سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج

باب: --

صفحو :15

Text Box:  

 

ڀاڱو چوٿون

اشارن واريءَ ٻوليءَ جو اڀياس

 

1- ٻوليءَ جي اهميت:

بيبل (Babel) جي ٽاور واري بائيبل جي قصي مان اسان کي ٻه سبق ملن ٿا. هڪڙو سبق هي ٿو ملي ته ٻوليءَ کان سواءِ انسان هڪٻئي کي سمجهي نه سگهن ها، ۽ ٻيو ته هڪٻئي کي سمجهائڻ کان سواءِ انسان گڏجي ڪم ڪري نه سگهن ها. (1) (ڏسجي ضميمو.)

”اها ئي هڪ شيءِ، جا اسان جي ڪارخانن هلائڻ واري ڪم کي ممڪن ڪري ٿي، اسان جي جهازن هلائڻ واري ڪم کي ممڪن بنائي ٿي، اسان جي مشينن جي هلائڻ کي ممڪن بنائي ٿي، اُها اِها آهي ته جيڪي ماڻهو هنن ڪمن ۾ حصو وٺن ٿا سي هڪٻئي کي سمجهي ٿا سگهن. بس اها سمجهڻ واري ڳالهه کانئن ڦري وڃي، ته اهي پاڻهيئي اونداهي ۽ اڻ سڌريل دور ۾ واپس هليا ويندا، ڇو ته پوءِ اهو رستو وٽن نه رهندو، جنهن جي وسيلي اهي هڪٻئي تائين پنهنجا ويچار ۽ رايا پهچائي سگهندا هئا.“ (2)

ڳالهائڻ عام طور تي جن عضون جي مدد سان ممڪن ٿئي ٿو، اهي آهن وات، ۽ ڪن، ۽ انهن سان گڏ سوچڻ واري طاقت ۽ سمجهڻ واري يا ٻڌڻ واري طاقت. هونئن ٻوليءَ جي صف ۾ انڊن، مورتن، اشارن ۽ اهڃاڻن کي به شامل ڪري ٿو سگهجي.

جڏهن به ڪي ٻه ماڻهو ڳالهائين ٿا ته عام طور هيئن ٿو ٿئي، جو اهي ماڻهو هڪٻئي جا خيال، ويچار، تاثر ۽ معلومات هڪٻئي تائين پهچائين ٿا. هن طرح ڪي ٻه ماڻهو جيڪي هڪ ئي ٻولي ڳالهائين ٿا، سي هڪٻئي کي وڌيڪ ويجها ٿين ٿا ۽ اهڙيءَ ريت هڪ سماجي ”قرب“ وڌي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح دوستي پيدا ٿئي ٿي. ”جيڪڏهن انهن ماڻهن جي وچ ۾ قرب پيدا نه ٿئي ها ته پوءِ انهن جي وچ ۾ دشمني پيدا ٿيڻ جو امڪان موجود رهي ها ۽ انهن جي وچ ۾ شڪ شبها پيدا ٿين ها “(3). سو ٻولي دنيا ۾ دوستيءَ ۽ سٻنڌ پيدا ڪرڻ جو وڏي ۾ وڏو وسيلو آهي.

اها ٻولي ئي آهي، جنهن جي مدد سان توهان معلوم ڪريو ٿا ته توهان جو ڊاڪٽر، توهان جو استاد، توهان جو بزرگ، توهان جو مرشد ۽ توهان جو دشمن توهان کي ڇا ٿو چوي- توهان جو ريڊيو ۽ ٽي- وي سيٽ توهان سان ڳالهائي ٿو، توهان جيڪا فلم ڏسو ٿا تنهن جو هيرو ۽ ولين توهان سان ڳالهائين ٿا. اهڙيءَ ريت ڊرائيور، پوليس وارو، دوڪاندار ۽ اخبار وڪڻڻ وارو به توهان جي مدد رڳو ٻوليءَ جي وسيلي ئي ڪري سگهي ٿو.

هن مان اندازو لڳايو ته جيڪڏهن ٻولي نه هجي ها، ته اسان جي حالت ڪهڙي هجي ها.

”جيڪڏهن توهان مان ڪو اهو سوال پڇڻ ٿو گهري ته ٻوليءَ کي ڪنهن ٺاهيو آهي، ته ان جو جواب اهو آهي ته توهان جهڙا ٻيا لکين ماڻهو ئي ٻوليءَ جا خالق آهن.“ (3)

ٻولي ڪم آڻڻ جو مطلب به اهڙو آهي، جهڙو ٻولي ٺاهڻ جو.

”ٻوليءَ کان ڊپ نه ڪريو، ٻولي توهان جي خدمت لاءِ حاضر آهي. ٻوليءَ جو فرض آهي ته اها توهان جي مدد ڪري، اها توهان جي رستي ۾ رڪاوٽ نه بڻجي سگهي. توهان راند روند ۾ هجو يا ڪم ڪار ۾، اها توهان جي خدمت ۾ حاضر آهي. ٻولي توهان لاءِ دوست پيدا ڪري ٿي. ٻولي توهان جي زندگيءَ جي هر لمحي ۾ توهان لاءِ سرور پيدا ڪري ٿي. ٻولي توهان جي نمائندگي ڪري ٿي- ٻوليءَ ۾ ڄڻ توهان پاڻ موجود آهيو، بس توهان ئي پاڻ ڳالهه آهيو ۽ توهان ئي پاڻ ڳالهائيندڙ.“ (5)

”ڪڏهن پئجي ڪن ٿي، ڪڏهن ٿجي وات.“

”انسان جي ڳالهائڻ واري سگهه رڳو انهيءَ حقيقت مان ظاهر نه ٿي ٿئي ته انسان آواز (Sounds) پيدا ڪري ٿو: اصل ۾ اها طاقت انسان جي اها دماغي طاقت آهي، جيڪا آوازن کي معنائن سان ڳنڍي ٿي. اهڙي لاڳاپي جي ڪري معنيٰ هڪ ماڻهوءَ وٽان ٻئي تائين پهچي ٿي ۽ پوءِ توهان کي هڪ ٻولي ملي ٿي.“ (6)

جيڪي ڳالهيون ٻوليءَ جي ارتقا ۾ مددگار ثابت ٿيون آهن، سي هي آهن:

معياريت (Standardization)

هيءُ ڏاڪو پهريون ڏاڪو هو ۽ هن ڏاڪي کي مڪمل ٿيڻ ۾ هزارين بلڪ لکين سال لڳا هوندا.

عمومي اتفاق (General Agreement)

هن ڏاڪي تي ڪيترين ئي ٻولين جو بنياد پيو هوندو.

ٻن ماڻهن جي وچ ۾ اتفاق (Ageement between at least two persons). انڊا، ٽٻڪا، اکر، گيها ۽ رنڍا به ٻوليءَ جا اهڃاڻ آهي. هنن مان به معنيٰ پيدا ٿئي ٿي ۽ معنيٰ معلوم ٿئي ٿي، پر معنيٰ جا ڪي وسيلا ته انڊن کان به آڳاٽا آهن- آواز انهن ۾ شامل آهن. ٻوليءَ ۽ آوازن جي باري ۾ جيڪا تحقيق ٿي آهي، تنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن نه ڪنهن آڳاٽي دور ۾، انسان رڳو آواز ڪڍندو هو ۽ انهن سان پنهنجو اظهار ڪندو هو. آوازن کان سواءِ ٻوليءَ جي آڳاٽي صورت هئي اشارا (Gestures).

اشارن واري ٻولي:

اشارا ٻوليءَ جي انتهائي سڌريل صورت آهن. اشارن مان ڪي ٻڌڻ وارا اشارن ٿين ٿا جيڪي آوازن جيڪي آوازن جي وسيلي پيدا ڪجن ٿا ۽ ڪي ڏسڻ وارا اشارا ٿين ٿا جيڪي اکين سان ڏسي پوءِ سمجهي ٿا سگهجن. آمدرفت جي سهوليت وارا اشارا به هن طرح جا ٿين ٿا. پر آڳاٽا اشارا اهي آهن، جيڪي باهه يا دونهين يا ٺڪاون جي وسيلي پيدا ڪيا ويندا هئا. هن قسم جا اشارا اسان جي لوڪ ادب سلسلي جي ڪتاب ”ٻاراڻيون آکاڻيون“ ۾ اچن ٿا- جنهن دونهين کي سونديءِ يا آباديءَ جو اشارو سمجهيو ويو آهي. اهڙيءَ ريت باهه، جنهن مان روشنيءَ ۽ تپش جي معنيٰ ٿي نڪري، سا به اشاري طور ڪم آندي ويئي آهي هڪڙيءَ آکاڻيءَ ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته هڪڙيءَ ڀيڻ کي جڏهن زوريءَ ڀڄايو وڃي ٿو، ته هوءَ ٻي ڀيڻ جي سمجهڻ جي لاءِ واٽ تي سرنهن هاريندي ٿي وڃي. اُها ٿئي ڦولار ٿي ڪري، ته هڪڙي راهه ٺهي ٿي پوي ۽ پوءِ اهو معلوم ٿو ٿئي ته پهرين ڀيڻ ڪهڙ: دڳ ويئي آهي. اهڙيءَ ريت پير جا نشان به اشارا ئي آهن، جيڪي ويندڙ جو ڏس پتو ڏين ٿا. پر وڏي ڳالهه ته اسان جي لور ۾ هوا ۽ مينهن جي ڪڻين ۾ خوشبو يا بدبو کي به اشاري طور ڪم آندو ويو آهي. اهڙيءَ ريت ديو جي ظاهر ٿيڻ جي نشانين ۾ اسان چوندا آهيون ته ”اڳ ۾ طوفان لڳو، پوءِ گجگوڙ ٿي ۽ پوءِ وڏو ديو ظاهر ٿيو.“

هن طرح طوفان ۽ گوڙ کي به اشاري طور ڪم آندو ويو آهي.

ٻڌڻ وارن اشارن ۾ پوليس واري جي سيٽيءَ جو آواز، ريلوي جي سيٽيء جو آواز ۽ ڪار جو هارن، گهنٽي، ايمبولينس جي سيٽي، باهه وسائڻ واريء گاڏيءَ جو آواز- سڀ ٻڌڻ جا اشارا آهن. جهڙيء ريت لکڻ ۾ نشان ڪم اچن ٿا، اهڙيءَ ريت تار جي ”مورس ڪوڊ“ ۾ به نشانن جي وسيلي معنيٰ پهچاي ٿي وڃي. 5.5 جو نشان تباهيءَ جي معنيٰ ٿو ڏئي ۽ سڄيء دنيا جي ۾ سمجهيو وڃي ٿو. ڪرڪيٽ راند ۾ ٻانهن ۽ ڪنڌ جا اهي اشارا جيڪي ايمپائر (Umpire) ڏئي ٿو، سي به ڏسڻ جا اشارا آهن.

اشارن واري ٻولي ڳالهائڻ واريءَ ٻوليءَ کان گهڻي آڳاٽي آهي. اها ٻولي به ڳالهايل ٻوليءَ سان گڏوگڏ ترقي ڪندي رهي آهي ۽ اڄ اها به هڪ سڌريل ٻوليءَ جيان اسان وٽ موجود آهي.

اهڙيءَ ريت ڳالهه ٻولهه (Speech)، آواز (Sounds) ۽ اشارا (Gestures) سڀ معنيٰ ٺاهين ٿا ۽ معنيٰ پکيڙين ٿا. ان ڪري انهن سڀني کي ٻوليءَ ۾ شامل ڪجي ٿو، ڇو ته ٻوليءَ جو اصل آهي معنيٰ (Meaning).

اصل ۾، ٻڌڻ وارا اشار ڳالهه ٻولهه جي بنيادي صورت آهن ۽ ڏسڻ وارا اشارا لکڻ جي.

آوازن سان خوشي، ڏک، ماندگي، پريشاني، افسردگي، نااميدي، شڪايت ۽ اڻ تڻ جهڙن جذبن جو اظهار به ٿئي ٿو. هي آواز مختلف سازن تي ۽ مختلف وقتن تي پيدا ڪجن ٿا. در تي دهلن جا آواز خوشيء، مراد ۽ سماجي تعلقات جي باري ۾ معلومات ڏين ٿا. پڙ تي نقاري جو آواز ماتم جو اهڃاڻ آهي. اهڙيءَ ريت ”ڀير تي ڏؤنوڪو“ اسان جي زبان ۾ وڏي جنگي ڪارنامي جي شروع ٿيڻ جي معنيٰ ڏئي ٿو. جدا جدا وقتن تي آوازن جي جدا جدا لئه مان جدا جدا معنيٰ ملي ٿي. هڪڙو ئي دهل جدا جدا آوازن جي وسيلي اسان جي سماج جي جدا جدا ڳالهين جي باري ۾ خبر ڏئي ٿو. ڇٺي، مڱڻو، پرڻو، پٽ ڄائو، طهر، ڇيڙ، ونگار، ميلو، ملاکڙو، سوڀ ۽ هار- سڀ اُن جي آوازن جي مدد سان به ظاهر ڪري ٿا سگجهن.

آواز اهڙيءَ ريت اسان جي اجتماعي ۽ سماجي زندگيء ۾ هڪڙو وڏو ڪم ڪن ٿا، ۽ اهڙيءَ ريت اسان جي ٻولي آوازن جي صورت ۾ به اسان جي سماجي ۽ اجتماعي زندگيء ۾ هڪڙو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

نالا ۽ انهن جي معنيٰ:

ٻوليء جو انتهائي ۽ عجيب پهلو اهو آهي، جنهن ۾ نالا شامل آهن. نالا ماڻهن جا، شين جا ۽ جاين جا ٿين ٿا. نالن جي اڀياس مان ٻوليءَ جون وڌندڙ اظهاري حدون به معلوم ڪري ٿيون سگهجن.

ماريوپي (Moriopie) لکي ٿو ته ”ڪيترن ئي آمريڪي رياستن جا نالا ’هندستاني‏‘ آهن. مثال طور اوڪلاهوما (Oklahoma)، ٽينسي (Tenessee)، ڪينٽڪي (Kentucky).“ (7)

اهڙيءَ طرح ساڳيو ئي عالم ٻڌائي ٿو ته آمريڪا جون ڪي رياستون مشهور ماڻهن جي نالن پٺيان به قائم آهن. سنڌ ۾ جاين يا ماڳن جا نالا بي انداز اهڙا آهن جيڪي، ماڻهن جي نالن پٺيان رکيا ويا آهن. ڀاڻ ۽ لانڍي، پَٽ ۽ ٽنڊو ۽ پور، آباد لفظن جي. اڳيان يا پويان ماڻهوءَ جو نالو ڳنڍي، اسان جا ماڳن جا نالا جوڙيا آهن، جيئن دائوءَ جا ڀاڻ، وسوءَ جا ڀاڻ، نصيرآباد، حيدرآباد، خيرپور، خيرپور جوسو، خيرپور ناٿن شاهه. ٽنڊوالهيار، ٽنڊوآدم، وغيره اهڙيءَ ريت ڪوٽ ۽ لانڍيءَ سان به ماڻهوءَ جو نالو شامل ڪيو ويو آهي. هن طرح اسان جي ٻولي اسان جي سماجي تاريخ جو هڪ رڪارڊ بڻجي پيئي آهي. جن ڳوٺن يا شهرن جي نالن ۾ لفظ ”آباد“ اچي ٿو، سي ڄڻ نوان شهر آهن، جيڪي ويجهڙائيءَ واري تاريخي دور ۾ ٺهيا آهن. اهڙيءَ ريت ”ٽنڊو“ لفظ وارا ڳوٺ ۽ شهر سراج جي تحقيق مطابق پراڻا آهن. (8)

اهڙيءَ يت، ”ڪوٽ“ جي لفظ جي معنيٰ وارا ڳوٺ ۽ شهر جنگي اهميت وارا آهن. ”لانڍي“ ۽ ”ڀاڻ“ وارا لفظ ڳوٺ مضافاتي بستيون آهن، ڇو ته هنن لفظن سان مال جي وٿاڻ جو مفهوم ملي ٿو. ماڳن جا نالا، جيئن محقق ماريوپي ٿو لکي، ”اهڙا آهن، جو انهن جي معرفت اسان تائين ماضيءَ جون ڪهاڻيون پهتيون آهن.“ (9)

سنڌ ۾ هنن ڪهاڻين مان ڪي وڏيون ڪهاڻيون آهن: موهن جو دڙو، ڪاهوءَ جو دڙو، جهڪو جو دڙو، ڪوٽ ڏيجي، برهمڻ آباد، ديبل، ڀنڀور، عمرڪوٽ ۽ نيرون ڪوٽ. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان اڄ سوڌو انهن ڪهاڻين کي پرکي ڪونه سگهيا آهيون. نالا قومن جا به ٿين ٿا. فرانس تي ان جو نالو فرينڪ (Frank) ماڻهن تان پيو آهي. فرانس جو اصل نالو گال (Gaul) هو، جيڪو هڪ پکيءَ جو نالو آهي، ۽ اهو پکي هاڻي فرانس جي علامت آهي. اهڙيءَ ريت سنڌ، سنڌو ۽ سنڌي لفظ ۾ به نالا آهن، جيڪي هڪٻئي سان نسبت رکن ٿا.

اڳي ماڻهن تي جانورن جا نالا به رکيا ويندا هئا- جانور اسان جا ويجها پاڙيسري هئا. سنڌ ۾ ماڻهن جي نالن سان گڏ الله، خدا، الهه لفظ به اچن ٿا. پر سنڌ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جا نالا گاهن، ميون، وڻن، جنسن ۽ پکين جي نالن پٺيان به آهن. سنڌ ۾ تمام گهڻيون ذاتيون ماڻهن جي نالن پٺيان قائم ٿيون آهن. هن قسم جو اڀياس سلطان راهوجا صاحب ڪيو هو، پر ان کان ڳ به قليچ بيگ ۽ مولائي شيدائيء جي ڪتابن ۾ اهڙو ذڪر آيو آهي.

نالن جي هن اڀياس مان جيڪو سماجي ڪارج پورو ٿئي ٿو، تنهن جو اڀياس ته اڳتي ڪيو ويندو؛ هت رڳو ايترو چوڻ ڪافي آهي ته نالا به اهڃاڻ آهن انهن حقيقتن جا، جيڪي تاريخي سچائيءَ سان ڀرپور ۽ ڀريل آهن. اهڙيءَ ريت نالا به معنيٰ جا اشارا، نشان ۽ علامتون آهن.

علامتي ٻولي:

ويجهڙائيءَ ۾ علامتي ٻوليءَ (Sign Language) جون ڪي شڪيلون نروار ٿيون آهن. هن مان رياضيءَ جي اهڃاڻ واريءَ ٻوليءَ کان سواءِ ۽ ڪوڊ ٻوليءَ کان سواءِ، لنڪس (Lincos) ٻولي به آهي. لنڪس ٻولي اصل ۾ خلائي ٻولي (Lingua Cosmica) آهي. هن ٻوليءَ جو وڏو محقق ڊچ عالم ڊاڪٽر هنس فرائيڊينٿل (Dr. Hans Frieudenthal) آهي. سال 1960ع ۾ ڊاڪٽر هنس خلائي ٻوليءَ تي جيڪو ڪتاب لکيو هو، ان جو نالو آهي

Lincos Design of Language for Cosmic Intercouse

ڪامپيوٽر ۽ ميٽر جدا جدا نشان ۽ علامتون ڪم آڻين ٿا. اهڙيءَ ريت علامتي ٻولي ته اسان جي اهڃاڻوي زندگيءَ جو ڄڻ هڪ اهم حصو بڻجي چڪي آهي. مشينون اڳتي اسان لاءِ تجربا به ڪنديون- اهڙا تجربا روس ۽ آمريڪا ۾ ٿي رهيا آهن. پر ٻوليء جي ان ’ترجمي‘ ۾ يا مشين جي ٻوليءَ ۾ انسان جون مخصوص صلاحيتون ڪم اچي ڪونه ٿيون سگهن. مثال طور ”ادا“، ادائگيء يا طرز جو سوال مشين جي وسيلي حل ڪري ڪونه ٿو سگهجي. ماڻهو رڳو ڳالهائي نه ٿو، پر هو خيال ۽ معنيٰ ادا ٿو ڪري، ادا ڪرڻ فقط انسان جي نصيب ۾ ئي آهي، باقي اظهار ڪرڻ ته جانورن لاءِ به ممڪن رهيو آهي.

اهڙيءَ ريت ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو شان آهي ان جي آرٽ واري ڳالهه ۽ خصوصيت. مشين شعر ٺاهي نٿي سگهي، مشين راڳ ۽ سر دريافت ڪري نه ٿي سگهي، مشين نقاشي ڪري نه ٿي سگهي، مشين ڳجهارت ڏيئي سگهي ٿي، ڀڃي سگهي ٿي پر مشين ڳجهارت، هنر، ڏور، سهرو، نڙ جا بيت، بهادراڻو شعر ۽ بيت، وائي ۽ ڪافي ادا ڪري نه ٿي سگهي.

ڏٺو ويندو ته هن ڪتاب جي ادب واري حصي ۾ جيڪو اسان ادائگيء يعني ادا وارو بحث ڪيو آهي، ان ۾ اسان وڏي ۾ وڏي جاءِ ادا کي ڏني آهي، جنهن کي ادب جو آرٽ سڏيو ويو آهي. دليل به فراهم ڪيو ويو آهي، جنهن مطابق اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته اها ٻولي، جا انسان ڳالهائي ٿو، سا هر حالت ۾ انسان جي ئي خصوصيت رهندي، توڙي جو مطلب ۽ معني ته هينئر مشينون ۽ سائنسون به ادا ڪري سگهن ٿيون.

ڳالهائڻ واريءَ ٻوليءَ (Speech) ۾ اسان جيڪو خصوصي ذڪر ادائگيءَ وارو ڪيو آهي، اهو رڳو ان ادائگيءَ تائين محدود رهي نٿو سگهي، جيڪا ڳالهائڻ وسيلي ٿئي ٿي. ادائگيءَ يا ٻوليءَ جي حسن ادائگيءَ جا وڏا مثال اسان کي اشارن واريءَ ٻوليءَ يا ڻ ڳالهايل ٻوليءَ ۾ به عام ملن ٿا. اهو ئي سبب آهي، جو اسان جو ويچار آهي ته اشارن واري ٻولي به انتهائي سڌريل ٻولي آهي. هن هيٺ اسان ”اڻ ڳالهايل“ سنڌي ٻوليءَ جي سوال تي بحث ڪري رهيا آهيون.

ٻولي ۽ اڻ ڳالهايل ٻولي:

انهيءَ سوال جو جواب ته ”ٻولي ڇا کي چئجي“؟ ٻن طريقن سان ڏيئي ٿو سگهجي. پهريون هي ته ”ٻولي لفظن جي اها صورت آهي، جنهن کي ڳالهائڻ وارن عضون پيدا ڪيو آهي، ۽ ٻڌڻ وارن عضون (ڪنن) سئو آهي.“ ۽ ٻيو هي ته ”ٻولي چئبو آهي مطلب، معنيٰ ۽ خيال کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچائڻ واري وسيلي کي.“

پهرئين جواب تي غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته ٻوليءَ لاءِ اهو ضرروي آهي ته اها آوازن تي ٻڌل هجي ۽ ٻيو ته اهي آواز اهڙا هجن جو انسان جا ڪن انهن کي ”ٻڌن“. هن جواب ۾ جا ڳالهه رهجي ويئي آهي سان اها آهي ته هن ۾ ڳالهائڻ، اچارڻ يا ٻڌڻ جو اصل مقصد خيال ۾ ئي نه آندو ويو آهي. ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جو مقصد آهي ئي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ، ۽ سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو ڪم رڳو تڏهن ٿي سگهندو جڏهن اچارن، آوازن يا لفظن کي ڪا معنيٰ هوندي. ڍڳي جي رنڀ ۽ ٻڪر جي ٻيڪاٽ ۾ به ڪي ’لفظي‘ صورتون، اچار ۽ پد آهن ۽ انهن کي ٻڌڻ وارا ڪن ٻڌي ٿا سگهن، پر ڀلا ائين چئجي ڇا ته ڍڳن جي به هڪ زبان آهي ۽ ٻڪر به ڪا ٻولي ٿا ڳالهائين! بيشڪ ڍڳن ۽ ٻڪرن جي ’معاشرن‘ ۾ انهن آوازن ۽ اچارن کي ڪا معنيٰ هوندي، پر انساني معاشري ۾ انهن آوازن ۽ اچارن کي ”ٻولي“ چئي نه ٿو سگهجي. اسان ته ٻولي انهيءَ ٻوليءَ کي سڏيون ٿا، جيڪا ماڻهو ڳالهائيندا آهن.

ٻئي جواب ۾ زور ڏنو ويو آهي ”معنيٰ“ تي. هن جواب ۾ به ٻين ڳالهين طرف ڌيان ڇڪايو ويو آهي. پهريون هي ته ٻولي لفظن جي اها صورت آهي جنهن ۾ ڪا نه ڪا ”معنيٰ“ موجود هجي، ۽ ٻي هيءَ ته اها معنيٰ جيڪا لفظن ۾ يا لفظي صورتن ۾ موجود آهي، سا پنڌ ڪندي ٿي رهي، يعني هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچي ٿي سگهي. لفظن جي اها معنيٰ، جا رڳو هڪڙي هنڌ سمجهي ٿي سگهجي، يا جنهن کي رڳو ڪي ٿورڙا ماڻهو سمجهن ٿا، سا ٻولي ڏسجي نٿي سگهي. ان ڪري سماج ۽ زمين جو تصور به ٻوليءَ جي تصور سان گڏوگڏ رهندو آيو آهي. هينئر اسان ڪنهن سماج ۽ ڪنهن زمين جي تصور کان سواءِ ڪنهن ٻوليءَ جو تصور نه ٿا ڪري سگهون. اهو ئي سبب آهي، جو اسان چوندا آهيون ته ٻوليون به مرنديون آهن ۽ ٻوليون به ڄمنديون آهن.

زبان جو هي ٻيو نظريو هاڻوڪو آهي ۽ ان جو تصور سائنسي طريقي سان سوچڻ بعد ڏنو ويو آهي.

هي نظريو زبان جي بنياد، تاريخ ۽ اوسر جي نظرين جي پٺڀرائي ڪري ٿو. پهرئين ۽ ٻئي خيال جي وچ ۾ جيڪو اختلاف آهي، اهو به بنيادي، نظرياتي ۽ اصولي آهي. ڪي ٿا چون ته زبان جي شروعات آوازن پيدا ڪرڻ سان ٿي. اڪري ترقي يا اوسر به انهن ئي آوازن جي ٿي. ان ڪري بنيادي ڳالهه ڇو نه آوازن کي سمجهيو وڃي؟ ٻيا چون ٿا ته ٻوليءَ جي شروعات ڪري ٿو چوي ته آوازن پيدا ڪرڻ سان ٿي هئي؟ ٻوليءَ جي شروعات ته اشارن ڏيڻ سان ٿي هئي، ۽ اڄ تائين به اهي اشارا ئي آهن، جيڪي ٻوليءَ جو منڍ ۽ بنياد بنيل آهن. اسان جڏهن ڪا ڳالهه زبان سان چڱيءَ ريت سمجهائي نه سگهندا آهيون، تڏهن هٿن، اکين، ڀرن ۽ چپن کان ڪم وٺندا آهيون. پوءِ ڇو نه اشارن کي ئي زبان جو بنياد سمجهيو وڃي؟ باقي رهيو سوال آوازن پيدا ڪرڻ جو، سو اها هڪ رسم آهي جيڪا انسانن، آسپاس جي پکين ۽ جانورن جي ماحول سان لهه وچڙ ۾ اچڻ سان، حاصل ڪري ورتي آهي. باقي آدم اصل ۾ زبان اشارن واري ڄاڻندو هو. هنن صاحبن جو هڪ ڳورو دليل هي آهي ته انسان جڏهن منڍ ۾ پنهنجا عضوا ڪم آڻڻ سکندو هو، تڏهن هن سڀ کان اڳي اهو عضوو استعمال ڪيو هوندو، جيڪو وڌيڪ طاقتور هوندو، يا اهو جيڪو وڌيڪ ڪمزور هوندو؟ هاڻي جڏهن ته ”اظهار“ انسان جي بنيادي ضرورت آهي ۽ جڏهن ته گلي جو اهو حصو جيڪو آواز پيدا ڪري ٿو، ٻين عضون کان گهٽ طاقتور آهي، تنهنڪري آواز پيدا ڪرڻ ”اظهار“ جو پهريون وسيلو ٿي نه ٿو سگهي. هن منزل تي پڇي ٿو سگهجي ته پوءِ آخر، ماڻهن جي پهرينءَ ”زبان“ کي ڇا ٿيو، جو ترقي نه ڪيائين، ۽ ٻيءَ ”زبان“ کي آخر ڪهڙا پر لڳا. جو تهذيب واري زماني جي تمام اهم شيءَ بڻجي ويئي! هن اعتراض جو جواب هي آهي ته ماڻهوءَ جي ترقيءَ جو راز ئي انهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته هو جدا جدا عضون کان ڪم وٺي ۽ هن ۾ به ته انسان هڪ عضوي کان کان گهڻا ڪم وٺي.

جڏهن هٿن ۽ طاقتور عضون کي گهڻا ڪم مليا، تڏهن انهن جا ڪي ڪم ٻين عضون کان به ورتا ويا، تان جو زبان به چرڻ لڳي ۽ چپ به هلڻ لڳا ۽ آخرڪار گلي جهڙي نازڪ عضوي به پنهنجو ڪم سنڀاليو. ايتري ۾ انسان کي ٻڌڻ جي تجربي مان اهو سبق حاصل ٿيو ته گلو، چپ ۽ زبان ملي، نه رڳو اظهار جو ڪم ڏيئي ٿا سگهن، پر انهن مان جيڪو آواز پيدا ٿو ٿئي، اهو راحت به بخشي ٿو. وري پکين جي پڪارڻ ۽ جانورن جي آوازن به هن ڳالهه کي ٽيڪو ڏنو. هڪڙي ٻي ڳالهه جيڪا مددگار ثابت ٿي، سا اها آهي ته اظهار جو ڪم گلي، چپن ۽ زبان کان وٺڻ سان انسان هڪ ئي وقت گهڻا ڪم ڪري ٿي سگهيو. ڇو ته اشارن کان واندڪائي وٺي، انسان جا عضوا ٻيا ڪم به ڪري ٿي سگهيا. هڪ هيءَ ڳالهه به ضرور سمجهڻ گهرجي ته اشارن واري اظهار کي سمجهڻ لاءِ ڏسڻ تمام ضروري هو، پر آواز وارو اظهار بنان ڏسڻ جي به سمجهه ۾ اچي ٿي سگهيو. جيئن سڏ يا ڏاڍيان ڳالهائڻ جي حالت ۾ ٿيندو آهي. انسان بنيادي طور تي سهل پسند آهي، ان ڪري هن اظهار جي لاءِ پويون طريقو وڌيڪ استعمال ڪيو، تانجو ٻوليون جڙي پيون. وري لکڻ ۽ پڙهڻ وارن طريقن ته بنهه اظهار جي هن وسيلي کي وڏي طاقت ڏني. پر تنهن هوندي به ڪمال انهيءَ ”زبان“ جو چئبو، جيڪا اهڙين سهوليتن نه هوندي به جيئري جاڳندي هلندي آئي آهي، ۽ ۽ اڄ به ان کي ”ڳالهائڻ“ وارا ۽ سمجهڻ وارا ٻيئي موجود آهن. مان سمجهان ٿو ته هيءَ ڳالهه تعجب جهڙي نه آهي، ڇو ته اشارن وار ٻولي ماڻهوءَ جي بنيادي ٻولي آهي. ماڻهوءَ کي پنهنجي بنيادي ڳالهه سان هر حال ۾ سچو رهڻو آهي. جهڙيءَ طرح ٻين زبانن لاءِ جدا جدا مشاهدا هڪ ميدان ٺاهي بيٺا آهن، تهڙيءَ طرح اڻ ڳالهايل ”زبان“ جي لاءِ پوري انسان ذات هڪ معاشري جهڙي آهي. هيءَ زبان ان ڪري انسان ذات کي هڪڙي ئي ڀائيچاري ۾ ڳنڍڻ ۽ هڪ ئي خاندان جي صورت وٺائڻ ۾ به مددگار ثابت ٿي آهي. هيءَ ٻولي هڪڙي ئي وقت تي فن جي زبان به آهي ته ان سان گڏ سائنس جي زبان به آهي. هيءَ زبان اوپيرا، بيلي، جهمر، هنبوڇيءَ جي زبان به آهي ته فوجي معاملن ۾ ڪم ٿي اچي (سنگلن جي وسيلي.) هيءَ زبان سائيءَ ۽ ڳاڙهيءَ جهنڊيءَ جي زبان آهي. اچ وڃ کي ضابطي ۾ رکڻ جو ڪم به هن زبان جي وسيلي ڪري ٿو سگهجي. ان ڪري اشارن جو مطلب به ڪشادو ٿيندو ٿو وڃي. اڳي اشارا رڳو عضون سان ڪيا ويندا هئا، پر هاڻي رنگن ۽ روشنين سان به اشارا ڪري ٿا سگهجن.

6- اڻ ڳالهايل ٻوليءَ جا ڪارائتا مثال:

مٿي اشارو ڪم اٿم ته اڻ ڳالهايل زبان پهرين ۽ آخري زبان آهي انسان ذات جي. اڻ ڳالهايل ٻولي، ڳالهايل ٻوليء سان لڳو لڳ، جدا جدا رستي، ترقي ڪندي رهي آهي. هٿ سان سلام ڪرڻ وارو طريقو بهرحال آجيان ۽ آڌرڀاءَ جي مطلب سان گهڻو ڪري دنيا جي سڀني ملڪن ۾ اڄ به چالو آهي. اهڙيءَ طرح ننهڪر ۽ هائوڪر جا اشارا به بنيادي اشارا آهن. اها ڳالهه ٻي آهي ته هنن اشارن جي ادائگيء ۾ هڪجهڙا آهن. اسان ”معنيٰ“ واريء ڳالهه کي زبان جو اصل سمجهي رهيا آهيون، ان ڪري اسان کي جدا جدا طريقن جي ڪري مونجهارو محسوس ڪرڻ نه گهرجي. پراڻي زبان ۾ ”ڪنڌ هيٺ ڀرو ڪرڻ“ وارو اشارو هاڪار جو مطلب ڏيندو هو، ته اسان وٽ هن اشاري ۾ ڪنڌ هيٺ ڪرڻ سان گڏ ڪنڌ مٿي ڪرڻ به شامل ٿي ويو آهي. غور سان ڏسبو ته بنيادي اشاري ۾ هيء ڦيرگهير ڪا خاص ۽ اهم ڦيرگهير نه آهي. اهڙيءَ طرح هٿ جي اشاري سان سڏ ڪرڻ ۽ تڙي ڪڍڻ وارو اشارو به ٿوري گهڻي فرق سان دنيا جي ڳچ جيترين قومن ۾ ساڳئي نموني ۾ موجود آهي. ٻيا جيڪي عام اشارا آهن، سي آهن ٻڪ ٺاهي چپن تائين آڻڻ پاڻي گهرڻ لاءِ، ۽ هٿ جي آڱرين کي کاڏيءَ تي رکي ڏاڙهيء جو اشارو ٺاهڻ يعني مددگاريء جو مطلب ڏيڻ.

7- اشارن واري نثر ۽ نظم جي زبان:

جهڙيء ريت آوازن واريء ٻوليء ۾ نثر ۽ نظم جو فرق محسوس ڪيو ٿو وڃي، تهڙيء طرح اشارن واريء ٻوليء ۾ به ’نثر‘ جي زبان هڪ آهي ته ’نظم‘ جي ٻي آهي. نثر واري زبان اها آهي، جنهن ۾ لطيف انساني جذبن جو اظهار نه ڪبو آهي، زبان جو هي حصو چند رسمي، بنيادي ۽ پڪن پختن خيالن جو اظهار ٿو ڪري. هن ڏس ۾ هائوڪر، ننهڪر ۽ سڏ ۽ اجازت وٺڻ جا اشارا اچي ٿا وڃڻ. پر نظم واري زبان اها آهي، جنهن ۾ لطيف جذبن جو اظهار ڪري ٿو سگهجي. ان ڪري هيءَ زبان ناچ، جهمر، ۽ هنبوڇيء يا اوپيرا ۽ بيلي جي زبان آهي. ڇاڪاڻ ته هن زبان جي سڌي سنئين اپيل انسان ۾ شاعري به ڪري ٿي سگهجي. سنڌي ڳالهائڻ وارن وٽ چميء، ميڇ ۽ چهنڊڙيء جا اشارا به لطيف جذبات جو اظهار ڪندا آهن.

مانائتو ماريوپي Mario Pie پنهنجي ڪتاب “Story of Language” ۾ ڏيکاريو آهي ته رڳو اوڀر انڊيز جي ماڻهن وٽ محبت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ٻه سوء اشارا موجود آهن.

8- اڻ ڳالهايل زبان جا قسم:

مانائتي ماريوپيء پنهنجي ڪتاب ”ٻوليءَ جي آکاڻي“ ۾ اڻ ڳالهايل زبان جي ٽي قسم ٻڌايا آهن. هڪڙو ته قسم اهو آهي، جنهن کي مون هيستائين اشارن واري زبان پئي ڪوٺيو آهي- ان جو ذڪر مٿي چڱو خاصو آيو آهي. باقي ٻن قسمن مان پهريون قسم آهي اها زبان، جا ڳالهايل زبان کي ويجهي هجي، ۽ ٻيو آهي اها زبان، جا لکيل زبان کي ويجهي هجي.

سنڌي ٻولي ڳالهائڻ وارا جڏهن سواءِ چپن چورڻ ۽ زبان هلائڻ جي ”هون“ جو آواز ٿا پيدا ڪن، تڏهن ان مان مطلب اهڙو ئي ٿو نڪري، جهڙو ”هائو“ جو، ۽ ان ”هون“ جو اچار به ”هائو“ جي اچار جي ويجهو اچي ٿو وڃي. اهڙيءَ طرح ساڳي ”هون“ جو ۽ ”ڳٽ“ جو مطلب ننهنڪر آهي، ۽ ان جو آواز به ”نه“ جي ويجهو آهي. تنهن کان سواءِ بين. الغوزي، يا مرليءَ ۾ آوازن ڪڍڻ سان اسان زبان ۾ ڳالهايل لفظن جي لڳ ڀڳ آواز ڪڍي سگهندا آهيون. اهو ئي سبب آهي، جو الغوزي ۾ ”پيرين پوندي سان يا ”ڪانگل ادا کڻي وڃ“ واريون ڪافيون اسان ان جي پٺيان ڳائي به سگهندا آهيون. پر پڌرو آهي ته بين يا ٻين سازن سامان اهي نڪتل آواز ٻولي ڪوٺجي ٿا سگهجن، ڇو ته ٻولي ته فقط انهن آوازن جي آڌار تي ٺهي آهي، جيڪي گلي، چپن، ۽ زبان جي مدد سان ڪڍي سگهجن. پر ههڙي قسم جي اڻ ڳالهايل زبان ڳالهايل زبان جي ويجهو آهي.

ٻئي درجي ۾ اهو نمونو آهي، جو لکيل زبان جي ويجهو هجي. ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته اهڙي قسم جي اڻ ڳالهايل زبان پاڻ کليل زبان کي ترقي ڏني آهي. هن نموني ۾ اسان آڳاٽي زماني ۾ پٿرن تي اڪريل مورتن وارن لفظن ۽ حرفن جي نشانن کي شامل ڪري ٿا سگهون. هنن سڀني ۾ هڪڙو مطلب ۽ معنيٰ موجود آهي، جا ڏسندڙ تائين پهچائي ويئي آهي ۽ پهچائي سگهجي ٿي.

9- اڻ ڳالهايل زبان جو ڪارج:

اڻ ڳالهايل  زبان جي باب ۾ ٽي ڳالهيون ته اهڙيون آهن، جو انهن تي اسان اکيون ٻوٽي اتفاق ڪري ٿا سگهون.

پهرين ڳالهه هيءَ ته اشارن واري زبان ڳالهايل زبان کان اڳ ۾ پيدا ٿي هئي. ان ڪري هيءَ زبان انسان جي پهرين زبان آهي.

ٻي ڳالهه هيءَ ته جيڪڏهن حالتون ساز گار هجن ها، ته اڻ ڳالهايل زبان ڳالهايل زبان کان به وڌيڪ ترقي ڪري سگهي ها.

ٽين ڳالهه هيءَ ته اشان واريءَ زبان ۽ اڻ ڳالهايل زبان ۾شامل ٻيون زبانون اڄ به دنيا جي سڀني ماڻهن جي وچ ۾ رابطي جي زبان جي جاءِ وٺي ٿيون سگهن.

ٻولين مان انسان جي تهذيب، تمدن، معاش ۽ معاشري جي خبر ٿي پوي. انسان جي تاريخ جو ڳچ سارو حصو ته خود زبانن جي تاريخ مان ورتو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو اسان پنهنجي ٻولين جي تاريخ ۾ دلچسپي وٺڻ کانسواءِ  رهي نه ٿا سگهون. هت غور ڪرڻ جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته جڏهن کليل ۽ ڳالهايل زبانن مان ايتري خبر پئجي ٿي سگهي، ته پوءِ اڻ ڳالهايل زبان ته سچ پڇ انساني وسيلن جي زبان آهي- تنهن ڪري ان جو اڀياس اسان کي انسان ذات جي لاءِ وڌيڪ خبر چار ڏيئي سگهندو. هن زبان جي وسيلي اسان دنيا جي گولي تي رهندڙ قومن جو هڪٻئي سان ڳانڍاپو معلوم ڪري ٿا سگهون. اهڙيءَ طرح جدا جدا زبانن جي ڄم جي باب ۾ معلومات هٿ ڪري ٿي سگهجي. جهڙيءَ طرح ٺڪر جي ٿانون تي نڪتل مورتن مان اسان اها ڳالهه معلوم ڪري سگهنداسون ته ڪنهن به هڪ زبان جو واسطو دنيا جي ٻين زبانن سان ڪهڙو آهي- (مون کي پڪ آهي ته هن قسم جي سوچ ويچار مان اسان کي سنڌي زبان جي ڄم ۽ واڌ جي باب ۾ تمام چڱي معلومات ملي سگهندي.)

اڻ ڳالهايل زبان جو مستقبل به وڌيڪ روشن ٿو نظر اچي، ڇو ته هن وقت تائين اسان فقط اهي وسيلا هٿ ڪيا آهن، جن ۾ ڳالهايل زبان کي مدد ملي آهي. پر هاڻي اسان اهو وسيلو به آزمائي رهيا آهيون، جنهن مان فقط اڻ ڳالهايل زبان کي هٿي ملندي. ڏٺ- ٻڌو يعني ٽيليويزن (Television) جو وسيلو اسان کي اڻ ڳالهايل زبان جي ترقيء ۾ مدد ڪري رهيو آهي: اڳي فقط ڪنن جي وسيلي مطلب حاصل ڪبو هو، پر اهاڻ اکيون به معنيٰ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون.

10-  اڻ ڳالهايل سنڌي ٻولي:

اڻ ڳالهايل سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس مان اسان کي هيٺيان فائدا حاصل ٿيندا:

اسان جي تقرير ۽ ڳالهائڻ جي صلاحيت کي ترقي ملندي.

سنڌي ماڻهن جي تمدني حياتيء ۽ سماجي جيون جو به اڀياس ڪري سگهبو.

اسان کي سنڌي زبان جي منڍ ۽ ان جي ٻين زبانن سان لاڳاپي جو پتو پوندو.

ان ڪري مان سمجهان ٿو ته هن قسم جي ڪوشش، زبان جي عالمن ۽ اڪابرن جي لاءِ ضرور دلچپسيءَ جهڙي ٿيندي.

اسان وٽ سنڌ ۾ اڻ ڳالهايل زبان جا جيڪي چالو سڪا آهن، تن کي گهٽ ۾ گهٽ ايشيا جي گهڻن ئي هنڌن تي ضرور ملهه هوندو. ٻنهي هٿن جو ٻڪ ٺاهي وات تي آڻڻ وارو اشارو گهڻن ئي ملڪن ۾ اُڃ مرڻ کان بچائيندو. اهڙيءَ طرح هٿ لوڏي يا هٿ جون آڱريون هيٺ مٿي ڪري اسان ڪنهن ملڪ ۾ ڪنهن ماڻهوءَ کي پاڻ ڏانهن آڻي سگهڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسون. هن باب ۾ هڪڙو اصول به ٺاهي ٿو سگهجي. جيڪڏهن ڌرتيءَ جي ڪنهن حصي تي ڪي اشارا سڀئي ماڻهو يا گهڻا ماڻهو سمجهي سگهندا هجن، ته پوءِ سمجهڻ گهرجي ته توڙي جو ڳالهايل زبانون ٻيون ٻيون آهن، معنيٰ سڀني حصن جي ماڻهن جي هڪ آهي. اهڙي قسم جو خيال ها ڳالهه سمجهائي سگهندو ته انهي حصي جي ماڻهن جي پهرين زبان ساڳي رهي آهي،- ڇو ته ان جي معنيٰ به ساڳي آهي ۽ معنيٰ کي پکيڙڻ وارو طريقو يعني اشارو به ساڳيو آهي. (خدا ڪري ڪو اسان مان هن طرح جي اڀياس ڏي به ڌيان ڏئي.)

هاڻي آءُ اڻ ڳالهايل سنڌي زبان جا ڪي مثال ڏيندس. اک يا اکين جي چرپر تي ٻڌل محاورن جو عدد پڻ سنڌي زبان ۾ گهڻو آهي. پر ڪن محارون ۾ ته ڳالهايل زبان جو محاورو اڻ ڳالهايل زبان جي اشاري سان بلڪل ٺهڪي ٿو اچي. مثال طور اسان جي ڳالهايل ٻوليءَ ۾ اک ڦوٽارڻ، اک ڦاڙڻ، اک ٻوٽڻ، اک پٽڻ وارا محاورا اک جي چرپر يا اشاري مان ورتل آهن. اک ڦوٽارڻ جي معنيٰ آهي ڪاوڙجن“ پر هونئن به رڳو ڦوٽاريل اکين جي اشاري مان اسان مطلب ڪاوڙ جو ڪڍندا آهيون. اهريءَ طرح بهاک ٻوٽڻ جي معنيٰ آهي مري وڃڻ، يا ڪجهه ڳالهائڻ کان سواءِ رڳو اکيون ٻوٽڻ سان به اسان ٻڌائي سگهنداسون ته ڪو مري ويو آهي. مان ڀانيان ٿو ته سنڌي زبان ۾ هن قسم جا محاورا ٻڌائين ٿا ته اسان جي زبان گهڻي ڀاڱي پراڻي به آهي ته نرالي به آهي، ۽ اهڙيءَ طرح دنيا جي پهرين زبانن کي ويجهي آهي. هيءَ ڳالهه اسان وٽ ويساهه جهڙي آهي ته انسان جي پهرينء زبان ۾، هٿن ۽ اکين جي چرپر کي وڏو دخل هوندو. هاڻي جيڪڏهن انسان سڀ کان اڳ اشارن سان اظهار ڪرڻ سکيو آهي، ته پوءِ پڪ آهي ته سنڌي زبان جي وسيلي اسان وٽ ان زبان جو ڳچ سارو حصو پهچي ويو آهي.

اک وارن اشارن جي باب ۾ ميڇ جو ذڪر عام دلچسپ ٿيندو.

ميڇ: ميڇ اک جي هڪ سادي چرپر جو نالو آهي. اک جي ٻين اشارن مان ته اسان محاورا به ٺاهيا آهن، پر ميڇ ته اسان وٽ اڄ به اڻ ڳالهايل زبان جي نمائندگي ڪري ٿي سگهي. شروعاتي دور ۾ جڏهن رڳو اکيون ڦاڙي ڏسڻ جي ڪا به معنيٰ هوندي هئي، تڏهن ميڇ ڏيڻ ضرور هڪ فن جو نالو هوندو ۽ ميڇ ڏيڻ واري ماڻهوءَ جو مقام ڪنهن شاعر يا اديب کان گهٽ ڪڏهن به نه هوندو. اسان وٽ اڄ به ميڇ ڏيڻ جي فن جو استاد وڏو مقام رکي ٿو. اڄڪلهه ميڇ جون جدا جدا معنائون آهن. هڪڙيءَ ميڇ مان جنسي جذبات جو اظهار ٿو ٿئي ته ٻيءَ مان ڪنهن کي بي وقوف بڻائڻ جو. هڪڙيءَ ميڇ مان اهو مطلب ٿو نڪري ته ”تون بس ڪجان“، ته ٻيء مان اهو ته ”دل جي ڳالهه دل ۾“. اهڙيءَ طرح ميڇ جا ٻيا مطلب به نڪرن ٿا. مان سمجهان ٿو ته هن جو مطلب اهو آهي ته هي اشارو پراڻو آهي ۽ هاڻي ڪافي ترقي ڪري چڪو آهي.

هٿ جي اشارن جو اڀياس به ڏاڍو دلچسپ آهي. هٿ جي اشارن ۾ اسان وٽ جيڪي معنيٰ جا سڪا موجود آهن، انهن ۾ خاص آهن: بجو، تاڙي يا چسي، چهنڊڙي ۽ ڪي ٻيا. هٿ ۾ وري آڱوٺي جو ڪم جدا آهي ته ڏسڻي آڱر جو جدا. اهڙيءَ طرح چيچ يا ٻاچ ۽ وچينءَ جا به ڪي اشارا آهن. وري پنج ئي گڏجن ٿا ته مطلب ٻيو ٿو نڪري.

بجو: بجي جو جيڪو مطلب اسان وٽ سمجهيو ٿو وڃي، سو شايد دنيا جي ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ سمجهيو نه ٿو وڃي. بجي ڏيڻ جي اشاري جي معنيٰ آهي پنج ڏيکارڻ يا پنجن جو مطلب ظاهر ڪرڻ. ان ڪري بجي ڏيڻ کي وڌيڪ اثرائتي ڪرڻ لاءِ اسان چوندا آهيون ”هي پنج ٿئي“ يا ”هي ٿئي پنج“! هيئن به چئبو آهي ته ”هي منهن ۾ ٿئي!“ اهڙيءَ طرح بجو گهروڙي ڏيڻ يا گسائي ڏيڻ وارو ٺلهي بجي ڏيڻ کان وڌيڪ اثرائتو آهي. هاڻي اچو ته ڏسون ته آخر هنن سڀني اشارن جو مطلب ڪهڙو آهي. منهنجو هڪڙو معمولي خيال آهي ته هن اشاري ۾ اسان جي تمدني زندگيءَ جا ڪي نهايت اهم راز سمايل آهن. اها ڳالهه هر دور ۾ ۽ هر معاشري ۾ مڃي ويئي آهي ته منهنجو حصو جسم جي ٻين حصن کان وڌيڪ مانوارو سمجهيو ويو آهي. اسلام ۾ منهن تي ڌڪ هڻڻ واري لاءِ تمام ڳري سزا مقرر ٿيل آهي. ديوتائن جي مورتين ۾ به منهن جو حصو هايت ئي اهتمام سان ڏيکاريو ويو آهي. هار سينگار لاءِ به جسم جي هن حصي تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو آهي. حسن جي تصور ۾ به هن حصي جو خاص خيال رکيو ويو آهي. پراڻي زماني جي آثارن مان منهن سينگارڻ جا زيور ڏاڍا گهڻا مليا آهن. سنڌي عورت ته منهن سينگارڻ جي معاملي ۾ وس ڪيا آهن. ڪن، ڀرون، نڪ، کاڏي، ڳٽو، نرڙ ۽ اک، مطلب ته هر جزي جي لاءِ اسان وٽ سينگار موجود آهي. وري هڪڙي هڪڙي جزي لاءِ گهڻا ڳهه به موجود آهن. مرد جي عزت به منهن ۾ آهي. هاڻي هي اسان وٽ بجو ڏيڻ جو تمام برو ٿو سمجهيو وڃي، سو چئبو ته هن اشاري مان ضرور منهن کي ”بي ماني ڪرڻ، يا ”بي مهابي“ ڪرڻ جي ڪا معنيٰ ٿي نڪري. ان ڪري چئبو ته بجي ڏيڻ واري اشاري جو مطلب آهي: ”منهن تي ڌڪ هڻڻ“. سو جڏهن اسان چئون ٿا ته ”پنج ٿئي“، تڏهن اسان جو مطلب آهي: ”مان تو کي سڄي منهن تي زور سان ڌڪ ٿو هڻان“. بجو هٿ سان ڏبو آهي، ڇو ته ڌڪ به هٿ سان ئي هڻبو آهي. هن اشاري جو اسان جي تمدني زندگيء ۾ مطلب هي آهي ته هن ڏيهه جا ماڻهو پنهنجي عزت جي معاملي ۾ ايتري قدر حساس آهن، جو ڌڪ هڻڻ ته ٺهيو پر منهن تي ڌڪ جو اشارو ڪرڻ ئي اسان وٽ خون ڪرائي وجهندو آهي. هاڻي ظاهر آهي ته اسان جي اشاري واري زبان ڪيتري نه معنيٰ واري ۽ صاف زبان آهي.

هٿ جي اشارن ۾ آڱوٺي کي وڏي معنيٰ حاصل آهي. هي اشارو ننهڪر، صاف انڪار ۽ بيپرواهيءَ جا مطلب ٿو ڏئي. اهڙيءَ طرح ڏسڻي آڱر کي مٿي کڻڻ جو مطلب آهي ”الله جي هيڪڙائيءَ جو اشارو ڏيڻ“. هن مان اميد جو مطلب به نڪري ٿو، ۽ اهو مطلب به نڪري ٿو ته ”الله واهي آهي“.

چيچ جي ڳالهه مون کي خاصي دلچسپ ٿي نظر اچي. مون کي ياد آهي ته ننڍلائپ ۾ آءُ ڪنهن سان ياري ڳنڍڻ لاءِ پنهنجي چيچ هن جي چيچ ۾ ڳنڍيندو هوس. اسان چيچون ائين ملائيندا هئاسون، ڄڻ زنجير جون ٻه ڪڙيون مليون. چيچ سان چيچ ڳنڍڻ جو مطلب هو ٻن جيئن جو پاڻ ۾ جڙجڻ. هي جو چيو اٿن ته ”جنهن جي چيچ سيد جي هٿ ۾ تنهن کي لهر نڪو لوڏو“، تنهن جي مطلب ۾ اهو راز سمايل آهي- (فرض قصن گهڙڻ سان اسان ڪنهن جهڙي تهڙي کي ته بدنام ڪري ٿا سگهون، ان ڪري چيچ ۾ ونگوڙي جي اشاري لاءِ اسان وٽ ويڙهه يا کير منڊيء جو ڳهه ٺهيو آهي. شادين ۽ وهانون کان اڳ ۾ ياري ڳنڍڻ اسان جي تمدن ۾ رڳو اهڙيءَ طرح جائز رهيو آهي جيئن اسان اشارن ۾ ئي پنهنجو پيار ڏيکاريندا هئاسون. وري ياري رکڻ جو مطلب آهي پنهنجو پاڻ ٻئي جي حوالي ڪرڻ، ان ڪري يار کي اسين سڏيون ئي ”سر جو سائين“. سو ظاهر آهي ته اسان جي اڻ ڳالهايل زبان اڄ به اسان جي فطري زندگيءَ ۽ تمدني زندگيءَ ۾ وڏو ڪم ڪري رهي آهي.

اهڙيء طرح چهنڊڙي به هٿ جي چيچ وارو ڪم ڪري ٿي.

تاڙي خوشيءَ جي معنيٰ ۾ دنيا جي گهڻو ڪري سڀني قومن وٽ آهي. پر اسان وٽ تاڙيءَ کي ٻيون معنائون به آهن. تاڙي ڪنهن سمي اسان کي ساز جو ڪم ڏيندي هئي ۽ بعد ۾ اسان ان جو مٽ ٺاهي ورتو، جو هاڻي چپڙيءَ ۾ موجود آهي. هن مان سهوليت هيءَ ٿي ٿئي ته هاڻي تاڙي ”هڪ هٿ سان به وڄائي ٿي سگهجي.“ البت اسان کي ”تاڙي“ نه چئبو.

اسان جڏهن چوندا آهيون ته ”تاڙي هڻ“، تڏهن اسان جو مطلب هوندو آهي ته ”امانت ڪر“ يا ”سودو نبير“. ان لاءِ ”تاڙي هڻڻ“ جو ڪم اسان ڪنهن معتبر ماڻهوءَ جي حوالي ڪندا آهيون. اسان تاڙيءَ واري فيصلي جي عزت ڪندا آهيون. هڪڙي ڏينهن مون هڪڙي ”امانتو“ کان پڇيو ته توهان تاڙي هڻڻ لاءِ هٿ هٿ جي مٿان ڇو ٿا رکو! مون کي ياد آهي ته ان جو ڏاڍو چڱو جواب ڏنو هئائين. چيائين: ”پهريائين ٻنهي ڌرين کي سوگهو ڪندا آهيون، اها اسان جي ڳنڍ آهي. مڙس هٿ هٿ تي رکيو، ته ٻڌجي ويو. مريد ٿيندا آهيون ته به مرشد جو هٿ وٺندا آهيون. توهان ڪن به ٻين شين کي ملائڻ لاءِ مهر هڻندا آهيو. سو تاڙي به اسان جي مهر آهي، ڳنڍ جي مٿان مهر هڻي ڇڏيندا آهيون ته ڳنڍ لوهه ٿي ويندي.“

 

تسي يا چسيءَ وارو اشارو به تاڙيءَ واري اشاري مان نڪتو آهي.

سنڌ ۾ اڻ ڳالهايل زبان جا وڌيڪ جملا هيٺ ڏجن ٿا:

ڪنڌ هيٺ ڀرو ڪرڻ، (2) ڪنڌ ڪلهن جي طرف ڦيرائڻ، (3) هيٺيون چپ اڳتي ڪرڻ، (4) هٿ کي ٻه ٽي دفعا مٿي ڪرڻ (اٿ)، (5) هٿ کي ٻه ٽي دفعا هيٺ ڪرڻ (ويهه)، (6) نڪ ۾ گهنج وجهڻ، نڪ تي ڏسڻي آڱر ڦيرائڻ (توبہ)، (7) نرڙ تي گهنج وجهڻ، (8) ڪن جي پاپڙيءَ کي هٿ وجهڻ، (9) ڏوري تي هٿ هڻڻ، (10) سيني تي هٿ هڻڻ، (11) ڏاڙهيءَ تي هٿ هڻڻ (وعدو)، (12) ڌرتيءَ تي گيسي پائڻ (توبہ)، وغيره.

ڪنڌ هيٺ ڀرو ڪرڻ سان اسان ڪنهن ڳالهه تي اتفاق ڪندا آهيون.

ڪنڌ ٻنهي ڪلهن ڏانهن ڦيرائڻ سان اسان اختلاف ڪندا آهيون يا ننهڪر ڪندا آهيون.

هيٺيون چپ اڳتي ڪرڻ سان اسان حيرت ۽ نفرت يا اڻڄاڻائيءَ جو اظهار ڪندا آهيون.

هٿ کي ٻه ٽي ڀيرا مٿي ڪرڻ سان اسان ڪنهن کي اٿڻ جو اشارو ڪندا آهيون.

اهڙيءَ ريت هٿ کي ٻه ٽي ڀيرا هيٺ ڪرڻ مان اسان جو مطلب آهي ”ويهه“.

نڪ ۾ گهنج وجهڻ سان اسان بيزاريءَ جو اظهار ڪريون ٿا ۽ نڪ تي ڏسڻي آڱر ڦيرڻ سان اسان ”توبهه“ جو مفهوم ڏيون ٿا.

نرڙ تي اسان جي غور و خوض يا ڪاوڙ جو اظهار ڪن ٿا.

ڪن جي پاپڙيءَ تي هٿ هڻڻ يا پاپڙيءَ ۾ هٿ وجهڻ ”پڇتاءَ “ يا توبهه جو اشارو آهي.

ڏوري تي هٿ هڻڻ مان بار کڻڻ، يا ذميواري کڻڻ کان سواءِ طاقت آزمائيءَ جو تصور به ملي ٿو.

سيني تي هٿ هئڻ جو اشارو انتهائي سنجيده اشارو آهي ۽ خاصو مفهوم رکي ٿو. اسان ڪڏهن غور نه ڪيو آهي ته خوش خير عافيت ڪرڻ وقت، يا موڪلائڻ وقت، يا اليڪ سليڪ ڪرڻ وقت اسان سيني تي هٿ ڇو ٿا رکون. عام طور تي اسان کي معلوم آهي ته سينو انسان جي جسم جو اهم ترين حصو آهي. سيني ۾ دل ۽ ڦڦڙ رکيل آهن ۽ اهڙيءَ طرح زندهه رهڻ جي ”خير جي ڪم“ ۾ سينو وڏو ڪم ٿو ڪري. ان ڪري محاوري ۾ به سيني جو ذڪر گهڻو آيو آهي.

مثال طور:

ٿڌي سيني سان ٻڌڻ يا غور ڪرڻ، سينو سيني سان ملائڻ، سڀني بار سيني تي رکڻ، سينو تاڻي هلڻ، ۽ سيني ۾ سانڍڻ وغيره. هنن محاورن مان اسان کي ”سيني تي هٿ رکڻ“ جي معنيٰ جا اشارا ملن ٿا.

جڏهن نيازمنديءَ جي اظهار لاءِ سيني تي ٿا هٿ رکون، تڏهن چئون ٿا ته ”اسان دل جان سان توهان جا نيازمند آهيون“. هن طرح سچائيءَ جو اظهار ڪريون ٿا. جڏهن موڪلائڻ وقت سيني تي هٿ رکون ٿا، تڏهن چئون ٿا ته ”سدائين گڏ“. هن مان معلوم ٿو ٿئي ته اسان پنهنجي طرفان هر طرح جي اخلاص جو يقين ڏيون ٿا. اهڙيءَ ريت اخلاص ۽ نيازمنديءَ جي هن اشاري ۾ اسان جي مدني زندگيءَ جو هڪ نازڪ مفهوم سمايل ٿئي ٿو. اهڙيءَ ريت وعدي ڪرڻ لاءِ يا چئلينج قبول ڪرڻ لاءِ به اسان سيني تي هٿ رکندا آهيون.

 

 ڏاڙهيءَ تي هٿ هڻڻ يا هٿ رکڻ-

هي اشارو به خصوصي ذڪر ڪرڻ جهڙو آهي. سنڌي سماج ۾ ڏاڙهيءَ کي وڏي اهميت حاصل آهي. ڏاڙهيءَ مان جوانيءَ جو اشارو ملي ٿو. ڪنهن جوان جماڻ مڙس کي طعنو ڏيون ته چئونس: ”منهن ۾ڏاڙهي لٿي ٿي“ يا ”ڏاڙهي ٿي منهن ۾، تو کي ڇا چئجي!“ ”ڏاڙهيءَ پٽ“ محاورو جهيڙي جڳهڙي جي معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو، ۽ ”ڏاڙهي پٽي تري ڪرڻ، تمام وڏي گار آهي. ڏاڙهيءَ تي هٿ رکي وعدي ڪرڻ مان مطلب هي ٿو نڪري ته ”هي واعدو آءُ ايترو ئي ٿو ڪري سمجهان جيتري پنهنجي ڏاڙهي.“ ڏاڙهي هڪ علامت آهي. ڪنهن کان وعدو وٺڻو هوندو آهي ته چوندا آهيون ”رک ڏاڙهي تي هٿ“. ڪو ارادو ڪيون ته چئون ”هيءَ منهنجي ڏاڙهي آ، مان ائين ڪندس.“ اهڙيء ريت ڏاڙهي جوانيءَ، ارادي ۽ وعدي جو مفهوم ڏئي ٿي.

 گيسي ڪرڻ جو مفهوم توبه ڪرڻ، ۽ اهو ڪڏهن ڪڏهن مڇ تي هٿ هڻڻ سان به ڏيندا آهيون.اسان وٽ مڇ وارا اشارا ڏاڍا گوناگون ۽ لطيف آهن. اڻ ڳالهايل ٻوليءَ ۾ شاعريءَ جو نمونو اهو آهي جيڪو ٻوليء جي مدد سان سمجهائڻ مشڪل آهي.

ضميمو

بيبل جو ٽاور

اصل تحرير هن ريت آهي:-

”پروردگار اسان کي ڇڏ ته اسان هڪڙو اهڙو ٽاور ٺاهيون جنهن جي چوٽي وڃي آسمان سان لڳي..................... پوءِ خدا زمين تي لهي آيو ته جيئن اهو ٽاور ڏسي، جيڪو ماڻهوءَ جي ٻچڙن ٺاهيو هو. پوءِ الله تعاليٰ فرمايو ”انسان سڀ هڪ ئي ذات آهن ۽ انهن جي ٻولي به هڪ آهي، سو هاڻي هيٺ لهي انهن جي ٻوليءَ کي اهڙو سوگهو ڪيو وڃي، جو اهي هڪٻئي جي ٻولي سمجهي نه سگهن.“ انهيءَ کان انهيءَ جاءِ تي بيبل (Bable) نالو رکجي ويو، جنهن ۾ خدا سڀني انسانن جي هڪ ٻوليءَ کي سوگهو ڪري بند ڪري ڇڏيو هو. (جينيسس  9-4) (11)

 

حوالا

Pei Mario: “All About Language”, William Clowes and Sons Ltd, London and Beecles, 1956, p. 9.

Ibid: p. 10.

Ibid: p. 11.

Ibid: p. 12

Ibid: p. 16.

الانا غلام علي (ڊاڪٽر): ”سنڌي ٻوليء جو بڻ بڻياد“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد سنڌ، (عام اڀياس جي لاءِ).

Pie Mario: “All About Language”, William Clowes and Sons Ltd, London and Beecles, 1956, p. 64.

سراج الحق ”ميمڻ“ ”سنڌي ٻولي“ عظيم اشاعت گهر، 1964ع، (عام اڀياس جي لاءِ).

Pie Mario: “All About Language”, William Clowes and Sons Ltd, London and Beecles, 1956, p. 65.

 Ibid: p. 66.

 Kondrator, A: “Sounds and Signs”, translated from Russian by George Yaukorskey, MIR Publications, Moscow, 1969, pp. 267-277. (For various designs of scientific Languages, specially Lincos design of Language.)

 

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com