سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: سُر ڏهر

 

صفحو :11

محترم تنوير عباسي لکي ٿو ته: ”ڳاڙهو گهوٽ“ سنڌي ۾ بهادر جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيو آهي. شاهه لطيف هتي ان کي بهادري ۽ شهيد جي معنيٰ ۾ ڪتب آندو آهي.“

لطيف سائين بهادري سان جيئڻ ۽ بهادري سان مرڻ جو گُر سيکاري ٿو، ڇو ته هي انساني پڃرو واريءَ جي ڪوٽ جي مثل آهي. سُر ڏهر ۾ جتي انساني مسائل، زندگي جي پيچيدگين ۽ اونچ نيچ جي مسائل کي بيان ڪيو ويو آهي. اتي زندگي جي مسئلن ۽ پيچيدگين جو حل ۽ طبقاتي سسٽم خلاف روشن راهون به ڏيکاريون ويون آهن. هڪ پاسي ڏاڍ ۽ ڏمر ۽ استحصالي قوتن جون ڪاروايون آهن ته ٻئي پاسي آدرشي انسانن جي معرفت ۽ فطرت جي ڪارسازي سان انهن قوتن کي ڪاري ضرب لڳائي ختم ڪيو ويو آهي. مطلب ته فڪر ۽ فنا جي دنيا ۾ حق ۽. باطل، سچ ۽ ڪوڙ جو مقابلو ڏيکاري، آخر فتح حق ۽ سچ جي ڏيکاري ويئي آهي.

 

سر ڏهر ”سجاڳيءَ جو سڏ“

ڊاڪٽر اسد جمال پَلي

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ وسيع مطالعي ۽ انيڪ مشاهدن جي آڌار تي، انهن انهن موضوعن کي نباهيو ۽ پنهنجي پيغام ۾ سمايو آهي، جيڪي سندن ڪلام جي همه گير ۽ عالمگير حيثيت جا ساکي آهن.

انساني جبلتن، عادتن ۽ ضرورتن جا سڀ عنوان رسالي ۾ موجود آهن. تصوف ۽ فلسفي جي پيچيدگين کان وٺي اخلاقياقت ۽ بين الاقوامي انقلابن جي اقدارن تائين، اسلام جي آفاقي پيغام کان وٺي خانداني ۽ قومي روايتن تائين، معاشي ۽ اقتصادي مسئلن کان وٺي، ضمير جي آواز ۽ دل جي درد جي سرنگن تائين پاڻ هر انسان جي اندر جو احوال پيش ڪري ٿو. ڪڏهن عاشق زهر پياڪ ٿي ٿو ڳالهائي ته ڪڏهن خماريل نيڻن وارو معشوق، جنهن جي نيڻ کڻڻ سان سورج جون شاخون جهڪيون ٿيو وڃن ۽ قمر ڪومائجيو پئي.

ٻوليءَ جون انيڪ خوبيون ۽ لساني جوڙجڪ، ڪردارن جا من وڻندڙ انداز، تاريخي ۽ نيم تاريخي داستان ۽ جاگرافيائي اهڃاڻ سڀ سندس شعر جي خوبين ۾ اضافو آهن. اِهي ئي اهم عنصر آهن جن سان ”شاهه جو رسالو“ هر دؤر جي ”آواز“ هجڻ جي حيثيت رکي ٿو ۽ هر ڪنهن وقت شاهه جو ڪلام تازو، حالتن مطابق ۽ انساني ذهنن جي تبديلين جو ساٿي رهندو اچي.

”سر ڏهر“ شاهه صاحب جي رسالي جي ٻين سرن وانگيان تمام گهڻن موضوعن سان ٽمٽار آهي، جن ۾ بهادري ۽ جوانمردي، لالچي کي تنبيهه، انتظار ۽ اوسيئڙو غفلت جي سزا، سجاڳيءَ جو سڏ، ويل وقت جو پڇتاءُ، ڪونجن سان ڪچهريون، ماضيءَ جي سورمن جون ڪهاڻيون ۽ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ وغيره شامل آهن. هن مختصر مضمون ۾ اسين ڏسنداسين ته شاهه صاحب ’سر ڏهر‘ ۾ اسان کي سجاڳيءَ جو ڪهڙو سڏ ڏنو آهي.

انسان کي جيڪا شيءِ غفلت ۾ گهيري بلڪل پنهنجي حالات کان بي خبر رکي ٿي اها آهي ”ننڊ“. شاهه صاحب ننڊ جو ذڪر تمام گهڻن هنڌن ۽ مختلف اندازن سان ڪيو آهي، بلڪه کيس نڀاڳي ننڊ جي نالي سان ڪوٺيو آهي. غفلت جو هڪ ٻيو انداز ”سستي“ يا ”ڪاهلي“ آهي. يعني وقت سر ڪم نه ڪرڻ ۽ وقت گذرڻ بعد خيال اچڻ ۽ پڇتاءَ ڪرڻ.

شاهه صاحب سر ڏهر ۾ ”مڇ“ کي نصيحت ٿو ڪري ته جڏهن تنهنجو پوئتي موٽڻ جو وقت هئو ۽ پاڻي اونهون هئڻ ڪري مهاڻا گهٽ جهلي نٿي سگهيا تڏهن واپس نه موٽئين، هاڻي ملاحن جون مهميزون سهڻيون پونديون ۽ پاڻي ڇاڪاڻ ته گهٽجي ويو، ڪائو ڏيئي ويو آهي، تنهنڪري هاڻي پوئتي موٽڻ جو پهه توکي گهاتن جي اڏيل ’ڪيرن‘ ۾ ڦاسائي ڇڏيندو. بلڪل اهڙي طرح قومي زندگي جي مختلف مرحلن تي اهڙا فيصله ڪُن لمحا اچن ٿا جو جيڪڏهن وقت مطابق ۽ صحيح فيصلا نٿا ڪيا وڃن يا صحيح فيصلن تي عمل درآمد ۾ دير ٿئي ته پوءِ انهن قومن جو حال به ”مڇ“ وانگر ٿئي ٿو. اهي قومون ٻين ”سامراجن“ جي چنبي ۽ گرفت ۾ اچيو وڃن ۽ ”قومي وجود جي بقا“ جو نازڪ ۽ مشڪل ترين مسئلو سامهون ٿي پوي. اهڙي حالت جو اظهار شاهه صاحب هيئن ٿو ڪري ته:

جان واهڙ ۾ وهه، تان تون مڇ نه موٽيئن،

ڪائي ۾ ڪوهه ڪرين، پوءِ موٽڻ جو پهه،

سر مٿي تون سهه، مهميزون ملاحن جون.

(يا)

جان جر هئڙو جال، تان تون مڇ نه موٽيئن

(يا)

جان جر هئڙو سيرَ، تان تون مڇ نه موٽيئن،

آڏي اڏي ڪِيرَ، گهٽ جهليو گهاتئين.

”سجاڳي“ لاءِ صرف ”ننڊ نه ڪرڻ“ يا وري ”وقت سر فيصلو ڪرڻ“ ئي ڪافي نه آهي، بلڪه پنهنجي اردگرد جي ماحول تي چؤڪسيءَ جي نظر رکڻ به تمام ضروري آهي. اطراف جي نقل و حرڪت ۾ دشمن جي عزائم کي سمجهڻ لاءِ حاضر دماغي کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ هميشه کٽڪو رکڻ گهرجي جيئن:

چيتا ڪيو چڻيج، بڊاماڻي بٺ ۾

نيڻين ننڊ مَ ڏيج، ڇيرون ڇپر آئيون.

اڃا به اڳتي، صرف ”چنتا“ سان چڻڻ تي اڪتفا ڪانهي مگر ”آستينن“ کي به ڏسڻو آهي ته دشمن ڪجهه لڪايو ته نه آهي. اهو دشمن جيڪو امن جون ۽ اتحاد جون ڳالهيون ٿو ڪري، پر سندس پکيڙيل انهن ڪکن تي به نظر رکڻي آهي جن سان ”ڍٻ“ ڍڪيل آهي. اگر انهيءَ ٻاڻ کي نه لَکيو ويو جيڪو ”ماريءَ“ وٽ لڪيل آهي ته پوءِ وڳر ۾ ويڇا اچي ويندا ۽ متحد ۽ پرامن انسانن جون زندگيون داءَ تي لڳي وينديون. شاهه صاحب اِنهيءَ ڪيفيت جو هن طرح ٿو اظهار ڪري ته:

ڪونج نه لکيو ٻاڻ، جو ماريءَ سندي من ۾،

اوچتي پرياڻ، وڳر هڻي ويڇون ڪيا.

(يا)

ڪونج نه پَسين ڪک، ڍٻ جنهين سين ڍڪيو،

ماريءَ ماريءَ لک، وڳر هڻي ويڇون ڪيا.

شاهه صاحب ”سجاڳيءَ جي سڏ“ لاءِ جيڪو نمونو اختيار ڪيو آهي اهو سطحي نه آهي، جنهن ۾ صرف ”جاڳو- جاڳو“ ۽ ”سجاڳ ٿيو“ جون وايون هونديون آهن، پر شاهه صاحب عملي طريقي ۽ اصل ڪوتاهين جي نشاندهي ڪئي آهي، جن سان انسان غفلت جو شڪار ٿئي ٿو. انهن ڪوتاهين مان هڪ آهي پنهنجي قومي روايتن کان منهن موڙڻ. قومي روايتون، رسمون ۽ رواج قومن جي تشخص جا ضامن ۽ مخصوص قومي مزاج جا شاهد هوندا آهن. جاگرافي، زبان ۽ ريتن رسمن، سان ئي قومن ۾ فرق ڪري سگهبا آهن. شاهه انهيءَ حقيقت جي اپٽار لاءِ ”اوڏن“ جي تمثيل استعمال ڪئي آهي، جن جو ڪم ٻين جا گهراڏڻ ۽ اتان لڏي وري نئين هنڏ وڃي تعميري سلسلو جاري رکڻ آهي. پر جڏهن اوڏن جو سلسلو بند ڪري پنهنجا پکا هڪ جاءِ تي لڳائي ويهي رهيا ته کين ”لاکي“ جهڙي لوڙائو جي عتاب هيٺ اچڻو پيو ۽ لاکو سندن ٻانهن کڻي وڏو داغ ڏيئي ويو. اهڙن داغن سان قومون تاريخ جي صفحن ۾ هميشہ لاءِ ڪاڻياريون ۽ عيبدار ٿيو وڃن ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري انتقام ۽ پلئه ڪرڻ جا سلسلا شروع ٿي وڃن، جيڪي وڏين تباهين جو سبب ٿين ٿا.

تنهن ڪري شاهه صاحب قومي روايتن کي اوليت ڏني آهي جيئن:

اڏيندي اوڏن، لڏڻ جي ڪانه ڪئي،

لاکو مٿان تن، اوچتو ئي آئيو.

پنهنجي ’سردار‘ يا قومي قائد سان غداري قومي روايتن جي انحرافي جو ٻيو عمل آهي، جيئن:

راءِ سين رُٺا جي، تن جاڙيجن جاڙڪئي،

ڪيئن ماڻيندا سي، چوڏهن چارو ڪڇڙو.

جڏهن قومون پنهنجي روايتن کان منهن موڙيندي وڏن آزارن ۾ اچي وينديون آهن. عام ذهن ”قومي تشخص“ ۽ قومي وجود جي بقا جي جنگ لڙڻ کان عاري ٿي ويندو آهي. جڏهن مسلسل مسئلن سان گهيريل انسانن کي ڏسي ’ايمان‘ به ‘وسوسن‘ ۾ ويڙهجڻ شروع ٿيندو آهي ۽ ڪابه ڪاري نه لڳندي آهي ته ”حساس ذهن“ جو آواز هن طرح به اڀرندو آهي ته:

ماري مرين شال، ڍٻ وڃنئي ڍٻيون،

جيئن تو اچي ڪالهه، وڌو وچ ورهن ۾.

انهن حساس قومي ذهنن تي اڃان به وڌيڪ عذاب گذرندو آهي جڏهن انهيءَ خسته حال قوم کان پنهنجي عروج جي زماني جون تقاضائون ڪبيون آهن ۽ پوءِ احساس ٿيڻ لڳندو ته:

آئيون اڳئين هير، اصل سندي آسري،

پڙ ۾ پسان نه پير، سيڻن ساجهر لڏيو.

جڏهن ”اصل“ جي اميد ختم ٿي ويندي آهي ته اهڙين قومن جو حال عبرتناڪ ٿيندو آهي. اهڙي مقام تي پهچڻ بعد به قومي باشندن ۾ ٻه طبقا نمايان نظر ايندا آهن. هڪڙا حالات کان بي خبر يا شعوري پرواهه نه ڪندي، ڪنهن فڪر ۽ غم کان آجا کلندا نظر ايندا. شاهه صاحب انهن کي ”کريل يا کريا“ ٿو ڪوٺي. ٻيو طبقو جيڪو مستقبل جي طوفانن کان آگاهه آهي ۽ قوم کي انهن خطرن کان بچائڻ جي غم ۾ هميشه پريشان آهي. شاهه صاحب انهن کي ”منهن سَنرا“ ٿو چئي. يعني ”منهن سنرا“ اهي آهن جيڪي حالتن کان باخبر آهن ۽ مستقبل جو فڪر ڪن ٿا جنهن سبب هو هميشه مصيبت ۾ آهن.

مُسن منهن سنرا، کريا گهڻو کِلن.

قومن جا باشعور فرد هميشه غفلت کي ترڪ ڪرڻ ۽ سجاڳ رهڻ جي تلقين ڪندا رهندا آهن. هو غافل ۽ وسوڙهيل فردن کي مختلف خطرن ۽ ڌارين جي ڌاڙن کان ۽ چالن کان آگاهه ڪندا رهندا آهن. اهي سجاڳ ڪرڻ جا انداز نه صرف تقريرن ۽ تحريرن ۾ هوندا آهن مگر شاهه صاحب جي هيٺين بيت ۾ ته ڪمال جو انداز آهي:

رڙي ريٻارڻ روءِ، واڙي پايو وڇڙا،

کرا ويڻ کنگهار کي، چنچل اڀي چوءِ،

واڙي وچ نه ڪوءِ، لاکو لوڙائن سين.

اهڙي طرح سجاڳي جو آواز جڏهن پوري قوم تائين پهچي ٿو ته سڄي قوم جون سوچون نئين انداز سان ٿين ٿيون ۽ پنهنجي ۽ پرائي ۾ تفريق جو عمل شروع ٿئي ٿو. پوءِ جڏهن قومن جي حقن تي ڌاڙا لڳندا آهن، يزيد عصر، محڪومن کي پيڙڻ ۽ ذبح ڪرڻ جو قصد ڪندا آهن ته منصوري دعويدار پنهنجي مظلوم قومن جي هوشياري جو اطلاع اهل حڪم کي هن طرح ڏيندا آهن ته:

متو آهين مڇ، ٿلها ٿو ٿونا هڻين،

جا تو ڀانئين اڇ، تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا.

اهڙو اطلاع صرف دشمن کي نه بلڪ پنهنجي قوم جي غافل فردن کي به ملندو آهي. ڀٽائي جو هي طرز خطاب ڏاڍو دلڪش آهي ته دشمن کي دڙڪا ڏيڻ ۽ دهشت ويهارڻ، ته پنهنجن کي وري قومي غيرت ڏيارڻ ۽ سجاڳ ڪرڻ، دلڪشيءَ جي هن منظر جو نباهُ شاهه صاحب هيٺين بيت ۾ ڪيو آهي ته:

جاڳو جاڙيجا، سما سک مَ سمهو،

پسيو ان پاريا، لاکو ٿو لوڙيون ڪري.

پوءِ جڏهن سک ۽ سرهائي جا ڏينهن اچن ٿا. ”سجاڳي جو سڏ“ هڻي وڃي ٿو هنڌ ڪري، ظالم پنهنجي عبرتناڪ انجام تي رسي ٿو، مظلوم ۽ محڪوم ٻيهر پنهنجي مسند ٿا ماڻين ته باشعور ذهن شُڪراني جا لفظ شاهه صاحب جي زباني هيئن ٿو ادا ڪري ته:

لکي ۽ لاکو، ٻئي مئا ٻاجهه ٿي،

قادر لاٿو ڪڇ تان، اديون اولاڪو.

 

لاکو ڦلاڻي

حافظ ارشد انڍڙ

انسان ۾ جيڪي به سٺيون وصفون موجود آهن، بهادري ۽ سورهائي انهن مڙني جي منهندار وصف آهي. بهادري نه فقط هڪ وصف آهي، پر هوءَ ٻين گهڻن وصفن جي ماءُ آهي مثلاً سچائي، حق گوئي، سر ڏيڻ، سخا، سام جهلڻ اهي مڙيئي صفتون انسان ۾ بهادريءَ کان پوءِ ئي پيدا ٿين ٿيون. ان جي ڪري بهادر انسان گهڻن خوبين جو مرڪز ۽ سرچشمو ٿئي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ ڪانئر ڊيڄو، ڪوڙو، ڪنجوس ۽ لڪوڙ انسان ڪمتر ٿئي ٿو. ان جي ڪري دنيا جي هر انسان بهادري جي تعريف ڪئي آهي ۽ بهادر انسانن سان پيار ڪيو آهي. هن ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته قومن جي تاريخ سورهه سرويچ انسان ئي ٺاهيندا آهن، ۽ قومن جي تقديرن جو ڪانئر ئي ٻيڙو ٻوڙيندا آهن. دنيا ۾ جيڪي به قومون بلنديءَ جي چوٽي کي پهتيون آهن سي پنهنجي سورهن ۽ سرويچن جي سچن جذبن ڪري ئي تاريخ جي ورقن جي زينت بنبيون آهن، ۽ دنيا جي هر قوم جو زوال تڏهن آيو آهي، جڏهن منجهائن بهادري جي وصفن جي ڪمي پيدا ٿي آهي.

شاهه لطيف سائين پنهنجي ڪلام جي ذريعي جن تاريخي قصن ۽ ڪهاڻين کي ڳايو آهي ۽ اسان تائين پهچايو آهي، انهن قصن ۾ ’لاکي ڦلاڻي‘ جو قصو به آهي جيڪو ڀٽائي رحمة الله عليہ سر ’ڏهر‘ ۾ بيان ڪيو آهي. ان قصي جو تفصيل هن طرح سان آهي ته ”لاکو ڦلاڻي“ هڪ وڏو سنڌ جو سورهه ۽ سرويچ انسان هو، هو تقريباً 866 عيسوي ڌاري ڄائو هو ۽ لڳ ڀڳ 955 ۾ وفات ڪري ويو. هن جو نالو لاکو هو لاکو پٽ لاکيار پٽ اوڍو پٽ اوڍار. ڪن وري لکيو آهي ته هن جو نسب هن طرح سان آهي: لاکو پٽ ڦل پٽ ساهڙ پٽ مهڙ. ٻين وري هن جو خاندان هن طرح سان ڳڻايو آهي. لاکو پٽ ڦل پٽ ساهڙ پٽ مُهڙ پٽ لاکو پٽ وِيرو پٽ ساند پٽ پلي رائڌڻ (راءِ ڌڻي يا رادڻ) پٽ ڪاڪو، پٽ سمورن پٽ انڙ پٽ لاکو پٽ لاکيار پٽ اوڍو پٽ اوڍار پٽ نوتيار پٽ نيٽ

هو سما خاندان جي جاڙيجن (ڄام جاڙي جي اولاد کي جاڙيجا سڏيو وڃي ٿو) جن نک مان هو. لاکي ڦلاڻي جي مامي راءِ کنگهار عيسوي 1540ع ڌاري احمد آباد جي سلطانن جي مدد سان ڪڇ ۾ حڪومت قائم ڪئي هئي. ڪڇ جا جاڙيجا سما به ڄام لاکي جي اولاد مان هئا، جيڪو لاکي ڦلاڻي جو ڏاڏو هو.

لاکو ڦلاڻي ڪڇ ملڪ ۾ چاوڙن راجپوتن جي حڪومت جي زماني ۾ ڄائو هو. لاکي ڦلاڻي جي ڄم ۽ موت جي باري ۾ پڪ سان ته ڪجهه نٿو چئي سگهجي، پر اهو انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته هن جو زمانو 1200 عيسوي کان 1350 عيسوي تائين آهي. ان زماني جي ريت رسم موجب لاکي ۾ اهي مڙيئي خوبيون هڪ ٿري ٻولي جي شعر ۾ لاکي ڦلاڻي بابت لکيل آهي ته هو ڪَتي مهيني جي ٻارهين تاريخ جي ڏينهن تي سن 976 عيسوي ڄائو هو ۽ اها تٿ ٻيج هئي

لاڇان لاکو جمنئو، ڄارس ري ٻڌوار،

لاکو پوت سموندڪو، ڦول گهر اوتار،

نسبت نوسو ڇاهتر، ٻيج تٿ ڪاتڪ ماس،

جس دن لاکو جمنئو، سورج جوت پرڪاش.

”ڦلاڻي“ هن کي سندس پيءُ جي نالي ڪري سڏيو ويو آهي. جڏهن لاکي جي پيءُ ڦل وفات ڪئي، تڏهن لاکي کي ڪنهن اهو سنيهو هنن لفظن ۾ ڏنو ته تنهنجو پيءُ ڦل مري چڪو آهي:

هڪڙا ڦل پسجن واڙئين، ٻيا جي بُٺين ڌاڃ،

لاکا آءُ مهراڻ، تو ري سڃو ڪاڇڙو.

لاکي ۾ اهي سڀ وصفون موجود هيون جيڪي ڪنهن مڙس ماڻهو لاءِ ضروري هيون هو مهڙئين زماني ۾ سرڪش ۽ ڏنگو انسان هو. جواني ۾ ارڏائي سان گڏ سورهيائي ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو. پڇاڙي ۾ سخا ۽ ڏاتار جي گڻن سان سينگاريل هو. راءِ کنگهار جي چالاڪين، مڪارين ۽ مڪرن لاکي کي هڪ ”هاڻو“ جو روپ وٺرايو. قصو هئين هو جو لاکي جي ٻن جيڏن سرتن ۽ وزيرن جيسر ۽ جيسراج جي ماڻهن سان ريٻارين جي چرچ تي راءِ کنگهار هلان ڪئي ۽ هنن جا ڪي ماڻهو ماريا ته ڪي گهائل ڪيا. لاکو يارن جو يار هو، هن کان جيسر ۽ جيسراج جي مظلوميت برداشت نه ٿي سگهي، تنهن ڪري هن پڪو پهه ڪيو ته هو پنهنجي يارن جي بي عزتي جو پلاند ڪندو (هونئن به سنڌي ماڻهو پلاند ڪرڻ ۽ ذاتي بي عزتي جي پلاند وٺڻ ۾ ڇيهه ڪري ڇڏيندا آهن) ان ڪري لاکي ڦلاڻي شروع ۾ راءِ کنگهار حڪمران کان انصاف جي گهر ڪئي ۽ مظلوم دوستن جي فرياد رسي جي درخواست ڪئي، پر جڏهن ڪجهه به ورندو نه ڏٺائين اٽلندو انصاف جي مالڪ کي ڌر محسوس ڪيائين، تڏهن اهو فيصلو ڪيائين ته هو مظلومن جي جهولي ۾ انصاف پنهنجي هٿن سان وجهندو ۽ ڏاڍي کي به اهڙي سيکت ڏيندو، جو هو ڏيهن کي ڏس ڏيندو.

لاکو ڌاڙيل بڻجي ويو، هن جا ويري مالوند ماڻهو هئا، لاکي هنن جا وڳ هڻڻ شروع ڪيا. هو ٻني (حضرت آدم عليه السلام واري ٻني) ۽ لوڻي مان ريٻارن ۽ جاڙيجن جا ڌڻ هڻندو هو. ريٻارن جي راءِ کنگهار هن جي ڪري طرف داري ڪئي هئي، جو راءِ هڪ ريٻارڻ زال تي موهت هو ۽ راجا جو هن زال سان ڪو ڳجهه ڳوهه جو ناتو هو، راءِ کنگهار جيئن ته جاڙيجو هو، تنهن ڪري مڙيئي ”جاڙيجا“ به راءِ کنگهار جي ڌر هئا. ريٻارن ۽ جاڙيجن گڏجي ڪري لاکن جو ماڻهو ماريو هو. لاکي، جيسر، جيسراج ۽ لاکن جي پلاند ۾ ريٻارن سان اهڙي جٺ ڪئي، جو هنن جي در تي هڪ به جانور نه ڇڏيائين. ريٻارڻ خالي وارن ۾ ڍينگهرن جي ڀر سان هن طرح سان ٿي رُني:

رڙي ريٻارڻ روءِ، اُڀي ڍينگهر ڍار،

وڃن اڄ وڳ هنيو، سُئم جي سوار،

ڪاڇي ٻنهي پار، ڌاڪو هن جو دسئين.

لاکي ۽ ان جي سوارن دسيون لتاڙي ڪاڇي جي ٻنهي پاسن کان جاڙيجن ۽ ريٻارين جا لاهه ڪڍي ڇڏيا. ڪاڇي جي مڙني رستن کي بلاڪ ڪري ڇڏيائين. ريٻارڻ جو روئاڄ ڀٽائي سائين هن طرح بيان ڪيو آهي:

رڙي ريٻارڻ روءِ، اُڀي ڍينگهر جهل

ڀري هتان ڀل، ڪيتريون ڪاهي ويا.

ريٻارڻ جي ڏاڍ ۽ هلان کي روڪائڻ لاءِ راءِ کنگهار وٽ دانهن کڻي فريادڻ ٿي وڃي پهتي. راءِ کنگهار ان هلان کي روڪڻ جا مڙيئي جتن ڪيا پر ڪي به ڪين وريو، لاکي ڦلاڻي جو ڏاڍ راءِ کنگهار ۽ ان جي حڪومت روڪي ڪين سگهي. اتي ڪاوڙ ۾ اچي ريٻارڻ راءِ کنگهار کي طعنا ڏنا ته تون به ڪو مرد آهين يا پاڻ کي حڪمران سمجهين جو هڪ ”هاڻو“ جي هلانکي نٿو روڪي سگهين.

ريٻارڻ ٿي روءِ، مٿي ڌريو هٿڙا

کارا ويڻ کنگهار کي، چئنچل اُڀي چُوءِ،

واڙي وڇ نه ڪو، جو لاکو لوڙائن سين.

ماڻهن جي نظر ۾ لاکي جي ان ايتري هلان جي باوجود به ريٻارا ۽ جاڙيجا مظلوم نه بڻجي سگهيا، پر الٽو ڪڇ جي عام ريٻارن کي ئي ڏوهي ٿي سمجهيو، تنهن ڪري ڪڇ وارن لاکي ڦلاڻي جي مڙني مخالفن کي مشورو ڏنائون ته هو وڃي لاکي ڦلاڻي کي پرچائين ۽ کائنس معافي وٺن.

راءِ سين رٺا جي، تن جاڙيجن جاڙ ڪئي،

ڪيئن ماڻينداسي، چوڏهن چارو ڪڇ ڙو.

رٻارڻ ريجهاءِ، لاکو ليلاٽن سين،

سائومان سندياءِ، ٺٺ مٽائي ٺاڪرو.

آخر ڪي به ڪين وريو. لاکو هر روز پيو هلان ڪندو هو، هو چوويهه ڪلاڪ دشمنن جا گهٽ گهيڙ جهليو بيٺو هوندو هو. ڀٽائي صاحب فرمايو:

ٽاٽو ڪين پلاڻ، سدا هڻن کرکرا،

لاکي لوڙائن، جا اهڙائي اهڃاڻ

ڏيئي تنگ تاڻ، ڪوڪاريندا ڪڇ ڙي.

شاهه سائين جي ڪن بيتن مان لاکي جي تاريخ جو به پتو ۽ پروڙ پوي ٿي مثلا ”ڀڄ“ جو رهاڪو هو.

ڀڄيان ڀُلي، وڌو راءِ رڪاب ۾

ڪڇ رهندو ڪير، لاکو لوڙائن سين.

لاکي جي شهرت پيءَ جي نالي پٺيان مشهور ٿي هئي. لطيف سائين فرمايو:

لاکا لک سجهن، پر ڦلاڻي ڦير ٻيو

جنهن ڀر راڻا راڄيا، ڪوٽن منجهه ڪنبن،

جنهن جو جاڙيجن، ستي سؤنچونه لهي.

آخر جڏهن لاکي جي هلان هڻي ڇيهه ڪيو جاڙيجا ۽ ريٻارا مقابلي جو ست نه ساري سگهيا، حڪومت به هنن کي تحفظ نه ڏئي سگهي، تڏهن هنن اتان لڏڻ شروع ڪيو.

ڪاڇي پئي ڪوڪ، سچ ڪ سنگهارن لڏيو

مادر اُوءِ ملوڪ، اوٺي ويڙا اڪري.

ڪاڇي ڪاهيائون، سچ ڪ سنگهارن لڏيو،

مان تنُ ماريائون، پاڻان وجهي گوندرين.

هاڻي ان ڏاڍ مڙسي ۾ ۽ هڻ هڻان ۾ لاکو ڦلاڻي ڏيهان ڏيهه مشهور ٿي ويو، هن کان سڄو ملڪ ڪنبڻ لڳو وڏا وڏا سورهه ۽ متارا به هن جي ڏهڪار کان ڊڄي ٿي ويا ۽ جيڪي وڳ هن ٿي هنيا تن جي پٺيان ڪا پيرن جي واهر به ڪانه ٿي لڳي. لاکو هروقت ان ڪرت ۾ مشغول هو ۽ وڏن وڏن وريامن جون ڌڻيون سُڃيون ڪري ڇڏيون هئائين.

لاکو لوڙائين سين، چوڏس لڙ چڙهي،

وڙهيو وريامن جا، ڌڻيون ڌڻ هڻي،

پسين جي پُري، سي واهر ڪنهن نه ورائيا.

هو هر وقت ڌڻ ورائڻ جي ڪرت ۾ رڌل هو. لکي تان هني لاهڻ لاءِ تيار ئي نه هو. هاڻي هو وڏن وڏن وريامن کان ڏاڍو ٿي راءِ کنگهار جي مالن ۾ به ڪاهي پيو هو ۽ ان جا ڌڻ به نٿي ڇڏيائين حضرت لطيف سائين فرمايو :

هن مٿان هٿڙا لاکو نه لاهي

کڙيئريا کيل ڪري اڀوئي آهي

وڃيو سي ڪاهي، جي کيڙي هيٺ کنگهار جي.

هن هيبت ۽ دٻدٻو پيدا ڪري سنڌ کان ڪڇ ويندڙ مڙيئي رستا به بند ڪري ڇڏيا هئا. ڪوبه ڪيڏانهن وڃي نه ٿي سگهيو.

ڪڇ کان سنڌ ايندڙ چوڏهن چارا پيٿاپور کان ’جليلي وٽان‘ ٻلهياري وٽان آڌي گام کان راحمڪي بازار وٽان مطلب ته مڙيئي رستا جن جو لطيف سائين هيٺين بيت ۾ ذڪر ڪيو آهي، سي سڀ لاکي بلاڪ ڪري ڇڏيا هئا.

لاءِ سين رٺا جي تن جاڙيجن جاڙ ڪئي

ڪئين ماڻينداسي، چوڏهن چارو ڪڇ ڙو.

ڪو زمانو اهڙو به آيو جو بهادري ۽ سورهيائي لاکي ڦلاڻي جي لازمي صفت بنجي وئي ۽ هن جو نالو ملڪان ملڪ مشهور ٿي ويو ۽ ان جي دهشت کان هر ننڍو وڏو ظالم ڪنبڻ لڳو. ٻيا ته ٺهيو پر حڪمران ۽ تحفن جا ڌڻي به ڪؤ کائڻ لڳا. هاڻي هو هاڻو ۽ ڌاڙيل مان قومي سورمو سڏجڻ لڳو. قومي رنگ جي ان نئين پهراڻ ۾ هو غريبن جو طرفدار ويرين جو ويري ۽ ڍاڍ لاءِ ڏهڪاءُ بنجي چڪو هو. لاکي جي اها بهادري حضرت ڀٽ ڌڻي کي به وڻي آهي. فرمائين ٿا:

لاکا لک سجهن پر ڦلاڻي ڦير ٻيو،

جنهن ڀر راڻا راڄيا، ڪوٽن منجهه ڪنبن،

جنهن جو جاڙيجن، ستي سؤنچو نه لهي.


[1]  (حوالو امپيريل گذيٽيئر آف انڊيا جلد 11 ص 48 “Kuchh”

بحواله ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جا عشقيه قصا ۽ داستان ص 148).

[2] . (حوالو جرٿر تک تنوار ص 55 مضمون تحرير ڪيل جناب معمور يوسفاڻي.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com