سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: نياريون وٿون

 

صفحو :2  

ننڍڙا ٻار کُڙکُٻيتي تي چريا هوندا آهن، رات جو جڏهن هو چمڪڻ لڳندا آهن ۽ ڪنهن جاءِ تي ويهي ٽم ٽم ڪندا آهن ته ڊوڙي وڃي انهن کي پڪڙيندا آهن ۽ پنهنجن ململ جي چولن ۾ بند ڪري هٿ ۾ اها چولي جي ڳنڍ کڻي سندن چمڪاٽ ڏسي پيا وهسندا آهن. هڪڙي مان ته پيٽ ڪين ڀرجين پر جيترا پهچي سگهن اوترا کڙکُٻيتا ڦاسائي ڪنهن شيشي ۾ بند ڪري کڻي رکن ته جهڙا بلب پيا ٻرن. رات جو اهو چهچٽو ڏسن، پرڀات ٿي ته اها جوت گم ٿي ويندي ۽ کڙکُٻيتن کي ڇوٽڪارو ڏيندا.

ڏسو ته ڌڻي ٻاجهاري ماڻهوءَ لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون نه پيار ڀريون ۽ لاڀ واريون شيون ٺاهيون آهن، جن مان ماڻهو يترائي گهاٽا واڌا وٺي ٿو. اهي ئي کڙکُٻيتا آهن جي جهنگن برن ۾ منجهيل واٽهڙن کي واٽ ڏيکارين؛ هونءَ ته اهو ڪم تارن جو آهي پر کڙکُٻيتن جي مُند ۾ تارن کي ساهه پٽڻ جي گهڙي مليو وڃي ۽ سندن ڪم وڃيو کڙکُٻيتا ڪن.

وڻن ٽڻن تي ويهن، ٻنين ٻارن ۾ ويهن تي سندن جهرمر لڳي وڃي ۽ سوچي نٿو سگهجي ته ڌڻيءَ جا اسان تي ڪيترا بي انت ۽ اپار ٿورا آهن. اي کڙکُٻيتا، آءٌ تنهنجي ڪيتري واکاڻ ڪري ڪيتري ڪريان، تنهنجو ننڍڙو سرير ۽ تنهنجي جوت منهنجو ڌيان ڌڻيءَ ڏي ورائي ٿي، جيڪا کن پل توسان گڏجان ٿو ته پنهنجي تن من، منهن ۽ ڄڀ تي اهو دياوان داتا ئي ياد اچي ٿو. منهنجي مُک مان پرارٿنائون نڪرن ٿيون، جي منهنجو پالڻهار مون کي ياد ڏيارين ٿيون. منهنجي لاءِ کُڙکُٻيتن جي جيوت هڪ وڏي وٿ آهي جنهن تي ڌيان لڳائڻ سان:

نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.

14- ٽوهه

سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”سهڻا ٽُوهه به پَٽن ۾ پيا آهن.“ جنهن مان مراد هوندي آهي ته لڇڻ ماڻهوءَ جا چڱا هوندا ته ٺيڪ، رڳو سونهن ڪهڙي ڪم جي، جيئن ٽوهه سخت ڪؤڙو هوندو آهي، رڳو گدري، هنداڻي، ريڀڙيءَ، چڀڙ ۽ ٻين اهڙين شين کان ڏيک ويک ۾ سهڻو ٿيو ته ڇا ٿي پيو. هڪ ٻيو به پهاڪو ڏيندا آهن ته ”سهڻيءَ صورت کان سهڻي سيرت ڀلي آهي.“ ان مان مراد به ساڳي آهي ته سکڻي سونهن گهوري، کراڪي لڇڻ چڱا هجن. اهو به چيو ويندو آهي ته چڱن گُڻن واري ماڻهوءَ جي هٿان ٽوهه وٺي کائجي ته اهو انهيءَ مٺائيءَ کان چڱو آهي، جا هڪ ڪلڇڻي جي هٿان وٺي کائجي. اهو به ٻڌو هوندو ته ”گوشت جي سَڌ ۾ سِڪي مرجي، اهو ان کان چڱو آهي، جو ڪِنن ڪاساين جي ڇڪتاڻ ۾ ڦاسي وڃجي.“

ٽُوهه ويچارو به هڪ جهنگ جو اوڀر آهي. مينهن پَوَن ته ٻوٽن تي ٽوهه وَل وراڪا ڏيئي پٽ ساوا ڪري ڇڏي. وَل جا پَن، ڇانهينءَ جي پنن وانگر ٿينس، ڦير رڳو اهو ٿئي جو ڇانهينءَ جي وَل جا پَن وڏا ۽ ويڪرا ٿين ۽ ٽوهه جي وَل جا سنها ۽ سوڙها ٿين. ٽوهه جڏهن پچي پيلا ٿين ته جهنگن ۾ جهڳ مڳ لڳيو وڃي، ڏسين ته دل پيئي ٺرندي، پر هٿ لاءِ ته نه منجهن ڪا سڳنڌ ۽ نه سٺو ساءُ_ ڪڙا جهڙا وهُه- نه ڪَچا کائي سگهجن ۽ نه رڌي، پر منهنجي پياري ڌڻيءَ ڪابه وٿ نڪمي نه جوڙي آهي، اهڙي نڪمي شيءِ به اگهن جي ڦڪي سُتي آهي ۽ ان مان ڪيتريون ئي دوائون جُڙن. منجهانئس جُلاب جڙي، جو پيٽان وهاري، جنهن کي پيٽ نه اچي ته ٽوهن جون ٺهيل گوريون کائي ته پيٽ جي اگهائيءَ کان آجو ٿي وڃي. ٽوهه جي کُل، گودو ۽ ٻج سڀ ڪم اچن، پر ٽوهه ان ڪم لاءِ ڪيترا ميڙي ڪيترا ميڙبا. گهرج سارو ته کڻبا، باقي وري به اُس ۾ سڙي سُڪي، اتي ئي پيا رهن ۽ ٻيءَ مند ۾ وري انهن جا پٽن ۾ پيل ٻج ڦٽي پون.

سنڌيءَ ۾ چيو اٿن ته ”واهه غريبي واهه!“ ويچارا سُڃا ۽ ولها سانگي انهن ٽوهن جا ٻج ڏٿ وانگي ڪم آڻين. مڻن جي منهن ٻج گڏ ڪري، ڪونارن ۾ پسائي ڇڏيندا ۽ ست گهمرا پاڻيءَ ۾ مهٽي مهٽي، انهن جي ڪڙاڻ ۽ کاراڻ ڪڍي ڇڏيندا، جڏهن نه انهن ۾ ٽوهن جي بانس رهندي ۽ نه کاراڻ، تڏهن انهن کي سُڪائي، اُکريءَ ۾ مهريءَ سان ڪُٽي، جنڊ ۾ پيهي، انهن جو اٽو ٻاجهريءَ جي اٽي يا ٻين ڏٿ جي پيٺل داڻن سان ملائي، ماني پچائي کائي ڇڏين ۽ پنهنجو پيٽ گذر ڪن. اها ڳالهه اوهان کي وڏي اچرج جي لڳندي، پر ٿر وارن کان پڇو ۽ پارڪرين کان سُنهن کڻايو ته اوهان کي ساري سُڌ پئجي ويندي ته آءٌ سچ ٿو چوان يا ڪوڙ ٿو ڪريان؟ اسان کي کپي ته ڌڻيءَ جي جوڙ مان ڪابه وِڏ نه ڪڍون. ڌڻيءَ جي جوڙ ۾ ڪا نه ڪا سياڻپ هڪي تڪي رکيل آهي. اچو ته ان مالڪ کي ساراهيون.

15- بي پاڙي

ڌڻي سڳوري ٻوٽا ۽ وليون ڪيئي اُپايون آهن، پر وَل وَل کي ڏانڊي ٿئي ۽ پَن ٿين، ڦُٽن به ڌرتيءَ مان ۽ ٻج به ٿئين ئي ٿئين. پر واهه مائي بي پاڙي! توکي وڻ ويڙهي به چون. توکي ته نه ڪو ٻج، نه ڪا پاڙ ۽ نه ئي تون ڌرتيءَ مان ڦُٽي نڪرين، جتان توکي ڪو پاڻي ملي، جنهن تي اُپڙين، نه ٿيئي ڪو پَن ۽ ڏانڊي نه پاڙ. تون ته رڳي ٿُلهن ڌاڳن وانگر ڌاڳا ڌاڳا هوندي آهين. اُپڙين به وڻن تي. پاڻي به انهن وڻن جي ساون پنن جو چوسي وٺين ۽ ان تي ڦلجين ڦولجين! تنهنجو ٻج به تنهنجا ڌاڳا ئي آهن، جن مان اٺ_ ڏهه ڌاڳا کڻي هڪڙي وڻ تان ٻئي تي اڇلي ڇڏ ته اهو وڻ به تنهنجي جُٺ ۾ وٺجي ويندو. اهڙيءَ ريت تون اهڙي ته نڀاڳي آهين، جو ساوا وڻ سڪائي ڇڏين ۽ پاڻ سدائين سائي رهين، توکي وري کائي ڪو گڏهه به ڪونه. ويجهين به تڪڙي. ڪن ڪارائتن ٻوٽن يا ولين تي پوين ته جهڳوئي جهڻ ڪري ڇڏين. ويچارا هاري پيا سورن جي مُنهن. سڀ ڪم ڪاج ڦٽا ڪري، پهرين توسان جنگ جوٽين، هٿن سان وٺ وٺان ڪري توکي روڙي، اُنهن تان لاهي وڃي ساڙي ڇڏين، جي توکي نٿا ساڙين ته پنهنجي پوک ٿا جلائين، ڪي سو ڪن به ڇا؟ پريان ڏسڻ ۾ ته تون به ڏاڍي موچاري ٿي لڳين، پر کوءِ پئي تنهنجي اهڙي سونهن سوڀيا! تنهنجا لڇڻ ڏسي، ماڻهن ويچارن اهو پهاڪو وٺا هيج ڇڏيو آهي ته ”اڙي فلاڻي کي پاڙپتو هجي، جو لڄ شرم پويس، هيءُ ته بي پاڙو آهي.“ جنهن جي پاڙ نه آهي، ان جا پِتا ڪهڙا ٿيندا، جنهن جي پاڙ ڪؤڙي، تنهنجا پِتا مِٺا ٿيندا ڇا؟ پر مائي بي پاڙي، توکي ته خدا پاڙئي ڪانه ڏني، تون پرمار آهين. ڌرتيءَ مان پاڻي ڪونه چوسين، پر ويچارن وڻن جي پنن تي پلجين ۽ انهن جو پاڻي چوسي، انهن کي سڪائي ڦٽو ڪرين. ماڻهوءَ کي کپي ته پاڻ پنهنجو ٻوٽو ٻاري ۽ ٻين جو رت نه چوسي، اڙي بي پاڙي، تون به ڪنهن نه ڪنهن ڪم ايندي ته هوندينءَ؟ ڪابه وٿ نڪمي ته اُپايل ڪانهي. تون اهڙي نرڄي آهين، پر تنهنجي رس مان به ڪي دوائون جڙن ٿيون، جن مان ماڻهوءَ کي لاڀ پراپت ٿئي ٿو. ان ڪري آءٌ توکي به ڪُواريندس ڪونه، نڪي گلا ڪندس، پر پاڻ سڌار. وڌيڪ توکي ڇا چوان!

16- چڀڙ

چڀڙن کي مِتيرا ڪوٺين، ٻهراڙي جا ماڻهو پنهنجن پُٽن تي چڀڙ خان ۽ متيرو خان نالا به رکن. پر چڀڙ يا متيرا آهن ڪهڙي بلا؟ آءٌ انهن لاءِ ڇا چوان، انهن کي ته سڀڪو سڃاڻي، ويچارن جون وليون پوکن ۾ پاڻمرادو اڀرنديون ۽ پوٺن تي مينهن وسڻ کان پوءِ پکڙي ڌرتي سائي ڪيو ڇڏين. پهريائين اهي وليون ننڍا ننڍا گل ڪڍن، پوءِ انهن گلن مان چڀڙ ڦٽيو پون. پهريائين ننڍا ساوا ڪَچا چڀڙ، پوءِ پچي پِيلا ۽ ڳاڙها ٿيو پون؛ پوءِ رسجي مٺا ٿين ۽ ماڻهو انهن کي وڏي هيج سان کائين. شهرن جي ڀاڄي_ گهرن ۾ وڪامن به کوڙ. هنن جي پوکڻ تي ڪا ڪنهن جي جاکوڙ ڪرڻي ڪانه پوي. جنهن ڌرتيءَ تي اُڀرن، سا نه گُهري، ٻج، نه هر؛ نه سندن پوکڻ ۽ پالڻ ۾ ڪو پورهيو ڪرڻو پوي، نه سندن سنڀال وٺڻي پوي، بنا پورهئي ڦل مليو پوي. متيري کي ميوو ته نه ڪوٺبو، پر ڀاڄي ته آهي ئي آهي. مارو ماڻهو ڪَچا به کائين ته رڌي ڀاڄي ڪري به چاهه چس سان واپرائين. هنن لاءِ چڀڙن جو ڳنڌڻ، تورين ۽ ڀينڊين کان گهڻو ڀلو آهي. گوشت جي ٻوڙ، مڇيءَ جي ٻوڙ ۾ به پون ۽ ڏاڙهون جي داڻن جي کٽاڻ جو ڪم به ڏين. ڪوڪيون پچائين ته انهن ۾ به ڏاڙهونءَ جي ڪڻ بدران سُڪل چڀڙ ڪُٽي وجهن ته ڪوڪيون اهڙيون ته سوادي ٿيو پون، جو ٻوڙ ۽ ماني ٻنهي جو ڪم ڏين. جڏهن چڀڙن جي مند پوري ٿئي ته مڻن جي منهن چڀڙ وڍي اڌو اڌ ڪري منجهن لوڻ ٻرڪي اُس تي سڪائين ته ڪَچريون جڙيو پون. اهي ڪچريون ٻارهن ئي مهينا گيهه ۾ تري کائين، نه ڪنهن ڳنڌڻ جي گهرج نه ٻي ڀاڄيءَ جي اون. چڀڙن جون ڪچريون ته سکر ماڻهو به چاهه سان کائين ۽ انهن جا واپاري وڪري مان چڱو پئسو ڪمائين. ڪچريون ته بِهن، پٽاٽن، گوار، انبڙين ۽ ٻين ڀاڄين جون به ٺاهيون وينديون آهن. انبڙين جي ڪچرين کي انب چور به ڪوٺين پر ٻيلي واهه واهه! چڀڙن جون ڪچريون سڀ کان سلوڻيون ۽ سوادي، ڏندن هيٺ ڏيڻ سان سندن چرچر ئي بس آهي، سندن چرچر سان دنگ آهي. سيخ جي ڪوابن جي چرچر به هنن سان نه پُڄي، ههڙيون خدا جون بي مُلهيون شيون اسان وٽ ڪهڙيون نه مُلهائتيون ٿيو پون. اسان ۾ رڳي سمجهه جي سمرتي هجي ته انهن مان ڪهڙيءَ ريت ڪم وٺون. ڌڻي سڳوري ته اسان لاءِ سڀڪجهه اُپائي ڇڏيو آهي؛ هاڻي اهو ڪم اسان جو آهي ته پنهنجي سمجهه هلائي انهن مان نرالا ڪم وٺون ۽ ڌڻيءَ جي ساراهه ڪريون ۽ سندن ڳڻ ڳائيندا رهون.

17- ڀؤنر

ڀؤنر ڪنهن نه ڏٺو هوندو؟ ڀؤنر ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهن: هڪڙا ”بڻائتا ۽ ٻيا گڊا“. بڻائتا ڀؤنر سڄا ڪارا ڏامر جهڙا، سندن کنڀ چلڪڻا ٿين ۽ ٻيا جن کي گڊا چئبو آهي تن جي ڪنڌ تي ٻنهي پاسن کان پيلا چِٽا ٿين. گڊا البت بڻائتن کان ننڍا هوندا آهن ۽ اهڙا زوم مان ڪين اُڏامن جهڙا ڪارا. اهي ڪارا ته اهڙو زور سان اُڏامندا آهن، جو شل نه ڪنهن کي منهن ۾ لڳن ته ڄڻڪ ڪو ڏنڊو لڳي ويو، ڀلي ته پيو منهن سيڪي. ٻنهي جو ڪم آهي گلن ڦلن تي ڀيرا ڏيڻ، ڪنهن سگهڙ چيو آهي ته:

ڀيرا ڏيئي ڀؤنر ڪي، گلن مٿي گُنجار

سٻاجهي ستار، واليءَ وڏو وڙ ڪيو.

ماکيءَ جي مکين وانگي هو گلن مان رس ڪونه چوسين، پر رڳو انهن جي سڳنڌ جو واس وٺن. چوندا آهن ته پريتوان ويچارا ڀؤنر وانگيان سهڻن جو درشن ڪري واس وٺندا آهن. هي جيت به ڏينڀن ۽ چيلاٽن جي ڪٽنب مان آهي، پر ڏنگ ڪونه هڻي. ڏِنگا ٻار ته هنن مان به ڪين ٽرن، جي اهي ڏينڀن وانگر ڏنگڻا جيت هجن ته جيڪر انهن کي ويجهو به ڪين وڃن، انهن کان پري ڀڄن، پر هي ويچارا ڏکوئن ڪونه، ان ڪري هنن کي به پڪڙي ڌاڳي سان ٻڌي هنن جي اُڏامڻ ۽ ڀڻڪار جو رونشو ڏسن. جڏهن اُڃ لڳيس تڏهن ڪنهن ڪٽوري ۾ پاڻي وجهي ان جي ڪَني تي ويهاريندا اٿس ته اهڙي ڍنگ سان پاڻي پيئندو آهي جو ڏسي دل پئي گد گد ٿيندي آهي، ماڻهوءَ کي ڪا ٻي شيءِ ايترو ڪانه وڻي پر ڀؤنر جي ڪاراڻ ۾ ڪا ايڌي ڇڪ آهي، جو اها اکين کي پئي سيبندي آهي. جيڪي رنگ ڌڻي اُپايا آهن، سي سڀ هڪ ٻئي کان سٺا آهن. ڏسو ته اک به ڪاري وڻي، جي ڪاري نه هجي ته سرمو ۽ ڪجل پائي ڪارو ڪنس ته وڌيڪ وڻي. تِرُ به اڇي منهن تي ڪارو وڻي. وار به ڀورن کان وڌيڪ ڪارا وڻن. اهڙيءَ ريت ڀؤنر به ڪارو هئڻ ڪري ئي وڻي ٿو. ڪي ڀؤنر اڇا به هوندا آهن پر اهي اسان کي ڏٺي ڪين وڻن. هڪ شيديءَ چيو ته اسان جي ڪاري رنگ مان رڳو هڪ ٽُٻڪي جيترو ڪارو تِر، اوهان جي اڇي رنگ تي ڪيتري نه سونهن ٿو ڪري، جنهن کي سگهڙ ساراهيو وري پيا ساراهين! پر جي اوهان جي اڇي رنگ سان اسان جي ڪاري چهري تي داغ ٿي پوي ته ان کي ڪوڙهه جو ٽِڪو سڏين. اڇين اکين واري کي به شيرو سڏين ۽ ان مان وِڏون ۽ وِڏون ڪڍن، پر ڪارين اکين کي ڪوي ڪيڏو نه پاڏائين ۽ ساراهين ٿا. اُپائڻهار جي جوڙ مان ڪڏهن به وڏ نه ڪڍجو!

18- ڄؤرون

ڄؤر به هڪ جيت آهي جو ماڻهوءَ جو رت چوسيندي آهي. اهي ٻيلن ۾ جتي گپ ۽ پوسل هوندي آهي اتي جنم وٺنديون آهن. ان ڪري ٻيلن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو پنهنجن پيرن تي چمڙي جا موزا پائي ڇڏيندا آهن ته ڄؤرن جي چڪن کان سندن بچاءُ ٿئي. ڄؤرون ڏسبيون ته: بلائن جهڙيون ڏسڻ ۾ اينديون. بلائون وڏين ٿين ٿيون ۽ هي ننڍيون. ماڻهن پنهنجي سڌ پڌ هلائي انهن مان به ڪم ورتو آهي. اسان جي ديس ۾ ’حلال خور‘ (ٻاليشاهي) انهن کي پالي رکندا آهن. ڄؤرون به نانگ بلا وانگر مٽي کائين، تنهن ڪري حلال خور انهن کي ٺڪر جي جمنين ۾ وجهي انهن ۾ مٽي، ميٽ ۽ پسيل اڳڙيون وجهي ڇڏيندا آهن ته هنن کي کاڌو به ملي ۽ پوسل ۾ به رهن، جنهن کان سواءِ هو مري وينديون.

جڏهن ماڻهن کي مَلِي ٿي پوي، ڳچي سُڄي پوي يا ڪنن ۾ گند ۽ روڳ ڪٺو ٿئي ۽ ڪنن ۾ سخت سور پوي، يا ڪا ڦٽ ڦرڙي ناسور ڪري وڃي، لُپرين ۽ مَلمَن سان به نه ڇُٽي ته پڇاڙيءَ ۾ ان جو درمل ڄؤرون ٿين. حلال خور کي گهرائبو آهي جي ڪجهه پئسا وٺي، اهي ڄؤرن اگهي ماڻهوءَ جي ڳچيءَ، ڦٽ واريءَ جاءِ يا ڪنن جي پٺيان اچي لائين. ڇا ڪندا آهن: جو هڪ ڄؤر کي هٿ ۾ کڻي پنهنجي آڱوٺي سان انهن کي ٿڌڙا ڪڍندا آهن ۽ انهن جو منهن ڦٽ جي جاءِ تي رکندا آهن ته هوءَ ماڻهوءَ کي چنبڙي ويندي آهي ۽ چمڙي ٽُڪي ٽُڪي وڃي رت کي چوسڻ لڳندي آهي. رت سان گڏ گند به هوندو آهي، تنهن ڪري اهو به چوسي وٺندي آهي، جڏهن رت چوسي ڀرجهي پوندي آهي، تڏهن پاڻمرادو ڪِري پوندي آهي. اهڙيءَ ريت جيترين به ڄؤرن لڳائڻ جي گهرج هوندي آهي اوتريون لائبيون آهن، پوءِ اُنهن جو چوسيل رت ۽ گند حلال خور ڏُهي ڪڍي ڇڏيندا آهن، متان چوسيل گند ۽ پونءِ جي ڪري مري وڃن. ٻيو ته پيٽ خالي ٿيڻ سان انهن کي وري به ڪم آڻي سگهجي. ڄؤرون لڳائڻ به هڪ آپريشن آهي. هونءَ جو ڪَلين يا ڳچيءَ مان گند ٽُڪي ڏيارڻ سان ڪڍائجي، سو هنن ڄؤرن جي وسيلي روڳ ڪڍائبو آهي. انهيءَ ريت سؤ  سيڪڙو بيمار چڱا ڀلا ٿي ويندا آهن، جتان جتان چمڙي ٽُڪينديون آهن، اُتي ڇار ڦلهيار يا ڪو ٻيو پائوڊر رکي، پٽي ٻڌي ڇڏبي آهي، ۽ ٻن_ ٽن ڏينهن بعد اگهو سگهو ٿي ويندو آهي؛ پر ڄؤرن جي چَڪن وارا نشان سي بيهي رهندا آهن. جيئن ڊاڪٽر ٽانڪا هڻندا آهن ته نشان بيهي رهندا آهن.

ڄؤرن ڏسڻ سان بڇان پئي وٺندي آهي، پر اهڙين بڇڙين شين ۾ به ٻاجهاري ڌڻيءَ ماڻهوءَ لاءِ ڪيتري نه ڀلائي رکي آهي. سچ آهي ته ڪابه شيءِ بنا ڪنهن ڪارج جي نه اُپائي اٿس. سچ چيو اٿن ته:

”ڪنهن کي گهٽ نه ڄاڻ، جي ڀانئين ڀلو پانهنجو.“

19- ڏنگ

ماکيءَ جي مک، ڏينڀو، چيلاٽو يا قنڌاري ڏينڀو ۽ وِڇون اهڙا جيو آهن، جن کي پنهنجي پڇڙيءَ ۾ ڏنگ هوندو آهي، سُئيءَ وانگر هڪ تکو ”نيش“، سندن چُر ڪئي ويئي ته ٺڪ ڏنگ ڪرائيندا ۽ ماڻهو، جو هونءَ سڀني ساهه وارن کان ڏاڍو آهي تنهن کي پِنائي رکندا ۽ پيو ڦٿڪندو. پر آءٌ جنهن ڏنگ جي ڳالهه ٿو ڪريان سو پاڻ هڪ جيت آهي، جنهن جو نالوئي آهي ڏنگ. اهو جيت به لاڙ ۾ گهڻو ٿيندو آهي. لاڙ جو ڀاڱو ساريال هئڻ سبب گهڻو پوسل وارو هوندو آهي، تنهنڪري اتي مڇر، مُنگهڻ، ڪارڙا ۽ ڏنگ جام هوندا آهن. سڀني کان ڊپ جهڙو ’ڏنگ‘ هوندو آهي، شل نه ڪنهن کي چڪ پائي ته ڦٿڪائي رکندس ۽ هڪ چڪي کي ڪيترا ڏينهن پيو سيڪيندو. چڪ وجهي ته بُت جي چمڙي پئي وٺي. ماڻهوءَ جي چمڙي ته ڪونئري آهي، پر گهوڙن ۽ ٻئي مال کي چڪ وجهي ته رت جون ٺينديون ڪڍي رکين. ان ڪري ڀاڳيا ماڻهو ويچارا هن پليت کان ڏاڍو جتن ڪندا آهن. ڏنگ جا ٻه_ چار چڪ لڳن ته مال کي ڦٽ ڪريو وجهن. سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي: ”هي مڙس ته بنهه ڏنگ آهي.“ جهڙيءَ ريت وڇونءَ جو ڪنهن سان وير نه هوندو آهي، پر هن جي بناوٽ ۾ ئي بُڇڙائي ڀريل هوندي آهي ته هلندو وڃي، ٺِڪر کي ڀِتر کي ۽ جا شيءِ به سامهون اچيس ان کي ڏنگيندو وڃي. ان وانگي هن بُڇڙي بلا ’ڏنگ‘ جو به ڪنهن سان وير وروڌ نه هوندو، پر هن کي هروڀرو به ٻين کي ڏکوئڻو هوندو آهي، سو جنهن جانور تي اُڏامي اچي ويٺو جي ان کي پڪ نه هڻي ته باقي ڏنگ نالو ڇو مٿس پيو آهي!

جڏهن ڪنهن کي ڏک ڏجي ته اهو به پنهنجو بچاءُ ڪري ٿو ۽ ان جي بدلي ۾ چڪ هڻي پنهنجو وير وٺي ٿو، پر وڇون ۽ ڏنگ بنا ڪنهن ڏوهه جي جيڪو آيو تنهن کي دُک رسائڻ ۾ دير نه ڪندا. ماڻهوءَ کي گهرجي ته انهن بڇڙن جيتن وانگر نه ٿئي. ڪرڻ ته بڇڙن سان به ڀلائي کپي، ڇو ته ان ڪري ڌڻي به ڀلائي ڪندو ۽ ويري به ڦري سنگتي ٿي پوندا، پر جي ائين ڪرڻ نٿو پڄي سگهيس ته جيترو ڪو ٻيو ڏکوئي اوترو ئي ڏک بدلي ۾ ڏجيس ته ڪَل پويس ته ٻئي کي ستائڻ ڪيئن آهي. ڏنگ ۽ وڇونءَ وانگر بنا ڏوهه جي ڪنهن سان اهنج ڪرڻ ۽ ڪنهن کي ڏکوئڻ بڇڙا لڇڻ آهي، جن لاءِ اسان کي ڌڻيءَ وٽان سيکت ملڻ اڻ ٽر آهي. ڪنهن سگهڙ چيو آهي ته:

ڀلائي ڪندين تان ڀلو تنهنجو ٿيندو،

ڀلائيءَ جا ڀاڙا ڌڻي توکي ڏيندو.

20- ڳاهه

جڏهن سنگ وڍي ٻار ۾ رکبا آهن، تڏهن انهن تي ڍڳن جي هلر ٻڌي انهن کي ڳاهبو آهي ته اَن تُهن کان جدا ٿي پوندو آهي. پوءِ ان ڳاهيل اَنّ کي وڏن سُپن يا گاگڙن ۾ وجهي هوا جي سامهون بيهي وائربو آهي ته تُهه جدا ۽ ان جدا ٿي پوندو آهي. اهو ڳاهه جو ڪم الڳ آهي. آءٌ جنهن ڳاهه جي اُپٽار ڪريان ٿو، سو ڳاهه هڪ ٻيءَ شيءِ آهي. اڳي جڏهن موڪي پوک ڪانه ٿيندي هئي، تڏهن واهه درياء ۾ چاڙهه جي ٽاڻي تي وهي ايندا هئا، هاري وڃي هڪ هڪ ڪسي، ڪڙئي ۽ واهه جي کاٽي کڻندا هئا ته پاڻي بنا روڪ جي وهي، منڍ کان پوڇڙ تائين هڪ ترڇو وهي، جڏهن پاڻي وهندو هو ته انهن واهڙن جا ڪپر آلا ٿي ويندا هئا ۽ درياءَ جون ننڍيون ننڍيون مڇيون به واهه ۾ وهي اينديون هيون. کاڌو ته ڌڻي ٻاجهارو سڀ ڪنهن ساهه واري کي رسائي ٿو. انهن مڇين جي کاڌي لاءِ به مالڪ سائين ڪونه ڪو بلو ڪري ٿو. انهن واهن جي ڪپرن سان هڪڙا ننڍا مگر موٽا موٽا ڪيڙا (سانپا) جنم وٺندا آهن ۽ ڪونئري آلي مٽيءَ ۾ ٽُنگ ڪري رهندا آهن، مڇين کي اهي کائڻ ۾ ڏاڍا وڻندا آهن. ماڻهوءَ کي ته ڌڻي پاڪ ڏاهو بنايو آهي، جو سڀ شيءِ مان ڪونه ڪو ڪم وٺي ئي وٺي ٿو. ننڍا ڇوڪرا مڇي ڦاسائڻ لاءِ اهي ڪيڙا کوٽي ڪڍي، هڪ لوهه جي ڪُنڍيءَ ۾ وجهي ان ڪُنڍي کي هڪ ڏور سان ٻڌي، پاڻيءَ ۾ اُڇليندا آهن ۽ انهيءَ ڏور جي پوڇڙيءَ کي پنهنجي هٿن ۾ سوگهو ڪري جهلي ويهندا آهن. پاڻيءَ جي وهڪري سبب ڪُنڍي ڏور سوڌي واهه جي سِير تائين وڃي پهچندي آهي. اهي ڪيڙا گهڻا ڪُنڍيءَ ۾ وجهي ساري ڪُنڍيءَ جو لوهه ڍڪي ڇڏبو آهي، انهيءَ کي ’ڳاهه‘ چئبو آهي. ننڍڙيون مڇيون ويچاريون جهڙوڪ ننڍا ڄرڪا، گندڻ، کڳا ۽ ٻيون ڪُرڙيون پيٽ پالڻ لاءِ جڏهن اهو ڳاهه ڏسي اچي ڪُنڍيءَ ۾ چڪ وجهنديون آهن ته ڪُنڍيءَ جي تکي نوڪ سندن ڄاڙين ۾ گهڙي ويندي آهي ۽ اِهي ڦاسي پوندين آهن ۽ وات ورائي ڪڍي نه سگهنديون آهن ۽ وٺي ڀڄڻ تي زور رکنديون آهن. ڇوڪرا تاڙيو ويٺا هوندا آهن ته ڪڏهن ٿي ڏور تڻڪجي ۽ رڙهي، ڇڪ ڏنائين ته سمجهي ويندا ته مڇي ڦاٿي آهي. پوءِ ته ٻنهي هٿن سان ڏور کي وٺي ڇڪيندا ۽ ريڙهي ريڙهي ڦاٿل مڇيءَ کي آڻي ڪپر تي ڪڍي ٻاهر ڪندا. مڇي ويچاري پاڻيءَ کان ٻاهر نڪتي ته اُن جو انت آيو. ڦٿڪندي پئي ته ڇوڪرا پيا ٻهڪندا. اهو آهي ٺڳيءَ جو ڳاهه جنهن تي موهجي ويچارا پسون اچيو ساهه ڏين. لالچ ماڻهوءَ کان ڇا نٿي ڪرائي ۽ لالچ يا لوڀ ۾ اچي ماڻهو ڪيئن نه پنهنجو انت آڻي ٿو. ڳاهه، ڪُنڍي ۽ مڇيءَ مان ڏاهپ سکو ۽ هن ڏکئي ڏيهه ۾ سنڀالي پير رکو. لالچ ماڻهوءَ کي مارائيندڙ آهي. وڏي مڇي ننڍي مڇيءَ کي کائي پنهنجو پيٽ ڀريندي آهي. اهڙيون ننڍڙيون ڪرڙيون پاڻيءَ ۾ ئي ڇيهه کان گهڻيون پيون رهن، جي انهن تي ئي پورت ڪن ته ههڙو انت نه اچين؛ پر ڳاهه جي موهه ۾ اچي ان جي ڦندي ۾ ڦاسي ٿوري ويرم جي چسڪي لاءِ ڪريو ساهه ڏيو ڇڏين.

21- آرون

مڪڙيون ۽ تڏيون ته اوهان ڏٺيون هونديون؟ اوهان جي گهرن ۾ ڪڏهن ڪپڙن ۾ اچي پون، ڪڏهن اَٽي، چانورن ۽ ماني ٽِڪيءَ ۾، ڪڏهن ويڙهيل هندن ۽ رلين ۾، زيان به ڏاڍو ڪنديون آهن: ڪپڙا ٽُڪي ڇڏين؛ هندن جا ڳچ لاهي ڇڏين ۽ رڌڻن ۾ اچي پون ته کاڌو ڪِنو ڪري ڇڏين. اسين انهن کان بچڻ لاءِ فلٽون ٿا هڻون ته مري وڃن ته انهيءَ ڪِنَ ڇِن کان اسان کي ڪو ڇوٽڪارو ملي. آهي ته آر به ساڳئي وڻ جو ڇوڏو، ائين ئي ته ساڳئي ڪٽنب جو ڀاتي، پر اها مڪڙين ۽ تڏين وانگر زيان ڪانه ڪري. هن جي ويهڻ جي جاءِ ماڻهن جا گهر ڪين هوندا آهن، پر جهنگ جا وڻ هوندا آهن. ٻهراڙين جي گهرن ۾ به ماڻهو وڻ پوکيندا آهن ته پوءِ انهن وڻن ۾ به اچي واسو ڪن. آرن جو رؤنشو رات جو هوندو آهي. ڏينهن جو ٻڙڪ به ڪانه ٻولين، رات ٿي ته آرون پنهنجا آواز ڪڍڻ لڳنديون ۽ اهڙو ته هُل مچائينديون جو سارو جهنگ مٿي تي کڻي ڏينديون. سندن سُر، گيت ۽ راڳ بند ئي ڪونه ٿيندا. جيڪو ماڻهو گهڻو ڳالهائيندو آهي ته ان کي چوندا آهن ته ايترو ٿو ڳالهائين؟ آرون وانگيان مٿو به نٿو ڦاٽي پوئي؟ سچ پچ ته ڪيترين آرُن جو ٻوليندي ٻوليندي مٿو ڦاٽي پوندو آهي، ۽ مري به وينديون آهن. آهن هيڏڙيون پر پنهنجي آواز سان مٿي جو رت به پِي وينديون. مڪڙيون وڏيون ٿين، انهن کان ننڍيون تڏيون ٿين ۽ انهن ٻنهي کان ننڍيون هَوَ جيڏيون آرون ٿين، آرن جي ’رون رون‘ جي گلا ته ڪري ويٺاسين، پر انهن جي آواز تي گهاٽو ويچار ڪبو ته اهو به هڪڙيءَ مهل ۾ ڏاڍو وڻندو آهي. اها ڳالهه اهو ماڻهو سمجهندو جنهن کي ڪڏهن جهنگ ۾ رات پئي هوندي. جهنگ جڏهن سنسان هوندو آهي، چوڌاري ماٺ ئي ماٺ هوندي آهي. ماڻهو، مرون، پکي پکڻ جڏهن سڀ ڪاريءَ رات ۾ وڃي پنهنجي گهرن ۽ آکيرن ڀيڙا ٿيندا آهن ۽ ننڊ ۾ هوندا آهن، تڏهن اهي آرون ئي هونديون آهن، جن سان اڪيلو رڻ ۾ رات پيل ماڻهو ورونهن ونڊيندو آهي. ٻين جيون جا آواز ته بند ٿي ويندا آهن، باقي آرن جو هُل به بند ٿي وڃي ته جهنگ ويتر ڀيانڪ لڳي ۽ ماڻهوءَ جو ساهه ئي سيني ۾ مُنجهي پوي. اهڙي ٽاڻي اهي آرون ئي آهن، جن جو اڪيلي ماڻهوءَ کي سهارو ملي ٿو ۽ سمجهي ٿو ته آءٌ به اڪيلو نه آهيان، پر ڪنهن وڳر سان ويٺو ريجهه رهاڻ ڪريان. اهڙي گهڙيءَ ۾ آرن جو سُر ۽ گيت اهڙا ته مٺا لڳندا آهن، جو دنيا جا سڀ گويا، ڳائڻا ۽ ڳائيندڙ اچي گڏ ڪجن ۽ اهي پنهنجي سازن سان مِٺا مِٺا آلاپ ڪڍن، ته به آرن سان برابري ڪري نه سگهندا. بس پرڀات ٿي نه آهي، سج ڪَني ڪڍي نه آهي ته آرون ائين گم ٿي وينديون، جيئن ”ڳئون جا مٿيان ڏند“، رات جي کپايل مٿي کي ڏينهن سارو آرام ڏينديون ۽ رات جو وري اهي لاٽون اهي چُگهه، اُهي روهيون اُهي رنبا_ اها انڌي اهو جنڊ_ اهي ڏنڊا اهي ڪونڊا.

22- مينهن وساڙو

مُندائتا مينهن وسي اڃا بس ئي مس ڪندا ته اجهو مينهن وساڙن منهن ڪڍيو، جيت جنتر ڪيٽ ڪَنڌر ته اسان گهڻي ئي ڏٺا وائٺا، پر ههڙو پيارو جيت ٻيو ڪوبه پرٿويءَ تي ڪونه ٿيندو. ننڍڙو ٽنڊڻيءَ جيڏو، پر ڪٿي هن جو جوڀن، ڪٿي ڪاري ٽنڊڻي، مينهن وساڙو ڳاڙهو رتي رنگ جو، سندس کَل هوبهو ڳاڙهي بخمل جهڙي، هٿ لايوس ته پَٽَ ريشم تي آڱريون پيون، ڇُهي ڏسبو ته دل ٺري پوي ۽ نيڻ نرمل ٿي وڃن. ڏسيو پيو ڏسجيس. هٿ ۾ کڻوس ته پنهنجي ڪونئرين ننڍڙين ٽنگن سان اهڙو ته هوريان هوريان هلڻ شروع ڪندو، جو هٿ کي آسيس پئي ايندي.

ماڻهن کي ائين چوندو ٻڌبو آهي ته مينهن جو وسي ٿو، سو اهي مينهن وساڙا ئي وسائين ٿا. هيءَ به ساڳي ڳالهه آهي جو چوندا آهن ته تاڙي تنواريو ته ڄڻ مينهن کي سڏ ٿيو، اڻ گٿو ڪار ڪري اچي وسندو. مينهن ته الله سائين ٿو وسائي، پر تاڙن جو تنوارڻ ۽ مينهن وساڙي جو جنم وٺڻ، هڪيون تڪيون مينهن وسڻ جون نشانيون آهن. ٻارن ته مينهن وساڙا ڏٺا ته مزو ٿين، ويچارن کي ويندا پڪڙيندا ۽ گڏ ڪندا، پوءِ ڪنهن شيشي ۾ وجهي سانڍي رکي ڇڏيندس، جنهن ۾ پيا چُرندا پُرندا. کائين به ڪل نه آهي ته ڇا؟ ڏسڻ ۾ ته ڪجهه ڪونه اچي. جيئن هرڻ پاڻي ڪونه پيئي ۽ اندران ئي اندرا پاڻي ٺهي، جو کيس تازو رکي، ڪڏهن ٻارهين مهيني ڪو پلر جو پاڻي مليس ته پيئي، نه ته ٿيو ڀلو. چون ٿا ته هرڻ هيڏا جو ڇال ماري ٿو ۽ تکو ڊوڙي ٿو، سو به ان ڪري جو پاڻي ڪونه پِيئي، پاڻي پيئندڙ هجي ته ايترو ڊوڙي نه سگهي ۽ ساهه ڀرجي اچيس. ساڳيءَ ريت مينهن وساڙي کي به سٻاجهو سائين اندر ئي اندر کاڌو پڄائي ٿو، نه ته جيڪر جيئرو ڪين رهي سگهي. مينهن وسي پورا ٿيا ته ڄڻ مينهن وساڙي جو انت آيو، مڙئي مري ويندا، پوءِ پوٺن تان سيرن جا سير مينهن وساڙا کڻي ميڙ.

مئل مينهن وساڙا دوا دارن وانگي ڪم اچن. پسارين جي هٽن تي مينهن وساڙن جون ڳوٿريون ڀريون رکيون هونديون آهن، جي ويڄ وٺي، انهن مان سُتيون ڦڪيون ٺاهين. مينهن وساڙن مان چوندا آهن ته ڪُشتا ۽ ڪَک به جوڙين، جي مرداني ٻَرُ کي وڌائين. اهو ڪُشتو ملي به مهانگو، پر سگها ۽ شاهوڪار ماڻهو يا اِهي ماڻهو جي انهيءَ ڳالهه ۾ کوٽ ڀائين يا پاڻ کي نٻل ۽ نستو سمجهن، سي لاچار واپرائين ته انهن کي پڪ لاڀ پراپت ٿئي. ماڻهو هن جيت جو نالو به پاڻ تي رکن، جيئن ته چوندا آهن: ميان مينهن وساڙو خان.

ڪهڙي ساراهه ڪري ڪهڙي ڪجي اُن سٻاجهي سائينءَ جي، جو ههڙيون مُلهائتيون شيون اُپائي، اسان کي بنا مُلهه جي ڏئي ٿو ۽ اسين انهن مان ڪيترا نه سک ماڻيون ٿا. اي ميان مينهن وساڙا، سنڌ تي شل سدا سانوڻ هجن ۽ تون سدا اسان جي پَٽن پوٺن تي شيل ڪندو ڏسجين؛ جو توکي ڏسي اسان جون اکيون ۽ دل ٺرندي. اسان جا ٻچڙا توکي پيار مان هٿن ۾ کڻي لوليون ڏين ۽ دل وندرائين. سچ پچ ته کڙکٻيتي جو تون وڏو ڀاءُ آهين. تون شال جيئرو هجين ۽ وڏي ڄمار ماڻين، پر پوءِ ڊپ اٿئون ته توکي سدائين ڏسي ڏسي سڪ نه پلجي وڃي، ان ڪري ڀلي ته تنهنجي سڪ ۾ هجون.

23- گهريتڙي

گهريتڙيءَ تي اهو نالو پيو ئي اُن ڪري آهي، جو هوءَ مِٽيءَ جو گهر ٺاهي، ان ۾ اندر رهندي آهي. هيءُ جيت به ڏسڻ سان تپرس وٺيو وڃي. هن جا به ٻه پاڙا ٿين ٿا. هڪڙي گهريتڙي ٿئي ننڍي هيڊي رنگ جي ۽ ٻي ٿئي وڏي ڳاڙهي رنگ جي. وڏي وڏا ڪم ڪري ۽ ننڍي هن کان ننڍا. سارو ڏينهن ڏسو ته وتنديون آلي مٽي ڳولينديون. جتي به هٿ آين، اتي پهچي وينديون. وات ۾ ذرو ذرو مِٽي کڻي، گهرن جي ڇتين ۾، ڪُنڊن پاسن ۾ اچي انهيءَ مٽيءَ سان گهر جوڙينديون. ورچن ته بنهه ڪين. مهينا لڳيو وڃن هڪ گهر ٺاهڻ ۾، پر جيسين اهو جوڙي راس نه ڪن، تيستائين ٿڪجن ئي ڪين. گهر ۾ اندر وري ڪوٺيون ڪوٺيون جوڙين ۽ هڪ هڪ ڪوٺيءَ جي مٿان هڪ ٽُنگ ڪڍن، جنهن مان اندر اچن وڃن. جڏهن گهر واري مِٽي سُڪي ٺوٺ ٿئي ته اهڙو ڏاڍو ٿي وڃي جو هٿ سان ته ڀڄي به نه سگهي، جڏهن ڪو پٿر يا مترڪو آڻجي تڏهن ڀڄي. جڏهن گهر راس ٿين ته ڳولا ڪن ڪينئن جي. ڪٿان ڪٿان وڃيو ڪينئان ڳولي اچن ۽ هڪ هڪ ڪري وات ۾ کڻي اچي پنهنجي گهر ۾ رکن. خدا جي جوڙ ته ڏسو! هي ڪينئان ڪجهه وقت کان پوءِ بدلجي گهريتڙين جي شڪل وٺن. نڪي لاهين آنا ۽ نڪي پيٽان ڄڻين. اهي ڪينئان گهڻو ڪري گاهه جا ڪينئان هوندا آهن، ڪِن ڪچري جي ڪينئن کي وات ئي نه وجهن. گهريتڙين جا گهر ڀڃي ڏٺو ويو آهي ته جڏهن گهريتڙيون ٺهي راس ٿين ته اُڏامن ته باقي انهن ۾ ڪينئن جون کلون وڃي رهنديون آهن. ڪن ڄاڻن جو خيال آهي ته گهريتڙيون آنن مان ٻچا ٺاهين ۽ اهي ڪينئان پنهنجي ٻچن جي کاڌي لاءِ رکنديون آهن، جي تيسين اهي کائين، جيسين اُڏامڻ جهڙا ٿين. اها خدا کي سگهه مليل آهي ته ڪيئن ٿو ساهوارو جوڙي، سا هو ئي قدرت ٿو ڄاڻي.

گهريتڙين جي انهيءَ ڌنڌي کي ڏسندي ڏندين آڱريون اچيو وڃن. سندن گهر ٺاهڻ ۽ ڪينئان گڏ ڪري ٻچا ڪڍڻ، هڪ اهڙي ته انوکي ڪرت آهي جا ڏسي، جيترو گهريتڙيءَ جي پورهئي جي واکاڻ ڪجي اها ٿوري آهي. هنن گهريتڙين سان ڇوڪرا اهائي هلت ڪن، جيڪا ڀنڀورين سان، سڳو چيلهه ۾ ٻڌي ويچارين کي اُڏائين ۽ پنهنجن گهرن ۾وڃڻ ئي نه ڏين ۽ هو ڀون ڀون ڪنديون ڦرنديون رهن.

هنن جي وات ۾ ته الائجي ڪهڙي پاڻياٺ رکيل آهي جو سندن گهر ڪيترين اگهاين ۾ دارون ٿي ڪم ٿو اچي گهريتڙيءَ جي گهر جي مٽيءَ جو هڪڙو ٽڪر پاڻيءَ جي پيالي ۾ وڇير لکندا آهن ته اهو وڃي پيالي جو تر کڻندو آهي، پوءِ ان جي مٽيءَ جي اَڇ پاڻي کي جڏهن ميرانجهڙو ڪندي آهي ته اهو پاڻي ڪپڙي ۾ ڇاڻي، اگهي ماڻهوءَ کي پياريندا آهن ته ڪيترين ئي اگهاين تي پوي ۽ اگهو چڱو ڀلو ٿيو پوي. جيئن ماکيءَ ۾ ماڻهوءَ لاءِ سگهائيءَ جو گُڻ رکيل آهي. اهڙيءَ ريت گهريتڙيءَ جي گهر جي مِٽيءَ ۾ به بيمار جي چڱڀلائيءَ جو ڳجهه سمايل آهي.

ٻاجهاري ۽ سگهاري ڌڻيءَ جي جوڙ جي ڪهڙي ساراهه ڪري ڪهڙي ڪجي. ڇا ڇا اُپايو اٿس ۽ ڇا ڇا انهن ۾ ماڻهن جي ڀلي ڪارڻ ڳجهه ڳڙيا اٿس. پکي به ڪکن مان آکيرا ٺاهين ٿا. سڀني ۾ چيهن جا آکيرا اسان جون اکيون کوليو ڇڏين ته ننڍڙن پکين ۾ به ڪيتري نه ڌڻي سڳوري سمجهه ۽ سياڻپ رکي آهي، پر واهه مائي گهريتڙي، تنهنجي گهر سان لڳي ئي ڪونه. هزار رازن ۽ ڪاريگرن جون ڪاريگريون تنهنجي سياڻپ تان ٻلهار وڃن! ککريون ۽ ماکيءَ جا مانارا به ڏٺا اٿئون، پر تنهنجو گهر پنهنجو مَٽ پاڻ آهي.

24- ڦوٽو

ڦوٽو ته اسين ”الاچيءَ“ کي به چوندا آهيون، جو ٻوڙ، ڀاڄي ۽ پُلاءُ ۾ سرهاڻ لاءِ وجهبو آهي. هيءُ ڦوٽو، جنهن جو آءٌ ڳالهه ٿو ڪريان، ان کي ”حباب“ به ڪوٺيندا آهن. اهو ڦوٽو پاڻيءَ جو ڦوٽو آهي، جو جڏهن مينهن وسن ته ڌرتيءَ تي گڏ ٿيل پاڻي يا واهڙن ۾ مينهن جي ڦڙن پوڻ ڪري ٺهي پوندو آهي. اڌ گول اک جي تاري (دوڏي) وانگر چمڪڻ لڳندو آهي. ٻار ته الله سائين جي هر ڪنهن انوکي جوڙ کي ڏسي مست ٿي ويندا آهن،. مينهن پون، ڦوٽا نڪرن ته بنهه چريا ٿي پون ۽ ڦوٽن کي هٿ لائڻ لاءِ آتا، پر اڃا هٿ لائين ئي لاين ته ڦوٽو ڦاٽي گم ٿيو وڃي. ڏاڍي مڙسي ڪري ان کي وٺن، پر اڃا هٿ جي آڱر ڇُهي ئي ڪونه، ته ڦوٽو گم. اهوئي سبب آهي جو ڪَوين ۽ سگهرن ڦوٽي کي ماڻهوءَ جي ڄمار سان ڀيٽيو آهي. چي: ماڻهوءَ جي ڄمار ان ڦوٽي وانگر آهي. بس ايتري ٿوري. سؤ ورهيه ڄمار ٿئيس،  ته به هڪ ڏينهن، انهيءَ ڦوٽي وانگر پنهنجي سؤ ورهين جي سونهن ۽ سينگار ڏيکاري، هڪ کن ۾ پورو ٿيو وڃي.

ڦوٽي مان اسان کي ڪهڙا ڪهڙا آدرش ملن ٿا: ماڻهو جو پاڻ کي ائين سمجهيو ويٺو آهي ته سونهن ۽ جواني موجن سان سدائين نيبهه هوندي، سا ڳالهه کوٽي آهي. ڏيئي جو تيل جڏهن کپي ويندو آهي ته ان جي ٻرندڙ وَٽ پڇاڙيءَ ۾ رڳو هڪڙو جهلڪو ڏيئي بس ٿي ويندي آهي ۽ سندس سوجهرو گم ٿي ويندو آهي. ساڳيءَ ريت ڦوٽو ويچارو، جنهن ۾ نه آهي تيل نه آهي وٽ، سو ته ويچارو هتان ڄمي ۽ هُتان اک ڇنڀ ۾ مري وڃي. ساڳيءَ ريت ماڻهوءَ جي ڄمار به سَپني وانگر آهي، جنهن ۾ اگهور ننڊ اندر ڇا جو ڇا ڏسجي ۽ اک کلي ته ڪوڙ جو مثل ڪوڙ.

پوءِ اي ڌڻيءَ جا سنواريل ماڻهو، ڇا تي ٿو هٺ وڏائي ڪرين ۽ ڀائين ٿو ته هن دنيا ۾ سدائين جيئرو رهندين ڇا؟ اڙي ڳهيلا، جو ٺِڪر گهڙيو آهي، سو ڀڄندو. اُگهاڙو ۽ هٿين ٺلهو آيو آهين ۽ ٻه- چار هٿ جوڙيءَ (ڪفن) جا ڍڪي، اگهاڙو ۽ ٺلهين هٿين هليو ويندين، ڄڻ ته ڄائين ڪونه.

ٻڌاءِ تو ۾ ۽ ڦوٽي ۾ ڪهڙو ڦيرو آهي؟ ڄمار سپنو نه آهي ته ڇا آهي؟ تون وتين ٿو ڌن گڏ ڪندو، ٺڳيون، ڪوڙ ۽ ڪپت ڪندو، اٻوجهن کي ڦريندو لُٽيندو ۽ ڏکوئيندو. نيٺ ته جنهن خدا وٽان آيو آهين، ان جي سامهون هلندين ۽ پنهنجي ڪرمن جي ڪهڙي وراڻي ڏيندين؟ جڏهن پڇاڻو ٿيندو، تڏهن ڇا ٻڌائيندين ته مون پنهنجي ٿوري دير جي ڄمار ڪهڙن ڪمن ۾ پوري ڪئي؟ ڪُڌايون ڪيون يا چڱايون؟ جنهن ڌڻيءَ اُپايو نپايو ۽ وڌايو ويجهايو، ان جي حڪمن جي ڪهڙي پوئواري ڪيم ۽ سندس موڪليل رسول صلعم جي ٻُڌايل واٽ تي پورو هليس يا هن ڪوڙي پرٿويءَ جي موهه ۾ اچي اهنڪار ۾ ڪاهي پيس ۽ هن ليکي جي ڏهاڙي (حشر) لاءِ ڪابه سمرٿي ڪٺي نه ڪيم. اڄ هت ٿوري گهڻي جو ليکو ٿيندو، تُراڙو ترندو، پڇاڻو ٿيندو ۽ ليکو چڪتو ٿي پنهنجي ڪِنن ڪرمن جي سيکت ملندم.

اي ڀليل ساٿي، هن ڦوٽي واري ڄمار تي تون ڇو ايترو ڀلجي ويو آهين! اهو ڪي ڪر جو ڏکي ڏينهن ڪم اچيئي ۽ مالڪ اڳيان مرڪندو رهين ۽ سرڳ ماڻين.

25- واچوڙو

ڪڏهن ته مهينن جا مهينا لنگهي وڃن ته واچورو پسجي ئي ڪونه. ڪڏهن ٿوري جهڪ يا واچ لڳي ته انهيءَ سَگهاري سائينءَ جي جوڙ ڏسو، واچوڙو اچي منهن ڪڍي! وڏن شهرن ۾ جتي وڏيون وڏيون جايون آهن، جن جي چوٽي آڪاس سان پئي گسي، اتي واچوڙا ڪونه لڳن، پر پوٺن ۽ ميدانن ۾ جتي ڌڌڙ ۽ ڌوڙ گهڻي هجي، اتي واچوڙا پنهنجو اڊنبر ڏيکارين.

ٻار اهڙن پوٺن تي راند روند ڪندا آهن ۽ اوچتو جو واچوڙو اچي ته ڪپڙن ۾ نه ماپن، ٻين کي به سڏ ڪن ته اڙي واچوڙو! اڙي واچوڙو! واچوڙو ڇو ٿو ٿئي؟ اهو ته سائنس جا ڄاڻو ٻڌائيندا، پر هنن ننڍي ٽهيءَ جي ٻارن جا واچوڙي لاءِ الڳ الڳ ويچار هوندا آهن. چوندا آهن ته واچوڙو جن اڏائيندا آهن. واچوڙي ۾ اندر جن هوندا آهن ۽ انهن جو وهانءُ هوندو آهي. واچوڙي جي اندر ڪو ڇوڪرو اچي ويو ته ان ڇوڪري کي جن کڻي حضرت سليمان عليه السلام پنهنجي بادشاهه وٽ وٺي ويندا. ائين به آکيندا آهن ته واچوڙي ۾ جيڪڏهن جتيءَ جو موچڙو اڇلبو ته کارڪن ۽ پتاشن سان ڀرجي ويندو. آهي به سچ پچ ته الله جو ڳجهه. هوا ۽ مٽيءَ ۾ ڦيرو اچي ۽ گهڙيءَ کن ۾ مٽي گولائيءَ ۾ ڦرندي ڦرندي آڪاس تي چڙهي وڃي. سمجهي ڪونه سگهجي ته هي ڇا، واچوڙو ڦرندو ڦرندو ڪجهه پنڌ تائين تکو ويندو رهندو ۽ سگهو ئي پوروٿي ويندو. الاجي ته جن ڪاڏي ويا ۽ وهانوَ ڪٿي رهيا.

آهي ته واچوڙو به هوا ۽ واءُ جو جادو. جيڪڏهن پاڻيءَ ۾ اهڙو گول گهيرو ٿئي ته ان کي ڪُن چون. واچوڙو ٿئي مٿي هوا ۾، ۽ مٽيءَ جو چڪر، ته ڪُن ٿئي پاڻيءَ جو چڪر جو پاڻيءَ ۾ اندر اونهو. شل نه ڪا ٻيڙي يا ٻي شيءِ ڪُن جي چڪر ۾ اچي ته سڄي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويندي ۽ ڪُن ڦرندو ڦرندو ان کي اهڙي ته اوڙاهه ۾ وڃي سٽيندو جتان وري ان شيءِ جون هريڙون به هٿ نه اچن.

واچوڙويا ڪُن هوندا آهن رڳو سوا گهڙيءَ جا کيل جي ڏٺي سرير کي سراپ وٺي وڃي ۽ وري به الله سائينءَ جي يادگيري اچي وڃي ته ڪهڙا ڪهڙا نه بن بنايا اٿس، جيڪا به شيءِ بنائي اٿس ان جو سِگهو يا دير سان انت پڪ آهي ته ايندو. رهندي وڃي سندس ذات جنهن کي پڇاڙي ڪانهي، سدائين رهڻ واري آهي. ٻيون شيون جي گهڙيون اٿس تن جي پڄاڻي اڻٽر آهي، تنهن ڪري اي ڌڻيءَ جا سچا ٻانها! الله سائينءَ جون اهي سياڻپ ۽ ڏاهپ جون شيون ڏسي انهيءَ کي پل پل سنڀار ته هن پرٿوي تي ۽ ايندي دنيا جون موچاريون لهين.

26- ڌٻڻ

ڌٻڻ مان ائين نه سمجهه ته آءٌ ڪو ڌرتي ڌٻڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. هيءَ ڌٻڻ جنهن جي پچار ڪئي اٿم سا هڪ بُڇڙي بلا آهي، شل نه ڪو ان جي آور ۾ اچي، جي آيو ته وري نه موٽندو. ويوسو ويو.

جتي جتي پراڻا گهارا يا ڍورا هوندا آهن جي درياءَ جي اُتان ڇڏي وڃڻ سبب انهن جي وهڪرن جا پيٽ رهجي ويندا آهن، اتي انهن پيٽن ۾ ڪٿي ڪٿي ڌٻڻيون ٺهي پونديون آهن. ڌٻڻ ۾ پاڻي ڪونه هوندو آهي، پر رُکي گپ هوندي آهي، جنهن ڍوري جي پيٽ ۾ ڌٻڻ ٺهي پوندي اهي، سو ٽڪر ڏاڍو جوکائتو ۽ اونهو اوڙاهه هوندو آهي. هن ۾ ماڻهو ته ڇا پر ڪو اُٺ هاٿي اچي وڃي ته اهو به غرق ٿي ويندو، ڪيترا ماڻهو، جانور ۽ ٻيا سگهه وارا انهن جو بَک ٿي چڪا آهن. ڌٻڻ جي گپ به اهڙي ته چيڪي لِوَ واري هوندي آهي، جنهن کان خدا ڏئي پناهه! منجهس پير گتو ته اڀوئي اڀو هلندو ويندو هيٺ ۽ ماڻهو گپندو ويندو. جيئن جيئن پاڻ ڇڏائڻ لاءِ هٿ پير هڻندو، تيئن تيئن پنهنجي بار ۾ ويتر ويندو ڦاسندو. ڌٻڻ جي اونهائيءَ يا گهاٽائيءَ جو ته انت ئي ڪونه پوندو آهي ته هيٺ ڪٿي ٿي وڃي پوري ٿئي. جيڪڏهن ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ کي اڳواٽ سُڌ هوندي ته هيءَ ڌٻڻ آهي ته اُڀي بيهڻ جي بدلي هڪدم ان گپ ۾ ليٽي پوندو آهي ۽ ليٽندو موٽندو ڦرندو گهرندو ليٿڙيون پائيندو ٻاهر نڪري اچي ته ٿي سگهي ٿو، نه ته پنهنجي زوربار ۾ سڌو بيٺو ته ويندس ڌٻڻ ڳهندي. پير اندر ويا ته ٽنگون ويون، جي ٽنگون ويون ته پيٽ ويو ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڳچيءَ سوڌو گار ٿي ويندو ۽ نه تو ڏٺو، نه مون ڏٺو. هن جي بچاءَ جو به ڪو اُپاءُ ڪونه ٿئي. دانهون ڪندي ڪندي دانهن ڪوڪ به بس ٿي وينديس ۽ ڏسڻ وارا هاءِ هاءِ ڪندا ڏسندا رهندا، پر ڪير جو ويجهو وڃي ته پاڻ به بک ٿي وڃي.

هاڻي جتي جتي اهڙيون ڌٻڻيون اڃا آهن، اتي ڌٻڻ واري ٽڪر کي چوڌاري لوڙها ڏياري ڦٽا ڪيا اٿن، جيئن ڪوبه انهيءَ چُرَ ۾ پير نه رکي. ماڻهوءَ کي الله سائين سمجهه ۽ ٻُڌي ڏني آهي. هن جي اڳيان هن ڌرتيءَ تي سوين سمجهه جون سوکڙيون به اُپايون اٿس ته ڪيتريون ڪَٺن اهنجايون به اوساريون اٿس ته ماڻهو ٻنهي ڳالهين جي تور تڪ ڪري ته کيس سُڌ پوي ته ٻاجهاري ڌڻيءَ جا اسان تي ڪيترا ٿورا آهن. اسان کي رڳو سُرت کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ جڏهن هن ڌرتيءَ تي هلجي، تڏهن آڪڙجي نه هلجي، پر سُرت ڌاري پير رکجي. هٺ سدائين مارائيندڙ آهي. ڪنهن سگهڙ چيو آهي ته:

هٺ نه ڪجي هيترو، هٺ وڃايا وير،

ڪِري پيڙا ڪيترا، ماڙين مٿان مير،

هٺ ڪيرايا ڪيترا، توکان سُڌ سڌير،

پڙهيل پنڊت پير، کميا مان کٽي ويا.

 

27- شرم ٻوٽي

اوهان جو ڌيان گوشت جي ٻوٽيءَ ڏانهن وڃڻ نه کپي، جا اوهين مزي سان کائيندا آهيو. وڏن ٻوٽن کي ٻوٽا ۽ ننڍن ٻوٽن کي ٻوٽيون سڏيندا آهن. اهڙيون هزارين ٻوٽيون آهن، جي ٽڪرن ۽ ڏونگر، پوٺن تي اوڀر ڪنديون آهن ۽ جيڪي ماڻهو انهن کي سڃاڻن ۽ انهن جي گڻن ۽ ڪمائتي هجڻ جي سڌ اٿن، سي اهي ٻه_ ٽي ڳوڻيون ڀري وڃي سڪائين ۽ پوءِ اهي سُتين ڦڪين ۽ ڏوارن ۾ ڪم اچن. انهن ٻوٽين کي چون ئي جڙي ٻوٽيون. جڙي ٻوٽين سان جيڪو اگهن جو درمل ٿئي. سو ڊاڪٽري دوائن کان ڪنهن پر گهٽ ڪين آهي. رڳو انهن مان ڪم وٺڻ ۽ انهن کي سڃاڻن ته ڪهڙي ٻوٽي ڪهڙي اگهائيءَ لاءِ ڪمائتي آهي، اها سُرت هئڻ گهرجي. جس هجي پسارين کي جي اهي ڪک پن سڃاڻن ٿا. ويڄ ته چٺي لکي ڏيندا ته پَساريءَ کان وڃي هي ڪي هي ٻوٽيون وٺي پُڙيون ٺهرائي ڪاڙهي پيئو، بس. پوءِ پساريءَ وٽ وڃ ته اها چٺي پڙهي جهٽ کڻيو ڪري. اسان جيڪو تپ ۽ ٿڌ کان ڪاڙهو پيئندا آهيون، جنهن کي حڪيم منزج چون سو آهي ڇا؟ اهي ئي ڪک پن ۽ ٻوٽيون هونديون آهن، جهڙوڪ ست گلو، نيلوفر، گڻ ويل، وڏف، ٻهيڙا، آنورا، هريڙون، منڍيري، برگ يوسفي، مٺي ڪاٺي، ڪڙي ڪاٺي، ايريال، ڦودنو ۽ ٻيون اهڙيون سوين ٻوٽيون، ٻج ۽ پسار جون شيون. پساري به انهن جو جهڙو حافظ،. ڪاريءَ رات جو چوينس ته پنهنجي هٽ تان جن دٻن ۾ اهي ٻوٽيون هونديون، تن کي هٿ لائڻ ۽ سونگهڻ سان جهٽ ڪري ايندو. اهي ٻوٽيون ته ڪير پوکي ۽ نه ٻج وجهي نه پاڻي ڏئي، پاڻمرادو اُڀري پون. الله سائينءَ جي ڏنل ڏات آهي، جي ماڻهوءَ جي تن جي چاڪائيءَ لاءِ اُپايون اٿس.

هاڻي ڇڏيون ٿا انهيءَ قوت کي، اچون ٿا شرم ٻوٽيءَ تي، ڪڏهن ڪنهن ڦلواڙيءَ تي وڃو ته باغائيءَ کي چئو ته اسان کي شرم ٻوٽي ڏيکار، هو اوهان کي وٺي هلندو ۽ ڪنهن نه ڪنهن گلن جي ڪونڊيءَ وٽ هلي اوهان کي بيهاريندو ۽ چوندو ته هيءَ اٿوَ شرم ٻوٽي. خبر اٿو ته هن ٻوٽيءَ تي اهو نالو ڇو پيو آهي؟ سچ پچ اها شرم واري ٻوٽي آهي ڇا؟ اها سُڌ اوهان کي تڏهن پوندي جڏهن اُن کي هٿ لائيندا يا ڇُهندا. اها ٻوٽي سائي سونهن ڀري ڪونڊيءَ ۾ ول وانگر پکڙي پئي هوندي آهي ۽ ان جا ڪومل پن کليا بيٺا هوندا آهن. جيڪڏهن ان جي ٻن- چئن پنن کي هٿ لاتو ۽ پنهنجي چپٽيءَ ۾ کڻي جهليو ته سُڌ اٿو ته ڇا ٿيندو؟ انهيءَ ٻوٽيءَ جا پن ويرم ۾ شرم کان ڪومائجي ويندا. مرد ماڻهوءَ جو هٿ لڳيس ته ڪومائجي وڃي، پر ڪنهن ننڍي نياڻيءَ يا ڪنواري ڇوڪري هٿ لائيس ته ڪجهه به منجهس ڦيرو نه اچي ۽ جهڙي سائي هوندي اهڙي پئي کِلندي. جيئن ڪابه ڪنواري نياڻي ڪنهن ڌارئي جو اوچتو هٿ لڳڻ سان ڦڪائيءَ ۾ ٻُڏي ويندي آهي، هن ٻوٽيءَ سان به ساڳي گَت آهي.

ڏسون ٿا ڌڻي ڪهڙيون ٿو جوڙن جوڙي، ماڻهوته شرم ۾ ٻڏي وڃي پر ٻوٽيون به ائين ڪن ڄڻ ته منجهس ڏسڻ جون اکيون ۽ سمجهڻ جي کوپڙي آهي ته هيءُ نر جو هٿ هو ۽ ناريءَ جو هٿ هو، سڀڪا ساراهه انهيءَ مالڪ کي جڳائي جو ڀانت ڀانت جون شيون اُپائي اسان کي اچرج وٺڻ لاءِ سامان ميسر ڪري ڏئي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org