سيڪشن: ادب

ڪتاب: ڏکن کان ڏور

باب:

صفحو:11 

اوڻيھون باب

پنھنجو علاج پاڻ ڪري سگھو ٿا

ھن ڪتاب ۾ اسان اھڙا ڪيترا ئي قصا ۽ ڪھاڻيون شامل ڪري سگھون ٿا. مثال طور مارگريٽ ٽيلر جو معاملو ئي وٺو، جيڪا آمريڪي بحريھ جي مشھور خاتون ھئي.

مسز ٽيلر ناول نگار آھي، پر سندس ڪھاڻين ۾ ڪابھ ايتري دلچسپي ناھي، جيتري سندس پنھنجي ڪھاڻي آھي. جڏھن ھڪ صبح جو جاپانين پرل ھاربر ۾ آمريڪي بحري ٻيڙي تي حملو ڪيو ھو، مسز ٽيلر ھڪ سال کان دل جي بيماري ڪري تقريبًا معذور ھئي. ھوءَ ڏينھن جا ٻاويھھ ڪلاڪ بستري تي گذاريندي ھئي. ان عرصي ۾ ھن ڊگھي ۾ ڊگھو سفر پنھنجي باغ ۾ گھمندي ۽ اس وٺندي ڪيو ھو. ان دوران بھ اھا نوڪرياڻيءَ جي ٻانھن تي نوڙيل رھي، جنھن چھل قدميءَ دوران ٽيڪ پئي ڏنس. اسان کي پاڻ ٻڌايائين تھ تن ڏينھن ۾ زندھ رھڻ ڪونھ پئي چاھيو، پر جاپانين آمريڪي ٻيڙي تي اوچتو حملو ڪري مون کي مايوسين کان ٻاھر ڪڍيو. مسز ٽيلر پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائيندي چيو تھ: جڏھن حملو ٿيو تھ ھر طرف افرا تفري مچي وئي. ھڪڙو بم منھنجي گھر جي ايترو قريب ڪريو جو مان دماغي صدمي سبب بستري کان ٻاھر نڪري آيس.

ٿوري دير کان پوءِ فوجي ٽرڪ اچي ويا. بحريھ جي جوانن جي زالن ۽ ٻارن کي ٽرڪن ۾ ويھاريو تھ جيئن انھن کي پبلڪ اسڪول جي قدري محفوظ عمارت ۾ وٺي وڃجي. ريڊ ڪراس جي ڪارڪنن کي خبر ھئي تھ منھنجي بستري کي ويجھو ٽيليفون ھو. انھن مون کان فون استعمال ڪرڻ جي موڪل گھري. مون وڏي خوشيءَ سان موڪل ڏني. مون کي خبر ھئي تھ بحريھ جي جوانن جي ڪٽنبن کي ڪاٿي رکيو پيو وڃي؟ ريڊ ڪراس وارن نيوي ۽ آرميءَ جي سمورن ماڻھن کي ھدايت ڪري ڇڏي ھئي تھ اھي پنھنجي ڪٽنبن بابت ڄاڻڻ ڪاڻ مون سان رابطو ڪن.

شروع ۾ بستري تي ليٽي سندن فون ڪالن جا جواب ڏيندي رھيس، جيڪي پنھنجن مائٽن يا گھر جي ڀاتين بابت ڄاڻڻ لاءِ ٿيون ھيون. پوءِ مون بستري تان اٿي ٽيليفون ڪالن جا جواب ڏيڻ شروع ڪيا ۽ ان کان پوءِ ايتري مصروف ٿي ويس جو پنھنجي ڪمزوري ۽ بيماري کي بلڪل وساري ويٺس ۽ بستري تان اٿي، ڪرسيءَ تي ويھي ڪالن جا جواب ڏيندي رھيس. انھن ماڻھن جي خدمت ڪندي جيڪي مون کان وڌيڪ محرومين جو شڪار ھئا، مون پاڻ کي وساري ڇڏيو ۽ ٻيھر رات جو سمھڻ کان سواءِ بستري تي ڪونھ ويندي ھئس. سوچيندي آھيان تھ جيڪڏھن جاپاني پرل ھاربر تي حملو نھ ڪن ھا تھ منھنجي ساري ڄمار بستري تي پئي گذري ھا.

پرل ھاربر تي جاپانين جو حملو آمريڪي تاريخ جو سڀ کان ڏکوئيندڙ واقعو آھي، پر جيستائين منھنجو تعلق آھي تھ مون لاءِ اھو حياتيءَ جو بھترين لمحو ھو. ان خوفائتيءَ گھڙيءَ مون کي ايڏي طاقت بخشي، جيڪا مون خواب ۾ بھ ڪانھ سوچي ھئي. ھنن منھنجو سمورو ڌيان ٻين ڏانھن ڇڪائي ڇڏيو. مون وٽ پنھنجي ڪاڻ سوچڻ، پنھنجي پرواھ ڪرڻ جو وقت ئي ڪونھ ھو.

نفسياتي ماھرن وٽ ويندڙ ٽيون حصو ماڻھو پنھنجو علاج پاڻ ڪري سگھن ٿا. جيڪڏھن اھي مسز مارگريٽ ٽيلر وانگر ٻين جي مدد ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪن. نفسيات جي ھڪ ماھر ڪارل جنگ ٻڌايو تھ مريض جو ٽيون حصو اھڙين بيمارين ۾ ڦاٿل ھوندو آھي، جن کي طبي لحاظ کان بيان نٿو ڪري سگھي. اھي پنھنجي زندگي کان بيزاري ظاھر ڪندا آھن ۽ ان کان فرار چاھيندا آھن. انھن کي پنھنجي زندگي رکي، ڦڪي ۽ بي مقصد لڳندي آھي. سندن حالت ان مسافر جھڙي ھوندي آھي، جيڪو ڪناري تي بيٺو آھي ۽ ان جي ٻيڙي گسي وئي آھي ۽ ھاڻي پاڻ کان سواءِ سڀني تي الزام پيو لڳائي.

اوھان انھن ڪھاڻين کي پڙھي چئي سگھو ٿا تھ مان انھن کان متاثر ڪونھ ٿيو آھيان. مان بھ ڪنھن يتيم ٻار ۾ دلچسپي وٺي سگھان ٿو ۽ جيڪڏھن پرل ھاربر ۾ موجود ھجان ھا تھ وڏيءَ خوشيءَ سان اھو سڀ ڪجھھ ڪريان ھا، جيڪو مسز ٽيلر ڪيو. پر منھنجيون حالتون مختلف آھن. مان ھڪ معمولي ۽ بي ڪيف زندگي بسر پيو ڪريان. ھڪ بور قسم جي ملازمت ڪندو آھيان. ٻين جي مدد ڪرڻ ۾ ڪيئن ٿو دلچسپي وٺي سگھان؟ ان ۾ منھنجو ڪھڙو فائدو آھي؟

واقعي اھي سٺا سوال آھن، جيڪي ڪنھن انسان جي دل ۾ اٿي سگھن ٿا. مان انھن سوالن جا جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. اوھان جي زندگي ڪيڏي بھ رکي ڇو نھ ھجي، اوھان جي زندگيءَ ۾ روزانو ڪيترا ئي انسان اچن ٿا. ڪيترا اوھان سان ملن ٿا، ڪيترن سان اوھان ملو ٿا. اوھان انھن ڪاڻ ڇا ٿا ڪريو؟ ڇا اوھان انھن کي رڳو ڏسي ھليا ويندا آھيو، يا اھو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندا آھيو تھ انھن کي اوھان جي ضرورت آھي؟ ٽپاليءَ جو مثال وٺو، جيڪو ھر سال سون ميلن جو سفر ٿو ڪري. اوھان جا خط، مني آرڊر اوھان تائين پھچائي ٿو، پر ڇا اوھان اھو ڄاڻڻ جي ضرورت محسوس ڪئي آھي تھ اھو ڪاٿي رھندو آھي؟ ڇا اوھان ڪڏھن ان کان پڇيو آھي تھ اھو ٿڪجي پوندو ھوندو؟ بوريت محسوس ڪندو ھوندو؟

پرچون فروش، اخبارون وڪڻندڙ، بوٽ پالش ڪندڙ ڇوڪرن جي باري ۾ سوچيو. اھي سڀ انسان آھن، جيڪي تڪليفن ۾ ھوندي بھ سٺيءَ زندگيءَ جا خواب ڏسندا آھن. اھي انھيءَ موقعي جي ڳولھا ۾ آھن تھ پنھنجي ڏکن ۽ تڪليفن کي ٻين جي ھمدردي ۽ خلوص سان ورڇين. پر اوھان ڪڏھن ائين ڪيو آھي؟ ڇا اوھان ڪڏھن ايمانداريءَ سان سندن زندگيءَ ۾ دلچسپي ورتي آھي؟ اوھان کي دنيا جي اصلاح خاطر فلورنس نائٽينگل يا مصلح ڪونھ ٿيڻو آھي! پر اوھان ٻين جي مدد ڪري سندن اھنج ۽ ايذاءُ ڪنھن حد تائين گھٽائي تھ سگھو ٿا.

ان ۾ مون لاءِ ڇا آھي؟ تمام وڏي خوشي، بيحد اطمينان ۽ پاڻ تي فخر! ارسطوءَ ان قسم جي رويي کي خود غرضي چيو آھي. زور وسٽر چئي ٿو تھ ٻين ڪاڻ ڪجھھ ڪرڻ فرض ڪونھي، پر ھڪ خوشي آھي، ڇاڪاڻ جو ان سان اوھان جي پنھنجي صحت ۽ خوشيءَ ۾ واڌ ويجھھ ٿيندي آھي. بينجمن فرينڪلن وڏي سادگيءَ سان ان جو جائزو وٺي ٿو. ”جڏھن اوھان ٻين لاءِ سٺا ٿيندا آھيو، تڏھن پنھنجي لاءِ بھترين بڻبا آھيو.“

نيويارڪ جي سائيڪولوجيڪل سروس سينٽر جي سربراه ڊاڪٽر ھينري لاڪ پنھنجي ڪتاب ۾ لکيو تھ سندس خيال موجب نئين نفسيات ۾ ڪا بھ دريافت ايڏي اھم ڪانھي، جيتروڪ قرباني ڏيڻ سان خوشي ۽ ٻين جي احساس ڪرڻ جي جذبي جو عملي طرح اظھار ٿيندو آھي.

ٻين جي باري ۾ سوچڻ اوھان کي نھ رڳو پنھنجين پريشانين کان پري رکندو آھي، پر اوھان ڪاڻ بيشمار دوست بنائيندو آھي، جنھن سان اوھان جي رکيءَ زندگيءَ ۾ شادمانيون پکڙبيون آھن. مون ھڪ ڀيري پروفيسر وليم کان پڇيو تھ ھن ائين ڪيئن ڪيو؟ ۽ ان جو جواب ھيٺ آھي:

”مان ھوٽل ۾، حجم وٽ يا ڪنھن اسٽور ۾ جنھن سان بھ ملندو آھيان، ان کي ڪا نھ ڪا اھڙي ڳالھھ ضرور چوندو آھيان، جيڪا کيس سٺي محسوس ٿئي. مان انھن کي ڪا نھ ڪا اھڙي ڳالھھ چوندو آھيان، جنھن سان انھن کي پنھنجي اھميت جو احساس ٿئي. مان حجم کي چوندو آھيان تھ اھو سڄو سڄو ڏينھن بيھي ماڻھن جا وار ٺاھيندو آھي، ڇا اھو ٿڪبو ناھي؟ مان ان کان پڇندو آھيان تھ ھن حجامڪو ڌنڌو ڪڏھن ۽ ڪيئن اختيار ڪيو ۽ ڪڏھن کان ان ۾ ڪم ۾ آھي ۽ اڄ تائين ڪيترن ماڻھن جون حجامتون ڪري چڪو آھي؟ مان ڏسندو آھيان تھ انھيءَ طرح ماڻھن ۾ دلچسپي ظاھر ڪرڻ سان سندن مکڙن تي رونقون اينديون آھن. مان ساڻن ھٿ ملائڻ ۾ بھ ڪونھ ڪيٻائيندو آھيان.“

ھڪ گرم ٻيپھريءَ ۾ ريل ۾ سفر ڪندي ڊائنگ ڪار ۾ ھليو ويس تھ منجھند جي ماني کائي سگھان. ڊائننگ ڪار ھڪ تنور جيان لڳي، جو اندر حٻس ۽ گرمي انتھا تي پھتل ھئي. ويٽر وڏيءَ سستيءَ سان پئي گھميا. ٿوري دير بعد جڏھن اردليءَ مينو آندو تھ چيومانس تھ ھن گرميءَ ۾ ڪچن ۾ ڪم ڪندڙن جو تھ ڏاڍو برو حال ھوندو. اسٽيورڊ ٿورو ڀڻڪيو. سندس لھجو تکو ٿي ويو. مون سمجھيو تھ شايد چڙي پيو آھي. خدا جو شڪر آھي، ھن چيو تھ ھتي تھ ماڻھن کاڌي جي معيار ۽ دير سان کاڌو پچائڻ تي نوڪرن کي دٻاٽيندا آھن ۽ شڪايتون ڪندا آھن. مان گذريل اوڻيھن سالن کان ايندڙن جون شڪايتون ٻڌيون آھن. اوھان پھريان ماڻھو آھيو، جنھن بورچيخاني ۾ ڪم ڪندڙن جي حالت زار جي ڳالھھ ڪئي آھي. منھنجي دعا آھي تھ اوھان وانگر ٻيا مسافر بھ اسان جي ڊائننگ ڪار ۾ ايندا رھن.

اسٽيورڊ حيران پريشان ٿي ويو، ڇاڪاڻ جو مون ڪچن ۾ ڪمائيندڙن کي بھ انسان سمجھي انھن واسطي سٺن جذبن جو اظھار ڪيو ھو. پروفيسر وليم لکي ٿو تھ: ”ماڻھو ٿورو ڌيان چاھيندا آھن.“ جڏھن مان ڪنھن ماڻھوءَ کي خوبصورت ڪتي سان گھمندو ڏسندو آھيان تھ سدائين ڪتي جي سونھن بابت ڳالھيون ڪندو آھيان. جڏھن ڳالھائي اڳتي وڌندي پوئتي مڙي ڏسندو آھيان تھ ان ماڻھوءَ کي پنھنجي ڪتي سان پيار ڪندي ڏسندو آھيان.

ھڪـڙي ڀيري انگلينڊ ۾ منھنجي ھڪ ريڍار سان ملاقات ٿي. مون دل کولي سندس رڍن جي ساراھ ڪئي. مون ان ڪتي بابت کانئس پڇيو، جيڪو ھن رڍن جي رکواليءَ لاءِ رکيو ھو تھ ھن ان کي ڪھڙيءَ طرح سکيا ڏني آھي؟ جڏھن ٿورو اڳتي وڌيس ۽ ڪلھي تان پوئتي ڏٺم تھ ڪتو رڍار جي ڪلھن تي پير رکيون بيٺو ھو ۽ رڍار ان کي پچڪاري رھيو ھو. ريڍار ۽ سندس ڪتي ۾ ٿورڙي دلچسپي وٺڻ سان مون کيس خوش ڪري وڌو ۽ مون کي پڻ خوشي ۽ راحت ملي.

ڇا اوھان اھو سوچي ٿا سگھو تھ جيڪر ماڻھو قلين سان ھٿ ملائي، بورچيخانن ۾ ڪمائيندڙن سان ھمدردي ڪري، ماڻھن کي ٻڌائي تھ سندن ڪتا ڪيڏا نھ پيارا پيا لڳن. ان کي ڪنھن نفسيات جي ماھر جي ڪا گھرج آھي؟ نھ بلڪل ڪونھ! چين ۾ ھڪ پھاڪو آھي تھ ٿوري گھڻي سرھاڻ انھن ھٿن ۾ بھ رھجي ويندي آھي، جيڪي اوھان کي گلاب جو گل ڏيندا آھن.

اوھان جيڪڏھن مرد آھيو تھ ھن پيراگراف کي ڇڏي ڏيو. اھو اوھان جي دلچسپيءَ لاءِ نھ آھي. ان ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ ھڪ پريشان حال، اداس ڇوڪري جا بيشمار رشتا ايندا آھن، ڪيترا ئي مرد ساڻس شادي رچائڻ چاھيندا آھن. اھا ڇوڪري ھاڻي ڏاڏي بڻجي چڪي آھي. ڪجھھ سال اڳي مون سندس ۽ سندس مڙس جي گھر ۾ ھڪ رات گذاري. مون سندس واھڻ ۾ ليڪچر پئي ڏنو ۽ ٻئي ڏينھن صبح جو مون کي پنھنجي ڪار ۾ پنجاھ ميل پري ريلوي اسٽيشن تائين ڇڏڻ ھلي. اسان دوست بنائڻ جي فن تي گفتگو پئي ڪئي. ھن مون کي ٻڌايو تھ مان اوھان آڏو ھڪ اھڙيءَ ڳالھھ جو اقرار ٿي ڪريان، جيڪا اڄ تائين ڪنھن کي ڪانھ ٻڌائي اٿم. پنھنجي مڙس کي بھ ڪونھ. مان فلاڊلفيا ۾ ھڪ سوشل رجسٽرڊ گھراڻي ۾ پليس ۽ وڌيس. ننڍپڻ توڙي نوجوانيءَ ۾ منھنجو وڏي ۾ وڏو ڏک اسان جي غريبي ھو. منھنجا لٽا ڪڏھن سٺا ڪونھ ھوندا ھئا. اڪثر مون کان ننڍا ۽ سوڙھا ھوندا ھئا. صفا پراڻي فيشن جا ھوندا ھئا. اھي پائي گھڻو ڪري ڦڪي ڦڪي ٿيندي ھيس. گھڻو ڪري ننڊ مان رڙيون ڪري جاڳندي ھئس. نيٺ مون ان جو حل ڳولھي لڌو. ڊنر پارٽين ۾ مان پنھنجي ساٿيءَ سان سدائين سندس مستقبل جي منصوبن بابت ڳالھيون ڪندي ھيس. مان اھي سوال ان لاءِ ڪونھ پڇندي ھيس تھ مون کي انھن جي جوابن سان ڪا دلچسپي ھئي. اھي سوال رڳو ان ڪري پڇندي رھندي ھيس تھ جيئن منھنجو ساٿي منھنجي خراب ڪپڙن تي ڌيان نھ ڏئي.

پر پوءِ ھڪ عجيب ڳالھھ ٿي. جڏھن مان پنھنجي ساٿيءَ جون ڳالھيون ٻڌندي ۽ سندس باري ۾ وڌيڪ ڄاڻي وٺندي ھئس تھ مون کي انھن ڳالھين ۾ دلچسپي محسوس ٿيندي ھئي. ڪڏھن ڪڏھن تھ ان جي ڳالھين ۾ ايتري محو ٿي ويندي ھيس جو مون کي پنھنجن خراب ڪپڙن جي خبر ئي ڪانھ رھندي ھئي. پر سڀ کان حيران ڪندڙ اھا ڳالھھ ٿي جو مان پنھنجي سوشل گروپ جي ڇوڪرن جي ڳالھين ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. مان انھن جون ڳالھيون ٻڌندي ھيس تھ ھنن کي پنھنجي اھميت جو احساس ٿيندو ھو ۽ اھڙيءَ طرح کين خوشيون ارپي پنھنجي گروپ جي سڀ کان مشھور ڇوڪري شمار ٿيڻ لڳس ۽ انھن مان ٽن ڇوڪرن مون کي شاديءَ جي آڇ ڪئي.

ڪجھھ ماڻھو جيڪي ھي مضمون پڙھندا ھوندا، چوندا ھوندا تھ ٻين جي ڳالھين ۾ ايتري دلچسپي وٺڻ ھڪ احمقاڻي حرڪت آھي. جيڪڏھن اوھان جي اھا راءِ آھي تھ اوھان کي ان راءِ رکڻ جو حق پھچي ٿو. پر جيڪڏھن اوھان جي راءِ صحيح آھي تھ پوءِ دنيا جا اھي سمورا فلسفي ۽ استاد جن جو تاريخ ۾ تذڪرو آھي، مثلا عيسيٰ، ڪنفيوشس، گوتم بڌ، ارسطو، افلاطون، سقراط وغيره، سڀ غلط ھئا. پر ٿي سگھي ٿو تھ اوھان مذھبي رھنمائن جي ڳالھين تي ٺٺوليون ڪيو. مان اوھان کي ملحداڻا نظريا رکندڙن جي تعليم بابت ڪجھھ ٻڌايان ٿي. ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ۾ پنھنجي وقت جي سڀني کان مشھور پروفيسر اي اي ھائوزمين 1936ع ۾ يونيورسٽيءَ ۾ پنھنجي ھڪ ليڪچر ”شاعريءَ جو نانءُ ۽ سندس خصوصيتون“ ۾ ٻڌايو تھ ھن دنيا ۾ سڀ کان وڏو چيو ويندڙ ”سچ“ عيسيٰ جا اھي لفظ آھن، جن ۾ ان فرمايو ھو تھ: ”اھو جيڪو پنھنجي زندگيءَ جي ڳولھا پيو ڪري، ان کي وڃائي ڇڏيندو آھي ۽ جيڪو پنھنجي زندگي وڃائيندو آھي، اھو ان کي حاصل ڪري وٺندو آھي.“

اسان مذھبي رھبرن کي ساري عمر اھو چوندي ٻڌو آھي، مگر ھائوزمين ھڪ دھريو آھي. ان ھوندي بھ اھا ڳالھھ مڃي ٿو تھ جيڪو شخص رڳو پنھنجي باري ۾ سوچي ٿو، ان کي زندگيءَ مان ڪجھھ حاصل ڪونھ ٿيندو آھي، پر جيڪو ماڻھو پاڻ کي وساريندو آھي، اھو ٻين جي خدمت ڪري زندگيءَ جون خوشيون ماڻيندو آھي.

جيڪي ڪجھھ ھائوزمين چيو آھي، جيڪڏھن اوھان ان کان متاثر ڪونھ ٿيا آھيو تھ اسان اوھان کي ھن صديءَ جي سڀ کان نامور آمريڪي ويٽري ٿيوڊو جي خيالن کان آگاھ ڪريون ٿا. ٿيوڊو سمورن مذھبن تي ٺٺوليون ڪندو آھي ۽ کين ھڪ افسانو قرار ڏيندو آھي. ھو انساني زندگي کي فلسفي کان وڌيڪ احمق جي بڻايل ڪھاڻي تصور ڪندو آھي، پر ان ھوندي بھ ٿيوڊو ھڪ عظيم فلسفي ۽ اصول جي وڪالت ڪري ٿو، جيڪو عيسيٰ ٻڌايو ھو تھ: ”ٻين جي خدمت ڪريو.“ ٿيوڊو جو چوڻ آھي تھ: ”اسان کي پنھنجي روز مره جي ڪمن کي اھڙيءَ طرح ترتيب ڏيڻ گھرجي جو ٻين جي ڪم پڻ اچي سگھون، ڇاڪاڻ تھ خوشين جو دارومدار ٻين کي خوشيون ڏيڻ ۾ لڪل آھي.“

جيڪڏھن اسان ٿيوڊو جي چوڻ موجب پاڻ کي ٻين ڪاڻ وقف ڪري ڇڏيون تھ اسان کي ان لاءِ جلدي، گھڻي جلدي ڪرڻي پوندي. اسان کي سمجھڻ گھرجي تھ اھو موقعو اسان کي صرف آخري ڀيرو مليو آھي ۽ ان کي وڃائڻ نھ کپي. ان ڪري جيتريون چڱايون ۽ مھربانيون ڪري ٿا سگھون، اھي انھيءَ ئي وقت ڪرڻ گھرجن. انھن کي سڀاڻي لاءِ ملتوي ڪري نھ ڇڏجي، ڇاڪاڻ جو اھو آخري موقعو آھي.

ان ڪري اوھان جيڪڏھن پريشانيءَ کان بچڻ ٿا چاھيو ۽ زندگيءَ ۾ سڪون گھرو ٿا تھ ستون نمبر اصول ياد رکو، جيڪو ھي آھي تھ ”ٻين ۾ دلچسپي وٺو ۽ پاڻ کي وساريو. روزانو ڪنھن جي ڪارڻ ڪو چڱو ڪم ڪيو. ان سان ڪنھن جي مک تي خوشي اڀرندي ۽ اوھان بھ ان مان خوش ٿيندؤ.“

جيئن تھ مان اڳ ۾ ٻڌائي چڪو آھيان تھ منھنجي پالنا ھڪ فارم ھائوس ۾ ٿي. منھنجي ماءُ پيءُ کي زندگيءَ جو گاڏو گھلڻ لاءِ ان وقت جي ڪيترن ئي ھارين وانگر سخت محنت مشقت ڪرڻي پوندي ھئي. امڙ ھڪ اسڪول ۾ پاڙھيندي ھئي ۽ ان کي سڄو مھينو سخت محنت ڪرڻ کان پوءِ فارم تان ٻارھن ڊالر ملندا ھئا. امان جي پگھار مان گھر جو خرچ ھلندو ھو. امڙ منھنجي فيس ادا ڪندي ھئي ۽ مون لاءِ ڪپڙا بھ خريد ڪندي ھئي.

گھر جو خرچ پورو ڪرڻ کان پوءِ ڪڏھن ڪڏھن مھيني جي پڇاڙيءَ ۾ ٿوري گھڻي بچت بھ ٿيندي ھئي. ھڪ جنرل اسٽور تي مکڻ ۽ آنا ڏئي اٽو، چانور ۽ ڪافي خريد ڪندا ھئاسون. سال کان پوءِ سال گذرندو رھيو ۽ اسان جي خرچن ۾ بھ واڌارو ٿيندو ويو. جڏھن مان ٻارھن ورھين جو ٿيس تھ مون وٽ سال ڀر جي بچت کان پوءِ بھ پنجاھ سينٽ گڏ ڪونھ ٿيا ھئا. مون کي اڃا تائين ياد آھي تھ چوٿين جولاءِ جي تقريبن جي موقعي تي ابي مون کي ڏھ سينٽ ڏنا ھئا تھ محسوس ٿيو ھوم تھ سڄي دنيا جھان جي دولت ملي اٿم.

مون کي اڃا تائين ياد آھي تھ سخت ٿڌ ۾ پيرين اگھاڙو ھڪ ميل پنڌ ڪري اسڪول ويندو ھوس. ان دوران ڪڏھن تھ گرمي پد ڪاٽو اٺاويھھ ٿي ويندو ھو. چوڏھن سالن جي عمر ۾ مون کي رٻڙ جو بوٽ نصيب ٿيو.

منھنجا ماءُ پيءُ سارو ڏينھن سورھن سورھن ڪلاڪ محنت ڪندا ھئا، تنھن ھوندي بھ اسان قرضن ۾ ڪارا ھوندا ھئاسون. منھنجين شروعاتي يادين ۾ اھو واقعو اڃا ذھن ۾ محفوظ آھي تھ جڏھن ٻوڏ ڪري اسان جو تيار فصل برباد ٿي ويو ھو. ھر سال ٻوڏ ايندي ھئي ۽ اسان جي پوک تاراج ڪري ويندي ھئي. اسان جي ٻنيءَ تي پلندڙ مرون سالئون سال مليريا وگھي مرندا ھئا.

ھڪ سال جڏھن ٻوڏ ڪانھ آئي تھ اسان مڪئي پوکي ۽ ڪجھھ ڍور بھ خريد ڪيا ۽ انھن کي گاھ پٺو کارائي تازو توانو ڪيوسون تھ ھڪڙي ڀيري شڪاگو ۾ مال جون قيمتون اوچتو ڪري پيون ۽ اسان کي ھڪ سال کان پوءِ ڍورن وڪڻڻ مان ھڪ سال پھرين قيمت کان صرف ٽيھھ ڊالر وڌيڪ مليا ۽ ان وچ ۾ گاھ پٺي تي بھ اسان جو چڱو خاصو خرچ ٿي ويو ھو. اسان جي ھڙ موڙي ٻڏي ويئي ۽ اميدن تي پاڻي ڦري ويو. سڄي سال جي محنت الڳ زيان ٿي. مون کي اڃا تائين ياد آھي تھ ان کان پوءِ بابي خچر خريد ڪيا ۽ اسان ٽن سالن تائين انھن کي ٻنيءَ تي پاليو. پر جڏھن انھن کي وڪڻڻ جو وقت آيو تھ وري قيمتون ڪري پيون ۽ اھي ٽي سال اڳ واري قيمت تي وڪيا ويا.

ڏھن ورھين جي سخت پورھئي ڪندي بھ ڇيھي تي ڇيھا ڀوڳيندا رھياسون. اسان قرضن ۾ دٻجي وياسون. اسان کي ٻني بئنڪ ۾ گروي رکڻي پئي. انھن ڏينھن ۾ سخت محنت ڪري بھ اسان وياج ڪونھ ڀري سگھندا ھئاسون. ھڪڙي ڀيري وياج نھ ڀرڻ تي بئنڪ جي مينيجر بابي جي بي عزتي ڪري وڌي ۽ ڌمڪي ڏني تھ سندس ٻني نيلام ڪري بئنڪ جي رقم وصول ڪئي ويندي. منھنجي بابي جي ان وقت عمر ڇڙا ستيتاليھھ ورھيھ ھئي ۽ سندس زندگيءَ ۾ ذلت ۽ قرضن کان سواءِ ڪجھھ ڪونھ ھيو. ھو ڏاڍو پريشان ھيو. سندس صحت خراب رھڻ لڳي. ٻنيءَ تي سڄو ڏينھن محنت ڪرڻ کان پوءِ ھو ماني ڪونھ کائي سگھندو ھو، پر ان بدران دوائون کائيندو ھو ۽ پنھنجي بک لاھيندو ھو.

 سندس جسم ھڏن جو پڃرو بڻجي ويو ھو. ڊاڪٽر امان کي ٻڌايو ھو تھ ھن جو مڙس ڇڙا ڇھھ مھينا مس جيئندو. بابو بھ ايترو ئي مايوس ھيو جو جيئرو رھڻ ڪونھ پئي چاھيائين. امڙ ٻڌائيندي ھئي تھ جڏھن بابو ٻنيءَ تي گھوڙن کي گاھ وجھڻ ويندو ھو تھ اتي ڏاڍي دير ٿي ويندي ھئس تھ اندر ۾ عجيب انومان ايندا ھئا ۽ مان کيس ڳولھيندي ٻنيءَ تائين ويندي ھيس. منھنجي من ۾ اڻتڻ ھوندي ھئي تھ متان فارم جي ڪنھن ڪمري جي ڇت سان رسي ٻڌي ڦاسو نھ کائي وجھي. ھڪڙي ڀيري جڏھن بابو ميري ريليءَ کان موٽيو پئي آيو تھ رستي ۾ درياءَ جي پل تي بيھي دير تائين پاڻيءَ کي پئي ڏٺائين. ھو پاڻ سان اٽڪندو پئي رھيو تھ درياءَ ۾ ٽپو ڏئي ھميشھ لاءِ پنھنجي جان ختم ڪري يا وڌيڪ دير تائين ڏک ڏاکڙا سھندو رھي؟

ڪيترن ورھين کان پوءِ بابي مون کي ٻڌايو تھ مون درياءَ ۾ ٽپو ڏئي رڳو ان ڪري آپگھات ڪونھ ڪيو، ڇاڪاڻ تھ منھنجي زال جو ايمان ھو تھ اسان رب پاڪ سان محبت ڪنداآھيون. ان جي احڪامن کي مڃيندا آھيون تھ پوءِ خوشيون ضرور نصيب ٿينديون. اسان جا ڏينھن ڦرندا. پوءِ اسان خوشحال ٿي وينداسون. امڙ ٺيڪ چوندي ھئي، ڇو تھ نيٺ سڀ ڪجھھ ٺيڪ ٿي ويو. بابو وڌيڪ ٻائيتاليھھ ورھيھ زندھ رھيو ۽ اڻانوي ورھين ۾ فوت ٿيو. ان وقت بابو بيحد امير واپاري ھو.

مشڪلن ۽ مصيبتن جي ڏينھن ۾ امڙ ڪڏھن بھ پريشان ڪانھ ٿي. ھوءِ سمورين تڪليفن کي رب آڏو رکندي ھئي. ھر رات جڏھن اسان ننڊ ڪرڻ ڪاڻ پنھنجن ڪمرن ڏانھن ويندا ھئاسون تھ امڙ بائيبل جو ھڪڙو باب ضرور پڙھندي ھئي.

وليم جيمز جڏھن ھار ورڊ يونيورسٽيءَ ۾ فلسفي جو پروفيسر ھيو تھ ان پنھنجي ڪل ليڪچر ۾ چيو ھو: ”بيشڪ اسان جي سمورين پريشانين ۽ ڏکن جو علاج اسان جي مذھبي عقيدي ۾ آھي.“

اوھان کي اھو ڄاڻڻ ڪاڻ ھار ورڊ وڃڻ جي ضرورت ڪانھي. ھارورڊ کان سوين ميل پري ميسوريءَ ۾ رھندي اھو ڄاتو ھو. ڪو سيلاب، ڪو قرض ۽ ڪوئي طوفان ان جي خوشيءَ، فتح ۽ سٺن ڏينھن جي اميد کي چٿي ڪونھ سگھيو. مون کي اڃا تائين ياد آھي تھ ٻنيءَ تي ڪم ڪندي بھ اھا گھڻو ڪري مذھبي گيت ڳائيندي ھئي.

امڙ چاھيندي ھئي تھ مان پنھنجي زندگي مذھبي ڪمن لاءِ ارپي ڇڏيان، پر مان وڏي ڳڀيرتا مان ھڪ سفارتڪار بنجڻ چاھيندو ھوس. ڪاليج ۾ جيئن جيئن سال گذرندا ويا، منھنجي اندر ۾ ھڪ تبديلي ايندي وئي. مون ڪاليج ۾ بائلاجي، فلسفي ۽ مذھب جو اڀياس ڪرڻ شروع ڪيو. مون ڄاتو تھ بائيبل ڪيئن لکي ويئي؟ مان بائيبل ۾ لکيل ڳالھين تي اعتراض ڪرڻ لڳس. ان وقت مون کي گرجا ۾ تقرير ڪندڙ پادري جي تنگ نظر نظرين تي شڪ ٿيڻ لڳو. مان شش پنج ۾ پئجي ويس. والٽ ويمٽن وانگر مون پنھنجي ذھن اندر تيزي سان اڀرندڙ نظرين کي محسوس ڪيو. سمجھھ ۾ ڪونھ پئي آيو تھ ڪنھن تي ويساھ ڪرڻ گھرجي؟ مون کي حياتيءَ جو ڪوبھ ڪارڻ نظر ڪونھ پئي آيو. مون عبادت ڪرڻ ڇڏي ڏني. يقين ڪرڻ لڳس تھ اسان جي سموري زندگي بنا رٿابنديءَ جي پئي گذري. مان يقين ڪرڻ لڳس تھ انساني جيون جو ھن جڳ ۾ ڪوبھ مقدس مقصد ڪونھي، سواءِ ھن زمين تي رھندڙ واري وي بدن واري جانور جي، جيڪو ويھن لکن ورھيھ اڳ کان ھن زمين تي گھمي ٿو. مون کي محسوس ٿيو تھ ھڪ ڏينھن انساني نسل ائين ئي ختم ٿي ويندو، جيئن وڏن وڏن رڙھندڙن جو ٿيو. مان ڄاڻان ٿو تھ سائنسدان چون ٿا تھ سج ھوريان ھوريان ٿڌو ٿيندو پيو وڃي. جڏھن ان جو درجو ڏھ سيڪڙو گھٽ ٿيندو تھ روءِ زمين تي ڪنھن بھ قسم جي زندگيءَ جو ڪوبھ امڪان باقي ڪونھ رھندو. مان ان نظريـي تي چٿرون بھ ڪندو ھوس تھ خدا موجود آھي، جنھن انسان کي پنھنجي پسند سان خلقيو آھي.

ڇا مان اھو تسليم ڪريان تھ مون کي انھن سمورن سوالن جا جواب گھرجن؟ دنيا جي ڪنھن بھ شخص ڪائنات جي خلقڻ بابت ڪا تشريح ڪڏھن ڪونھ ڪئي آھي ۽ ڪوبھ زندگيءَ جي حقيقت بنسبت ڪجھھ ٻڌائي ڪونھ ٿو سگھي. اسان عجيب اسرارن وارن رازن ۾ گھريا پيا آھيون. اسان جي جسم جي بناوت بھ ھڪ راز آھي. اھڙيءَ طرح اسان جي گھرن جون ڀڳل ڇپرون، گاھ، بجلي ۽ گلن واريون وليون جيڪي اوھان جي درين کان مٿي تائين پکڙيل آھن، سي بھ ھڪ ڳجھھ آھن.

جنرل موٽرز ريسرچ ليبارٽري ڪيترن سالن دوران لکين ھزار ڊالر اھو ڄاڻڻ تي خرچ ڪري ڇڏيا تھ سلينڊر ميٽ ۾ اسپارڪ ڪيئن پيدا ٿو ٿئي؟ جنھن سان اوھان ڪار اسٽارٽ ڪريو ٿا.

جيتوڻيڪ اسان پنھنجي بدن، بجلي، گئس، انجڻ اندر لڪل رازن کي بھ پوريءَ ريت ڪونھ ٿا سمجھون، تنھن ھوندي بھ اھا حقيقت آھي تھ ان مان حظ حاصل ڪرڻ ۽ ڪم وٺڻ کان سواءِ رھي ڪونھ ٿا سگھون. ان حقيقت ھوندي بھ مان عبادت ۽ مذھب جي راز کي پروڙي ڪونھ ٿو سگھان. مان مذھب کان الڳ رھي نٿو سگھان. ڪيترن سالن کان پوءِ مون کي سانتا پانا جا اھي لفظ سچا لڳڻ لڳا آھن تھ: ”ماڻھو زندگيءَ کي سمجھڻ لاءِ ڪونھ بڻايو ويو آھي، پر ان کي گذارڻ واسطي بنايو ويو آھي.“

مون ٻيھر مذھب ڏانھن لاڙو رکيو. اھو چوڻ ٺيڪ نھ ھوندو تھ مون مذھب جي باري ۾ نئون نظريو ٺاھيو ھو. مذھب اندر موجود فرقن سان منھنجو ذرو بھ تعلق ڪونھي، جنھن ڪري اسان جون عبادتگاھون بھ ورھائجي ويون آھن، پر ان ۾ سدائين دلچسپي ورتي اٿم تھ مذھب منھنجي واسطي ڇا ڪيو آھي؟ (ھمراھ اسان جو ڄڻ ڀاءُ ٿو لڳي) جنھن نموني بجلي، پاڻي ۽ سٺو کاڌو مون کي سٺي زندگي گذارڻ ۾ مدد ڏيندا آھن. پر مون کي معلوم ٿيو تھ مذھب مون کي ان کان گھڻو وڌيڪ ڏنو آھي. ان مون کي روحاني سڪون ڏنو آھي، ان مون کي زندگي گذارڻ جو صحيح لطف ڏنو آھي، ان مون کي عقيدو ڏنو آھي، اميد ڏني آھي ۽ جرئت عطا ڪئي آھي. مذھب مون کي ڏکن، پريشانين، انديشن ۽ تڪليفن کان ڇوٽڪارو ڏياريو آھي، ان مون کي زندگي گذارڻ جو مقصد ڏنو آھي، ھن منھنجي خوشين ۾ واڌارو ۽ صحبت ۾ بھتري پيدا ڪئي آھي.

فرانسز بيڪن اھو چوڻ ۾ حق تي آھي تھ: ”ٽي سؤ سال اڳ ھڪ ننڍي فلسفي انساني زندگيءَ کي دھريت طرف مائل پئي ڪيو پر فلسفي تي ڳرائپ انساني ذھن کي مذھب طرف راغب ڪيو.“

مون کي اھي ڏينھن بھ ياد آھن، جڏھن ماڻھو سائنس ۽ مذھب وچ ۾ تضاد جون ڳالھيون ڪندا ھئا، پر گھڻيءَ دير تائين نھ، ڇاڪاڻ جو سڀ کان نئين سائنس ۽ نفسيات جي تعليم اھا ئي آھي جيڪا عيسيٰ جي ھئي، ڇو تھ نفسياتدان ڄاڻن ٿا تھ عبادتن ۽ مذھب تي مڪمل ۽ مضبوط اعتقاد ئي اسان جي دل ۽ ذھن کي وسوسن کان محفوظ رکي، پريشانين ۽ تڪليفن کان بچائي ٿو. نفسيات جي ھڪ ماھر ڊاڪٽر اي اي برل جو چوڻ آھي تھ: ”جيڪو ماڻھو صحيح معنيٰ ۾ مذھبي آھي، اھو ڪڏھن بھ اعصابي عارضن ۾ مبتلا ڪونھ ٿيندو آھي.“ جيڪڏھن مذھب نھ ھجي تھ زندگيءَ جو ڪو مقصد باقي نٿو رھي. اھا رڳو ھڪ دوکو بڻجي ويندي آھي.

مون ھينري فورڊ جي مرڻ کان ڪجھھ سال اڳ سندس انٽرويو ورتو. ساڻس ملي مون اھو ڄاڻڻ پئي گھريو تھ ڪھڙي طرح ھو دنيا جو ھڪ تمام وڏو بزنس ھائوز ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿيو؟ اھو ڏسي مان حيران ٿي ويس تھ اٺھتر ورھين جي ڄمار ۾ بھ ھو ڪيتري قدر پرسڪون ۽ خوش نظر پئي آيو! مون جڏھن کانئس پڇيو تھ ڇا ھو ڪڏھن پريشان ٿيو آھي؟ تھ ھن ھڪدم وراڻيو تھ ”نھ!“ ڇاڪاڻ تھ مون کي يقين ھو تھ خدا پاڪ معاملا ھلائي ٿو ۽ ان کي معاملن ھلائڻ ۾ منھنجي مشوري جي ڪا گھرج ڪانھي. جيستائين معاملا خدا جي ھٿ ۾ آھن، مون کي پڪ آھي تھ ھر ڪم جو بھترين نتيجو نڪرندو. ان ڪري مون ڪڏھن پريشان ٿيڻ جي ضرورت ئي ڪانھ سمجھي.

اڄڪلھھ گھڻا تڻا نفسيات دان انجيل جا جديد مبلغ پيا بڻجن. اھي دوزخ جي باھ کان بچڻ ڪاڻ مذھب موجب زندگي گذارڻ تي زور ڪونھ ٿا ڏين، پر اسان مذھب موجب گذارڻ لاءِ ان ڪري زور ڀريون ٿا تھ اسان پيٽ جي السر جي بيمارين، انجائنا ۽ اعصابي دٻاءَ وغيره کان بچي سگھون. مثال طور: اسان جا نفسيات دان اسان کي ڪھڙو سبق ٿا ڏين؟ ڊاڪٽر ھينري سي لنڪ جو ڪتاب ”مذھب ڏي موٽ“ پڙھي ڏسو.

عيسيٰ عھ چيو تھ بيشڪ عيسائيت ھڪ صحت ڏيندڙ مذھب آھي. عيسيٰ پنھنجي وقت جي پراڻين روايتن جي خلاف ھو. ھن ھڪ نئين قسم جي مذھب جو پرچار پئي ڪيو. ھڪ اھڙي مذھب جو، جنھن دنيا کي لوڏي ڇڏيو. ان ڪري کيس مصلوب ڪيائون، جو پاڻ تبليغ ڪئي تھ مذھب انسان واسطي آھي نھ بلڪھ انسان مذھب لاءِ. ھن گناھ بدران خوف جي باري ۾ وڌيڪ تبليغ ڪئي. عيسيٰ فرمايو تھ: خوف جي غلط قسم کي گناھ سمجھي ٿو. عيسيٰ ”خوشيءَ جي سائنس“ جو پرچار ڪيو. ھن پنھنجي پيروڪارن ۾ خوشيون ورھايون ھيون تھ جيئن اھي خوشيون ملھائن.

عيسيٰ پنھنجي پوئلڳن کي ٻڌايو تھ مذھب جي باري ۾ ٻھ اھم ڳالھيون آھن: پنھنجي دل جي گھرائين سان خدا پاڪ سان محبت ڪرڻ ۽ پاڙيسرين کي پاڻ جھڙو سمجھڻ. جيڪو بھ انھن ٻن ڳالھين تي عمل ڪري ٿو، اھو مذھبي آھي. منھنجو سھرو، ھينري پرائيس ان سلسلي ۾ ھڪ عمدو مثال آھي. ھو سونھري اصولن تي زندگي گذاري ٿو ۽ ھو بي ايماني، خود غرضي ۽ ڪميڻپ وارو ڪوئي ڪم ڪونھ ڪندو آھي، جيتوڻيڪ گرجا ڏي بھ ڪونھ ويندو آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org