سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: مقدمہ لطيفي

 

صفحو :8

فصل 8

شاهه جي سنڌي

شاه جي سنڌي ۽ هاڻوڪي سنڌي – سنڌيءَ جو عربيءَ ۽ فارسيءَ سان بنيادي واسطو نه آهي – عربي صورت خطيءَ جي خامي – علم لغات جي اڻ واقفيت – لغت نويسيءَ جون چُڪون – مثال – سنسڪرت جا ٽي درجا – سنسڪرت مان ڦٽل ٻوليون: پالي، پراڪرت، اپڀرنش – ٻوليءَ جي بگڙجڻ جا سبب: تلفظ جي تڪليف، تواريخي تبديليون، قومن جي لڙه وچڙ، اصلوڪي لفظ جا ٻه چار قسم، جهونن لفظن جو متروڪ ٿيڻ، نون لفظن جو استعمال – ٻوليءَ جو بگاڙو ان جو سڌارو آهي – تدڀو – تتسم – ديسي لفظ – علم لغات جي ضرورت.

 

شاه جي سنڌي، هاڻوڪي سنڌيءَ کان البت ٻئي ڊؤل جي آهي. اهوئي سبب آهي، جو شاه جي شعر پڙهڻ ۽ ان جي معنيٰ سمجهڻ ۾ قدري مشڪلات ٿئي ٿي. هڪڙو ته شاه جا لفظ ۽ محاورا نج سنڌي آهن، ٻيوته ڪيترا لفظ ۽ نحوي بناوتون اهڙيون آهن، هاڻوڪي سنڌيءَ ۾ رواجي طورل استعمال ۾ نٿيون اچن؛ ٽيون ته ڪي اهڙا لفظ ڪتب آيل آهنم، جن جون معنائون يا ته متروڪ ٿي ويون آهنه، يا ته منجهن گهڻي تبديلي ٿي ويئي آهي؛ ۽ چوٿونت ه شاه جي تلفظ ۽ هاڻوڪي تلفظ ۾ البت تفاوت آهي. هاڻ پهرئين ڄاڻ گهرجي، ته سنڌيءَ ٻوليءَ جو اصل بنياد ڪهڙو آهي، ۽ پڻ ڪهڙن سببن کان ڦير ڦاريون ٿيون آهن.

عام ماڻهن جي دلين تي وهم ويٺل آهي ته سنڌي ٻولي، عربيءَ ۽ پارسيءَ مان نڪتل آهي، ڇو ته اڄ ڪلهه عربيءَ ۽ پارسي جو استعمال وڌندڙ آهي؛ ۽ ٻيوته سنڌي عربي صورتخطيءَ ۾ لکجڻ  ۾ اچي ٿي. پر اهي ٻئي سبب عارضي آهن. درحقيقت سنڌيءَ جو عربيءَ ۽  فارسيءَ سان بنيادي ناتو اهڙو آهي، جهڙو سنڌيءَ جو چينيءَ ۽ جپانيءَ سان. سنڌيءَ ۾ ڪي اهڙا آواز آهن، جن جي اُچار لاءِ عربي صورتخطي ڪافي نه آهي؛ ۽ هاڻوڪي صورتخطي جا  سنه 1861عيسوي ڌاري ڪئپٽن سئٽڪ نالي هڪ عملدار ٺاهي تيار ڪئي، تنهن ۾ گهڻيون خاميون رهجي ويون آهن. انيهءَ ڪري هڪ وڏو صدمو، جو سنڌي ٻوليءَ کي رسيو آهي، سو هيءُ آهي جو ماڻهو ان جي اصل ۽ بنياد کان اڻواقف رهجي ويا آهن. عربي صورتخطيءَ جي واقفيت  ڪري، شاگردن کي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ عربي ۽ فارسي ٻولين جي تحصيل ڪرڻ ۾ سهوليت ٿئي ٿي؛ ۽ ديوانگري اکرن جي سکڻ جي خطري کان، سنسڪرت ٻولي جنهن مان اصل سنڌي ڦٽي نڪتري آهي،  تنهن جو ڪوبه اڀياس ڪيو نٿو وڃي، انهيءَ بي پرواهي جو نتيجو اهو ٿيو آهي، جو سنڌيءَ ۾ ڪابه خاطر خواه ترقي يا سڌارو نه ٿيو آهي. علم لغارت، جنهن جي رستي اها ترقي ممڪن آهي، تنهن جو ڪنهن به سماءُ نه لڌو آهي. خود سنڌي لغت نويسن به علم لغات جي اصولن ۽ سنڌيءَ سان ٻين مشابهت رکندڙ ٻولين جي کوجنا نه ڪئي آهي، انهيءَ سبب کان سندن لغتون اڌوريون ۽ خام رهجي ويون آهن؛ ۽ ڪيترن نج سنڌي اکرن جي معنيٰ پوري ۽ صحيح نه ڏني ويئي آهي. البت  ڌڪي بازيءَ جي ڪمي ڪانهي. شاه جي رسالي ۾ ڪيترا لفظ آن، جن جي معنيٰ ته صفا اوٽ تي ڪئي ويئي آهي. لغت نويسيءَ جا اهڙا انڌا رستا، سنڌي ۾ ئي اختيار ڪيا ويا آهن. جيستائين ماڻهو سنڌيءَ جا باترتيب تحصيل نه ڪندا، تيستائين ڪنهن به  ترقيءَ جي اُميد رکڻ اجائآ هي. نموني طور ٻه چار مثال پيش ڪجن ٿ ا:

ڪرهو نه ڪي ڪانُ، پيرين آءُ نه پڄڻي.

هاڻ هن مصرع ۾ ’ڪان‘ سنسڪرت لفظ ’ڪانڊ!‘ مان نڪتل آهي،  جنهن جي معنيٰ آهي ’گهوڙو‘، مگلر ڪي معنيٰ نويس ’ڪي‘ ۽ ’ڪان‘ ڳنڍي ’ڪيڪان‘ ڪري ٿا پڙهن؛ وري عجب آهي ته معنيٰ برابر ’گهوڙو‘ ڪن ٿا. هاڻ اهو ’ڪيڪان‘ لفظ به لغتن ۾ درج ٿي، سنڌيءَ ٻوليءَ: جو هڪ جزو بنجي پيو آهي. وٺول ٻيو مثال:

ور وٺي واٽ ٿئا، پنهو ڄام پهس

ڪيلغت نويس، ’پهس‘ جي معنيٰ ’جوانمراد‘ يا ’اوچتو‘ لکن ٿا، جا معنيٰ نسورو يٽ آهي. اهو لفظ پراڪرت آهي، جو اصل سنسڪرت لفظ ’پرسهيه مان نڪتل آهي، ۽ معني اٿس، ’زور زبردستيءَ سان‘ وٺو ٽيون مثال:

تارا تيلي روءِ، لڌا لالن اُڀرين.

هاڻ ڪي معنيٰ نويس ’تيلي روءِ‘ جي معنيٰ ڪن ٿا، ’جنهن جو منهن تيليءَ (تيل فروش يا تيلي راجا) جهڙوهجي، يا ’جنهن جو منهن تيل وانگر چمڪندڙ هجي‘، يا جنهن جو منهن تيليءَ جهڙو هجي.“ پر حقيقت ۾ نڪو ’تيلي‘ ڪنهن ’راجا‘ جو نالو آهي، ۽ نڪي اُن جي معنيٰ ’تيل فروش‘ يا ’تيل جهڙو چمڪندڙ‘ آهي، ۽ نڪيد ڪي شاه تارن کي تيلين سان مشابهت ڪئي هوندي. ’تيلي‘ برابر آهي پراڪرت ’تيرس‘ جي، جو هاڻوڪيءَ سنڌيءَ ۾  وڌيڪ بدلجي ’تهڙي‘ ٿي پيو آهي؛ ۽ ’روءِ‘ جي معنيٰ آهي ’ريت‘؛ ۽ ساريءَ مصرع جي معنيٰ آهي ته ”اي لالن لڌا تون تهڙيءَ ريت سهڻو ۽  صاف ٿو اُڀرين، جهڙو منهنجو محبوب آهي.“ اهڙا مثال  انيڪل آهن، جن جي معني ۽ شرح واري ڀاڱي مان خبر پئجي سگهندي.

ههڙا هاڃا ٿين، بُري هين ڀنڀور ۾.

انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته سنڌيءَ ٻوليءَ جي اصل ۽ بنياد جي هت ٿوري اپٽار ڪجي؛ ته پڙهندڙن کي شاه جي سنيڌءَ جي پوري پروڙ پوي، ۽ لفظن جا اشتقاق جي  ’معنيٰ ۽ شرح‘ واري ڀاڱي ۾ ڏنا ويا آهن، ۽ جن ڪيترين عام طرح قبول ڪيل معنائن ۾ فرق پيدا ڪيو آهي، سي آسانيءَ سان سمجهي سگهجن.

سنڌيءَ  ٻوليءَ کي، ’بگڙيل‘ يا ’فاسد سنسڪرت’ ڪري چئجي ته روا آهي؛ يعني سنسڪرت لفظن ۽ نحوي بناوتن ۾، هزارها سالن گذيرڻ ڳڪري، ايتري ڦيرڦار ٿي  ويئي آهي، جو سنسڪرت اچي سنڌيءَ جي صورت ورتي آهي، سرسري نظر ڪبي ته سنسڪرت ۽ سنڌيءَ جي وچ ۾، هاڻ ڪا ظاهريءَ  طرح گهڻي مشابهت معلوم نه ٿيندي. سنسڪرت مان نه رڳو سنڌي، مگر  هندستان جون ٻيون آرين ٻويون، جهڙو گجراتي، مرهٽي، پنجابي، هندي، بنگالي، اُريا وغيره به ڦٽي نڪتيون آهن، ۽ انهن ٻولين جي هڪ ٻئي سان نهايت گهڻي موافقت آهي.

هت اسين اهو بحث نه ڪنداسين ته ڏاڏي آدم جي ڏينهن ۾ ڪهڙي ٻولي ڳالهائڻ ۾ ايندطي هئي، يا ٻولين ۾ اصل ڀيد ڪئن پيدا ٿيو، وغيره. سنڌي ۽ مٿي  ڄاڻايل ٻيون ٻوليون،  هڪڙيئي وڻ جون شاخون آهن’ ۽ اهو وڻ آهي سنسڪرت. سنسڪرت لفظ جي اصلوڪي معنيٰ آهي ’ڪامل يا صفا ٿيل‘،  عام طرح سنسڪرت نالو آخرين درجي واري سنسڪرت کي ڏنو ويندو آهي. سنسڪرت جا ٽي درجا آهن؛ قديم،  وچولو ۽ آخرين. سنسڪرت اها ٻولي آهي، جنهن ۾ هندستان جي قديم آرين جا ويد، پران، سمرتيون، تاريخون وغيره لکيل آهن. اڄ ڏينهن سوڌو هندو لوڪ، پنهنجي ڪريا ڪرم، پوچا پشٽا وغيره ۾ اها ٻولي ڪتب آڻيندا آهن. ڪڏهين ڪڏهين  ودوان پنڊت، اڃا تائين انهيءَ ٻوليءَ ۾، هڪ ٻئي سان  ڌرمي ڳالهين تگي بحث مباحثو ڪندا آهن. مگر اڄ ڪالهه عام طرح اها ٻولي، دنيا جي ڪنهن هنڌ به ڳالهائڻ ۾ نه  ٿي اچي. ڪو وقت هو جڏهن سنسڪرت، آريه لوڪن جي رواجي ٻولي هئي.انيهءَ کي هزارها ورهيه ٿيا. رواجي ماڻهن جي وات ۾ اصلوڪي سنسڪرت رفته رفته بگڙجڻ لڳي؛ ۽ اصلوڪي حالت بدلائي ٻئي درجي تي آئي. جنهن کي وچولي سنسڪرت چئجي ٿو. انيهءَ حالت کي رسڻ کان پوءِ پڻ ان ۾ وڌيڪ ڦيرڦار ٿيڻ  لڳي. انهي آخرين درجي واريءَ سنسسڪرت کي ’پراڻڪ سنسڪرت‘ ڪري سڏين ٿا.

اول درجي واري سنسڪرت، جنهن کي ’مها سنسڪرت‘ جي نالي سان سڏيدو وڃي ٿو، تنهن ۾ رگ ويد سنهتا، يجر ويد جا منتر ۽ آٿرو ويد جو ٿورو حصو لکيل اهي. وچولي سنسڪرت ۾ ويدن  جو هڪ ڀاڱو جنهن کي برهمن ڪري ٿا چون، لکيل آهي. آخرين سنسڪرت ۾ هندن جو شعر جهڙوڪ رامايڻ، مها ڀارت، سمرتيون، ڪاليداس جا ناٽڪ وغيره لکيل آهن. آخرين درجي تي پهچڻ بعد، سنسڪرت ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو رواج گهڻو گهٽ ٿي ويو، ڇو ته انهيءَ عرصي ۾،  ماڻهن جي محاوري ۾ اهڙي قسم جون ڦير ڦاريون ٿي ويون  هيون، جو  لکيل سنسڪرت ۽ عام محاوري ۾ نهايت گهڻو تفاوت پئجي ويو هو. انهيءَ محاوري کي ’پراڪرت‘ ڪوٺيووڇي ٿو. ’پراڪرت‘ لفظ جي معنيٰ آهي ’عامي يا رواجي‘.

ڪهڙي سمي ۾ پهريائين سنسڪرت ٻوليءَ ۾ ايڏي وڏي تبديلي ٿي، جو هوءَ ڦري ’پراڪرت‘ ٿي پيئي، تنهن جو پورو پتو پئجي نٿو سگهي. سڀ کان جهوني ’پراڪرت‘ جنهن جي اسان کي خبر پئجي سگهي ٿي، تنهن کي ’پالي‘ ڪري ٿا چون. مهاراجا اشوڪ (272-232ق، م) جي ڏينهن ۾ ’نالي‘ عام جام ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي. انيهءَ ڳالهه جي ثابتي، مهاراجا اشوڪ جي فرمانن مان ملي سگهي ٿي، جي هن اتاهن جبلن ۽ پٿر جي ٿنڀن تي اُڪرائي ڇڏيا هئا. اهي فرمان، هندستان جي ڪيترن ڀاڱن ۾ اڄ ڏينهن تائين صحيح  صالم بيٺا آهن. پالي ٻڌ ڌرم وارن جي مقدس زبان آهي؛ ۽ سندن ڪيترا پاڪ ڪتاب ان ٻوليءَ ۾ لکيل آهن. ’پاليءَ‘ ۽ سنسڪرت جي وچ ۾ گهڻو تفاسوت ڪونهي. تخمينو ڪيو ويو آهي ته ’پاليءَ‘ ٻُليءَ جا اڌ کان به گهڻا اکر عين ٻين سنسڪرت آهن؛ ۽ باقي اڌ ۾ به ڪا اڻ لکي تبديلي معلوم  ٿئي ٿي. جزوي ڦير ڦارين کان سواءِ، ٻنهي ٻوليدن  جو ويا ڪرڻ به گهڻو ڪري ساڳيوئي آهي.

پراڪرت ٻوليون وييون ڏينهون ڏينهن بگڙنديون؛ ۽ درحقيقت پراڪرت نالو خود انهن ئي ٻولين سان لاڳو آهي، جي پاليءَ:ج و درجو لنگهي وڌيڪ ابتر ٿيون. اهي پراڪرلت ٻوليونگ هڻن ئي قسمن جون هيون؛ ڪي ڪٿي ڳالهائڻ ۾ اينديون هيون ته ڪي ڪٿي. انهن مان پنج مکيه ليکيون وڃن ٿيون. اهي آهن؛ (1) مهاراشٽري (2) سئور سيني  (3) ماگڌي (4) پئيشاچي (5) اپڀرنش. انهن پنجن ’پراڪرتن‘ مان،  مهاراشٽريءَ کي سڀني کان مٿي ڪري ليکيو اٿن. جين ڌرم وارن جا پاڪ ڪتاب انهيءَ ٻويلءَ ۾ لکيل آهن. ’اپڀرنش‘ کي  سڀني کان هيٺ ڪري ليکيو اٿن. اپڀرنش لفظ جي معنيٰ ئي آهي ’کريل‘،ڇو ته منجهس نهايت گهڻو بگاڙو ٿي ويو هو. سندس درجو ’پراڪرتين‘ ۽ هندستان جي هاڻوڪين ٻولين جي وچ ۾ آهي. ’پراڪرتون‘، ’اپڀرنش‘ جي درجي تي اٽڪل 1100ع عيسوي سنه ڌاري اچي رسيون. ’اپڀرنش‘ جا ٻه قسم آهن. هڪڙو ٻئي کان جان تان وڌيڪ معتبر آهي، جنهن کي ’ناگر اپڀرنش‘ ڪري ٿا سڏين.  اها ’ناگر اپڀرنش‘ مٽجي، هاڻوڪي گجراتي ٻولي ٿي پيئي آهي. ٻيو قسم انهيءَ کان به وڌيڪ بگڙيل آهي. انهيءَ کي ’وراچد‘ يعني، ’ردي اپڀرنش‘ چون ٿا. جا بدلجي سنڌي ٻولي ٿي پيئي آهي، اهڙيءَ ريت مٿي ڄاڻايل ٻيون چار ’پراڪرتون‘ مٽجي، مرهٽي، هندي، پنجابي،  بنگالي، اڙيا وعيره ٺهي پيون آهن.

هاڻ ويچار ڪرڻ گهرجي ته سنسڪرت، جا آريه لوڪن جي اصلوڪي ٻولي هئي، تنهن ۾ ڪهڙن سببن کان ايڏو ڦير ڦار پيو، جو مٽجي نوان نوان ويس ورتائين. جيڪڏهين انهن سببن جي اسان کيد چڱيءَ طرح پروڙ پيئي، ته اسين آسانيءَ سان سمجهي سگهنداسين، ته خود اسان جي مادري زبان به وري انهن ساڳين ئي سبن ڪري، اڃا به ڦرندي ۽ بدلبي پيئي وڃي. جا سنڌي شاه عبداللطيف جي زماين ۾ مروج هئي، تنهن کان هاڻوڪي سنڌي البت ڦريل آهي. شاه جي سنڌي اٽڪل ٻه سؤ ورهيه جهوني آهي. اڄ کان ٻه سؤ ورهيه، پوءِ، سنڌي ٻوليءَ: جي جيڪا حالت وڃي بيهندي، سا ضرور هاڻوڪيءَ حالت کان قدري مختلف  ٿيندي. اسان جي اکين اڳيان ئي ٻوليءَ ۾ روزمره وڃن تبديليون ٿينديون، جي اصلوڪي ٻوليءَ کي بدلائي، ٻي حالت ۾ آڻيو ڇڏين، ڪڏٿهين ڪڏهين ته تمام ٿوري عرصي ۾ ئي نهايت گهڻو ڦيٽارو پئجو وڇي؛ ۽ ڪڏهين ڪڏهين ته نهايت آهستي آهستي.

انهيءَ تبديل جا سبب، خود انساني سڀاءُ تي مدار رکن ٿا. رڳو خود ٻولي انسان جي حياتيءَ جو مقصد نه آهي. ٻولي فقط هڪ وسيلو آهي،  جنهن جي مدد سان ماڻهو پنهنجا خيال هڪٻئي سان ظاهر ڪري سگهن ٿا. ٻوليءَ جي حرفن ۽ لفظن جو اُچارڪ رڻ البت ڪشالي گاڏڙ آهي. آواز پيدا ڪرڻ ۾ ڪيترن عضون جي مدد گهرجي. مثلاََ ڦڦڙن، نڙيءَ، ڄڀ، ڪاڪڙي، ڪلين، ڏندن، ڏاٺن، چپن، نڪ وغيره جي. هاڻ انهن عضون جي مختلف تحريڪ سان مختلف آواز نڪري سگهن ٿا. اهي تحريڪون نهايت باريڪ ۽ مشڪل آهن، خاص ڪري جڏهين ٻه يا ٽي ’حروف صحيح‘ گڏي اُچارڻا ٿا پون.ا هڙيءَ حالت ۾ ڄڀ کي پهريائين هڪڙو ور ڏيئي، وري يڪدم ٻيو يا ٽيون ور ڏيڻو ٿو پوي. صحيح تلفظ ڪرڻ ۾ البت دقت ٿئي ٿي.  هاڻ انسان جو سڀاءُ آهي ته جيتري قدر دقت گهٽ ٿي سگهي، اوتري قدر گهٽ ڪجي. هر ڪو ماڻهو چاهيندو ته ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ جئن ٿورو ڪشالو ٿئيم تئن چڱو. اهو آهي هڪ مول سبب، جنهن جي ڪري لفظن جي اُچار ۾ بگيڙو پوي ٿو.  ٻارن کي علط اُچار ڪرڻ جي عادت ٿيندي آهي. جيڪڏهين انهن جو اُچار مائٽن جي ڪوشس سان ۽ مڪتبن ۾ پڙهڻ ڪري، وقت به وقت سڌاريو نه وڇي، ته جيڪر ٿوريئي عرصي ۾ ٻوليءَ ۾ اهڙو ڦيٽاڙو پئجي وڃي، جو ان جي اصلوڪي حالت شايد سڃاڻي نه سگهجي، تعليم جي رستي، ٻوليءَ کي بگڙجڻ کان گهڻي قدر روڪي سگهجي ٿو. بيو  هڪ سب ٻوليءَ کي بگڙجڻ کان روڪي ٿو، سو هي آهي جو هر هڪ ماڻهوءَ کي ڪوشش ڪري صحيح اُچار ڪرڻو پوي ٿو،  نه ته ٻيا ماڻهو سندس مطلب سمجهي ڪين سگهندا. ازانسوواءِ قوم ۽ قبيلي جو به خيال رکڻو پوي ٿو؛ ڇو ته جيڪڏهين ڪو  ماڻهو پورو اُچار نه ڪندو، ته سندس مٽ مائٽ ضرور مٿس نڪته چيني ڪندا. پر ٻوليءَ جي بگڙجڻ کي وڏي روڪ تڏهين ٿئي ٿي، جڏهين منجهس هتيه لکجڻ جو رواج پوي ٿو.

ٻوليءَ جي بگڙجڻ جو ٻيو هڪ قوي سبب آهي، قوم ۽ ملڪ جي تواريخ ۾ تبديل. جڏهين ڪا ڌاري قوم، ملڪ تي غالب پوندي آهي، تڏهين ٻوليءَ جي بگڙجڻ جو گهڻو امڪان ٿيندو آهي. ڌاريءَ قوم جا لفظ، روزمره جي محاوري ۾ اچي ويندا آن؛ مگر انهن جو صحيح اُچار ڪرڻ مشڪل ٿيندو آهي. مثلاََ جهين عربن سنڌ تي پنهنجو زور ڄمايو، تڏهين سنڌي زبان ۾ ڪيترا عربي لفظ ملت ٿي ويا. مگر انهن لفظن جي اُچارن ۽ معنائن ۾ ڪي قدر ڦيرڦار پڻ پئجي ويئي.مثلاََ ’خاذق‘  بنجي ’هاتڪ‘ ٿي پيو؛ ’تعويذ‘، ’تائٿ‘؛ ’ثغر‘، ـسڳر‘، ’منقل‘، ’منگل‘؛ ’قميص‘، ’خميس‘ وغيره. اهڙيءَ طرح وري جڏهين پورچوگيزن هندستان ۾ بيٺڪون وڌيون. تڏهين سندن ٻوليءَ جا ڪيترا لفظ هندستان جي ٻين ٻولين ۾ داخل ٿيا، جي رفتي رفتي سنڌ ۾ پڻ اچي ويا، جهڙوڪ پورچوگيز ’فالٽو‘ مٽجي ’فالتو‘ ٿي پيو؛ ’ڦٽا‘، ’ڦيٿ‘؛ ’فارما‘، ’فرمو‘؛ ’پگا‘، ’پگهار‘؛ ’ٽرنڪو‘، ’ترنگ‘، ’لئيلام‘؛ ’نيلام‘ وغيره. هاڻ وري انگريزن جي اچڻ ڪري، سندن ٻوليءَ جا ڪيترا لفظ بگڙجي، استعمال ۾ اچن ٿا؛ جهڙوڪ ’سٽيشن‘، ’ٽيشن‘، ’سيٽل‘ سٽل‘، ’ٽڪيٽ‘ ٽڪس‘، ’ٽئڪس‘، ’ٽيڪس‘، ’ٽئڪس‘، ’ٽيڪس‘،آئگرمينٽ‘، ’گرمٽ‘؛ ’شاپ‘ ’ڇاپ‘، ’سڪور‘ ’ڪور‘ ’ڪوري‘ وغيره.ا هي ته آن رڳا لفظ، مگر جملن جا جملا به ڦري عجيب صورت وٺي بيٺا آهن؛  مثلاََ ’هو ڪمس ڊيئر‘، مٽجي ’حڪم در‘؛ سٽئنڊ ائٽ ايز، ٽنڊي ٽي ٿي  پيو آهي.

وري جڏهين هڪڙيءَ قوم جي ڪنهن ٻيءَ قوم  سان واپار يا ڌنڌي ڪري، لهه وچڙ ٿيندي آهي، تڏهين هڪ ٻئي جا لفظ ۽ اصطلاح ٻوليءَ ۾ داخل ٿي ويندا آهن. آڳاٽي زماني ۾ سنڌ جي ماڻهن جو ملبار ڪناري جي رهاڪن ۽ عربن سان گهڻو واپار هلندو؛ جنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ انهن ملڪن جا ڪيترا لفظ ۽ اصطلاح اچي ويا آهن؛ جهڙوڪ ايلاچي. اٽڪي ڏڪر، ڪوتمير وغيره، جي ملبار ڪناري جي اُڻ آري يعني ڊرئويڊين ٻولين مان ورتل آهن.

ڪي ڪي سنسڪرت لفظ سنڌيءَ ۾د اخل ٿيڻ بعد، ڦري ٻن ٽن قسمن جا ٿي پيا آهن، ۽ جدا جدا معنائون حاصل ڪيون وڃن؛ مثلاََ سنسڪرت لفظ ورڌ، اهو لفظ هوبهو سنڌيءَ ۾ اصلوڪي معنيٰ سان پڻ ڪم اچي ٿو، جئن ’ورڌ اوستا‘ ۾؛ پر وري بدلجي ’ٻڍو‘ ۽ ’وڏو‘ به ٿي پيو آهي، ۽ انهن ٻنهي لفظن جي معنيٰ ۾ پڻ تفاوت آهي.

ٻوليءَ جي بدلجڻ جو ٻيو هڪ سبب هي به آهي، ته ڪي جهونا لفظ ۽ اصطلاح وڃن متروڪ ٿيندا، ۽ انهن جي  جاءِ وڃن نوان لفظ وٺندا.ا ها تبديل اڪثر ڪري تڏهين ٿيندي آهي،  جڏهين ڪا ڌاري ٻولي برک ٿيڻ لڳندي آهي؛  جئن مسلماننن جي ڏينهن ۾ فارسي ۽ عربي، ۽ هاڻ انگريزن جي ڏينهن ۾ انگريزي. ماڻهو سمجهندا آهن ته جهونا لفظ ڪم آڻڻ تهذيب جي برخلاف آهي. مثلاََ شاهه جي رسالي ۾، ’آڻ‘، ’ڪري‘، ’ڀونءِ‘، ’گوندر‘، ’ٻُڪي‘، ’ويڄ‘، ’پرين‘ وغيره ڪتب آيل آهن. هاڻوڪيءَ سنڌيءَ ۾ اهي لفظ عامي سمجهيا وڃن ٿا، ۽ انهن جي عيوض ’حڪم‘، ’پرهيز‘، ’زمين‘، ’غم‘، ’دوا‘، ’‘طبيب‘، ’محبوب‘ وغيره وڌيڪ رواج ۾ آهن.

انهن مٿي ڄاڻايل سببن ڪري، ٻوليءَ ۾ رفتي رفتي اهڙي ڦيرڦار پئجي وڃي ٿي، جو اصلوڪي ٻولي مٽجيو  ٻي صورت وٺيو بيهي.

هندستان جون هاڻوڪيون آريه ٻوليون جڏهن کان پراڪرت مان ڦٽي الڳ ٿيون، تڏهن کان منجهن ٻيون به تبديليون ٿيڻ لڳيون؛ تان جو هاڻي منجهن سندن اصل ۽ بنياد جا ڪي ٿورائي اهڃاڻ وڃي رهيا آهن. پر هڪڙي ڪري جنهن ڳالهه کي ٻوليءَ جو بگاڙ چئجي ٿو، سو درحقيقت ان جو سڌارو آهي؛ ڇو ته اهڙي بگاڙي کانس واءِ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ترقي ٿيڻ محال آهي. پر سنڌي ڻٻولي، جنهن وقت کان وڍي پراڪرت مان ڦٽي جدا ٿي، تنهن وقت کان وٺي منجهس ڪو گهڻُ ڦير نه ٿيو آهي، خصوصاََ شاه جي سنڌيءَ ۾؛ يعني ته سنڌيءَ ٻوليءَ: گهڻي ترقي ڪانه ڪئي آهي.

جيڪڏهين شاه جي سنڌيءَ تي ويچار ڪبو، ته معلوم ٿعيندو ته منجهس  گهڻا لفظ اهڙا آهن، جن کي پراڪرت نحوين ’تدڀو‘ ڪري سڏيو آهي؛ جنهن جي معنيٰ آهي ’انهيءَ جهڙا‘ يعني سنسڪرت جهڙا، مگر نه عين بين سنسڪرت. مثلاََ، سنڌي ڪوئل = سنسڪرت ڪوڪل؛ گڏه ’گرد ڀ‘، ڪانئر = ڪاتر،؛ سائر = ساگر وغيره.

نج سنسڪرت لفظ، شاه جي سنڌيءَ ۾ نهايت ٿورا لڀندا. اهڙن لفظن کي تتسم، ڪري ٿا سڏين. مثلاََ ڌرم، ڪرم، پرمل، وغيره تتسم ماڻهن جي زبان ۾ ڦري ڪئن تدڀو ٿين ٿا، نتهن جا به قائدا ۽ قانون مشهور پراڪرت نحوين، جهڙوڪ ور رُچي ۽ هيمچندر جاچ ڪري، پنهنجي ڪتابن ۾ لکي ڇڏيا آهن. اهي ايترا آهن، جو انهن جو هن هنڌ باترتيب بيان ڪرڻ ناشدني ڳالهه آهي. انهيءَ مضمون تي هڪ خاص ڪتاب لکيو ويو آهي، جو اميد ته جلدئي ڇپايو ويندو.

انهن قاعدن جي اونيه اڀياس سان، ۽ پڻ سنڌيءَ سان مشابهت رکندڙ آريه ٻولين جي قدري واقفيت سان، تدڀو پنهنجي اصلوڪي سنسڪرت صورت ۾ آڻي سگهجن ٿا.ا نهن مان گهڻا ته اهڙا آهن جو سولائي سان ڳولي سگهجن ٿا، مگر فڪن ڪن ۾ ته اهڙي گهڻي تبديل ٿي ويئي آهي، جو البت مشڪلات ٿيو پوي.، مثلاََ، سنڌي هنجون (ڳوڙها) = سنسڪرت اشرو، سانگ (ترار يا ڀالو) = شڪتي؛ هيج (شوق)= هرديه وغيره.

تستم ۽ تدڀو لفظن کان سواءِ بيا هڪڙي قسم جا لفظ، جي سنڌي ٻوليءَ ۾، خصوصاََ شاه جي سنڌيءَ ۾ لڀن ٿا، تن کي ديسي ڪري ٿا سڏين، اهي لفظ پراڪرت ٻولين ۾ پڻ موجود هئا، جتان هاڻوڪين آريه ٻولين ۾  به اچي ويا. انهن ديسي لفظڻ جون ٻه جهونيون لغتون موجود آهن، جي جين ڌرم وارن جي ٻن مشهور آچارين لکيون. هڪڙيءَ جو نالو آهي پايلڇي، جا ڌنپال آچاريه يارهين عيسوي صديءَ ۾ لکي؛ ۽ ٻيءَ جو نالو آهي ’ديسي نام مالا‘، جا هيمچندر آچاريه ٻارهين عيسويءَ صديءَ ۾ لکي. ديسي لفظ اهي آهن، جي اُن آري ٻولين مان ورتل آهن. مگر ڪيترا لفظ، جن کي ڏڌنپال ۽ هيمچندر ديسي ڪري لکيو آهي، سي در هقيقت ديسي نه آهن. علم لغات ۾ هن وقت ايتري ترقي ٿي رهي آهي، جو ان جي وسيلي، گهڻي کوجنا بعد، ڪيترن ديسي لفظن جو به سنسڪرت سان لاڳاپو ڏيکاري سگهجي ٿو. مثلاََ ڌنپال ۽ هيمچندر موجب بيل (ڍڳو) ديسي لفظ آهي، پر اهو لفظ اصل سنسڪرت بليورد مان نڪتل آهي، يا ٻولڻ = برو؛ ڇاڇ = تڪر وغيره. پر تڏهين به سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترا اهڙا لفظ آهن، جي برابر ديسي آهن؛ ۽ جن جو سنسڪرت سان ڪو واسطو ڪونهي. مثلاََ پڳڙي، دُنگي، ڍينگ، جنگ وغيره.

انهن مٿين ٽن قسمن جي نج سنڌي لفظن کان سواءِ، ٻين ٻولين مان نڪتل لفظ به شاه جي سنڌيءَ ۾ نظر اچن ٿا؛ جحڙوڪ عربي، فارسي، تگرڪي، بلوچي وغيره. اهي لفظ به ايامن کان سنڌي ٻوليءَ ۾ اچي، نج سنسڪرت لفظن وانگر بگڙجي ۽ بدلجي، سندس هڪ جزو بنجي پيا هئا؛ ۽ شاه اهڙن لفظن کي سندن بگڙيل حالت ۾ استعمال ڪيو آهي.

هاڻ جنهن صورت ۾ شاه جي ڏينهن جي ڪا لکيل لغت موجود نه آهي، جنهن مان جيڪر خبر پئجي سگهي، ته رسالي ۾ استعمال ڪيل لفظن جي اُن زماني ۾ پوري ۽ صحيح معنيٰ ڪهڙي هئي، تنهن صورت ۾،  اسان کي لاچار علم لغات جي ئي مدد وٺن جو ضرور آهي؛ نه ته معنائون ۽ سمجهاڻيوناوٽ تي ڪڍڻيون پونديون. علم لغات ئي اسان کي سنئين دڳ تي لائيندو. انهيءَ رستي شاه جي ڪلام تي گويا هڪڙي قسم جي نئين روشنائي وجهي سگهجي ٿي. تقليدي معنائن جي عيوض اسان کي سچيون ۽ صحيح معنائون حاصل ٿي سگهن ٿيون، جي نه فقط شاه جي شاعراڻي شعور سان موافق آهن، ملڪ شاعراڻي بزرگيءَ ۽ اونهائيءَ کي به پڌرو ڪن ٿيون.

*

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com