سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: هو ڏوٿي هو ڏينهن

باب: --

صفحو : 7 

افسوس آهي، جو سنڌ جي مسلمانن، باوجود مرده پرست هجڻ جي به، نظر علي خان جهڙي مخلص خدمتگار کي نه ڇڙو جلدي وساري ڇڏيو بلڪ مرڳوئي دل جي ڦـَـرهيءَ تان ڌوئي ڇڏيو. حالانڪه گهرئون پنهنجي کائي، سڄي عمر، مرحوم ڳـُـڻ سندن ڳاتا. سندس جذبو ۽ جدوجهد ڪجهه ڪري سگهيا يا نه، ليڪن هن وٽ جيڪا وٿ هئي، سا هميشہ پيش پرين جي ڪندو آيو. مڙس هو مسڪين ۽ دوالي بند، قوم کي ٻيو ڇا ٿي ڏئي سگهيو! هڪ زبان هيس، ٻه هٿ ٻه پير، سندس اهي ئي پنج عضوا هميشہ مسلمانن جي خدمت ۾ متحرڪ رهيا. ڇهون هيس جسم، جيڪو پڻ ڏجها ۽ ڏاکڙا سهي، آخر ايترو نجهري ويو، جو وقت کان اڳي کيس هتان وڃڻو پيو.

آغا نظر علي خان مرحوم جي شخصيت، خوبيون ۽ خصوصيتون، وضع قطع ۽ اُٿي ويٺي، قومي محبت خواهه ذاتي ڪردار ۽ گفتار، اهي سڀ ايتريقدر سـُـهائيندڙ ۽ دلچسپ هئا، جو هوند کيس اسان جي قومي تاريخ ۾ جاءِ ملڻ کپي. خير، ٻين تي ڪهڙو ڏوهه، خود.

جنين ڪاڻ مياس، سي ڪانڌي مئي جا ڪونه ٿيا!

جڏهن انتقال ڪيائين، تڏهن ماڻهن جو خيال هو ته خانبهادر صاحب کهڙو مٿانئس ڇپر جهـُـلائي رکندو- ڪفن دفن، پٿر پوتي، ڏنو ورتو، ملو موراڻو، جمائو چاليهو، سڀ پاڻ ڪندو. ليڪن ميت سينگارجي سنوارجي، نماز لاءِ جڏهن وڃي جنازي گاهه ڀيڙو ٿيو، تيسين ڪو اُنهيءَ طرف کان وانگي به ڪونه وريو. ماڻهن سمجهيو متان ’صاحب‘ جن کي وقت جي خبر هجي، سو ات ڀؤ ڪري، ڳاڙهي بنگلي ڏانهن ماڻهو به سيڙائي موڪليائون. ليڪن افسوس! کهڙو صاحب ان وقت جوڌ پوري برجيس پائي، جناب ڪمشنر صاحب بهادر ممالڪ سنڌ سان ڪچي ۾ شڪار تي وڃڻ لاءِ بنگلي جي ٻاهرئين دروازي تي پهچي چڪو هو. نصيب جي ڳالهه هئي موقعو اهڙو ٿي پيو. مرحوم جي قسمت ۾ لکيل ڪونه هو ته جڏهن سندس مامرو مٽيءَ سان ٿئي، ان وقت جنازي نماز ۾ اهو ماڻهو شريڪ ٿي سگهي، جنهن کي سڄي زندگي هو ’اسلام اخلاق‘ جو پيڪر ظاهر ڪندو رهيو. ماڻهن ۾ ان تي چرپر به ٿي، سرٻاٽ سس پس ۽ ڪـَـنَ - ڳالهيون هليون، مرحوم جي گهر واريءَ کي به ڪن ماڻهن تڏي تي مهڻا ڏيئي ورتا. سندس يتيم ننڍڙن نينگرن کي به ڪن صاحبن مٿي تي هٿ گهمائيندي صاف چئي ڏنو. ليڪن اهو سڀڪجهه هو ته سراسر اجايو ۽ صفا بيسود- ڀلا آسمان ۽ زمين جو ڪهڙو ميلاپ؟ عرش ۽ فرش جو ڪهڙو ميل؟ پست ۽ بلند جي ڪهڙي نسبت؟ غريب به ڪو امير جو دوست ٿئي ڇا؟ ننڍو ماڻهو وڏي ماڻهوءَ جو ڪو شاني شريڪ ٿئي ڇا؟ ڀل هزار خدمتون ڪري، ڀل رت به ڏئي، ڀلي کڻي سر جي بازي به کيڏي، پوءِ ڇا ٿي پيو! اهو ته سندس مَرَڪُ آهي، اها ته سندس ڊيوٽي آهي، اهو ته مٿس ڏاڍيءَ سرڪار طرفان فرض آهي، ان لاءِ ته غريب هن دنيا ۾ خلقيو ويو آهي، نه ته امير جي خدائي هوند ڪيئن هلي سگهي! پنج آڱريون برابر آهن ڇا؟ سياڻن انهيءَ ڪري ’فرق مراتب‘ جو لفظ لغت ۾ آندو آهي!

*      *      *

”سنڌ زميندار“ جي آفيس سکر جي مارواڙي محلي ۾، ٽـَـڪر تي هوندي هئي، مسٽر محمد ابراهيم سيلاٽي جي جاءِ کان ٻه، چار جايون اورتي ڏکڻ ڏي، نم جي لاهيءَ طرف، ”الحق“ پريس سان گڏ، ۽ سکر جي مدرسة الاسلام جي سامهون.

انهيءَ جاءِ ۾ ڪيئي لطيفا ٿي گذريا- پريس ۾ ايتري اپت هوندي ئي ڪانه هئي، جو وقت سر ملازمن کي پگهارون ملي سگهن، يا ڪنهن ڏکئي سکئي وقت ائڊوانس ڏئي سگهجي. ”آڻيون ۽ چاڙهيون  ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ وارو قصو هوندو هو. ڪنهن مت جي موڙهي خريدار چندي جا ڏهه رپيا موڪليا يا ڪنهن سرڪاري نوٽيس جي ڇپائيءَ جو پنجاهه - پنجويهه اچي ويو، ته واهه، ورنه مهينن جا مهينا پيو ٽنگ ٽپي تي ڪم ڪڍبو هو. منهنجي پگهار پنجاهه رپيا هئي، ليڪن پنجن سالن ۾ مون کي ياد نه آهي ته ڪڏهن ڪي ڏهه رپيا به گڏ مليا هوندا، ۽ نه اهوئي ڪو چئي سگهندس ته پگهارن جو حساب پڇاڙيءَ تائين چڪتو ٿي سگهيو. جڏهن سخت ضرورت هوندي هئي، تڏهن نظر علي خان مرحوم رپيو ٻه هٿ تي رکي چوندو هو: ”آغا منهنجا! اجهو وٺ، وڃي هاڻي اڏاءِ!“ واقعي مان به سمجهندو هيس ته ڄڻ لک ملي ويا. مرحوم جو پنهنجو گذر به، خدا سان ڪم پوندو، اهڙيءَ طرح ٿڪ ٿنبڻ ۽ تير تڪلي تي هلندو رهندو هو. اسان ٻنهي جو ته خير معاملو اور هو، پيو وقت ٽپائبو هو، ليڪن معرڪا تڏهن ٿي چڪندا هئا جڏهن ڪمپازيٽرن کي وقت تي پيسو ڪونه ملندو هو. ابوبڪر ته خير عمر رسيدو ۽ سنجيدو به هو، ليلا رام مشين مين به هندو هو، پٽ سٽ ڪيون پيو وقت ڪڍندو هو، نظر علي خان جي حالت دراصل خراب ڪندو هو خانيو ڪمپازيٽر - نوجوان، گرم خون، قوم جو سيلاٽو، ڪاوڙ هيمشہ ڪن تي. مهينو- اڌ دم دلاسي تي گذاري ڇڏيندو هو، ليڪن جڏهن ٻئي مهيني کان به ڳالهه مٿي چڙهي هلندي، ان وقت گارگند کان نوبت ٽپي، لڙائيءَ جهڳڙي تائين پهچندي هئي. ڪمري ۾ اندر نظر علي خان بند ۽ ٻاهران در تي خانيو ڪمپازيٽر مع راجسي چاقوءَ جي، ڏاڍيان پيو چوندو.

”نڪر ٻاهر، ته تو اسان جي خبر پوي! ڪيستائين اندر هوندين؟ غريبن جا گهڻا ڏينهن پئسا کاڌئي. اچ ڇڙو ٻاهر، ته ڇـُـرو هڻين پيٽ ڦاڙيندو سانءِ!“

اهي ٻول ٻڌي، نظر علي خان اندر ويٺو ”يا حفيط يا حفيظ!“ پڙهندو هو. پٺئين دروازي کان ٽپي، جڏهن ڪو ماڻهو وڃي مسٽر محمد ابراهيم سيلاٽي کي وٺي ايندو هو، تڏهن وڃي نظر علي خان جي جند ڇٽندي، ڪمري جا در کلندا، ۽ ٻاهر اچي تازي هوا کائيندو. عيد براد ۽ ننڍي وڏي ڏينهن تي جنسي ڪاري قيام ٿي ويندي هئي، سڄو پاڙو پنبو ڪٺو ٿي، اچي تماشو ڏسندو هو. ان وقت ابوبڪر به متانت ۽ سنجيدگيءَ کي پٺيءَ پاڏنهن اڇلي چوندو هو، ”آغا صاحب، اها شرافت ڪانه آهي! عيد سندي ڏينهن به اسان بک مرون!“ ڪڏهن ته اهڙا موقعا به آيا، جو ليلارام، رامو ۽ گيلو جڏهن پٽ سٽ ڪري ڪجهه رپيا کڻي آيا، تڏهن وڃي آغا مرحوم جا ڇِڪ ڇـَـٻيڙ مان پلوَ آجا ٿيا. اهو نمونو سالن جا سال هليو. جڏهن حالتون سڌري نه سگهيون، تڏهن اهي مامرا ۽ مذڪور اسان جي عادت ۾ داخل ٿي ويا.

*      *      *

مون کي جيڪا کٽ سمهڻ لاءِ پنهنجي ڀاءُ کان ورثي ۾ ملي هئي، ان جو واڻ وچ مان ڇڳل هو. گهڻو ئي منجهانس ڪم ڪڍيم، ليڪن ڳالهه وس کان انهيءَ وقت نڪري وئي، جڏهن چيلهه وڃي زمين سان لڳي. نظر علي خان جي پنهنجي کٽ ته اُها هئي، جيڪا مرحوم عبدالوهاب خان گهران کڻي آيو هو. انهيءَ تي احمد علي خان به سمهيو ۽ ان کان پوءِ نظر علي خان به استراحت فرمائي، گهريلو، مضبوط ۽ پائدار، ليڪن مان واري هئي بازاري، ڪچي واڻ جي، جنهن جي جوانيءَ ۾ جملي قيمت ٻه رپيا مس هوندي. بهرحال هڪ ڏينهن نظر علي خان پنج رپيا هڙ ۾ وجهي اخباري پنا خريد ڪرڻ بازار ڏانهن هليو. مون کي چوندو ويو ته ”آغا منهنجا! کـَـٽائي يار، اڄ تنهنجي قسمت! جي دجال پنن جي اوڌر ڪئي، ته هنن پئسن مان تنهنجي کٽ آڻبي!“، يعني،

جيڪڏهن ٻائو امرداس آغا صاحب جي ڏاڪي تي چڙهي آيو،

جيڪڏهن آغا صاحب جي ڪا تقرير دلپذير[1] کيس لڳي وئي،

جيڪڏهن ان کان پوءِ هن جي منهن تي مرڪ آئي،

جيڪڏهن ان کان پوءِ هن مئنيجر کي اشارو ڏنو،

جيڪڏهن مئنيجر به في الحال اڳيون قرض نظر انداز ڪيو،

جيڪڏهن ان کان پوءِ ٻه ريم آغا صاحب کي رکت تي ڏنا ويا،

مطلب ته جيڪڏهن اهي سڀ مرحلا حسب منشا خوش اسلوبيءَ ۽ خير خوبيءَ سان طيءِ ٿي ويا ۽ آغا صاحب پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ۽ ڪامران ٿي ڌرم وير پريس مان ٻاهر نڪتو، ته پوءِ! وڃي اسان جي کٽ جو موک ٿيندو، ۽ پوءِ ان جي گويا معنيٰ اها هئي ته منهنجو ڀاڳ کلي پيو! سو گهڙيءَ کان پوءِ ڏٺم ته واقعي ڀاڳ ڀڙايو. نظر علي خان شادان ۽ خندان، ٽلندو، ٽهڪ ڏيندو، کٽ کڻائي اچي پهتو. چي، ”آغا منهنجا! اجها هيءَ تنهنجي کٽ!“ کٽ کي سـَـلائي، ٺوڪائي، واڻائي اوڏانهن ئي ٺيڪ ڪرايون آيو: ”آغا! واهه جي کٽ آهي! پائدار، مضبوط، واڻيل ڏاڍيءَ ڪاريگريءَ سان، ۽ آغا منهنجا، ملي به ڏاڍي سببائتي وئي! ڪم خرچ بالانشين!“ رات جو خبر پئي ته هئي برابر بالانشين، ليڪن منهنجي سائيز کان گهڻي ڪجهه گهٽ، يعني اڳ چيلهه پٽ تي هوندي هئي، هاڻي پير پـِـنن تائين کٽ کان ٻاهر لڙڪاڻ لڳا. جڏهن نظر علي خان اهو رنگ ڏٺو، تڏهن چيائين، ”آغا! فڪر نه آهي. اصل نازڪ جاءِ انسان جي چيلهه آهي، پير لڙڪيا ته پرواه ناهي.“

”آغا! چيلهه ته محبوبن جي نازڪ ٿيندي آهي.“

وڏو ٽهڪ ڏئي چوندو: ”آغا منهنجا! تون به ته اڃا شڪر پشم آهين! ها! ها! ها!“

”آغا! تو پٺاڻڪي ڪانه ڇڏي. ها، هاڻي ڪو پشتو غزل ٻڌاءِ.“

”وُئي، وُئي، وُئي، وُئي،

الڪا نه غي پزوڙ ما پزڙڪي الا!

الڪا نه غي!

وُئي، وُئي، وُئي، وُئي!!

الڪانه غي!“

ٻنهي کان ٽهڪ نڪري ويندا! اهڙا چرچا ڀوڳ ڪندي، کل خوشيءَ ۽ ٽهڪن جي گود ۾ اکيون ٻوٽجي وينديون. اک تڏهن کلندي، جڏهن پرڀات جو ڏسندس ته آغا مصلي تي سجدي ۾ پنهنجي رب جي حضور ۾ جهڪيو پيو آهي.

سوخيتم و هيچڪس بر سوز ما واقف نشد،

چون چراغانِ شبِ مهتاب بيجا سوختيم.

*      *      *

سکر سنهاري جي ڳالهه ڪڍڻ مان اصل مقصد ته ٻيو هو، ليڪن قصن مان قصا نڪري ويا، برسبيل تذڪره! ۽ ارتجالاً! هاڻي به حاصل مطلب تي اچان، ان کان اڳ انهن ٻن اکرن جو شان نزول ٻڌائڻ ضروري ٿي پيو- ’برسبيل تذڪره‘ ۽ ’ارتجالاً‘. اهي ٻئي اکر اخباري دنيا ۾ ڪثرت سان استعال ٿيندا پهريون دفعو مون سکر ۾ ڏٺا.

’گانڌي - اِرِون پيڪٽ‘ ٿي چڪو هو، گول ميز ڪانفرنس جي شروع ٿيڻ وارو زمانو مٿان هو [2]، هندو مسلمانن کي انگريزن اهڙو اٽڪائي ڇڏيو، جو حقن حاصل ڪرڻ جي نالي ۾ هڪٻئي جا بر ميچڻ ۽ پوتيون ڪڇڻ لڳا، پاڪستان ان وقت ڪنهن کي خيال ۾ به ڪونه هو، ۽ نه جناح صاحب ئي مسلمانن ۾ مقبول ٿيو هو، سواءِ هن جي ته گاهي ماهي سندس چوڏنهن نڪات پيا ٻڌبا هئا. اهو دور مولانا شوڪت عليءَ ۽ مولانا محمد عليءَ جو هو - جذبات ۽ هيجان جو دور، ڌوان ڌار تقريرن ۽ تحريرن جو دور، جلسن ۽ جلوسن جو دور، پُر شوڪت لفظن ۽ پُر هيبت عبارتن جو دور. پنجاب ۾ مولانا ظفرالملت والدين يعني ظفر علي خان جي ڌاڪ هئي:

نعرهِّ تڪبير!

الله اڪبر!

حضرت ظفر الملت والدين!

زنده باد!

مولانا لٺ کڻي اٿندو. عربي عبا اچڪن مٿان، اڻ پڇو اچي ميدان تي پهچندو. انگريزن جي هِتئون گهڙي وڃي هُتئون نڪرندو. هندن تي هڪ لهندي ٻي چڙهندي. جوش جذبو، گرماگرمي ۽ هماهمي ايڏي، جو ڪڏهن ڪڏهن ته تقرير اڃا ختم ئي ڪونه ڪندو هو، جو اتان ئي پوليس وارا ڪاهي وڃي ڪاٺ ۾ وجهندا هئس، ۽ ڪڏهن جي پاڻ سلامت موٽندو ته دفتر ۾ پهچي ”زميندار“ ۾ ڪجهه نه ڪجهه اهڙو لکي ڇڏيندو، جو پريس به چٽ ته اخبار جي ضمانت به ضبط.

*      *      *

مولانا مهر جو قول آهي ته جڏهن انگريز ڏسندا هئا ته هاڻي مولانا جو ٻاهر رهڻ مفيد نه آهي، ته هو پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن ڇاڙتي کي اشارو ڪري ڇڏيندا هئا، جيڪو گورمينٽ ڪاليج جي چند مٿي ڦريل ڇوڪرن کي گهرائي چوندو ته ’فلاڻي مسئلي متعلق ضرور مسلمانن کي جلسو ڪرڻ گهرجي ۽ مولانا کي ان ۾ تقرير ڪري انگريزن کي چتاءُ ڏيڻ کپي، ورنه مسلمان تباه ٿي ويندا!‘- بس ايتري دير هوندي، ڇورا وڃي مولانا جي در تي پهچندا.

نعرهء تڪبير!

الله اڪبر!

مولانا ٻاهر نڪري ايندو.

مولانا ظفر علي خان!

زندهه باد!

زميندار اخبار!

پائنده باد!

انگريز!

مرده باد!

مولانا يڪدم انگريزن تي هلان شروع ڪري ڏيندو. سي. آءِ. ڊي نوٽ وٺندي. ٻئي ڏينهن مولانا شاهي قلعي جي جيل خاني ۾ هوندو. ”زميندار“ ۾ سرخي ايندي:

”حضرت ظفر الملت والدين ڪو گرفتار ڪيا گيا،

مولانا ڪي فرمود سي انگريز تلملا اٺا“

واه! واه! ٿي ويندي! 5-6 مهينن بعد انگريز ڏسندا ته مولانا کي هاڻي اندر رکڻ جي ضرورت نه آهي، تڏهن ٻاهر ڪڍي ڇڏيندس. مولانا جيل جي دروازي تي نڪري، مجمعي اڳيان وري هڪ تقرير ڪندو ۽ جلوس جي وچ ۾ هار پائي، وڏي وقار ۽ دٻدٻي سان اچي ”زميندار“ جي دفتر وٽ پهچندو، اتي به هڪ ڌوان ڌار تقرير ڪندو. ”زميندار“ ۾ خبر شايع ٿيندي:

”حضرت ظفر الملت ڪي رهائي، اسلاميان لاهور ڪي طرف ســي
شاندار استقبال، انسانون ڪا ٺاٺين مارتا هوا سمندر! ’الله اڪبر‘
اور ’زنده باد‘ ڪــي  فلڪ شگاف نعرون ڪــي  درميان مولانا جيل
ســي دفتر تڪ تشريف لائي.“

بهرحال مولانا مرحوم جي اخبار جون سرخيون انهيءَ زماني ۾ هي هيون: جلسه او جلوس، الله اڪبر، زنده باد اور پائنده باد، ظفر الملت و الدين، نيلي پوش، ٽوڊي بچا هاءِ! هاءِ! خيبر ســي راس ڪماري تڪ زلزله، هماليه ڪي چوٽيان لرز اٺين، وغيره وغيره الغرض اسلام ۽ آزاديءَ جو پروانو سڀڪجهه سهي ويندو، ليڪن هندو ۽ انگريزن کي ڪڏهن معاف نه ڪندو. هندن کي البت ڪڏهن لٺ ڪڏهن چٺ. جي راضي ٿيندو ته چوندو:

............................ بادِ بهاري هــي،

صبا ڪــي  دوش پر آج جواهر ڪي سواري هــي!

جي ڪنهن ڳالهه تي ناراض ٿيو، ته پوءِ الامان والحفيظ! چوندو:

ڪانپتــي  تهــي  اس ڪي هيبت ســي  زمين و آسمان

جب مسلمان گهر سـي نڪلا بانده ڪر سر پر ڪفن

شيخ ڪي تهمد نــي گــانڌي ڪي لنگوٽي ســي ڪها

مين پــــرستــارِ خدا هــــون تــــو پـــرستــــارِ وطـــن.

بهرحال جي پرتل آ، ته آسمان تي پهچائي ڇڏيندو، جي رٺل ته زمين کان ست گز هيٺ نهوڙي نيندو.

گول ميز ڪانفرنس تي جڏهن هندوستاني نمائندن جو انتخاب پئي ٿيو، تڏهن مولانا به ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته پاڻ به جنهن صورت ۾ مسلمانن جو رهنما آهي، تنهنڪري ضرور نامزد ٿيڻ کپي. تارون، پيغام، جلسا، ٺهراءَ، ايڊيٽوريل، مطلب ته مولانا وس ڪري ڇڏيا. ليڪن انگريزن کيس ڇُهيو به ڪين. شايد نه مولانا جي بالغ نظريءَ تي کين اعتماد هو ۽ نه اهوئي کين يقين هو ته مولانا ڪانفرنس هلندي ڪو پنهنجي جذبات تي قبضو رکي، سنجيدگيءَ سان بحث ڪري سگهندو، ممڪن آهي ته اوچتو اٿي بيهي ڪو خُلم ڪري رکي! تنهنڪري پنجاب مان هنن سرشفيع، سر فضل حسين ۽ سر اقبال جهڙا اصحابِ فڪر و نظر کنيا. مولانا شايد اهو سور پي وڃي ها، ليڪن غضب هي ٿيو، جو هندستان مان سندس ٻين ڪيترن معاصرن سان گڏ مولانا محمد علي ۽ مولانا شفيع دائودي پارا به نمائندن ۾ شريڪ ڪيا ويا. ويتر جو وري ڪيون ”ميلاپ“ ۽ ”پرتاب“ ڇيڙون، سو ڄڻ ڀولي جي پڇ کي اچي باهه لڳي. مولانا صفا مـَـٽجي ويو، ڄڻ ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو، جنهن جا ٽانڊا هندستان کان وٺي لنڊن تائين ساڙٻار ڪرڻ لڳا. غضب، ڪاوڙ ۽ غصي سان ڀريل ايڊيٽوريل روز لکڻ لڳو. ايتري تي به اڪتفا نه ڪيائين، جوش ۽ جذبي ۾ ايڏو بي قابو، جو عام سنهو اخباري خط ڇڏي، ’جلي حروف‘ يعني ٿلهن اکرن ۾ ڊبل ڪالم اندر انهن مضمونن کي ڇپڻ شروع ڪيائين. زبان، محاورا، ترڪيبون، جملا ۽ جوڙ، عنوان ۽ سرخيون ڏسڻ وٽان هونديون هيون، نثر ۾ نظم وارو رس آڻي ڇڏيندو هو، جوش ۽ جولان ايترو جو پڙهندڙن جا ماشا ئي ڦري ويندا هئا، سکر جي گرم گوديءَ جا پنجابي ۽ شهر جا چنيوٽي چرم فروش، پنهنجا حقا ڇڏي، کٽن تان اٿي کڙا ٿيندا هئا، ٻيو وس نه پڄندن ته پڇاڙيءَ ۾ سکر جي هندن کي ئي ٻه، چار ٻول ٻڌائي ڇڏيندا هئا.

مولانا پنهنجن اهڙن خاص نوشتن کي، جن کي جلي خط ۾ شايع ڪندو هو، ’ايڊيٽوريل‘ يا ’ليڊر‘ ڪونه سڏيندو هو، بلڪ انهن تي نالو رکيو هئائين: ”مقالہ خصوصي“ يا ”مقالہ افتتاحيه“. ”مقالہ خصوصي“ اهو هوندو هو، جنهن ۾ ڪنهن خاص ڳالهه يا ڪنهن خاص شخصيت تي بحث ڪيو ويندو هو، ۽ عام مسئلن تي لکيل ايڊيٽوريل ”مقالہ افتتاحيه“ سڏبو هو. اهي ٻئي ترڪيبون درحقيقت مولانا مرحوم جي ذاتي لغت خاص جون آهن، جيڪي پوءِ اخباري دنيا ۾ عام طرح مستعمل ٿي ويون.

انهن ئي خصوصي مقالن ۾ جڏهن مولانا مسلمانن جي حقن تي قلم کڻندو هو، تڏهن انگريزن جي اسلام دشمنيءَ ۽ هندن جي مسلم آزارين جا قصا انهن ۾ ”برسبيل تذڪره“ بيان ڪندي ڪندي، گول ميز ڪانفرنس ۾ کيس نه چونڊي انگريزن جيڪا ’اسلاميان هند‘ جي جذبات سان راند کيڏي هئي، ان ڏانهن به ”برسبيل تذڪره“ اشارو ڪري ويندو هو.

خصوصي مقالن، ڊبل ڪالم ۽ جلي قلم کان سواءِ مولانا ٻيو ڪم هي ڪندو هو، جو روزانو هڪڙي معرڪي جي نظم ٺاهي، پهرئين پيج جي پوريءَ تخطيءَ تي شايع ڪندو هو. اهي ئي ٿلها اکر، اهوئي جلي قلم. ڪڏهن گانڌيءَ جي خلاف، ڪڏهن نهروءَ تي نوڪ، ڪڏهن مهاشيه ڪرشن ۽ خوشحال چند خرسند تي ٽوڪ، ڪڏهن گول ميز ڪانفرنس تي هـَـجو ته ڪڏهن انگريزن جي اقتدار تي ضرب، مطلب ته هلندڙ مسئلن تي، سچ اهو آهي، ته سندس نظمون بي پناه هونديون هيون، زبان، رديف، قافيا، زمين، عجيب و غريب ترڪيبون، مطلب ته ماڻهو جڏهن پڙهندو هو، تڏهن ائين پيو ڀانئبو ته اهي بيت ۽ مصرعه نه بلڪ شڪرقند آهن، مصريءَ جون ڳڙيون يا ماکيءَ جون لاران. انهن نظمن مٿان نوٽ هوندو هو ته ”اڄ صبح جو حضرت ظفرالملت و الدين ناشتي کان پوءِ حقو ڇڪيندي هيٺين نظم ارتجالاً چئي، جيڪا ناظرين ڪرام جي ملاحظي لاءِ هيٺ ڏجي ٿي.“ يعني، حضرت مولانا صاحب جن جو نظم چوڻ جو ارادو اصل ڪونه هو، ليڪن حقي جي وزم کان پوءِ دونهين سان گڏ شعر به پنهنجو پاڻ ئي ٺڪ ٺڪ ڪندا ٻاهر نڪرندا ويا. اهو درحقيقت وڌاءُ به ڪونه هو. مولانا نظم چوندو ئي ائين هو: هر وَزَمَ پٺيان هڪ شعر، جيترا وزم اوترا بيت. اهي نظمون، جن ۾ مسلمانن جي بهادريءَ ۽ فتوحات جو ذڪر هوندو هو، تن کي نه ڇڙو جلي حروف ۾ بلڪ خاص اهتمام سان ڳاڙهيءَ مـَـسُ ۾ شايع ڪرائيندو هو، تاڪه ڀل انهيءَ کي پڙهي، ”پرتاب“ ۽ ”ميلاپ“ جي ايڊيٽرن کي خصوصي طرح ۽ عام هندن کي عام طرح پنهنجو حشر ياد اچي وڃي، ڀل سندن جسمن ۾ سياندو ۽ دلين ۾ ڌڌڪو جاڳي، ۽ ڀل ته سندن اوسان خطا ٿين. بهرحال مطلب اهو آهي ته ”ارتجالا“ جي اکر جي ابتدا اُتنهن ٿي، جنهن کان پوءِ اردوءَ جو هر شاعر ’ارتجالا‘ ڪلام چوڻ لڳو. هاڻي ته خير ماءُ پيٽان ئي ارتجالاً اردو غزل چوندا ٻاهر نڪرن ٿا.

مولانا کي شل مولا سائين جنت ۾ جايون ڏئي، عجيب و غريب ۽ عاليشان انسان هو. جي ڇڙو شاعري ۽ نثرنگاري ڪري ها، ته هوند اردو ادب جي خزانن کي هيرن جواهرن سان پـُـر ڪري ڇڏي ها، پر ندوريءَ سياست سان پاند اٽڪايائين، ۽ وريو به ائين ڪجهه ڪونه ۽ پاڻ کي به اجايو ڏٺو ڪيائين ۽ ادب کي به نقصان پهچايائين. مولانا سياست جي ڏانءَ جو اصل ڪونه هو. محض عظيم شاعر ۽ بي مثل ليڪن جذباتي نثر نگار هو.

”رب ڪعبه ڪي قسم، راسڪماري ســي ليڪر بندهيا چل ڪي چوٽيون تڪ ڪي سر زمين روند ڊالي جائيگي، تهه و بالا ڪي جائيگي، الٽ دي جائيگي- زير و زبر هو جائيگي، خون ڪي نديان بهه چلينگي،  جن ڪا ڌارا فرنٽيئر ڪـي  پهاڙون سي نڪل ڪر هماليه ڪي  دامن“ تڪ چلا جائيگا اسلامي شهسوارون ڪــي  گهوڙون ڪي ٽاپين اڀي تڪ هند ڪــي  واديون مين گونج رهي هين، ڪيا سمجهه رکا هــي هند ڪــي لنگوٽي بند نــي؟ انگريز ڪون هوتا هــي؟ ملڪ راصل همارا هــي- يه فرنگي ڪون هــي جو تصفيه ڪرنــي بيٺا هــي؟ يه جاڪــي  ڦر مانچسٽر ۾ اپني ترازو سنڀالــي مين اعلان ڪرتا هون ڪه اسڪو ملڪ ســي نڪل جانا چاهئي! فرنگي استعمار ڪيڌجيان ضائــي آسمان مين بکير دونگا“

وغيره وغيره. انهيءَ نموني جا دڙڪا ۽ دهمان هندن کي ٻڌائي، سندن ڌوتي پسائڻ جي پيو ڪوشش ڪندو هو، ۽ اهڙيءَ طرح للڪار ڪندو هو، جو گورن جي هتي رهڻ جو سڄو دارومدار ڄڻ فقط مولانا جي ذات گراميءَ تي وڃي ٿيو هو! انگريزن جڏهن مولانا کي گول ميز ڪانفرنس تي نه چونڊيو، ان وقت جيڪي چونڊجي ويا انهن تي مولانا فقرو چست ڪيو: ‘ٽوڊي بچه هاءِ! هاءِ!‘ بس پوءِ ته سڄي ملڪ ۾ هوءِ هوءِ پئجي وئي: ”ٽوڊي بچه هاءِ! هاءِ!“

جڏهن قاديانن سان وڙهيو ۽ قادياني تحريڪ شروع ڪيائين ان وقت فقرو مشهور ٿيو: ’مرزا ٽيچي!‘[3] پوءِ ته قاديانن جو اُٿڻ ويهڻ بند ٿي ويو، جتان وڃن، جنهن محلي جو پاسو ڏئي لنگهن، ننڍو وڏو پڪاريندو:

”مرزا ٽيچي، هاءِ هاءِ!“

”مرزا ٽيچي هاءِ هاءِ!“

الغرض مولانا جنهن کي ڪو لقب لاتو، بس ان جو ٻيڙو غرق، ستياناس. ”زميندار“ اُن زماني ۾ گويا قوم جي زبان هئي. جيڪا ڳالهه ان ۾ شايع ٿي، سا قوم جي زبان تي چڙهي.

*      *      *

مولانا جيڪي تقريرون ڪندو هو، انهن ۾ هندن کي تنبيهه ڪرڻ لاءِ، انگريزن کي دٻائڻ جا، ۽ مسلمانن کي اڀارڻ جي ڪاڻ، ٺهيل ٺڪيل لفظ، فقرا، جوڙ ۽ جملا هوندا هئا، ۽ انهن تي سندس زبان اهڙو هري وئي هئي، جو جيڪڏهن ڪنهن ٻئي موضوع تي تقرير ڪندو هو، تڏهن به هلي هلي، وچ مان ٿڙڪي، وڃي ساڳين انهن فقرن تي بيهندو هو. اها عادت انهيءَ زماني ۾ هرهڪ تقرير ڪندڙ جي هئي. عطاءُ الله شاهه بخاري، احسان احمد شجاع آبادي، مولانا حبيب الرحمان لڌيانوي، مولانا ظفر علي خان جو فرزند مولانا اختر علي خان مرحوم، سڀني جون تقريرون گويا هڪ سانچي ۾ ڍليل هونديون هيون. پوئين زماني ۾ جڏهن ليگ زور ورتو، ۽ مولانا جي بقول حسن بن صباح جي پيالي مان گويا هندستان جي مسلمانن حشيش جو چـُـڪو چاڙهيو، تڏهن ته گارگند، هلان ۽ هڪلن جي حد ٿي وئي، انگريز وچ مان نڪري ويو، روءِ سخن وڃي ڇڙو ٿيو هندوءَ ڏانهن، سالن جا سال، زبانون وري انهيءَ تي هري ويون!

مون کي ياد آهي، نهرو - لياقت پيڪٽ کان پوءِ، اخبار نويسن جو هڪ خير سـَـلهي وفد برادرم علي محمد شاهه راشدي صاحب جي سرڪردگيءَ هيٺ دهليءَ ويو- اُن وفد سان اختر علي خان به شريڪ هجي. هندن سکن ڏاڍيون مرحبائون ڪيون، هڪٻئي کي ڏسي، ڀاڪر وجهي اوڇگارون ڏئي رنا، هرڪو پنهنجي ڪئي تي پشيمان ۽ نادم هو. هڪ ڏينهن دهليءَ ۾ سکن اتنهن جي وڏي گردواري ۾ سڀني ايڊيٽرن کي گهرايو. مرد عورتون، جوان پوڙها هزارن جي تعداد ۾ اچي گڏ ٿيا، تقريران شروع ٿيون، سڄي جلسي ۾ روڄ پئجي ويو. سکن التجا ڪئي ته پنجابي زبان ۾ مولانا اختر علي خان تقرير ڪري. مولانا تقرير شروع ڪئي. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ جڏهن مولانا جي تقرير جوش ۽ جذبي ۾ چوٽ چڙهي وئي، ۽ مولانا جذبات جي وهڪري تي اچي پهتو، ان وقت تقرير جو اصل موضوع دماغ مان نڪري ويس. وساري ويٺو ته ڪو خير سـَـلهه تي آيل آهي، ڀلي ويو ته سکن جو جلسو آهي، اها به خبر نه رهيس ته هرڪو روئي رهيو آهي، زبان هڪ دفعو وري ڪروٽ کاڌي، پاسو بدلايو، اهي سالن جا دهرايل فقرا بي اختيار زبان مان نڪرڻ لڳا:

”ڪون هوتا هــي  سکه اور هندو، گودا نڪال ڪــي باهر رکدونگا“

اوچتو خاموشي ٿي وئي. ان کان پوءِ سس پس، جنهن بعد سڄي ايوان ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو. مولانا جي نرڙ تي پگهر نڪري آيو. دل جو صاف، نيڪ ۽ نيت جو کُندو ڪين هو، مجلس به اهڙي هئي، کِلي تقرير هلائيندي چيائين: مون کي معاف ڪجو، سالن جا سال هڪٻئي کي گاريون ڏيندي زبان هري وئي آهي، اڄ پهريون دفعو آهي جو مٺ محبت، پيار ۽ رس رهاڻ جي ڳالهه زبان کي ڪرڻي پئي آهي، ڪڏهن ڪڏهن پراڻي عادت تي تقرير رستي تان ٿڙڪيو وڃيو ٻاهر پوي.

اهڙيءَ طرح تحريرن ۽ تقريرن جو رڪارڊ ڀريل هوندو هو- گويا سُئي چڙهي ۽ ساڳيو آواز، ساڳيا لفظ، ساڳيا دڙڪا، ساڳيا دهمان. اها حالت ڇڙو مسلمانن جي ڪانه هئي، بلڪ انهيءَ دور جا هندو ۽ سک مقرر به پير پٺتي ڪونه هئا. فرق فقط هي هو ته مولانا کي خدا زبان ڏني هئي، ان ۾ قوت هئي، ان ۾ قدرت هئي، جملا، لفظ، فقرا ۽ بندشون، سندس ٻانهن ٻڌا ٻيلي ۽ خريد ٿيل خانه زاد هئا، تقرير ڪندو هو ته زمين آسمان جو سڄو وچ زيرو زبر ٿيڻ لڳندو هو، لکندو هو ته دماغن ۾ هلچل اچي ويندي هئي، نظم چوندو هو ته زبان ان جي حلاوت ۽ شيرينيءَ جا مزا پئي ماڻيندي هئي.

خدا بخشيس، هر چند دماغ تي دل غالب هيس، عقل تي جذبو حاوي هئس، پر هو قوم جو سچو سپاهي. سپاهين لاءِ هونءَ به عقل کان زياده ٿئي جذبي جي ضرورت ٿي. سڄي زندگي آرام نه ڪيائين، لڙندو رهيو، ڪڏهن هـِـن ميدان تي ڪڏهن هـُـن ميدان تي، اڄ هڪ فرنٽ تي سڀاڻي ٻئي فرنٽ تي، بلڪ هڪ ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه جهيڙا به جوٽي وجهندو هو. هڪ ئي وقت انگريز، هندو، قادياني، احرار، شهيد گنج، پنهنجا، پراوا، ”انقلاب“، ”ميلاپ“، ”پرتاب“، گانڌي، نهرو، شوڪت علي، محمد علي، مسئلو ڪٿان جو به هوندو، اشرق جو هجي چاهي مشرق جو، مولانا سڀ جي اڳ ۾. نظام جي پٽ کي انگريز برار ڏين يا نه ڏين، ليڪن مولانا ان کي ”هزرايل هائينس پرنس آف برار“ ضرور لکيو ويٺو هوندو. هڪ طرف جيش اسلامي تيار ڪندو، ٻئي طرف اسلامي بازار ٺاهيندو. مطلب ته ايڏي عجلت، ايترو جوش، اهڙي بيچيني ۽ بيقراري، انهيءَ حد تائين جذبو ۽ ان سان گڏ حرارت ۽ حدت، جو تحريڪ مٿان تحريڪ پئي ٺڪاءُ ڪندي، ليڪن اسلام جو هر حالت ۾ بول بالا. الله جو پڪو ٻانهون، رسول عربيءَ جو شيدائي. الله، رسول، اسلام ۽ عرب جو نالو آيو ته مولانا تاب جهلي نه سگهندو، لونءَ لونءَ ڪنڊارجي ويندس، اکيون ڳاڙهيون ٿي ايندس، مڇ پئي ڦڙڪندس. ڪا چڱي ڳالهه ٻڌندو جنهن ۾ اسلام جي سرفرازيءَ جي اميد هوندي، ته اکيون چمڪڻ لڳندس، چپن تي فاتحانه مرڪ نروار ٿي ويندس، پوءِ جهل نه ڏيندو. جهٽ اٿي يا ته قلم کڻي ڪو ”خصوصي مقالو“ لکندو يا حقو ٺاهي وزم ويهي هڻندو ۽ شان اسلاميءَ ۾ شعر ٺاهيندو. مصلحت، دورانديشيءَ ۽ تدبر جا لفظ مولانا جي اڳيان بي جان ۽ بي معنيٰ هئا. وقت جي تقاضا ڇا آهي، ان کي به نه ڏسندو. ڪندو فقط اهو هو جيڪو دل چاهيندي هيس. گردن وڏ وڏيرن اڳيان به ڪانه جهڪيس، جي جهڪيس ته فقط پنهنجي خالق اڳيان. ٻين اڳيان هميشہ لڪڻ هٿ ۾ کڻي، سينو ڪڍي هليو. اکيون نراڙ ۾ ۽ ڪياڙ آسمان تي. خدا جا سپاهي ٿيندا به ائين آهن، سواءِ پنهنجي مالڪ جي ٻين کان ڊڄن ئي ڪونه.

ڪراچيءَ ۾ ڪانگريس جو اجلاس ٿيو- انهيءَ ميدان تي جتي هاڻي مولانا عثمان ۽ سيد سليمان ندويءَ جون قبرون آهن. مولانا وڏي طمطراق ۽ بلند آهنگيءَ سان، لاهور کان سڀني پوئلڳن کي ڪڍ لائي، هلي اچي شامل ٿيو. پهرئين ڏينهن ئي کليل اجلاس ۾ تڪرار ڪري وڌائين. چي، سڄو اجلاس نماز جي وقت بند ٿيڻ گهرجي. مسلمان فقط 3-4، ٻيو سڀ هندو عالم. گانڌي جيءَ چيو ته مسلمان بيشڪ وڃي نماز پڙهن، ليڪن اجلاس بند ٿيڻ نه گهرجي، البت ان وچ ۾ معمولي مسئلن تي ڪم ٿيندو، اهم مسئلا تڏهن کڻبا، جڏهن مسلمان نماز مان فارغ ٿي ايندا. پر مولانا ڳالهه ڪري ۽ اها نه مڃي وڃي! گانڌي نه هجي کڻي ڪير به هجي، ڪانگريس جو اجلاس نه هجي ڪنهن جو به هجي، مسلمان پنج هجن يا پنج هزار، هتي سوال هو حق جو، اسلامي شان جو، ۽ مولانا ظفر علي خان جي سخن جو. مولانا اٿي بيهي ڌوان ڌار تقرير ڪئي، ان کان پوءِ مولانا جي ساٿين ڪيو:

نعرهء تڪبير!

الله اڪبر!

مولانا ظفر علي خان!

زنده باد!

اسلام!

پائنده باد!

بس، مولانا ڏنڊو کڻي اٿيو. صفان هٽائيندو، اجلاس ڇڏي، سڌو ريلوي اسٽيشن تي، اتان سڌو لاهور. پوءِ ته هڪ طرف ڪانگريس ٻئي طرف مولانا، وچ ۾ غريب اسلام. ڪيئي ڏينهن رونشو هليو. جڏهن وري ڪو ٻيو مسئلو پيدا ٿيو ۽ مولانا جو توجهه اوڏانهن ڇڪيو، تڏهن وڃي گانڌيءَ ۽ اسلام جي جند ڇٽي.

مولانا جون اهي سڀ چـِـلولايون اوستائين هليون، جيسين ليگ وجود ۾ ڪانه آئي هئي. جڏهن هندستان جي مسلمانن اهو نئون راه ۽ رند تراشيو، تڏهن مولانا ماند پئجي ويو.

1940ع ۾ جڏهن ليگ جو لاهور ۾ اجلاس ٿيو، تڏهن مان سياسي اسٽيج تي آخري مرتبو مولانا کي ڏٺو. ڪاري عبا پائي، نيلي پوشن جي ننگين تلوارن جي جلو ۾ جلسي کي چيريندو، اچي اسٽيج تي چڙهيو. نه ’الله اڪبر‘ ٿيو، نه ڪنهن ’زنده باد‘ ڪيو. اهي نعرا اڄ ڪنهن ٻيءَ شخصيت جي قبضي ۽ قدرت ۾ اچي چڪا هئا. مولانا تقرير شروع ڪئي. جناح صاحب ڪرسيءَ تي فروڪش هو. پنجن منٽن بعد جناب جي نراڙ تي گهنڊ نروار ٿيو. ڇهين منٽ بعد مسلمانن ڪيو:

”بيٺ جائو!“

”بيٺ جائو!“

”نهين سنتـي!“

”نهين سنتي!“

مولانا خاموشيءَ سان لهي هليو. نيلي پوشن ننگيون تلوارون کڻي اچي وري کيس وچ ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن مولانا خبر نه آهي ڇا سوچيندو، تڪڙي تڪڙي وک کڻندو، نيلي پوشن کان به اڳ پنڊال مان نڪتو هليو ويو. اسلاميان هند جي سياسي اسٽيج تي ”ظفر الملت والدين“ جي نمودار ٿيڻ جو اهو پويون ڏينهن هو. پاڪستان جڏهن ٿي ويو، پوءِ ته مولانا ڪومائجي ويو. پويان ڏينهن بلڪل بيهوشيءَ ۾ گذاريائين. هوش ۽ حواس- جيڪي ٿي رهيو هو يا جيڪي ٿي چڪو هو، ان کي، محسوس ڪرڻ کان جواب ڏئي بيٺا هئا.

آخري دفعو مولانا کي مان لاهور ۾ ڏٺو، جڏهن اخباري وفد هندستان ٿي ويو. لياقت، نهرو پيڪٽ کان پوءِ ”زميندار“ جي دفتر ۾ مولانا سان ملاقات ڪئي وئي. زارو نزار، جهور، اهو آواز جنهن جي گونج منيءَ صديءَ تائين هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچندي رهي، ان ۾ اهو زور ڪونه، زبان جنهن سڄي زندگي موتي ۽ لعل بخشيا، ان ۾ اها طاقت ڪانه، اهي هٿ، جن سڄي زندگي ادب ۾ رنگ ڀريا، انهن جون آڱريون نستيون. مطلب ته يقين ڪونه آيو ته اهو مولانا ظفر علي خان آهي: جادو بيان مقرر، شيرين سخن شاعر ۽ عظيم الشان نثر نگار. اکين ۾ اها چمڪ، تيک ۽ تيزي ئي ڪانه رهي هئي!

*      *      *

سکر ۾ ”زميندار“ به ايندي هئي ۽ ”سياست“ به ۽ ”انقلاب“ به. ”سياست“ وقت بچندو هو ته پڙهبي هئي. گرم گرم فقرا، رنگين بياني، لفظن جو شڪوه ۽ شوڪت، نظم جو لطف، دڙڪن ۽ دهمانن جو مزو ڏسڻو هوندو هو، ته ”زميندار“ اڳيان ڪبي هئي. پر جيڪڏهن ضرورت پوندي هئي ته پيدا ٿيل مسئلي تي تدبر ۽ دانشمنديءَ سان بحث ٿيل ڏسجي- سياست ۽ سياسي شعور ڇاکي چئبو آهي، فراست جي تقاضا ڇا آهي، مسلمانن جو برو ۽ ڀلو ڇا ۾ آهي؟ ته پوءِ هٿ وجهبو هو ”انقلاب“ ۾. ان جو لفظ لفظ ويهي غور ۽ فڪر سان پڙهبو هو. مولانا مهر جا سنجيدا ۽ پرمغز ايڊيٽوريل دماغ ۾ اوجر آڻي ڇڏيندا هئا، سياسي سمجهه ۽ سوچ جو شعور پيدا ڪري ڇڏيندا هئا، ۽ ملڪي مسئلن جي تهه تائين ائين پهچائي ڇڏيندا هئا، جيئن تـِـکا تارو سيکڙاٽن کي هٿ مان وٺي تار ۽ تانگهو ٽپائي وڃي توڙ رسائن. جي انهيءَ زماني ۾ ”انقلاب“ نه هجي ها، ته هوند مولانا ظفر علي خان سڄيءَ قوم جي دماغ ۽ شعور ڊانوان ڊول ڪري ڇڏي ها. ”زميندار“ جي مسهل جو ”انقلاب“ ڄڻ مصلح هئي. انهيءَ ئي اخبار ۾ مولانا سالڪ جا ’افکارو حوادث‘ پڙهي، ماڻهوءَ جي روح ۾ تازگي ۽ توانائي اچي ويندي هئي. پوءِ چراغ حسن ”حسرت“ ميدان ۾ آيو، ان سان گڏ جوڙيدار ٿيو حاجي لقلق. اهو پنجاب جي اوج جو زمانو هو ۽ اتنهن جي ايڊيٽرن ۽ اخبارن جي به اقبال جو دور هو. هاڻي ته نه اهو مولانا ظفر علي، نه سيد حبيب، نه مولانا سالڪ، نه چراغ حسن حسرت، نه مرتضيٰ خان ميڪش ۽ نه ”ميلاپ“ ۽ ”پرتاب“. باقي هڪ وڃي رهيو آهي غلام رسول مهر، جنهن جو سڄو چهرو جهـُـريون جـُـهريون ۽ ڪمر ايترو ڪـَـوَ کائي وئي اٿس، جو ڪرسيءَ تان اٿي ٿو ته ”هاءِ هاءِ“ ڪري، ڪم رکي سڌي ڪرڻ ۾ کيس ڪيئي ڪشالا ڪرڻا پون ٿا[4].

هندو به ويا، جن سان مقابلو هوندو هو، انگريزن به ملڪ ڇڏيو، جن تي جهٽ ڪاوڙ وٺندي هئي، هاڻي ته ملڪ سڄوئي ملير- خودي بلند، جي ڪجهه چئبو ته موچڙا، جي ڪڇبو ته ’کلا ۽ کوسڙا‘. تنهنڪري مِٺي به ماٺ ته مـُـٺي به ماٺ.

*      *      *

اجهو وري اچي ’خوديءَ‘ جي ڳالهه وچ ۾ ڪاهي پئي. اصل قصو ڪيئن ڪجي؟ اهڙا اکر ۽ اشارا جو اچي ويندا، پوءِ ڳالهه ڪرڻ ڪيئن نه ضروري ٿي پوندي!

جنهن زماني جو ذڪر پيو ڪيان، انهيءَ ۾ خودي ته خير، خود علامہ اقبال مرحوم به سنڌ ۾ مشهور ڪونه ٿيو هو. مان ”بانگ درا“ سڀ کان پهريون، مناري جي چاڙهيءَ تي، مستري محمدالدين وٽ ڏٺو هو، لوهه تپائڻ واريءَ ڌمڻ جي ڀڪ ۾، تڏي تي، حقي سان گڏ.

مستري مرحوم هو ته پنجاب جو، پر رهيو سڄي عمر سکر ۾. چاڙهيءَ واريءَ انهيءَ جاءِ ۾، بندوقن جي مرمت ڪندي، ڦوهه جوانيءَ مان اڌڙڪ، اڌڙڪ مان موٽ کائيندي اچي پوڙهو ٿيو، ۽ ان کان پوءِ جڏهن جهور ٿيو، تڏهن ڪم ڇڏي کٽ تي آهليو، ۽ پوءِ اتان ئي ٻئي جهان لاڏاڻو ڪيائين. پنهنجي فن ۾ شاهه ڪاريگر هو. بندوق جي مرمت ٿي، مستري مرحوم جو هٿ لڳو، ڄڻ بندوق ۾ نئون ساه پئجي ويو، گويا هاڻي ’هالنڊ ائنڊ هالنڊ‘، ’پرڊي‘ ۽ ’گرينر‘ کان اچي نڪتي. اهڙو هٿ، ڪاريگر اِن ڪم جو وري نه ڄائو نه ڄمندو، نه ٿيو نه ٿيندو. سنڌ جو ذات وڏيرو، جنهن کي شڪار جو شوق هوندو هو، جنهن وٽ هٿيار هوندا هئا، تنهن لاءِ مستريءَ جو در ڄڻ درگاهه هو. هرڪو اتنهن جو پانڌبئڙو. هرڪو پيو سلام ۽ ڪلام ڪندو. هرڪو پيو ڏيج ۽ ڏن ڀريندو.

*      *      *

زمانو هو، اُهي اُهي شاهه شڪاري، جو چئي کڻي بس ڪجي. جيڪب آباد وارو سردار عبدالرحيم خان کوسو، سوين هٿيار، سيڪڙا بندوقن جا، سڄو ڏينهن يا شڪار ۾ يا بندوقن ۽ هٿيارن جي ڳالهين ۾، خانبهادر شاهنواز خان ڊکڻ ۽ خانبهادر محمد پناهه خان ڊکڻ، ڀلئون ڀل، کٻيءَ سڄيءَ پيا هڻندا، چرندو پکي ڪونه ڇڏيندا. ڪيئي ’ويبلي‘ ۽ ’پرڊي‘ جون ريفلان ۽ بندوقان وٽن موجود. خانبهادر سردار الهه بخش خان ڪاڪيپوٽو شڪاري به واهه ته هٿيارن جو به ڄڻ مريض، سٺي بندوق دڪانن تي نه ڇڏيندو. پير پير شاهه ۽ پير حامد شاهه، پراڻا ۽ بنيائتا شوقين بندوقان ’پرڊي‘، ’هالنڊ‘ ۽ ’ويبلي‘ کان خاص مذاق ۽ پسند مطابق سڌيون سَيون ٺهرائيندا. هتان خريد ڪرڻ سندن لاءِ عيب هو. بندوق تي پير شاهه جو نالو پيو ته اها بندوق ڄڻ شوقينن لاءِ تبرڪ ٿي ويندي.

”واه! واه“

”سائين پير شاهه جي آهي؟“

”سبحان الله!“

”ها سائين.“

”واهه جو سائين ”ناز پري“ بندوق آهي؟“

”هوءَ ٻٽن نالن واري جوڙيدار بندوق ۽ ريفل ڪينءَ؟“

”سائين ڇا چئجي، پير سائين چار سال لکپڙهه هلائي، خاص ٺهرائي آهي؟“

”بندوقان اهي چئجن!“

وڏيرو رسول بخش خان ڀٽو، هاءِ! هاءِ! هاٿيءَ جيڏو ڪونڌر مڙس، شڪل صورت جو جهڙو ببر شينهن، تتر اٿيو ناهي، ٺڪ ٿي ناهي، تتر مٿان ئي رومال ٿيو اچي سندس پيرن ۾ پوندو. نه ڪڏهن تتر ويو نه ڇرو گٿو، جوڙا پيو جهٽيندو، هَرَ سڄي هَرَ کٻي، ٻنهي طرفن کان آيا ته ٺا! ٺا! ٻئي اچي ڦهه پٽيءَ تي ڪرندا. سنڌ ۾ شڪار جو شاهه ٿي گذريو. اهڙو شوق وري ڪير ڪندو.

*      *      *

نواب سر غيبي خان، 4 لک ايڪڙ جاگير، جهنگ ان ۾، پٽ ان ۾، ڍوريون ۽ ڍنڍان ان ۾، هيٺاهيون به ان ۾ ته جبل به ان ۾، ڪاٿنهن ساوڪ ته ڪاٿنهن سڪ، ڪٿي پاڻي ته ڪٿي واري، ڪٿي ويءُ ته ڪٿي واهڙ. چوندا آهن ته ڳيري جي وک تي زمين وَرِنُ بدلائيندي آهي، پر هتي ته ورن سان گڏ هر قسم جو ڍنگ ۽ رنگ موجود هو: تتر اتي- بگڙا خواهه ڪارا- ٻٽيرا به موجود ته پٽ تتر به جام. اسناف اڪيچار، ۽ بدڪون، نيرڳ، آڙيون، ڪارڙا ۽ ٻولاهيون به موجود. سرنهن ۽ ڪڻڪن ۾ ڪونجن جا به ولر اچي ويلا ڪن. واريءَ جي دڙن ۽ بٺن ۾ تلوريون به عام. هرڻ ڳاڙها به ته ڪاريهر به. ڦاڙها به ملندا ته پهاڙن تي سرهه ۽ گڊ به اچي سر ڏيندا. مطلب ته هر قسم جا چرند خواه پرند. دل جيڪي گهري سو موجود، جيڪي وڻي سو مار.

سيارو پوندو، ناتال جي موسم ايندي، ڪٽڪ صاحبلوڪن جا اچي ڪٺا ٿيندا، مِسيون ۽ مڊمان به ساڻ، بٽلر، بورچي، پٽيوالا ۽ اردلي به ڪڍ، تنبو ۽ تولان، شاميانا ۽ رانئتيون اچي وينديون، غيبي ديري ۾ منزلان لڳي وينديون، جهنگ جهر چانڊاڻ ٿي ويندو، اڄ ڪليڪٽر آيو، سڀان ڪمشنر آيو، پرينءَ آءِ. جي. اچي ٿو، پڇاڙيءَ بمبئيءَ مان ۽ پوءِ ڪراچيءَ مان گورنر صاحب به مهمانن جا پرا ڪاهي اچي پهچندو. مطلب ته جيسين شڪار جي سيزن هلندي، تيسين پيا گورا ڳاهٽ ڏيندا ۽ آفيسر ڪُتِر ٿيندا. ڪڪڙ، ڇيلا، آنا، کير، مکڻ، ماکيون نه ڪنهن کان کٽايا پڄن ته کاڌا پهچن- سڄو راڄ ۽ تـَـرُ گهرن کي ٻهاري ڏيو اتي پيو پهچائيندو. صاحبلوڪ قاعدي قانون جا ڏاڍا پابند هئا. ليتيءَ ڏيتيءَ کان صفا پري. نه ڪنهن کان وٺندا نه ڪنهن جو بار کڻندا. پئسا ڏئي سڀئي بل چڪتو ڪري ڇڏيندا. البته اها جدا شيءِ آهي، جو خرچ ٿيندو هو ڏهه هزار ته وٺبو هو ڪُل سَؤ سوا! گهه ملندو پنجين رپئي ته بل ۾ ڏيکاربو سوا رپئي، کَتو مڻ ته لکبو سير، آنا کپندا سؤ درجن ته ٻڌائبا هڪ درجن. ڪٿي تعداد گهٽ ته ڪٿي قيمت ڪم. اهڙيءَ طرح هزارن جي خرچ کي سوري پوري وڃي سوکن جي شرعي انگ اندر بيهاربو. خير، اهي ته ٿيون خانگي ڳالهيون، پر رڪارڊ خاطر بل چڪتو ڪيون، پَلَوَ ڇڏايون پوءِ پيا منزلان پٽيندا. ڪنهن جو احسان ڇو کڻن! اڄ ٿورا کڻن، ته سڀان اک لڄي!

هر موسم ۾ منزل جو سامان نئون ايندو، ٽِي سيٽ، ڊنر سيٽ، ڪانٽا ڇريون، ٽوال، ٽيبل پوش، چيني ۽ چاندي سڄي اچي نئين نڪرندي. پڇاڙيءَ ۾ تنبو به ”رولدوءَ“ کان نوان نڪور اچي ويندا، ۽ فرنيچر به خالص ساڳوان جو نئون گهرائبو، قالين ايراني، ۽ ڪونچن ۽ صوفن تي ڪيمخوابن ۽ بنارسين جون ٽيپسٽريون، ڳاڙهيون، سايون، پيليون، زرديون، چلڪيدار ۽ چمڪندڙ. جڏهن منزلان پوريون ٿينديون ته ان ڌوتل ٿانو، ڀريل برتن ۽ اڻ صفا ٿيل ديڳڙا، چوسيل هڏا، ڇيلن جي رانن جون سڄون نريون، ڊبل روٽن جا اڌ، نانن ۽ نانختائن جا مـُـنا ۽ چوٿاڙ، گڏي سڏي سڀ هڪ ڪوٺيءَ ۾ هڪٻئي مٿان اڇلي ڇڏبا. پڇاڙيءَ ۾ غلاظت ۾ ڀريل ڪموڊ به اتي ئي ڪنهن پاسي ۾ رکي، انهن مٿان گلم ۽ قالين وجهي ڇڏبا، جيئن بدبوءِ هروڀرو ٻاهر نه نڪري. ٻئي ڪمري ۾ ٽيبل ۽ ڪرسيون، ٽپايون ۽ ڪونچ هڪٻئي تي چاڙهي ائين رکي ڇڏبا، ڄڻ غيبي خان نواب جو مهمان خانو نه آهي، بلڪ ڪراچيءَ جي ڪنهن ڪٻاڙي جو دڪان آهي. هڪ دفعو، جو در ايندو ته وري کلندو تڏهن جڏهن سيارو اچي منهن ڪڍندو ۽ منزلن جون تاريخان مقرر ٿي وينديون. انهيءَ وقت خبر پوندي ته سڀئي ڪمائتا ٽپڙ کڄي ويا آهن، باقي وڃي ڀَڳَ ڀُرَ ڪنڊ پاسي بچي آهي. نواب صاحب کي ڀلا ڪهڙو يادگيرو. وڏا ماڻهو، سوين خيال، واڻيا وڪال ته هئا ڪين، جو هڪ هڪ شيءِ جي وچون ويهي ڪن ۽ ساهه ڏين. سونو خان عرض ڪندو:

”قبلا سائين! سائينجن جي سِر بخت جو خير، ڪجهه نوان ٽپڙ ڪاراچيءَ مان گهرائبا!“

”اڳئين سال به ته ڪي ٽپڙ ڳڌا هئاسي؟“

”جيئندا سائين! انهن مان جيڪي خاص هئا، سي ميمان کڻي ويون!“

”اهڙا سٺا هئا ڇا؟“

”ڇا چئجي سائين! منڊمان ڏسي چريون ٿي پيون. مڙئي مالڪن جو اقبال آهي!“

”چڱو ڀلا، ڪو ڪاراچيءَ ماڻهو موڪليو. سيٺ ڏوسل جي ڇاپ تان به وٺي ۽ ٻين وٽ به ڏسي، پر وٺي سيبائتا ۽ سٺا!“

”جيئندا قبلا! ائين منهنجا سردار!“

اهڙيءَ طرح هر سيزن ۾ ملازمن جي به پئي سيزن ٿيندي، ۽ نواب صاحب به خوش ته جيڪي ٽپڙ اچن ٿا، سي اهڙا ته اڻ لڀ آهن جو منڊمان جنسي ڇتيون ٿي پون ٿيون. جيسين مرحوم خير سان حال حيات هو، تيسين غيبي ديري اندر اهي رنگ هر سال رسندا رهيا. پنهنجي سر به مرحوم شاهوڙ شڪاري هو، ۽ ٻين کي به شڪار ڪرائيندو هو. پر شڪار ڪرائيندو ڇڙو ڀورن کي، بگن کي، اڇن کي- ديسين کي نه پر  پرديسين کي- يعني ڪارن جي ڪاڻ ڪانه هيس.

*      *      *

حقيقت هيءَ آهي ته ٽالپر حڪمرانن کي انگريزن اجايو بدنام ڪيو هو [5]، ورنه سنڌ ۾ انگريزن به ڪين گهٽايو. گرو گنجو انگريز، سيزن ٿيندي، زميندار وٽ اچي منزل ڪندو. خلق پاهه، خرچن ۾ زميندار قرضي، پکي پرنڀ ڪينڪال. انهيءَ زماني ۾ زميندارن وٽ به حڪمرانن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جو وڏو ذريعو شڪار هوندو هو. هر وقت ڪمرڪشيون بيٺا رهندا هئا.

اهو مرض انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ به پاڪستان اندر زور وٺي ويو. نئين سر شڪار جون مهاڙيون تيار ٿي ويون، پَرا ٺهي ويا ۽ دَنگا نڪري ويا. انهيءَ بدعت جي ابتدا خواجه ناظم الدين پنهنجي گورنر جنرليءَ جي زماني ۾ ڪئي. بندوق لڳي نه لڳي، شڪار ۾ پنڌ ڪري سگهي نه سگهي، ليڪن خواجه صاحب وڃي ضرور. ان کان پوءِ وري جناب ميجر جنرل اسڪندر مرزا، پريزيڊنٽ مملڪت اسلاميه پاڪستان. هر وڏيرو ڄڻ جمعدار حـَـسـُـو بڻجي پيو. اڄ...صاحب وٽ. اڄ خانبهادر...وٽ. مطلب ته هڪٻئي جي ريس تي وڏيرن وسئون ڪين گهٽايو. سٺيءَ بندوق جو پاڻ وٽ هجڻ ۽ شڪار جو سٺو بندوبست ڪري سگهڻ. صدر صاحب وٽ رسائيءَ جو واحد ذريعو ۽ شرافت خواه نجابت لاءِ خصوصي سند هئي. هتي آءٌ منيلا ۾ ئي هيس، جو هڪ زميندار جو خط پهتو، جنهن جو هي فقرو نه فقط منهنجي لکڻ جي تصديق ڪري ٿو، بلڪ سنڌي زميندار جي غلامانه ذهنيت جي پوري عڪاسي ڪري ٿو.

”گورنر جنرل صاحب جن مهرباني ڪري شڪار تي آيا. گوٿ گهڻي ٿي پر تتر اٿيو اڪيچار. مزمان به گڏ هيس سڀئي گودر سٽيا ويا. خدا جو شڪر جو دل گهريا پکي اٿيا. سڀئي خوش ٿي ويا. ڀاڙي وارن کي سو ڳالهه ڪانه وڻي حالي ته وهه واهه ٿي وئي پوءِ ڏٺو ويندو.“

خير، اهو ته هو جملو معترضه. وري اچون ٿا شڪار جي شوقينن تي.

*      *      *

هيڏنهن غيبي خان هو، ته هوڏنهن انهيءَ ڪڙيءَ تي هوندو هو سردار واحد بخش خان ڀٽو. غضب جو توپچي، هٿيارن پهنوارن جو شوقين، شڪار جو خفتي. هو گورن کي اصل ڪونه گهرائيندو هو. ديسي دوستن سميت پاڻ پيو مزا ماڻيندو هو. سيارو آيو، ڪڻڪن ڦوڙيءَ مان منهن ڪڍيو، سرنهن جي سـَـلن ڌرتيءَ مان جند ڇڏائي ڪـَـرُ مٿي کنيو، ۽ چڻن مٽرن جي پوکن ۾ پـَـلي ٿي، ته ڪچي جيِ ڪيٽين ۾، ڇَنائن اوطاقن ڀرسان آڇا آڇا خيما کـُـپي ويندا. ماڻهو درياءُ  ٽپي هِن ڀر ٿيندا، ته ٻيٽ مان ئي ائين پيو معلوم ٿيندو، ڄڻ اڇن ڪونجن ڪَرَ مٿي کنيان آهن. سڀئي سمجهندا ته ٻيلي ڀـُـٽي مئزل [6] ڪئي آهي. شام جو تترن تي پئي ٺڪا ٺڪي ٿيندي. جهنگن جا گودر ۽ پوکن جا پاسا پَلَو سنوان ڪري، اچي هڪل ٿيندي پوکن ۾. شام جو سج لٿي کان اڳ پکي پوکن ۾ سٿ ٿيو پيو هوندو. بس بڇ شروع ٿي ۽ ”اَچي! اَچي!“ پئجي ويندي. بگڙا ڀڙڪا ڏيون پيا اٿندا. ڪارو تتر زمين تان ئي ذيل منجهان لاٽ ڪري آسمان ڏي اٿندو. اڃا سڌو ٿيندو ئي مس ته ٺڪ ٿي ويندي. بُجَ اتي ئي آسمان ۾، پاڻ ويڙههبو سيڙهبو ڦهه اچي پٽ تي ڪندو. ”واه واه!“ ٿي ويندي. ايتري ۾ وري ٿيندي. ”اچي! اچي! اهو! اهو!“ ولر اٿي کڙا ٿيندا. ٺا! ٺا! جاڙيون پيون ڇُٽنديون ۽ تتر ائين پيا سٽڪا ڪندا، ڄڻ ڦُلا ٿا ڀُڄن. تتر ڪري، سو توپچيءَ جي شان وٽان ڪونه هو. اتان ئي گُدَ ٿيو ايندو، ڄڻ کينهونءَ اچي سٽڪو ڪيو. ڪڏهن ڪڏهن باوجود ٿَڪَ جي، ڇيڙَن کي به اهڙو مزو اچي ويندو، جو پيا ڪندا. ”واهه خان، واهه!“ ”واهه سردار، واهه! کينهون ٿي آيو“، ”ير، گد ٿي ويو!“ ”ير، رومال ٿي ويو!“ ”واهه سائين واهه!“ ”ها سائين، توبچي اهي چئجن!“

صبح جو ڪنهن ڍنڍ تي آڙين مٿان ڌوڙيو هوندو ۽ وڏي اَسـُـرَ جو وڃي کُڏِڻن ڀيڙو ٿبو. پهرين اَسـُـرَ جو جڏهن جانور گودرن ۽ پوکن مان چرڳ چري، چارئي ڪکيون سيون ڪري، اچي جهنگ ۾ پوندا. ان وقت چوڌاري ڪڙو چڙهي ويندو، گهٽ گهير وٺجي ويندا، قناتان لڳي وينديون، ۽ باهيون ٻري وينديون. جانور سڀ جهنگ ۾ مـُـوڙهه. اهو گويا اوسَرُ ٿيو. اڃا اونداهه هوندي، جو توبچي کڏڻن ۾ ويهجي ويندا ۽ ڪي ملازم بندوقان کڻي وڃي مـُـهاڙيون جهليندا. جڏهن دنگن ۾ اک سوجهرو ٿيندو، ان وقت ”الاتهار“[7] ٿيندي. جهنگ جهر ۽ ٻوڙي ڪانهن ۾ داسا هڻندا، هڪلان ڪندا، جانورن کي گاريون ڏيندا، ڇيڙا اڳتي وڌندا ايندا. پهريون ڪڙو چاڙهيندا، پوءِ ڏيندا، جهنگ کي سيران ۽ هڻندا گهوٻيون. ان کان پوءِ جهنگ سنئون ڪري، وڏيءَ هڪل کي وٺندا. رونشي لاءِ دهلاري به گڏ ته شرنائن وارا به ساڻ. سڄي جهنگ ۾ هُڙُ بگَهاڙيو ٿي ويندو. بَڇَ وارا هڪٻئي جا نالا کڻي پيا هڪٻئي کي ”ڀيڻهان“ ”ماڻهان“ ڪندا. چي:

”رُگهو هڻ ڀيڻهان!“

”سست ٿي پيو آهين!“

”زور سان!“

”لُڙُ ڪَرِ لُڙ!“

”وِ ٿي نه ڪيو وچ ۾ ڙي! وِٿي نه ڪيو!! جانور نڪري ويندا!“

شڪار جو جمعدار سڏ ڪري سڀني کي هوشيار ڪندو:

”اڙي انهيءَ ٿَمَ ۾ لڪو اَٿَو!“

”رگها هڻونِ! ڀيڻهان، رگها!“

”چڱيءَ طرح!“

”وارو ڪجانءِ!“

”اِهو! اِهو!“

”نِڪتو ٿو وَڃئي!“

”اولاهون ٿو آچئي!“

”اڙي عدلو[8] خبردار ٿجانءِ!“

”ايڏنهن ٿِي ايڏنهن!“

”بدو[9] ڀيڻهان بگهاڙهو ڪر بگهاڙهو!“

”ڇو ڍرا ٿيا آهيو!“

”ڪَن وٺجانءِ ڪَن!“

جيئن هڪل سوڙهي ٿيندي ايندي، تيئن جانور پريشان ٿي ڀڄڻ شروع ڪندا، سڌا اچي دنگن ۾ منهن ڪڍندا. جهنگ جي ويڪر مطابق کڏڻا هوندا ۽ هر کڏڻي ۾ هڪ - هڪ ٻه - ٻه توبچي، ريفلان هٿن ۾ ۽ ٻارهين بور واريون دوناليون، ايس. جي. ڪارتوسن سان ڀريل پاسي ۾. نر ڦاڙها هڪٻئي پٺيان سهڻن سڱن جا تاج مٿن تي رکيون، سڌو اچي قهري ڪانن ۾ پوندا. دنگي مان منهن ڪڍيو ناهي ۽ ڊسڪو ٿيو ناهي.

ٺا!

سڄي جهنگ ۾ پرلاءُ پئجي ويندو، ڄڻ گولي سڀني جي ڪن کان لنگهي وئي. گهڙيءَ لاءِ ماٺ ٿي ويندي. جمعدار کي جهٽ معلوم ٿي ويندو ته ڪهڙي کـُـڏ تان ڪهڙي شڪاريءَ بندوق هنئين، ٺڪاءَ جي انداز مان سَهيو ڪري ويندو ته جانور کي لڳي يا گولي گٿي.

جڏهن هڪل جو پرو سوڙهو ٿيندو ٿيندو مورڳوئي اچي ويجهو پوندو، تڏهن ته ڪٽڪو پئجي ويندو. هيڏهن ٺڪاءَ پيا ٿيندا، هوڏنهن دهلن جو ڌڌڪو ڌم ٻاريندو. شرنائن وارا پنهنجي ليکي ليءِ کي چوٽ چاڙهي ڇڏيندا. هڪل جو هوڪرو جدا وڃي آسمان کڻندو. بس پوءِ ته جهنگل ۾ منگل لڳي ويندا. الاهيِ رنگ، لکين مزا. جي ڪو ان وچ ۾ يارنهن اڱرو مرون هٿ اچي ويندو ۽ ٿَمَ مان نڪرڻ جي نه ڪندو ته ڪتائي لوڌ جون رسيون ڪڍي ڇڏيندا. ’باهو‘، ’ڳولهو‘، ’ورائو‘، ’ڪاڍو‘ ۽ ’واٺو‘[10] سڀئي اچي ٿم وٽ ڪٺا ٿيندا. جڏهن سوئر ڪڍي ميدان تي آڻيندا، تڏهن باهڙ بند ٿيندي. سوئر، جي توبچين کان ڦٽجي نڪتو، تڏهن به ڪتا ڪڍ لائبس. جڏهن وڃي باهڙجي  بيهندو، تڏهن ڏڦي وارو اچي پاسو وٺندس.

مطلب ته نيرن مهل اوسر جو اهو مامرو مسين مسين وڃي پورو ٿيندو. ڪايءَ ۾ جانور کڻائي هرڪو توبچي پنهنجي کڏڻي تان اٿيو جهنگ کان ٻاهر ايندو. ڇيڙا به سيءَ ۾ ڪـُـرنڊا ٿيا، ماڪ ۾ سارا پسيا هـُـڙڪندا ۽ هـُـڙ هـُـڙ ڪندا، اچي پري کان پاسو ڏئي بيهندا، جيئن اُچيءَ ذات وارن اڳيان مليڇ بيهن، چهڙا يا چمار بيهن! هونءَ به دستور آهي، غريب ماڻهو کي وڏي ماڻهوءَ کان هٽي بيهڻ کپي. خدا پنج ئي آڱريون برابر ڪونه ڪيون آهن- چڱن جو چوڻ آهي- انهيءَ کي ادب چئبو آهي. ان کان سواءِ سندن لٽن ۽ بت ۾ به ته پگهر جي ڌپ هوندي آهي، جنهن جي ڇـَـٽَ وڏن ماڻهن جي نازڪ حس کي وڃي ڏکوئيندي آهي، توڙي هزار عطر عنبير وڏا ماڻهو ڇو نه لائي اچن! اها ٻي ڳالهه آهي ته اهو پگهر سندن ئي عيش عشرت جي ساز سامان مهيا ڪرڻ ۾ انهن کان نڪتو آهي، پر آهي ته تنهن هوندي به پگهر، ڇٽ وارو ۽ بدبودار! اميرن جو پسينو ته ڪونه آهي، جنهن کي قصيده گو شاعرن عرق گلاب سان تشبيهه ڏني آهي، ۽ جنهن ۾ ليوينڊر ۽ لوشن جا اجزا گڏيل هجن، خس ۽ مشڪ جي عطر جي آميزش هجي! هتي ته ڪنهن کي ڦاٽل رلي لڱن تي، ڪنهن کي پهرينءَ لام جي ڪنهن مئل فوجيءَ جو نيلامي ڪوٽ بت تي، خاڪي رنگ جو ميرو ۽ ڪـِـڻُ ڄميل، پتل جي بٽڻن سان، جن تي فوجي نشان چٽيل، جن مان ڪجهه غائب ته ڪجهه اڃا لڳل، ڪن کي ميم صاحبن جا لاٿل ولائتي ڪوٽ بدن تي، بجرا، وڏن ۽ رنگا رنگي بٽڻن وارا، هنڌان هنڌ کاڌل ۽ چتين سان چٽيل، ڪن جي ڪياڙي ۽ ڪفن تي کٿور ٻلن ۽ ولايتي لونبڙن جون کلون لڳل، نرم نرم ۽ گرم گرم، جي بٽڻ ڀڳل ته انهن جي جاءِ تي سوراخن ۾ وٽيل سٽ جا ڌاڳا وڌل، جن کي وري اهي به نصيب ۾ ڪونه هئا، تن کي نياڻين يا پنهنجن ننگن جون پوتيون ۽ روا مٿئين ڌڙ کي ويڙهيل- سيءَ اولو جو ڪرڻو ٿيو! ڪوٽ نه پڳو ته رئو پوتي ئي سهي! هيٺ تي اَلبت سڀني کي گوڏيون، ڪي نيليون گـَـهريون ته ڪي هلڪيون، ڪي سايون ته ڪي مونڱيون، ڪن جو رنگ بنيادي طرح ته اڇو هيو، ليڪن مسلسل استعمال ۾ رهڻ سبب رنگ مٽجي اهڙو ٿي ويو هيو جو انهيءَ جو نالو ٻڌائڻ ئي مشڪل آهي- اهڙي رنگ جو اڃا نالو ئي رٿيل ڪونه آهي. رنگن جا نالا به ته وڏن ماڻهن جا رکيل آهن، انهن ڀلا اهڙو رنگ ڏٺو ئي ڪونه ته نالو ڪيئن رکن؟ خير اهي گوڏيون به هڪ جهڙيون ڪونه. ڪي وڏيون ته ڪي ننڍيون، ڪي سٿر تي ته ڪي گوڏي تي، ڪن کي ويهڪ واريءَ جاءِ تي وڏي چـَـتي لڳل ته ڪن کي وچان ڇڙو ٽوپو ڏنل، ڪا ورلي انهن عيبن کان خالي، نه ته گهڻو ڪري ڪانه ڪا لنجڻ مڙئي سڀني ۾ هوندي. تازيون ته ورتيون ڪونه هوندئون، ڪن سارن جي ٻار کڻي ورتي هوندي، ڪنهن سرءُ جي ٻار کڻي ڳڌي هوندي- ڪنهن کي ته چئن مندن کان به اڳ جي هوندي- وچ ۾ ٻار جو اَنُ جو ليکي چوکي کان ڪونه بچيو ته ڪٿان وٺندو! ڪنهن ڪنهن جي پير ۾ ڪا پراڻي کٿل جتي هوندي جيڪا استعمال ٿيندي ٿيندي سڪي باٺر ٿي وئي هوندي، ورنه عام طرح سڀني جا پير اگهاڙا، جن جي کل تتيءَ ٿڌيءَ ۾ گهمي گهمي جنسي ڪاٺ ٿي ويل. اهڙن پيرن کي جـُـتيءَ جي ضرورت هئي به ڪانه. هي پير انهيءَ حد تي وڃي پهتا هيا، جتي نه سرديءَ جو گذر نه گرميءَ جو، جنهن تي نه ٻاٻرو ڪنڊو اثر ڪري نه نانگ جو ڏنگ، جنسي ڇوڏو، جهڙو هڏو، سـُـوئو کڻي ٽنب، جي سيسراٽي اُڀري! سومهياڻيءَ جو گهران ڀور وجهي هليا هئا ته وري هن مهل تائين نه اَن وات ۾ نه پاڻي پيٽ ۾.

وڏيرا صاحب ته پنهنجي معزز مهمانن سميت چانهن، آنن، حلون ۽ پڪوانن سان ٿورو گهڻو منهن اولو ڪري نڪتا هئا ۽ وري به ناشتي لاءِ ست رڇيون تيار هونديون. ڄاڻ وڃي پنهنجي الله جا احسان بجا آڻي واپرائيندا. سرديءَ جي انهن کي ڪهڙي ڪاڻ! اندر گنجيون، مٿان قميصون، انهن تي اوني سئيٽر، تنهن تي وري ڪوٽ ۽ ڪوٽن مٿان به اوور ڪوٽ. ڳچيءَ ۾ مفلر ۽ هيٺ تي گرم گبارڊين جون برجيسان. جورابا، انهن تي لانگ بوٽ ۽ بوٽن تان جون پٽيون هليون ته سڌيون وڃي گوڏن تي نڪتيون. سيءَ جي ماءُ ويائي آهي، جو اتي ايندو! مالڪ نيٺ مالڪ، ڇيڙا نيٺ ڇيڙا ڪنهن نه جهڙا! انهن لاءِ ديڳ ڀـَـت جي لڙيءَ ٻي پهريءَ تائين اچي لهندي، جنهن ۾ ڪانگڙي جو ڏارو ۽ ڏڪرو رڌل هوندو. تاهري ٿي ته عيدان ٿي وينديون، ۽ جي ڇڙو مٺائيءَ جو ٻرڪو پيو ته به لک لائق، ورنه بنان گيهه جي گانبيءَ دار گارو به اکين تي، ڄڻ سون آ. مڙئي مالڪن جون مهربانيون، نه ته هو انهيءَ جا لائق به ڪونه هئا! هنن کي پيٽ ٿورو ڀرڻو هيو! هنن کي ته مڙوئي بک جي باه مارڻي ۽ سڙئي پيٽ جي آڳ اجهائڻي- جيڪا اميرن جي ته ماهين کيرن، چاهين ۽ شربتن سان وسامندي هوندي، پر هنن جي ته گانبيءَ جو گرهه ۽ مٿان پاڻيءَ جو ڍڪ به ٺاري سگهي ٿو. هنن وٽ سوال هيو وقت ٽپائڻ ۽ ويلي ٽارڻ جو. شام جو وري جو تترن جي بڇ سامنهن هئي، اسر جو ”سوڀي جي پڙن“ وارو اوسر، پرينءَ ”ڏنوءَ جي ڦير“ وارو شڪار، تنهن پرينءَ ”پنهونءَ واري“ هڪل. اهڙيءَ طرح ساندهه ڇهه ڏينهن صبح، شام ۽ اسر کين پنهنجي زميندار جي ڇيڙ ڏيڻي پئي هئي. رعيت ۽ راڄ جو ٿيو! ديهه ۾ ويٺل ڪڙمي ڪامي جو ٿيا! سڏ صلح اهي نه ڏيندا، ته ٻيا ڪير ڏيندا! شيل شڪار، اهي ئي جڏهن هوندا تڏهن ته رنگ رکي بيهندا.

*      *      *

ڪوٽ مير محمد خان جا ٽالپر، سرڪار مير مير محمد خان، حضور مير سائين مير رضا محمد خان، مير سائين مير راز محمد خان، ڪوٽ ڏيجيءَ وارن مان مير سائين غلام حسن خان ۽ مير سائين غلام حسين خان، خود خيرپور جو والي هزهائنس حضور مير علي نواز خان ٽالپر، جنهن جي شڪار جو ڇڙو مهتم حسو خان جمعدار ئي چئي کڻي بس ڪجي- جهنگ جهر مٿان پاڇو، اصل چهڙو پوءِ مسلمان ٿي شيخ سڏجڻ لڳو، معمولي ماڻهو هيو، ليڪن مير سائين سرڪار جو راز جو ٿي ويو. ته ڪنڌ وڃي آسمان تي پهتو زمين تي نظر ڪٿي پوندي؟

باليءَ واري بگي خان جي خيرپور جي شهر ۾ رات هئي ته حسو خان جو ٻاهرين ملڪ مٿان ڌاڪو. شڪار لاءِ خاص چوڪڙيون ۽ مهاڙيون مخصوص. مجال آهي، جو ڪو ڍور اندر ٽپي يا ڪو ماڻهو لام مُڇي. حسو خان جي ڪـُـڇڻ جي دير، سڌو ڏيجيءَ جي ڪوٽ تي. سڌيون ڪاروايون ڪري چڪندو هو. مير صاحب کي ڪو دانهن به کڻي ڏئي، تڌهن به ٿيندو ڇا؟ حق ته هميشہ ۽ هر حالت ۾ ائين به حسو خان جو پاسو کڻي بيهندو هو. شڪار جي سڄي چانچ [11] سندس حوالي جو هئي، تنهنڪري ٻڌيءَ ڇڙيءَ جو مالڪ پاڻ هو.

*      *      *

ڏِنون شيخ؟

حسو خان جي جاءِ تي؟ يَرَ ڇا ٿا چئو!

حسو خان جي جتيءَ ۾ ڪو ماءُ ٻچو پير وجهي سگهندو؟

کڻي سؤ دفعا سندس سؤٽ هجي!

جهنگ جي ماڻهن جون جـَـهونَڙيون [12] هن لاٿيون. ٻئي کي مجال آهي! اها ته يَرَ برابر ڳالهه آهي. ماڻهو ته ماڻهو، پر لئي لاڻون به پيو کانئس ڪَنَو کائيندو هو.

شل مرهيات کي بشت [13] نصيب هجي! ڏسؤن مير سائين ڇا ٿو ڪري؟

مير سائينءَ جي ڪامپ[14] جي ڪامِن، باهه جي مَچَ تي سياري جو سيءَ لاهيندي اهوئي مذڪور ڪيو، جڏهن وٽن خبر پهتي ته ڪالهه سانجيءَ جو جمعدار حسو ڪَڻِسَ [15] ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

*      *      *

اِهي هئا اُهي زمانا، جنهن ۾ شوقين توپچين جا هٿيار مستري محمد الدين وٽ مرت لاءِ ايندا هئا. مستري مرمت ڪندو به دل سان هو ته پيسو به کڙڪائي دل تي وٺندو هو. پورهيا ڪڙمين جا، ڪمايون سڄيون زميندار جي کيسن ۾، پوءِ مـَـن گهريا پيسا مستري صاحب کي ڇو نه پيا ملندا.

ٻٽوان وار ڪياڙيءَ تائين، ٿلهيون مـُـڇان، ڏاڙهي فرينچ ڪٽ جي نموني تي چاپئين، جنهن کي کاڏيءَ وٽ چير ڏنل، اهڙو پيو لڳندو هو ڄڻ فوج جو جمعدار يا صوبيدار ميجر آهي. ڪم ڪندي ڪندي جڏهن ساهي کڻندو هو، ان وقت حقي جو نڙ جنهن جي چوڌاري واڻ ويڙهيل هو وات ۾ وجهندو، ۽ پاسي مان ’بانگ درا‘ کڻي، ان جوبه مطالعو ڪندو. ’شڪوه ۽ جواب شڪوه‘ به سڄو ياد هيس:

دشت تو دشت، دريا ڀي نه ڇوڙي هم ني،

بحر ظلمات مين دوڙا دئي گهوڙي هم ني!

جڏهن انهيءَ قسم جا بيت پڙهندو هو، تڏهن سندس خيال بندوقن جي ڪندن، ريفل جي ماشن ۾ دونالِن جي جوهردار نرين تان- بلڪ کڻي چئجي ته حال تان هٽي وڃي ماضيءَ جي ڪٻاڙخاني ۾ پهچندو هو- دمشق، بغداد، غرناطو، دهلي، اسلام جو غازي سلطان محمود غزنوي، محي الدين و الملت عالمگير غازي! جڏهن ڪتاب ٻوٽي، ڌمڻ ۾ هٿ وجهندو، تڏهن ٿڌو ساهه کڻي چوندو:

”هائي! هائي! اجي ڪيا دن ٿي!“

ڌمڻ منجهان نڪتل هوا سان گڏ مستري مرحوم جي ٿڌي ساهه جو ڇوڪارو به تتل نـَـريءَ تي وڃي ٺهڪو ڪندو هو.

”اسرارِ خودي“ ۽ ”رموز بيخودي“ ڪڏهن شايع ٿيا، انهن جي خبر ڪانه هئي. نه ’خودي‘ ئي سموسٽو ٽپي سنڌ ڏي آئي هئي. اصل ۾ ‘خوديءَ’ جي ڪل ته اسان کي تڏهن پئي، جڏهن ون يونٽ کان پوءِ پنجاب ۾ هر ’شاهين بچي‘ جي خودي ايڏو بلند ٿي وئي، جو نه فقط يزدان جي ڳچيءَ ۾ ڪمند پئجي ويو، بلڪ خود خدا کي به پنجابي بندن جي رضا جوئيءَ کان سواءِ ٻيو چارو ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. ڊاڪٽر صاحب جو ”بال جبريل“ سو  انهيءَ زماني ۾ تازو نڪتو هو، جنهن تي ڪڏهن ڪڏهن مرحوم محمد اسحاق [16] سٽي ماجسٽريٽ جي علمي خواه غير علمي مجلس ۾ شام جو بنگلي جي پٺئين اڱڻ ۾ بحث ٿيندو هو. علمي هن ڪري چيم، جو ڪي علم دوست به وٽس ايندا هئا ۽ غير علمي هن ڪري جو سرڪاري ڪامورن جو مڙهه مقام به شام ڌاري اتي هوندو هو. اِهو اُهو زمانو هو، جڏهن مرحوم شاعر نه اڃا ’حڪيم الامت‘ بڻيو هو ۽ نه ساڻس مراسم هجڻ واريءَ ڳالهه کي ڪنهن باعث عزت سمجهيو ٿي. اهي سڀ ڳالهيون هن جي هـِـن جهان ڇڏڻ کان پوءِ جون آهن. پاڪستان جي مملڪت خداداد جو قومي شاعر، خدا جنت نصيب ڪريس، تڏهن ٿيو، جڏهن مولوي شبير احمد عثمانيءَ کي به ”شيخ الاسلامي“ عطا ٿي.

*      *      *


 


[1] مرحوم ڳالهائڻ جو شوقين هوندو هو. جيڪا ڳالهه هوند منٽ ۾ ڪري سگهجي، تنهن تي هو ڪلاڪ وٺندو هو. پنهنجي انهيءَ طويل ڳالهائڻ کي هو چوندو هو: آغا منهنجا! ڏٺئي اسان جي تقرير دلپذير، ڪيئن نه دليلن سان ڳالهه جا سڀئي پهلو آڻي سندس آڏو رکيم!

[2] پهرين گول ميز ڪانفرنس 5- نومبر 1930ع کان 19- جنوري 1931ع تائين.

(گانڌي ۽ ڪانگريسين هن جو بائيڪاٽ ڪيو.)

ٻي گول ميز ڪانفرنس 7- سيپٽمبر کان 1 ڊسمبر 1931ع تائين.

(گانڌي جيءَ ۽ ٻين ڪانگريسين هن ۾ شرڪت ڪئي.)

ٽين گول ميز ڪانفرنس 17- نومبر کان 24- ڊسمبر 1932ع تائين.

[3] مرزا غلام احمد تي جيڪو وحي نازل ٿيندو هو، ان جو نالو ٽيچي ٽيچي هو.

[4] مولانا به پنج سال کن ٿيا ته وفات ڪري ويو.

[5] انگريزن پنهنجي ڪتابن ۾ لکيو آهي ته ٽالپرن سٺيون زرعي زمينان شڪارن جي لاءِ جهنگل هيٺ آڻي ڇڏيون هيون، ۽ هو سڄو وقت شڪار ۾ گذاريندا هئا، حڪومت جي ڪاروبار ۾ دلچسپي ڪانه هين.

[6] منزل جو دهقاني اچار.

[7] الله تو آهر.

[8] عبدالڪريم جو مخفف.

[9] عبدالله جو مخفف.

[10] اهي ڪتن جا قسم آهن. باهو اهي، جيڪي ڇڙو پيا باهيندا. ڳولهو اهي، جيڪي نوسي نوسي مـِـروُنءَ کي وڃي ڳولي لهندا. ورائو اهي، جيڪي جانور کي ورائي اچي وچ تي ڪندا ڪاڍو اهي، جيڪي ٿم مان سوئر ڪڍي ٻاهر ڪندا. واٺو اهي، جيڪي مرونءَ کي امالڪ چڪ هڻي، ڪـَـنُ يا ڪـَـنڌُ وٺي، هڪ هنڌ بيهاري ڇڏيندا.

[11] چارج جو ديهاتي تلفظ.

[12] خيرپور جو باني مير علي مراد خان وڏو شڪاري هو. هو رهندو ئي گهڻون جهنگ ۾ شڪار سانگي هو. سندس موت به شڪار جي منزل تي ڀَٽِن جي ڀِڪَ ۾ ٿيو. ان کان پوءِ به رياست جو هرهڪ والي شڪار جو شوقين رهيو. مير علي مراد جي زماني کان ماڻهن تي قانوني طرح بيگر رکيل هئي. ڪهڙو به سرڪاري ڪم پوريءَ خيرپور جي رعيت تي فرض هو ته هو گهران اٽو ٻڌي هلن ۽ اهو پورو ڪن. ڇيڙَ جو سڏ اچي ويو، ڪنهن جي ماءُ ويائي آهي جو گسائي! جي گسائي، ته ڏيجيءَ جي ڪوٽ تي چڙهي، جتان وري جئري ٻاهر نڪري ئي ڪونه. بيگر ۾ هرڪو اٽو گهران ٻڌي هلندو. 5 ڏينهن 10 ڏينهن، جيسين بيگر پوري ٿئي. خاص طرح شڪار جي بيگر ۾ ماڻهن سان سخت آزار هوندو هو. سياري جي ماهه پارن ۾ بنان لٽن جي ڪچي جي سردين ۾ ماڻهو پيا پاهه ٿيندا هئا، جيسين سرڪار جي منزل نه پٽجي، تيسين سڄو ملڪ ڪيڪال بلڪ اهو سڄو پاسو ئي ٿرٿلي. ڪڪڙ، ڇيلا، آنا، کير، سڀ زوريءَ وصول ٿين. نه ڪنهن کي پائي ملي نه ڪنهن کي مانيءَ اَٽو. هرڪو گهر جو کائي ڇيڙ وهي. اها ڇيڙ يا بيگر 1927ع ڌاري قانوناً بند ڪئي وئي، تڏهن غريبن ڪلمون ڀريو.

[13] ڪچي ۾ بهشت جو اُچار.

[14] Camp جو ٽالپري تلفظ.

[15] تپ.

[16] مرحوم پنجاب جو هو، ليڪن تعليم ختم ڪرڻ بعد ملازمت سنڌ ۾ شروع ڪيائين. مختيار ڪاريءَ مان ترقي ڪندي ڪندي ڪليڪٽريءَ تي پهتو. پاڪستان ٿيڻ بعد ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر هو. اتان رٽائر ڪيائين ۽ پوءِ فوت ٿيو. اردو ۽ فارسي ادب جو شيدائي، خوش ذوق ۽ ڏاڍو مجلسي، محب ۽ دوستن تي سر ڏيڻ وارو ماڻهو هو، رب ڪريم بخشيس.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org