سيڪشن؛ادب

ڪتاب: خيرپور  جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو

باب:

صفحو:15 

شادماني تي ست رڇي پچندي آهي، ست رڇي جا خونچا کڻي هر هڪ ديري تي پهچائيندا آهن. هر هڪ خونچي ۾ ڏهه ڏهه ڍاڪون هوندا آهن. پرستار زاده، ميرن جي ديرن تي پنج پنج ڍاڪون موڪلبا آهن. کائي ٻي خوشي ڪرڻ کان پوءِ گهوٽيتا پنهنجي گهر موٽي ايندا آهن.

.iv مڱڻو: شادماني کان ڪجهه ڏينهن پوءِ مڱڻي جي تقريب ٿيندي آهي. هن موقعي تي زنانا ڪپڙا، جتيون، اڳٺ، سڳيون ۽ رومال پنج پنج جوڙا ۽ سمورا زيور کڻي هلندا آهن. انهن مان هڪ وڳو ڪنوار کي پارائيندا آهن ۽ باقي وڳا وغيره ڪنوار جي ماءُ کڻي رکندي آهي ۽ ڏاج ۾ موٽائيندي آهي. ڪنوار جو پيءُ هڪ لونگي کڻي اچي گهوٽ جي ڪلهن تي رکندو آهي. هن کي شربت جوگلاس پياريءَ رومال به ڏيندو آهي. ۽ سوني منڊي به پارائيندو آهي. پوءِ ٻانهي ٿالهه ۾ بصريون کڻي ايندي آهي، جيڪي ڏاڏي پوٽا کائيندا آهن. پوءِ ٻانهيون گهوٽ کي اندر وٺي وينديون آهن، جتي هو پنهنجي سس کي پيرين پوندو آهي. ٻلهاڻڻ يا ميراسڻ وٽو جهلي ويل وٺندي آهي. دهلاري در تي دهل وڄائيندا آهن. اهي سمورا سوڻ گهڻو ڪري صبح جوٿيندا آهن(2).

تٿ: ڪڏهن مڱڻي کان اڳ ۾ ۽ ڪڏهن پوءِ سموري برادري کي سڏي، شاديءَ جي تٿ ٻڌٻي آهي، يعني شادي جي تياريءَ ۾ مصروف ٿي ويندا آهن ۽ ان موقعي تي به برادري جو وات مٺو ڪرائبو آهي.

.v تياري: تٿ ٻڌڻ کان پوءِ گهوٽيتا شاديءَ جي تياريءَ ۾ مصروف ٿي ويندا آهن ۽ ان موقعي لاءِ طرح طرح جو سامان ڪٺو ڪندا آهن. مختلف مهمانن جي رهائش وغيرهه لاءِ بنگلا مقرر ڪيا ويندا آهن ۽ بيشمار لانڍيون تيار ٿي وينديون آهن. راڳين، ڪڃرين، ڪتڪن ۽ بازيگرن کي گهرائڻ جو بندوبست ڪبو آهي. برادري ۽ معزز ماڻهن ڏانهن دعوتون موڪليون وينديون آهن. تٿ واري ڏينهن کان وٺي مڱڻهارن ۽ ٻلهاڻن جو وارو وري ويندو آهي. هو هر هر برادريءَ جي ماڻهن وٽ وڃي ويل وٺندا رهندا آهن. دهلاري بيهجي ويندا آهن ۽ شادي گذرڻ تائين هڪ قسم جو وڏو ميلو لڳي ويندو آهي. روزانو کيل تماشا، ناٽڪ، ناچ، گانا، آتشبازي، گهٽن جي ويڙهه، ملاکڙا ۽ هر قسم جي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويندو آهي. مختلف ڳوٺن کان ڇيڙا اچي ڪم ڪار کي لڳي ويندا آهن(1).

.vi ونواهه: شادي کان ست ڏينهن اڳ ۾ وناهه يا ونواهه جي ساٺ ٿيندو آهي. هي ساٺ سڄو زنانو هوندو آهي ۽ ڄڃ سان گهوٽ نه هلندو آهي. هن موقعي تي ديڳيون چاڙهي ڪڻڪ جو اٽو ڀڃندا آهن ۽ ان ۾ هرقسم جي ميوات، باداميون، پستا وغيره وجهندا آهن. انهيءَ طعام کي ”ڪڻ وڻ“ يا ڀوڳاڙو سڏيندا آهن. ڪڻ وڻ جا اٺ ڪنا ڀربا آهن. ان کان سواءِ ٻاٽڻ جي اٽي، مصري ۽ کنڊ جا ٽي ڪنا به ڀربا آهن. برادري جا ماڻهو انهن ڪنن کان سواءِ ٻيو به ڪيترو سامان کڻي هلندا آهن. ٽاڪا گلابي پٽ جا هوندا اٿس. هڪ کهنبو، هڪ بوڇڻي، سائي سٿڻ، ميناڪاريءَ سان چانديءَ جون ڪڙيون،چاندي جا ٻه واڍيلا، چاندي جي هسي، مکڻ ماکي، ڪيسوڦل، جليبين جو اٽو، جون جو اٽو، چڻن جو اٽو ۽ تيل صابڻ.

اڳ ۾ ٻلهائڻ يا ميراسڻ هلندي آهي ۽ ان جي پٺيان ٻي ڄڃ هوندي آهي. ڪنواريتا اڳ ۾ ئي در تي هڪ ڪلو کوڙي جنڊ جو پڙ رکي ڇڏيندا آهن. سڄي ڄڃ ان جنڊ جي پڙ مٿان لنگهندي آهي. ڪنواريتون ڄڃ جي اڳيان پاڻيءَ جو دلو هارينديون آهن ۽ ڄڃ جي مٿان گلاب جو پاڻي ڇڙڪائينديون آهن. پوءِ ڄڃ ڪنوار جي ڪوٺيءَ ۾ ايندي آهي. ست سهاڳڻيون گڏجي هن جا وار کولينديون آهن. جن کي ”مينڍا کولڻ“ سڏبو آهي. ان وقت ڪنوار کي مکڻ ماکي به چٽائينديون آهن ۽ اکا به ٻڌنديون آهن. مختلف قسمن جو اٽو، تيل صابڻ ۽ ٻيو سامان ڪنوار جي ماءُ کي ڏينديون آهن. انهن ساٺن هلندي ٻلهائڻ يا ميراسڻ جيڪو لاڏو ڳائيندي آهي، ان کي ”ڪامڻ“ سڏبو آهي(1).

.vii سرور: شاديءَ کان هڪ رات اڳ ۾، سرور جا ساٺ ٿيندا آهن.ڄڃ جي در ٽپڻ وقت، ڪنواريتيون ان جا اکا هڻنديون آهن. ان کان سواءِ اندرئين در تي ڪچي سٽ جون ست تندون ٻڌل هونديون آهن، جيڪي گهوٽ جي ماءُ پنهنجي سيني سان زور ڏئي ڇنندي آهي. ڪنواريتن وٽ وڃڻ کان پوءِ ماني ۽ چانهه پاڻيءَ جو دور هلندو آهي. واندڪائي بعد گهوٽيتن جي طرف کان سڪي ۽ ڪٽيل مينديءَ جا پنج ٿالهه ڀرجي ايندا آهن. پوءِ اها ميندي ڀڄائيندا آهن. هڪ مٽ ۾ پاڻي وجهي هڪ هڪ شهزادي ميندي جاست ٻڪ وجهندي ويندي آهي. پوءِ پڳل ميندي جا ٿالهه ڀري ميز تي رکبا آهن، جيڪي رنگ ڪرڻ بعد کارڪن سان گڏ ورهايا ويندا آهن. ان وقت ڪٿي ڪٿي ميندي ورهائڻ بعد کير به ورهائبو آهي. ان وقت ڳائڻ واريون ويل وٺنديون آهن ۽ سهرو ڳائينديون آهن، جنهن جا ڪجهه ٻول هي آهن:

سرنبل دي سوني سهري        سهري جوڙ بڻيدي هان

لک ٽڪا حاڪم تون قربان          مئين گهندي هان

ڏيندي  هان   مئين     لک ٽڪا قربان.

جوڙي تون مئين گهندي هان.

ان وقت کان وٺي اسر تائين جهمرين ۽ تاڙين جا سٽڪا هوندا آهن. اسر جو سڀ ميراسڻيون ۽ ميراڻيون وغيره ڳچيءَ ۾ ڪپڙو وجهي، ڪعبي ڏي منهن ڪري بيهنديون آهن. هڪ کهنبي ۾ سئو رپيا ٻڌي ميراسڻ يا ٻلهاڻڻ جي حوالي ڪبا آهن. ٻلهاڻڻيون ان وقت بيهي سرور جو سهرو خوش الحاني سان ڳائينديون آهن. ان سهري جا ڪل ٻٽيهه ٻول هوندا آهن.

انهن ساٺن هلندي سج اڀري ويندو آهي ۽ پتاشا وغيره ورهائي مبارڪون ڏنيون وينديون آهن(1).

.viii پينئر: سرور کان پوءِ صبح جو کهنباٽي ايندو آهي ۽ در تي ويهي کهنبا رڱيندو آهي. کهنبن جو پيلو ۽ ڳاڙهو پاڻي ٻلهاڻي ۽ ننڍا مير کڻي ويندا آهن ۽ مذاق طور گهوٽيتن کي هڻندا آهن. کهنبي ٺاهڻ وقت به ويل ملندي آهي، جيڪا کهنباٽي کڻي ويندو آهي(2).

.ix شادي: شام جو شاديءَ جا ساٺ ٿيندا آهن. گهوٽيتن ۽ ڪنواريتن جون عورتون ڪٺيون ٿينديون آهن ۽ ڄڃ اڳيان ڏاج جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي. ڏاج ڏيکارڻ بعد ميرياڻيون، ٻانهيون ۽ ميراسڻيون وغيره گڏجي گانا ڳائينديون آهن. ڪنواريتا ڪنوار کي حيثيت آهر ڏاج ۾ هر قسم جو سامان ڏيندا آهن. گهوٽيتن طرفان ايڪويهه جفت يعني چولو پوتي ۽ ويهه جوڙا ڏنا ويندا آهن. گهوٽ ماءُ نياڻين کي مٿي تي کهنبا وجهندي آهي ۽ ڪنوار وٽ وڃي، هن کي نٿ پارائيندي آهي.

پوءِ ان جو ڇڄ ۽ ڇهار کڻي ست سهاڳڻيون ان ڇڙي، جنڊ تي وڃي بيهنديون آهن ۽ ستئي ڄڻيون جنڊ ۾ هٿ وجهنديون آهن. اکري، جنڊ، دهل ۽ دروازي، هر هڪ کي ڳانو ٻڌبو آهي. هن ساٺ کي ”ٻڪي“ سڏيندا آهن.

ٻڪي وقت گهوٽ کي اندر سڏبو آهي. هن کي پيءُ يا وڏو ڀاءُ ڳانو ٻڌندو آهي ۽ ڀيڻ ميندي لائيندي اٿس. گهوٽ کي ڪنواريتن طرفان ڪپڙا ملندا آهن. جن کي چنگ يا ڪپڙا سڏبو آهي. اهي ڪپڙا هٿ جا سبيل صرف ٽوپا ڏنل هوندا آهن. هنن ۾ قينچي استعمال نه ٿيندي آهي. اهي ڪپڙا هڪڙي رومال ۾ ٻڌي ڏبا آهن. هڪ ڊگهو کهنبي جو ڪپڙو هوندو آهي، جنهن جو اڌ گوڏ طور استعمال ٿيندو آهي ۽اڌ لڱن کي ويڙهيو ويندو آهي. گوڏ واري حصي کي پيڇوڙي ۽لڱن واري حصي کي پٺيوڙي سڏبو آهي. پڳ گلابي ڪپڙي جي ۽ جتي بناتي هوندي آهي ۽کهنبو ۽ ڀوڇڻي گڏي پڳ جي مٿان ٻڌبا آهن. پوءِ گهوٽ کي ڪوٽ جي ٻاهرين دروازي تي آڻيندا آهن، جنهن کي وڪڙ سڏبو آهي. اتي گهوٽ کي ڀيڻ کير پياريندي آهي ۽ گهوٽ ڀيڻ کي هڪ سئو رپيا ۽ مڱڻهارن کي هڪ سئو ٽڪا ڏيندو آهي.

هڪ طرف زالاڻان ساٺ پيا ٿيندا آهن ته ٻئي طرف گهوٽ جا ويجها رشتيدار ڪانن جي تيلين مان پکو ٺاهيندا آهن. اڏڻ ۾ صرف ڪرڙ جون ڪاٺيون ڪم آڻبيون آهن. پکي لاءِ ست ٿوڻيون هونديون آهن، جن جي هر هڪ ڏري ۾ ٿوڻين هيٺان هڪ هڪ ٽڪو، ڳڙ ۽ ان پوريو ويندو آهي. پکو تيار ڪري ان جي چوڌاري ٿوڻا ٻڌي پلويڙو ٺاهبو آهي. پکي ۾ پيش جو ٿڏو پٿاري ان تي سيج وڇائبي آهي انکان پوءِ پنهنجي برادريءَ مان ڪنهن ماڻهو کي پکي تي پهريدار مقرر ڪبو آهي. پکي ٺاهڻ کان پوءِ پنج مٽ اٽي جا، پنجن ڪورين دانگين تي پچائبا آهن. ماني پچائڻ وارين عورتن مان هڪڙيءَ مٿان چار ويجها عزيز تلوارون جهلي بيهندا آهن ۽ تلوارن جي مٿان کهنبو وجهبو آهي. انهن پڪل مانين مان ڪٽي ٺاهبي آهي، جيڪا لائون ڏيڻ بعد ورهائبي آهي پوءِ هڪ جانور ذبح ڪري، ان جو ڪچو جيرو ۽ هڪ ماني پکي سان ٻڌي ڇڏيندا آهن. هن ساري ساٺ کي پٺي جهلڪيو سڏبو آهي.

اهو سارو وقت گهٽ سان هڪ ويجهو عزيز بندوق ۽ تلوار سان ڪٺو رهندو آهي، جنهن کي انهر چئبو آهي.

اسر جي ڪنوار جو مٿو ويڙهي، کيس ڪپڙا ڪرايا ويندا آهن. ڪپڙن ۾ اڇي سٿڻ کليل پاچن سان هوندي آهي. گهگهو اهڙو هوندو آهي جنهن جي پٺي اگهاڙي ۽اڳ ڍڪيل رهندو آهي، گهگهي جون ٻانهون ٺونٺين تائين هونديون آهن. ان کان سواءِ هڪ کهنبو ۽ هڪ بوڇڻي به هوندي آهي. ڪنوار جي سٿڻ ۾ اڳٺ لاک جو هوندو آهي ۽ جتي به لاک سان ڀريل هوندي آهي، جنهن جي لاکي سڏبو آهي. سندس سڳيون به لاک جون هونديون آهن.

مٿين سڀني ساٺن کان پوءِ نڪاح خواني ٿيندي آهي، جنهن ۾ ڇهارا ۽پتاشا تقسيم ٿيندا آهن. نڪاح بعد ميرپورخاص ۽ حيدرآباد وارا مير گهوٽ کي سرڪس ڪري مسجد ڏانهن وٺي ويندا آهن ۽ هو مسجد ۾ نماز پڙهندو آهي. خيرپور وارا مير سرڪس ڪري گهوٽ کي ڪنواريتن ڏانهن آڻيندا آهن. رستي تي گهوٽ جي مٿان پئسا گهوريا ويندا آهن. ٻاهرين دروازي تائين گهوٽ جو پيءُ يا چاچو کيس اندر پکي ۾ وٺي ايندو آهي. اندرئين دروازي کي سٽ جي تندن سان ڏانوڻ ڏائيندا آهن ۽ گهوٽ هڪ ڍڪڻي ڀڃندو آهي. ان کان پوءِ گهوٽ ڪنوار جي رئي تي نماز پڙهندو آهي. نماز کان پوءِ گهوٽ ۽ ڪنوار کي سرمون پارائيندا آهن ۽ ٻنهي کي قرآن پاڪ جي زيارت ڪرائيندا آهن. ان کان پوءِ ويجهن عزيزن مان هر هڪ واري سان گهوٽ ۽ڪنوار ٻنهي جا مٿان پاڻ ۾ ملائيندو آهي. هن ساٺ کي ”لائون لهڻ“ سڏبو آهي. لانئن ڏيارڻ کان پوءِ گهوٽ ۽ ڪنوار کي پکي ۾ اڪيلو ڇڏي هر هڪ هليو ويندو آهي. پکي وارو پهريدار به هٽي ويندو آهي. پکي کي چوڌاري هڪ ٻٽي ڪپڙي جو پلويڙو ڏئي ڇڏيندا آهن، جنهن کي ”پڇل“ سڏبو آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ گهوٽ ٻاهر نڪري نوان ڪپڙا پائيندو آهي ۽ هڪ ٻڪريءَ جي ڪن کي ٽڪو ڏيندو آهي. اها ٻڪري ٻلهائڻ يا ميراسڻ ڪاهي ويندي آهي. ان وقت گهوٽ جي ماءُ مهري سيراندي ڪري ان جي ڳوڻ تي گهڙي کن لاءِ سمهي پوندي آهي. ان بعد گهوٽ پيءُ ماءُ ۽ وڏن عزيزن کي پيرين پئي، مهمانن سان اچي ملندو آهي. سڀئي مهماني طور کيس ڪجهه سلامي جا پئسا ڏيندا آهن(1).

.x نکيٽي: شاديءَ جي ٻي رات تي نکيٽيءَ جا ساٺ ٿيندا آهن. هن رات تي گهوٽيتا گهوٽ ۽ ڪنوار ٻنهين کي پنهنجي گهر وٺي ايندا آهن. واپسي وقت گهوٽ جي پٽڪي جو پلاند ڪنوار جي پوتيءَ جي پلاند سان ٻڌي ڇڏيندا آهن. ٻلهائڻ يا ڪا ٻانهي پنج پاءُ اٽو کڻي گيهه ملائي اٽي جا ڏيئا ٺاهيندي آهي. پوءِ کير، ڀت۽ گيهه ۾ ٻاريل ڏيا ٻلهائڻ هٿ ۾ جهلي بيهندي آهي. ڪنوار جي مٿي تي ڏاس مان ٺهيل سينهون ڏئي، ان تي کير جون ٻه ڪوريون دکيون رکبيون آهن. جن کي ٻيلهڙا سڏبو آهي. گهوٽ کي بغل ۾ وهاڻو ۽ ڪلهي تي مانڌاڻي هوندي آهي. ڪڏهن اها مانڌاڻي ڪنوار به کڻندي آهي. پوءِ ڪنوار ٿنڀي کي ڀاڪر وجهي بيهندي آهي ۽ سندس سهرو اچي کيس هيرو يا ڪو ٻيو ڪجهه ڏئي سندس هٿ ڇڏرائيندو آهي. ان بعد گهوٽ ۽ ڪنوار ٻنهي کي کير ڀت کارائي، پلو ڇوڙائيندا آهن ۽ گهر وٺي ويندا آهن(1).

.xi ستاوڙو: ستن ڏينهن کان پوءِ گهوٽ ڪنوار ٻئي ڄڻا گڏجي ڪنوار جي گهر ويندا آهن ۽ ڪجهه ڏينهن اتي رهي پوءِ واپس پنهنجي گهر موٽي ايندا آهن. اهو پهريون دفعو ڪنوار جي گهر وڃڻ کي ستاوڙو سڏبو آهي(2).

.xii دڳي: جڏهن ڪنوار کي پيٽ ٿيندو آهي ۽ پنج مهينا گذرندا آهن. تڏهن پيڪا يعني ڪنوار جا مائٽ هن ڏانهن هڪ گهگهو، چني ۽ ٻار جا ڪپڙا کڻي ايندا آهن جن کي دڳيءَ جا ڪپڙا سڏبو آهي. ان وقت جوئر جا ڦلا کارڪون تقسيم ڪبيون آهن. نون مهينن گذرڻ بعد دستور موجب پڌرو ڪري کارڪون ۽ ميندي تقسيم ڪندا آهن(3).

.xiii ڄم: ٻار ڄمڻ کان پوءِ ٻار جو پيءُ، ڏاڏو يا پريو مڙس ٻار جي سڄي ڪن جي ڀرسان اذان چوندو آهي ۽ کٻي ڪن جي ڀرسان اقامت جا ڪلما اچاريندو آهي. پٽ ڄمڻ جي حالت ۾ وڏا شادمانا ٿي ويندا آهن. دايا مٽن مائٽن ڏانهن مصري کڻي ايندا آهن ۽ دل گهريا دان وٺي ويندا آهن. ان وقت در جي چائنٺ وٽ هڪ مهري رکي ڪاري گڏهه جو ليڏوڻو ، بصر ۽ بگهڙ جي کل جو ٽڪرو ٽنگي ڇڏيندا آهن. ٻار جي مٿن کان عاج جو چوڙو ۽ قرآن پاڪ رکندا آهن(1).

.xiv ڇٺي: ڇهين رات تي ڇٺي ٿيندي آهي ۽کير ڀت ورهائبو آهي. ان رات تي دستور مطابق سهرو به ڪبو آهي. ڇٽيءَ تي جيڪو سهرو ڳائبو آهي، ان کي ”هالو“ سڏبو آهي.

.xv لوڏ: ڇٽيءَ واري رات تي پينگهي جي گهوڙي يا ڪاٺ جون ٻه ٿوڻيون کڻي انهن جي مٿان هڪ ورو رکبو آهي. پوءِ هڪ واڍ يا ٿلهي توڙي کڻي، پٽي ڪري وري جا ٻئي پاسا ٻڌبا آهن. واڍ جي هيٺان هڪ فراسي رکبي آهي، جنهن کي کرڙ به سڏيندا آهن. فراسيءَ جا ٻئي پاسا واڍ جي مٿان ورائي، ان جي هيٺان ديندار رکبو آهي. جنهن کي منهن رکڻي به سڏبو آهي. ان جي مٿان هڪ صاف چادر رکي هڪ طول ۽ ٽي ننڍيون وهاڻيون رکبيون آهن. منهن رکڻي جي چوڌاري ڪچي سٽ جي ڦوري جون ست تندون ويڙهبيون آهن ۽ڦورو ڇنڻ کان سواءِ ڀرسان رکي ڇڏبو آهي. ان کان سواءِ ست سوئا ۽ ست سيون به چوڌاري ٽنبي ڇڏبيون آهن. پوءِ ٻار کي کڻي اچي اتي سمهاربو آهي. ٻاهران ٿوڻين جي مٿن کان ست گز ڪمانون سوئن ۾ ڦاسائي لڙڪائي ڇڏبيون آهن. قرآن پاڪ ٻار جي مٿن جي ڀرسان رکبو آهي. ان کان پوءِ ٻار جا مائٽ اچي واري تي لوڏو ڏيندا آهن ۽ ٻار تي نالو رکندا آهن. ماڻڪاڻي مير ٻار تي نالو پهرين ڏينهن تي ئي رکي ڇڏيندا آهن. ان وقت ڍولڪ تي هالا ڳايا ويندا آهن ۽گهور ٿيندي آهي، جيڪا پلهاڻڻ يا ميراسن کڻي ويندوآهي. دائي کي پڳر کان سواءِ هنڌ بسترا، ڪپڙا ۽ سٺو کاڌو ملندو آهي. هوءَ ٿڃ ڇڏائڻ تائين ٻار سان گڏ رهندي آهي. ٻار تي پورا چاليهه ڏينهن پهرو (زالن جو) رهندو آهي ۽ ڪنهن به ميري مٿي واري يا اوپٽو ماڻهوءَ کي ٻار جي منهن پوڻ نه ڏيندا آهن(2).

.xvi جهنڊ: ڇٽيءَ کان پوءِ صبح تائين ڏهين وڳي سڄي برادري ڪٺي ٿيندي آهي. دائي ٻار کي هنج ۾ کڻي ويهندي آهي. هن جي مٿان کهنبو يا پوتي وجهندا آهن ۽ ٻار جو مٿو ڪوڙائيندا آهن. هن ساٺ کي جهنڊ لاهڻ سڏبو آهي. جهنڊ وارا وار چانديءَ ۾ توري اها چاندي خيرات ڪري ڇڏيندا آهن. جهنڊ لاهڻ واري کي حيثيت مطابق پڳر ملندو آهي. برادريءَ جو صدقو ٻلهاڻي وٺندا آهن(1).

.xvii عقيقو: جهنڊ لاهڻ کان پوءِ ساڳي ڏينهن تي عقيقو ڪبو آهي. عقيقي ۾ ڪم از ڪم هڪ سال جي بي عيب ٻڪر ذبح ڪري عقيقي جي دعا پڙهبي آهي. ٻڪر جي کل لاهي، عضوا سنڌن کان جدا ڪبا آهن ۽ هڏ نه ٽوڙبو آهي. کل ٻلهاڻڻ کڻي ويندي آهي، باقي منڍي، اوجهري ۽ آنڊا ڪڍي هڪ پاسي زمين ۾ پوري ڇڏبا آهن. ٻيو سمورو گوشت ديڳ ۾ وجهي تيستائين رڌبو آهي، جيستائين هڏا جدا ٿي وڃن. گوشت ۾ گيهه ۽ لوڻ وجهبو آهي، باقي ڪاتيءَ سان وڍيل ڪابه شئي شاما نه ڪبي آهي. گوشت لاهي، هڏا ڪڍي پوري ڇڏبا آهن. اهو گوشت ٻار جي پيءُ ۽ماءُ کان سواءِ ٻيا سڀ عزيز کائيندا آهن(2).

.xviii يارهو: ڇٽي کان پوءِ يارهين ڏينهن تي ترن سميت ست آن آڻي، انهن جا ڪوهر ڪبا آهن ۽ ڍاڪون ڀري عزيزن جي ديرن تي موڪلبا آهن، جتان ٻلهائڻ وڃي ويل وٺي ايندي آهي(3)

.xix چوڏهو: چوڏهين تي به ساڳي طرح ستن انن جا ڪوهر تيار ڪري ديرن ڏانهن موڪليندا آهن(4).

.xx چاليهو: چاليهن ڏينهن تي ڪوهرن سان گڏ، بصريون به پچائبيون آهن ۽ ديرن ڏانهن موڪلبيون آهن. چاليهي جي ويل بٺاري واري ٻانهي وٺندي آهي. هن کي هر ديري تان چاليهه پاٽيون ان جون ۽ چاليهه ٽڪا روڪ ملندا آهن(5).

.xxi ڪڇر: نون مهينن گذرڻ کان پوءِ ڪڇر جو ساٺ ٿيندو آهي، جنهن کي ”خشڪي“ به سڏيندا آهن. هن ساٺ ۾ ٻار کي اڇي گهٽي جي ان يا ڪپهه مان مصنوعي ڏاڙهي ۽ مڇون ٺاهي ٻڌندا آهن. ان کان سواءِ هن کي يارهن هٿ ڪپڙي جو پٽڪو، ڳاڙهي ڏوري سان اڇي سٿڻ ۽ زريءَ سان ڀريل موزا به پارائبا آهن. پوءِ گهڻو ڪري ڇلڳري ٻروچ يا ڪنهن ٻي عزيز کي اڳ ۾ لونگي ٻڌرائيندا آهن ۽ هو ٻار کي ڪڇ تي کڻي بيهندو آهي. ٿوري وقت کان پوءِ ٻار کي گهوڙي تي ويهاريندا آهن. اڳيان تلوار به رکندا اٿس ۽ هٿن ۾ گزڪمان به ڏيندا اٿس هن ساٺ جي موقعي تي به هالا ڳايا ويندا آهن ۽گهور ٿيندي آهي(1).

.xxii طوهر: طوهر لاءِ به شاديءَ وانگر تٿ ٻڌبي آهي ۽ مهينو کن اڳ ۾ ساڳي نموني سان تياري ڪبي آهي. دهلاري بيهجي ويندا آهن ۽ شادي وانگر کيل تماشا ۽ راڳ روپ ٿيندا آهن. طوهر کان ست ڏينهن اڳ ۾ کهنباٽي در تي ويهاري کهنبا ۽ ريٽار ڳائبا آهن. کهنبي رڱڻ کي ”کهنبو وهٽڻ“ سڏبو آهي. پتڪي ۽ گوڏ جا بوڇڻ گلابي رکبا آهن. کهنبا وغيره نياڻين کي ڏبا آهن. باقي گوڏ وارو بوڇڻ طوهر واري ڏينهن تي ٻار کي ٻڌبو آهي. جڏهن ڪنهن مير صاحب جي ٻار جي طوهر ٿيندي آهي، تڏهن پنهنجن نوڪرن يا ٻين غريبن جي ٻارن جو طوهر به پنهنجي خرچ تي ڪرائي ڇڏيندو آهي. طوهر واري ڏينهن تي ٻار کي سندس ڀيڻ ڪپڙا پارائي ڳانو ٻڌندي آهي. سهرا (سونا) ۽پٽڪو پيءُ ٻڌرائيندو آهي. ٻار کي هڪ پاٽ تي ويهاري، سندس پير هيٺيان گينيون يا رپيا رکبا آهن. پوءِ حجم (بوئو) طوهر ڪندو آهي. طوهرکان اڳ واري شام تي دستور موجب ٻڪي ۽رات جو سرور ٿيندو آهي. جنهن وقت ٻار جي طوهر ٿيندي آهي، ان وقت ٿڃ پياريندڙ دائي ڪوري ڪونڊيءَ ۾ پير وجهي بيهندي آهي، سندس مٿي تي جنڊ جون مٿيون پڙ رکبو آهي. ٻار جي ماءُ کي به مٿي تي قرآن هوندو آهي ۽ بيٺي هوندي آهي. جڏهن ٻار کي طوهر ڪرائي، گهر ۾ آڻيندا آهن، تڏهن سندس ماءُ ۽دائي قرآن ۽ جنڊ رکي ٻار جي خدمت ۾ پهچنديون آهن. جيستائين طوهر وارو ٻار مٿي پاڻي وجهندو آهي، تيستائين ڪو به ميري مٿي وارو سندس ويجهواچڻ نه ڏبو آهي(1).

.xxiii غمي: جڏهن ميرن مان ڪو به ماڻهو وفات ڪندو آهي ته اوڙي پاڙي ۾ ماتم برپا ٿي ويندو آهي. شهرن ۾ هڙتال ڪري دڪان وغيره بند ڪيا ويندا آهن. قضيي جي خبر ٻڌڻ شرط ٻلهاڻي، ميراسي ۽ مڱڻهار قوم جون عورتون مٿو پٽينديون ڏيڍي تي پهچي وينديون آهن ۽ ميرن جي عورتن سان گڏجي بيهي پار ڪڍنديون آهن ۽ سينه زني ڪنديون آهن ۽ اوسارا چونديون آهن، جيئن محرم شريف جي ماتم ۾زاريون چوندا آهن تيئن هتي به هڪڙي عورت اوسارو چوندي ويندي آهي ۽ ٻيون هن کي ورندي ڏينديون زار زار رئنديون آهن. اهو پٽڪو پٿر وارا سمورا ڏينهن هلندو آهي. ڪجهه وقت روي پٽي ويهنديون آهن ۽ جڏهن ٻيون عورتون معذرت تي اينديون آهن. تڏهن وري ساڳيو پٽڪو شروع ٿي ويندو آهي. جڏهن برادريءَ جون عورتون فوتي جو ٻڌي پري کان اينديون آهن، تڏهن انهن مان هر هڪ قضيي وارن عورتن سان گلو ملائي رئندي ۽پار ڪڍندي آهي. هو جڏهن پٿر کان وپءِواپس پنهنجن گهرن ڏانهن وينديون آهن، تڏهن هر هڪ کي اڇي پوتي، گلن کان سواءِ جيت ۽ چانديءَ جا پنڙا ڏنا ويندا آهن. پٿر پورا يارهن ڏينهن هلندو آهي. پٿر جڏهن کڻندا آهن، تڏهن ٻلهاڻي ٻهاري ڏئي اڳ ۾ ان ۽کٻڙ جا پن اڇليندو آهي ۽ پوءِ ان ۽ کٻڙ جي پنن جي مٿان گلم وڇائيندا آهن.

ميرن جي دفن ڪفن جوبندوبست عام سنڌين وانگر ٿيندو آهي، پر ميرن جي انتظام ۾ ٻين کان خرچ وڌيڪ ٿيندو آهي، جنازي سان وڏو جلوس نڪرندو آهي.

مردن جي پٿر ۾ جڏهن ڪو ماڻهو تعزيت لاءِ ايندو آهي، ته اڳ ۾ هن سان ڪو به نه ملندو آهي. هو پٿر ۾ ويهي دعا گهرندو آهي ۽ معذرت ڪندو آهي. معذرت کان پوءِ هن سان ملندا آهن. عورتون خواهه مرد پٿر وارا سڀ ڏينهن ڪارا ڪپڙا ڪندا آهن. فوتيءَ جي زال ٻارنهن مهينا گهنڊ ڪري ويٺي هوندي آهي ۽گهڻو ڪري ڪنهن جي به منهن نه پوندي آهي. هوءَ پنهنجي مٿي هيٺيان وهاڻي بدران سر رکندي آهي. ست جهڻاڻا ٿيندا آهن. چاليهي تي عورتون به مقام تي وينديون آهن ۽ قبر تي کجيءَ جا ڦرها، ان ۽ دال ڇٽينديون آهن.

پٿر وارو عرصو ڏيڍي ۾ ماتم جي صف ڇانيل هوندي آهي، فقيرياڻيون دهل تي ڍڍ و‎ڄائينديون آهن ۽ اوسارا چونديون رهنديون آهن. پٿر گذرڻ کان پوءِ مٿي ڌوءَ ٿيندي آهي ۽ برادري جاسمورا ماڻهوگڏجي تيل ميٽ سان تڙ ڪندا آهن.


(1)  روايت: مائي متي ميراسڻ، ساڪن: ٽنڊو مير شير محمد خان.

(2)  ايضا

(1)  روايت: مير، حسين بخش خان، ساڪن: ڪوٽ مير محمد خان.

(1)  زباني روايت: مائي گوهر زال لعل بخش ٻلهاڻي، ساڪن: خيرپور.

(1)  روايت: مائي، متي ۽ مائي غلام فاطمه.

(2)  روايت: حاجي غلام محمد کهنباٽي، عمر اٽڪل 80 سال، ساڪن: خيرپور.

(1) روايت:مائي متي، مائي غلام فاطمه ۽ مائي گوهر.

(1)  روايت: مائي متي، مائي غلام فاطمه ۽ مائي گوهر.

(2)  ايضا

(3)  ايضا

(1)  روايت: مائي متي، مائي گوهر ۽ مائي غلام فاطمه.

(2)  روايت: مائي متي، مائي غلام فاطمه، مائي گوهر ۽ مائي خيران.

(1)  روايت: مائي متي، مائي غلام فاطمه، مائي گوهر، مائي خيران.

(2)  ايضا

(3) ايضا

(4)  ايضا

(5)  ايضا

(1)  روايت: مائي متي، مائي غلام فاطمه، مائي گوهر ۽ مائي خيران.

(1) روايت: مائي متي، مائي غلام فاطمه،مائي گوهر ۽ مائي خيران.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org