سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: وفائي جا خط

 

باب: --

صفحو :12

جيئن ته سڄڻ سنڌ شروعات کان وٺي شڪار گاهه ٿي رهي آهي، سياست سان تعلق رکندڙ طبقي جي ڪن همراهن ان شڪارگاهه ۾ شڪار ڪندڙن شڪارين جي شغل ۾ شامل ٿي ڪري پنجوڙن کي پختي ڪرڻ، قناتن کي قابو ڪرڻ ۽ هڪلن ۽ هوڪارن جي هل هلان ۽ ڪتن ڪاهڻ ۽ ڪاراهڻ ۾ ڪڏهن ۽ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ۽ ڪثر نه ڇڏي آهي.

انهيءَ طبقي مان جيڪڏهن ڪو اميدوار ڪنهن سبب ڪري اليڪشن لڙڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي ته هو پنهنجي خاندان مان اولاد يا سوٽن ۽ سالن جاهلن ۽ انڌن منڊن، لولن لنگڙن کي اميدوار بيهاري ڇڏيندو آهي. ڇو ته انهيءَ طبقي جي ذهن ۾ هڪ خوشفهمي ويٺل هوندي آهي ته سياست تي سندن خاندان جو ئي موروثي حق آهي. جنهن ڪري هو ڪنهن به ماڻهوءَ کي اميدوار بيهڻ نه ڏيندا آهن، پر جيڪڏهن ڪو تنهنجي طبقي جو ماڻهو اليڪشن ۾ بيٺو ته اهو طبقو گڏ ٿي ڪري هزارن حيلن، وسيلن ۽طريقن سان انهيءَ کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن ڪري تنهنجي طبقي مان ڪڏهين به ڪو به ماڻهو سياست سڙيءَ ۾ حصي وٺڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي.

منهنجا سڄڻ! اهو طبقو مختلف ۽ جدا جدا طريقن سان اسان جي عوام جي ذهن تي ڇانيل آهي، ڪي وڏيرن جي وڏائپ سان، ڪي زمينداري ۽ زر جي زور سان، ڪي ڏاڍ ڏمر  ۽ ڏهڪاءُ سان، ڪي پيرن جي پارت سان، ڪي مرشدن جي منهن مهانڊن سان، ڪي ملن ۽ مولوين جي مهابن سان، ڪي ڦيڻن ۽ ڦڪين جي ڦيرن سان، ڪي تعويذن جي ترڪتالن سان، ڪي چالاڪي  ۽ چرب زبانيءَ سان، ڪي سماجي ۽ ثقافتي صفائيءَ سان، ڪي علمي ۽ ادبي ادائن سان، ڪي تقريرن ۽ تحريرن جي تيزن سان، ڪي جڙتو جماعتن جي جميعتن سان. ڇو ته هو پنهنجي پئسن جي زور تي هر قسم جا ماڻهو خريد ڪندا وقت ۽ حالتن سان مقابلو ڪندا اڳتي وڌندا رهندا آهن.

سنڌ جي تاريخ جا هڪڙا ٻه وسريل ورق توکي ياد ڏيارڻ گهران ٿو ته ڪيئن انهيءَ طبقي پنهنجي چالاڪين ۽چالبازن سان تنهنجي طبقي جي ماڻهن سان جٺيون ۽ جهيڙا ڪيا، دوست! دادوءَ جي هڪ ذمني اليڪشن جو واقعو مختصر نموني ۾ توکي ٻڏائڻ گهران ٿو.

تنهنجي طبقي جو هڪ پڙهيل ڪيل ۽ نالي وارو وڪيل سنڌ اسيمبلي جي ميمبري لاءِ ذمني اليڪشن ۾ بيٺو هو، ان وقت جي بااختيار سياستدان کي اها ڳالهه پسند نه آئي ته اسان جي طبقي کانسواءِ ٻيو ڪو ماڻهو اسان جي سامهون اچي بيهي ۽ اهو بااختيار سياستدان سڄو لڏو لاهي اچي دادو ۾ ويٺو ۽ پنهنجي سالي کان سرڪاري نوڪريءَ تان استعفا ڏيارائي، اليڪشن ۾ اميدوار بيهاريو ۽ راتو رات انهيءَ بااختيار چند صلاحڪارن جي صلاح مشوري سان تنهنجي طبقي جي اميدوار کي گرفتار ڪرايو ۽ صبح جو پنهنجي سالي کي ڪامياب اميدوار قرار ڪرايو. انهيءَ کانسواءِ ٻيو به واقعو تون ٻڌي ڇڏ.

سنڌ جي صحرا مان تنهنجي طبقي جو هڪ عظيم انسان اٿيو جيڪو نه صرف اديب هو پر چوٽيءَ جو شاعر به هو. هو ان وقت جي اهم ۽ اعليٰ سرڪاري عهدي تان استعيفا ڏئي پنهنجي سنڌ ۽ سنڌواسين جي خدمت ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري نروار ٿيو.

مگر ساڳئي طبقي اليڪشن جي ايامن ۾ انهيءَ مرد مجاهد کي طرحين طرحين جون تڪليفون جيل، بندشون بڙيون ۽ پابنديون پهرا وجهرايا، جنهن ڪري هو ڪڏهن به ۽ ڪنهن به اليڪشن ۾ ڪامياب ۽ فتحياب نه ٿي سگهيو.

هن وقت سنڌ جو جيڪو سجاڳ سياڻو سمجهدار نوجوان آهي، جنهن جو علم ۽ ادب، قلم ۽ ڪتاب سان تعلق آهي، انهيءَ کي پنهنجي وطن جي صحيح ۽ صاف سياسي تاريخ جي سخت ضرورت آهي.

منهنجا سڄڻ! سنڌ جي سياسي تاريخ جو دامن ايترو ۽ ايڏو ته داغدار ٿيل  آهي، جنهن کي زم زم جي پاڪ پاڻيءَ سان به صاف نه ٿو ڪري سگهجي.

ڇو ته سنڌ جي سياسي تاريخ تي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به اديب ۽ عالم  پنهنجي قلم کان ڪارائتو ڪم نه ورتو آهي، پر جن اديبن سنڌ جي سياست تي قلم کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته انهن پنهنجي ڪمزورين ۽ ڪوتاهين کي لڪائڻ لاءِ صرف مصلحتن جي منجهيل معاملن ۾ منجهي ڪري تاريخ جهڙي فن سان زيادتي ڪري ان کي زخمي زبون ۽ ضايع ڪري ڇڏيو آهي.

دوست – هونئن به تاريخ سان ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائجي ڇو ته تاريخ سان ڪوڙ ڳالهائيندڙ جو ڪوڙ سندس ڳچي ۾ پئجي ويندو آهي، ان ڪوڙ کي جيڪڏهن سون ۽ چاندي جي ورقن ورائڻ جي ڪوشش ڪبي تڏهن به تاريخ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ان ڪوڙ کي ظاهر ڪندي رهندي.

تاريخ نويس سنڌ جي سياسي ۽ سچي تاريخ لکي رهيا آهن، جڏهن اها تاريخ تيار ٿي ڪري تنهنجي هٿن تائين پهچي ويندي، تڏهن توکي پنهنجن ۽پراين جي پرڪارن جي پوري پروڙ ۽ پرک پئجي ويندي.

استعمال ڪندا رهن ٿا، باهمٿ بي همٿ کي، زوراور بي زور کي، زردار بي زر کي، عالم جاهل کي، عقلمند بي عقل کي، زبان دراز بي زبان کي، حاڪم محڪوم کي، سگهو بي سگهي کي، طاقتور بي طاقت کي، سياڻو اياڻي کي، خبردار بي خبر کي، ڄاڻو اڻ ڄاڻ کي، باشعور بي شعور کي، مرشد مريد کي، زميندار هاري کي، ڪمدار ڪارائي کي، مالڪ ملازم کي، نوڪر چاڪر کي، چوڪر چوڪيدار کي، باڪار بي ڪار کي، هنرمند بي هنر کي، مٿاهون هيٺين کي، گويا اهي سمورو چرخو انهيءَ هل هلان ۽ چرپر ۾ چرندو رهي ٿو.

(وفائي)

[33]

هن دفعي تو پنهنجي مادر مهربان جي مٺي من موهيندڙ ۽ مزيدار ٻوليءَ جي اديبن ۽ اهل قلم جي باري ۾ سوال پڇيو آهي. انهيءَ سوال جي جواب ڏيڻ ۾ ڪيئي دفتر درڪار ٿي ويندا. سنڌي ٻولي کي سڌاريندڙ ۽سنواريندڙن تي سوين سلام هجن.

منهنجا دوست – مان هتي انهن جي باري ۾ ٻه اکر تنهنجي پڙهڻ لاءِ لکي رهيو آهيان.

ڪي تاريخ جا طالب، ڪي تخليق جا تاجدار، ڪي تحقيق ۾ تيز، ڪي تنقيد ۾ تڪڙا، ڪي افسانن ۽ آکاڻين جا استاد، ڪي ڪهاڻين ۽ قصن جا ڪاريگر، ڪي ناٽڪ ۽ ناول جا ناميارا، ڪي واقعي نگاري کان واقف، ڪي سوانحعمري جا سينگاريندڙ، ڪي صحافت ۾ سرس، ڪي سير سياحت ۽ سفرن جا سهيڙيندڙ، ڪي مزاح جا مالڪ، ڪي منظر ڪشيءَ جا ماهر، ڪي مضمونن جا معمار، ڪي اکرن جي جوڙجڪ ۾ جان وجهندڙ جانباز، ڪي ٻوليءَ کي ٻهڪائيندڙ، ڪي عام فهمي ۾ اوچا ۽ اعليٰ، ڪي روانيءَ جا رهبر ۽ رهنما، ڪي روزمره جي حالتن جا حال احوال، ڪي صاحب وري هر صنف تي سوار، گويا اسان پنهنجي اديبن جي اعليٰ ادائن جي اندازن کي ڪهڙي ادا سان ادا ڪريون.

هر هڪ دور پاڻ سان گڏ هڪ مزاج کڻي ايندو آهي، جنهن ڪر ي انهيءَ دور جون حقيقتون ۽ حڪايتون، شڪوه ۽ شڪايتون اڳئين دور کان مختلف ۽ جدا جدا هونديون آهن. جڏهن ۽جنهن وقت به نيون حالتون پيدا ٿينديون آهن، تڏهن انهيءَ معاشري جو دور انديش ۽ دانشمند اديب، عالم ۽ شاعر پنهنجي عقل ۽ ادراڪ فهم ۽ فراست مطابق تڪي توري، ڇنڊي ۽ ڇاڻي پيدا ٿيندڙ حالتن جو اهڙو ته صحيح نقشو پيش ڪندو آهي، جو هر هڪ پڙهندڙ ائين محسوس ڪندو ڄڻ سندس جذبات جي صحيح معنيٰ ۾ ترجماني ٿي رهي آهي.

(وفائي)

[34]

خط تنهنجو پهتو هن دفعي تو ڪن پکين جي باري ۾ پڇيو آهي. منهنجا دوست-

پکين جي نفسيات جي ماهرن پنهنجي پنهنجي علم ۽ عقل، ڄاڻ ۽ سڃاڻ، سمجهه ۽ سوچ مطابق انهن جي باري ۾ ڪئي ڪتاب لکيا آهن، جن جي مطالع مان مطالعو ڪندڙن جي محدود معلومات ۾ ڪافي اضافو ٿيندو رهي ٿو. هونئن به هر زمين جي خطي جا پکي جدا جدا ۽ مختلف هوندا آهن. انهن جو قد ۽ ڪاٺ بدني بيهڪ ۽ بناوت رنگ ۽ روپ سان، گڏ سندن ٻولين ۽ آوازن جي اثرن جا انداز به علحده هوندا آهن. وطن جي جاگرافيائي حدن مندن ۽ موسمن کان متاثر ٿيندا آسمان جي کليل فضا ۾ آزادي سان اڏامندا ۽ اڏرندا رهندا آهن. قدرتي طرح هر جاندار ۾ ڪيئي خوبيون ۽ خاصيتون، ڪوتاهيون ۽ ڪمزوريون هونديون آهن. دنيا جي هر علم ۽ ادب شعر ۽ شاعري ۾ به ڪيترن پکين جو ذڪر ٿيندو رهيو آهي. جيئن ته اوهان کي معلوم آهي ته عقلمند عاشقن پنهنجي راز کي راز ۾ رکڻ لاءِ محبوب ڏانهن قاصد موڪلڻ جو اهم ۽ نازڪ ڪم ڪبوتر ۽ ڪانگ کان ڪرايو آهي.

انسان گهڻو ڪري رازداري ۽رازداني جي رسمن ۽ رواجن کان ڪڏهن به ۽ ڪنهن وقت به آزاد ۽ آجو ٿي ڪري سمورن پڪن ۽ پروگرامن کي گهڙي پلڪ ۾ پڌري پٽ پڌرو ڪري سگهي ٿو. هونئن به اندر جي اور اورڻ جا احوال سڀ ڪنهن سان نه اوربا آهن. ڪبوتر ۽ ڪانگ اهي ٻئي پکي پرين ڏانهن پرچن ۽ پيغامن، سنيهن ۽ سلامن کي سلامتي سان پهچائڻ جا پابند هوندا آهن. جنهن ڪري انهن ٻنهي پکين جا ڪيئي قصا ۽ ڪهاڻيون عشق ۽ محبت جي داستانن ۾ داخل ٿيل آهن. عاشقن انهن پکين کي پرين اڳيان پيش ٿيڻ جا اهي اهي ادب ۽ احترام، نياز ۽ نوڙت، انڪساري ۽ عاجزي جا سبق سيکاريا آهن، جيڪڏهن انهن سبقن مان صرف هڪ سبق جي صفحي جو، هتي ذڪر ڪبو ته ڪيئي دفتر درڪار ٿي ويندا. ڪبوتر جو محبوب جي ڪوٺي تي ويهي پرچو پهچائڻ ۽ جلد جواب وٺي واپس وٿاڻن ڏانهن ورڻ جو واهه جو وارو ورائيندو آهي. ڪانگ ۾ خاص خوبي اها آهي ته هو پرين جي گهر جي ڏيڍي، ٻنڀي ۽ ڀت تي ويهي وڏي وات پنهنجي خاص آوازن جي اندازن ۾ ايندڙن جو اڳواٽ اطلاع ڏيندو رهندو آهي. جنهن ڪري گهر جا ڀاتي ڪانگ جي بار بار ڪان ڪان تي ڪن ڏيندا، ڪنهن محبوب مهمان جي اچڻ جي انتظار ۽ اوسيڙي ۾ در ۾ اکيون وجهي ويهندا آهن. ڪانگ ۽ ڪبوتر کان پوءِ ميان مٺو يعني طوطي کي ياد نه ڪرڻ به وڏي بي انصافي ٿيندي، گهڻا ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ طوطن کي پاليندا سندن پوري طرح پرگهور ڪندا رهندا آهن. طوطو جنهن به گهر ۾ پاليل هوندو ان گهر جي ڀاتين جي ٻولي ٻولڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي ۽ گهر ۾ ايندڙن ويندڙن جي آجيان ۽ استقبال ڪرڻ ۾ ڪنهن به  قسم جي ڪوتاهي ۽ ڪمي پيشي نه ڪندو آهي. بازيگرن جا پاليل طوطا اهڙي سکيا جا سبق سکيل هوندا آهن، جو انسان انهن جي ڪرتبن ۽ ڪمن کي ڏسي دنگ رهجي ويندو آهي.

وڏن شهرن جي مختلف چونڪن ۽ چوراهن، راهن ۽رستن ۽ ڦٽپاٿن تي ڪيئي اهڙا طوطن جا پاليندڙ، پيداگير پلٿون ماري ويٺا هوندا آهن. جيڪي پنهنجي پيٽ پالڻ لاءِ طوطن کان ڪم وٺندا رهندا آهن، ۽ هو پنهنجي سامهون ويهه – پنجويهه لفافه جن  ۾ ڪي پنهنجي هٿ جا لکيل ڪاغذ پيل هوندا آهن، انهن ڪاغذن جو مضمون گهڻو ڪري هڪ جهڙو ئي هوندو آهي. طوطي جو مالڪ، طوطي کي تڏهين ڀتي کارائيندو آهي، جڏهن ڪو مت جو موڙهو پنهنجي قسمت ڪڍائڻ لاءِ انهن وٽ اچي حاضر ٿيندو آهي. هڪ ٻن روپين ڏيڻ کان پوءِ طوطي جو مالڪ ڳوٿري مان داڻو ڪڍي، طوطي جي چهنب ۾ ڏيندو آهي ۽ طوطو داڻي کي کائيندو، هڪ ٻه دفعا ٽيون ٽيون ڪندو، سامهون پيل لفافن تي ٻه ٽي چڪر هڻي، مختلف لفافن کي چهنب سان هيٺ مٿي ڪندو اڳتي ۽ پوئتي ٿيندو رهندو آهي. قسمت ڪڍائڻ وارو وڏي شش پنج ۾ هوندو آهي ته طوطو ڪهڙي لفافي کي چهنب ۾ آڻي منهنجي اڳيان رکي ٿو. هڪ انسان ٻئي انسان جي سامهون ويهي طوطي کان پنهنجي قسمت جي فيصلي ڪرائڻ جي فڪر ۾ هوندو آهي افسوس، جڏهن ٻن انسانن جي وچ ۾ طوطو پنهنجي سيکاريل ڪم ۽ ڪرت ۾ مصروف هوندو آهي، تڏهين اهي ٻئي انسان طوطي جي چستي  ۽چالاڪي کي ڏسڻ ۾ محو هوندا آهن. هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دور  ۾ حضرت انسان پنهنجي شعور، عقل ۽ ادراڪ سان آسمان جو سير ڪندو رهي ٿو. مگر اسان وٽ اڃان ڪيترا ماڻهو پنهنجي قسمت  ۽ مستقبل جو رهنماءُ ۽ رهبر طوطي کي تصور ڪندا رهن ٿا. ڪونج جي واکاڻيل وصفن جي ڪهڙي ويهي ڪهاڻي ڪجي. جڏهن ڪونج جو لفظ ذهن ۾ ايندو آهي ۽ زبان سان اچاريو ويندو آهي تڏهن سندس سونهن سوڀيا سان گڏ قرب ڀريون قطارون، ڪنجڪڻ، ڪرڪڻ، مٺ محبت، انس ۽ الفت، ميل ميلاپ، ايڪو ۽ ايڪتا، اتحاد ۽ اتفاق جا ڪيئي نظارا ۽ نقشا نيڻن اڳيان نڪري نروار ٿيندا رهندا آهن. ڪونج هڪ پهاڙي پکي آهي گهڻو ڪري بلوچستان جي پهاڙن ۾ رهندو آهي. سياري جي سخت سردين ۾ سرسبز سکي ستابي سنڌڙي ڏانهن ايندو رهندو آهي، هي پکي وڳر  ۽ولر کانسواءِ ڪڏهن به ڪيڏانهن به نڪرڻ جي نه ڪندو آهي، هميشه برادري ڀائيچاري سان داڻو پاڻي حاصل ڪندو رهندو آهي.

اڇي رنگ جو قداور پکي ڊگهيءَ ڳچي سان ٿئي ٿو ۽ سندس آواز ۾ ميٺاج ۽ مزو هوندو آهي، فطري شاعر جيڪي به اکين سان قدرت جي ڪتاب ۾ ڏسندو ۽ پسندو آهي. سو ئي بيان ڪندو رهندو آهي. اسان جو ڀٽ ڌڻي انهن پکين جون پاڻ ۾ ٽوليون ۽ ٻڌي ڏسندي فرمائي ٿو ته:ـ

”وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،

پسو پکيئڙن، ماڻهان ميٺ گهڻو.“

يعني ته ڪونجون پاڻ ۾ ڏاڍي اتحاد ۽ اتفاق ۾ آهن ۽ وڳر ڪري هلڻ سان سندن پريت پڪي ٿيندي رهي ٿي ۽ ان ڪري پاڻ ۾ ميٺ ميٺاج به وڌي ٿو پر افسوس جو اسان ۾ اها شيءِ نه رهي آهي، جو پاڻ ۾ هڪ ٿي رهون ۽ هڪ ٿي رهڻ ۾ هميشه نيڪ نتيجو نڪري نروار ٿيندو رهندو آهي.

”اتفاق مگس شهد مين شود پيدا،

خدا چه لذت شيرين در اتفاق نهاد.“

گلاب جي گل جي واکاڻ  ۽ وقار، حيثيت ۽ حقيقت، قدر ۽ قيمت سندس ڪنڊن واري ڏانڊيءَ ۾ هوندي آهي، جڏهن گلاب جو گل پنهنجي ڪنڊن جي قرب کان ڪنارو ڪري ماڻهن جي هٿن ۾ اچي ويندو آهي، تڏهن سندس استعمال ڪندڙ ڪڏهن هار جي حيثيت ۾، ڪڏهن گلقند سان گڏ، ڪڏهن عرق جي آثارن ۾ ۽ ڪڏهن وري پتيءَ جي نالن سان پڪاريندا رهندا آهن. گويا گلاب جي گل جي حيثيت ۽ حقيقت ختم ٿي ويندي آهي.

(وفائي)

[35]

خط تنهنجو پهتو ۽ احوال معلوم ٿيو. تو هن دفعي ٻه سوال پڇيا آهن، هڪ سوال موجوده حالتن ۽ معاشري متعلق ۽ ٻيو تاريخ جي باري ۾.

موجوده پيدا ڪيل حالتن ۽ ان جي معاشري متعلق ڇا لکي ڇا لکجي. هڪ اڌ ڪا خرابي هجي ته ان کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي، مگر هتي ته ملڪ سڄو منصور آهي. معاشري جي شڪايت ڪرڻ کان اڳ  ۾ اسان پنهنجي گريبان ۾ منهن وجهي ڏسون ته اسان ۾ ڪيتريون برايون ۽ بڇڙايون، ڪمزوريون ۽ ڪوتاهيون آهن. جڏهن ۽ جنهن ملڪ ۾سماجي، معاشي ۽ مساواتي حالتن جون ڌڄيون اڏايون وڃن، ان معاشري ۾ ڪنهن به نيڪيءَ، ڀلائي ۽ بهبودي جي اميد رکڻ گويا پاڻ کي دوکي ڏيڻ جي برابر آهي. هن اقتصادي ۽ معاشي، منجهائيندڙ مسئلن ۾ انسان ايڏو منجهي پيو آهي جو ان جي پيٽ جي اڳيان دنيا جا مذهب دين، ڌرم، اصول، عقيدا، اعتماد، ۽ اعتبار سر جهڪائيندا رهن ٿا. اسان جي معاشري ۾ ڪمزوريون ۽ ڪوتاهيون برايون ۽ بديون صرف ان ڪري پيدا ٿينديون رهن ٿيون ۽ ٿي رهيون آهن، جو ڪن ماڻهن وٽ مانين جا ڍير لڳا پيا هوندا آهن، ٻئي طرف لکين انسان ماني حاصل ڪرڻ لاءِ حيران ۽ پريشان هوندا آهن. ڪنهن سگهڙ جو سچو سخن آهي ته ”جيڪڏهن انسان مانين جي برابر ورڇ ڪري وٺي ته هيءَ زمين پرامن ۽ شر کان پاڪ ٿيندي“. مگر ائين نه ٿو ٿئي، مانين جي ورهاست ۾ ناانصافي آهي. تنهن ڪري زمين تي نت نوان فتنا ۽ فساد پيدا ٿيندا رهن ٿا. ماڻهو جيڪڏهن بکيو هوندو ته هو ڪنهن به ڪم ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري نه سگهندو، بلڪه پيٽ ڀرڻ لاءِ قانون شڪنيءَ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. اڄ اسان وٽ سڀ کان اهم ضرورت اٽي جي آهي ڇو ته اٽي مان ”ماني“ بڻجي ٿي ۽ ماني سان پيٽ جي باهه وسامي ٿي، مگر لڳاتار محنت ۽ مشقت، ترقي ۽ تعمير کان پوءِ به ”ماني“ انسان جي هٿ وس کان پري ٿيندي ٿي وڃي ۽ ماڻهن جي اڪثريت ماني هٿ ڪرڻ جي فڪر ۾ ڳرندي پيئي وڃي. ڪڏهن ائين نه ٿئي جو ماني زمين تان ئي غائب ٿي وڃي.

هونئن به جنهن ملڪ ۾ معاشري جا سمورا وسيلا، مال ۽ ملڪيتون، باغ ۽ بنگلا، زر ۽ زمينون، ڪارخانا ۽ ڪاروبار، وڻج ۽ واپار چند ماڻهن جي ئي هٿن ۾ هجن ۽ هو ملڪيت ميڙڻ ۽ آمدني وڌائڻ جي انڌ ۾ ايترا انڌا ٿي پون جو هنن مان انسانيت  ۽احساس، رحمدلي ۽ رواداري، برادري ۽ برابري، پيار ۽ پنهنجائپ ختم ٿي وڃي ته پوءِ اهي انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي پنهنجين ٽجوڙين ۾ گڏ ڪيل حرام جي مال، مڏين ۽ ناڻن تي نانگ بڻجي خالق جي ڪروڙين ماڻهن کي سڪل ڳڀي کان به سڪائيندا رهن ٿا.

منهنجا دوست! سنڌ جي تاريخ متعلق جن به ڪتابن جو تو مطالع ڪيو آهي يا مطالع ڪندو رهين ٿو انهن قصن، ڪهاڻين ۽ داستانن کي جيڪڏهن عدل ۽ انصاف جي ترازيءَ ۾ توريو ويندو ته حقيقتن  ۽حڪايتن کان وڌيڪ منافقي ۽ مصلحت جا ڪيئي تهن مٿان تهه چڙهيل توکي ڏسڻ ۽ پسڻ  ۾ ايندا. منهنجو پنهنجو ذاتي خيال آهي ته سنڌ ۽ سنڌين لاءِ جيڪي سورن ۽ سختين جا سامان پنهنجن پيدا ڪيا هئا، ڪيا آهن ۽ ڪندا رهن ٿا، انهن درد انگيز داستانن کي ايندڙ وقت جو مورخ ضرور ظاهر ڪندو. هن وقت سنڌ جي تاريخ متعلق جيڪي به مقالا ۽ مضمون لکيا وڃن ٿا يا لکرايا وڃن ٿا تن جي پوئتان ٻي ڪا طاقت ڪم ڪندي رهي ٿي، مگر ان جي باوجود به لکڻ وارا لکندا رهندا  ۽پڙهڻ وارا پڙهندا رهندا. تو هن دفعي تاريخ جي باري ۾ سوال پڇيو آهي ته تاريخ ڇا آهي، تاريخ ڇو آهي، تاريخ ڇو ٿي لکي وڃي، تاريخ ڪنهن لاءِ لکي وڃي ٿي ۽ تاريخ ڪڏهن لکڻ ۾ اچي ٿي، تاريخ عبرت، حيرت ۽ حسرت جو نالو آهي. تاريخ کي جيڪي پڙهندڙ قصن ۽ ڪهاڻين، افسانن ۽ آکاڻين، درٻاري داستانن جا سبق سمجهي پڙهڻ شروع ڪندا آهن، سي گويا تاريخ جهڙي عظيم فن سان ظلم ڪندا  ۽ پنهنجو قيمتي وقت ضايع ڪندا رهندا آهن. تاريخ جو فن به هڪ عجيب فن آهي، جنهن فن تي اسان جي اديبن، عالمن ۽ محققن پنهنجي مزاج مطابق قلم کان ڪارائتو ڪم وٺندي تاريخ جي طالبن لاءِ ڪافي مواد موجود ڪيو آهي ۽ ڪندا رهن ٿا. ڪيترن تاريخدانن سچن، صاف ۽ سنون، سڌن واقعن ۽ وارداتن کي پنهنجي سمجهه، سوچ ۽ ان وقت جي حالتن مطابق مصلحتن جي منجهيل مسئلن ۾ منجهي ڪري تاريخ جي دامن کي دغدار ڪيو آهي ۽ ڪيترن وري ننڍڙين ڳالهين کي حقيقت جو پهراڻ پهرائي پيش ڪيو آهي. ڀائنجي ائين ٿو پيو ته ڪيترن اهل قلم، اديبن، تاريخدانن، افسانن ۽ احوالن کي حقيقت جي رنگ ۾ پيش ڪرڻ کان نه ڪيٻايو آهي. منهنجي خيال موجب سنڌ جي سرزمين تي جيڪي تاريخي واقعا ۽ وارداتون ٿيون آهن، ٿينديون هيون ۽ ٿينديون رهن ٿيون، انهن کي اڄ ڏينهن تائين اديبن، عالمن ۽ تاريخ نويسن صحيح معنيٰ ۾ پنهنجي قلم جي نب جي نوڪ سان نروار ڪرڻ کان نٽايو ۽ ڪيٻايو آهي. ان جا به سوين سبب آهن، هتي ڪهڙا لکي ڪهڙا لکجن. هن وقت سنڌ جو جيڪو سمجهدار نوجوان نسل آهي جنهن کي پنهنجي وطن جي صحيح صاف تاريخ جي مطالع ڪرڻ جي سخت ضرورت ٿي رهي آهي. هونءَ به دنيا جو هي قانون آهي ته جيستائين ڪنهن به زمين جي خطي جي صحيح ۽ صاف تاريخ کان اتان جا ماڻهو اڻ واقف ۽ وانجهيل هوندا آهن، تيستائين هنن کي پنهنجي شاندار ماضيءَ جي (م) جي به معلومات حاصل ٿي نه سگهندي.

دنيا جي تاريخ جا ڪيئي ورق اجائن سجاين الزامن ۽ بيهوده بهتانن سان ڀريا پيا آهن. تاريخ نويس جڏهن به تاريخي واقعن کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، تڏهن هنن جي سامهون صدين جا سبق ان وقت جي حالتن جا حال احوال، ملڪن جون جاگرافيائي حدون، ماڻهن جي تهذيب ۽تمدن، رسم ۽ رواج، ريتون ۽ رسمون، اٿڻي ويهڻي، سماجي، سياسي، اقتصادي  ۽اخلاقي، مجلسي ۽ محفلي زندگي، گويا معاشري جو سمورو نقشو سامهون رکي پوءِ قلم کان ڪم وٺندا رهندا آهن. جيڪي تاريخ نويس صرف لڪير جا فقير ٿي هوا ۾ لٺيون هڻندا نقلن جي نشانين جي نقالي ڪندا رهندا ته انهن جي باري ۾ تاريخ ڪڏهن به خاموش نه رهندي آهي. تاريخي سچا ۽ صاف واقعا صدين کان پوءِ به صداقت ۽ سچائي سان سامهون ايندا رهندا آهن. اديب ۽ اهل قلم محقق  ۽تاريخ نويس ڪيترين ئي چالبازين ۽ چالاڪين سان سچن واقعن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا، تڏهن به سندن اها مڪاري ۽ فريب ڪاري ضرور ظاهر ٿيندي رهندي. مگر افسوس جو اسان جا ڪيترا تاريخ نويس پنهنجي مقصد ۽ مطلب کي حاصل ڪرڻ لاءِ تاريخ جهڙي  صاف ۽ شفاف فن جون هر دور ۾ ڌڄيون اڏائيندا رهندا آهن. مگر وقت ۽ حالتون جڏهن گڏ ٿين ٿيون، تڏهن هر شيءِ ظاهر ظهور ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org