سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج

باب: --

صفحو :11

 

باب چوٿون

سنڌي ادب جون ڪي اهم روايتون

 مٿي اسان عام طور تي سنڌي ادب جي ڪن اهم ۽ سماجي طور تي خاص قسم جي ڪن صنفن کي خيال ۾ رکي، ٻن نڪتن جو بحث ڪيو آهي. هنن ٻن نڪتن مان پهريون آهي ادبي روايتون ۽ ٻيو آهي انهن ادبي روايتن جو سماجي پهلو ۽ ڪارج. هن هيٺ،  هاڻي، اسان انهن ئي روايتن جي آڌار تي اهو ڏسينداسون ته مجموعي طور تي سنڌي ادب جو سماجي ڪارج ڪهڙو آهي. هن طرح هن کان پوءِ اسان جي اڀياس جو خاص موضوع آهي ”ادب ۽ سماج“. هيءُ اڀياس اسان ادبي روايتن جي آڌار تي ڪري رهيا آهيون.

جي هي آهن:-

روايتون

ڳيچن جون ادبي روايتون-

رواج

لباس

ڪريسٽ (سوڀيا)

رسم

سينگار

سر سنگيت

ناچ

اُڪير

ڪاج يا ڪاڄ

گروهه، مائٽي يا پيڪا ساهرا

سماجي مسئلا

 عورتاڻو

معاشي حالتون

کل ڀوڳ

پٽ ۽ ڌيءَ جا تصور

(16)         اخلاق ۽ آداب

2- پروليءَ جون ادبي روايتون

جيئن اسان مٿي پروليءَ جي سماجي اڀياس جي باب ۾ ڏيکاريو آهي، ان خيال کان پروليءَ جون ادبي روايتون هن هيٺ ڏجن ٿيون:-

لغت

ٻوليءَ جي ترتيب

ٻوليء جي لطافت

وندر ورونهن

آداب

اهڃاڻ

ڳالهه ٻولهه

عقل جا نڪتا

3- ڳجهارت جون ادبي روايتون-

ٻوليءَ جي طاقت

علم ۽ عقل

سماجي تاريخ

ڪلچر ۽ تهذيب

لغت ۽ ڪوش

سماج جي طبقاتي ڪشمڪش

سماجي بي آرامي ۽ احتجاج

انساني معيار

معنيٰ

 ڪک رکي ڳالهائڻ.

4- لوڪ گيت ۽ انهن جون ادبي روايتون-

ڪريسٽ (سوڀيا)  

اُڪير

غريبي اميري

اعتقاد

رت جو رشتو

محنت ۽ پورهيو

5- ٻاراڻيون آکاڻيون ۽ انهن جون ادبي روايتون-

سادگي

جدت

وندر

عام رواجي زندگي

نصيحت

پهلواني

سچ جي فتح

کل ڀوڳ

انساني لاڳاپا

 مٿ

 ڪشالو

ٺڳي ۽ چالبازي

عقل ۽ بخت

 بي ساختگي ۽ سادگي

6- ٻيون ادبي صنفون ۽ انهن جون ادبي روايتون-

ناٽڪ:

مذهب

قسمت

ظلم جي خلاف نفرت

جسماني طاقت

سماجي تعلقات

آرٽ

افسانو:

سوچ

سماجي ويچار

عورت ۽ مرد جا تعلقات

ادبي آرٽ

ناول:

ڪردار نگاري

ڊرامائي عمل

سڪون

ٽڪراءَ

عام انساني معيار

سماجي ۽ ڪلچري اڀياس

نثري تڪنڪ

انساني لاڳاپا

ڪافي، وائي ۽ بيت:

سر سنگيت

ٻوليءَ جي خاص صورت

ذاتي سوچ

آزاد سوچ

مخصوص سماجي سوچ

داستان گوئي

سڌريل سوچ

نرالي تڪنيڪ

تصوف ۽ رومانيت

مذهب ۽ اعتقاد

غزل ۽ نظم:

سلاست ۽ سلوڻائي

انفراديت

ڪلاسيڪي طرز

فراواني ۽ ندرت

تجربو (تجربيت)

موسيقيت

سماجياتي اڀياس

6- ايپڪ:

اسان ادب تي عمومي بحث ڪندي، ايپڪ جي باري ۾ ڪي روايتون مٿي ڄاڻائي آيا آهن:

شاعراڻو انداز

ڊرامائي انداز

تاريخي سچائي

انساني سورهيائي

اهم واقعا

انسان کانسواءِ ۽ ان کان مٿي ڪنهن ٻيءَ طاقت

جي مداخلت

بياني طرز تحرير 

ڪهاڻي

7- اهڙي ريت مناجاتون، مولود، ٽيهه اکريون، مداحون، معجزا، نڙ جا بيت ۽ اڃا به ڪي وڏيون صنفون اهڙيون آهن، جن تي جدا جدا تحقيق ڪري اسان انهن جون ادبي ۽ سماجي روايتون ڳولي سگهنداسون. اهي عام روايتون هن هيٺ ڏجن ٿيون:

اعتقاد ۽ مذهب،

بياني طرز،

تاريخي سچائي، ۽

راڳ رس.

هنن چئن روايتن کي ڀيٽڻ سان اسان سنڌي ادب جون عام روايتون (General Trends or Traditions) مقرر ڪري ٿا سگهون. هي عام روايتون اسان هيٺ ڏيئي رهيا آهيون، ته جيئن باقي بحث جي لاءِ اسان جو ڪم آسان ٿي سگهي:

عام روايتون

تاريخي ڏند ڪٿائون ۽ روايتون (History, Myth and Lore)

بياني ادائگي (Narration)

نفرت ۽ محبت جا تصور (Concepts of Love and Hatred)

اعتقاد ۽ مذهب (Religion and Belief)

انساني لاڳاپا (Human Relationship)

ڪلچر ۽ تهذيب (Culture and Civilisation)

سماجي مسئلا ۽ انهن جا نمونا (Types of Social Problems)

خاص لاڙا (سماجياتي) (Sociological Trends)

گروهه شناسي (Ethnocentricism)

رومان (Romance)

رسم ۽ رواج (Rite and Custom)

راڳ ۽ سنگيت (Music and Lyricism)

وندر (Enterainment)

اخلاقي همت (Morale)

لغت ۽ ٻوليءَ جو معيار (Diction and Dictionary)

(16) تجربيت (Experimentalism)

(17) مخصوص تڪنيڪ (Style and Technique)  

(18) ڏاهپ ۽ مزاح (Wit and Wisdom)

(19) ادا يا ادائگي (Treatment)

(20) آرٽ (Art)

(21) فطري حد ۽ سادگي (Simplicity and Artlessness)

(22) شاعراڻو انداز (Poetic Presentation)

(23) سماجي ردعمل (Social Reaction)

(24) قنوطيت (Primitive Behaviour)

هنن روايتن تي وڌيڪ نظر ڦيرڻ سان معلوم ٿيندو ته

هي روايتون اسان جي ادب جون وڏيون روايتون آهن.

هي روايتون اهڙيون آهن، جو انهن جو سماجي اثر خاصو طاقتور آهي.

هي روايتون اسان جي ادب جي ارتقائي سلسلي ۾ جدا جدا نمونن سان ۽ جدا جدا دورن ۾ موجود رهيون آهن.

هي سڀ روايتون اهڙيون آهن، جو انهن ۾ ادبي روايتن سان گڏ گهڻيون ٻوليءَ جون روايتون به اچي ويون آهن، ڇو ته انهن حالتن ۾ ادب ۽ ٻوليءَ جو ڪارج اچي ٿو گڏجي: مثال طور، ”ادا“، بياني ادائگي، آرٽ، سادگي، لغت ۽ ٻوليءَ جو معيار- اهڙيون روايتون آهن، جيڪي وڏو تعلق ٻوليءَ جي عمل سان رکن ٿيون.

هي روايتون اسان جي ادبي تاريخ جون ڪڙيون ۽ ڌارائون آهن ۽ انهن جو سلسلو تاريخي ۽ روايتي آهي.

هنن روايتن مان گهڻيون اسان جون سماجي روايتون به آهن، جيڪي جدا جدا اسان جي سماجياتي اڀياس جي آڌار تي به معلوم ڪري ٿيون سگهجن: مثال طور، گروهه شناسي، عورت ۽ مرد جا لاڳاپا، مذهب ۽ اعتقاد، سماجي مسئلا، نفرت ۽ محبت جا تصور.

هنن روايتن مان گهڻيون اهڙيون به آهن، جن جون تعلق گهڻو ڪري ادب سان آهي، مثال طور، شاعراڻو انداز، بي ساختگي ۽ سادگي، تجربيت، رومان، ٽيڪنيڪ، ڏاهپ ۽ مزاح، زندگيءَ جي تنقيد.

هي سڀ روايتون هڪ طرف کان اسان جي ادب جي تاريخ لکڻ ۾ مدد ڏيئي ٿيون سگهن، ته ٻئي طرف اسان جي ادب جي سڌريل تنقيد لکڻ ۾ به ڪم آڻي ٿيون سگهن.

هي سڀ روايتون اهڙيون آهن، جو انهن جو اثر اسان جي سماج تي به پيو آهي ته ادب تي به، مطلب ان جو هي آهي ته هنن روايتن جي آڌار تي ادب سماج تي اثر ڪري ٿو ۽ سماج ادب تي.

 هي سڀ روايتون ڪنهن نه ڪنهن طرح سان اسان جي ٻوليءَ جون روايتون به آهن: ڇو ته ادب ۽ سماج جو ڪوبه تصور ٻوليءَ جي تصور کان ٻاهر ۽ ان کان وڏو ٿي نه ٿو سگهي. اهڙيءَ ريت هنن روايتن جو اڀياس اسان کي ٻوليءَ جو سماجي ۽ ادبي ڪارج ٻڌائي ٿو.


 

(2) ادبي روايتون ۽ سماجي اڀياس

هن ڪم جي لاءِ پهرين اسان ٻئي ڀاڱي جو سڄو مواد مٿي ڏنو آهي، ۽ ان جي نتيجي طور آخر ۾ اسان ڪي چوويهه اهڙيون روايتون هٿ ڪيون آهن، جيڪي اسان جي سماجي تجربي کي بيان ڪري رهيون آهن، پر ياد رکڻ گهرجي ته سماجي تجربو، جيڪو ڪنهن سماج جي گوناگون ۽ بي انتها عملن جو نتيجو هوندو آهي، سو رڳو چوويهن روايتن ۾ سموهي ۽ پيش ڪري نه ٿو سگهي. ۽ اهڙيءَ ريت ڪنهن به سڌريل ۽ سٺي ادب جو مڪمل اڀياس به رڳو چوويهن روايتن جي آڌار تي ڪري نه ٿو سگهجي. اهو ئي سبب آهي، جو اسان سنڌي ادب جي صنفن جو وڌيڪ تفصيل سان اڀياس ڪيو آهي، ۽ انهيءَ اڀياس جي بنياد تي اسان روايتن جو تعداد به خاصو هٿ ڪيو آهي.

اهي چوويهه روايتون جيڪي هڪ طرف ادبي روايتون آهن ته ٻئي طرف سماجي ڪارڪردگيءَ جون صورتون آهن، سي رڳو اسان جي ادب ۽ سماج جي انهن ماهرن سان تعلق رکن ٿيون جن جو اثر وڌيڪ نمايان ۽ گهڻو گهاٽو رهيو آهي ۽ جن اسان جي سماج جي تشڪيل ۾ چڱو خاصو نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي.

وري اسان جي ادب ۽ سماج جون هي سڀ روايتون اهي آهن، جن ۾ اسان جي ٻوليءَ جو ڪردار اهم ترين رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هي روايتون ڪنهن حد تائين اسان جي ٻوليءَ جي انهيءَ ڪارج سان تعلق رکندڙ چئي ٿيون سگهجن، جيڪو نوعيت جي لحاظ کان سماجي آهي ۽ سماجي ڪارڪردگيءَ ۽ تجربي سان تعلق رکي ٿو.

اهو ئي سبب آهي، جو هنن روايتن جي اڀياس مان چئون ٿا ته اسان کي پنهنجي ٻوليءَ جي سماجي ڪارج سمجهڻ ۾ وڏي مدد ملندي.

هن پڄاڻان اسان هنن روايتن جي وڌيڪ اڀياس ڪرڻ سان اهو ڏيکارينداسون ته ان جي وسيلي اسان جي ٻوليءَ ڪهڙو سماجي ڪردار ادا ڪيو آهي.

روايتون ۽ انهن جو سماجي اڀياس

تاريخ ۽ ڏند ڪٿا واري روايت (History and Myth)

تاريخ ۽ ڏندڪٿا جو ڪردار سماج جي تشڪيل ۽ واڌاري ۾ هميشه نمايان رهي ٿو. تاريخ سماج کي نه رڳو پنهنجي ماضيءَ جو ورثو پهچائي ٿي، پر تاريخ جي وسيلي بدلجندڙ سماج کي اهي طريقا به ملن ٿا، جن جي وسيلي ان جو وجود ۽ ان جو مستقبل وڌيڪ پختو ٿئي ٿو. اهڙيءَ ريت ڏندڪٿا توڙي جو واقعاتي تاريخ کان مختلف آهي، پاڻ اهو سچ رکي ٿي، جيڪو واقعات جي جزوي حقيقتن جي بجاءِ سماج کي ڪلي حقيقتون آڇي ٿو اهڙيءَ ريت ڏندڪٿا يا مٿ جي حيثيت به انهيءَ تاريخ جهڙي آهي، جيڪا قلم جي نوڪ جي محتاجيءَ کانسواءِ ئي پنهنجو سچ زباني طور پڌرو ڪري ٿي ۽ پکيڙي ٿي. سنڌي ادب ۾ ايپڪ يا بهادراڻي نظم کانسواءِ داستان، قصيدو ۽ پار يا اوسارو به تاريخ ۾ ڏندڪٿا جي بنياد تي ٺهيو آهي. هن طرح هن روايت جي وسيلي اسان کي اهو سچ به معلوم ٿئي ٿو، جيڪو واقعات ۽ تاريخن جي مدد سان بيان ڪري سگهجي، ۽ اهو به معلوم ٿي ٿو سگهي، جيڪو واقعات کان بي نياز آهي ۽ سماجي سچ جي ڪلي حيثيت سان تعلق رکي ٿو. هن طرح هن روايت جي آڌار تي وسهي ٿو سگهجي ته اسان جي ٻولي اسان کي پنهنجو واقعاتي سچ ۽ ڪلي سچ آڇي رهي آهي.

بيان جي ادائگي (Narration Treatment)

”بيان“ (Narration) اهو طريقو آهي، جنهن جي مدد سان ٻولي پنهنجو سڄو ڪردار ادا ڪري ٿي. بيان ٻوليءَ جو بنيادي ۽ پهريون وسيلو آهي. بيان جي ٻي خصوصيت اها آهي ته ان ۾ طرز يا ادائگي جو ڪردار شامل رهي ٿو. هر ڪو بيان طرز جو هڪ منفرد نموني ٿئي ٿو. اهڙيءَ ريت نظم توڙي شعر ۾ بيان جو ڪم خاصو اهم آهي، البت فن ۾ بيان نسبتاً وڌيڪ آسان ۽ عام ٿئي ٿو. ان ڪري بيان واري روايت اسان کي ادب جي هر صنف ۾ ملي ٿي. البت ڪن حالتن ۾ هيءَ روايت وڌيڪ نمايان رهي ٿي، ته ڪن حالتن ۾ گهٽ. بيان تصوراتي ادب جي بنيادي شيءِ آهي، ۽ اهڙيءَ ريت خود تاريخ ۽ ٻين علمن ۾ به بيان ڪرڻ جو ڪردار اهم رهي ٿو. بيان اها تڪنيڪ آهي، جنهن تي ڪمال حاصل ڪرڻ سان اڄ ادب جي هر معاملي تي عبور حاصل ٿي ٿو سگهي. ان کانسواءِ بيان انهيءَ ادائگيءَ يا ادا سان تعلق رکي ٿو، جيڪا اسان جي ادب جي تصور ۾ هڪ بنيادي ڳالهه آهي. هن طرح بيان جي وسيلي اسان جي ٻولي اسان کي ادبي طور تي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿي ۽ اسان کي انهيءَ لائق بڻائي ٿي ته اسان تقرير توڙي تحرير جي وسيلي پنهنجو سماجي ڪردار اهليت سان ادا ڪري سگهون. قرآن جي استدلال جي بنياد تي به ”بيان“ جي نعمت اها پهرين نعمت آهي، جيڪا انسان کي پيدا ٿيڻ کانپوءِ ملي آهي ۽ جنهن جو ذڪر خصوصيت سان ڪيو ويو آهي.

نفرت ۽ محبت جا تصور (Concepts of Love and Hatred)

نفرت ۽ محبت جي تصور واريءَ روايت جو بنياد سماج جي ڪيترن ئي تجربن ۾ شامل آهي. عورت، زمين، طبقاتي ماحول، نسلي مرڪزيت (Ethnocentricism) ۽ ٻين اهڙن مامرن ۾ نفرت ۽ محبت جو تصور غالب رهي ٿو. نفرت ۽ محبت جي بنياد تي سماج ۾ ٺهڻ ۽ ڊهڻ جو اهو عمل ڪارفرما رهي ٿو، جيڪو ارتقا جي سلسلي جي بنيادي ڪڙي آهي. جدلياتي ماديت هجي يا ڪو ٻيو فلسفو، سڀ انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته ارتقا ۾ تعمير به ايترو ئي ڪم ڪري ٿي جيترو تخريب. نفرت ۽ محبت اها ثنويت آهي، جيڪا دنيا جي تمام گهڻن مامرن ۾ نهايت ضروري طور تي ڪم اچي ٿي. شادي ۽ ٻين خانداني ڳالهين کانسواءِ هي ثنويت نيڪيءَ، بدي ۽ سچ ڪوڙ ۾ به غالب رهي ٿي. خود مذهب ۽ ان جون تمام گهڻيون روايتون به نفرت ۽ محبت جي تصورن تي ٻڌل آهن. خاندان، گروهه ۽ رياست وارا ادارا به گهڻو ڪري انساني نفرت ۽ محبت جي تصورن کان ڪم وٺن ٿا. سماجي نفرت اها ڪلي حالت آهي، جا سماج ۾ انقلاب آڻي ٿي ۽ ساڳئي ريت سماجي محبت به انقلاب انگيز قوت آهي. هن خيال کان سماجي طور تي محبت توڙي نفرت جو ڪردار هڪ آهي. هن خيال کان نفرت ۽ محبت سماجي طور تي ثنوبيت به آهي ته وحدت به. هنن ڳالهين مان معلوم ٿئي ٿو ته اسان جي ٻولي اسان کي سماجي طور تي وڌيڪ باعمل ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ محبت ۽ نفرت واري روايت عطا ڪري ٿي، جنهن کانسواءِ عمل ارتقائي ۽ حياتياتي عمليت ممڪن نه هئي.

اعتقاد ۽ مذهب (Religion and Belief)

مذهب کان اڳ ۾ ڀرم پيدا ٿيندا هئا. ڀرمن جو بنياد خوفن ۽ گمانن تي هو. خوف ڪمزور هو. خوف ۽ گمان انسان جي انهيءَ سماجي تجربي جو نتيجو هئا، جن جي حالت ۾ انسان هيڻو ۽ ڪمزور هو. اڄ به هيڻو ۽ ڪمزور سماج وڌيڪ مذهبي ۽ وڌيڪ مذهبي ۽ وڌيڪ بااعتقاد آهي. غريب ۽ سماجي طور تي پٺتي پيل هاري ۽ مزدور وڌيڪ مذهبي آهي ۽ ان جي ڪري ان جو استحصال تمام آسانيءَ سان هر هنڌ ڪيو ٿو وڃي. پر آساني مذهبن انساني سماج ۾ هڪ ٻيو عمل ادا ڪيو آهي. خوفن ۽ خطرن جي ماحول ۾ دٻيل انسان ذهني طور تي وڌيڪ پريشان هو ۽ ان جي عمل جي قوت گهڻو ضايع ٿي رهي هئي. انهيءَ حالت ۾ هن جي افرادي طاقت اڀري نه ٿي سگهي ۽ اهڙيءَ ريت انساني سماج جمود جو شڪار ٿي رهيو هو. اهڙيءَ حالت ۾ آسماني مذهبن عملي وحدت جي طرف رهنمائي ڪئي. هڪڙي خدا تي ايمان آڻڻ جي تعليم عملي وحدت جي طرف نمايان قدم آهي.

ادبي سماجي حيثيت سان اعتقاد ۽ مذهب جو ڪردار خاصو مبهم آهي. پر ان جي افاديت جو انڪار ڪرڻ ممڪن نه آهي. ٿي سگهي ٿو ته مذهب ۽ اعتقاد به ڪو بهتر ادب پيدا ڪيو هجي ۽ ڪا بهتر سماجي روايت ۽ صورت ٺاهي هجي. پر هن باري ۾ تاريخي سچ ايترو آهي ته طاقتور انسان يا طبقو يا گروهه به خدا بڻجي ٿو وڃي ۽ مذهب انسان جي عظمت، سچائي ۽ محنت جي خاڪ تي سنگ مرمر جي عمارت يا محل جيان نمودار ٿئي ٿو، سچايون پامال ٿين ٿيون، حقن جو جنازو نڪري ٿو، مذهبي جنگيون لڳن ٿيون ۽ آزاديون ۽ عزتون لٽجن ٿيون، ۽ هي سڀ ڪجهه هر دور جي پنهنجي تقاضائن پٽاندر ٿئي ٿو. مذهب هن طرح ڪن دورن ۾ انسانن جي شخصي طاقت ۽ قوت جو وسيلو به رهيو آهي، پر ڪن دورن ۾ مذهبي سماجي گروهه بنديءَ ۽ اتحاد ۽ تنظيم کي مضبوط ڪرڻ جو ڪم به ڪيو آهي. جيستائين صحتمند سماجي ادارن جو تعلق آهي، ته اهي مجموعي انساني ڪارڪردگيءَ جي اهليت، بهتريءَ، عدل ۽ انصاف جي عقلي ۽ اخلاقي ڪردار جي بنياد تي قائم ٿيندا رهيا آهن. البت ڪن حالتن ۾ هڪ فرد جي خلوص، انسان دوستيءَ ۽ منصفاڻي مزاج جي ڪري به سماج ۾ سڌارو آيو آهي ۽ تاريخ نئون رخ اختيار ڪيو آهي.

سنڌي سماج ۾ مذهب ۽ اعتقاد وڏو ڪم ڪيو آهي، پر مذهب جي مخالفت ۾ وڏو ڪم به سنڌ ۾ ئي ٿيو آهي. تصوف هڪ اهڙو طريقو آهي، جنهن جي مدد سان خارجي دنيا جي حقيقتن جو انڪار ٿئي ٿو. پر خود تصوف مان هڪ اهڙي صورت به نڪري ٿي، جنهن ۾ انسان خودشناس ۽ خود ڪار نظر اچي ٿو. هن طرح تصوف سنڌ ۾ ٻن طريقن جي فلسفي وارو ڪردار تصوف جي مذهب واري ڪردار کان وڌيڪ مضبوط ۽ عملي رهيو آهي. هڪ طرف تصوف ”خودشناسي“ ٿو سيکاري ته ٻئي طرف ”خدا شناسي“. خود شناسيءَ جي حالت ۾ اهو فلسفو آهي، انساني عملن جي حقيقتن جو نقيب ۽ دعويدار آهي، ۽ اهڙيءَ ريت اهو سماجي اصلاح ۽ ارتقا جي هڪ قوت آهي. پر خدا شناسيءَ جي حالت ۾ تصوف خارجي وسيلن جو انڪار آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ بهرحال مذهب ۽ اعتقاد جو اظهار ڪيترن ئي طريقن سان ٿيو آهي (ان جو مڪمل ذڪر اڳتي ايندو). البت هت ايترو ئي ڪافي آهي ته اسان جي ادب ۾ مذهب ۽ اعتقاد واريءَ هن روايت ۽ اسان جي ٻوليءَ ۾ ان جي اثر وڏو ڪم ڪيو آهي. هن ئي روايت جي بنياد تي اسان جي سماج ۾ مولود، مداحون، مناقبا، سرور، نعتون ۽ ٻيون اهڙيون صنفون ٺهيون آهن. پر تصوف جو ٻٽو رنگ گهڻو ڪري ڪافيءَ ۾ ئي موجود رهيو آهي يا وائيءَ ۾ آيو آهي.

انساني لاڳاپا (Human Relationship)

سماجي طور تي ۽ سماجيات جي خيال کان انساني لاڳاپن جون ڪيئي صورتون اسان جي سماج ۾ موجود رهيون آهن. زال ۽ مڙس جي يا مرد ۽ عورت جي بنيادي لاڳاپن کان سواءِ اهو لاڳاپو اسان کي خاندان، گروهه، طبقي، سماج، رياست، اداري ۽ قوم يا قوميت جي سطح تي به ملي ٿو. اهڙيءَ ريت هي لاڳاپو جذباتي حالتن ۾ دوستيءَ ۽ دشمنيءَ، اعتقاد ۽ مذهب، محبت يا نفرت جي حالتن ۾ به نظر اچي ٿو. اسان جي ادب ۾ انساني لاڳاپن جو وڏو ذڪر لوڪ ادب ۾ ٿيو آهي، ۽ خاص ڪري گيت، گيچ ۽ لوڪ ڪهاڻيون هنن لاڳاپن جي خيال کان اسان جي ادب جو اهم حصو آهي. هونئن هرڪو تصوراتي ادب به انساني لاڳاپن جو هڪ اهم رڪارڊ آهي. ٻولي انهن سڀني قسمن جي لاڳاپن جو هڪ اهم وسيلو آهي. ٻوليءَ جي مدد سان ڪي به ٻه خاندان، فرد، گروهه، طبقا، سماج، ڪلچر يا رياستون، ادارا ۽ قومون ۽ يا ملڪ پاڻ ۾ لاڳاپي ۾ رهن ٿا. هن طرح هيءُ روايت اسان جي ٻوليءَ جي اهم ترين روايت آهي ۽ اسان جي سماج جي مضبوط ترين ڪڙي آهي.

ڪلچر ۽ تهذيب

ڪلچر اسان جي ٻوليءَ ۾ هڪ ضروري جزي جيان شامل ٿيو آهي. ۽ ڪلچري مواد هر ٻوليءَ جو ضروري مواد هوندو آهي. ڪلچر جو ٻوليءَ ۽ سماجي تجربي سان جيڪو لاڳاپو آهي، اهو اسان پهرئين ڀاڱي ۾ ”ڪلچر“ ۽ ٻين ڪن بابن ۾ بيان ڪيو آهي. هر ٻوليءَ جو عظيم ادب ان جي ڪلچري مواد تي ٻڌل ٿئي ٿو. ڪلچري مواد جي پاڙ ڪلچري ۽ تهذيبي زندگيءَ ۾ رهي ٿي. ان ڪري سچو، سٺو ۽ نهرو ادب اهو آهي، جيڪو ڪلچر جي وٿن ۽ خصوصيتن جو لحاظ رکندڙ هجي. عظيم شعر ماڻهن جي ڪلچر جي ڪهاڻيء تي ٻڌل ٿيندو آهي. اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪلچر گهڻي ڀاڱي وائيءَ، ڪافيءَ، لوڪ ادب جي صنفن ۽ بيت ۾ آيو آهي. هن خيال کان شاهه جي شعر اسان جي ڪلچري زندگيءَ جو گهڻو مواد پيش ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح لوڪ ادب جي سڄي افاديت ئي ڪلچر جي ڪري آهي. ان ڪري اسان ايترو چئي ٿا سگهون ته ايشيائي تهذيب جي خيال کان هاڻي ان جي معنيٰ جي نظام ۽ ان جي صوتي ۽ حرفي نظامن کي ايترو سڌارڻو پوندو، جو اها مستقبل ۾ ايشيا جي زبانن جو مقابلو ڪري سگهي. هن باري ۾ مشوري جي طور تي اهو چئي ٿو سگهجي ته اسان کي سنڌيءَ جي حرفي نظام ۽ خطي صورتن ۾ ڪي سڌارا آڻڻا پوندا. تحرير جي خيال کان اسان وٽ ڪي غير منطقي لاڙا غلط لکيو ويو آهي. سوال اهو آهي ته ”ته“ لکڻ جي لاءِ هيءَ صورت بهتر آهي يا ”ت“ واري هيءَ صورت. اهڙيءَ ريت هڪ ئي آواز جي ادائگي لاءِ اسان وٽ ٻه ٽي حرف موجود آهن. جيئن ”س“ جي آواز لاءِ ص، س ۽ ث موجود آهن. اهڙيءَ ريت ڪيترائي اهڙا آواز آهن، جن جي ادائگي اسان جي حرفن سان ٿي نه ٿي سگهي. مثال طور ”ڊ“ جي لاءِ د ۽ ر جا اکر ڪم اچن ٿا، جيئن چنڊ (چندر) ۽ جنڊ (جندر) ۾ اچي ٿو. اهڙيءَ طرح ”ٽ“ جو اهو آواز، جيڪو ”پٽ، لفظ جي وچولي واري آواز ۾ آهي، سوٽ ۽ ر جي آواز سان ادا ٿئي ٿو، پر اسان ان کي به ”ٽ- ٽنڊڻ“ لفظ واري آواز جيان لکون ٿا. هن طرح ضرورت آهي انهيءَ ڳالهه جي ته اسان پنهنجي لپيءَ جي ڪن ٿورين غيرمنطقي حالتن جي طرف توجهه ڏيون، پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته هيءَ لپي بدلائي ڇڏيون. بهرحال هن باري ۾ عالمن کي وڌيڪ تحقيق جي طرف توجهه ڏيڻ گهرجي.

سماجي مسئلا ۽ انهن جا لاڙا

سماجي مسئلا هر دور ۽ هر سماج ۾ پيدا ٿين ٿا، پر هر سماج ۾ هر دور جا طريقا نرالا پئي رهيا آهن. انهن طريقن ۾ صبر ۽ شڪر، آهه ۽ زاري، نيزاري، ڏوراپو، طعنو، معيار وغيره ٻولي جي خيال کان اهم آهن. هنن طريقن سان سماجي مسئلن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ جي باري ۾ اسان جو هڪ مخصوص فڪر معلوم ٿئي ٿو. هن قسم جو اسان جو فڪر اسان جي محاوري ۾ موجود آهي. هنن طريقن جو وڌيڪ اڀياس اسان ٽئين ڀاڱي ۾ ڪيو آهي. هت رڳو ايترو چوڻ ڪافي آهي ته ٻوليءَ جا هي نمونا ٻڌائين ٿا ته اسان جي سماجي مسئلن جي باري ۾ اسان جو فڪر ڪهڙو آهي ۽ اهو ڪهڙين حالتن جي پيداوار آهي.

گروهه شناسي (Ethnocetricism)

گروهه شناسي به خودشناسيءَ جهڙو ئي هڪ مامرو آهي. خود شناسيءَ جي سڌريل شڪل آهي گروهه شناسي. ان ڪري گروهه شناسي هڪ سڀاويڪ سماجي لاڙو آهي. اها ڳالهه غلط آهي ته گروهه شناسي رياست ۽ قوم جي جاءِ وٺي نه ٿي سگهي ۽ ان جو دائرو رڳو ”قوميت“ ۽گروهه تائين محدود ٿئي ٿو.  سماجياتي علم جي خيال کان رياست توڙي قوم جو بنياد گروهه شناسيءَ جي تصور تي رکيو ويندو آهي. رياست ۽ قوم جي حالتن ۾ گروهه شناسيءَ کان ان جي وجود ۽ بقا جي لاءِ ڪي رعايتون ڏيڻيون پونديون آهن. هي روايتون فئملي لا     (Family Law) ۽ اقليتي قوانين (Minority Laws) جي نالن سان ڏنيون وينديون، پر اصل تصور وري به گروهه يا طاقتور ٽولي جو قائم رهندو آهي. ڇوته اقتدار اعليٰ عملي طور تي وري به انهيءَ گروهه جي هٿن ۾ رهندو آهي جيڪو قوم يا رياست جو بنيادي حق رکندو آهي. هن حالت ۾ بنيادي حقن جي بحالي به هڪ رعايت جهڙي هوندي آهي، جنهن کي گروهي مفادن جي فائدي ۾ استعمال ڪرڻ خاطر قانونن ۽ فوجي طاقت يا پوليس کان مدد ورتي ويندي آهي. گروهه شناسيءَ جي هن جذبي جي پويان قومي زبان، قومي وقار، قومي مفاد ۽ قومي يڪجهتيءَ جا تصور ڪم ڪندا آهن، جن جو فائدو اهو ٿيندو آهي ته طاقتور گروهه پنهنجي مفادن جو بچاءُ ڪري سگهندو آهي ۽ ان ڪم جي خاطر قانون ۽ طاقت جو استعمال ڪري سگهندو آهي. هن طرح ڪن حالتن ۾ گروهه شناسي ”ٻوليائي شهنشاهيت“ يا ”سياسي بلاڪ“ جي صورت به وٺي سگهي ٿي. پر اسان جي ٻوليءَ ۾ گروهه شناسيءَ جو ايترو وڏو تصور قائم ٿي نه سگهيو آهي، ڇوته مقامي طور تي اسان کي انهيءَ ڪم جي لاءِ ذريعا حاصل ٿي نه سگهيا آهن. يا جيڪو اردو ٻوليءَ ۾ ترقي ڪري رهيو آهي، سو اسان جي ٻوليءَ ۾ موجود نه آهي. اسان وٽ گروهه شناسيءَ جو تصور ڳو ”سنڌي ماڻهو“ ”سنڌ“ ۽ ”سنڌي ڪلچر“ جي تصورن تائين قائم ٿي سگهيو آهي. پر گروهه شناسيءَ جو اهو ننڍڙو ۽ سڀاويڪ تصور به مخالفت جي ورچڙهي ويو آهي ۽ هاڻي چئني طرفن کان ان جي وجود کي خطرو لاحق آهي. هن ڳالهه مان اصل خطرو اسان جي تهذيب کي به آهي، جنهن سان اسان جو گروهي مفاد واسطو رکي ٿو ۽ جنهن سان اسان جي گروهي وجود جو تعلق آهي. اهو ئي سبب آهي جو ”سنڌي ماڻهو“ جي گروهي مفادن يا انهن جي ڪلچري ۽ تهذيبي مفادن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اسان کي سنڌيءَ ٻوليءَ کي محفوظ ڪرڻ جو بندوبست ڪرڻو پوندو.

رومان (Romance)

رومان ڪن حالتن ۾ جمالياتي احساس جو نتيجو هوندو آهي، پر ڪن حالتن ۾ اهو نفسيات جي انهن حقيقتن سان تعلق رکي ٿو، جيڪي حياتياتي، جنسياتي ۽ تهذيبي ڳالهين سان تعلق رکن ٿيون. محبت ۽ پيار جو جذبو به انهن ڳالهين مان هڪ ڳالهه جهڙو آهي. ٻوليءَ جي رومانوي صورت اسان کي ان ڪري تصوراتي ادب ۾ ملي ٿي. پر شعر ۾ رومان جو وجود ان آرٽ جو نتيجو آهي، جيڪو اسان جي تصوراتي دنيا جي پيداوار آهي.

ريت، رسم ۽ رواج (Ritual and Custom)

سنڌي ٻوليءَ جون اهي صورتون جيڪي اسان جي ريتن، رسمن ۽ رواجن سان تعلق رکن ٿيون، سي لوڪ ادب جي صنفن ۾ خاص ڪري سهرن، ڳيچن، لوڪ گيتن ۽ لوڪ ناچن ۾ موجود آهن، ڇوته هي صنفون خاص طور تي ڪلچر جي پيداوار آهن ۽ ان ڪري هن قسم جو ڪلچري مواد به هنن ئي صورتن ۾ ملي سگهي ٿو.

راڳ ۽ سنگيت (Lyricism and Music)

راڳ ۽ سنگيت سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام گهڻين حالتن ۾ ملي ٿو. اسان جو هر فرد ڳائي ٿو. جهانگي جهونگاري ٿو، شاعر جهونگاري ٿو، پورهيت آلاپي ٿو، ڌنار ايگو ٿو هڻي، فنڪار ڳائي ٿو. تمام گهڻيون لوڪي صنفون ڳايون ٿيون وڃن، ڪي لوڪ گيت ناچ ۾ به ڪم اچن ٿا. هن طرح سنڌي ٻوليءَ جو تمام گهڻو مواد نار جي بيتن، نڙ جي بيتن، ايپڪ يا داستان، ڳالهه، ڪافيءَ، وائيءَ، غزل، نغمي، ڇلڙي، موري ۽ مولود ۾ اچي ٿو، جيڪي سڀ ڳائڻ جون صنفون آهن. سماجي طور تي ڳائڻ ۾ سنگيت تمام وڏو ڪم ڪري ٿو. وندر کانسواءِ، ڳائڻ نفيس جذبات جو اظهار آهي، جيڪو نه ٿي سگهي، ته فرد يا سماج غيرصحتمند رجحانات جو شڪار ٿي وڃي. جابر حڪومتون سنگيت ۽ گيت جون دشمن هونديون آهن. راڳ جو تعلق ان ڪري فرد جي ذهني ترقيءَ سان به آهي، جنهن سان گروهه، قوم يا رياست جي اندرونيءَ يا داخلي صحت جو تعلق رهي ٿو. راڳ جي وسيلي رسم، رواج، ٽوٽم ۽ خوشيءَ ۽ غم جو اظهار به ٿئي ٿو. هن طرح راڳ به اظهار جو اهو وسيلو آهي، جنهن مان سماجيءَ زندگيءَ جو اڀياس ڪري ٿو سگهجي. راڳ جي وسيلي اظهار هن ڪري به وڌيڪ سٺو ۽ آسان ٿئي ٿو، جو ان ۾ لفظن يا شاعريءَ کانسواءِ آلاپ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. ان ڪري هرڪو سٺو شعر ڳائڻ جي ڪم جو هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو ناٽڪ جيڪو سماج جي عملي زندگيءَ جو ترجمان هوندو آهي، ان ۾ راڳ جو استعمال به ضرور ڪيو ويندو آهي.

وندر (Enteratinment)

پورهيت سماجن ۾ افرادي طاقت جي بحاليءَ جو مسئلو هر هڪ دور ۾ قائم رهيو آهي. افرادي قوت جي حفاظت ۽ بحاليءَ جو دارومدار انهيءَ نفسياتي نظام تي آهي، جنهن ۾ ڪم جي تڪليف کان ڇوٽڪاري جو هڪ عارضي بندوبست ڪري سگهجي. وندر سماج ۾ اهو ئي نفسياتي ڪم ڪري ٿي. هونئن وندر زندگيءَ کي دلچسپ بڻائڻ جو ڪم به ڪري ٿي، جيڪو فقط انهيءَ سماج ۾ ممڪن آهي، جيڪو معاشي طور تي شاهوڪار هجي. سنڌي سماج ۾ وندر راڳ، نغمي، ناچ، لوڪ ناچ ۽ سماع جي وسيلي ٿيندي رهي آهي. سنڌي ٻوليءَ جو هنن صنفن وارو مواد گهڻو ڪري اهڙو آهي، جو انهن تي تصوف يا اخلاقي نظام جو به اثر آهي. هن طرح اسان جي سماج ۾ وندر جو مقصد روحاني تلاش ۽ جستجو به رهيو آهي، پر ان جا ڪي طريقا سراسر تفريحي به آهن مثال طور جهمر، همرچو ۽ هنبوشي.

اخلاقي همت (Moral)

سنڌي ٻوليءَ جو اهو مواد، جنهن جو تعلق اخلاقي همت واريءَ سماجي وٿ سان آهي، سو اسان کي عام طور تي عام رواجي ٻوليءَ ۾ ملي ٿو. هن ٻوليءَ جو اڀياس اسان اڳتي ٽيئن ڀاڱي ۾ ڪري رهيا آهيون. هنئن هن قسم جو مواد اسان کي اسان جي شاعريءَ ۾ به ملي ٿو. اسان جو بهادراڻو نظم يا داستان به هن مواد جو مثال آهي.

لغت ۽ ٻوليءَ جو معيار

ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو لغوي وسيلو هر حالت ۾ لوڪ ادب ٿئي ٿو. هيءَ ڳالهه دنيا جي انهن سڀني ٻولين سان واسطو رکي ٿي، جن کي پنهنجو لوڪ ادب آهي. پر اسان جو لوڪ ادب تمام شاهوڪار آهي ۽ ان جون ڪيئي صنفون ٻين ڳالهين سان گڏ اسان کي پنهنجي ٻوليءَ جي لغت به آڇين ٿيون. هنر، ڏهر، سينگار، ڏور، ڳجهارت، پرولي، ڏٺ ۽ ٻي هرڪا اهڙي صنف اسان کي لغت جو تمام وڏو ذخيرو ڏئي ٿي. لغت جي سماجي اهميت تي اسان کي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي. هرڪو لفظ (Term) هڪڙو تصور (Concept) آهي ۽ هڪڙو اهڃاڻ (Symbol) آهي. جيترا گهڻا لفظ اوترا وڌيڪ تصور ۽ اهڃاڻ ۽ اوترو وڌيڪ ٻوليءَ ويڪرو ٻوليءَ جو اهو سماجي احاطو ۽ دائرو، جنهن جو تعلق تصورن سان ٿئي ٿو. لغت اسان کي پنهنجي تاريخ، ڪلچر ۽ تهذيب ڏئي ٿي. لغت اسان کي زندگيءَ جا طور طريقا ڏئي ٿي. لغت اسان جي تصورن جو هڪ گنج آهي، جنهن جي شاهوڪاريءَ تي اسان جي سماجي زندگيءَ جي ترقي جو دارومدار آهي. اسان لغت جي ڪردار تي وڌيڪ بحث ”لفظن جي بابن“ ۽ ٻين هنڌن تي به آندو آهي.

تجربيت (Experimentalism)

تجربيت جو دائرو تڪنيڪ جو مامرو به آهي ته اسلوب جو به. تجربو ڪندڙ فنڪار، ادب ۽ شاعر ٻوليءَ جي انهيءَ وقت تي ڀروسو ڪري ٿو، جيڪا ارتقائي هوندي آهي. تجربي جي حالت ۾ ٻولي نئون اسلوب ۽ نئين تڪنيڪ اختيار ڪري ٿي. سنڌي ادب جي اوسر ۾ تجربيت جو مقام خاصو اهم آهي ۽ هن باري ۾، اسان جي تاريخ جو پهريون باب ڪافي وقت اڳي لکيو ويو هو. سنڌي ادب جون ڪي صنفون اهڙيون آهن، جن جو وجود اسان جي عالمن ۽ شاعرن جي تجربيت جو نتيجو آهي. خود بيت، جيڪو اسان جي شعر جي وائلي صورت آهي، ان ۾ به تجربيت جي آڌار تي وڌيڪ ترقي ٿي آهي. ڪافيءَ ۽ وائيءَ جي باري ۾ جيڪو بحث اسان مٿي ڏنو آهي، ان مان معلوم ٿيندو ته اسان هن باري ۾ ڪهڙا تجربا ڪيا آهن. جن صنفن ۾ اسان ڪو خاص تجربو ڪيو نه ڪيو آهي، اهي آهن ناول ۽ ناٽڪ جون صنفون، ۽ جن ۾ اسان تمام گهڻا تجربا ڪيا آهن، اهي آهن آزاد نظم، ڪافي، وائي ۽ نظم جون ٻيون صنفون. نثري تحرير ۾ ڪهاڻيءَ جي صنف تي اسان تمام گهڻا ۽ سٺا تجربا ڪيا آهن. پر مضمون ۽ مختصر مضمون جي صنف تي اسان ڪو تجربو ڪونه ڪيو آهي. نثري صنفن ۾ تاريخ، ادبي تاريخ، سائنسي تحريرون ۽ ٻاراڻو نثر اڃا اهڙيون ڳالهيون آهن، جن تي تجربي ڪرڻ جي باري ۾ اسان سوچي به نه سگهيا آهيون. هي سڀ صنفون فن، ادب ۽ اسلوب گهرن ٿيون. اسلوب جي لحاظ کان اسان جي زبان ۾ درجن کن اديب ملي سگهندا. گل ڦل، سدا گلاب، سون ورنيون دليون، سوکڙي، موهن جو دڙو، آغا سليم ۽ قمر شهباز جون ڪي تحريرون، ڊاڪٽر دائودپوٽي، مرزا قليچ بيگ ۽ پير علي محمد راشديءَ جون ڪي تحريرون اسلوب جي بنيادن تي ئي اڀياس هيٺ آڻي سگهجن ٿيون. پر هنن حالتن ۾ اسلوب تجربيت جو نتيجو آهي يا لکندڙ جي پنهنجي سڀاءَ جو- هن ڳالهه جو فيصلو رڳو تڏهن ڪري سگهبو، جڏهن سنڌي نثر تي هن لحاظ کان وري وري سوچبو. تمام ويجهڙائيءَ واري دور ۾ اسان ڪامياب تجربا ڪهاڻيءَ ۽ نظم جي ميدانن تي ڪيا آهن. ڪن حالتن ۾ هي تجربا ٽي- وي جي ناٽڪ ۾ به ڏسي سگهبا، پر اهي تجربا نه فن جا نمونا آهن ۽ نه اسلوب جا، اهي رڳو نتيجا آهن.

تجربيت جو تعلق جن ڳالهين سان قائم ڪري ٿو سگهجي، سي هيٺ ڏيون ٿا:

جستجو جو جذبو،

نواڻ جي تلاش،

زندگيءَ جي عمل ارتقائيءَ ۾ پڪو ويساهه،

موجود وٿن ۽ قدرن جي باري ۾ سڌريل تنقيد قائم ڪرڻ جو چاهه،

ادبي روايتن کان وافقيت،

ادب جو ارتقائي ۽ سماجياتي اڀياس، ۽

فن ۽ تڪنيڪ جي ڄاڻ.

ڏٺو ويندو ته تجربيت ادب ۾ نرو عمل نه آهي، پر اها ته اديب يا فنڪار جي زندگي جي نظريي سان به واسطو رکي ٿي.

مخصوص تڪنيڪ

تڪنيڪ جي باري ۾، اسان هن کان اڳ ۾ اهو ويچار ڏنو آهي ته اسان جي ادب ۾، تڪينڪ جو سوال وڏو اهم سوال آهي. ڇوته اسان وٽ تڪنيڪ رڳو فن نه، پر افادي ادبي چيز به آهي. اسان پنهنجي ادب جا تمام گهڻا معيار به ٽيڪنيڪ جي آڌار تي سمجهي سگهون ٿا، پر مخصوص تڪنيڪ مان اسان جي مراد ٽيڪنيڪ جا اهي نمونا آهن، جن تي تجربو رڳو اسان جي ٻوليءَ ۾ ٿيو آهي. مثال طور ڳجهارت، پرولي، ڏٺ، ۽ اهڙيءَ ريت هنر، ڏهس، سينگار ۽ ڇلڙي يا موري جي تڪنيڪ اسان جي پنهنجي تڪنيڪ آهي. وڌيڪ هن ڳالهه جو واسطو تجربيت سان آهي، جنهن جو ذڪر اسان اڳ ۾ ڪري آيا آهيون. اسان جون ڪي ادبي صنفون اهڙيون آهن، جن جي تڪنيڪ جي باري ۾ اسان وضاحت سان سمجهائي نه ٿا سگهون، ڇو ته اها تڪنيڪ اڃا تحرير هيٺ نه آئي آهي- ان ڪري، جو ان اڃا فن جي پڪي صورت اختيار نه ڪئي آهي.

انهيءَ سوال جو جواب ته اسان ادبي صنفون جهڙوڪ ڏٺ، ڳجهارت، ڇلڙو ۽ مورو ڪيئن ٺاهيون ۽ ڪهڙن اصولن تي جوڙيون، اسان اڃا سوڌو ڏيئي نه سگهيا آهيون. هن باري ۾ وڏيءَ تحقيق ۽ محنت جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اسان هيءَ محنت ۽ تحقيق نه ڪئي، ته پوءِ اسان جي ادب جي هيءَ روايت فوت ٿي ويندي ۽ اسان جي ادب جو عمل ارتقائي ڪمزور ٿي ويندو.

پر تڪنيڪ جو وڏو سوال اسان جي ادب جي باري ۾ قائم ڪيل نظريي سان تعلق رکي ٿو.

ڏاهپ ۽ مزاح (Wit and Wisdom)

ڏاهپ ۽ مزاح جو مواد اسان جي ڏٺ، پروليءَ، ڳجهارت، محاوري ۽ پهاڪي ۾ آهي. هن قسم جو مواد سماجي طور تي اسان جي اخلاق، اطوار، ڪلچر ۽ مذهب جي اصولن تي ٻڌل آهي. لطيفو، ٽوٽڪو ۽ قصو هن روايت تي ٻڌل ٿئي ٿو.

شيخ چليءَ، بيربل، وتائي فقير، پيراڻي ڀنڀري، گاموسچار ۽ جمن چارڻ جا تصوراتي ڪردار اسان جي سماجي سوچ جي انهيءَ پهلوءَ سان تعلق رکن ٿا، جنهن مان اسان جي ڏاهپ ۽ مزاح ڦٽي نڪتي آهي. ڏاهپ ۽ مزاح جي وڌيڪ تحقيقي اڀياس مان اسان کي پنهنجي سماجي تجربي جي وڌيڪ واقفيت حاصل ٿيندي. ان ڪري اسان کي ان باري ۾ تحقيق تمام جلد ئي ڪرڻ گهرجي. هن تحقيق جو مقصد اهو هوندو ته اسان معلوم ڪريون ته اسان جون سماجي وٿون ڪهڙيون آهن ۽ انهن جي باري ۾ اسان جو ردعمل ڪهڙو آهي.

ادا يا ادائگي (Style or Presentation)

تڪنيڪ فن آهي ۽ ادا اسلوب. تڪنيڪ جو تعلق قانونن ۽ اصولن سان آهي ۽ ادا جو تعلق طبيعتن ۽ لياقتن سان يا مزاجن سان. تڪنيڪ پرائڻ ۾ پورهيو گهرجي. ادا جي پرائڻ ۾ محنت جي ضرورت گهٽ آهي. تڪنيڪ هنر آهي پر ادا يا ادائگي هڪ ڍنگ آهي. هنن ٻن ڳالهين تي به سنڌي ادب جي سڌريل تاريخ ۾ آسانيءَ سان بحث ڪري ٿو سگهجي. (خبر نه آهي ته سنڌي ادب جي اها تاريخ، جيڪا سنڌ جي هڪڙي وائس چانسيلر انگريزيءَ ۾ لکائي هئي، ان ۾ ڪهڙن اصولن ۽ ادبي وٿن تي بحث ٿيو آهي.

آرٽ (Art)

آرٽ تي عام بحث ته رڳو آرٽ جي خيال کان ئي ڪري نه ٿو سگهجي. سنڌي ادب ۾ آرٽ جو بحث تمام ويجهڙائيءَ ۾ شروع ٿيو آهي. ڪن ڳالهين جي طرف علامه آءِ- آءِ قاضي ڌيان ڇڪايو هو. ان کانپوءِ قابل قدر قدم انهن ماڻهن جي طرفان کنيو ويو آهي، جن ڀٽائي جي شعر جي شاعريءَ واري پهلوءَ تي لکيو آهي. هن باري ۾ به وڏي ڪوشش اڳي ڊاڪٽر سورلي ڪئي هئي. ويجهڙائيءَ ۾ ”مهراڻ“ ۾ ڀٽائيءَ جي آرٽ تي ٻه ٽي مضمون شايع ٿيا آهن. آرٽ رڳو تڪينڪ نه آهي. آرٽ ادب ۾ ادب جو اهو افادي تصور آهي، جيڪو سماج جي نفسيات ۽ جماليات سان تعلق رکي ٿو. هن طرح ادب ۾ آرٽ جو سوال نفسياتي ۽ جمالياتي قدرن ۽ وسيلن جو سوال آهي.

 فطري حسن ۽ سادگي (Artlessness)

آرٽ جي ڪنهن به شاهڪار جي وڏي ۾ وڏي خوبي آهي ان جو فطري حسن ۽ سادگي. حسن فن ۽  تڪنيڪ جو متحاج ڪونه ٿو ٿئي. اصل ۾ حسن ۽ سادگيءَ جو هڪ جدا معيار ٿئي ٿو، جيڪو ادب ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. سادگيءَ ۽ حسن جو ادبي معيار به في الحال اسان کي شاهه جي شعر ۾ ئي جاچڻو پوندو. تمام وڏو فنڪار فن جو محتاج ڪونه ٿو ٿئي. هن جو فن آزاد فن جي ڪمال کان پوءِ شروع ٿو ٿئي.

 

شاعراڻو انداز (Poetic Style)

شاعراڻو انداز جي هيءَ روايت اسان جي غزل ۾ گهڻي آئي آهي. محض شاعريءَ کانسواءِ اسان جو غزل شاعريءَ جي ٻين خوبين سان به مالامال آهي. پر اهو غزل جيڪو ڌاريو آهي، سو اسان جي بحث جو موضوع ٿي نه ٿو سگهي. شاعراڻو انداز شاعراڻو سچ ۽ شاعراڻو فڪر ڏئي ٿو. اهو سياستن، هنگامن ۽ تحريڪن کان متاثر ڪونه ٿيندو آهي. اهو گهڻو ڪري عالمي قدرن جو پابند آهي. شاهه جو شعر هن لحاظ کان به اسان جي تحقيق جي لائق آهي. اسان جي ادب جو شاعراڻو اڀياس فقط شاعريءَ جي معيارن تي ئي ڪري ٿو سگهجي. پر شاعريءَ جا معيار اهي معيار نه آهن، جيڪي ڪن خارجي حقيقتن جو انڪار ڪندا آهن. شاعر يا هرڪو انسان پنهنجي ماحول جو هڪ جزو ٿئي ٿو. ان ڪري هو انهن حقيقتن کان منهن موڙي نه ٿو سگهي، جيڪي هن جي ماحول ۾ موجود هئڻ سان هن جي ذاتي ۽ اصلي زندگيءَ تي اثر ڪن ٿيون. هن طرح شاعراڻو انداز ان ماحول کان متاثر ٿئي ٿو، جيڪو واقعن جي صورت ۾ نه، پر حالتن ۽ حقيقتن جي صورت ۾ موجود رهي ٿو. هن طرح شاعريءَ جي دنيا هڪ نرالي دنيا آهي، جنهن جا معيار رڳو شاعريءَ جي مخصوص صنف جا معيار آهن.

 سماجي ردعمل (Social Reaction)

سماجي ردعمل ٻوليءَ جي وسيلن يا اهڙيءَ ريت ادب مان ئي معلوم ڪري ٿو سگهجي، سڪ، سوز، عشق، ساڙ، بغض، ڦڏو، ويڙهه، اخلاص، وفا، فرمانبرداري، احتجاج يا تنقيد- هي سڀ سماجي ردعمل کي ظاهر ڪن ٿا.

ان ڪري ٻولي سماجي ردعمل کي سمجهڻ جو اهم وسيلو آهي.

 قنوطيت (Primitive Behariour)

عالمن جو خيال آهي ته انسان اصل ۾ وحشي هو ۽ ان جي وحشت آهستي آهستي گهٽجي رهي آهي، ڇوجو هو ڪاڪردگيءَ ۽ عمل جا نوان معيار ٺاهيندو ۽ قبول ڪندو رهيو آهي. پر ان هوندي به هن جي عمل ۾ اڄ سوڌو پراڻيون ۽ اونداهيءَ دور جون نشانيون موجود آهن. هنن نشانين ۾ شڪار، جهيڙو ۽ جنگ، رانديون ۽ ٻيون اهڙيون ڳالهيون شامل آهن. هنن ڳالهين جو اظهار به ٻوليءَ جي ئي وسيلي ٿئي ٿو. انسان جانورن سان پيار ڪري ٿو، جانور ڌاري ٿو، اوزار ٺاهي ۽ وڪڻي ٿو: اهڙيءَ ريت هو پنهنجي پراڻي دور دوران عملن کي دهرائي ٿو ۽ انهن جي باري ۾ ڳالهائي ٿو. *

هن مٿي اسان ٽيويهين اهم روايتن جو ذڪر ڪيو آهي. ان مان معلوم ٿيندو ته اسان جون ادبي روايتون سڀ اسان جي سماج جي تجربي يا اسان جي سماجي تجربي کي بيان ڪن ٿيون. هن جو هڪ لازمي نتيجو هي ٿو نڪري ته اسان جي ٻولي ادب جي انهن وسيلن يا صنفن جي معرفت جيڪو سماجي ڪارج پورو ڪري ٿي، اهو گهٽ ۾ گهٽ به ٽيويهن نقطن تي ٻڌل آهي. پر عام طور تي، جيئن اسان هر هڪ صنف جي ادبي روايتن لکڻ وقت ڏيکاريو آهي، اسان جي ادب جو سماجي دائرو ڪافي ويڪرو آهي ۽ ان مان انساني ضرورتن جو تمام وڏو تعداد پورو ٿئي ٿو. ان ڪري آخري طور تي اسان جي راءِ اها آهي ته ادب جي سماجي ڪارج جي اڀياس لاءِ اسان کي هر صنف جون روايتون اڀياس هيٺ آڻڻ گهرجن.

ضميمو

جتن جي باري ۾ پاڪستان جي سير ۽ سفر جي آڌار تي جرمن عالمن جي لکيل تحقيق ”پاڪستان جا جت“ (The Jat of Pakistan)  به اسان لاءِ خاصي اهم آهي. جرمن عالم (عجب آ ته) ميد قوم جو ذڪر ڪونه ٿا ڪن. هو عربي لفظ ”معدين“ (Maidan) جو ذڪر ڪن ٿا ۽ ٻڌائين ٿا ته معدين جتن جا پونير آهن (P. 10). وڌيڪ هي عالم ٻڌائين ٿا ته هي جت پنهنجين مينهين سان گڏ يا مال سان گڏ اٺين صديءَ ۾ عراق ۾ آيا هئا ۽ سنڌ مان تڙي ڪڍيا ويا (Were deported) هئا. جرمن عالم جتن کي جنگي قيدي به سمجهن ٿا ۽ ان ڪري اهو به ڄاڻائين ٿا ته مقامي عراقي عربن جو سلوڪ هنن سان سٺو نه هو. جرمن عالم پنهنجي تحقيق سان ”زط“ لفظ کي ”جت“ لفظ جهڙو سمجهن ٿا ۽ ان ڪري هنن جو رايو آهي ته عراق ۽ عرب جا زط اصل ۾ سنڌ جا جت هئا (جيئن اسان مٿي ڏيکاريو آهي).

”معدين“ کان سواءِ جرمن عالم ”ميرجتن“ جو ذڪر به ڪن ٿا.

ميرجتن جي باري ۾ لکن ٿا ته انهن تي اهو نالو مير چاڪر خان تان پيو. جت ڇاڪاڻ ته مير صاحب جا اوٺي هئا، انهيءَ ڪري هنن کي ميرجت سڏيو ويو (P. 51). هي عالم ٻڌائين ٿا ته ميرقلات، شورڻ، جيڪب آباد، سکر، لاڙ، لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد ۾ رهن ٿا (P. 52). هن طرح جتن جو واسطو لاڙ سان قائم ٿئي ٿو.

اسان جي پنهنجيءَ ڄاڻ مطابق سنڌ جي واره تعلقي ۾ ”ميد شهيد“ جي نالي سان هڪ ڳوٺ آباد آهي ۽ اتان جا پڙهيل ماڻهو لفظ م، ي ۽ د سان لکن ٿا، ۽ انهيءَ م ۽ ي ۽ د جي لفظ سان ان ڳوٺ جا ماڻهو به پاڻ کي جت چورائين ٿا پر پاڻ کي لاشارين ڏانهن منسوب ٿا ڪن. هن جو مطلب هي آهي ته هي ميد قوم جا جت پاڻ کي بلوچ سمجهن ٿا).

جت، عالمن جي لکئي (لئبرڪ) پٽاندر، عربن سان مقابلو ڪندا رهيا هئا، ۽ ان طرح عربن جي نظام ۾ ميدن کي سخت ترين دشمن سمجهيو ويندو هو. شايد انهيءَ سماجي تقاضا پٽاندر اڄوڪا جت ميدن کي ”شهيد“ ٿا سمجهن. هن طرح ثابت ٿئي ٿو ته جتن ۾ هڪ خاص قسم جي قومي عصيبت به پيدا ٿي هئي ۽ انهيءَ طرح جتن جو ڪردار سنڌي قوميت کان متاثر ٿيو هو. جيڪڏهن اسان جي هيءَ راءِ وزندار آهي ته پوءِ ”جمالي“ لوڪ گيت کي اسان نهايت ئي اطمينان سان سوڀيا جي روايت (Crest Tradition) سان ڳنڍي ٿا سگهون- ڇوته ڪريسٽ يا سوڀيا جو تصور عصيبت جي جذبي سان تعلق رکي ٿو، ۽ هن طرح اسان ”جمالي“ لوڪ گيت کي بهارداڻو گيت سمجهي، ان جا ٻول آسانيءَ سان مقرر ڪري ٿا سگهون.

وڌيڪ تفصيلن لاءِ ڏسجي.

Sigrid Westphal (Dr) and Heinz Westphal (Dr): “The Jat of Pakistan”, Duncker and Humbolt, Berlin, 1964.


*  ڏسجي محمد ابراهيم جويو (مترجم): ”وحشي جيوت جا نشان“، سنڌي ادبي بورڊ 1976.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com