سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: گلستان لطيف

باب: --

صفحو :24

 

شاهه تي شرڌا جا ڦول

 

] شاه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جي ترتيب ۽ تدوين، تشريح ۽ نشرو اشاعت ۽ پڻ سندس پيغام کي چوڏس چوڌاري پکيڙڻ ۾ مسلمانن سان گڏوگڏ سنڌ جي هندو اديبن پڻ قابل داد ڪم ڪيو آهي. حق اهو آهي ته ابتدائي دور ۾ ۽ هينئر پڻ هن ڏس ۾ سندن دلچسپي ۽ روحاني لڳاؤ، سنڌ جي باشندن کان گهڻو وڌيڪ آهي.

افسوس آهي ته سنڌ جي هندو اديبن جون اوائلي تحريرون هن وقت دستياب ڪين آهن ۽ هندستان ۾ مقيم هندن جون تخليقون پڻ رواجي طرح هتي ملي نٿيون سگهن. انهيءَ سببان، هتي اسين سنڌ جي ڪن برک آنجهاني هندو اديبن ۽ هندستان جي موجوده سنڌي هندو اديبن جي تحريرن، تصنيفن ۽ نظمن مان ڪجهه اقتباسات ڏيون ٿا. ڪ – خ[

پاڪ دامن شاهه

سنڌ ڏيهه ۾ شاعرن جي ڪمي ڪانهي. گهڻئي درجن جا شاعر ٿي گذريا آهن، ۽ اڃا تائين به پيا ٿيندا. شاهه عبداللطيف جهڙو هروجہ ڪامل ۽ هر دلعزيز شاعر، سنڌ ۾ اڃا ڪونه پيدا ٿيو. اهڙو ڪو سنڌي خواندو مشڪل لڀندو، جنهن کي سندس ڪلام جي سڪ نه هوندي، ۽ اهڙو ڪو هنڌ خالي نه هوندو، جتي سندس شعر جو پڙاڏو ڪن نه پوندو.

شاهه ئي آهي جنهن ۾ هڪ وڏي شاعر جون ڪلي لياقتون موجود آهن. سندس خيال جي قوت جو هڪ وڏو پرياڻ هيءُ آهي، ته جئن جئن اسين سندس شعر تي اونهو غور ڪنداسين، تئن تئن اسان ۾ نئين نئين حيرت اتپن ٿيندي. اهڙو ڪو ورلي لڀندو، جنهن کي شاهه جي مهراڻ مان معنيٰ جا موتي هٿ نه آيا هجن، يا جو سياڻپ ۽ ساڃاهه جي سبق پرائڻ کان محروم رهيو هجي.

شاهه جو ڪلام ماڻهن جي دلين ۽ حياتيءَ سان هڪ ٿي ويو آهي. جئن چنڊ جي ڪشش ڪري وير چڙهندي آهي، ۽ آسپاس وارن وارياسن مڪانن تي، مهراڻ جا موتي اڇليندي آهي، تئن شاهه عبداللطيف جي شاعراني طبع به، الهام جي اثر هيٺ موج ۾ اچي، هن دنيا جي ويراني تي ڇوليون ماري، امل ماڻڪ جي اوت ڪئي آهي.

شاهه صاحب جي رهڻي توڙي ڪهڻي، هر هڪ آدميءَ لاءِ هڪ اعليٰ آدرشن هئي. منجهس هر وجہ جون خوبيون موجود هيون. دنيا به هيس، دين به هئس.

”منهه ڏنائين ماڙهين، هنيون ڏنائين هوت“

----------

شاهه نهايت پاڪدامن ۽ پرهيزگار هو. ڦوهه جوانيءَ جي وقت ۾ ڪڏهين ابتو پير نه کنيائين، مجازي عشق به ماڻيائين، مگر ثابت قدم رهيو. اڄوڪي زماني جو نؤخيز پيرن فقيرن جئن انڌي عشق جو غلام نه هو.

چون ٿا ته هڪ ڀيري ميان نور محمد ڪلهوڙي، شاهه صاحب جي پاڪ دامنيءَ جي پرک لهڻ لاءِ کيس دعوت ڏيئي پنهنجي محلات ۾ گهرايو- مانيءَ ٽڪيءَ کائڻ بعد، ميان، شاهه کي پنهنجي حرم خاني ۾ وٺي ويو، جتي ڪئين ناچڻيون هار سينگار ڪيو ويٺيون هيون. ميان ڪو بهانو ڪري، شاهه کي اتي ڇڏي، پاڻ ٻاهر نڪري ويو. شاهه هڪدم مراقبي ۾ مشغول ٿي ويو. ناچڻين گهڻو ئي ڪوشش ڪئي ته کيس پنهنجي دام ۾ ڦاسائين، پر شاهه انهن ڏانهن نهاريو به ڪين. آخر ٿوري عرصي بعد ميان موٽي آيو ۽ شاهه کي مراقبي ۾ ڏسي چيائين ته ”قبلا، هي سهڻيون اوهان جي وصال لاءِ واجهائينديون وتن، مگر اوهان کي هنن جي پرواه به نه آهي!“

شاهه وراڻي ڏنس ته:

”ڪاڪ نه جهلڻا ڪاپڙي، موهيا ڪہ نه مال،

سوڍيون سجهائي وئا، ههڙا جنين حال،

جي ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا.“

-- ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي.

شاهه مالها ڇو ڦٽي ڪئي؟

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته شاهه صاحب ڪنهن بڙ جي وڻ تي مٿي گوشائتو مالها (تسبيح) ڦيرڻ ۾ مشغول هو. ڪي ٻه ساهيڙيون ڏينهن کڙئي اچي ان وڻ هيٺان ويٺيون. هڪڙي ٿي ٻيءَ کان پڇي، ”ڪر خبر پنهن جي محبوب سان گهڻا ڀيرا ملي آهين؟“ تنهن تي ٻيءَ وراڻيو، ”ادي محبوبن سان وري ليکا ڪهڙا؟“ شاهه صاحب جي ڪن تي جان اها تڪ پيئي تان ڄڻ چتاءُ ٿيس ته ان محبوب جي طلب ۾ وري حساب ڪهڙا؟ ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ تسبيح (مالها) کڻي اڇلائي ڇڏيائين.

- ديوان سوراج نرملداس ’فاني‘

شاهه جو رسالو – لازوال قوت

شاهه جي رسالي جي اونهي عميق ۾، جيڪڏهن ڪو ٽوٻو ٽپي ڏيئي وڃي ترو جهلي، ته جيڪر اڻ ميون سيون سونجهي لهي. من جي مرض جي داروءَ سان رسالي جا بيت ڀريا پيا آهن. اهي بيت، ترڪندڙن لاءِ ڀرجهلو آهن، ٻڏندڙن لاءِ ترهو، انڌن لاءِ لٺ، خود سنساري جيون ۾ سوڀ لاءِ جيڪي گڻ گهرجن، تن جي سکيا ور ور انهن بيتن ۾ سمايل آهي- روحاني توڙي اخلاقي، ٻنهي لاءِ، شاهه جي رسالي جي رهبري بي بها آهي. هو نٻلن کي ٻل ٿو ڏئي، نراسن کي آسرو، هيسيلن کي همت.......

سنڌ جي ادبي گلشن جو گل گلاب آهي شاهه ڀٽائي جي امرڪوتا، جنهنجي کٿوري خوشبوءِ جو سڀني سنڌ واسين ارڙهين صديءَ کان واس پئي ورتو آهي.

ورهاڱي بعد، وطن جا وڻ ڇڏي آياسين هت و شال سنڌ يعني هند ۾، اباڻيون جائدادون ۽ جڳهيون پٺيان ڇڏي آياسين، ليڪن پنهنجو ادبي ورثو پاڻ سان کڻي آياسين. انهيءَ امرلڪ ميراث ئي اڄ اسان سنڌين کي، هن اٿاهه ديس ۾ محفوظ جڳهه ۽ چنهه عطا ڪيو آهي.

اسين پاڻ سان هڪ تيجسوي درشن، هڪ جلالي مشاهدو، شاهه جي رسالي ۾ قلمبمد ٿيل، کڻي آيا آهيون. اهو اسان سنڌين جي وڏي ۾ وڏي املاڪ، وڏي ۾ وڏي سوڀاڳيه آهي. جيسين انهيءَ جو جوهر اسان جي ويچار ڌارائن ۾ سمايل آهي، تيسين اسان جي سنڌيت کي نه آهي لهر نه لوڏو.

زماني جي گردش اسان کي ڪهڙيءَ به حالت ۾ آندو هجي؛ انهيءَ جي داٻ هيٺ اسان جي ورتي ۽ اسانجو جيون – درشن ڪهڙو به لهيو هجي، اسان جيون سنگرام ۾ وجيه پاتي هجي يا هار؛ پر جي سنڌيت جو جوهر اسان جي سڀاويڪ ۾ وياپڪ آهي، ته پوءِ اسان کي آٿت لاءِ، پريرڻا لاءِ، ساهس لاءِ ’ڀڳلن ٽڪرن‘ کي سڄي ڪرڻ لاءِ- شاه جي رسالي جي ئي اوٽ وٺڻي پوندي....

جئرامداس دولترام

حب الوطني جو گرنٿ

شاهه جو رسالو حب الوطنيءَ جو هڪ بي نظير گرنٿ آهي.

- پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي

شاهه جي حب الوطني

شاه صاحب پنهنجي ڪلام کي، نج سنڌي جامو پهرائي، نه رڳو، پنهنجي اعليٰ درجي جي وطن جي حب جي ثابتي ڏني بلڪ هڪ وڏي ۾ وڏي قومي خدمت ڪئي. سندس ڪلام ديسي ۽ نج ديسي آهي. سليس، سلوڻي ۽ سادي سنڌيءَ ۾ پوتل آهي. انهيءَ زماني ۾، سنڌ جي حالت اها هئي، جو ملڪ ۾ عربيءَ ۽ فارسيءَ کي شرف رسيل هو. پر شاه صاحب جو پنهنجي پياري وطن ۽ مٺڙي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ايتري قدر اڪير ۽ قرب هو، جو پنهنجي سنڌي ڪلام ۾، ڪابه فارسي تڪ ڪتب نه آندي اٿس. الاهي رازن ۽ رمزن کي سمجهائڻ لاءِ قرآن شريف ۽ حديث مان حوالا عربيءَ ۾ ڏنا اٿس، پر ساڳئي وقت انهن جو سنڌيءَ ۾ شاعراڻو ترجيحو  پڻ پيش ڪيو اٿس. پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ، سنڌ جي شين، سنڌي ماڻهن، سنڌ جي حالتن، ڳالهين ۽ رواجن جو ئي ذڪر ڪيو اٿس. ڪلام ۾ ڪتب آيل تشبيهون ۽ استعارا، سڀ جو سڀ سنڌي جيوت ۽ سنڌي ماحول جي پيدائش آهن. سندس نظر ۾، پنهنجي پياري وطن جي خاڪ به، وڏي وٿ ۽ کٿوريءَ مثل آهي.

”سنڌي جا ساڙيهه، کهه کٿوري ڀانئيان.“

- موتيرام – ايس – رامواڻي.

اڻکٽ خزانو

شاه جي رسالي ۾ اُهي خزانا، اُهي ماڻڪ موتي، لعل پيا آهن جي چوڻ کان ٻاهر. رڳو ”ٽوٻئار“ کپن جي ”پاتارون“ پيهي وڃي ڪڍي اچن.

- پرمانند ميوارام (جوت 15 – 3- 1900ع)

روحاني خزاني جون ڪنجيون

شاه جا بيت املهه روحاني خزاني جون ڪنجيون آهن، جن سان معرفت ۽ حقيقت جا راز کلن ٿا. انهن ۾ روحاني پانڌيئڙن لاءِ عجيب ۽ اثرائتيون سمجهاڻيون ڏنل آهن. سندن اتساهه ۽ امنگ وڌائڻ لاءِ واٽون ڏيکاريل آهن، بلڪ وجد ۾ آڻڻ لاءِ جذبا ڀريل آهن. توڪل ۽ تقويت جا اڻ گس سنيها سمايل آهن.

- فتحچند منگترام واسواڻي.

شاه – ادبيت جو ابو

شاهه اسان جي ادبيت جو ابو آهي ۽ جيڪڏهن اسان ۾ ڪافي علم ۽ ذاتي جوهر آهي ته اسين سندس گنج ۾ اوس ئي نوان هيرا ۽ جواهر ڳولي لهنداسين، جي اسانجي آئينده کي مالا مال ڪري ڇڏيندا.

- تيرٿ و سنت

شاه جي سنڌي

شاه صاحب هڪ وڏو سيلاني هو. سنڌ جا چڱا چڪر هنيان هوائين. پر سنڌ کان ٻاهر به گهڻيئي پاسا گهميو هو ۽ پوءِ شعر جي پلٽ پلٽڻ مهل ڪٿان ڪٿان جا لفظ ڳنڍي ڳتي بيهاريا اٿس ۽ اُهي پاڻ ۾ اهڙو ٺهڪيا ڦهڪيا بيٺا آهن، جهڙا انڊلٺ جا رنگ! مثال طور:

”ڪوپا ڪلي ڪوڏيا، راوت ڪين رهن.“ (ڪيڏارو)

ڪوپو معنيٰ پهلوان. راوت جي اصل معنيٰ راجا جو پٽ (راجپوت)، پوءِ معنيٰ سردار، جنگي جوڌو. اهي ۽ ٻيا اهڙا ڪيترا لفظ ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ راجپوتانا طرفان جهٽي ڪم آندا اٿس. اهي سڀ پاسا اڳي سنڌ سان لاڳو هئا ۽ سنڌي ٻولي ڪڇ ۾ توڙي ڪاٺياواڙ جي اتر طرف ڏي اڄ به ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي.

ڀيرومل مهرچند آڏواڻي.

شاه جي شعر جي بناوت-

شاه لطيف، سنڌي شاعرن جو سرتاج آهي، سا ڳالهه، هر ڪنهن سنڌي اديب عالم، هر هميشه پئي ڪئي آهي. شاه جي شاعراڻي خوبين جو ذڪر، هر ڪنهن نامياري سنڌي ٽيڪا ڪار (نقاد) پي ڪيو آهي. ليڪن، سندس شعر جي فني حيثيت جي باري ۾ “. ساڳين ئي ساهتڪارن، شاه سان نه فقط بي انصافي پئي ڪئي آهي پر ائين چوڻ پڻ روا ٿيندو ته منجهانئن ڪن شاه سان، انهيءَ سلسلي ۾ نسورو ناحق پئي ڪيو آهي.

] مثال طور 1914ع ۾ مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي شعر“ ۾، سنه 1923ع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پنهنجي شاهڪار ”شاهه جي رسالي“ جي پهرئين جلد ۾، سنه 1937ع ۾ محمد صديق ميمڻ ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾، سنه 1958ع ۾ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ پنهنجي تصنيف ”شعر و شاعري“ جي ٽئين ڀاڱي ۾ ۽ ڊاڪٽر داؤد پوٽه مرحوم پنهنجي هڪ مضمون ”شاهه شاعر هو يا سگهڙ“ ۾ شاهه صاحب جي ڪلام کي پنهنجي پنهنجي خيال موجب جهنگلي شعر جو نمونو يا علم عروض جي خلاف يا ناموزون شاعري يا دمقاني تڪ بندي وغيره وغيره چيو آهي.[

مگر شاه جو نظم، هڪ خاص وزن ۽ قافيه جي پٽاندڙ جڙيل آهي. انهيءَ علم جو مٿاڇرو اڀياس ئي ڪبو ته معلوم ٿيندو ته اهو هڪ مڪمل علم آهي. ان علم جو نالو ”ڇند و ديا“ يا ”ڇند شاستر“ آهي. جيئن انگريزي نظم جو فن، “Prosody” آهي، جيئن فارسي نظم جو فن ”علم عروض“ آهي، تيئن هندي نظم جو فن، ”ڇند وديا“ آهي. ڇند لفظ جي معنيٰ آهي: هڪ شعري ويس، هڪ شاعريءَ جو نمونو، هڪ شاعرانه صنف (Verse Composition). درها هڪ ڇند آهي. دوها جو دار و مدار ”ڇند و ديا“ تي آهي ۽ نه ”سنگيت وديا“ تي. ڇند و ديا جو اڀياس ڪري، شاه جي نظم کي، ڇند وديا جي اصولن سان پرکبو، تڏهن ئي شاه جي نظم جي پوري پروڙ پوندي ۽ پوءِ اسان کان، ادبي عالمن جهڙيون مٿي ڄاڻايل غلطيون نه ٿينديون ۽ پوءِ پڻ اسانکي شاه جي نظم کي جهنگلي يا اڻ سڌريل وغيره چوڻ جو اڌيڪار يا حق نه رهندو. نه فقط ايترو پر ڇند وديا جي اڀياس بعد، اسين شاه جو شعر وڌيڪ چاهه سان پڙهي، منجهانئس اهو لطف پرائي سگهنداسين، جنهن کان، هيل تائين، اسين محروم پئي رهيا آهيون.

ڀٽائي بادشاه، دوها ۽ سورنا جون تڪون پاڻ ۾ پوئي، طرح طرح جون ڪنٺ مالائون جوڙي ڏنيون. اڪيچار ڳهڻا گهڙيائين. شعر جا جيترا گهڻا، نوان، علحده علحده روپ، اوترو منجهانئس وڌيڪ رس هن ڀڙ ڪاريگر، هن اعليٰ استاد، دوها ۽ سورنا ڇندن جون مرعون پاڻ ۾ جڙي، اسانکي چؤتڪا، ڇهه تڪا..... ويندي پنجويهه تڪا، طرح طرح جا نوراني شعر جوڙي ڏنا، جنجي پڙهڻ سان نت نئون لطف اچيئون، بيحد رس پڙ پيئون؛ پر ته به، اسانجي ادبي عالمن، هن استاد فن جو قدر اجهو اهو ڪيو، جو سندس شاعرانه صنف کي جهنگلي، اڻ سڌريل، نامزون سڏيائون!

جهمٽ مل خوبچند ڀاوناڻي.

---------

شاهه ۽ ٻيا سنڌي شاعر

شاهه ۽ ٻين سنڌي شاعرن ۾ وڏو تفاوت هي آهي ته لات ساڳي آهي، پر بات ساڳي نه آهي. شاهه جي هڪ هڪ بيت ۾ سنڌ ۽ سنڌيت (سنڌي زندگي) جو عڪس نمودار آهي. پر جنهن مهل شاهه جي وات مان ڪوتا نڪتي ٿي ته ائين سمجهو ته سنڌ جي آتما ٿي پاڻ ٻولايو. شاهه جي شعر پڙهندي سنڌ جا ڪلال ۽ ڪوري؛ صراف ۽ وڻجارا، ڪامورا ۽ ڪمدار، ميهار ۽ مارو، جت ۽ سردار، مهاڻا ۽ گاڏر، چارڻ ۽ ناچو، اکين اڳيان ٿا اچي بيهن. شاهه جي ڪهاڻين ٻڌندي سنڌ جو درياءُ ۽ ڍنڍون، سنڌ جا ڏونگر ۽ ڀٽون، سنڌ جا ڪوٽ ۽ پکا من کي ٿا موهين. شاهه جي شعر کي رڳو صوفي ڪلام سڏڻ سراسر بي انصافي آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ شعر ۾ سنڌ جي سونهن ۽ سنڌيت جي چال جو اظهار آهي، جنهن ۾ صوفين جو ڪو واسطو ڪونهي. ڪهڙي صوفيءَ جي شعر ۾ ”جهڙا گل گلاب جا تهڙا مٿن ويس“ واري درشيه جي تصوير کينچيل آهي، يا ”دهشت دم درياءَ ۾، جت جايون جانارن“ جو بيان آيل آهي؟

جنهن کي سنڌ ۽ سنڌيت جو ديدار ڪرڻو آهي، تنهنکي لاشڪ شاهه جي در تي اچڻو پوندو.

پرنسپال لعلسنگهه اجواڻي.

-------------

عوامي شاعر

”موجزن هڪ بحر آهي شاهه جو عالي ڪلام“

(عزيز)

شاهه عبداللطيف سنڌي شعر جي شائقن جو لاڏلو ۽ دل گهريو دلدار آهي. هن جي الهامي نظم تي ڪنهن کي نه ناز ٿيندو؟ سنڌ جي رهاڪن کان جي پڇيو وڃي ته فوت ٿيل شاعرن مان جيڪڏهن توهانکي هڪڙو شاعر واپس ملڻو هجي ته توهين جيڪر ڪنهن جي گهر ڪريو، ته ساري سنڌ، مونکي يقين آهي ته هڪ ئي آواز سان پڪاريندي ”شاهه عبداللطيف“. شاهه جي شعر ۾ اها خوبي آهي جو منجهائنس هرڪو آدمي ٻار خواهه وڏو، جوان توڙي پورهو، لطف حاصل ڪري سگهي ٿو. هن جو نظم هڪ صاف تازي پاڻيءَ جو چشمو آهي، جنهن ۾ جدا جدا ڄمار وارن لاءِ جدا جدا نڙ ٺهيل آهن.

شاهه جو شعر هڪ رنگين شيش محل آهي. محلات اندر هڪ جوت ٻري ٿي، مگر اندرينءَ سفيد روشنيءَ جو پاڇو جڏهن ٻاهر پوي ٿو تڏهن اهو اڇي مان ڦري رنگين ٿيو پوي. جهڙي شيشي مان اها روشني لنگهي، تهڙو رنگ اختيار ڪري. شاهه جو شعر يڪ رنگو نه آهي. جنهن دماغي دائره مان هن موضوع چونڊيا سو بلڪل وسيع هو.

نارائڻ داس ميوا رام ڀمڀاڻي

-------------

اسان جو رازدان – شاهه لطيف

ڪامياب شاعر اُهو، جنهن جي شعر مان، هر طبيعت واري انسان کي آنند ۽ لطف پليءِ پوي. ان نقطه نگاهه کان، شاهه ڄڻ انساني دلين مان پيهي نڪتو آهي. هو پنهن جي ڪلام ۾ انساني امنگن ۽ جذبن جي اهڙي ته تز ترجماني ٿو ڪري جو پڙهندڙ ازخود چئي ٿو وهي، ”شاهه بيشڪ اسانجو رازدان آهي ۽ سندس ڪلام ۾ اسان جو اندر اوريو پيو آهي“. سچ ته شاهه جو ڪلام، اُهو امرت جو چشمو آهي، جنهن مان هر دل جي پياس ٻجهي ٿي.

پروفيسر ايشوري جوتواڻي.

-------------

لعل لطيف جا ڏس

......... ڏيهه ۾ ڏونگر ڏاڍا آهن ۽ ڏاڍايون ٿا ڪن. شاهه چوي ٿو ته علاج به تو وٽ آهي! سر ڪارايل ۾ لطيف ڍنڍ جي ڪناري تي خوب جانچ ڪئي. پاڻي سٺو نج اڇو هو، سهڻن هنجن اچي محفل ڪئي؛ هنج پاتار ۾ پيهي پيا امل ماڻڪ آڻين ۽ چڳن. ايتري ۾ دکدائڪ ڦيرو پئجي ويو. وڏيون قطارون ڪنگن ۽ ٻگهن جون اچي حاضر ٿيون، ”اڇو پاڻي لڙ ٿيو ڪالوريو ڪنگن“. ڪنگ ڪنا ۽ ڪچري پياسي، جن جو کاڌو نه ماڻڪ ۽ موتي، پر ڇلر ڇڇي ۽ مڇي ۽ ڇاڇر تي پيا ڇيرون ڪن. پوءِ ته اچي مونجهارو پيو، ڪنگن جي بادشاهي شروع ٿي، ۽ هنج ويچارا لڄ منجهان لاچار نڪري ويا!

”ايندا لڄ مرن تنهن سر مٿي هنجرا“

ڪڏا ڪنگ ۽ ٻگهه ڪير آهن؟ اُهي اسين نه آهيون ته ڪير آهيون؟ مردار کائڪ، پرائو حق غضب ڪندڙ، سچائي ۽ صفائي کي ڇڏي، ڪن ۾ چهنبون هڻندڙ، جدائي جي جهنم کي آڻيندڙ! ڪارايل جي پهرين بيت ۾ شاهه انهيءَ جهنم مان نڪرڻ جو منتر ٿو ڏسي:

”وحده وائي چئي اُڏاڻو آڪاس،

سو سر مڻي هنجرو جتي پرين سنداس“

ڄيٺمل پرسرام

-------------

شاهه جي رسالي جي اصلاح

شاهه جي رسالي ۾ نجوئي شاهه صاحب جو شعر نه آهي. خصوصاً سر بيراگ ۽ سر بسنت بهار، سر هير رانجهه ۽ سر ڪيڏارو، عمر ماروئي ۽ سر ڍول ماروئي ۽ سر پورب ۽ سر ڌناسري، سر ڪاموڏ ۽ سر ڪارايل، اهي ڏهه سر سارائي سندس نه آهن. ان ڳچ جيترا بيت آهن، جي شايد، ڳائڻا ۽ فقير جي وٽس ڳائيندا وجائيندا هئا، تن جا چيل آهن؛ ۽ شاهه جي رسالي ۾ درج ٿي ويا آهن جو ڪاتبن سنڌو سيڙهو ڪيرئي ڪونهي، جيڪو شعر شاهه جي حضوري، ۾ ڳاتو ويو آهي ڇا خود شاهه صاحب جو، ڇا ٻين ڳائڻ جو، سڀ ڪٺو لکندا ويا آهن.

رسالي جي ٻي هيءَ خامي آهي، جو بيت پنهنجين پنهنجين جاين تي برابر بيٺل نه آهن. هڪڙي سر جا بيت ٻئي سر ۾ اچي ويا آهن. ڪن بيتن ۾ ڪي مصرعون اهڙيون به آهن، جن جو قافيو برابر نه آهي، ۽ ڪٿي ڪٿي ته لفظن ۽ مصرعن جون پڙهڻيون بلڪل غلط آهن؛ جنهن ڪري بيت ڪجسا ۽ بلڪل بيتالا ٿي پيا آهن. گهڻن هنڌن يا ته ڪيترا لفظ پيل ئي ڪينهن، ۽ مصرعون هلڪيون پيون لڳن، يا ته مصرعون اصل عدم پيدا آهن..........

لالچند امر ڏنو مل

(شاهاڻو شاهه 1914ع)

-------------

شاعر بي مثل

ڇا سلاست شاه جي ۽ ڇا فصاحت شاهه جي

ڇا زبانداني ۽ جدت، ڇا بلاغت شاهه جي

حس معنيٰ جي ۾ سهڻي ڇا نزاڪت شاهه جي

ڇا سندس شيرين تڪلم، ڇا حلاوت شاهه جي

شاهه جي سچ پچ صفت ڪهڙي ڪري ڪهڙي ڪريان

دل نٿي ڊاپيم وت ڪهڙي ڪري ڪهڙي ڪريان.

شاهه کان سنسار جي وٺ ڪاميابيءَ جو سبق

ڇڏ ورائي دل جي همت ساڻ آرس جو ورق

جو گهڙي پاتار ۾ لهندو سو موتين جو طبق

بي عملي ليءِ آهه دنيا ۾ هڪيو رنج و قلق

ڪاهه اٿ ڪوسيءَ ٿڌيءَ ۾ سر جو سانگو ڪيم ڪر

پنڌ ڏورانهين کي آرس سان اڙانگو ڪيم ڪر.

ليکراج ”عزيز“

روشن ڏيا

شاهه صاحب جا سڀيئي بيت ٿي پيا آيتون

غمزدن جي واسطي بڻجي پيا سي راحتون

پست همت جي هئا، تن لاءِ ٿيا سي همتون

شاهه جي بيتن سڌاريون ڪيترن جون حالتون

شاهه صاهب علم جا ٻاري ويو روشن ڏيا

اي ضيا اڄ ڀي ڏسو ٿا جا بجا انجي ضيا.

پرسرام ”ضيا“

-------------

پيغمبر سخن

شاهه جي هستيءَ کان پائي شان ٿي خود شاعري

شاهه جي ڪامل ڪلامي هر صفت ٽمٽار آهه

سنڌ جي روشن شمع مان ويو ولائت تي شعاع

پر اڃان پرڪاش آڏو وقت جي ديوار آهه.

ڪشن چند بيوس.

سنڌ جو سينگار لطيف

سونهن صوفين جي، سڄيءَ سنڌ جو سينگار لطيف،

شعر جو شاهه، مگر پرت جو پينار لطيف.

 

سنڌ سر سبز سکي، سائي سدائي سرهي،

ٿو دعائون گهري هن واسطي هر روز لطيف.

 

سنڌ ڇا شاهه بنا؟ شاهه سندس ساهه جو ساهه،

سنڌ جي آرزو اميد ۽ آڌار لطيف.

هري درياني ”دلگير“

-------------

شاهه عبداللطيف

هر رنگ ۾ هر ڍنگ ۾ يڪتا نظر آيو،

مٽ پاڻ پنهنجو شاهه سراپا نظر آيو.

 

اٿس ذڪر مجازيءَ ۾ رکيو فڪر الاهي،

هر نڪتو ته ڇا انجو ذو معنيٰ نطر آيو.

 

دل فرش تي اک عرش ڏي چنڊول جيان هيس،

ٿي هيٺ مٿي ڏيندو هو لهرا نظر آيو.

ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي ”خادم“

-------------

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com