سيڪشن؛ادب

ڪتاب: خيرپور  جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو

باب:

صفحو:26 

سرائي پياري خان کي مير علي مراد خان وٽ وڏي رسائي هئي ۽ سندس سڄي ڪئمپ جو انچارج هوندو هو. کيس سرائي غلام حسين خان، سرائي خان محمد خان ۽ سرائي محمد علي خان نالي ٽي پٽ هئا، جن مان سڀني کان ننڍو سرائي محمد علي خان، مير فيض محمد خان ۽ مير امام بخش خان ٻنهي جو خاص خدمتگار ٿي رهيو.

سرائي خان محمد خان جو فرزند سرائي پيارو خان ثاني، مير علي نواز خان جي ڪئمپ ۾ هڪ معمولي نوڪر جي حيثيت ۾ داخل ٿيو ۽ پنهنجي قابليت ۽ ايمانداري سان ٿورن ئي ڏينهن ۾ مير صاحب جو اعتماد حاصل ڪري، سندس خاص توشڪي ٿي رهيو. مير علي نواز خان جي وفات کان پوءِ پنهنجي زمين تي هڪ نئون ڳوٺ ٻڌي ويٺو. هن وقت هو ڪوٽ ڏيجي تعلقي جي سٺن زميندارن مان هڪ آهي ۽ پنهنجي پٽن ۽پوٽن سان عزت جو وقت گذاري رهيو آهي. سندس ٻه پوٽا نياز حسين خان ۽ محمد علي خان سرڪاري نوڪرين ۾ آهن(1).

سرائي لطف علي خان: هي سرائي اسحاق علي خان ڀنڀري جو فرزند هو. مير علي مراد خان جو آبدار هو ۽ هميشه سندس خدمت ۾ رهندو هو. مٿس مير صاحب کي ماني کارائڻ ۽ پاڻي پيارڻ جي ڊيوٽي هوندي هئي. سندس والد مير صاحب جي نائب وزير چوڌري علي بخش خان سان گڏجي جيڪب آباد مان خيرپور ۾ آيو هو ۽ ڪجهه وقت ڪوٽوار ٿي رهيو هو(2).

سرائي لطف علي خان عهدي جي لحاظ کان صرف آبدار هو، پر پنهنجي قابليت ۽ اعليٰ صلاحيتن جي وسيلي مير صاحب جو مقرب خاص بڻجي ويو هو، ايتريقدر جو سندس توشاخاني ۽ خانگي خزاني جو ڪم به ڪندو هو ۽ کيس اپيلن ٻڌڻ ۾ به مدد ڪندو هو. مير صاحب جي مهر سندس حوالي هوندي هئي ۽ سندس روبرو ڪاغذن تي هڻندو هو. ان کان سواءِ نير جي ڍل اڳاڙڻ واري عملي جي نظر داري به ڪندو هو(3).

سرائي لطف علي خان کي ڪرم علي خان، احمد علي خان، اسحاق علي خان، مهر علي خان ۽ محمد علي خان نالي پنج پٽ هئا، جن مان ڪرم علي خان ۽ احمد علي خان مير صاحب جا توشڪي مقرر ٿيا. سرائي احمد علي خان پنهنجي والد  جي وفات کان پوءِ مير علي مراد خان کي تمام ويجهڙو ٿي ويو ۽ هڪ گهڙي به جدا نه ٿيندو هو. هن تي مير صاحب جي پڻس کان به وڌيڪ مهرباني هوندي هئي(1).

مير علي مراد خان جي وفات کان پوءِ ڏک ۾ جهنگ منهن ڪري، ديوانن وانگر رلندو رهيو. سال کن مجذوبن واري زندگي گذاري صوفين جي صحبت ۾ آيو. هڪ دفعي کيس پراڻو دوست سيد حسين شاهه بهاولپوري ملي ويو، جنهن سان گڏجي روهڙي ۽ لاڙڪاڻي جو سير ڪيائين. آخرڪار صوفين جي صحبت مان به مزو نه آيس ۽ مولوي قاسم علي شاهه شيرازي وٽ ڪوٽ ڏيجي ۾ آيو، جنهن کيس پنهنجي صحبت ۾ رکيو. اتي ٿورن ئي ڏينهن ۾ سندس دماغ جاءِ تي آيو. ان هوندي به سندس طبيعت ملول رهي. نيٺ عراق ۽ ايران جي سفر تي وڃي امامن جي روضن جي زيارت ڪري آيو. پوءِ ڳوٺ اچي ”گلدستئه ريحان“ نالي فارسي ۾ هڪ ڪتاب لکيائين، جنهن ۾ مير علي مراد خان متعلق ڪجهه احوال سان گڏ پنهنجي سفر جو سربستو احوال لکيائين(2). اهو ڪتاب به سندس هڪ سٺي اديب هجڻ جي ساک ڀري ٿو.

سرائي احمد علي خان کانپوءِ سندس ڀائيٽو سرائي الطاف حسين خان ولد سرائي ڪرم علي خان، مير علي نواز خان جي مهمان خاني جو مهتمم اعليٰ ٿي رهيو(3). سرائي الطاف حسين خان جو ڀاءُ سرائي اشفاق حسين خان عرف ربنواز خان، مير علي مراد خان ثاني وٽ منشي هو، جيڪو اڳئين مهيني ۾ وفات ڪري ويو. هو سنڌي ۽ اردو جو هڪ چڱو شاعر به هو.

سرائي گل شير خان: هي سرائي ولي محمد خان جو فرزند هو ۽ بلوچن جي رودراڻي قبيلي مان هو. هن قبيلي کي خيرپور ۾ ”ميرجت“ به سڏيندا آهن. سرائي گلشير خان جو پڙ ڏاڏو سرائي رواچ خان، مير سهراب خان سان گڏجي خيرپور ۾ آيو ۽ ڪوٽ ڏيجي جي ڀرسان ڪجهه زمين حاصل ڪري ويٺو. هن سان سندس پٽ حاڪم خان به گڏجي آيو هو(4).

سرائي گلشير خان جي ولادت 1865ع ۾ ٿي ۽ مير علي مراد خان جي آخري ڏينهن ۾ هڪ معمولي خدمتگار جي حيثيت ۾ مير صاحب جو نوڪر ٿي رهيو. ٿورن ئي ڏينهن ۾ ترقي ڪري مير احمد علي خان جو مختيارڪار بڻجي ويو. هڪ دفعي مير محمد مراد خان سان ۽ ٻئي دفعي مير فيض محمد خان سان گڏجي ڪربلا معليٰ جي زيارت ڪري آيو. مير احمد علي خان جي وفات کان پوءِ نوڪري تان استعيفا ڏيئي گهر ۾ گوشه نشين ٿي ويٺو ۽ نومبر 1945ع ۾ وفات ڪري ويو(1). سرائي گلشير خان جو وڏو فرزند سرائي امداد علي خان مير علي مراد خان ثاني جو چيف سيڪريٽري ٿي رهيو ۽ ننڍو فرزند سرائي محمد حسن خان اڄ تائين مير صاحب جو اسٽيٽ مئنيجر آهي.

جمعاڻي سرائي: ڪوٽ ڏيجي جو جمعاڻي خاندان ميرن وٽ وڏي اقبال ۽ عزت سان رهيو. هن خاندان جو وڏو سرائي جمعو خان مير سهراب خان جي خاص خدمتگارن مان هو. سندس پٽ وايو خان ۽ پوٽو پليو خان مير مبارڪ ان جي اميرن ۾ برک هئا ۽ کين وڏو اقتدار حاصل هو. پلئي خان کي مير مبارڪ خان جي فرزند مير نصير خان وٽ به وڏي عزت هوندي هئي. پلئي خان جو فرزند سرائي ولي محمد خان مير علي مراد خان جي خاص خدمتگارن ۾ شامل هوندو هو. سرائي ولي محمد خان جا ٻه پٽ سرائي غلام محمد خان ۽ سرائي خير محمد خان، مير فيض محمد خان ۽ مير امام بخش خان وٽ وڏي عزت جا صاحب هوندا هئا. سرائي غلام محمد خان جو پٽ سرائي گل محمد خان مير علي نواز خان جو خاص دايو ٿي رهيو ۽ پڇاڙيءَ ۾ مختيارڪار به هوندو هو(2).

سرائي در محمد خان به مير علي نواز خان جو درٻاري امير هوندو هو. سرائي در محمد خان جو سوٽ سرائي فتح علي خان ولد سرائي خير محمد خان، مير علي نواز خان جي رازدان نوڪرن مان هو(3). جڏهن مير علي نواز خان ولي عهد واري زماني ۾ پنهنجي پيءُ کان ناراض ٿي هندستان هليو ويو هو، تڏهن سرائي فتح علي خان به ساڻس ڪٺو هو. هڪ دفعي شولاپور ۾ مير صاحب شينهن جو شڪار پئي ڪيو ته مير صاحب جي جان بچائيندي، سرائي صاحب شينهن جي هٿان مارجي ويو. سندس قربت شولاپور ۾ آهي. سرائي فتح علي خان کان پوءِ سندس ڀاءُ سرائي عطا محمد خان مير علي نواز خان وٽ وڏو رسوخ حاصل ڪيو ۽ خدمتگاري مان ترقي ڪري نائب وزير بڻيو(1).

هن وقت هن خاندان مان سرائي گل محمد خان هاءِ اسڪول ڪوٽ ڏيجي ۾ ماستر آهي. هو هڪ ڏاڍو پيارو ماڻهو آهي.

سرائي عبدالحڪيم خان: هي سارنگ فقير راڄپر جو فرزند هو،جيڪو لاڙ جو ويٺل هو ۽ اتان جي مري بلوچن سان سٺا تعلقات هيس.جڏهن مير مراد علي خان خيرپور  جي حڪومت جون واڳون  ورتيون،تڏهن ڪجھ مري بلوچن سان  گڏ سرائي عبدالحڪيم ۽ سندس والد سارنگ فقير کي به پاڻ وٽ گھرائي، ڪوٽ ڏيچي جي شهر ۾ آباد ڪيائين.

سرائي عبدالحڪيم خان مير صاحب جي خاص حڪيمن مان هڪ هوندو هو. سفر توڙي حضر ۾ ساڻس ڪٺو رهندو هو. هن جي وفات کانپوءِ سندس فرزند سرائي محمد بخش خان  مير صاحب جو خانداني حڪيم بڻيو.کيس طب ۾ وڏي مهارت هئي ۽ طب جي فن  ۾ ڪافي ڪتاب لکيائين. هن کي مير فيض محمد خان  ۽ مير امير علي جي درٻارين ۾ خاص رسوخ حاصل هوندو هو.هن کانپوءِ  سندس پٽ سرائي غلام اڪبر خان طب جي علم ۾ پنهنجن وڏن کان به وڌيڪ  حڪيم بڻيو ۽ کيس مير امام بخش خان ۽ مير علي نواز خان ٻنهي جي مصاحبن ۾ وڏي حيثيت حاصل هوندي هئي. هو هڪ وڏو مهمان نواز، ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ نيڪ نيت انسان ٿي گذريو آهي. سندس وڏي فرزند سرائي محمد بخش خان ثاني وٽ سندس هٿ جو لکيل بياض موجود آهي، جيڪو تشخيص امراض جي احوال سان گڏ مجرب نسخن جو بهترين مجموعو آهي(2).

سرائي لڌو خان: سرائي لڌو خان راچپر جي وڏهرن واري پاڙي مان هو ۽ راڻيپور جي ڀر سان گٺ واري ڳوٺ ۾ ويٺل هو. سرائي عبدالحڪيم خان جو دوست هو ۽ ان جي صلاح سان پنهنجن ٽن پٽن سرائي صفر خان، سرائي پياري خان ۽ سرائي الهڏني خان سان گڏجي مير علي مراد خان وٽ اچي نوڪري ڪيائين ۽ ڪوٽ ڏيجي ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. معمولي ملازمت مان ترقي ڪري ناري تعلقي جو محالڪار بڻيو. سندس ٽيئي پٽ به ميرن جي خدمتگارن ۾ شامل هئا، جن مان پياري خان سان مير علي مراد خان جو گهڻو پيار ٿي ويو. هن کيس پنهنجو مختيارڪار ڪري رکيو. پياري خان کان پوءِ سندس پٽ سرائي غلام رسول خان، مير احمد علي خان جو خاص ماڻهو ٿي رهيو ۽ ترقي ڪري مير صاحب جو مختيارڪار بڻجي ويو. مير احمد علي خان جي وفات کانپوءِ سندس صاحبزادن وٽ به ساڳي نوڪري تي قائم رهيو. سرائي غلام رسول خان کي سندس خدمتن جي صلي ۾ مير فيض محمد خان؛ مير امام بخش خان ۽ مير علي نواز خان وٽان مختلف موقعن تي پروانا ۽ انعام ملندا. وقت جا ٽيئي حاڪم پنهنجن خطن ۾ کيس پنهنجن پٽن وانگر (مانند فرزندان) لکندا هئا. هو هڪ وڏو دورانديش ۽ تجربيڪار آدمي ٿي گذريو آهي(1)

سرائي مبارڪ خان: هي سرائي الله اوباهئي خان سهاڳ جو فرزند هو. سرائي الله اوباهيو مير علي مراد خان جي نوتڪائين واري ديري جو نوڪر هو. آهستي آهستي ترقي ڪري عام مختار ٿي رهيو. کيس مبارڪ خان ۽ علي بخش خان نالي ٻه فرزند هئا، جيڪي مير شاهنواز خان وٽ روزانو ڇهن پئسن جي حساب سان نوڪري ڏيندا هئا. ٻئي ميرن جي ٻارن سان گڏ پڙهندا به رهيا. سرائي مبارڪ خان نوڪري واري زماني ۾ ئي فارسي ۾ چڱي مهارت حاصل ڪري ويو. جڏهن ڪجهه وڏو ٿيو، تڏهن مير فيض محمد خان جي ولي عهدي جو زمانو هو. هڪ دفعي محلاتي سازش هيٺ هڪ ٻانهيءَ مير صاحب جي طعام ۾ زهر ملايو. اها خبر سرائي مبارڪ خان کي پئجي وئي ۽ مير صاحب کي زهر کائڻ کان منع ڪيائين. مير صاحب ٻانهيءَ کي گهرائي سچي ڪرائي. سرائي صاحب جي انهيءَ وفاداري تي مير فيض محمد خان ڏاڍو راضي  ٿيو ۽ کيس ماني کارائڻ جو داروغو مقرر ڪيائين. جڏهن مير علي مراد خان وفات ڪئي ۽ مير فيض محمد خان گادي تي ويٺو، تڏهن سرائي مبارڪ خان کي پنهنجو توشڪي مقرر ڪيائين. مير صاحب جو سرائي صاحب تي وڏو اعتماد هوندو هو ۽ سندس چوڻ ڪڏهن به نه موٽائيندو هو. مير صاحب جي مهر به مبارڪ خان جي حوالي هوندي هئي. مير فيض محمد خان جي وفات کانپوءِ مير امام بخش خان جي وقت ۾ به سرائي مبارڪ خان جي بخت جو ستارو بلند رهيو. مير صاحب کيس هڪ گهڙي به پاڻ کان پري نه ڪندو هو. هو مير صاحب جي زبان بڻجي ويو هو. مير امام بخش خان جي وفات کانپوءِ پنهنجي گهر گوشه نشين ٿي ويٺو. کيس گهر ويٺي مير علي نواز خان ڏيڍ سؤ رپيا موڪليندو رهندو هو. ٽن سالن بعد سرائي مبارڪ خان وفات ڪري ويو ۽ پنهنجي پٺيان ٻه پٽ سرائي امداد علي خان ۽ سرائي غلام سرور خان نالي ڇڏي ويو.

سرائي مبارڪ خان جو وڏو پٽ سرائي امداد علي خان مير علي خان جي ڪئمپ ۾ آيو ۽ ٽيهن روپين جي پگهار سان معمولي نوڪر بڻيو. هن به آهستي آهستي ايمانداري سان نوڪري ڏيئي مير صاحب جو اعتماد حاصل ڪيو ۽ توشڪي بڻجي ويو. اهو مير علي نواز خان جي عشق وارو زمانو هو، جڏهن سندس نڪاح ۾ آيل محبوبه بيبي اقبال بيگم عرف بالي ساڻس ناراض ٿي لاهور ۾ وڃي رهي ۽ مير صاحب جي جواهرات مان اڍائي لکن جو ياقوت، سٺ هزارن جو هيرو ۽ ٽيهن هزارن جو زمرد به کڻي ويئي. مير صاحب جي حڪم سان سرائي صاحب لاهور وڃي بيگم صاحبه کي پرچائڻ لاءِ رهيو. ڏيڍ سال لاهور ۾ رهڻ بعد هن بيگم صاحبه کي راضي ڪري ورتو. طالب ۽ مطلوب ٻيئي هڪ ٻئي سان راضي ٿيا ۽ سرائي صاحب جي اقبال ۾ اضافو آيو. هن کي انعام ۾ هڪ سؤ ايڪڙ زمين جا جاگير طور ڏنا ويا ۽ کيس ڪئمپ شاهي جو مدار المهام بڻايو ويو. هو مير صاحب جي زندگي جو سارو عرصو شان ۽ شوڪت سان نوڪريءَ ۾ رهيو. مير صاحب جي وفات کانپوءِ پنهنجي ڳوٺ ٽالپر وڏا ۾ زميندار ٿي رهيو ۽ 1952ع ۾ وفات ڪري ويو. هاڻي سندس چار پٽ غلام شبير خان، عطا محمد ۽ الطاف حسين خان سرڪاري نوڪرين ۾ آهن ۽ سفيد پوشيءَ جي زندگي گذاري رهيا آهن(1).

اُتڙن جو خاندان: ڪوٽ ڏيجيءَ جا انڙ اصل ۾ نواب شاهه ضلعي جا آهن. هنن جي مورث اعليٰ محمد عاقل خان جا خيرپور جي حاڪم مير فيض محمد خان اول سان سٺا تعلق هوندا هئا ۽ وٽس هميشه ايندو رهندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن مير صاحب هن کان نياڻي جو سڱ گهريو، جيڪو هن خوشي سان ڏيڻ قبول ڪيو. مير صاحب جي شادي کانپوءِ هو پنهنجي خاندان سميت ڪوٽ ڏيجي ۾ اچي رهيو. ميرن سان تعلقات سبب سرائي سڏجڻ ۾ آيو. سرائي محمد عاقل خان جو پٽ سرائي لعل بخش خان ۽ سرائي شاهه بخش خان کي سرائي محمد حسين خان ۽ سرائي نذر حسين خان نالي ٻه پٽ ڄاوا، جيڪي پڙهي علم جا اڪابر ٿيا. سرائي محمد حسين خان زمينداري ۾ مشغول رهيو ۽ سرائي نذر حسين خان پوليس ۾ سب انسپيڪٽر ٿي رٽائر ڪيو. هن وقت ٻئي ڀائر ڪوٽڏيچي  ۾ سفيد پوشيءَ جي زندگي گذاري رهيا آهن.سندن پٽ ۽ پوٽا سرڪاري نوڪرين ۾ آهن.(2)

سرائي علڻ خان: سرائي علڻ خان خاصخيلي مير محمد مراد خان ٽالپر جو مختيارڪار هوندو هو ۽ مير صاحب جو سمورو ڪاروبار سنڀاليندو هو. سندس گهر موجوده فوجداري جي ڀرسان اتر اوڀر طرف تي هوندو هو. مير فيض محمد خان جي زماني ۾ سڀني سرڪاري تقريبن ۾ ميلي ملاکڙي يا کيل تماشي جو بندوبست سرائي گنهور سان گڏجي ڪندو هو. هو هڪ وڏو دلعزيز، سخي مرد ۽ ڊگهي نظر وارو ماڻهو هو. سندس دسترخوان تمام ڪشادو هو. ڪيترائي بيروزگار سندس اوطاق تان پلبا هئا. وڏي شان شوڪت ۽ ٺٺ ٺانگر سان رهندو هو، کيس خيرپور رياست جي اميرن ۾ وڏي حيثيت هوندي هئي. هو پهلوانن ۽ مَلهن جي سرپرستي به ڪندو هو(3).

سرائي ڌنل خان: هي سنڌ جي مشهور معروف ڌاريجا قوم  مان هو ۽ هيسباڻين جي ڳوٺ جو ويٺل هو. سرائي علڻ خان جي عملي ۾ هڪ معمولي نوڪر جي حيثيت سان داخل ٿيو. ٿوري ئي وقت ۾ سرائي صاحب ۽ مير صاحب جو اعتماد حاصل ڪري ترقي ڪيائين. سرائي علڻ خان سان رشتيداري به هيس. سرائي علڻ خان کان پوءِ ان جو جانشين بڻيو ۽ مختيارڪاري جي عهدي تي پهتو. هي به سرائي علڻ خان وانگر وڏو مهمان نواز ۽ هر دلعزيز ماڻهو هوندو هو. ميرن جي خاندان جو بنيادي خدمتگار هو. سخن جو سچو ۽ مانيءَ جو ملهه هوندو هو. سندس اوطاق پراڻي ۽ ڊٺل هئي، جتي ماڻهن جا ميلا متل هوندا هئا.

باب چوڏهون

مخدوم، قاضي ۽ عالم

کهڙن جا مخدوم: کهڙن جا مخدوم رسول پاڪ ﷺ جن جي چاچي حضرت عباس جي اولاد مان آهن. سندن وڏو ڏاڏو مخدوم محمد ابراهيم، بغداد جي خليفي معتصم عباسي جي ڏينهن ۾ دين جي تبليغ لاءِ سنڌ ۾ آيو، جنهن جي اولاد مان ڪيترائي برگزيده بزرگ پيدا ٿيا، جيڪي پنهنجي پنهنجي وقت ۾ ديني اقتدار قائم رکندا آيا. انهيءَ خاندان جا پنج گادي نشين، مخدوم عبدالله، مخدوم جمال الدين، مخدوم عبيدالله، مخدوم يحيٰ ۽ مخدوم محمد هڪ ٻئي پٺيان، حيدرآباد جي ڀرسان، ڪلور واري ٽڪريءَ وٽ مقيم رهيا. کين ”ڪلور واله بزرگ“ سڏيو ويندو هو. اهو لفظ ڪلور واله بگڙي ”ڪلهوڙا“ بڻجي ويو. ان کان پوءِ مخدوم احمد 870 هجري ۾ ٺٽي ۾ وفات ڪئي، جتي سندس فرزند مخدوم اسد الله لڏي اچي ويٺو. مخدوم اسد الله 966 هجري ۾ تبليغي دورو ڪندي، گمبٽ جي ڀرسان پپريءَ جي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي، تنهن ڪري سندس فرزند مخدوم جمال الدين ثاني اتي اچي سڪونت اختيار ڪئي. ان کان پوءِ سندس فرزند مخدوم يحيٰ ثاني اتي اچي سڪونت اختيار ڪئي. ان کان پوءِ سندس فرزند مخدوم يحيٰ ثاني به پپريءَ ۾ ئي رهيو، جتان ان جو پٽ مخدوم عبدالخالق لڏي اچي کهڙن جي شهر ۾ ديني درسگاهه قائم ڪري ويٺو. سندس وفات 1063 هجري ۾ ٿي.

مخدوم عبدالخالق کان پوءِ کهڙن ۾ مخدوم محمد عاقل اول، مخدوم محمد، مخدوم عبدالرحمان شهيد ۽ مخدوم محمد هڪ ٻئي پٺيان سجاده نشين ٿيندا آيا. مخدوم عبدالرحمان شهيد جو ننڍو پٽ مخدوم احمدي، پنهنجي وڏي ڀاءُ مخدوم محمدي جي وفات کان پوءِ سن 1171 هجري ۾ گاديءَ تي ويٺو. هو ڪلهوڙن جي آخري ۽ ٽالپرن جي اوائلي دؤر جو وڏي ۾ وڏو عالم هو. کيس وقت جا حاڪم به قدر جي نگاهه سان ڏسندا هئا. هن جي ئي ڏينهن ۾ برهان نالي هڪ بدعتي فقير پيدا ٿيو، جيڪو شعبده بازين جي ذريعي مير فتح علي خان کي به پنهنجو معتقد بڻائي چڪو هو. مخدوم صاحب حيدرآباد وڃي ساڻس مناظرو ڪيو ۽ کيس گرفتار ڪري کهڙن ۾ وٺي آيو. هو ڇهن مهينن تائين مخدوم صاحب جي قيد ۾ هو. هڪ رات پير محمد راشد کي ريهي ريبي بند ڪشادا ڪرائي هميشه لاءِ فرار ٿي ويو.

گمبٽ ۽ راڻيپور جي پيرن جا وڏا سيد محمد شاهه ۽ سيد احمد شاهه جڏهن بغداد کان سنڌ ۾ آيا هئا، تڏهن پورا ٻارهن مهينا مخدوم احمدي جي اوطاق ۾ قيام پذير هئا. ٻنهي ڀائرن جا مخدوم صاحب سان دوستاڻا ۽ گهاٽا تعلقات هئا. هو پير پاڳارن جي وڏي پير محمد راشد سائين جو به استاد هو. افغانستان ۽ سنڌ جا سمورا حاڪم کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. هن 1203 هجري ۾ وفات ڪئي.

مخدوم احمد جي وفات کان پوءِ سندس وڏو فرزند مخدوم محمد عاقل ثاني خلافت جي گاديءَ تي ويٺو. هو هڪ وڏو موجد هو ۽ رات ڏينهن محمدي دين کي وڌائڻ ۽ بي ديني جي پاڙن پٽڻ ۾ مصروف رهندو هو. بي دين سندس پاڇي کي ڀڄندا ۽ ڇرڪندا هئا. وقت جا حاڪم سندس معتقد هوندا هئا ۽ سندس ديني ڪمن ۾ ڪا به دست اندازي نه ڪندا هئا. جتي ڪٿي سندس ڌاڪو ڄمايل هوندو هو. جيڪڏهن ڪو غير مسلم هيڪر ڪلمو پڙهندو هو، ته پوءِ ان کي زوري مسلمان ڪندو هو. هڪ دفعي مير سهراب خان مختيارڪار ديوان واڌو مل ۽ سندس پٽ ڌنيچند کي زوري مسلمان ڪيائين ته ڪجهه ميرن اعتراض ڪيو. مخدوم صاحب ساڻن وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويو، مگر راڻيپور جي پيرن وچ ۾ پئي جهڳڙو ٽاري ڇڏيو.

مخدوم صاحب جي زماني جا مشهور مجذوب گنگو فقير ۽ قاسم علي شاهه به ڪڏهن ڪڏهن ڪپڙا ڍڪي اچي وٽس ويهندا ۽ رهاڻ ڪندا هئا. هڪ دفعي سچل سرمست جو شطحي (خلاف شريعت) ڪلام ٻڌي مخدوم صاحب درازن ۾ وڃي کيس تعزير ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو. سچل سرمست سندس تيار ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي کهڙن ۾ آيو ۽ مخدوم صاحب ساڻ ملي چيائين، ”بندي کي ڪهڙي مجال آهي جو شريعت جي خلاف وڃي.“ ان تي مخدوم صاحب کيس آئنده لاءِ هدايت ڪئي.


(4)  زباني احوال: سرائي پيارو خان ثاني، ساڪن ڳوٺ پيارو خان.

(1)  زباني احوال: سرائي پيارو خان ثاني، ساڪن ڳوٺ پيارو خان.

(2)  زباني روايت: سرائي ربنواز خان، ساڪن خيرپور ميرس.

(3)  قليچ بيگ مرزا: ”خيرپور جي تاريخ“ حوالو ڏنل آهي، ص، 175 ۽ 176.

(1)  زباني روايت: سرائي ربنواز خان، ساڪن خيرپور ميرس.

(2)  احمد علي خان سرائي: ”گلدسته ريحان“، فارسي ۾ قلمي نسخو.

(3)  زباني روايت: سرائي اعجاز حسين خان وڪيل خيرپور ميرس.

(4)  زباني احوال: سرائي امداد علي خان، ساڪن ڪوٽ ڏيجي.

(1)  زباني احوال: سرائي امداد علي خان، ساڪن ڪوٽ ڏيجي.

(2)  جمعاڻي خاندان جو شجرو: مملوڪه سرائي گل محمد خان.

(3)  زباني احوال: سرائي گل محمد خان، ساڪن ڪوٽ ڏيجي.

(1)  زباني احوال: سرائي گل محمد خان جمعاڻي، ساڪن ڪوٽ ڏيجي.

(2)  زباني احوال: سرائي گل  محمد بخش راڄپر، ساڪن ڪوٽ ڏيجي.

(1)  زباني احوال: سرائي لطف علي خان، ساڪن ڪوٽ ڏيجي.

(1)  امداد علي خان، سرائي: ”سهاڳن جو احوال“، قلمي مسودو، مملوڪ سرائي غلام شبير خان، ساڪن ڳوٺ ٽالپر وڏا.

(2)  زباني احوال: سرائي نذر حسين خان اُنڙ، ساڪن ڪوٽ ڏيجي.

(3)  زباني احوال: سرائي واحد بخش خان خاصخيلي، ساڪن خيرپور.

(1)  زباني احوال: سرائي واحد بخش خان خاصخيلي، ساڪن خيرپور.

(2)  علي محمد شاهه، راشدي. پير: ”اهي ڏينهن اهي شينهن“، حوالو ڏنل آهي، ص 71، 72.

(1)  الله بخش مخدوم، عاصي: ”تذڪره مخاديم کهڙا،“ قلمي نسخو مملوڪه راقم الحروف.

(2)  ايضاً:

(1)  الله بخش مخدوم عاصي: حوالو ڏنل آهي.

(2)  ايضاً

(1)  الله بخش مخدوم، عاصي، حوالو ڏنل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org