيلر جي اسٽيڊرڊ آئل ڪمپني خلاف ٽيڪسن جي چوري ۽ ڌنڌي ۾ پنھنجي مخالف ادارن کي زبردستي ختم ڪرڻ بابت مضمون پئي شايع ڪيا ويا.

پينسلوينيا ۾ تيل جو ڪاروبار ڪندڙ ٻين ڪمپنين جا مالڪ را ڪفيلر کان سخت نفرت ڪندا ھئا. نوڪر بھ کانئس نفرت ڪندا ھئا. ڪيترا ئي ڀيرا پينسلوينيا ۾ را ڪفيلر جا بوتا جلايا ويا، انھن کي ڦاھيون ڏنيون ويون. ڪي ماڻھو کيس جيئري جاڳندي وڻ ۾ لڙڪائي ڦاھو ڏيڻ چاھيندا ھئا. کيس دڙڪن وارا خط ملندا ھئا ۽ ڪئين ڀيرا مڇريل ماڻھن سندس آفيس تي پٿر بھ وسايا ھئا. را ڪفيلر ان کان ايترو تھ خوفزده ھوندو ھو جو ھن پنھنجي حفاظت لاءِ گارڊ رکڻ شروع ڪيا. ھن پاڻ ڏانھن وڌندڙ نفرت جي طوفان کي روڪڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. ھڪ ڀيري ھن چيو ھو تھ: ”مون کي ڀلي گاريون ڏيو، مون کان نفرت ڀلي ڪندا رھو، پر مون کي پنھنجي مرضي جي زندگي گذارڻ ڏيو.“

پر جلد ئي پتو پئجي ويو تھ نيٺ ھو بھ ھڪ انسان آھي. ھو پنھنجي خلاف نفرت کي گھڻو برداشت ڪونھ ڪري سگھندو ھو، گھڻي عرصي تائين پريشان ڪونھ رھي سگھندو ھو. سندس صحت برباد پئي ٿي. ھن وقت تائين پنھنجي بيشمار ڪاروباري دشمنن جو اعتماد سان مقابلو ڪندو آيو ھو، پر پنھنجي بيماريءَ سان وڙھڻ ۾ ناڪام ٿي ويو، جيڪا کيس اندران اندران کائيندي پئي رھي. پھريائين ھن ڏاڍي ڪوشش ڪئي تھ بيماريءَ کي پاڻ تي حاوي نھ ٿيڻ ڏي ۽ ٻين کي محسوس ٿيڻ نھ ڏي تھ ھو بيمار آھي. پر اوجاڳن، بدھضمي، وارن جو تيزيءَ سان ڪرڻ ۽ پريشانيءَ جا سمورا اھڙا اثر ھئا، جن کي لڪائي ڪونھ پيو سگھجي. نيٺ سندس ذاتي ڊاڪٽرن ان جي بيماريءَ جي ھولناڪ حقيقت کان کيس آگاھ ڪري ڇڏيو. انھن صاف اکرن ۾ چئي ڏنو تھ ھو پنھنجي دولت جي ڳڻتي ۽ بيماريءَ مان ڪنھن ھڪ کي چونڊي. ڊاڪٽر ٻڌايس تھ يا تھ ڪاروبار کان رٽائرڊ ٿئي يا مرڻ لاءِ تيار ٿئي.

پر ان کان اڳ جو ھو رٽائرڊ ٿئي ھا، لالچ، فڪرن، ڳڻتين ۽ انديشن اڳ ۾ ئي سندس صحت بريءَ طرح برباد ڪري ڇڏي ھئي. جڏھن آمريڪا جي جڳ مشھور آتم ڪٿائون لکندڙ ڪمپنيءَ جي ايڊ ايٽمريل ان کي ڏٺو تھ ڏاڍو صدمو ٿيس. ھن چيو تھ مون کي مٿس ڏاڍو رحم آيو. ان وقت را ڪفيلر جي آئل ڪمپنيءَ جي خلاف ڪتاب پئي لکيائين. ھن وٽ را ڪفيلر لاءِ ھمدردي جا جذبا نھ ھجڻ کپن ھا.

پر ان ھوندي بھ ھن اھو چيو تھ را ڪفيلر کي ڏسي منھنجي دل ۾ ھمدرديءَ جا جذبا اڀري آيا. مان ان باري ۾ سوچي بھ ڪانھ پئي سگھيس. ان گھڙيءَ مون کي احساس ٿيو تھ خوف کان وڌيڪ اوھان جو ڪو بھ خطرناڪ دشمن ڪونھ ٿو ٿي سگھي.

جڏھن را ڪفيلر جي ذاتي معالجن سندس بيماريءَ جي علاج جو ارادو ڪيو تھ کيس ٽي صلاحون ڏنائون ۽ انھن تي عمل ڪرڻ جو سخت تاڪيد ڪيائون:

1.        پريشانيءَ کان بچو. ڪنھن بھ حالت ۾، ڪنھن بھ ڳالھھ ڪاڻ پريشانيءَ کي اوڏو اچڻ نھ ڏيو.

2.       آرام ڪيو. روزانو کليل ھوا ۾ ورزش ڪيو. گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ڪلاڪ روزانو ورزش ڪرڻ سٺي ڳالھھ آھي.

3.       پنھنجي خوراڪ جو خاص خيال رکو ۽ جڏھن ٿوري بک رھجي وڃي تھ کائڻ روڪيو ۽ ان ڏس ۾ ڪابھ بد پرھيزي نھ ڪيو.

جان ڊي را ڪفيلر انھن صلاحن تي سختيءَ سان عمل ڪيو ۽ ڊاڪٽر سندس زندگي بچائڻ ۾ سوڀارا ٿيا. را ڪفيلر پنھنجو ڪاروبار پنھنجن ٻارن جي حوالي ڪري ڇڏيو. ھن گالف کيڏڻ شروع ڪئي، باغبانيءَ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو، پاڙي وارن سان لڳ لاڳاپا وڌايائين، تاس کيڏڻ ۽ ڪڏھن ڪڏھن ھلڪي ڦلڪي موسيقي ٻڌڻ لڳو.

پر ان کان پوءِ بھ ھن ڪجھھ ڳالھين تي عمل ڪيو. سندس ھڪ دوست رينڪلر ٻڌايو تھ را ڪفيلر ھاڻي ٻين جي باري ۾ سوچيندو ھو ۽ اھو ڪونھ سوچيندو ھو تھ فلاڻي سودي ۾ ڪيترو نفعو ڪمائيندو؟ پر اھو سوچيندو ھو تھ ان نفعي مان پنھنجي لاءِ ڪيتريون خوشيون خريد ڪري سگھندو ۽ ٻين ۾ ڪيتريون ورھائي سگھندو؟

اوھان حيران ٿيندؤ تھ ان کان پوءِ را ڪفيلر لکين ڊالر ضرورتمندن ۾ ورھائڻ شروع ڪيا ۽ ڪيترن ئي خيراتي ادارن کي چندا ڏيندو ھو ۽ جڏھن ھڪ ڀيري ھڪ گرجا کي چندو ڏنو ويو تھ ساري ملڪ جي گرجائن احتجاج ڪيو تھ ھو پنھنجي حرام جي ڪمائي مذھبي ڪمن تي صرف پيو ڪري. پر را ڪفيلر کي ڪنھن جي ڪاڻ ڪانھ ھئي. نھ انھن ڳالھين جي ڪا پرواھ ھئي. ھڪ ڀيري پتو پيو تھ مشي گن ۾ ھڪ ڪاليج مالي دشوارين ڪري بحران جو شڪار آھي تھ ھن ڪاليج کي لکين ڊالر امداد ڏنو ۽ اھا ڪاليج نئين سر ٺھرائي. ھن ڪارن جي بھ بي انداز ڪدد ڪئي ۽ ڪارن جي تعليمي ادارن کي بھ دل کولي امداد ڏيندو ھو.

ھڪ ڀيري جڏھن آمريڪا ۾ ھڪورم نالي ھڪ مرض پکڙيو تھ Hock worm را ڪفيلر ان مرض جي روڪ ڪاڻ حد کان وڌيڪ امداد ڏنو. جڏھن ڊاڪٽر چارلس اھو اعلان ڪيو تھ ان مرض جي علاج ڪاڻ ھڪ ھڪ آمريڪي تي پنجاھ پنجاھ سينٽ خرچ ايندو تھ را ڪفيلر ڏکڻ آمريڪا ۾ ان تي ايندڙ سمورو خرچ ھيکل برداشت ڪيو. ان کان بھ اڳتي وڌي ھن امدادي، فلاحي ۽ رفاھي ڪم ڪيا. ھن ”را ڪفيلر فائونڊيشن“ جي نالي سان ھڪ ادارو قائم ڪيو، جنھن جو مقصد ساريءَ دنيا ۾ بيمارين ۽ جھالت جو مقابلو ڪرڻ ھو.

مان ذاتي طور را ڪفيلر جي ڏاڍي عزت ڪندو آھيان ۽ بنان ڪنھن ھٻڪ جي مڃيندو آھيان تھ انھيءَ را ڪفيلر فائونڊيشن ھڪ ڀيري منھنجي جان بھ بچائي ھئي. چڱيءَ طرح ياد اٿم تھ 1932ع ۾ ھڪ لڱا جڏھن چين ۾ ھوس تھ پيڪنگ بري طرح مليريا جي لپيٽ ۾ ھئي. چيني راھڪ ليکن جان مرندا پيا رھن تھ اتي را ڪفيلر ڪاليج مان انھن کي ھر قسم جي مدد ڏني ويئي. حفاظتي ٽڪا لڳايا ويندا ھئا ۽ ان ڏس ۾ اتي رھندڙ آمريڪي ۽ چيني شھرين جو ڪو مت ڀيد روا ڪونھ رکيو ويو ھو. مون لاءِ اھو پھريون موقعو ھو جو مون پاڻ ان ڳالھھ جو اندازو لڳايو تھ را ڪفيلر پنھنجا ڪمايل ڪروڙين ڊالر ڪيئن کپائيندو ھو؟

را ڪفيلر فائونڊيسن کان اڳ دنيا ۾ اھڙو ڪوبھ ادارو ڪونھ ھو. ھي پنھنجي نوعيت جو ھڪ عظيم ادارو ھيو. را ڪفيلر کي سڌ ھئي تھ دنيا ۾ ڪيترا ئي رفاھي ڪم آھن، جن کي عظيم ماڻھو انجام ڏيندا اھن. ”را ڪفيلر فائونڊيشن“ ھڪ تحقيقاتي ادارو بھ قائم ڪيو، جنھن ۾ مختلف قسمن جي بيمارين جا سبب ۽ سندن علاج دريافت ڪيا ويندا آھن. اڄ اوھان کي پينسلين نالي انجيڪشن بابت جان ڊي را ڪفيلر جو ٿورائتو ھجڻ گھرجي، جنھن تي ايندڙ ريسرچ جو ان جي فائونڊيشن ڪئي ھئي. ان فائونڊيشن مليريا، انفلوئنزا، پيچش ۽ گردن ٽوڙ بخار بابت قيمتي خدمتون انجام ڏنيون. ھاني اوھان جا ٻار گردن ٽوڙ بخار ڪري ڪونھ مرندا.

پڪ سان اوھان اھو سوچيندا ھوندؤ تھ را ڪفيلر کي ايتري دولت خير جي ڪمن تي خرچ ڪرڻ کان پوءِ ڪجھھ ذھني ۽ جسماني سڪون مليو ھوندو. ھائو، ھو سچ پچ تھ پرسڪون رھڻ لڳو ھو. ھن پاڻ کي ايتري قدر بدلائي ڇڏيو ھو جو بلڪل فڪرمند ڪونھ ٿيندو ھو. ھن پنھنجي بھترين ڪيريئر ھڪ عظيم شڪست کان پوءِ بھ فڪرمندي يا پريشاني ظاھر ڪانھ ڪئي ۽ ان رات بھ ڏاڍي سڪون سان ستو ھو.

اھا شڪست ان وقت ٿي جڏھن سندس قائم ڪيل عظيم الشان اسٽينڊرڊ آئل ڪمپنيءَ کي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو ڏنڊ ڀرڻ جو حڪم مليو. آمريڪي حڪومت موجب اسٽينڊرڊ آئل ڪمپنيءَ آمريڪي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي. را ڪفيلر ۽ حڪومت وچ ۾ پنج سال ڪيس ھليو. ٻنھي طرفين آمريڪا جي برک ترين وڪيلن بحث ڪيو، پر اسٽينڊرڊ آئل ڪمپني ڪيس ھارائي وئي.

جڏھن عدالت جي جج ٺيئرس صاحب پنھنجو فيصلو ٻڌايو تھ صفائيءَ جا وڪيل ڏاڍا پريشان ٿيا، ڇاڪاڻ تھ سندن خيال ۾ جان ڊي را ڪفيلر ان فيصلي جو گھڻو اثر وٺندو. پر کين پتو ئي ڪونھ ھو تھ ھو گھڻي قدر بدلجي ويو آھي.

ڪيس جي فيصلي ٿيڻ کان پوءِ رات جو را ڪفيلر جي وڪيل کيس فون ڪيو ۽ فيصلي جي مختلف رخن تي ڳالھيون ڪيون. آخر ۾ ھن ڳڻتي واري انداز ۾ را ڪفيلر کي چيو تھ کيس ان فيصلي جو ايڏو گھڻو اثر قبولڻ نھ کپي. رات جي ننڊ پوري ڪرڻ کپي ۽ جان ڊي را ڪفيلر وراڻيو تھ مسٽر جانسن! فڪر نھ ڪيو. مان گھري ننڊ جو ارادو رکان ٿو ۽ اوھان جي ننڊ بھ خراب ڪرڻ ڪونھ ٿو چاھيان. گڊ نائيٽ!

ھيءَ انھيءَ را ڪفيلر جي ڪھاڻي آھي، جيڪو ڍيڍ سؤ ڊالر جي انشورنس ڪرائڻ کان مئو پيو وڃي ۽ پنھنجو بسترو بھ آفيس ڏانھن کڻي ويو ھو. ٺيڪ آھي، ان کي بدلجڻ ۾ ھڪ عرصو لڳو پر اھو را ڪفيلر جيڪو ٽيونجاھ سالن جي عمر ۾ مئو پئي، اھو اٺانوي سال جيئرو رھيو.

*

مون کي پيٽ ۾ شديد سور پوندو ھو

ڪيمرون شپ پنھنجي ڪھاڻي ھيٺين لفظن ۾ ٻڌائي تھ:

”مان ڪيترن ئي سالن کان ڪيليفورنيا جي وارنر برادرز اسٽوڊيو جي پبلسٽي جي شاخ ۾ ڪم ڪندو ھوس. پنھنجي ڪم مان خوش ھوس. ان وقت فيچر رائيٽر ھوس. مان وارنر برادرز جي فلمن ۾ ڪم ڪندڙ اداڪارن ۽ اداڪارائن بابت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون لکندو ھوس.

ھڪ ڏينھن اوچتو ئي اوچتو مون کي ترقي ڏئي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بنايو ويو. حقيقت ۾ اھا ھڪ انتظامي تبديلي ھئي ۽ مون کي پرڪشش لقب ڏنو ويو: ايڊ مسٽريٽو اسسٽنٽ.

ھن عھدي کي سنڀالڻ کان پوءِ ھڪ خوبصورت آفس ڏني وئي، جتي فرج بھ موجود ھئي. منھنجي رھنمائي لاءِ ٻھ سيڪريٽريون بھ موجود ھيون. سٺا سؤ کن ماڻھو ماتحت ھئم، جن ۾ فيچر، رائيٽر، ڪلارڪ، ٽائپسٽ ۽ ٻيا شامل ھئا. مان ان نئين ماحول کان ڏاڍو متاٿر ٿيس. پنھنجي پھرين پگھار وٺندي ئي شاپنگ تي ھليو ويس. پنھنجي ڪاڻ ھڪ بھترين سوٽ ورتم. ھاڻي مان ملندڙن سان سھڻي سليقي سان ملندو ۽ ڳالھائيندو ھوس. مون پنھنجي آفيس ۾ فائيلن کي ترتيب سان رکڻ ڪاڻ ھڪ ڪيبنٽ گھرائي ورتي ۽ ٽي ڪلارڪ ان ڪم تي لڳائي ڇڏيا. مان پنھنجي آفيس ۾ پوري اعتماد ۽ ذميواريءَ سان، خود اعتمادي ۽ خوش اسلوبيءَ سان فيصلا ڪندو ھوس، پر وقفي وقفي سان ڪجھھ نھ ڪجھھ کائيندو پيئندو بھ رھندو ھوس.

مان سمجھي ويٺو ھوس تھ وارنر برادرز جي عام تعلقاتن جي پاليسي کي ترتيب ڏيڻ جي ساري ذميواري منھنجي سر تي آھي ۽ فلمي دنيا جون نامور ھستيون، بيٽي ڊيوس، اوليو باڊي، ھيوي لينڊ، جيمز ڪنگسن، ايڊورڊ جي، رافين، ارل فلائين، ھمفري بوگاٽ، اين شريڊن، ايلڪيئر سمٿ ۽ ايلن ھيل جي نجي ۽ فلمي زندگي منھنجي رحم و ڪرم تي آھي.

ان عھدي تي صرف ھڪ مھيني ۾ مون کي السر جي بيماري ٿي پئي. شايد ڪينسر بھ بڻجي سگھي پئي.

ھن وقت منھنجي اھم ترين ذميواري وار ايڪٽيويٽر جي چئرمين جي حيثيت سان ھئي، جيڪا اسڪرين گلڊ جي قائم ڪيل ڪاميٽي ھئي ۽ مان پنھنجي انھيءَ ذميواريءَ تي بيحد خوش ھوس، ڇو تھ ان حيثيت ۾ گلڊ جي اجلاسن ۾ ڪيترن ئي دوستن سان ملاقاتيون ڪري خوش ٿيندو ھوس. پر معدي جي السر ڪري اھي ملاقاتيون تشويش جو ڪارڻ پئي ٿيون. ھر ملاقات بعد منھنجي حالت ڪافي بگڙي ويندي ھئي. اڪثر گھر موٽندي معدي ۾ سور محسوس ٿيندو ھو تھ مان پنھنجي ڪار رستي ۾ روڪي ڇڏيندو ھوس ۽ سور جي شدت گھٽجڻ کان پوءِ ٻيھر ڪار ھلائيندو ھوس. منھنجي ڪم جي نوعيت اھڙي ھئي جو مون کي ٿوري وقت ۾ گھڻو ڪم ڪرڻو پوندو ھو ۽ اھو سڀ ڪجھھ ڪافي اھم ھو ۽ مان انھن سڀني ڪمن ڪاڻ ناموزون ھوس.

مان ڪوشش ڪري بھ ڪوڙ ڳالھائي ڪونھ سگھندو ھوس ۽ اوھان يقين ڪريو تھ منھنجي سموريءَ زندگيءَ ۾ اھڙي خطرناڪ بيماري ٻي ڪانھ ھئي. منھنجو وزن گھٽجڻ لڳو، سمھي ڪونھ سگھندو ھوس ۽ سور جيڪو ڪڏھن ڪڏھن پوندو ھو، سو ھاڻي مسلسل رھڻ لڳو ھو.

مون ھڪ بھترين ڊاڪٽر کي ڏيکاريو. منھنجي ھڪ دوست ان ڊاڪٽر سان تعارف ڪرايو ۽ ڊاڪٽر مون کي پوريءَ طرح چيڪ ڪيو. مان پوريءَ طرح کيس پنھنجي تڪليف کان آگاھ ڪيو. مون محسوس ڪيو تھ ان کي منھنجي بيماريءَ کان وڌيڪ منھنجي ملازمت سان دلچسپي ھئي. پر جلدي ئي منھنجي غلط فھمي ڪافور ٿي ويئي. ٻن ھفتن تائين ھن منھنجيون سموريون ٽيسٽون ورتيون. ايڪسريز ڪيا ۽ ان کان پوءِ جيڪي بھ رپورٽون تيار ٿيون، اھي ڊاڪٽر وٽ کڻي ويس.

ڊاڪٽر ڪرسي کي ٽيڪ ڏيندي چيو تھ: ”مسٽر شپ! اسان تنھنجيون سموريون ٽيسٽون ورتيون. انھن جون رپورٽون بھ اچي ويون آھن. ڇو تھ اھي ٽيسٽون بيحد ضروري ھيون. جيتوڻيڪ مون پھريائين اوھان جو معائنو ڪيو ھو تڏھن بھ اوھان کي ڪو السر ڪونھ ھو، پر جيئن تھ اوھان جي حيثيت وارا ماڻھو سولائيءَ سان قائل ڪونھ ٿيندا آھن، ان ڪري بھ اھي سموريون ٽيسٽون ڪرائڻيون پيون ۽ انھن رپورٽن مان ظاھر آھي تھ اوھان کي السر ڪونھي.“

ھن مون کي سموريون رپورٽون ۽ ايڪسرا ڏيکاريا ۽ پوري پوري وضاحت سان انھن بابت ٻڌايو. سندس وضاحتن تي مون کي ويساھ اچي ويو تھ مون کي معدي جو السر ڪونھي.

ان کان پوءِ ڊاڪٽر چيو تھ مان ڄاڻان ٿو تھ انھن سمورين ٽيسٽن ۽ ايڪسرن تي اوھان جي چڱي خاصي رقم خرچ ٿي آھي، پر ان جو اوھان کي وڏو فائدو بھ رسيو آھي ۽ ھاڻي جيڪو نسخو اوھان کي ڏيان ٿو، اھو آھي تھ ڪنھن بھ معاملي ۾ پاڻ تي ڪنھن بھ پريشاني کي غالب اچڻ نھ ڏيندا ڪريو.

مان ڳالھائڻ لڳس تھ ڊاڪٽر مون کي روڪيو ۽ چيو تھ مون کي محسوس ٿيو آھي تھ اوھان فورا ئي ان نسخي تي عمل ڪونھ ڪندؤ، ان ڪري اوھان کي ٽيڪ ڏيندس. يعني ڪجھھ گوريون. جيتريون وڻن اوتريون کائو. اھي کپنديون تھ ٻيون ڏيندس. انھن جي استعمال سان اوھان کي ڪو نقصان ڪونھ ٿيندو، مگر اھي اوھان کي آرام ڏينديون.

مگر ھڪ ڳالھھ ياد رکجو تھ اوھان کي انھن گورين جي ڪابھ ضرورت ڪانھي. اوھان کي ڪرڻو رڳو اھو آھي تھ ڪنھن بھ معاملي ۾ پريشان ڪونھ ٿيندا ڪريو. ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن اوھان پريشانيءَ کي عادت بنائي ڇڏيو تھ ٻيھر ھتي اچڻو پوندؤ ۽ ٻيھر اچڻ تي اوھان کان تمام وڌيڪ فيس چارج ڪندس. ان لاءِ رڳو اھا ھڪ ڳالھھ ياد رکو تھ پريشان رھڻ ئي ڇڏي ڏيو.

منھنجي خواھش ھئي تھ ان سبق جو مون تي فوري اثر ٿئي ھا ۽ منھنجيون پريشانيون ھڪدم ختم ٿي وڃن ھا، پر ائين ڪونھ ٿيو. مان ڪئين ھفتا ڊاڪٽر جون ڏنل گوريون کائيندو رھيس. جڏھن بھ پريشاني لڳي، فورا گوري کاڌم، فورا اثر ٿيو ۽ پريشاني وساري ويٺس.

پر ڏاڍو چريو ھوس جو اھي گوريون کائيندو رھيس. مان جسماني طور مضبوط ماڻھو آھيان. لنڪن جيڏو ڊگھو آھيان ۽ ٻھ سؤ پونڊ وزن اٿم. ان ھوندي بھ آرام ڪاڻ گوريون کائڻ تي مجبور ھوس. جڏھن دوست پڇندا ھئم تھ اھي گوريون ڇو پيو استعمال ڪريان؟ تھ انھن کي حقيقت ٻڌائيندي شرمندگي ٿيندي ھئي. ھوريان ھوريان ان پنھنجيءَ حماقت تي کل اچڻ لڳي. مون پاڻ کي چيو تھ ڏس او ڪيمرون شپ! تون ھڪ بيوقوف انسان جھڙيون حرڪتون پيو ڪرين. تون پنھنجي ڪم ۽ ڪارگذارين کي ضرورت کان وڌيڪ ڳنڀيرتا سان وٺين ٿو. بيٽي ڊيوس، جيمز گينگني توڙي ايڊورڊ جي رانسن تنھنجي ڪيريئر کان اڳ ۾ عالمي شھرت رکندڙ فلمي ستارا ھئا ۽ انھن کي تنھنجي فيچرن جي ڪا گھرج ڪانھ ھئي. تون مري بھ ويندين تھ وارنر برادرز ۽ اھي سمورا فلمسٽار توکان سواءِ بھ ڪم ھلائيندا رھندا ۽ تنھنجي جاءِ والارڻ لاءِ بيشمار ماڻھو ملندن. آئزن ھاور، جنرل مارشل، جنرل سڪاٿر، جمي ڊوليٽل ۽ ايڊرل ڪنگ کي ڏس. اھي گولين جو استعمال ڪندي جنگ پيا وڙھن ۽ تون اسڪرين گلڊ جي وار ايڪٽو ڪاميٽيءَ جي چيئرمين جي حيثيت سان پنھنجيون ذميواريون نڀائڻ ڪاڻ بھ انھن گورين جو محتاج آھين.

ٿورن ئي ڏينھن ۾ مون سموريون گوريون اڇلائي ڇڏيون ۽ ان کان پوءِ دستور موجب پنھنجو ڪم ڪرڻ کان پوءِ گھر ھليو ايندو ھوس. ھوريان ھوريان منھنجي زندگي معمول تي اچي وئي ۽ پوءِ ڪڏھن بھ ڪنھن بھ ڊاڪٽر وٽ ڪونھ ويس.

پر مان ان ڊاڪٽر کي ڪڏھن ڪونھ وساري سگھندس. ھن مون کان جيڪا فيس ورتي، توڙي جو اھا تمام ڳري ھئي، پر ان مون کي جيڪو سبق ڏنو، اھو ڏاڍو قيمتي ھو. ھن مون کي پاڻ تي کلڻ سيکاريو. ڊاڪٽر سنجيدگيءَ سان صلاح ڏني تھ ”ڪنھن بھ معاملي ۾ پريشان ڪونھ ٿيان.“ ان جي صلاح منھنجي حياتيءَ جي اصلاح ڪري مون کي نئون جيئدان ڏنو. ھن مون کي گوريون ڏنيون منھنجي نفسياتي اطمينان لاءِ نھ ڪي علاج ڪاڻ. جيتوڻيڪ کيس معلوم ھو ۽ جيئن اڄ مون کي معلوم آھي تھ اھي گوريون منھنجي السر جي علاج ڪاڻ ڪونھ ھيون. علاج رڳو ۽ رڳو ذھني رويي ۾ پوشيده ھوندو اٿو.

مان دنيا جو تمام وڏو گڏھ ھوس

وڪري جا پنج بھترين اصول ترتيب ڏيندڙ عالمي شھرت واري شخص پرسي وائيٽنگ جو داستان تھ اوھان ضرور ٻڌڻ چاھيندؤ.

مان مختلف وقتن تي، مختلف بيمارين سببان مرندو رھيو ھوس. مان ڪنھن وڏيءَ بيماريءَ ۾ مبتلا ھوس. مون تي جنون طاري ھوندو ھو. منھنجي بابي جو ھڪ ڊرگ اسٽور ھو. منھنجي پالنا ۽ واڌ ويجھھ انھيءَ اسٽور تي ٿي ھئي. مان ھر ڊاڪٽر، ھر نرس سان ڳالھائيندو ھوس، تنھن ڪري عام ماڻھوءَ جي نسبت ۾ مون کي ڪيترين ئي بيمارين بابت وڌيڪ معلومات ھوندي ھئي. مان ايٽاج ڏسي بھ ٻڌائيندو ھوس تھ ڪھڙي بيماري آھي؟ مون کي ڪو عام قسم جو جنون ڪونھ چڙھندو ھو. مون ۾ ان جنون جا آثار بھ ھوندا ھئا. مان ڪنھن بھ بيماريءَ جي باري ۾ ھڪ يا ٻھ ڪلاڪ پريشان ٿيندو ھوس ۽ وري منھنجي اندر ۾ ان بيماريءَ جا سمورا اثر پيھجي ويندا ھئا.

مون کي ياد آھي تھ مليا چوسئس جي شھر گريٽ پيرنگٽن ۾، جاتي اسان رھندا ھئاسون، ھتي دستن جي وبا پکڙي. مريض ڏينھن رات اسان جي اسٽور تان دوائون وٺڻ ايندا ھئا. مان سمورن مريضن کي دوائون وڪڻدو ھوس ۽ اھا بيماري مون کي بھ اچي لڳي، جنھن جو ڀؤ ھيو. مان بستري تي پئجي رھيس ۽ پريشان رھڻ لڳس. ڊاڪٽر کي گھرايم، جنھن مھنجو سمورو طبي معائنو ڪيو ۽ چيو تھ پرسي! توکي دستن جي بيماري آھي، پر پريشان ٿيڻ جي گھرج ڪانھي. مون ڊاڪٽر جي ڳالھھ کڻي ڳنڍ ۾ ٻڌي ۽ بيماريءَ کي ذھن مان ڪڍي ڇڏيم ۽ سمھي پيس. ننڊ ڪري صبح جو جاڳيس تھ منھنجي حالت بلڪل ٺيڪ ٺاڪ ھئي ۽ مون کي ڪابھ تڪليف ڪانھ ھئي.

اڄ مون کي پنھنجين ڳالھين تي کل ايندي آھي تھ مان ڪنھن بيماري بابت سوچيندو ھوس ۽ ٻن ڪلاڪن اندر اھا بيماري لڳندي ھئم. ايمان سان ٻڌايان ٿو تھ تن ڏينھن ۾ سچ پچ بھ قبر ۾ پير لڙڪايون ويٺو ھوندو ھوس ۽ ڪڏھن بھ مري پئي سگھيس. ھڪ ڀيري سرديءَ جي موسم ۾، جڏھن پنھنجي لاءِ سوٽ خريد ڪرڻ لڳس تھ دل ۾ خيال آيو تھ ڇا مون کي اھو سوٽ خريد ڪرڻ کپي يا نھ؟ ڇاڪاڻ جو مون کي جلد ئي مرڻو آھي تھ پوءِ پئسن وڃائڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي؟ پر گذريل ڏھن سالن کان منھنجي حالت سڌرندي پئي وڃي ۽ گذريل ڏھن ورھين ۾ ھڪ ڀيرو بھ ڪونھ مئو آھيان. اھو منھنجو وھم ھو. پنھنجيون پريشانيون مون کي ان حد تائين وٺي ويون ھيون، جو مان روز پنھنجي زندگيءَ کان بيزار ٿيندو ھوس ۽ اھو ئي سمجھندو ھوس تھ اھو منھنجي حياتيءَ جو پويون ڏينھن آھي.

مون پنھنجن کل ڀوڳ جھڙن وھمن ۽ وسوسن کان ڇوٽڪارو پاتو. ھر ڀيري جڏھن سمجھندو ھوس تھ ڪنھن بيماريءَ جو غلبو ٿيڻ وارو آھي تھ پاڻ کي چوندو ھوس تھ وائيٽنگ! تون ھڪ خطرناڪ بيماريءَ ۾ مرندو پيو وڃين، جنھن سان تون گذريل ڏھن سالن ۾ ڪونھ مئو آھين. اھا بيماري تو وٽ پھريون ڀيرو ڪانھ آئي آھي، پر ان ھوندي بھ تنھنجي صحت شانائتي آھي. ھڪ انشورنس ڪمپني ڪجھھ ھفتا اڳ تنھنجو ويمو ڪيو آھي. ڇا ھي اھو وقت ناھي جو تون پنھنجي حماقتن تي کلين ۽ مڃين تھ تون دنيا جو نمبر ون گڏھ ھئين؟

جلد ئي مون محسوس ڪيو تھ مون کي پنھنجي باري ۾ بلڪل پريشان نھ ٿيڻ گھرجي ۽ مان ڪڏھن بھ پريشان ڪونھ ٿيندو آھيان ۽ سدائين کلڻ کلائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف رھندو آھيان.

پر سي ايڇ وائيٽنگ جي ڪھاڻيءَ جو اختصار اھو آھي تھ پاڻ کي ايڏي ڳنڀيرتا سان نھ وٺو. پنھنجين ڪن ۽ کل جھڙين پريشانين تي کلو ۽ پوءِ ڏسو تھ اھي پريشانيون اوھان جي زندگيءَ مان ڪيئن ٿيون نڪري وڃن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org