سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: وفائي جا خط

 

باب: --

صفحو :16 

[47]

هن دفعي تو ڳالهائڻ ۽ ٻولهائڻ جي باري ۾ سوال پڇيو آهي.

منهنجا محترم:ـ مختصر عرض آهي ته ڪنهن به فن جي انتها جو اندازو لڳائڻ نه صرف مشڪل پر ناممڪن هوندو آهي، ڇو ته هر هڪ فن پنهنجي مٿي بحربيڪنار هوندو آهي، جنهن جي ڪنڌي ۽ ڪپر جي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به ڪاريگر کي ڪل ڪا نه پئجي سگهي آهي.

منهنجي نهايت ئي مختصر ۽ محدود معلومات مطابق دنيا جي سمورن فنن ۾ جيڪو وڏي ۾ وڏو فن آهي، اهو آهي انسان جو ڳالهائڻ، ٻولهائڻ ۽ سندس گفتگو ۽ گفتار، جيئن چيو ويندو آهي:

”زبان شيري ته جهانگيري“

ان کان سواءِ بنا ڪنهن ڪم ڪار جي صرف زبان جو کٽيو ڪي کاٽوئي کائيندا آهن. زبان جو کٽيو کائڻ به هر هڪ جو ڪم نه هوندو آهي.

ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي فن جون به ڪيئي حدون مقرر ٿيل هونديون آهن. جيڪو انسان انهيءَ فن کان بلڪل باخبر هوندو آهي، اهو هميشه ئي ۽ هر هنڌ مان ۽ مرتبو، عزت ۽ آبرو حاصل ڪندو رهندو آهي.

ڏٺو ويو آهي ته جن ماڻهن کي پنهنجي زبان تي ضابطو هوندو آهي، اُهي محفلن  ۽ مجلسن جي ماحول، موقعن ۽ مهلن جي مناسبت مطابق ئي ڳالهائيندا رهندا آهن، جيئن ته زبان ۾ چار اکر آهن ۽ (زيان) به چئن اکرن جو مجموعو آهي، جيڪو انسان پنهنجي زبان تي ضابطو رکندو آهي، اهو هميشه ئي (زيان) کان آزاد ۽ آجو هوندو آهي.

اها زبان ئي آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي ڪڏهن اُس ۾ ڪڏهن ڇانوَ ۾، ڪڏهن هيٺاهين تي، ڪڏهن مٿاهين تي ويهاڻ ۾ ويرم نه ڪندي آهي.

ڪنهن جي گفتگوءَ مان گلاب جي گلن جهڙي خوش ڪندڙ خوشبوءِ ايندي رهندي آهي ۽ ڪن جي وري ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان ريگمال وانگر رهڙبو رهبو آهي.

 ڪن جي زبان ۾ دل هوندي آهي ۽ ڪن جي دل ۾ زبان هوندي آهي، جن جي دل ۾ زبان هوندي آهي، سي هميشه ئي ڪامياب ۽ فتحياب هوندا آهن، پر جيڪي پنهنجي زبان ۾ دل رکندا آهن، تن جو هت ڪهڙو ذڪر ڪري ڪهڙو ڪجي.

انسان جي سمورن عضون ۾ صرف هڪ زبان ئي آهي، جنهن کي ٻٽيهن ڏندن جي پناهه سان گڏ چپن جا به دروازا ڏنا ويا آهن. يعني زبان ٻن درن جي پهرن ۽ پابندين ۾ پيل آهي. ان جي باوجود به انهيءَ جو هڪ اکر انسان کي آسمان تي پهچائي ٿو ۽ هڪ لفظ زمين تي ڦٽو ڪرائي ٿو.

اچي بوءِ بهار جي ـ به ساري سرهاڻ جو تعلق انسان جي زبان سان ئي هوندو آهي، جيڪڏهن مٺا ٻول ٻوليندڙ اکرن جي استعمال ڪرڻ جو استاد آهي ته پوءِ ٻڌندڙ سندس زبان دانيءَ جي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو آهي.

هونئن به هر هڪ ڳالهه ٻولهه ۾ جيستائين دانش ۽ دورانديشيءَ جو دخل نه آهي، تيستائين ڪو به انهن قصن، ڪهاڻين ۽ داستانن کي دهرائڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي.

ڪن انسانن جا ٻه ٻول ئي لک لهندا آهن ۽ ڪن جي لٻاڙ لوئيندي رهندي آهي. ٿورو ڳالهائجي مگر ان ۾ ڪو نه ڪو مقصد  ۽ مطلب ۽ معلومات جو هجڻ ضروري آهي، گهڻ ڳالهائيندڙ ڳالهين جا ڳهير پنهنجي قيمتي وقت جا ويري هوندا آهن، ڇو ته جيڪي ماڻهو بيسود  ۽ بيڪار ڳالهين ٻولهين ۾ وقت جهڙي وٿ کي واريءَ وانگر هٿ جي وٿين مان وهائي ڇڏيندا آهن، انهن جي ذڪر ڪرڻ کان قلم ڪيٻائيندو رهي ٿو.

ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي الفاظن ۾ ادب جو هجڻ به تمام ضروري هوندو آهي. ڪيڏا به لفظ استعمال ڪبا رهبا، جيڪڏهن اهي ادب جي اوچين ۽ اعليٰ خوبين ۽ خاصيتن کان خالي هوندا اهو گفتگو به ٻڌندڙ تي اثر نه ڪري سگهندو ۽ جنهن ڳالهائيندڙ جو ادب ـ اڳواڻ ۽ امام هوندو آهي، ان جي لفظن  ۾ هميشه ئي دلڪشي ۽ دلنشيني، پيار  ۽ پاٻوهه، قرب ۽ قربداري ۽ محبت جا موتي پويل هوندا آهن ۽ بس.

[48]

هن خط ۾ تو سنڌ جي سڌيشي ۽ هٿراڌو رسم ۽ رواج ۽ ان سان گڏ نياڻين نماڻين ۽ ويهاريل ويائن جي باري ۾ سوال پڇيو آهي.

منهنجا سڄڻ: سوسائٽيءَ کي برباد ۽ تباهه ۽ تلف ۽ تاراج ڪرڻ لاءِ جيڪي به بد ۽ بڇڙا رسم ۽ رواج جاري ۽ ساري آهن، انهن کان تون خود واقف آهين، جنهن ڪري ان جو هت جواب ڏيڻ غير ضروري آهي باقي ويهاريل ويائن جي باري ۾ هڪ نياڻيءَ نماڻيءَ جو خط آيل آهي، جنهن خط جا نهايت ئي مختصر حصا تنهنجي پڙهڻ لاءِ پيش ڪري رهيو آهيان.

خط جي شروعات ۾ ان نياڻي نماڻي، سنڌ جي اديبن، عالمن، اهل قلم صحافين، شاعرن، ملن مبلغن ۽ مولوين جي لاک لاهيندي انهن کي چئلينج ڪيو آهي ته انهن سماج ۾ پيدا ٿيل براين کي سڌاريندڙن ڪڏهن به اسان نياڻين نماڻين سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ظلمن ڏانهن ڌيان ڌرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. ڪڏهن ڪڏهن اسان جي ڳوٺ ۾ ڪي پيشيور واعظي ايندا رهندا آهن، جيڪي سچا ڪوڙا قصا بيان ڪري ماڻهن کي کلائي روئاري هليا ويندا آهن ۽ واعظ به ناچن ۽ ڳائيندڙن وانگر ٻول ٻولي پوءِ ٻوليندا آهن. اهڙن بدبختن کي سماج جي تباهي جو ڪو به خيال ڪو نه هوندو آهي، هنن جو مقصد صرف پيٽ جي پوڄا هوندي آهي. هن لکيو آهي ته اسان  چڱو کائون ٿيون ۽ چڱو پايون ٿيون ۽ سموري آرام ۽ آسائش جا سامان موجود ۽ ميسر آهن. ان کان علاوه ڳوٺن ۾ بجلي اچڻ ڪري وي سي آر ۽ رنگين ٽيليويزن ۾ قسمين قسمين جون فلمون به ڏسنديون رهنديون آهيون، بي فڪري ۽ خالص خوراڪ جي استعمال ڪرڻ سان انسان جي خيالن ۾ اڀار ٿيندو رهندو آهي. ان مان سندس مقصد آهي ته ڪا به نوجوان ڇوڪري جڏهن ڪنهن به زال مڙس کي کلندو کائيندو ۽ ڳالهائيندو ڏسندي آهي ته ان تي ڇا گذرندو هوندو. وڌيڪ لکي ٿي ته اسان جي خاندان جي هڪ عزيزياڻي جنهن جي عمر لڳ ڀڳ پنجاهه ورهيه هئي، ان جي شادي نه ٿيل هئي، جنهن ڪري ڪيترين زناني بيمارين ۾ مبتلا هئي، ان ويچاريءَ جي ڀائرن هزارين روپيه سندس بيماريءَ تي خرچ ڪيا، ڪڏهن حيدرآباد ته ڪڏهن ڪراچيءَ ۾ علاج لاءِ ويندا رهيا مگر شادي نه ڪرايائونس. هن پنهنجي پوين پساهن ۾ ڀاءُ کي سڏائي وصيعت ڪئي ته پنهنجون ڇوڪريون نه ويهارجانءِ، ڇاڪاڻ جو بابي مون کي ويهاري ڏاڍا عذاب ڏنا هئا. ڪوٽ ۾ اسان اٻوجهن جا ڪيترا ناحق خون ٿيندا رهندا آهن، يعني اسان جي جذباتن جا!

انسان جي به عجيب فطرت آهي ته پيءُ پنهنجي نياڻين کي وڏي پيار ۽ پريت لاڏ ۽ ڪوڏ سان پالي وڏو ڪري، صرف ان ڪري شادي نه ٿو ڪرائي جو پنهنجو ڪنهن کي شاني شريڪ نه ٿو سمجهي ۽ ملڪيت جي وراثت ۽ ورهاڱي جي ڀؤ ڪري شادي جهڙي فطري نعمت کان نياڻين کي نراس ۽ ناراض ڪري سڄي زندگي گهر ۾ گذارڻ تي مجبور ڪري ٿو. منهنجي پيءُ جون ٽي شاديون ٿيل آهن، ڀائرن ۽ سوٽن جون ٻه ٻه شاديون ڪيل آهن، هن وقت اسان پنهنجي ڪوٽ ۾ ست نياڻيون آهيون، جن جون عمريون 30-35 سالن جون ٿي چڪيون آهن، مگر اسان جي پيئرن ۽ ڀائرن کي رتيءَ جيترو رحم به نه ٿو اچي، اسان جا ڪيترا ذات وارا ويجها عزيز ڳوٺ ۾ موجود آهن، انهن جو ڏوهه صرف اهو آهي ته هو غريب آهن، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪيت ۽ پئسو ڪيڏي نه بري بلا آهي جو جيئري جاني جدا ڪري ڇڏي ٿي. خط کي مختصر ڪندي مان انهن پيئرن ۽ ڀائرن کي نماڻي التجا ڪريان ٿي ته هو غلط رسم ۽ رواجن کي ختم ڪري، الله تعاليٰ ۽ سندس رسول صه، مذهب ۽ دين جي احڪامن تي عمل ڪن ته بهتر ٿيندو!

انسان جو ڪم آهي ڪوشش ڪرڻ ۽ ڪاميابي ۽ فتحيابي منهنجي مولا جي هٿ وس آهي، هونئن به ڪاميابيءَ ۽ ناڪاميابيءَ جو سمورو دارو مدار انسان جي نيڪ نيتيءَ ۽ بدنيتيءَ تي هوندو آهي ۽ بس.

(وفائي)

[49]

هن خط ۾ تو اديبن جي بهادري ۽ بيباڪي، ڪمزوري ۽ڪوتاهي ۽ ان سان گڏ انسان جي هوشياري  ۽ هيڻائيءَ جي باري ۾ سوال پڇيو آهي.

منهنجا دوست:ـ توکي اجاين سجاين سوالن پڇڻ جي به ڪا عادت پئجي وئي آهي ۽ مان به توکي جواب ڏيڻ لاءِ مجبور هوندو آهيان، عادتن ۽ مجبورين جو هتي ڪهڙو ويهي ذڪر ڪجي.

سڄڻ! سچي اديب جو صحيح سرمايو سندس قلم جي وقار کي قائم ڪرڻ ئي سونهندو آهي، جنهن ڪري سندس سونهن ۽ سرهاڻ ويندي آهي سرس ٿيندي. بيباڪ ۽ بهادر اديب پنهنجي دور جو ضمير زبان ۽ ذهن هوندو آهي. جتي ۽ جنهن هنڌ اهي ٽئي عاليٰ ۽ اوچيون خوبيون ۽ خاصيتون اچي گڏ ٿينديون آهن، اتي انهن جو ذڪر ڪهڙي زبان ۽ڪهڙي قلم سان قلمبند ڪجي.

جيئن ته هي دور معاشي ڇڪتاڻ جو دور آهي.تنهن ڪري هن دور ۾ قصا هجن توڙي ڪهاڻيون، مقالا هجن يا مضمون، تاريخ هجي يا تحقيق، ڪتاب هجن يا رسالا، گويا نظم هجي يا نثر، جيستائين اديب نهايت ئي مختصر ۽ جامع لفظن ۾ پنهنجي ماحول ۽ معاشري ۽ ماڻهن جي جذبات جي صحيح ترجماني نه ڪندو تيستائين اڄ جو مصروف ماڻهو انهن جي مطالع ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو.

دودي چنيسر، چار درويش، ممتاز دمساز، الف ليليٰ، طوطو مينا، ليليٰ مجنون، سيف الملوڪ ۽ گل بڪاولي جهڙن قصن ۽ ڪهاڻين ۽ داستانن جو دور ختم ٿي چڪو آهي، اجائي ڊيگهه بنا مقصد ۽ مطلب جا قصا ۽ ڪهاڻيون بيڪار ڪچهريون ۽ مٿو ٻڌي ڪانڀ ڪڍڻ جو هي وقت نه آهي.

تنهن ڪري ضروري آهي ته اسان جو اديب ۽ اهل قلم به نبض شناس حڪيم وانگر وقت  ۽ ماحول جو پورو پورو جائزو وٺي ڪري، پوءِ ئي پنهنجي ذهني ڪاوش کي پڙهندڙن جي معيار مطابق پيش ڪري ته جيئن سندس قدر ۽ قيمت به ٿئي  ۽ ملڪ ۽ قوم جو عام ماڻهو انهن لکڻين ۾ پنهنجي لاءِ ڪو ڪارج پڻ محسوس ڪري.

انسان جي هوشياري ۽ هيڻائي کي جيڪڏهن قلم جي زبان سان ظاهر ڪبو ته ڳالهه وڃي پري پوندي ڇو ته هو ڪڏهن آسمان ۽ چنڊ جو سير ڪندو رهي ٿو، ڪڏهن وري کيس زمين جي ذرن پرزن ۽ ڪکن پنن جي به ڪل ڪا نه هوندي آهي، ڪڏهن اجائي آڪڙ، ارڏائيءَ ۽ غرور جي غبارن ۾ غرق، ڪڏهن عاجزي ۽ انڪساريءَ جي اولڙي ۽ اوٽ ۾ اٽڪيل، ڪڏهن پيار ۽ پريت جي پرچن ۽ پيغامن پهچائڻ ۾ پنهنجا پويان پساهه پورا ڪندڙ، ڪڏهن جنگ  ۽ جهيڙي جي اعلانن جو امام ۽ اڳواڻ، ڪڏهن پراون سان پلؤ پائي پنهنجن جا پول پڌرا ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪثر نه ڇڏيندڙ، ڪڏهن پنهنجن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ، ڪڏهن اکين جي اشاري تي قربان ٿيندڙ، ڪڏهن پيار ڪندڙن جا ڪنڌ ڪٽڻ ۾ ڪوڏيو، ڪڏهن خزانا خالي ڪرڻ ۾ خوش ۽ خورم، ڪڏهن بخيلن جو بادشاهه، ڪڏهن فراخدليءَ ۽ فياضيءَ ۾ فياض، ڪڏهن پنهنجو رکي ٻين جي کائڻ ۾ کرو، ڪڏهن بهادر ۽ بيباڪ ته وري ڪڏهن ڪمزور ۽ ڪانئر.

ڪڏهن ڪڏهن انسان شيطان جون سموريون قائم ڪيل سرحدون ۽ لنگهه لتاڙي وڃي پار پوندو آهي. انهن ڳالهين مان جيڪڏهن هتي صرف هڪ به ڳالهه ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته قلم جي اکين مان لڙڪ لڙي پوندا، جنهن ڪري ماٺ جهڙي مٺي ميوي جهڙو ٻيو ڪو به مزو ڪو نه آهي.

منهنجا دوست! هڪ دفعي انسان ۽ شيطان جي پاڻ ۾ ملاقات ٿيندي مناظرو شروع ٿيو، گهڻن سوالن ۽ جوابن جي ڏي وٺ کان پوءِ شيطان صرف ايترو چيو ته منهنجي اها بدبختي ۽ بيهودگي هئي جو مان حڪم الاهيءَ کي نه مڃيندي تنهنجو سجدو نه ڪيو، ان نافرمانيءَ جي ڪري قيامت تائين لعنت ۽ ملامت جو طوق ڳهڻي وانگر ڳچي ۾ پئجي ويو. اي انسان جيڪڏهن مان الاهي حڪم جي تعميل ڪندي توکي سجدو ڪريان ها ته هي ممڻ نه مچي ها ۽ ڪوڙ جو ڪارخانو قائم نه ٿئي ها. افسوس ۽ ارمان صرف هن ڳالهه جو آهي ته مان صرف توکي سجدو نه ڪيو ۽ تون خليفت الارض ۽ اشرف المخلوقات جو خاصو خطاب حاصل ڪندي به هميشه ۽ هر هنڌ ۽ هر ڪنهن جي اڳيان خيال کي ڇڏي سر جهڪائيندو ۽ سجدا ڪندو رهين ٿو.

انسان کي خدا کانسواءِ ڪنهن به اڳيان سر نه جهڪائڻو آهي ۽ کيس بار بار تاڪيد ڪيو ويو آهي ته سر جهڪائڻ جي جنجال مان پنهنجي جند آزاد رک، مگر تون انهن الهامي احڪامن جي بالڪل ابتڙ هلي رهيو آهين. نافرماني جا سوين سبق ته ڪو توکان سکي، مان صرف هڪ غلطيءَ جي ڪري بدناميءَ جو بار پاڻ سان گڏ کڻي گهمان ٿو ۽ تون سڄي زندگي غلطيون ۽ گناهه ڪندو رهين ٿو ۽ وري تنهنجون جون لعنتون ۽ ملامتون به مونتي پونديون رهن ٿيون. جيڪڏهن مان تنهنجي عادتن، احوالن ۽ ڪمن ڪارن ۽ ڪرتوتن تي نظر وجهان ٿو ته منهنجو به ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃي ٿو ته پوءِ اي انصاف ڪندڙ انسانو انصاف ڪندي ان ڳالهه تي غور ۽ فڪر ڪريو ته نافرماني منهنجي وڌيڪ يا توهان جي ورنه انصاف، انصاف تي قيامت تائين ماتم ڪندو رهندو.

آخر ۾ شيطان اهو اعلان ڪيو ته مان پاڻ انهيءَ ڪوشش ۽ ڪاوش ۾ هوندو آهيان ته اڄڪلهه جي انسان جي ويجهو نه وڃان، ڇو ته سندس پيدا ڪيل معاشري مان بديون، بڇڙايون، بيهودگيون ۽ برايون به بيزار ٿي ڪري ڀڄنديون رهن ٿيون، جتان اهي چارئي شيون ڀڄنديون رهن ته اتي منهنجي رهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. اهي اٿئي اڄڪلهه جي انسان ۽ شيطان جا حال احوال.

دولت جي به عجيب فلاسافي آهي، جيڪڏهن آهي تڏهن به فتني ۽ فسا جو بنياد پيدا ڪندي رهني، پر جيڪڏهن ناهي تڏهن به نسورو ناحق آهي، ان کانسواءِ بدين ۽ بڇڙاين کي جنم ڏيڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪثر ۽ ڪوتاهي، ڪمي ۽ پيشي نه ڇڏيندي آهي.

دولت ۾ چار اکر آهن (د) سان دغا، دولاب، دوکو، دونس، دٻدٻو،ڌڪار، دوري، دهمان، دمدلاسا. (و) سان وير، وڍ، وڙهڻ، وارا ورائڻ، ويڻ ورائي ڏيڻ ۽ وڏائپ وغيره. (ل) سان لڙائي، لوڀ، لالچ، لهه وچڙ، لنوائڻ، لوڏڻ، لٽڻ، لوئڻ ۽ لتائڻ. (ت) سان تيزي، توانائي، تازگي، ترڪتال، تڙتڪڙ، توائي، تباهي، تنزل، تلف ۽ تاراج.

(وفائي)

[50]

هن خط ۾ تو پيدا ڪيل ۽ پيدا ٿيل حالتن جي باري ۾ سوال پڇيو آهي.

منهنجا سڄڻ! جيڪڏهن موجوده حالتن جي متعلق قلم کان ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪبي ته ڪيترن دليرن جون دليون دهلجي وينديون.

هن دنيا جي ڪاروباري ڪارخاني ۾ ڇا وهي ڇا واپري ٿو ۽ ان سان گڏ انسان دنيا جي اسٽِج تي پنهنجي فنڪاري جا ظاهري توڙي باطني ڪهڙا ڪهڙا رنگ ۽ روپ، ڍنگ ۽ڍول ظاهر ڪندو رهي ٿو، ان جي باري ۾ صرف ٻه اکر تنهنجي پڙهڻ لاءِ لکي رهيو آهيان.

خدا پرستن کي بت پرست ڏٺم ۽ بت پرستن کي خدا پرست ڏٺم، ديندارن کي بي دين ڏٺم ۽ بي دينن کي ديندار ڏٺم، اسلام ۾ ڪفر ڏٺم ۽ ڪفر ۾ اسلام ڏٺم،  ۽ ڪفر ۾ اسلام ڏٺم، اخلاق وارن ۾ بداخلاق ڏٺم ۽ بداخلاقن ۾ اخلاق وارا ڏٺم، شريفن ۾ شرارتي ڏٺم ۽ شرارتين ۾ شريف ڏٺم، اخلاص ۾ عياري ڏٺم عياري ۾ اخلاص ڏٺم، سچائي ۾ ڪچائي ڏٺم ڪچائي ۾ سچائي ڏٺم، ايماندارن ۾ بي ايمانن ڏٺم ۽ بي ايمانن ۾ ايماندار ڏٺم، حسن ۾ بدصورتي ڏٺم ۽ بدصورتي ۾ حسن ڏٺم، پردن ۾ بي پردگي ڏٺم ۽ بي پردگي ۾ پارسائي ڏٺم، عزت ۾ بي عزتي ڏٺم ۽ بي عزتي ۾ عزت ڏٺم، دلبرن ۾ دوکو ڏٺم ۽ دوکيبازن ۾ دلبر ڏٺم، پنهنجن ۾ پرايا ڏٺم ۽ پراين ۾ پنهنجا ڏٺم، پيئندڙن ۾ پياسا ڏٺم ۽ پياسن ۾ پرباش ڏٺم، سچارن کي ڪوڙو ڏٺم ۽ ڪوڙن کي سچو ڏٺم، پاڪبازن کي پليت ڏٺم ۽ پليتن کي پاڪباز ڏٺم، وصال ۾ ويڙهيون ڏٺم ۽ ويڙهين ۾ وصال ڏٺم، محبت ۾ نفرت ڏٺم ۽ نفرت ۾ محبت ڏٺم،  راحت ۾ رنج ڏٺم ۽ رنج ۾ راحت ڏٺم، بهادرن ۾ بزدل ڏٺم ۽ بزدلن ۾ بهادر ڏٺم، بااختيارن کي بي اختيار ڏٺم ۽ بي اختيارن کي بااختيار ڏٺم، انصاف ۾ بي انصافي ڏٺم ۽ بي انصافي ۾ انصاف ڏٺم، رهبريءَ ۾ رهزني ڏٺم ۽ رهزنيءَ ۾ رهبري ڏٺم، دوستيءَ ۾ دشمني ڏٺم ۽ دشمنيءَ ۾ دوستي ڏٺم، اميد ۾ نااميدي ڏٺم ۽ نااميدي ۾ اميد ڏٺم، ڪاميابيءَ ۾ ناڪاميابي ڏٺم ۽ ناڪاميابيءَ ۾ ڪاميابي ڏٺم، موافقت ۾ مخالفت ڏٺم ۽ مخالفت ۾ موافقت ڏٺم، عالمن ۾ جاهل ڏٺم ۽ جاهلن ۾ عالم ڏٺم، راهن ۾ رنڊڪون ڏٺم ۽ رنڊڪن ۾ راهون ڏٺم، چرين ۾ سياڻا ڏٺم ۽ سياڻن ۾ چريا ڏٺم،  خوددارن کي خوشامندي ڏٺم ۽ خوشامندن کي خوددار ڏٺم، همدردن کي حرڪت ڪندي ڏٺم ۽ حرڪتين کي همدرد ڏٺم، نيڪ نامن کي بدنام ڏٺم ۽ بدنامن کي نيڪ نام ڏٺم، ماڻهن  ۾ انسان ڏٺم ۽ انسان ۾ شيطان ڏٺم، فتح ۾ شڪست ڏٺم ۽ شڪست ۾ فتح ڏٺم، اهل علم ۾ اڻڄاڻ ڏٺم ۽ اڻڄاڻن ۾ اهل علم ڏٺم، روشنين ۾ انڌيرو ڏٺم ۽ انڌيرن ۾ روشنيون ڏٺم، خوشين ۾ غم ڏٺم ۽ غمن ۾ خوشيون ڏٺم، آسائش ۾ آزار ڏٺم ۽ آزار ۾ آرام ڏٺم، آزادي ۾ گرفتاري ڏٺم ۽ گرفتاري ۾ آزادي ڏٺم، ذهينن کي ذليل ڏٺم ۽ ذليلن کي ذهين ڏٺم، بهارن ۾ خزائون ڏٺم۽ خزائن ۾ بهارون ڏٺم، ناصحن کي نااهل ڏٺم ۽ نااهلن کي ناصح ڏٺم، حلال ۾ حرام ڏٺم ۽ حرام ۾ حلال ڏٺم، بابنيادن ۾ بي بنياد ڏٺم ۽ بي بنياد ۾ با بنياد ڏٺم، ظالمن کي مظلوم ڏٺم ۽ مظلومن ۾ ظالم ڏٺم، معصومن ۾ ماهر ڏٺم ۽ماهرن ۾ معصوم ڏٺم، خاموشيءَ ۾ خرابيون ڏٺم ۽ خرابين ۾ خاموشيون ڏٺم، ڪم ڪندڙن کي ڪانئر ڏٺم ۽ قرار ۾ بي قراري ڏٺم ۽ بي قراريءَ ۾ قرار ڏٺم، دردمندن کي بي درد ڏٺم بي دردن کي دردمند ڏٺم، مدبرن کي مڪار ڏٺم ۽ مڪارن کي مدبر ڏٺم، چوڪيدارن کي چور ڏٺم ۽ چورن کي چوڪيدار ڏٺم، ڏينهن ۾ راتيون ڏٺم ۽ راتين ۾ ڏينهن ڏٺم، وغيره وغيره.

هن وقت فيصلو ۽ فتويٰ صرف هي ڪيو وڃي ٿي ته:-

ڏٺو سڀ وسار ۽ اڻ ڏٺي کي ياد ڪر.

 جن دوستن جي ديدن درٻارن جي دٻدٻن ۽ درگاهن جي دغائن جا ديدار ڪيا هوندا، انهن جون ديدون ڪڏهن به ۽ ڪنهن وقت به دوکو کائي نه سگهنديون.

(وفائي)

سئيءَ  ۽ڪينچيءَ جي سوالن ۽ جوابن جو سلسلو جڏهن شروع ٿيو، تڏهن ڪينچيءَ سئيءَ کي چيو ته تون سنهي سڪي، سڙيل الف اگهاڙي، قيمت ۾ به گهٽ تنهنجو مون سان ڪٿي ۽ ڪڏهن به برابري ۽ برادريءَ جو  سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ڇو ته منهنجو قد ۽ بدن بيهڪ ۽ بناوت ۽ قيمت به ڪافي آهي، سئيءَ چيس ته تون سچ ٿي چوين منهنجي قيمت گهٽ آهي مگر قدر وڌيڪ آهي. جن کي تو ڪپيو، ڪوريو ڪٽيو، جدائي ۾ جلايو ۽ وڇوڙي جا وڍ ۽ ويڻ ڏنا، انهن کي ملائڻ، ڳنڍڻ، پلون کي پيوند ڪرڻ سهڻي سليقي سان سنوارڻ ۽ سينگارڻ، سڌارڻ ۽ سبڻ منهجي زندگيءَ جو مقصد ۽ مطلب هوندو آهي. جنهن ڪري هرهڪ ماڻهو مون کي وڏي عزت ۽ احترام سان پنهنجي پڳ، پهراڻ، قميص ۽ ڪوٽ جي ڪالرن ۾ خوشيءَ سان جاءِ ڏيندو رهندو آهي. مون سان محبت ڪندڙ عورتون ته مون کي پنهنجي نڪ ۽ ڪن جي پاپڙين ۾ به پناهه ڏينديون آهن،  جنهن ڪري سندن سگهڙپائي، سڃاڻپ، سليقي مندي ۽ هنرمنديءَ جو هوڪو هلندو رهندو آهي. ان کان سواءِ مون کي وڏن وڏن شاعرن به ڳائيو آهي، سنڌ جي شاهه پنهنجي جڳ مشهور رسالي جي سر مارئي ۾ مونکي هن طرح ياد ڪيو آهي:

سنهيءَ سيءِ سبيو – مون من ماروئڙن سين.

تنهنجو نالو اديب ۽ شاعر پنهنجي نثر ۽ نظم ۾ آڻڻ کان هميشه ئي ڪيٻائيندا رهندا آهن. تون گهڻو ڪري درزين جي دڪانن يعني پنهنجن جي پيرن ۾ پئي هوندي آهين، جيڪي جدا  ڪندا وڍيندا ۽ دور ڪندا رهندا آهن، انهن جو ڪٿي ۽ ڪڏهن به قدر  ۽ قيمت ڪا نه هوندي آهي. آخر ۾ ڪينچي چيس ته اي سئي! جيڪڏهن منهنجا ڪم ۽ ڪاريون  ۽ ڪٽڻ  ۽ ڪپڻ جا نه هجن ته تنهنجو نالو نشان ئي نروار نه هجي ها، ڪينچي اها ڳالهه قبول ڪئي ته ڳنڍيندڙ هميشه مٿڀرا ۽ مان وارا هوندا آهن ۽ ڪپيندڙ سدائين ڪمزور ۽ ڪانئر هوندا آهن.

(وفائي)

علم جو تعليم سان ڪو به تعلق ۽ لڳ لاڳاپو نه هوندو آهي ۽ نه وري تعليم جو علم سان واسطو ۽ وجهه هوندو آهي، علم جدا شيءِ آهي ۽ تعليم مختلف طريقو آهي. انهن ٻنهي ۾ تفاوت صرف هي آهي ته اهل علم جي ڪڍ مشهوري ۽ ماني هوندي آهي ۽ تعليم يافت سرٽيفڪيٽن، ڊگرين ۽ سندن جا سٿا سيني سان لايون ماني ۽ شهرت جي ڪڍ هلندو رهندو آهي.

(وفائي)

اقتدار ۽ علم جو جڏهن پاڻ ۾ ٽڪر ٿي پوندو آهي، تڏهن اقتدار علم کي نيچي نوائڻ لاءِ پنهنجون هلڪڙيون حرڪتون ۽ حرفتون استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آهي ۽ علم اقتدار جي سمورين سختين ۽ سورن کي سهندو پنهنجو مان ۽شان مٿاهون ۽ مٿڀرو ڪري اقتدار جي هر هڪ آڏو ايندڙ شيءِ کي لتاڙيندو، لوئيندو پنهنجي مطلب، مقصد ۽ منزل ڏانهن اڳتي وک وڌائيندو رهندو آهي.

(وفائي)

مصنف جي متعلق

جناب علي نواز وفائي سنڌ جي مشهور معروف وفائي گهراڻي جا روشن چراغ آهن. هن خاندان وقت جا وڏا عالم فاضل ۽ شاعر پيدا ڪيا جيڪي پنهنجي علمي فضيلت ڪري ”آخوند“، ”ميانجي“ ۽ ”خليفه“ سڏيا ويندا هئا.

جناب وفائي صاحب کي سندس والد بزرگوار حضرت مولانا دين محمد وفائي رحه جهڙي عالم، فاضل، تاريخدان، مبلغ، محقق، صحافي ۽ اديب جي تربيت ۽ تعليم جو فيض حاصل ٿيل آهي.

هن وقت پاڻ به ڪنهن اديب، صحافي ۽ لاجواب مقرر آهن ۽ سنڌي علم ۽ ادب ۾ سندن لکڻ جو هڪ نويڪلو ۽ نئون نمونو آهي. جيڪڏهن حقيقت جي عينڪ پائي پڙهبو ۽ پرکبو ته مصنف جي ٻوليءَ ۾ اُهي اُهي خوبيون ۽ خاصيتون عيان آهن، جيڪي هڪ ڪلاسيڪل شاعر جي ٻوليءَ ۾ هئڻ گهرجن.

ان کانسواءِ مصنف جي نثر ۾ ٻوليءَ جي رواني، سهڻو سٽاءُ، مٺاس، تسلسل، رعنائي، رنگينائي، لفظن جا خزانه سمايل آهن ۽ سندن نثر ۾ نظم نموندار آهي.

آخوند

عبدالغني ڀٽي

11-10-1982ع ڪراچي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org