سيڪشن؛ادب

ڪتاب: خيرپور  جي ميرن جي ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو

باب:

صفحو:10 

(ذ) گهريلو هنرن وارا: مٿي ذڪر ڪيل ڪاسبين کان سواءِ ڪجهه ٻيا ڪاريگر به هئا، جيڪي ننڍي پيماني تي پنهنجون معاشي ضرورتون پوريون ڪندا هئا. مثال طور ڪوري، ماڙيچا ۽ ماڇي، جيڪي جوڙيءَ جو ڪپڙو، کيس، سوسيون ۽ کارا ٺاهيندا هئا. شيخ ۽ ٻاليشاهي ڪانن جون پترون، ڇڄ ۽کارا ٺاهيندا هئا. ڪي وري ٽوئا ۽تڏا ٺاهي پيٽ قوت ڪندا هئا. ڪي عورتون ۽ مرد سرن جو واڻ ٺاهي وڪڻندا هئا. ڪٿي پنڊيون ۽ پکا ٺهندا هئا. ڪجهه ماڻهو زري دوز ۽ڪنڍي دوز هوندا هئا. ڪي مالدار ماڻهو ڏاس مان فراسيون ۽ کٿيون ٺاهيندا هئا. رليون به بهترين قسم جون ٺهنديون هيون. ڪي وري جنڊي ۽ڪاشيءَ جا اعليٰ ڪاريگر هئا.

(ر) مزدور: هي اهي ماڻهو هئا، جيڪي مارڪيٽن ۾ يا جڳهن جي مرمت وغيره جي ڪم تي پگهر جو پورهيو ڪري، اجورو وٺي پيٽ پاليندا هئا.

(ز) پير، فقير ۽ عالم: هي اهي ماڻهوهئا، جيڪي روحاني تربيت لاءِ خانقاهون قائم ڪندا هئا ۽ مريدن جي نذر نياز مان پيٽ پاليندا هئا. انهن وٽ ديني تعليم جو خاطر خواهه انتظام هوندو هو.

(س) ٻانها ۽ غلام: ميرن ۽سردارن وٽ ڪجهه غلام به رهندا هئا، جيڪي سندن گهر جو ڪم ڪار ڪندا هئا(1).. غلامن سان تمام سهڻو ورتاءُ ڪيو ويندو هو. ڪيترن کي سندن حسن خدمتي سبب سٺا عهدا به ملندا هئا. عام غلام پاڻ کي آزاد ماڻهن کان بهتر حالت ۾ سمجهندا هئا(2).

(ش) بيڪار: مٿي ذڪر ڪيل ماڻهن کان سواءِ باقي اهڙا هئا، جيڪي گداگري تي گذران ڪندا هئا ۽مئخانا وسايو ويٺا هوندا هئا. ڪي وري رڇ ڀولا ڌاري ڳوٺن ۽ شهرن ۾ گهمندا وتندا هئا. جوڳي فقير وري نانگ بلائون ڌاريندا هئا ۽ در در تي صدائون هڻي، بکيا وٺي گذران ڪندا هئا.

.ii حڪومت جو انتظام: ميرن جي حڪومت فوجي، اميراڻي ۽ راڄوڻي قسم جي هئي، جنهن ۾ هڪ قسم جو قبائلي اتحاد هو(3). ڪي به مقررٿيل قاعدا ۽ قانون يا حساب ڪتاب جون فهرستون ڪين هيون. اقتدار اعليٰ گادي نشين جي هٿ ۾ هوندو هو، جيڪو پنهنجي حڪومت جو چرخو اميرن، وزيرن ۽ اهلڪارن جي صلاح سان هلائيندو هو(4). مير صاحب يا سندس اميرن ۽ وزيرن وٽ هر هڪ ماڻهوءَ کي رسائي هئي ۽ ڪو به ماڻهو بنا روڪ ٽوڪ جي وٽن وڃي سگهندو هو(5).

(الف) سزاولڪار ۽ ڪاردار: انتظامي لحاظ کان سارو ملڪ پرڳڻن يا ضلعن ۾ ورهايل هوندو هو ۽ هر هڪ پرڳڻي تي هڪ سزاولڪار مقرر هوندو هو، جيڪو ڪاردارن جي ذريعي انتظامي ڪاروبار هلائيندو هو. سزاولڪار جي عملي ۾ هڪ خزانچي، اٺ يا ڏهه سوار ۽ ڪجهه هرڪارا هوندا هئا، جن کي معقول تنخواهه ملندي هئي، جنهن سان سٺي ۽اميراڻي زندگي بسر ڪري سگهندا هئا (1). سزاولڪار انتظام جي لحاظ کان مختيارڪاري جو ڪم به ڪندو هو ۽ ضرورت وقت پوليس جي ناظم جي حيثيت به رکندو هو.

هرهڪ پرڳڻو مختلف تپن ۾ ورهايل هوندو هو ۽هرهڪ تپي تي هڪ ڪاردار هوندو هو، جنهن کي انتظاميه، عدليه ۽ پوليس جا ڪم به ڪرڻا پوندا هئا(2).

(ب) ڪوٽوال: هرهڪ وڏي شهر جي مٿان هڪ ڪوٽوال هوندو هو، جنهن جي هٿ ۾ ڪجهه سپاهي هوندا هئا. هو شهر جو انتظام سنڀاليندو هو.

هر هڪ دفاعي قلعي جي مٿان هڪ عملدار هوندو هو، جنهن کي قلعه دار سڏيندا هئا. هن کي هڪ فوجي دستو به هوندو هو.

(پ) فوج: ميرن وٽ باقاعده لشڪر ڪونه هوندو هو. سڄو ملڪ فوجي سردارن، اميرن ۽ جاگيردارن ۾ ورهايل هو، جيڪي ضرورت وقت لشڪر مهيا ڪري ڏيندا هئا. هر هڪ لاءِ سپاهين ڏيڻ جو تعداد مقرر هوندو هو. جنگ جي وقت يا ٻي حالت ۾ سپاهين ۽فوج جو خرچ پکو حڪومت کي ڪرڻو پوندو هو. روزانه خرچ لاءِ في پيادي کي هڪ سير چانور ۽ پنج پئسا روڪ ملندا هئا. في سوار کي گهوڙي جي خرچ سميت روزانه چار آنا ملندا هئا(3). عام حفاظت ۽ ٻئي ڪم لاءِ ميرن جي حاضري ۾ هڪ فوجي دستو هر وقت موجود هوندو هو(1). ميرن جي اوچتي حڪم ملڻ تي تڪڙا قاصد اٺن تي چڙهي روانا ٿيندا هئا ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ هزارين سپاهي ڪٺا ڪري سگهندا هئا(2).

(ث) عدالت: ميرن جي ڏينهن ۾ هاڻي وانگر عدالت جو جدا کاتو ڪونه هو. سمورا فيصلا قاضي، ڪوٽوال ۽ڪاردار قرآني قانون موجب ڪندا هئا. هڪڙيءَ قاضيءَ جي فيصلي تي ٻيا قاضي اپيلون به ٻڌندا هئا(3). ڪاردار اهڙا فيصلا قاضيءَ جي فتويٰ وٺڻ بعد ڪندو هو(4). قاضي جي عدالت ۾ خاص ڪري موروثي ملڪيت ۽شادي مرادي جا مسئلا ايندا هئا، جن جو فيصلو شريعت مطابق ٿيندو هو. قاضي جنهن کي مناسب سمجهندو هو، تنهن کان ساک وٺي، لکيل فتويٰ ڏيندو هو. هندن جا فيصلا پئنچائت ۾ نبرندا هئا، پئنچائت جو صدر شهر جو مکي هوندو هو، جيڪو هڪ ڪاميٽيءَ جي ذريعي جاچ پڙتال ڪندو هو. هندو ۽مسلمان ٻئي امين به مقرر ڪرائيندا هئا، ڪڏهن لکيل دستاويز پيش ٿيندا هئا، ته ڪڏهن وري هڪ ڌر قسم کڻندي هئي ۽ ٻي ڌر کي اها ڳالهه مڃڻي پوندي هئي. امينن جي وڏي عزت ڪئي ويندي هئي ۽ سندن فيصلي تي ڪو به اعتراض نه ورتو ويندو هو.

خون جو فيصلو مير صاحب قاضيءَ جي فتويٰ وٺي پاڻ ڪندو هو. مقتول جي وارثن کان پڇيو ويندو هو، ته هو خون جي بها وٺي، خونيءَ کي ڇڏي ڏيندا يا خون جو بدلو خون سان وٺندا. بهرحال فيصلو سندن مرضيءَ موجب ڪيو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن سرڪار خونيءَ کي سنگسار ڪرائيندي هئي ۽ ڪڏهن وري ڏوهيءَ جي ڏاڙهي ۽ مٿو ڪوڙائي، گڏهه تي چاڙهي، کيس شهر مان گهمايو ويندو هو ۽ مقتول جي وارثن کان معافي ڏياري پوءِ آزاد ڪيو ويندو هو(5).

(ج) راڄ: ڳوٺن ۾ هر هڪ زميندار کي پنهنجو راڄ هوندو هو، جنهن جو معمولي فيصلو زميندار ڪندو هو. جڏهن ڪا ڳالهه وڌي ويندي هئي، تڏهن سمورو راڄ گڏ ٿيندو هو، زميندار جي سرڪردگي ۾فيصلو نبيريو ويندو هو. زميندار کي وڏيرو يا چڱو مڙس سڏيندا هئا، اهو عهدو موروثي هوندو هو.

هر هڪ ڳوٺ ۽ شهر ۾ هندن جي پئنچات هوندي هئي، جنهن جي پرئي مڙس کي مکي سڏبو هو. مکيءَ جي مرڻ تي ٽن ڏينهن اندر ٻيو مکي چونڊيو ويندو هو، جنهن کي سڄي پئنچات طرفان پڳڙي پڌرائي ويندي هئي. اها پڳڙي سندس مٿي تي برهمڻ رکندو هو. هن کي ڪم ڪار هلائڻ لاءِ هڪ سيڪريٽري يا ٽهليو هوندو هو. پئنچات جا ڪم مذهبي ۽ سماجي هوندا هئا: مثلا معمولي جهڳڙن جا فيصلا، ڌرم شالائن ۽ٽڪاڻن جي سنڀال ۽خيراتي ڪم وغيره(1)

(ح) سزا: ميرن ۾ رحم جو مادو گهڻو هو، تنهنڪري رتوڇاڻ کان ڏاڍو لهرائيندا هئا. خطرناڪ بدمعاشن جي حالت ۾ به سندن بازو ڪپي ڇڏيندا هئا. اها سندن سزا جي حد هوندي هئي(2). موت جي سزا لاچاري حالت ۾ فقط مير صاحب پاڻ ڏيندو هو. ٻيون وڏيون سزائون ڏنڊ ۽ قيد جي صورت ۾ هونديون هيون. چور کان چورايل مال جي ملهه جو ٻيڻو ٽيڻو وٺبو هو. ڏنڊ نه ڏيڻ جي حالت ۾ ڏوهيءَ کي زنجيرن ۾ وجهي قيد ۾ رکيو ويندو هو(3). ڪڏهن ڪڏهن ڏوهيءَ جي کٻي هٿ ڪپڻ کان سواءِ سندس ڪن به ڪپيندا هئا(4).

ڏوهارين کي سچي ڪرائڻ لاءِ ڏاڍي مارڪٽ ۽ زبردستي ڪرڻ ۾ ايندي هئي، جيئن ته لوهه تپائي ڏنڀڻ، رسن سان ابتا هٿ پير ٻڌڻ ۽ انهن تي پاڻي وجهڻ، ٽنگن کان ابتو ٽنگڻ وغيره(1).

ڪڏهن ڏوهاري جو ڏاڙهي، مٿو ۽ ڀرون ڪوڙائي، ڪارو منهن ڪري، ڳچيءَ ۾ پادرن جي ڪنڍي وجهي، گڏهه تي چاڙهي، شهر مان گهمائيندا هئا. عضون وڍڻ جو نقصان ورلي ڪندا هئا، نڪ ۽ ڪن ڪپڻ تمام وڏي سزا هوندي هئي. ڏوهه نه باسڻ جي حالت ۾ توبري ۾ ڳاڙها مرچ ڪٽي، ڏوهاريءَ جي ٻوٿ تي ٻڌندا هئا، يا ڪنهن وڻ سان ابتو ٻڌي، لڙڪائي ڇڏيندا هئا. اهڙي جٺ اهڙي مجرم سان ڪندا هئا، جيڪي سورهن آنا ثابتي ملڻ جي باوجود سچي نه ڪندو هو(2).

(ذ) آمدني: ميرن جي خزاني ۾ ٻن قسمن جي آمدني ٿيندي هئي: هڪ عام ڍل ۽ ٻيو خاص محصول. عام ڍل هيٺين نمونن سان وٺبي هئي:

(1) زمينداري يا زمين جي ڍل،

(2) سرشماري يا مٿگي

(3) سير يا راهداري محصول.

جنس ۾ ورتل ڍل کي بٽائي سڏيندا هئا، جيڪا خيرپور ۾ عام هئي، هيٺين جنسن تان روڪ ڍل وٺبي هئي: ڪپهه، تماڪ، پست، نير، ڪمند، گدرا ۽ سبزيون. سرشماري هڪ قسم جو محصول هو، جيڪو فصل لهڻ وقت في ماڻهو اٺن آنن جي حساب سان وٺبو هو. سير يا راهداري وکر جي محصول کي سڏيندا هئا(3).

خاص محصول هيٺيان هئا(4):

(i)       پيشڪش مهاڄڻ: جيڪا غير مسلم ماڻهوءَ کان پنج يا ڏهه رپيه سال ۾ ورتي ويندي هئي.

(ii)    سرشماري: جيڪا ڪاسبين ۽ ڪاريگرن کان سراسري ٽي رپيا سال ۾ ورتي ويندي هئي.

(iii)  دلالي: جيڪا دلالن کان ورتي ويندي هئي.

(iv)   هوائي: پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويل يا ڀڄي پيل جهاز جو مال.

(v)     فروعي: رولو ۽ بنا مالڪ جي هٿ آيل چوپايو مال.

(vi)   چرخي: نارن واري آباديءَ جي ڍل.

(vii)حقابو: خاص زميندارن تان پاڻيءَ جي ڍل.

(viii)       اجارو ڪولاب: ٻوڏ ۾ آيل زمين ۽ ڍنڍن ۾ مڇي مارڻ جو ٺيڪو.

(ix)   اجارو پتڻ: درياهه جي پتڻ جو ليڪو.

(x)     شڪار ماهي: مهاڻن کان مڇي مارڻ جو محصول.

(xi)   سردرختي يا زير درختي: باغات تي محصول.

(xii)ترازو: بازار ۾ وڪري جو محصول.

(xiii)       سلامتي ڪشتي: ٻيڙين يا جهازن تي محصول.

(xiv)        مويشي: چوپائي مال جي وڪري تي محصول،

(xv)          ريزڪي: هڪ سئو رپين کان وڌيڪ خريداري تي محصول.

(xvi)        پن چري: ٻيلن ۾ مال چارڻ جو محصول.

(xvii)     گتو: نشيدار شين جو محصول.

(xviii)   اميني: فيصلي ڪندڙ امين جي محصول.

(xix)        جرمانو: ڏوهارين کان ورتل ڏنڊ.

(ر) بٽائي: ڪنهن به فصل جي ڍل، جيڪا جنس ۾ ورتي ويندي هئي، تنهن کي بٽائي سڏيندا هئا(1). بٽائي زمين ۽ پاڻيءَ جي ٿيل بندوبست موجب ڪئي ويندي هئي. مصنوعي طريقي سان سيراب ٿيل فصل تان ٽيون ۽ چوٿون حصو ورتو ويندو هو ۽ قدرتي طرح سيراب ٿيل فصلن تان اڍائي يا ڏيڍ حصو ورتو ويندو هو. ان کان سواءِ بٽائي لاءِ مقرر ٿيل عملي جي پگهار جو حصو جدا ورتو ويندو هو(2). بٽائي جو سرشتو سڌو ۽سادو هو، ڇو جو ڍل زمين جي آڌار تي ۽جنس ۾ ورتي ويندي هئي(3).

فصل پچڻ کان ٿورو اڳ ۾ ڪاردار ڪاراون ۽ چوڪيدارن جو عملو مقرر ڪندو هو، جيڪو ڳوٺن ۾ وڃي فصل جي نگهباني ڪندو هو، جيئن ڪڙمي ڪچي يا پڪي پوک جي چوري ڪري نه سگهن. ڪارائو ڪجهه چغلخور به مقرر ڪندو هو، جن کي ڏوهو سڏيندا هئا. فصل لهڻ تي هر هڪ ڳوٺ ۾ هڪ موزون جڳهه مقرر ڪري، اتي سڀني ڪڙمين جو فصل رکبو هو، ان جڳهه کي ديرو سڏيندا هئا. لاباري ڪندڙ ماڻهوءَ کي مزدوريءَ ۾ ڪجهه ان جا سنگ ملندا هئا، جنهن کي ڇانڊي سڏيو هو.  جيڪو ان ڏينهن جو صفا ٿيندو هو، تنهن جو کوڙو ڪري ڪارائو ٺپو هڻي ويندو هو، جيئن ڪڙمي ان سان هٿ چراند نه ڪري سگهن. جڏهن سڀني ڪڙمين جو ان صاف ٿي ويندو هو، تڏهن ڪارائو مقرر وقت تي اچي ان جا ٽي يا چار ڍڳ ڪندو هو. ان وقت سرڪار طرفان مقرر ڪيل بٽائي هو، جيڪو ڪڙمي سرڪاري گدام تي پهچائي ڏيندو هو.

جاگيردارن جي بٽائي وقت ڪڙميءَ جي حصي مان جاگيردار جي خرچ لاءِ مختلف نالن تي ان جي هڪ پاٽي يا ٽويو ڌار ڪٽبو هو. انهن نالن کي ”ابواب“ سڏيندا هئا. اهي ابواب هي آهن(4):

(i)             حق الله: يعني في سبيل الله خيرات لاءِ.

(ii)          حق پير جو ٽوپو: ڪنهن درگاهه جي مجاور لاءِ.

(iii)        حق ديهه خرچ: ديهه ۾ ٿيندڙ خرچ پکي لاءِ.

(iv)         حق من: زميندار جون ٽي پاٽيون.

(v)           حق ڪمدار: ڪمدار يا منشي لاءِ.

(vi)         حق ڪارائو: بٽائي عملدارن جي خرچ لاءِ.

(vii)      حق ڪوٽوال: ڪوٽوال جي خرچ لاءِ.

(viii)    حق ڏوهو: جاسوسي جي پگهار لاءِ.

(ix)         حق ڪنڍي: اڻ صفا ٿيل ان جو حصو.

(x)           حق ڌوڙائي: ان ڀريندڙ جو خرچ.

(xi)         حق کڻارائي: ان جو کڻائي جو خرچ.

(xii)      حق ڪاسبي: ڪاسبين جو خرچ.

(xiii)    حق توبرو: زميندار جي گهوڙي جو خرچ.

(xiv)     حق کير ڇيلو: زميندار جي مهماني.

(xv)       حق ڪانڃڻ: نار جو خرچ.

(xvi)     حق ديرو تماڪ: ديري تي وزم پاڻيءَ جو خرچ.

(xvii)  حق زمينداري: زميندار جي گهر جو خرچ.

(xviii)   حق پلياڻو: ان رکڻ جو خرچ.

(xix)     حق هٿ ريڙهه: ڌڙوائي جي مزدور جي خرچ.

(xx)       حق ڪانگ تار: جهار هڪلڻ جو خرچ.

مٿين بابن مان ڪجهه جاگيردار ۽زميندار پنهنجن ڪڙمين مان ڪجهه رعايت به ڪندا هئا.

ڪڏهن ڪڏهن بيٺل فصل جو تخمينو لڳائي، بٽئي جو حصو مقرر ڪندا هئا، جيڪو ڪڙميءَ کي هر حالت ۾ ڀرڻو پوندو هو. بٽائي جي هن نموني کي ”ڪاسگي“ يا ”داڻا بندي“ سڏبو هو.

(ز) ڇيڙ: ميرن جي شادي، غمي، شڪار ۽ گشت وغيره جي موقعن تي عام رعايا ڪنهن اجوري وٺڻ کان سواءِ ڪم ڪندي هئي. ان ڪم جي نموني کي ”ڇيڙ“ ۽ ڪم ڪندڙ کي ”ڇيڙو“ سڏبو هو. پروگرام مطابق ڪاردارن جي حڪم سان هر ڳوٺ جو زميندار پنهنجي ڳوٺ مان ڇيڙا وٺي ايندو هو ۽سارو ڪاروبار انهن ڇيڙن جي معرفت سر انجام ٿيندو هو. اهو ڪم صرف ڪاشتگار ڪندا هئا ۽هر هڪ جوڙي تي هڪ ماڻهو ڇيڙ جي بلي هوندو هو. ساداتن، جاگيردارن، بلوچن ۽ فقيرن کي ڇيڙ کان معافي هوندي هئي. ڪاسبي به ڇيڙ ڪونه وهندا هئا، ڇيڙن کي ماني ميرن جي طرف کان ملندي هئي(1).

مير فيض محمد خان اول جي وقت ۾ هر هڪ ڇيڙي کي ٻه آنا ۽ مير امام بخش خان جي ڏينهن تائين باقاعده جاري رهي.

(س) اڙد: ميرن جي خانگي عملي کي (اڙد) سڏيندا هئا. هن عملي ۾ گهڻو ڪري ٻلهاڻي، خاصخيلي، شيدي، شيخ ۽ ڪجهه ٻين ذاتين جا ماڻهو هوندا هئا. کين عام طور تي سرائي سڏيو ويندو هو، انهن ماڻهن جي ڪاردارن، زميندارن ۽ ڇيڙن مٿان ڪافي حڪومت هوندي هئي ۽ هرڪو کانئن ڪن هڻندو هو. هن عملي ۾ هيٺيان کاتا هئا، جن مان هر هڪ تي هڪ ننڍو عملدار، داروغو يا جمعدار هوندو هو(3):

(i) نائب وزير ڪئمپ شاهي: هي سڄي اڙد جومدارالمهلم هوندو هو.

(ii) حمال: مير صاحب جو محافو کڻندڙ.

(iii) سوار: ٽپال وغيره آڻيندڙ نيندڙ ۽ ٻيو خانگي ڪم ڪار ڪندڙ.

(iv) حڪيم: مير صاحب جو طبي معائنو ڪندڙ.

(v) توشڪي: مير صاحب جو قيمتي سامان سنڀاليندڙ ۽ حبيب خرچ جو حساب ڪتاب رکندڙ.

(vi) انبار جو داروغو: اسٽور سنڀاليندڙ:

(vii) سائيس: گهوڙن جي سنڀال ڪندڙ.

(viii)اُٺن جو جمعدار: اٺن جي سنڀال رکندڙ

(ix) ڪتن جو جمعدار: ڪتن جي سنڀال رکندڙ.

(x) بگين جو جمعدار: ٽانگن جي سنڀال ڪندڙ.

(xi) بازدار: شڪاري بازن جي سنڀال ڪندڙ

(xii) آبدار: مير صاحب کي پاڻي پياريندڙ ۽ پخالين تي نظرداري ڪندڙ.

(xiii) فراش: بسترن، گلمن، غاليچن ۽ تنبن جي سنڀال ڪندڙ.

(xiv) بورچي: کاڌي پيتي جو بندوبست ڪندڙ.

(xv) دايا: ميرصاحب جي خدمت چاڪري ڪندڙ.

(xvi) چوبدار: درٻار ۾ سونيون يا روپيون لٺيون کڻي بيهندڙ.

(xvii) ڪلونت: راڳ ڳائيندڙ.

(xviii) ٽاپرو: مير صاحب کي زور ڏيندڙ.

(xx)    چونري وارا: کير جو بندوبست ڪندڙ.

         (ش) ميرن جا سڪا: ميرن جو وڏي ۾ وڏو سڪو رپيو هوندو هو. سن 1839ع تائين ٻن نمونن جو رپيو هلندڙ هو: ”هڪ ڪورو رپيو“ ۽ ”ڪاشاني يا تيموري رپيو“. ڪورا رپيا حيدرآباد ۽ خيرپور ۾ ٺهندا هئا ۽ ڪاشاني يا تيموري رپيا افغانستان کان ايندا هئا. افغاني سڪن کي ”سجاولي“ به سڏيندا هئا. خيرپور جوسڪو ”سهرابي“ نالي سان مشهور هو. 1839ع ۾ ڪمپني جو رپيو به وجود ۾ آيو ۽ان کي ”ڪلدار“ سڏيندا هئا.

افغانستان ۾ ٺهيل سون جون مهرون به سنڌ ۾ هلنديون هيون. انهن جي ڏور ساڍا ڏهه يا ٻارهن ماسا هوندي. ميرن جي ننڍي ۽ ٽامي جي ٺهيل سڪي کي ”پئسو“ سڏيندا هئا ۽ ان جي تور اٽڪل هڪ تولو هئي. خيرپور جي رپئي کي ”چلڻ“ به سڏيندا هئا. خيرپور جو ضربخانو 1852ع ۾ بند ڪيو ويو، پير چلڻ رپيا سن 1903ع تائين ڪاروبار ۾ ڪم ايندا هئا..

(ص) ميرن جون سجعون: خيرپور جي ميرن مان هيٺين ميرن جون هيٺيون سجعون مليون آهن:

(i) مير سهراب خان اول:

ناظر سندهه مير سهراب خان.

(ii) مير رستم خان اول:

رستم دوران فقي.

(iii) مير علي مراد خان اول:

علي مراد مراداد بخت ياري کرد.

(iv) مير فيض محمد خان اول:

بحق فيض محمد علي مرادم داد.

(v) مير امام بخش خان:

(الف) علي مراد بگر ديد وارث سهراب،

عطائي فيض محمد امام بخش نواب

(ب) يا رب گناهه ما طفيل امام بخش.

(vi) مير علي نواز خان:

(الف) از آفتاب فيض محمد علي نواز.

(ب) يا رب بحق احمد و زهرا علي نواز.

(vii) مير احمد علي خان:

جانشين حضرت احمد علي .

(viii) مير غلام حسن خان:

ز فيض احمد علي تاجور غلام حسن .

(ix) مير غلام حسين خان:

قم به جان محمد منم غلام حسين.

(x) مير غلام رضا خان:

غلام رضا به دوزخ چه کار.


(1)  M. Sardar Khan: “History of Baloch Race”, op. cit. p. 167 & 168.

(2)  Postans, T: op. cit. p . 73 & 74.

(3)  M. Sardar Khan: op. cit. p. 166.

(4)  Sorly, H. T. Dr: “The Imperial Gazetteer of West Pakisatn”, govt. Press, Lahore, 1968, p. 172.

(5)  ضامن ڪنتوري: ”عبرت ڪده سندهه“ نفيس اڪيڊمي ڪراچي، 1967ع، ص 77.

(1)  ضامن ڪنتوري: ”عبرتکده. سندهه“ حوالو ڏنل آهي، ص 304.

(2)  Azimushan Hyder,: “Historyof Karachi”, p.3.

(3)  رحيم داد، مولائي شيدائي: ”تاريخ تمدن سندهه“، حوالو ڏنل آهي، ص 587 ۽ 588.

(1)  رحيم داد، مولائي شيدائي: ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1958ع، ص 766.

(2)  Postans, T.: op. cit. p. 44.

(3)  Richard Burton: op. cit p. 182.

(4) Azimushan Hyder: “History of Karachi”. Op. cit. p. 3.

(5)  Sorley, H.T, D: “Shah Abdul Latif of Bhit,” op. cit. p. 152.

(1)  Thakur, U.T: “SindhiCulture”, University Press, Bombay, 1959, p. 73 & 74.

(2)  Estwick, Captain: op. cit. p. 80.

(3)  قليچ بيگ، مرزا: ”خيرپور جي تاريخ“، حوالو ڏنل آهي، ص 119.

(4)  M. Sardar Khan: op. cit. p. 16.

(1)  قليچ بيگ، مرزا: ”خيرپور جي تاريخ“ حوالو ڏنل آهي، ص 120.

(2)  رحيم داد، مولائي شيدائي: ”تاريخ تمدن سنڌ“، حوالو ڏنل آهي، ص 584.

(3)  رچرڊ برٽن: ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ قومون“، سنڌي ترجمو، حوالو ڏنل آهي، ص 12 کان 20.

(4)  ايضا: ص 43 کان 55.

(1)  Nur Nabi: “A Report on Jagirdars & Zamindars”, op. cit. p. 5.

(2)  Sorley, H. T. Dr.: “Gezetteer of W. Pakistan”, op. cit. p. 361.

(3)  Postans, T: op. cit. p 237.

(4) Nur Nabi: “A Report on Jagirdas & Zamindars, op.cit. p. 9 & 10.

(1)  زباني روايت: قائم خان سوهو، زميندار، ڳوٺ سوهو قناصرا.

(3)  زباني روايت: سرائي پيارو خان، سابق توشڪي مير علي نواز خان.

(1)  Azimushan Hyder, Dr.: “History of Karachi”, op. cit. p. 40.

(1)  قليچ بيگ، مرزا: ”سنڌ جي تاريخ“، حوالو ڏنل آهي، ص 148.

(2)  Administration Report of Khairpur for 1907.

(3)  امير علي، شاهه، سيد: ”قلمي مسودو“، مملوڪه سيد غلام مصطفيٰ شاه.

(4)  خير شاهه، سيد: ”حاشيه يوسف نامو“، قلمي، مملوڪه مير محمد باقر خان.

(5)  سرڪاري رڪارڊ، ڊپٽي ڪمشنر، خيروپر.

(6)  ايضا

(7)  عباس علي بيگ، مرزا: ”قلمي بياض“.

(1)  عباس علي، بيگ، مرزا: ”قلمي بياض“.

(2)  ايضا

(3)  ايضا

(4)  ايضا

(5)  ايضا

(6)  ايضا

(7)  ايضا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org