سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج

باب: --

صفحو :18

نشان جو اڀياس اسان کي ٻوليءَ جي ابتدا ۽ ان جي بنيادي صورت جي باري ۾ به معلومات ڏيئي ٿي سگهي. ڇو ته نشان ٻوليءَ جو اهو وسيلو آهي، جنهن ۾ معنيٰ جو بنيادي مواد موجود آهي، ۽ ٻيو ته نشان سماجي خيال کان اها شيءِ آهي جنهن جي وجود جي ڪري ئي ٻوليءَ ۾ نالن رکڻ “Naming” جي هڪ روايت وجود ۾ آئي. انسان جو ماحول سڄو ئي انهن شين تي ٻڌل آهي جيڪي ٻوليءَ جي خيال کان نشان (Signal) آهن. انسان جي خوش نصيبي آهي، جو ان کي اهڙو ماحول مليو آ جنهن ۾ نشانن جو تعداد تمام وڏو آهي ۽ جيئن جيئن انسان جي معلومات وڌندي ٿي وڃي تيئن تيئن ان جي ماحول ۾ نشانن جو تعداد وڌندو ٿو وڃي. هن خيال کان هر ڪا مادي شيء هڪ نشان (Signal) آهي. هنن نشانن مان تمام ويجها نشان اهي آهن، جيڪي انسان جي ماحول ۾ انسان کي تمام ويجها آهن. اسان مٿي پهاڪن (ڀاڱو ٽيون) جي اڀياس ۾ ڏيکاريو آهي ته سنڌي پهاڪن ۾ ڪي اهڙيون شيون، يا نالا، موجود آهن، جيڪي سنڌي سماج ۾ آيل انسانن کي عملي طور تي تمام ويجها هئا- (اسان انهن کي هر پهاڪي سان گڏ ڏنگين ۾ ڏيکاري آيا آهيون).

انهيءَ بنياد تي اسان هڪڙو اهو نظريو به ٺاهي سگهون ٿا ته سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي معنيٰ اها آهي، جنهن جو تعلق انهن شين سان آهي، جيڪي سنڌي سماج جي تمام آڳاٽين صورتن ۾ موجود هيون. هن خيال کان سماجي اڀياس جي آڌار تي اهو سمجهي ٿو سگهجي ته جيڪڏهن سنڌي سماج جي تمام آڳاٽي صورت ”زراعتي سماج“ جهڙي هئي، ته پوءِ سنڌي ٻوليءَ جا تمام پراڻا لفظ اهي آهن، جيڪي زراعت جي تجربي جي اظهار سان تعلق رکن ٿا. پر جيڪڏهن اڃا به اهو مڃي سگهجي ته انسان جو ۽ سنڌ جي زمين تي آباد سنڌي ماڻهوءَ جو تمام آڳاٽو تجربو زراعت سان نه پر مال چارڻ، پکين جي شڪار ڪرڻ، مڇي ڦاسائڻ جي ڪمن سان ٿيو هو، ته پوءِ اسان جي ٻوليءَ جا تمام آڳاٽا لفظ به اهي چئبا، جن جو تعلق مال چارڻ، پکين جي نالن ۽ آوازن ۽ مڇي ڦاسائڻ جي ڪم ۾ اختيار ڪيل آوازن ۽ نالن سان هوندو. هي نظريو تاريخ جي اعتبار سان به هڪ اعتبار جوڳو نظريو آهي، ڇو ته هن طرح اسان ٻوليءَ جي ابتدا ۽ بڻ بنياد جي باري ۾ سڌوسنئون تاريخ جون رڪارڊ ڪيل شاهديون پيش ڪري سگهنداسون.

عام طور تي انسان ذات جي جدا جدا سماجن جون ابتدائي شڪليون گهڻو ڪري هڪجهڙيون رهيون آهن، ڇو ته اسان جي ارتقا جي تمام آڳاٽن دورن ۾ انسان جو ماحول گهڻو ڪري هڪجهڙو هو- روزگار جي وسيلن جي خيال کان تمام آڳاٽو وسيلو جيڪو اسان کي انسان جي گروهي سماج ۾ نظر اچي ٿو، سو هو مال چارڻ، شڪار ڪرڻ ۽ مڇي مارڻ جو. اڄ سوڌو پٺتي پيل سماجن ۾ روزگار جا وسيلا اهي ئي آهن. هن طرح ڏسي ٿي سگهجي ته هر پراڻيءَ (Primitive) ٻوليءَ ۾ انهن ڌنڌن جي باري ۾ لفظن جو تعداد جهجهو هئڻ گهرجي. وري ڇاڪاڻ ته هر دور ۾ جيئن انهن ۾ ترقي ٿيندي رهي آهي تيئن انهن لفظن جو تعداد به وڌندو رهيو آهي. هن خيال کان هڪ ٻيو اهم نقطو اهو آهي ته انسان جو تمام پراڻو سماج به جن ڳالهين جي اثر هيٺ هو، سي هيون زمين، پکي ۽ جانور ۽ پاڻي. هن طرح انسان جا تمام آڳاٽا روزگار جا مسئلا به هنن ڳالهين سان تعلق رکن ٿا. هنن ڳالهين کي خيال ۾ رکي، اسان تمام آسانيءَ سان چئي ٿا سگهون ته (1) انساني ۽ سنڌي سماج جون تمام آڳاٽيون صورتون هيٺ هيون انهيءَ گروهي سماج واريون جن ۾ روزگار جا وسيلا هئا مال چارڻ، مڇي مارڻ ۽ شڪار ڪرڻ، ۽ (2) سنڌي ٻوليءَ جون تمام آڳاٽيون صورتون اهي صورتون آهن، جن ۾ انهن شين جا نالا موجود آهن، جن جو تعلق هو مال ڌارڻ ۽ چارڻ سان، مڇيءَ جي وسيلي يعني پاڻيءَ ۽ مڇيءَ مارڻ جي هنر سان، ۽ شڪار جي پکين ۽ جانورن سان.

هن طرح، جيئن اسان مٿي به چيو آهي (پهرئين ڀاڱي ۾)، اسان لاءِ ضروري آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد جي باري ۾ پنهنجي تحقيق کي انهيءَ اصول تي شروع ڪريون ته سنڌي ٻوليءَ جي ابتدائي صورت ۾ معنيٰ جون صورتون يا نشان يعني ”نالا“ ڪهڙا هئا. هن باري ۾ اسان ماڻهن جي نالن جي سلسلي ۾ هڪ عام بحث مٿي ڪري آيا آهيون: اتي اسان ڏٺو آهي ته سنڌ ۾ ماڻهن جا نالا جن بنيادن تي رکيا ٿا اچن، اهي آهن:

ماحول جون شيون (وڻ، ميوا، ٻوٽا، پکي، جانور ۽ پوکون)؛

تجربا ۽ تصور (ناتا، نيڪيءَ ۽ بديءَ جا تصور ۽ ماحول مان تجربا)؛

سنڌ جي پراڻ جي تاريخ (جيئن هندڪا نالا)؛

اسلامي تاريخ (جيئن مسلمانن جا نالا)؛ ۽

انساني آباديءَ ۾ موجود شيون.

هنن ڳالهين مان ڏٺو ويندو ته خود ماڻهن جي نالي جي باري ۾ اها ڳالهه سچي آهي ته اسان جا اڳوڻا نالا اسان جي ماحول جي تمام آڳاٽيءَ صورت ۾ ان جي تجربي تي ٻڌل آهن.

هن هيٺ، هن ئي بنياد تي، اسان انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪنداسون ته ماڻهن جي نالن کان سواءِ باقي نالا (Names) ڪهڙي بنياد تي ۽ ڪيئن ٺهيا آهن.

نالن جو معنيٰ وارو اڀياس-

علم علامت جي خيال کان نشان (signal) به هڪ نالو آهي. هن طرح سنڌي سماج ۾ نشانن جو تعداد ايترو آهي جيترو نالن جو يا ماحول ۾ موجود شين جو. ڪنهن به ٻوليءَ ۾ جيترا گهڻا نالا، اوترو وڏو ان جو ماحول ۽ اوترو وڌيڪ ان سماج جو تجربو. هن طرح انهن سوالن جو جواب ته تمام آڳاٽو سنڌي سماج ڪهڙو هو ۽ ان جي وسعت ڪيتري هئي، اسان هن طرح ڏيئي ٿا سگهون ته جيترو تعداد ان دور ۾ نالن جو هو اوترو ئي تعداد ان دور جي عام ماڻهن جي اڳيان موجود شين جو هو، ۽ اِنهيءُ ڳالهه جو واسطو اُنهن شين جي قسمن سان آهي ته اُن دور جو سنڌي سماج ڪهڙو هو. اسان مٿي بحث ۾ ڏٺو آهي ته تمام پراڻي سنڌي سماج ۾ سنڌي ماڻهوءَ جي اڳيان موجود شين هيون:

پاڻي ۽ ان سان واسطو رکندڙ جانور ۽ مڇيون.

پکي ۽ ان سان واسطو رکندڙ وڻ ۽ واهيرا.

جانور ۽ انهن سان واسطو رکندڙ زمين، وٿاڻ ۽ واڙيون.

پوکون، اناج ۽ انهن سان واسطو رکندڙ ڌنڌا ۽ اوزار.

زمين، جبل ۽ ٻيون اهڙيون شيون.

چوٿين نمبر ۾ آيل نقطي جو تعلق اڃا به وڌيڪ سڌريل سماج سان آهي، باقي چئن نقطن جو آڳاٽي سماج سان آهي.

هن طرح اسان جي ٻوليءَ جي تمام آڳاٽي لفظن جي جيڪا لسٽ ٺهي ٿي سگهي، تنهن جو دارومدار هيٺين ڳالهين تي ٿيڻ گهرجي:

(1) پاڻي (سمنڊ، درياهه، ڍنڍون).

(2) مڇي (ان جا جدا جدا آواز).

(3) ترڻ (جدا جدا آواز).

(4) مڇي ڦاسائڻ.

(5) پاڻيءَ رستي سفر ڪرڻ.

(6) وڻ، ٻوٽا ۽ وليون (خودرو)

(7) پکي ۽ انهن جا قسم ۽ انهن جي باري ۾ آيل اوزار.

(8) پکين جو شڪار ۽ انهن جي هڪلڻ ۽ سنڀالڻ وارا اوزار.

(9) جانورن جا نالا ۽ انهن کي هڪلڻ ۽ سنڀالڻ وارا اوزار.

(10) زمين ۽ ان جي باري ۾ اسان جا سماجي تصور.

هنن مان هر هڪ نقطي جو تعلق هڪ طرف نالي (Signal) سان ته ٻئي طرف انهيء بنيادي آواز سان، جنهن جي بنياد تي اهو ٺهيو هو، هئڻ گهرجي؛ ڇو ته آواز نالن کان اڳي قائم ٿيا هئا. ان ڪري انهن آوازن جو اڀياس به اسان کي انهن نالن جي اڀياس ۾ مدد ڪري ٿو سگهي، جيڪي نالا اسان جي سماج جي تمام آڳاٽين صورتن ۾ موجود هئا.

آوازن جي هن اڀياس کي اسان هن دور ۾ ڪهڙيءَ ريت سمجهون، هي سوال ڏاڍو اهم آهي- عالمن ته هن باري وياڪرڻي ۽ صوتياتي صورتن جو اڀياس ڪيو آهي، پر ان اڀياس ۾ بنيادي ڳالهه اها آهي ته اسان اڳ ۾ لفظن جي انتخاب ۾ هڪڙي غلطي اها ڪئي آهي ته اسان نالن جي بدران سڌريل ٻوليءَ جي وياڪرڻي جوڙجڪ (Syntax) جو اڀياس ڪيو آهي. هن حالت ۾ اسان سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي صورت تائين پهچي نه سگهيا آهيون ته اهو سڀاويڪ آهي، ڇو ته سنڌي واري اوائلي سنڌي ٻولي وياڪرڻ ۽ علم ترتيب (Sydtax) جي اصولن جي پابند نه هئي. هي اصول، جيڪي هينئر ٺهيا آهن، سي تمام پوءِ ٺهيا آهن، اها ٻولي نرن ۽ سڀاويڪ (Pure and natural) آوازن تي ٻڌل هئي. ان ڪري وياڪرڻ جي بجاءِ اها ٻولي اڄ رڳو نرن ۽ سڀاويڪ آوازن ۾ موجود هئڻ گهرجي. هاڻي ڇاڪاڻ ته اهڙا آواز اسان جي ٻوليء جي ڪن صورتن ۽ نالن ۾ (جيئن اسان ڏيکاريو آهي) اڄ به موجود آهن ۽ هئڻ گهرجن، اسان لاءِ ضروري آهي ته اسان اڳ ۾ انهن آوازن جو اڀياس ڪريون.

آوازن جي معنيٰ وارو اڀياس-

سنڌي ٻوليء جي نرن بنيادي ۽ سڀاويڪ آوازن جي اڀياس ۾ اسان سماجيات جا اصول اختيار ڪندي، سڀ کان اڳي انهن آوازن جو اڀياس ڪنداسون، جيڪي اسان زمين جي پهرئين تجربي ۾ ڪيا هوندا. هن باري ۾ بنيادي ويچار اهو آهي ته ٻوليءَ جي ابتدئي صورت انهن آوازن ۾ موجود آهي، جيڪي انسان پنهنجن اشارن سان گڏ ڪڍيا هئا. هيءُ خيال بنيادي حيثيت جو آهي ۽ هن خيال سان لاڳو ٻيا هي خيال آهن:-

”برفاني دور جي پوئين حصي ۾ يعني اڄ کان ڪي چاليهه هزار سال اڳ انساني نسلن جي جدا جدا نمونن ۾ رائج عمل ۽ ردعمل ۽ باهمي ڪشمڪش کان پوءِ هڪ نئين ترقيءَ جو دور آيو، جنهن ۾ انساني آباديء جو هڪڙو ئي (طاقتور) نسل وڌي مهذب ٿي پيو، جنهن کي ’هوموسپينس، نسل چيو ٿو وڃي. ان کان پوءِ انسان جي نسل کي جيڪڏهن ڪو خطرو رهيو آهي، ته اهو رڳو پنهنجي ئي نسل کان رهيو آهي، ڇو ته ان دور کان پوءِ وڌيڪ طاقتور نسل رڳو اهو ئي انساني نسل هو.“(52)

ان ڪري ڀروسو اهو آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ جي هڪ ۽ واحد صورت فقط ان دور ۾ ئي جڙي هوندي.

”ممڪن آهي ته ان کان پوءِ واري دور ۾ شڪار جي بنياد تي قائم ٿيل ٽولا ۽ گروهه (Groups) انهيءَ لائق ٿي ويا هجن، جو انهن هڪ ئي ٻوليء جو بنياد وڌو هجي(53).

ٻوليءَ جي بڻ بنياد جو نظريو انهيءَ ڳاهه تي مدار رکي ٿو ته تصور (Images) ۽ خيال (Thought) ۽ سوچون (Ideas) زندگيءَ جي تجربي مان پيدا ٿين ٿيون ۽ پوءِ اهي لفظن جي صورت وٺن ٿيون. (54)

هنن خيالن مان به انهن نظرين جي پٺڀرائي ٿئي ٿي ته

لفظن يا انهن جي آوازن جو بنياد بنيادي عملن تي آهي.

ٻوليءَ جو مواد انسان جي تجربي جو يا سماجي تجربي جو هڪ نمونو آهي.

ٻوليء جي ابتدا ان دور ۾ ٿي، جڏهن انسان پنهنجي ماحول ۾ تجربو حاصل ڪيو.

انسان جو پهريون تجربو آوازن جي مدد سان ظاهر ٿيو؛ اڳتي هلي انهن آوازن روايتي (Conventional) صورتون اختيار ڪيون، ۽ اهي صورتون پوءِ لفظن جي حيثيت ۾ وڌي مستقل ٿيون، ۽ اهڙيءَ ريت ٻولي ٺهي.

10- معنيٰ ۽ تجربو- سنڌي ٻوليءَ جا نرا ۽ بنيادي آواز:

معنيٰ، زمين جي تجربي جي آڌار تي-

زمين جي باري ۾ ڳالهائيندي اسان چئون ٿا: زمين ”ڌڏي“ ٿي، زمين ”ڦاٽي“ ٿي، زمين ”ڏري“ پيئي آ، زمين ”چيڪي“ آ، مٽي ”چيڪي“ آ.ڳالهه ٻولهه جي هنن صورتن ۾، سڌيءَ يا اڻ سڌيء طور تي اسان ڪي اهڙا لفظ ڪم آڻيون ٿا، جن ۾ زمين جي تجربي جي خيال کان بنيادي آواز موجود آهن. هن  باري ۾ هنن لفظن جي آوازن تي غور ڪجي:

”ڌڏڻ“، ”ڌوڏڻ“ ”ڦاٽ“، ”چيڪٽ“، ”چيڪ“، ”ڏرڻ“ ۽ ”ڏار“. هنن لفظن جي آوازن تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته هي آواز گهڻو ڪري ان وقت پيدا ٿيا، جنهن وقت انسان زمين تي پنهنجو پهريون عمل شروع ڪيو. زمين تي تمام وڏي شيءِ ڪيرائڻ سان جيڪو آواز ٿئي ٿو، سو ”ڌو“ جهڙو آواز ٿئي ٿو، ۽ ان جي هلڪي صورت جيڪا پڙاڏي کان ظاهر ٿئي ٿي، سا ”ڏو“ آواز جهڙي آهي. ان ڪري زمين جي وڏيء جنبش کي اسان جي سماج ۾ لفظ ”ڌوڏو“ ئي چئي ٿو سگهجي. اهڙيءَ ريت زمين کي چنجور جهڙي ڪنهن تکي اوزار سان رهڙڻ يا کوٽڻ جي حالت ۾ ”ڦا“، ”ري“، ”ٽي“ ۽ ”چي“ جهڙا آواز ٿين ٿا. ان ڪري زمين سان تجربي ۾ هن قسم جا آواز بنيادي آواز چئي ٿا سگهجن، ۽ خود هي تجربو به بنيادي تجربو چئي ٿو سگهجي- ڇو ته تمام آڳاٽو تجربو هن حالت ۾ زمين تي ڳورين شين جي ڪرڻ، زمين کي کوٽڻ ۽ زمين کي ”اوڙڻ“ وارو تجربو ئي هوندو. هن باري ۾ سنڌ مان هٿ آيل تمام پراڻا پٿر جا اوزار به ”اوڙڻ“ وارو تجربو ئي هوندو. هن باري ۾ سنڌ مان هٿ آيل تمام پراڻا پٿر جا اوزار به اسان جي مدد ڪري سگهن ٿا، ڇو ته انهن جي ساخت مان زمين تي ڪيل عمل جو اندازو لڳائي سگهبو ۽ پوءِ ان عمل جي نوعيت مان معلوم ٿيندو ته آواز ڪهڙا ٿيا هوندا.

معنيٰ، شڪار جي تجربي جي آڌار تي-

پکين جا آواز اسان جي عام تجربي ۾ اچي ٿا سگهن، ڇو ته پکي اسان جي سماج ۾ عام جام آهن. پکين جا اهي آواز جيڪي اسان جي ٻوليءَ ۾ منتقل ٿيا آهن، سي يقيناً بنيادي آواز آهن. ڇو ته ائين وسهڻ ته ڪانءُ اڳ ۾ ”ڪان ڪان“ ڪونه ڪندو هو، اهو هاڻي ٿو اهڙو آواز ڪري، عملي خيال کان خام خياليءَ جهڙو آهي. پکين جا آواز ارتقائي طور تي سڌري نه سگهيا آهن، جيڪڏهن سڌري سگهن ها ته پکي به ڪا نه ڪا ٻولي ڳالهائين ها. هن ڀروسي تي پکين جي آواز تي ٺهيل لفظ يقيناً اسان جي ٻوليءَ جا اڳوڻا ۽ آڳاٽا لفظ آهن، توڙي جو انهيءَ جي باري ۾ تاريخي سنن ۽ سالن جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل آهي. ڪانءُ آواز ڪري ته اسان چئون ته ”ڪان ڪان“ ٿو ڪري، چتون آواز ڪري ته چئون ”ٽيون ٽيون“ ٿو ڪري، چٻرو آواز ڪري ته چئون ته ”چر چر“ ٿو ڪري، گهگهه پکي آواز ڪري ته چئون ”گهو گهو“ ٿو ڪري، جهرڪي آواز ڪري ته چئون ته ”جهر جهر“ ٿي ڪري- هي آواز اسان نموني طور لکيا آهن. هن هيٺ انهن آوازن جي لسٽ ڏيئي اهو ڏيکارينداسون ته خود انهن پکين جا نالا اسان سندن آوازن جي بنياد تي رکيا آهن، ان ڪري اهي نالا اسان جي ٻوليءَ جا تمام آڳاٽا يا ايترا آڳاٽا آهن، جيترا اهي پکي پاڻ آهن. آواز هي آهن:

”ڪان ڪان“ (ڪانءُ)

”ٽيون ٽيون“ (”چه- تون)

”چر چر“ (”چٻ“- رو)

”گهو گهو“ (گهگهه)

”جهر جهر“ (جهر“ – ڪي)

پکين جا نالا سندن آواز جي بنياد تي ٺهيا آهن، ان ڪري هنن نالن (Names) کي (Sound names) چئي ٿو سگهجي. اهڙيءَ ريت زمين جي تجربي جي اظهار وارن آوازن تي ٻڌل لفظ (نالا) به صوتي نالا (Sound names) آهن.

پر پکين جا ڪي ٻيا نالا اسان جي مشاهدي يا نظر جي وسيلي حاصل ڪيل تجربي تي به رکيا ويا آهن. مثال طور ڳيرو، ڳاني، ڳانڙي- هنن لفظن کي پاڻ ۾ هڪ صوتياتي واسطو آهي. ڳيري جي ڳچيءَ ۾ ڪارڙو ليڪو چوڌاري وري ٿو- اسان ان کي ”ڳاني“ ٿا چئون، ۽ اهڙيءَ ريت اسان ”ڳا“ يا “ڳي“ جي آواز مان، جيڪو هن لفظ ۾ وڌيڪ چٽو (Bold) آهي، لفظ ”ڳيرو“ ٺاهيو آهي. اهڙيءَ طرح لفظ ”تتر“ (ت ٿ ر) اسان پکيءَ تتر جي پرن جي آواز جي بنياد تي ٺاهيو آهي. پر هي اڀياس خود بنيادي ۽ نري آواز جي بنياد تي به ڪري ٿو سگهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ يا سنڌي سماج ۾ بنيادي آواز هي آهن:

چيڪٽ، چيچٽ، چيڪڙاٽ، چر، چرچر، ٺاٺا، ٺونگو، ڏاڪڙ، ڏهڪاءُ، ڏر، ڌو، ڌڌڪر، ڌوڪار، دهڪو، ڌا، ڌڪ، ڌم، جهر، تر، ڏر، چي، او، ٽي، ڙي، گهن، بين، نان، آن- ۽ اهڙيءَ ريت ڪي ٻيا آواز. هنن آوازن جي بنياد تي ڪي صوتي نالا ٺهيا آهن، ته ڪي آواز وري نالن ٺاهڻ ۾ مدد ڪن ٿا، مثلاً:

ڌڌڪو، دهڪو، گهاگهر، تتر، ڌوڪار، ڌڌڪر، ڀڻ جهڻ، ڀٽڪو، ميائو ميائو، مڻ مڻ، ڪرڪر، ڪڙڪو، ڳٽ ڳٽ، ڳٽڪر، ڇڇوڪر، ڇوڪارو، ڇو، گهرڪو، گوهو، گوڙ، ڳرڙي، ٻچڪر، چوچٽ، ٺاٺا، ٽين ٽين، ٽونڪر، ٽهڪو، ٽهڪ، ٽهڪ، ٽهڪو، ٽون ٽون، ٽيڪو، ٽر ٽر، بڪ بڪ، ٻهڪو، کنگهه، کانگهارو، کڙڪو، چڀڪو، جاندارو، ڪينجهه، رڙ، راڙ، راڙو، گهڪو، گهرڪو، گيسر، هاها، هونگارو، هونگ، هو هو، هر هر، چاٽ، ڇاٽ، ڇولي، هيٺ ٿو ٿئي، ٿڪ، سرٻاٽ، سهڪو، ڪڻڪ، کڙڪ، ڏنڀ، روڄ، راڙو، ٽاهڙ، ڌماڌم، وغيره.

هي سڀ صوتي نالا (Sound names) ۽ پاڻ ۾ نرا آواز آهن، جن سان گهڻن کي بعد ۾ ڪن اکرن ملائڻ سان ٻوليءَ جي جوڙجڪ (Syntax) ۾ قبول ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ ريت ڪي آواز سنها آهن ۽ هلڪا آهن، جيئن ”بين“- هن آواز مان لفظ ”بين“ جوڙيو ويو، جنهن جو آواز به بنيادي آواز ”بين“ جهڙو آهي. ڪي ٻيا لفظ آهن، جيئن ”چڙو“ جيڪو ”او“ جي ڊگهي آواز تي ٺهيو آهي، ۽ ”چڙي“ جيڪو لفظ ”ڙي“ جي هلڪي ۽ سنهي آواز تي ٺهيو آهي. هنن حالتن ۾، هنن شين جي آواز تي سندن نالا جوڙيا ويا آهن، ان ڪري هي آواز يا نالا به (Sound names) آهن- ڏر جي آواز تي ”ڏي ڏر“ ٺهيوآهي، ۽ ”چي“ آواز تي ”چيڪي“ لفظ ٺهيو آهي. ٻيا لفظ آهن: گهڻو، مڻو، گونگو (اصل آواز گون گون آهي، جيڪو گونگي ماڻهوءَ جو آواز آهي).

معنيٰ، پاڻيءَ جي تجربي جي آڌار تي-

مٿي اسان ڪي اهڙا لفظ به ڏنا آهن، جن جا آواز اسان کي پاڻيءَ جي تجربي جي آڌار تي ڪرڻا پيا هوندا- پاڻيءَ جي باري ۾ ڳالهائيندي اسان ڏاڍا چٽا بنيادي آواز ڪريون ٿا، مثال طور ڌٻڻ، ڌڌڪو، چرڙاٽ، ڀڻ جهڻ، ڪڙڪو ۽ ٻيا اهڙا آواز. هي آواز اسان جي ٻوليءَ ۾ هاڻي صوتي نالا آهن، پر هونئن هي آواز وهندڙ پاڻيءَ جا بنيادي آواز آهن. ”ڌو“ ۽ ”ٻڻ“ جا ٻه آواز آهن، جن مان هڪ لفظ ٺهيو آهي- هي آواز هڪڙي ئي وقت نڪرن ٿا ۽ ان وقت نڪرن ٿا، جنهن وقت ڪا شيءِ اندر ڌٻي ٿي وڃي- اهڙيءَ ريت ”ڌڌ“ ۽ ”ڪو“ جا آواز به بنيادي آواز آهن- هي صوتي نالا مٿن آوازن مان ٺهيا آهن، ڇو ته پاڻيءَ جا آواز هڪ ئي وقت جدا جدا ٿين ٿا. ويچاربو ته معلوم ٿيندو ته آخر وهندڙ وڏي درياءَ جي زمين تي لفظ نه ٺهندا ته ٻيا ڪهڙا ٺهندا.

معنيٰ، مال جي تجربي جي آڌار تي-

هن جاءِ تي، انهيءَ بحث کان سواءِ ئي ته تمام آڳاٽا سنڌ ۾ رهڻ وارا جانور ڪهڙا آهن (اسان هي بحث مٿي ڏنو آهي)، اسان اهو ڏيکارڻ ٿا گهرون ته جانورن جي باري ۾ اسان جا اختيار ڪيل آواز ڪهڙا آهن. مينهن کي هڪلڻ لاءِ چوندا آهيون ”هون، هون“. ڪتي کي تڙي ڪڍڻ لاءِ چوندا آهيون ”ڪتو“. ته اهڙيءَ طرح اسان وٽ صوتي نالا ٺهيا ته هن طرح ٺهيا. جيئن ته ”هونگار“، هون گار، هون ۽ گار. ”مين“ ”هن“ چوڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته چٽو آواز ”هن“ (نون غنو) جو آواز آهي، ان ڪري اسان جو نالو ”مينهن“ به انهيءَ آڌار تي ٺهيو آهي. اهڙيءَ ريت ”ڪتو“ لفظ اصل ۾ ”تو“ آواز تي ٺهيو آهي. اهڙيءَ ريت ڳئون يا ڍڳي، ٻڪري ۽ ٻيا صوتي نالا به انهن آوازن تي ٺهيا آهن، جيڪي هنن لفظن ۾ بنيادي آهن. مثال طور ”اون“، يا ”ٻڪ“- ”ري“. هن طرح اسان جي ٻولي ”انهيءَ ئي تهذيب جي نمائندگي ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ هوءَ وجود ۾ آئي آهي.“ ڪنهن به آڳاٽي ٻوليءَ ۾ سماجي تجربي جي آڌار تي بنيادي آواز تي هنن آوازن جو بيٺل هجڻ تمام ضروري آهي. هنن سڀني آوازن جي آڌار تي اسان هن هيٺ هڪ اهڙي به سٽ ڏيون ٿا، جنهن مان معلوم ٿيندو ته اسان جي ٻوليءَ ۾ بنيادي آواز ڪهڙا آهن- هي اڀياس صوتياتي آهن.

11- بنيادي نرا ۽ واحد آواز:

ڌو، ڏي، چي، ڪن، او، چر، پر، ٽر، ڳا، گهو، يون، ڪان، ڀڻ، کڙ: مٿي آيل صوتي نالن ۾ هي آواز گهڻو ڪري عام آهن. هنن آوازن جي لاءِ اسان جي ٻوليءَ ۾ جيڪي اکر آيا آهن اهي آهن ڌ، ڏ، چ، ڪ، ن، ڳ، گهه، الف، واءُ، پ، ٽ، ک ۽ ڙ. هنن آوازن جي نوعيت تي وڌيڪ اڀياس اسان جي انهن عالمن جي ذمي آهي، جيڪي صوتيات تي تحقيق ڪري رهيا آهن. اسان جي ذمي اها ڳالهه آهي ته اسان اهو ڏسون ته هنن آوازن جي بنياد تي اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪهڙا لفظ ٺهيا آهن ۽ انهن ۾ اسان جي سماج جو ڪهڙو تجربو آهي. اسان هنن آوازن جي بحث ۾ اهو ڀروسو به رکيو آهي ته هي آواز اسان جي ٻوليءَ جا بنيادي آواز آهن. اسان جو ڀروسو اهو به آهي ته هنن آوازن جو تقابلي اڀياس (Comparative study) صرف انهيءَ صورت ۾ ممڪن آهي، جنهن صورت ۾ اسان کي اها پڪ هجي ته اسان جي پراڻي سنڌي سماج ۾ يا اسان جي طبعي حالتن ۽ ماحول ۾ ڪا ٻي ٻولي به ٺهي آهي ۽ اها ٻولي فلاڻي ٻولي آهي: ڇو ته اسان جي نظريي پٽاندر ڪي به ٻه ٻوليون اسان حالت ۾ هڪجهڙيون ٿي ٿيون سگهن، جنهن حالت ۾ انهن جو بنيادي ماحول ۽ سماجي تجربو هڪجهڙو هجي. دراصل هڪ ئي سماج ۾ ٻن ٻولين جو ائين وجود ممڪن نٿو ٿئي، ان ڪري ڪن به ٻن ٻولين جي صوتياتي ڀيٽ اسان جي نظر ۾ غير ضروري آهي. ٻوليءَ جو هي اڀياس بهرحال سماجي اڀياس آهي.

هاڻي اڳتي اهو ڏسڻو آهي ته اهو وياڪرڻ يا اُهي جوڙجڪي قاعدا جيڪي اسان ٻوليءَ جي باري ۾ ٺاهيا آهن، جو اصل ٻوليءَ جي سماجي ڪردار سان ڪيترو تعلق آهي. هي سوال ڏاڍو دلچسپ سوال آهي. عام طور تي اهو ظاهر آهي ته اسان جو گرامر ٻوليءَ جي سماجي ڪردار ۽ سماجي عمل جو لحاظ ڪونه ٿو رکي- هي نتيجو نهايت ئي اهم آهي. مٿي اسان جيڪو ٻوليءَ جي آوازن جو اڀياس ڪيو آهي، ان مان معلوم ٿو ٿئي ته

سنڌي ٻوليءَ جا تمام گهڻا نالا صوتي نالا آهن.

سنڌي ٻوليءَ ۾ اڄ سوڌو ڪيترائي اهي آواز موجود آهن، جيڪي سنڌي سماج ۾ رهڻ وارن تمام آڳاٽن ماڻهن ڪيا هوندا.

سنڌي ٻوليءَ جا بنيادي آواز اهي ئي آهن، جن ۾ ڌرتيءَ، جانورن، پکين ۽ پاڻيءَ سان انسان جو بنيادي تجربو شامل آهي.

ٻوليءَ جي ٺهڻ جا سبب يا ٻوليءَ جا ذريعا-

ٻولي، جيئن اسان آوازن جي باري ۾ مٿي آيل اڀياس ۾ ڏٺو آهي، جن ڳالهين جي ڪري ٺهي ٿي سي هن هيٺ ڏجن ٿيون:

آواز پيدا ڪرڻ وارا عضوا.

انسان جو تجربو، جيڪو هن کي پنهنجي ماحول يعني ڌرتيءَ، روزگار جي وسيلن ۽ طريقن، جهنگلي جانورن، پکين، جبلن، چوپائي مال، مڇيءَ، پاڻيءَ ۽ ٻين اهڙين شين سان لاڳاپي ۾ اچڻ جي ڪري حاصل ٿئي ٿو.

هڪڙو اهم سوال-

ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته ساڳيو ئي آواز جدا جدا ماحولن ۾ سماجن ۾ جدا جدا طريقن سان اچاريو ٿو وڃي- مثال طور ”ڪڪ- ڙو- ڪو“ جو سنڌي آواز ڪٿي Cock-a doole-doo جهڙو آهي ته ڪٿي Chichi richi جهڙو ڪيو ٿو وڃي. ان ڪري اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو آهي ته ڪڪڙ جو اصل آواز ڪهڙو آهي ۽ اهو ڪهڙي سماج ۾ ڪيو ٿو وڃي. ان ڪري اهو فيصلو به ڪري نٿو سگهجي ته ڪا ٻولي پراڻي آهي يا ڪو سماج ڪيترو پراڻو آهي.

هن سوال جو هڪ عام جواب هي آهي ته هڪ نسل جي ڪڪڙ جو آواز ته پوريءَ دنيا ۾ هر هنڌ هڪجهڙو ئي ڪيو وڃي ٿو. باقي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن اهو آواز انسان جي ٻوليءَ ۾ ڪٿي بلڪل ڪڪڙ جي آواز جهڙو نٿو ڪري سگهجي، ته ان جو مطلب اهو آهي ته ان ٻوليءَ ۾ صوتياتي ذخيرو ناممڪل آهي. ان خيال کان ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ اکرن جو تعداد به فيصلي ڪرڻ لاءِ ضروري آهي. پر اڃا به وڌيڪ ڳالهه ته ڪن ٻولين ۾ بنيادي آوازن جي تعداد جيترا اکر به ڪونه آهن. ان ڪري اصل ۾ ٻولين جي بنيادي آوازن جو تعداد ئي اها شيءِ آهي، جا اهو فيصلو ڪرڻ ۾ مدد ڪندي ته ٻوليء ۾ سماجي تجربو ڪيتري قدر شامل ڪيو ويو آهي. هن باري ۾ هڪ اهم خيال اهو به آهي ته جيڪڏهن اسان انسان جي آڳاٽي تجربي کي ٻوليءَ ۾ نه آڻي سگهيا آهيون، ته ان جو مطلب هي آهي ته انسان جي ٻوليء جي عمر انسان جي تهذيب جي عمر ۽ ڪلچر جي زماني کان گهٽ آهي. هن خيال کان ٻوليء جي بڻ بڻياد جو سوال به اهو ئي آهي ته اها ڪهڙي ٻولي آهي، جنهن ۾ انسان جو بنيادي سماجي تجربو اڄ سوڌو شامل آهي. سنڌي ٻوليء جي معنيٰ جو نظام هن مامري ۾ اهو ثابت ٿو ڪري ته سنڌي ٻولي انسان جي تمام آڳاٽيءَ تهذيب جي ٻولي آهي- پر ٻوليء جي ارتقا ۽ ان ۾ ايندڙ تبديلين جي اڀياس کان سواءِ اهو فيصلو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته اسان جي ٻوليء جي عمر سالن جي حساب سان ڪيتري آهي.

ٻوليءَ جي ارتقا جي اڀياس جي باري ۾ اهو خيال نه ٿو آئڙي ته ڪن به ٻن ٻولين جو اڀياس ڪيو وڃي يا ڪنهن به هڪ سال ۾ موجود لفظن جو ذخيرو ٻئي سال ۾ موجود لفظن جي ذخيري سان ڀيٽي پوءِ اهو معلوم ڪيو وڃي ته ڪيترا لفظ کٽا يا ڪيترا لفظ وڌيا! ٻوليءَ جي بڻ بڻياد جي باري ۾ هن قسم جو اڀياس اسان جي ڪا مدد ڪانه ٿو ڪري. ٻوليءَ جي عمر جو اندازو لفظن جي تعداد مان نه ٿو لڳائي سگهجي، ڇو ته لفظ ته نشان (Signals) آهن يا اسم يا نالا آهن. ۽ انهن جو تعداد به اوترو ئي ٿيندو جيترو سماج ۾ موجود شين جو. ان ڪري ڪن زبانن ۾ لفظن جو تعداد وڌيڪ ٿيندو ته ڪن ۾ گهٽ. وري هي تعداد علم ۽ کوجنا جي رستي وڌائي ۽ گهٽائي به سگهبو. تنهن کان سواءِ، هڪ ئي ٻوليءَ جي ارتقا جي رفتار ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌ ٿي ٿئي. ان ڪري لفظن جي تعداد مان ته نه، باقي لفظن جي آوازن مان ٻوليءَ جي عمر جو ڪاٿو لڳائي ٿو سگهجي. هن خيال کان انسان جي تاريخ ۽ ٻوليءَ جي تاريخ جا دور ساڳيا ٿين ٿا. اسان جي لاءِ هن وقت ضروري اهو آهي ته ڏسون ته سنڌي سماج تي ڪهڙا دور آيا ۽ انهن دورن ۾ هن سماج جو تجربو ڪيترو وڌيو ۽ ان ۾ ڪيترا نوان نشان (Signals) يا نالا (Names) وڌيڪ شامل ٿيا. هن طرح اسان ٻوليءَ جو تاريخي ۽ ارتقائي اڀياس ڪري سگهنداسون، توڙي جو ٻوليءَ جي ”بڻ بڻياد“ جو هن سان ڪو تعلق ڪونه آهي.

مٿي اسان زمين، پاڻيءَ، پکين ۽ جانورن جي باري ۾ ڪم ايندڙ آوازن جي بنياد تي اهو ڏيکاريو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا بنيادي آواز ڪهڙا آهن، ۽ اهڙيءَ ريت اصلوڪا لفظ ڪٿي آهن.

هن مٿي اسان جي اڳيان اصل سوال نشان (Sign) جو سوال رهيو آهي. اسان نشان جي اڀياس ۾ اهو ڏيکاريو آهي ته ڪي نشان اهي آهن جيڪي صوتي نالا (Sound Names) آهن. صوتي نالن کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي نالا تصوراتي نالا (Imagination names) آهن ۽ ڪي تجرباتي (Experience names) ۽ ڪي نظرياتي (Visual names) آهن.

نالا ۽ انهن جو سماجي درجو-

اهڙيءَ ريت آوازن جي خيال کان سڀ لفظ نالا ئي آهن. هيءَ ڳالهه اسان هتي وڌيڪ کولي بيان ڪري رهيا آهيون.

تصوراتي نالا- سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا انيڪ نالا آهن، جن جو تعلق سماج جي انهي تصور (Imagination) سان آهي، جيڪو تصور سماج ۾ ڪن شين لاءِ مقرر ٿي چڪو آهي. هنن نالن جي لسٽ ۾ اهي نالا اسان شامل ڪري ٿا سگهون، جيڪي اسان جي سماج ۾ موجود تصورات جي بنياد تي ٺهيا آهن. هن قسم جا ڪي نالا هي آهن، مثال طور: مائي يا ماتا (Small pox)، سردي، گرمي، جن، ڀوت، سچائي، چڱائي، هيڪڙائي، برائي، بهادري، گيديپڻو، لوٺيائپ، اشرافت. هنن نالن مان هر هڪ انسان جي سماج جي هڪڙي تصور جو نمائندو آهي. هنن نالن مان ڪوبه اهڙو نالو نه آهي، جنهن کي ڪنهن مادي جنسي شيءِ سان ڀيٽي سگهجي. ان ڪري هنن نالن جي معنيٰ جو تعلق اسان جي سماجي تصور کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به شيءِ سان نه آهي. ان ڪري هنن نالن کي اسان تصوراتي يا خيالي (Imagination names) نالا چئي ٿا سگهون.

نظري نالا- ڪن نالن جو تعلق اسان جي انهيءَ تجربي سان آهي، جيڪو اسان ڏسڻ جي وسيلي حاصل ڪريون ٿا. هنن نالن مان گهڻا نالا اهي آهن، جن جو تعلق شين جي روپ، رنگ ۽ ظاهريت سان آهي. مثال طور: چوڪنڊو، ڪارو، ڳاڙهو، اڇو، پيلو، ناسي، واڱڻائي ۽ ٻيا اهڙا نالا. غور ڪيو ويندو ته معلوم ٿيندو ته هي لفظ به نالا ئي آهن، جن مان هر هڪ ڪنهن نه ڪنهن نشان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. گرامر هنن نالن کي خاصيتون سڏي ٿو، ۽ انهن کي صفتن ۾ شمار ڪيو ٿو وڃي، حالانڪه هي نالا خاصيتون نه پر خاصيتن جا نالا آهن. ان ڪري وڌ ۾ وڌ انهن کي Property names چئي ٿا سگهون، خبر ناهي ته ڪهڙيءَ ريت هنن لفظن کي صفتون چيو ويو آهي. حقيقت ۾ نالو ۽ صفت ٻه جدا جدا شيون آهن. صفت ڪنهن شيءِ جي توصيفي معنيٰ آهي، پر نالو ان صفت جو ٻوليائي نشان آهي.

اهڙيءَ ريت ڪرڻ، ٿيڻ، پوڻ، هئڻ، ۽ ٻيا اهڙا لفظ به اسان جي انهيءَ تجربي جا نالا آهن، جيڪو اسان پنهنجي انساني حيثيت ۾ پنهنجن عضون جي مدد سان ڪنهن نه ڪنهن خارجي شيءِ تي ڪيو آهي. مثال طور، ”مان ماڻهو آهيان“ واري جملي ۾ ”آهيان“ فعل آهي: حقيقت ۾ ”آهيان“ لفظ فعل نه پر ماڻهوءَ جو اهو تجربو آهي، جنهن ۾ ماڻهوءَ جي ”هئڻ“ واري تجربي جو هٿ آهي، ان ڪري ”آهيان“ لفظ ”هئڻ“ نشان يا ڪم جي نالي جي هڪ ٻولياتي صورت آهي، جنهن کي وڌ ۾ وڌ مددي نالو يا (Helping name) چئي ٿو سگهجي. اهڙيءَ ريت تجربي جي بنياد تي ٺهيل ٻيا نالا، جيڪي اسان مٿي ڏنا آهن، سي به اصل ۾ Experience names آهن. فعل به نالا آهن، پر ”آهيان“ نالو نه آهي، ”هئڻ“ نالو آهي. ”آهيان“ ان نالي جي ٻوليائي صورت آهي. اهڙيءَ ريت فعل به سڀ نالا ئي آهن. اهڙيءَ ريت حرف جر به نالا آهن، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حالت جو نشان آهن. هن طرح نشان جي دائري ۾ جيڪي نالا اچي ٿا وڃن، سي هي آهن:

تصوراتي نالا Imaginational names

نظري نالا Visual names

تجرباتي نالا Experience names

خاصيتي نالا Property names

عملي نالا Action names

جري نالا Condition names

مقامي نالا Place names

زماني نالا Time names

ضميري نالا Indirect names  (مان، تون، هوءَ، هيءَ، توهان، وغيره)

 تاثراتي نالا Effect names (آءِ، هاءِ، توبه، فو، اي)

ندائي نالا Call names (اڙي، او، هيڏي)

 اشارتي نالا Directive names

هن طرح ڏٺو ويندو ته ”نشان“ اصل ۾ اهو نالو آهي، جيڪو انسان جي علم، نظر، تجربي، ويچار، تصور، حالت، تاثر، خاصيت، مڪان، زمان، ريت، ضمير ۽ ٻين اهڙين ڳالهين جي ڪري ٺهيو آهي؛ ۽ ٻيو هيءُ ته نشان انسان جي ماحول ۾ موجود آهي، جنهن تي ان جي حالت جي لحاظ کان انسان ڪونه ڪو نالو رکيو آهي؛ ۽ اهڙا تمام گهڻا نالا گڏجي ٻوليءَ جي لغت ٺاهين ٿا. سڀ اسم خاص به حيثيت ۾ ”خاص“ نه پر تصوراتي نالا آهن، مثال طور الياس، هاشم، سوڀو، لکميو. هي سڀ اهي تصور آهن، جيڪي اسان جدا جدا ماڻهن لاءِ مقرر ڪيا آهن، هن طرح خاص نالا به Imagination name آهن، ۽ عام نالا به خاص نالا ئي آهن. ماڻهو، ڇوڪر، پورهيت، سليٽ، مس- هي سڀ نالا به حقيقت ۾ تصور آهن، جيڪي اسان ڪن شين جي باري ۾ مقرر ڪيا آهن. ان ڪري هي نالا به (Imagination names) آهن. اهڙيءَ طرح سڄيءَ ٻوليءَ جو ترڪيبي جزو فقط هڪ آهي ۽ اهو آهي نالو (Name). ان ڪري ٻوليءَ جي ٺهڻ لاءِ ذميوار وڌ ۾ وڌ انسان جو ذهن (Intellect) ۽ تصور (Imagination) آهي، جن جي مدد سان اسان نالا رکيا آهن.

علامت-

مٿي اسان نالي (Name) جي ذڪر ۾ ڏيکاريو آهي ته بنيادي طور تي ڪي آواز ڪن شين لاءِ ته ڪي تصورن لاءِ پيدا ٿي چڪا هئا. اهو زمانو اهو هو، جڏهن انسان رڳو آواز ۽ اشارا ڪري ٿو سگهيو. هيءَ صورتحال جڏهن شڪار جي ٽولن يا خاندان جي گروهه ۽ پيدا ٿي، تڏهن انهن گروهن ۾ جيئن جيئن وڌيڪ ماڻهو شامل ٿيندا ويا تيئن تيئن اهي بنيادي آواز ۽ اشارا وڌيڪ ماڻهن ۾ ڪم اچڻ لڳا. اهڙيءَ ريت انهن آوازن ۽ اشارن جي استعمال جو دائرو وڌندو ويو ۽ وقت گذرڻ سان انهن ۾ معمولي ڦيرڦار اچڻ سان اهي وڌيڪ رواج ۾ ايندا ويا، ۽ اهڙيءَ ريت اهي روايتي يا رواجي (Conventional or costumary) ٿيندا ويا، ۽ اهڙيءَ ريت هر اچار جي هزارن سالن جي روايت وڌي وجود ۾ اچي ويئي، ۽ هڪ ئي سماج ۾ اهڙين هزارين روايتن جو وجود ۾ اچڻ سان هڪ ٻوليءَ جي شڪل اختيار ڪئي. ٻوليءَ جي شڪل اختيار ڪرڻ وقت ڇاڪاڻ ته هر لفظ روايت بنجي چڪو هو ان ڪري اهو لفظ پنهنجي بنيادي تصور لاءِ هڪ علامت جو ڪم ڪرڻ لڳو. هن طرح ٻوليءَ جو ٻيو دور علامتن وارو دور هو، جتان هر لفظ پنهنجي اصل خيال، ملفوظ شيءَ ۽ حالت جي لاءِ هڪ روايت طور ڪم اچڻ لڳو، ۽ پوءِ اهو علامت بنجي ويو. هن طرح نشان واريءَ حد تي هر اچار هڪ نشان يا هڪ Marker هو، جيڪو شيءِ يا تصور جو خيال ڏيئي رهيو هو، ۽ علامت واريءَ حالت ۾ هر لفظ هڪ روايت هو ۽ پنهنجي انهيءَ آواز لاءِ ڪم اچي رهيو هو، جيڪو اُن جو بنياد هو ۽ جنهن ۾ ڪي قدر صوتياتي تبديلي اچي چڪي هئي. تنهنڪري هر لفظ هڪ علامت طور به گهڻي قدر پنهنجي بنيادي آواز جي صورت ۾ ڪم اچي رهيو آهي. دنيا جون تمام گهڻيون ٻوليون اڄ سوڌو پنهنجي علامتي دور مان گذري رهيون آهن. البته اهي ٻوليون، جن تمام گهڻو وقت سفر ڪيو آهي ۽ تمام گهڻن سماجن جي صورتن ۽ دورن مان لنگهيون آهن، سي اڄڪلهه پنهنجي اهڃاڻوي دور مان لنگهي رهيون آهن. پر هن نقطي تي ٻن قسمن جا نظريا پيش ڪري ٿا سگهجن:

ته اهڃاڻ پنهنجي شيءِ يا تصور جو اهڃاڻ ان وقت ئي هو، جنهن وقت شين ۽ تصورن لاءِ رڳو آواز ڪم اچي رهيا هئا: هن خيال کان اهڃاڻ ٻوليءَ جو ابتدائي ڏاڪو هو: هن خيال کان جن ٻولين ۾ اهڃاڻ اڄ سوڌو ڪم اچن ٿا، تن جي لاءِ اهو خيال ڪري ٿو سگهجي ته هي ٻوليون اڃا ابتدائي منزلن ۾ آهن: انهيءَ خيال کان اهي اڃا ننڍيءَ عمر جون آهن؛ ۽

ته ٻوليءَ جو پهريون ڏاڪو اهو هو، جتي شين جي لاءِ نشان (Markers) ڪم اچي رهيا آهن، ان کان پوءِ اهي نشان جڏهن علامتن جي صورت وٺي ويا تڏهن ٻولين جو مڪمل استعمال شروع ٿيو، ۽ جڏهن اهي علامتون وڌي اهڃاڻ ٿيون، تڏهن ٻوليون پنهنجي اوج تي پهتيون: هن خيال کان اهڃاڻ واري ٻولي تمام سڌريل ۽ تمام پراڻي ٻولي آهي جيڪا علامتن واري پنهنجي دور کان اڳتي لنگهي آئي آهي ۽ هاڻي وڌيڪ سڌريل منزل ڏانهن وڃي رهي آهي.

هنن ٻين خيالن جي ڇنڊڇاڻ جو طريقو فقط اهو آهي ته اسان سنڌي ٻوليءَ جا اهڃاڻ ڳولي هٿ ڪريون ۽ پوءِ انهن جو اڀياس ڪري اهو ظاهر ڪريون ته اهڃاڻ ٻوليءَ جو پهريون ڏاڪو آهي يا پويون. هن خيال کان سنڌي ٻوليءَ جو ته ڇا پر ڪنهن به ٻوليءَ جو اڀياس نه ڪيو ويو آهي. ان ڪري هيءَ صورتحال اسان لاءِ وڏو چئلينج آهي. عالم اڪابر صدين کان ٻوليءَ جي وياڪرڻي صورتن تي مٿو کپائيندا رهيا آهن ۽ هن طرف اڄ سوڌو ڪنهن جو خيال وڃي نه سگهيو آهي.

جن عالمن ٻوليءَ جي پهرين آوازن ۽ ٻوليءَ جي بنياد جي باري ۾ ڪي ويچار ڏنا آهن، انهن مان هڪڙي گروهه جو نظريو هي آهي: ”ٻوليءَ جي ابتدا جي باري ۾ هڪ خيال اهو آهي ته پهريان اهڃاڻي آواز (Symbolic Sounds) اهي آواز آهن، جيڪي هٿ جي اشارن سان گڏ ڪيا ويا هئا.“ (55)

هن راءِ ۾ خالص ڳالهه اها آهي ته اصل ذڪر ”اهڃاڻ“ (Symbol) جو نه پر انهن آوازن جو ٿي رهيو آهي جن کي پهريان آواز چيو ويو آهي ۽ جن جي لاءِ اهڃاڻ جو لفظ نه پر اهڃاڻي آوازن جا لفظ“ ڪم آيا آهن. هن جو مطلب ته هي خيال اسان جي مدد ايتري ٿو ڪري ته پهريان آواز اهڃاڻ نه هئا پر اهي اهڃاڻي آواز هئا، يعني اهي آواز رڳو آوازن جي حد تائين اهڃاڻ هئا ۽ نه معنيٰ جي حد تائين. معنيٰ وارو اهڃاڻ هن خيال کان پهريون آواز نه پر علامت جي سڌريل شڪل آهي. اهڃاڻ جي باري ۾ ٻي راءِ جنهن جي عالم گهڻي قدر متفق آهن (۽ اهڙا رايا اسان مٿي نشان، علامت ۽ اهڃاڻ واري باب ۾ ڏنا آهن)، سو اهو آهي ته اهڃاڻ علامت جي سڌريل شڪل آهي ۽ اهڃاڻ جي حد تي ٻوليءَ جو لفظ گهڻو ويڪرو ۽ اونهو ٿي ٿو وڃي؛ تان جو هڪ ئي لفظ جدا جدا معنائون ڏيئي ٿو سگهي ۽ ان حالت ۾ پنهنجي نشان ۽ علامت کان به ڪي قدر مختلف ٿي ٿو وڃي. حياتياتي اڀياس جي خيال کان پهريون انسان (Primitive man) انسان جو رڳو نشان هو، وڌيڪ سڌريل انسان انسان جي علامت بنجي ويو، ۽ اڄوڪو انسان انسان جو اهڃاڻ آهي جنهن ۾ انسان ذات جا تمام گهڻا تصور موجود آهن. هنر، شائستگي، عقلمندي، ڌيرج، امن جي خواهش، ايجاد جو جذبو- هي سڀ ڳالهيون هينئر هڪڙي لفظ ”ماڻهو“ ۾ موجود آهن. ان ڪري هاڻي انسان به اهڃاڻ جي درجي تي پهچي چڪو آهي. ان ڪري ٻوليون، جيڪي انسان جي اصل سان گڏ رهيون آهن، سي به هاڻي اهڃاڻ جي حد تي پهچي وڃڻ گهرجن. هن خيال پٽاندر اهڃاڻ جي هيءَ مٿين حيثيت ”ادبي اهڃاڻ“ جهڙي آهي، جنهن جو مطلب ته اهڃاڻ جي حالت ۾ لفظ پنهنجي انهيءَ اوج تي پهتو آهي جتي هو ادب ۾ ڪم اچي رهيو آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪو اهڃاڻ موجود آهي، سو هن ئي قسم جو اهڃاڻ آهي؛ جنهن جو مطلب هي آهي ته سنڌي ٻولي انسان جي تمام پراڻي ٻولي آهي، جنهن نشان ۽ علامت جون منزلون طي ڪيون آهن، ۽ اها اهڃاڻ جي منزل ۾ داخل ٿي چڪي آهي، ۽ ان جو اهڃاڻ هاڻ وڌيڪ پختو ٿي رهيو آهي.

اسان جي هنن خيالن جو آڌار حياتيات ۽ سماجيات جا اصول آهن، ۽ ان ڪري اهڃاڻ جي باري ۾ اسان جو هي رايو ٻوليءَ جي سماجي ڪردار جي تصور تي ٻڌل آهي. ٿي سگهي ٿو ته صوتيات جي عالمن کي هن راءِ سان اتفاق نه هجي، پر ايتري پڪ آهي ته اسان جي طريقي جا مقصد به جدا آهن ته ان جا نتيجا به ان ڪري جدا آهن ۽ پنهنجي طريقي جي خيال کان اسان لاءِ به هن طريقي کي ڇڏي ڏيڻ جو ڪو جواز موجود نه آهي.

هن سڄي ذڪر مان نتيجي طور اها ڳالهه به نڪري ٿي ته اهي لفظ يا نالا، جن جي لاءِ اسان چيو آهي ته اهي بنيادي آوازن جي مدد سان ٺهيا آهن پر هونئن اهي لفظ بنيادي آوازن کان ڪي قدر مختلف آهن، ته آخر ان جو مطلب ڇا آهي. اسان جو خيال آهي ته ڪي لفظ ۽ نالا ٻن بنيادي آوازن تي ٺهيا آهن: مثال طور ”مين هن“ لفظ ٻن آوازن تي ٺهيو آهي، ته ان جو مطلب اهو آهي ته ڪن حالتن ۾ خود جانور جي پنهنجي آواز جو جزو به لفظ ۾ موجود آهي. مثال طور مينهن جي ”ڪڻڪ“ جو آواز ”مين“ جهڙو آهي ۽ اسان لاءِ اهو رستو کولي ٿي ته انهيءَ سوال جو جواب ته فلاڻيءَ شيءِ لاءِ آخر سنڌي ٻوليءَ ۾ اهو لفظ نالو ڇو ٺاهيو ويو، اسين ائين آوازن ۽ بنيادي آوازن جي دقيق اڀياس ڪرڻ سان لي ڏيئي ٿا سگهون. اهڙيءَ ريت لفظ ”ڪتو“، جنهن جو اسان مٿي ذڪر ڪيو آهي، ان ۾ بنيادي آواز انسان جو اهو آواز آهي جنهن سان هو ”ڪتي“ کي تڙي ٿو، يعني ”تو“، پر ”ڪ“ جو آواز ڪتي جي انهيءَ ڪوڪ يا ڪوڪٽ جي آواز مان نڪتو آهي جيڪا ان وقت پيدا ٿي ٿئي، جنهن وقت اسان ڪتي کي ڌڪ ٿا هڻون ۽ هو ”ڪونڪٽ“ يعني ”ڪ“ جهڙو آواز ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت ”ڳئون“ لفظ ۾ ”ئون“ وڌيڪ چٽو آواز آهي، پر ”ڳ“ جو آواز ”ڳئون“ جي ”رنڀ“ ۾ موجود آهي- (يا ان جي رنڀ جو آواز اسان ائين ئي ڪيو آهي). هن طرح ”چه- تون“ لفظ ۾ ”تون“ جو آواز ته ”ٽيون“ جهڙو آهي، جيڪو طوطي جي آواز سان ملي ٿو، پر ”چه“ جو آواز به چتونءَ جي آواز جي ڪنهن نه ڪنهن جز (Element) ۾ موجود آهي. هن مان معلوم ٿو ٿئي ته نالن جي باري ۾ آوازن جي اڀياس ڪرڻ وقت اسان کي ٻه ٽي ڳالهيون خيال ۾ رکڻيون پونديون:-

نالي واري آواز ۾ ”چٽو“ آواز ڪهڙو آهي.

اهو آواز ماڻهوءَ جي نالي واريءَ شيءِ جي باري ۾ ٿيندڙ آوازن سان ملي ٿو يا خود نالي واري شيءِ جي پنهنجي آواز سان.

سڄو آواز ڪيترن جزن (elements) يا پدن (syllables) تي ٻڌل آهي ۽ انهن مان هر هڪ پد ڪنهن جي آواز سان لڳي ٿو.

نالي وارو آواز بنيادي آواز (نشان) آهي يا اهو سڌري ”علامت“ (sign) جي حد تائين پهچي چڪو آهي يا هاڻي اهو نالو بنهه اهڃاڻ آهي.

اهڃاڻ جي حالت ۾ ماڻهوءَ جي شڪل واريءَ شيءِ کي اسان هاڻي ”ماڻهو“ ٿا سڏيون، توڙي جو لفظ جو اصل شيءِ جي ظاهر يا ساخت سان ڪو تعلق نه آهي. هن خيال کان سنڌي ٻوليءَ ۾ ماڻهوءَ لاءِ ڪم ايندڙ ٻي لفظي سٽا- ”ٻه ٻانهون ٻه ٽنگو“- جو واسطو ماڻهوء جي ساخت سان آهي. ان ڪري ان حالت ۾ اهي اِن سٽا وارا لفظ ماڻهوءَ جي علامت آهن ۽ نه اهڃاڻ. اهڙيءَ ريت مادي ماڻهوء لاءِ ڪم ايندڙ لفظ يعني ٻانهن، عورت، زائفان، مائي، ۽ مهري، سڀ اهڃاڻ آهن، پر علامت جي حالت ۾ سنڌي ٻوليء ۾ عورت کي ”ٻه ٿڻي“ چئبو آهي- ”ههڙو ٻار ٻه ٿڻي ڪونه ڄڻيندي“. اهڙيء ريت برسات جي علامت لاءِ سنڌيء ۾ ”ڦڙي“ لفظ جو اهڃاڻ ڪم اچي ٿو. ۽ اهڙيء ريت گهر، جهڳي، اجهي جي علامتن جي لاءِ لفظ ”مٿي ڇانءِ“ علامت طور ڪم اچي ٿو- لفظ ”ورو ٿوڻي“ جيڪو گهر جي لاءِ ڪم اچي ٿو سو به هڪ علامت آهي پر ”اميد واري“، ”اميد سان“، ”پيرن ڀاري“ لفظ اهڃاڻ آهن؛ پر ”ڳوري“ لفظ اهڃاڻ نه پر علامت آهي، ڇو ته وڏي پيٽ سان عورت ڳوري ڏسڻ ۾ ٿي اچي. ٻار ڄمي، ته چئون ته فلاڻيء ”هٿ پير“ لڌا آهن: هن حالت ۾ ”هٿ پير“ وارا لفظ ”ٻار“ جي لاءِ علامت طور ڪم اچن ٿا. ”بالغ“ لفظ ته علامت آهي پر ”پڪي ٻير“ وارا لفظ اهڃاڻ آهن. اهڙيء ريت اسان جي ٻوليء جي هڪ اهڙي لغت به تيار ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ نشان، علامت ۽ اهڃاڻ جي لاءِ جدا جدا باب ٿي سگهن ٿا. هڪ ئي لفظ ڪن حالتن ۾ رڳو نشان آهي، جيئن نرن ۽ سڀاويڪ آوازن جي بنيادن تي رکيل نالا- جيئن ”ڪڙڪو“، ”کڙڪو“، ”ڀڻ جهڻ“، ”راڙ“، ”چڀڪو“، وغيره. ڪن حالتن ۾ نشان جي صورت هاڻي علامت بڻجي ويئي آهي، جيئن نرن آوازن جي ڪن جزن تي ٻڌل نالا ۽ ڪن حالتن ۾ ظاهري ڏيک جي تجربي تي ٻڌل نالو- جيئن ”ٻه ٿڻي“، ۽ هنن حالتن ۾ لفظ اهڃاڻ بڻجي ويا آهن جيئن گهر جي لاءِ ”مٿي ڇانءَ“ جيڪو تصورات تي ٻڌل اسم آهي ۽ ٻوليء ۾ اهڃاڻ آهي. هن طرح عام رواجي ٻوليء ۾ اسان نشان، علامت ۽ اهڃاڻ واريء سنڌي ٻوليء جي حيثيت ۾ معنيٰ جي بحث کي هت ڇڏيون ٿا.

12- عڪس (Image) ۽ معنيٰ:

مٿي اسان معنيٰ ۽ اهڃاڻ جي باب ۾ ”عڪسي معنيٰ“ ۽ ”عڪسي اهڃاڻ“ جا لفظ ڪم آندا آهن. هت اسان خالص ”عڪس“ جي ڪن اهم ڳالهين تي بحث ڪري، ”عڪسي معنيٰ“ جي نقطن کي واضح ڪنداسون.

ولن (Willin) ۽ اسٽين من (Stein- mann) پنهنجي ڪتاب ”لکڻ لاءِ ادب“ (Literature for wirting) جي صفحي 675 تي عڪس جي معنيٰ هيءَ ٿا ڏين: ”عڪس هڪ صفت آهي، جنهن کي گهڻو ڪري ٽرپ چئبو آهي“ (56). ٻئي هنڌ ساڳيائي صاحب لکن ٿا ته ”عڪس هڪ اهڙو اظهار آهي، جنهن سان پڙهندڙ جي دل ۾ هڪ ذهني خاڪو پيدا ڪري ٿو سگهجي.“ (57)

مسٽر آئزڪس (Issacs) پنهنجي ڪتاب ”هاڻوڪي شاعريءَ جو پس منظر“ (The Background of Modern Poetry) جي صفحي 24 تي هيئن ٿو لکي: ”عڪس اهي شيءِ آهي، جا ذهني ۽ جذباتي (Intellectual and emotional) احساس (Complex) کي ڪنهن خاص ۽ مقرر ڪيل وقت ۾ پيش ڪري.“ (58)

ساڳيو صاحب ساڳئي ڪتاب جي صفحي 39 تي لکي ٿو: ”عڪسيت (Imagery) عڪسن جي آسان ۽ هيل ٺهڪيل ادائگيءَ کي نه چئبو آهي. حقيقت ۾ عڪسيت پختي، صاف ۽ وڻندڙ اظهار کي چئبو آهي، پوءِ اهو اظهار استعاري جي مدد سان ٿئي يا نه ٿئي.“ اڳتي هلي لکي ٿو: ”عڪس اهڙن لفظن ۾ ڏجي، جيڪي چونڊيل ۽ بلڪل موزون هجن (59).“ لفظ ڪهڙا موزون نه آهن ۽ ڪهڙا موزون آهن، هن سوال جو جواب مسٽر آلڊنگٽن (Adlington) ڏنو آهي- چوي ٿو: ”موزون لفظ هروڀرو اهو لفظ نه آهي، جيڪو ڪنهن شيءِ جو هوبهو ۽ سچو پچو اظهار ڪري يا ان کي بيان ڪري؛ موزون لفظ اهي آهن جيڪي ڪنهن شيءِ جو سچو پچو تاثر ڏين جيڪو خود شاعر ان وقت پاڻ محسوس ڪيو هو، جنهن وقت هو نظم لکي رهيو هو.“

عڪس جي باري ۾ مشهور شاعر ازراپائونڊ جو خيال آهي ته ”عڪس هڪ اهڙي لفظي سرشتي جو نالو آهي، جيڪو جذبات ۽ ذهني واردات جي گڏيل ڪيفتين کي ڪنهن خاص ۽ مقرر وقت ۾ پيش ڪري.“

پائونڊ جو خيال آهي ته ”اسان جو ويساهه آهي ته شعر جو ڪم ڪل کي نه پر جز کي هوبهو بيان ڪرڻ وارو آهي. توڙي جو ڪل تمام وڏي حيثيت ۽ چٽيءَ حقيقت جيان چٽو چپاٽو وجود رکي ٿو ۽ بيان ڪرڻ ۾ وڌيڪ آسان آهي.“

پر اليٽ، جو هڪ برک پارکو ۽ جڳ مشهور اديب آهي، اهو سو انهيءَ ڳالهه جو اقرار ٿو ڪري ته ”عڪس ڪليائي حقيقتن جو اظهار به ڪن ٿا.“ هن صاحب مشهور شاعر ملٽن جي شعر مان مثال ڏيئي اهو ثابت ڪيو آهي ته ڌنار، هاري ۽ ڀاڳياڻي (Milkmaid)، جن جو ذڪر ملٽن پنهنجن نظمن ۾ ڪيو آهي، سي سڀ ڇڙوڇڙ ۽ جدا جدا حقيقتون نه پر ڪليائي حقيقتون آهن.

پو (Poe)، جيڪو هڪ مشهور آمريڪي نقاد ۽ اديب آهي، تنهن جي خيال ۾ عڪس نالو آهي خصوصيتن (Properties) جي هڪ سٽاء (System or arrangement) هو.“ هن خيال کي برونٽي به ٽيڪو ڏنو آهي.

مانائتو شپلي (J. T. Shipley) پنهنجي ڪتاب ”دبي اصطلاحن جي ڪوش“ ۾ عڪس کي هن طرح ٿو سمجهائي: ”عڪس هڪ ادبي صفت آهي؛ هن صفت جو دارومدار گهڻو ڪري ڏسڻ جي وسيلي سان حاصل ڪيل تجربي تي آهي... عڪس اظهار جو هڪ اهڙو وسيلو آهي، جنهن ۾ ڪنهن شيءِ جي حسي تاثر (Sensual Appeal) کي شامل ڪيو ويندو آهي... عڪس جو ڪم آهي ڪنهن شيءِ جي اظهار کي اثرائتو، موزون ۽ مختصر بنائڻ جو“.

شپليءِ جي انهيءَ آڌار تي چئي ٿو سگهجي ته ”عڪس ڪنهن شيءِ جي ٻاهرئين شاهدي (Sensual experience) کي اصل ذهني ڪيفيت (Sign) يا لفظ جي باطن جي ويجهو وٺي ٿو وڃي.“ (60)

عڪس ٻن قسمن جا هوندا آهن:

الف -  معنوي (Figurative)

ب  -  ظاهري يا لفظي (Direct or literal).

هنن سڀني راين ۽ خيال کي گڏي رکڻ کان پوءِ عڪس جي باري ۾ جو ڪجهه چئي ٿو سگهجي، اهو هي آهي:

عڪس هڪ لفظي سرشتو آهي.

هي سرشتو بهتر، موزون، مختصر ۽ موثر اظهار جي لاءِ ڪم اچي ٿو.

هي عڪسي اظهار ڪنهن مقرر شيءِ جي باري ۾ ڪنهن خاص ۽ مقرر وقت تي ڪيو ٿو وڃي.

 

ادب ۽ عڪسيت-

ادبي لحاظ کان عڪسيت برطانوي ۽ آمريڪي شاعرن جو ادبي طريقو آهي. پاڻ هنن گهڻو ڪري بصري عڪس (Visual Imagism) جو استعمال ڪيو آهي. هن تحريڪ جو ذهني ۽ عقلي بنياد حلميءَ (T. H Hulme) وڌو هو، جنهن جا نظم عڪسيت جا سٺا ۽ چٽا مثال آهن.

هاڻوڪي ادب جي پارکن مان رچرڊس (Richards) به عڪس جي معاملي تي راءِ ڏني آهي. چوي ٿو ته ”عڪس جي حواسي خصوصيت جي طرف حد کان وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو آهي. جيڪا شيءِ عڪس کي اثرائتو ڪري ٿي، اها آهي عڪس جي ذهني حيثيت ۾ نه عڪس جي عڪسي حيثيت- توڙي جو عڪسي حيثيت سان به ذهن جو واسطو آهي.“ مانائتي رچرڊس جي خيال ۾ عڪس هڪ اظهار آهي، جنهن جو بنياد آهي حسي تجربو. هن ظاهر ڪيو آهي ته ”عڪس حسي تجربي (Sensual experience) جو هڪ اهم وسيلو آهي.“

عڪس ۽ شاعريءَ جو اڀياس-

شاعريءَ ۾ سوچڻ جو مطلب آهي عڪس پيدا ڪرڻ.

عڪس ئي اهي وسيلا آهن، جيڪي شاعراڻي معنيٰ کي سمجهڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

عڪس هڪ ذهني صورت يا خاڪي جو نالو آهي. اها صورت لفظن جو روپ وٺي نروار ٿئي ٿي، پر ان جو اصل خاڪو لفظن جي پويان ذهني ڪيفيت ۾ لڪل رهي ٿو.

بهتر شعر اهو آهي، جنهن ۾ تجربو عڪسن جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو.

ڇاڪاڻ ته چٽا ۽ پختا عڪس رڳو ونداڪائيءَ جي وقت ۾ سوچڻ سان ٺهن ٿا، ان ڪري شاعريءَ لاءِ وقت ۽ فرصت جي ضرورت ٿئي ٿي.

ڇاڪاڻ ته عڪس جي نوعيت انسان جي سوچ تي مدار رکي ٿي، ان ڪري اسان ڪنهن شاعر جي شاعريءَ مان اُن جي سوچ جو طريقو ۽ ان جون ذهني ڪيفيتون معلوم ڪري ٿا سگهون.

ڪنهن به نظم، بيت ۽ غزل جو سڄو اڀياس رڳو تڏهن ڪري سگهبو، جڏهن اهو معلوم ٿي ويندو ته شاعر پنهنجي اکين کان سواءِ ٻين ڪهڙن حواسن کي ڪم آندو آهي. هيء ڳالهه جدا جدا عڪسن ڳولڻ سان معلوم ڪري ٿي سگهجي. ڇو ته جدا جدا عڪسن جي ٺاهڻ لاءِ جدا جدا حواسي مشاهدي جي ضرورت آهي.

هن تحريڪ جو وڏي ۾ وڏو عملبردار ازراپائونڊ هو. هن کان پوءِ تحريڪ جي اڳواڻي آمئي لوول (Amy Lowell) ڪئي. هن تحريڪ ۾ هڪ وڏو نالو فلنٽ (F. S. Flint) جو پڻ اچي ٿو، جنهن پنهنجي ڪتاب ”شعر“ (Poerty) ۾ عڪسيت جا ٽي قسم ڏنا آهن.

عڪسيت ۽ نفسياتي حيثيت-

نفسيات جي خيال کان خود سوچ سمجهه جا سڀ وسيلا (جن ۾ حواس به شامل آهن) سوچڻ واري جي لاءِ ويجهي ۾ ويجها عڪس آهن. هن جو مطلب اهو آهي ته عڪسيت جو واسطو ماڻهوءَ جي انهيء عمل سان آهي، جنهن سان هو پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا پاڻ ئي محسوس ڪري ٿو. مانوارو ڊاشيل صاحب (Dashiel) هن حقيقت کي هن طرح ٿو سمجهائي ته ”ماڻهو چرچ ۾ عبادت ڪندي به گرين لينڊ جا برفاني پهاڙ ۽ هندستان جا ڏنگا ڦڏا پيچرا ڏسي ٿو سگهي. ماڻهو ٽائيپ ڪندي خود پنهنجا هٿ، آڱريون ۽ پٺا محسوس ڪري ٿو سگهي. هن طرح جو ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ اسان جي روزمره جي زندگيءَ ۾ عام آهي (61).“ عڪس جي نفسياتي حيثيت تي وڌيڪ بحث گالٽن کان سواءِ فورس من ۽ فلائيڊ (Forseman and Floyed) پنهنجي ڪتاب ”زندگي ۽ من وديا“ جي صفحي نمبر 611 تي ڪيو آهي. (62)

عڪسي مشاهدو-

عڪسي تجربي جو سوال جديد شاعريءَ جو هڪ اهم سوال آهي. بنيادي طور تي عڪسي تجربو نفسيات جو سوال هو؛ پر جڏهن نفسيات ۽ ادب پاڻ ۾ گڏجي ويا، تڏهن ٻنهي اهو معلوم ڪري ورتو ته ادب نفسيات جي مدد کان سواءِ سمجهي نه سگهبو ۽ نفسيات به ادب کان پري رهي اهميت اختيار ڪري نه سگهندي. هن دور ۾ هرڪا ادبي تحرير نفسيات جي هڪ حقيقت بڻجي چڪي آهي، ۽ دنيا جا گهڻو ڪري سڀ وڏا پارکو تنقيد ۾ نفسيات جي اصولن جو لحاظ رکن ٿا.

عڪسي مشاهدي جون جيڪي عام صورتون آهن، سي هيٺ ڏجن ٿيون:

بصري مشاهدو (Visual imagery)

غير متحرڪ مشاهدو (Static imagery)

متحرڪ مشاهدو (Kinetic imagery)

رنگين عڪسي مشاهدو (Colour imagery)

انتقالي مشاهدو (Synaesthetic imagery)

ٻڌڻ واري مشاهدي جا عڪس (Auditory imagery)

هن کان اڳتي عڪسي معنيٰ کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ شاهه جي شاعريءَ مان وڌيڪ مثال ڏنا ويندا ته جيئن سڄي ڳالهه وڌيڪ سمجهه ۾ اچي.

13- عڪسي ٻوليءَ جا مثال:

هيٺ ڏنل سٽن ۾ واڪ جي نشانين جي اندر آيل لفظن جا جوڙ عڪس آهن:

بصري مشاهدو-

”آگميو آهي لڳهه پس“ لطيف چئي.

”پلر جي پالوٽ سين“ پٽن جهليا پاهه.“

واحد وڏائي ڪيا ”مٿي گسن گاهه“.

”اٻون ڪڪر ڪڍڙيون“ اتر ڏي آهين.

اڄ پڻ اتر پار ڏي ”ڪڪر ٿو ڪري.“

اڄ پڻ منهنجي يار ”وسڻ جا ويس ڪيا.“

اڄ پڻ اتر پار ڏي ”ڪڪر ڪئي چوٽي“.

غير متحرڪ مشاهدو-

اڄ پڻ اتر پار ڏي ”ڪارا ڪڪر ڪيس.“

وڄون وسڻ آئيون ”ڪري لال لبيس“.

متحرڪ مشاهدو-

”پرين جي پرديس، مون کي مينهن ميڙيا.“

”سانوڻ پسي سرتيون، سڄڻ ساريو مون.“

”جهڙ نيڻون نه لهي، ڪڪر هون نه هون.“

”ساريو سپرين کي، لڙڪ ڳلن تي پون.“

”سي مر رويو رون، جن مسافر سپرين“.

”اڱڻ تازي“، ”ٻاهر ڪنڍيون“، ”پکا پٽ سهن“.

”سرهي سيج“، ”پاسي پرين“، ”مر پيا مينهن وسن“.

”آڙيون ابر آسري“، ”تاڙا تنوارين“.

”سارنگ کي سعيو“، تو کي سعيو نه ٿئي.

”گڙي ٿو گمان ۾، آيو ڪي آيو“.

رنگين عڪسي مشاهدو-

”سارنگ سائي سٽ“، ”جهڙي لالي لاک جي“.

”اِئن سي اٻن انگيا“، ”جنءَ سي چنيءَ چٽ.“

”ملڪاڻيءَ کان موٽيو“، ”ڪري پٻ پاسو“.

”اڄ رسيلا رنگ بادل ڪڍيا برجن سين“.

”ميناهن ۽ نينهان، ٻئي اکر هيڪڙي“.

”بادل ٿي بيهان“، ”جي آگم اچڻ جا ڪرين.“

انتقالي مشاهدو-

”ڪانڌ تنهنجي پاند ريءَ سيءَ مران سڀ رات.“

”ڪامل ڪپاهن ۾ پئي ٺار ٺران.“

”سڄو صاف نه اڀري سرلي وٽان سج.“

”منهن چڙهيو ماڻهن کي، ڏي واڌائي وڄ“.

”ڍٽ ڍري، پٽ پيئون، پاسي پارڪر“.

ٻڌڻ راري مشاهدي جا عڪس-

”ڪڻڪن ڪانڌ چت ڪئو“، ”جهڙ پسيو جهڻڪن.“

”سڻي رڙ رعد جي، ڪليون ٿيون ڪنبن.“

”مند ٿي“، ”منڊل منڊيا“، ”ڪي اوهيڙن اوڪ“.

ڇاڇر ٿي ڇنن ۾“، ”مينهون چرن موڪ“.

”اچن آب اکيئن ڪيو، وڄون اتر واءِ“.

مٿيان سڀئي عڪس مون شاهه لطيف جي رڳو هڪ سر مان ڏنا آهن. ڪي ڪي سٽون اهڙيون آهن، جن ۾ هڪ کان وڌيڪ عڪس آهن، پر اُن جا سڀ عڪس هڪ يڪو عڪس به ٺاهين ٿا- اهڙي هڪڙي عڪس کي گهڻ- پارو عڪس (Complex image) چئبو. مٿي آيل عڪسن کي جدا جدا هيڊن ۾ ورهائي ٿو سگهجي، مثال طور:

ڏسڻ جي وسيلي مشاهدي ڪرڻ جا عڪس (Sight imagery)- هي هيٺيان آهن:

آگميو آهي، لڳهه پس، اٻون ڪڪر ڪڍڙيون، ڪڪر ٿو ڪري، اچ پڻ منهنجي يار وسڻ جا ويس ڪيا، ڪڪر ڪي چوٽي، مند ٿي منڊل منڊيا ڪي اوهيڙن اوڪ.

رنگين مشاهدي وارا عڪس (Colour imagery)- مثال طور: سارنگ سائي سٽ جهڙي لالي لاک جي، ائن سي اٻن انگيا سي چنيءَ چٽ، اڄ رسيلا رنگ بادل ڪڍيا برجن سين، وڄون وسڻ آئيون ڪري لال لبيس، ڪارا ڪڪر ڪيس.

غير متحرڪ مشاهدي وارا عڪس (Static imagery)- مثال طور: پٽن جهليا پاهه، مٿي گسن گاهه، سرهي سيج، پاسي پرين، آڙيون ابر آسري.

متحرڪ مشاهدي وارا عڪس (Kinetic imagery)- مثال طور: ساريو سپرين کي لڙڪ ڳلن تي پون، سي مر رويو رون جن مسافرن سپرين، سارنگ کي سعيو، اچن آب اکئين ڪيو وڄون اتر واءِ، منهن چڙهيو ماڻهن کي ڏي وڌائي وڄ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com