سيڪشن؛ لغات

ڪتاب: سنڌي زبان جي ماھيت

باب: 4

صفحو :5

باب چوٿون

سنڌيءَ جو بُڻ بنياد

 

سنڌ جي آڳاٽن رھاڪن جي رھڻي ڪھڻي ڪھڙي ھئي، اھا آثار قديمھ جي ماھرن جي کوجنائن مان ڪجھھ نھ ڪجھھ ظاھر ٿيندي آئي آھي تھ بھ سنڌ جي آڳاٽن رھاڪن جي زندگيءَ ۽ زبان جا اھم پھلو اڃان اجاگر ڪونھ ٿيا آھن. ”تاريخ کان اڳ واري زماني ۾، جيڪو پٿر وارو زمانو سڏجي ٿو، تنھن جي دؤران ڪي اھڙيون شيون مليون آھن، جن کي نئين پٿر واري دؤر سان تعبير ڪيو ويو آھي(١).“

ھي عنوان سنڌيءَ لاءِ ھڪ اھم ۽ بنيادي عنوان آھي. محققن، شاگردن ۽ عام مطالعو ڪندڙن ھن عنوان ۾ شروع کان گھڻي دلچسپي پئي ورتي آھي. مون سنڌيءَ جي ھڪ طالب علم جي حيثيت سان ابتدا کان ھن عنوان تي پئي سوچيو آھي. فقط سنڌيءَ جي محاورن (dialects)، اچارن ۽ انھن سان لاڳاپيل ڪن پھلوئن تي مضمون ۽ مقالا لکيا ھئم. سوچيندو رھيس ۽ ڪن نڪتن جا ڊائريءَ ۾ نوٽس وٺندو رھيس. سنڌي زبان تي ڪتاب لکڻ جو ارادو ڪندي، ھاڻي ابتدا ڪئي اٿم. تھ بڻ بنياد وارو معاملو بنيادي اھميت جو محسوس ٿيم.

ھن کان اڳ جن بھ عالمن سنڌي زبان جي اصل نسل ۽ بُڻ بابت لکيو آھي، تن مان ڪي ٿورا قديم زبانن جا ڄاڻو ھئا/ آھن. انھن مان ڪن ڪتابن جي ٽيڪ سان لکيو تھ ھيءَ ڳالھھ سنڌيءَ ۾ ھيئن آھي، سنسڪرت ۾ ھونئن! ڇا سڀني کي سنسڪرت جي حقيقي ڄاڻ ھئي/ آھي؟ ھو لکي پڙھي ۽ ڳالھائي سگھندا ھئا/ آھن؟ ھن سوال جو جواب يقينا اِھو آھي تھ فقط ڪو ھڪ ھن سلسلي ۾ نمايان رھيو/ آھي. نھايت احترام سان آءٌ سڀني محققن ۽ عالمن کي پوءِ بھ داد ڏيان ٿو؛ پر ھي نڪتو وڌيڪ اھم ۽ بنيادي نوعيت جو آھي تھ سنسڪرت ۽ ٻيون قديم ٻوليون ڄاڻڻ جي ھڪ سطح تمام ضروري آھي. آءٌ سنسڪرت کي ھن سلسلي ۾ وڌيڪ اھميت ڏيان ٿو. ان ڪري ئي مون اندازا ١٩٨٨ع کان وٺي ديوناگري لپي سکڻ شروع ڪئي. ڪي ڪتاب ھت ئي مليا. ھندي سکڻ لاءِ ڪتاب ان سال ئي لنڊن مان ورتم. ھڪ ڪتاب سنسڪرت سکڻ لاءِ بھ ورتم ۽ ڊڪشنري بھ. ٢٠٠٠ع ۾ دھليءَ مان بھ ڪي ڪتاب ورتم. ايئن مطالعو ڪندي، سنسڪرت ۽ ھندي بھ سکي ورتم. ان ڪري بھ ھمت وڌي ۽ سنڌيءَ جي بُڻ بابت لکڻ جو حوصلو ٿيو. مون کي احساس آھي تھ ھن دشت ۾ بُڻ بنياد جي تلاش ڪندي، سنسڪرت سان مکا ميلو ٿيڻ اڻ ٽر آھي. آءٌ پنھنجي مطالعي جو تت ھن باب جي آخر ۾ ڏيندس.

ڀيرومل کان وٺي جن بھ عالمن سنڌيءَ جي بڻ بنياد بابت لکيو آھي، تن سچ تھ وڏي جاکوڙ ۽ کاھوڙ ڪئي آھي. انھن جي ڪڍيل نتيجن ۾ بنيادي ۽ ڪيئي جزوي فرق بھ آھن. آءٌ انھن جو دل جان سان قدر ڪريان ٿو. سڀني جي پيش ڪيل نظرين جو مطالعو ڪندي، آخر ۾ آءٌ پنھنجي راءِ / تجويز ڏيندس جيڪا آئندي لاءِ بحث جوڳي ھوندي يا نھ اِھو محققن تي ڇڏيل آھي.

ڀيرومل مھرچند آڏواڻي (١٨٨٦- ١٩٥٣ع)، جنھن کي پيار وچان ڪاڪو ڀيرومل بھ سڏيو ويندو آھي، تنھن سنڌ جي زبان، ثقافت، لطيفيات ۽ تاريخ بابت ڪيترا مقالا لکڻ سميت اندازا ٤٥ ڪتاب لکيا، جن ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، ”قديم سنڌ“، ”گلقند“، ”سنڌ جو سيلاني“، ”لطيفي سير“، ”غريب اللغات“ ۽ ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ اھم آھن. پھرين ٻن ڪتابن ۾ ھن سنڌي زبان ۽ سنڌ جي رھاڪن جو خصوصي بيان ڪيو آھي.

ٻوليءَ جي تاريخ ۾ ڪاڪي ڀيرومل آرين بابت مختصر بيان آندو آھي، پر ”قديم سنڌ“ ۾ تفصيل سان آرين جو ذڪر ڪيو اٿس. آڳاٽا آريا لوڪ اصل ڪٿي جا ھئا ۽ انھن جا عقيدا ڪھڙا ھئا. ان لاءِ ھتان جي ماڻھن ۽ يورپ جي ماڻھن جي ويچارن بابت اٿر ويد مان ھڪ مثال ڏيندي ڪاڪو ڀيرومل لکي ٿو تھ: ”آڳاٽن آرين آڪاس يا آسمان کي ديوس پتر (ابو آڪاس) ۽ آڪاس جي مکيھ ديوتا (ورڻ ديوتا) کي ساري جھان جو پيءُ، پرٿوي يا ڌرتيءَ کي ماءُ سڏيو؛ سو اڳي شاعراڻي خيال وچان(٣).“ اِن خيال کي مشھور يوناني شاعر ھومر (Homer) ھوبھو پنھنجي نظم ۾ ظاھر ڪيو(٤). اِھا ڳالھھ ڪنھن نھ ڪنھن طرح قديم رابطا ظاھر ڪري ٿي.

ھن سلسلي ۾ جيڪا بھ تحقيق ٿي آھي، ان ۾ آرين جو نالو ضرور اچي ٿو. اھو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آھي تھ آريا اصل ڪٿي جا ھئا. اتان ھو ڪيڏانھن پکڙيا. يورپي محققن اِن سلسلي ۾ پھرين مطالعو ڪيو ۽ پنھنجا ڪڍيل نتيجا ظاھر ڪيا. سر وليم جونس، فرائسز باپ، لوڪ مايھ تلڪ، مئڪس ملر ۽ ٻين ڀارت ورش جي ويدن جو اڀياس ڪري، سنسڪرت سان يورپي ٻولين جي ڀيٽ ڪري، اھو ڄاتو تھ قديم ھند ۽ يورپ جي رھاڪن جا ابا ڏاڏا ڪنھن ھڪڙي ھنڌ رھيا ھوندا ۽ اتان مختلف خطن ۾ پکڙيا. اِھي ئي آريا آھن (٥). مختلف نظرين موجب انھن جو ماڳ اتر قطب کي ويجھو، ميرو پربت، وچ ايشيا يا ڪٿي اسڪينڊينيويا ڄاتو ويو. ڪيترين قومن پاڻ کي آريا سڏائڻ ۾ فخر ڄاتو. جرمنيءَ جي رھاڪن چيو اسين آريا آھيون، تھ پوءِ سڄو مشرقي ۽ مغربي يورپ ڇونھ آريو ھجي! افغان بادشاھھ ظاھر شاھھ جي زماني ۾ افغانستان بھ آريا ھجڻ جو دعويدار ھو. آريانا ايئرلائن ڄاتي ويئي. ايران جي اڳوڻي شھنشاھھ جو نالو ھيئن لکيو، پڙھيو ويندو ھو: ”آريا مھر رضا شاھھ پھلوي“ .

ايرانين جي پنھنجين کوجنائن ۽ دعوائن موجب ڳالھھ وري ھيئن بيٺي تھ: ”ھندي آرين ۽ ايراني آرين جو تمدن ٧٠٠٠ ق. م جو آھي. اھي ھڪ ئي نسل مان آھن. شروع ۾ ھنن ٽن گروپن جي زبان ۽ عقيدا ساڳيا ھئا. رگ ويد ۽ زند اوستا مان انھيءَ ڳالھھ جي ثابتي ملي ٿي تھ آريا قبل از تاريخ واري دؤر ۾ پامير جي واديءَ ۾ گڏ رھيا آھن، پوءِ ڪن سببن ڪري اتان لڏ پلاڻ شروع ٿي. پامير جي ڏکڻ اولھھ ۽ وچ ايشيا مان ٻاھر نڪري، ھند ۽ ايران جي مختلف حصن ۾ پکڙجي ويا(٦).“

ٻئي ايراني عالم ڊاڪٽر ذبيح لله صفا بھ انھيءَ ڳالھھ جي پٺڀرائي ڪندي لکيو تھ: ”ھند ۽ ايران جون قديم قومون جيڪي پاڻ کي اِري يا ايئري (بھادر ۽ نجيب) سڏائن ٿيون، سي انھن قبيلن مان آھن، جيڪي سنڌ ۽ گنگا جي وادين ۾ اچي آباد ٿيون ھيون. سي (اتان) ايران ۾ آيون. انھن ايران کي آريا قوم جو مسڪن سڏيو.(٧)“

ايران نالو اھو اشارو ڪري ٿو  ۽ ھوڏانھن آئرلينڊ (Ireland) وارن جي بھ اِھا دعويٰ آھي تھ سندن ملڪ ”آرين جي سرزمين“ آھي. نالو اھا ڳالھھ ظاھر ڪري ٿو. خير آرين تي تمام گھڻي تحقيق ٿي آھي تھ بھ اڃان ڳالھھ گمان ۾ گڏيل آھي، جڏھن پڌري ٿئي.

ھڪڙو عام رايو اھو بھ آھي تھ آريا اتر کان حملي آور ٿيا ۽ ھند ۽ سنڌ جي ماڻھن کي ھيٺ ڌڪي ڇڏيائون جيڪي اڻ آريا/ اڻ سڌريل يا دراوڙ (Dravidians) ھئا. شايد خاص اشارو تامل ناڊ، ڪرناٽڪا، ڪيرالا ۽ دکن سميت ٻين ڏاکڻن علائقن ڏانھن ھجي. ان ئي بنياد تي اعتبار ڪجي تھ جاتين، زبانن ۽ سنگيت جا ٻھ گروپ ٺھي ويا.

پر جو اڻ سڌريل چيو ويو، اِھو تھ حملھ آور جي زبان ۽ ذھن کي ظاھر ڪري ٿو. نھ رڳو ايترو، پر حملي آور، مقامي ماڻھن کي ذھني طور بھ پستيءَ طرف ڌڪيندا ويا. اِھو عمل اڄ بھ جاري آھي. مذھب بھ اِن سلسلي ۾ اختيار ۾ نٿو آندو وڃي. سنڌ بھ اِھي ڏک برداشت ڪندي اچي. ڪاڪي ڀيرومل ’اڻاسو‘ لفظ جو ذڪر ڪندي اِن صورت حال جو جائزو ورتو آھي. ھو لکي ٿو تھ: ”دراوڙن جي صاحبيءَ ۾ آريا لوڪ اتر ھندوستان تي ڪاھي آيا. آرين ۽ دراوڙن جي وچ ۾ ڪي جنگيون لڳيون تن جو رگ ويد ۾ جھجھو ئي ذڪر آھي. آرين ڌڪار وچان اڻ آريا لوڪن کي ڪرشڻ، (سانورو يا ڪارو) داس (غلام)، دسيو (رھزن) ۽ آناسا ڪوٺيو. رگ ويد ۾ اناس لفط رڳو ھڪ ڀيرو ڪم آيل آھي ۽ ھن وقت سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ ٻي ڪنھن بھ ٻوليءَ ۾ اھو لفظ ڪونھي(٨).“

عالمن ھن لفظ جي معنيٰ Nose-less (جنھن کي نڪ نھ ھجي) ڪئي ۽ ڪن سنسڪرت عالمن ھن لفظ جي معنيٰ اِھا ڪئي تھ جنھن کي وات نھ ھجي. انھن ڏٺو تھ اھو لفظ آرين جي سوچ موجب اڻ آرين لاءِ ڪتب آندو ويو جو ھو ويدن کي صحيح طور پڙھي نھ سگھندا ھئا. ناس معنيٰ ڦونٽي (نڪ جي) Nostril اصطلاحي معنيٰ ۾ جيڪو نود يا بي شرم ھجي، جنھن کي ”ناس پتو“ نھ ھجي سو ٿيو اڻاسو. اِھا عام ۽ آسان معنيٰ آھي. سچل سرمست ھڪ ھنڌ فرمائي ٿو:

ثابت سچل سچاري، يارن جي ياد ياري،

وحدت جنين وساري، تن تن مٽي اڻاسي. (٩)

بھرحال ھي اشارو پنھنجي پر ۾ بھ چِٽو آھي. حقيقت ھيءَ آھي تھ زبانن جي اڀياس مان اھو معلوم ٿئي ٿو تھ مشرق ۽ مغرب جي ذڪر ڪيل خِطن جون زبانون ھڪ ٻئي کي قريب رھيون آھن. ان ڪري ھندي آريائي زبانن جي ڀيٽ ڪندي ڪيترن لفظن ۾ ھڪ جھڙائي ڏٺي ويئي.

سنڌي زبان جو اصل نسل ڳوليندي سنسڪرت جو ذڪر ضرور آيو آھي. محققن سنسڪرت کي ڏيھي ٻولين جي ماءُ، ناني ۽ پڙناني سڏيو. جن اختلاف ڪيو، تن چيو تھ سنسڪرت ڏيھي ٻولين/ سنڌيءَ جي ڌيءَ آھي. اِھو نظريو رد ڪرڻ وارن چيو تھ سنڌي سنسڪرت کان اڳ واري دور جي ڪنھن زبان مان نڪتي آھي. ٻين لفظن ۾ آريائي نسل مان / سامي سٿ/ توراني نسل مان آھي. بھرحال ھي سڄو بحث ڊگھو آھي. آءٌ اڳتي وڌڻ خاطر ان جو تت ھت آڻيان ٿو.

ھن وقت تائين سنڌي زبان جي اصل نسل ڄاڻڻ لاءِ ماھرن جيڪا جاکوڙ ڪئي آھي. ان کي جيڪڏھن حتمي ۽ فيصلھ ڪن نھ چئجي تھ بھ ماھر پيرين جي تلاش جي جذبي جو داد ڏبو. گمان آھي تھ عيسوي سن جي ابتدا جي آس پاس سنڌي يا سنڌ جي ڪا زبان موجود ھئي. جنھن پوءِ موجوده سنڌيءَ جي صورت اختيار ڪئي. عرب سياحن ان کي سنڌي زبان سڏيو آھي. بشاري المقدسي ۽ الاصطخريءَ (٩- ١٠ صدي عيسويءَ) جي تحريرن مان اِھو ڄاڻجي ٿو تھ سنڌي عام ڳالھھ ٻولھھ جي زبان ھئي. اِن لحاظ سان سياحن جي اچڻ کان گھڻو اڳ ان صورت ۾ موجود ھوندي. سومرن جي صاحبيءَ (١٠٥٠- ١٣٥٠ع) ۾ سنڌي شعر بھ ميسر ٿيا آھن.

سنڌيءَ کي شاخ سڏڻ جي باضابطھ ابتدا ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ پنھنجي ڪتاب سنڌي گرامر (١٨٧٢ع) ۾، ۽ گريئرسن (١٨٥١- ١٩٤١ع) پنھنجي ڪتاب Linguistic Survey of India ۾ ڪئي. ڪاڪي ڀيرومل ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ لکي گريئرسن (Grierson) جي راءِ کي ھٿي ڏني. ڪاڪي ڀيرومل جي تفصيلي راءِ ۾ اھو چيو ويو تھ سنسڪرت سڄي ڀارت ورش جي ھڪ قديم زبان آھي. ان جو ھر خطي ۾ عمل دخل رھيو آھي. ھيءَ زبان جيئن تھ ھندن جي ڌرمي ڪتابن ويدن جي زبان ھئي ۽ پنڊتن ان کي ڪتابن ۽ مندرن تائين محدود ڪيو، ان ڪري عام خلق کان ڪٽجي ويئي ۽ انھن جي ٻوليءَ جو رخ بھ بدلجي ويو. ڀيرومل ان تبديليءَ کي آرين جو مڌيھ پرديش ۽ ٻين خطن ڏانھن وڃي رھڻ سڏيو آھي(١٠). محققن سنسڪرت جي مختلف تبديل ٿيل صورتن کي ٽن دؤرن ۾ ورھايو آھي: قديم- وچولي ۽ آخرين. اھا آخرين صورت ويدڪ سنسڪرت (Vedic Sanskrit) سڏجي ٿي. ان کان پوءِ بھ تبديليون آيون ۽ پراڪرتون آيون. خود ڀيرومل جيڪي سنسڪرت ۽ پراڪرت جون معنائون ڏنيون آھن، تن موجب پراڪرت (فطري) پھرين ۽ سنسڪرت (صاف ٿيل) پوءِ اچڻ کپي. ھن تي پوين عالمن بھ اشارا ڏنا آھن. بھرحال ڪاڪي ڀيرومل ارتقاء جو مرحلي وار جيڪو خيال ظاھر ڪيو آھي، ان جو چارٽ ھي ٿيندو:

          سنسڪرت

پراڪرت/ پراڪرتون

مھاراشٽري     ماگڌي ارڌماگڌي      شورسيني

                                        اپڀرنش

                                        وراچڊ اپڀرنش

ھڪ تقسيم ۾ پئشاچي پراڪرات جو بھ نالو آيو آھي ۽ اپڀرنش جا بھ قسم ڄاڻايا ويا آھن، جن مان جدا جدا علائقن جون ڏيھي ٻوليون جنم وٺي چڪيون. ھي فارمولو گھڻو وقت ھليو. زبان جي ارتقاء تي ڪم ڪرڻ وارا محقق بھ سوچيندا رھيا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ٻوليءَ جي اصل نسل جي تلاش ڪندي، ھڪ مقالو منظرعام تي آيو، جيڪو ١٩٥٠ع ۾ سنڌي ادبي ڪانفرنس ۾ لاڙڪاڻي ۾ پڙھيائون. ھي مقالو ڪانفرنس جي روئداد ”تحفھ لاڙڪاڻا“ ۽ پوءِ سماھي مھراڻ (١- ١٩٥٩ع) ۾ بھ ڇپيو. اِنھيءَ نالي سان ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ طور ١٩٦٢ع ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو.

ھن ئي ڪتاب جا وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپا بھ شايع ٿيا. آخري ڇاپي جو عنوان آھي: ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘. ھي ڪتاب ١٩٩٩ع ۾ شايع ٿيو. ڊاڪٽربلوچ ٻوليءَ جي ارتقائي تاريخ کي چئن دؤرن ۾ ورھائي بيان ڪيو آھي. اھي آھن: قديم دؤر، جنھن ۾ سنڌي يا سنڌ جون ڪي ٻوليون موجود ھيون. ٻيو بنيادي دؤر، جنھن ۾ موجوده سنڌيءَ جي تشڪيل ٿي. ٽيون تعميري دؤر، جنھن ۾ سنڌي ٻولي ترقي ڪري ادبي ۽ لغوي منزل ماڻي، ۽ چوٿون علمي دؤر، جنھن ۾ مصنفن، محققن ۽ شاعرن جا علمي، ادبي ڪارناما صورت وٺي بيٺا(١١).

ڊاڪٽر بلوچ، سنڌيءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ بحث ڪندي سنسڪرت مان سڌو نڪرڻ واري نظريي ۾ شڪ ظاھر ڪندي، پادري شرٽ ۽ بشپ ڪالڊويل جا حوالا آندا. ان شڪ جا اسباب ڪن مجھول فعلن، متحرڪ آوازن ۽ ڪن نج سنڌي لفظن جي ھجڻ جي آڌار تي ھئا.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب ھي خيال پيش ڪيو تھ: ”سنڌي ٻولي سڌوسنئون سنسڪرت مان نڪتل نھ آھي، بلڪ سنسڪرت کان اڳ واري مقامي پراڪرت يا پراڪرتن مان اسري. اِھا ھند آريائي ٻولي آھي. لھندا (سرائيڪي، بھاولپوري، ملتاني، ديري والي، ھندڪو)، ڪشميري ۽ اترئين سنڌوماٿر جون داردي ٻوليون ان جون ڀينرون آھن. بودو باش جي لحاظ کان اِھي مڙيئي سنڌو ماٿر جون آڳاٽيون ھند آريائي ٻوليون آھن، پر سٽاءَ ۽ تاريخي ارتقاءَ جي لحاظ سان اِھي ھن برعظيم جي ٻين ھند آريائي ٻولين کان نراليون آھن. ڇاڪاڻ تھ انھن جي بناوت ۽ اوسر ۾ منڊا ۽ دراوڙي ٻولين کان سواءِ ھند ايراني ۽ اولھھ کان ٻين داخل ٿيندڙ ٻولين جي اثر کي پڻ دخل آھي. سنڌي انھيءَ وراچڊ اپڀرنش مان نڪتل ڪانھي، جنھن جو اڳين نحوين ذڪر ڪيو آھي. سنڌيءَ جو خمير سنڌ جي سرزمين ۾ تيار ٿيو. ان جو بڻ بنياد ان جو پنھنجو ئي موروثي سرمايو آھي، جنھن جي تاريخ سنسڪرت کان اڳ واري پروٽو پراڪرت يا پھرين پراڪرت تائين پھچي ٿي(١٢).“

اھوئي نتيجو ڪڍندي ڊاڪٽر بلوچ لکيو تھ: ”سنڌ جي قديم از تاريخ، تھذيب جي ٻوليءَ جا آثار مئن جي دڙي جي کنڊرات مان مليل مھرن ۾ محفوظ آھن. انھيءَ قبل از تاريخي، قديم ٻوليءَ جي حقيقت معلوم نھ ٿي سگھي آھي. ٿي سگھي ٿو تھ اھا ڪا سامي صفت ھجي، جيڪا عراق جي قديم سميري تھذيب جي ٻوليءَ جي ساٿياري ھئي. مقامي طور ان جي دراوڙي سلسلي سان نسبت ٿي سگھي ٿي(١٣).“

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪڍيل ھنن نتيجن جي جواب ۾ سنڌيءَ جي افسانھ نگار جناب سراج الحق ميمڻ بھ پنھنجا خيالات ظاھر ڪيا، جن ۾ بڻ بنياد جي ڳالھھ ڪندي، ھن موضوع تي ڊاڪٽربلوچ جي اوائلي مقالي (مھراڻ ١- ١٩٥٩ع) سراج جي سوچ ۾ ڪي نيون ڳالھيون پيدا ڪيون. بحث مباحثا بھ ڇپيا. آخر سراج جو ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ اپريل ١٩٦٤ع ۾ شايع ٿيو. ھي ڪتاب ڊاڪٽر بلوچ جي نظريي ۽ سنڌي تمدن بابت ظاھر ڪيل خيالات جي ردعمل کي بھ ظاھر ڪري ٿو. بھرحال ترتيب ۽ موضوعن جي ڇنڊ ڇاڻ جي مدنظر محنت ۽ محبت سان لکيل آھي. موھن جي دڙي جي ٻوليءَ وارا آخري ٻھ باب نوان ۽ قابل مطالعھ آھن.

سراج صاحب پنھنجي نظريي ۾ بنيادي ڳالھھ ھيءَ چئي آھي تھ: ”سنڌي جيڪڏھن ڪن سنسڪرت لفظن جي مرھون منت آھي تھ سنسڪرت تي تھ سنڌيءَ جو ان کان بھ وڏو قرض آھي. سنسڪرت تھ ھڪ طرح سان سنڌيءَ جي ڄائي آھي. سڌي طرح نھ سھي، اڻ سڌي طرح سھي(١٤)“.

سراج لفظن ۾ سنسڪرت جي ’ل‘ جو سنڌيءَ ۾ ’ر‘ ۾ بدلجڻ واري نظريي کي بھ رد ڪري ٿو. ان لاءِ تھ سنڌي سنسڪرت جي ماءُ آھي، نھ ڌيءَ. اِن سلسلي ۾ ٻوليءَ جي صوتي نظام ۾ ڪن سنڌي آوازن لاءِ لکي ٿو تھ: ”اوھان ھندوستان جي ڪنھن بھ حصي جي رھاڪوءَ، بلڪھ دنيا جي ڪنھن بھ ٻوليءَ جي ڳالھائيندڙ ماڻھوءَ کان ڳ، ڱ، ڃ، ڄ ۽ ڏ اچارائي ڏسو. وڃ کي چوندا ونج، وغيره (١٥).“

سنڌ ۾ اھو خيال اڳ ۾ سنڌيءَ جي گھڻن حرفن / آوازن لاءِ ظاھر ڪيو پئي ويو آھي. پھرين ھندوستان (۽ پاڪستان) جي ڳالھھ ڪريون تھ: ڄ، ڃ، ڳ، ڏ سرائيڪيءَ ۾ بھ آھن. بلڪل چٽا چٽا. گجراتيءَ ۾ ٻ ۽ ڏ موجود آھن. اردو/ ھنديءَ ۾ ڱ جو آواز لفظ جي آخر (final position) ۾ اچي ٿو. لکجي گ ٿو. اچار جي ڱ ٿو. مانگ کي اردوءَ ۾ مانڱ ڪري اچارجي ٿو. ھنديءَ ۾ تھ ”ڱ“ (             ) الف- ب ۾ موجود آھي ۽ سنسڪرت ۾ بھ موجود آھي، ڇوجو ٻئي ٻوليون ديوناگري لپيءَ ۾ لکجن ٿيون. دنيا ۾ ھلجي تھ چينيءَ ۾ ڱ جو آواز لفظ جي آخر ۾ اچي ٿو. چِنڱ (مھربان). ھن ۾ گ نھ پر ڱ جو آواز چٽو ظاھر ٿئي ٿو. انگريزيءَ ۾ بھ لکجي گ ((G ٿو، پر آخر ۾ ڱ جو آواز نمايان آھي. Sing ۾ اچار سنگ نھ پر سڱ ظاھر بيٺو آھي.

ڃ، ڱ ۽ ڏ ويتناميءَ ۾ بلڪل چٽا آھن. ڃ شروع (Initial position) ۾ اچي ٿو. ڃئون نالو آھي. ڱئون بھ نالو آھي. مونث ڱئين آھي. ھن نالي سان پيڪنگ ۾ منھنجي ڪلاس ڀيڻ ھئي. ڱئون ڪائوڪي آزاديءَ کان اڳ ڏکڻ ويتنام جو ڪٺ پتلي وزيراعظم ھو. NG سان لکڻ ڪري مطالعو ٿيو آھي. نگوئن ناھي، ڱئون آھي. بلڪل چٽو چٽو. آءُ ويٽ نامين سان پڙھيو آھيان. اِسٽور ۾ ھڪ ڪلاس ڀيڻ شوڪيس تي ٺونٺيون کوڙيندي مون کي چيو ھو تھ ”ڏ“ تھ اچاري ڏيکار. منھنجو جواب ھو: ”ھل ڙي ڏيڏري“. ويتناميءَ ۾ ”ڏ“ چٽي چٽي موجود آھي.

ھن نڪتي کان قطع نظر چينيءَ ۾ ’تز‘، سر ۽ ٿِس آواز بھ آھن. تز جرمن ۾ بھ آھي ”        “ سان لکجي ٿو. بھرحال ھي ھڪ جملو معترضو ھو ۽ وضاحت ضروري ھئي. سراج صاحب جي محنت کي داد ڏبو. ھن جو ٻوليءَ جي اصل نسل بابت نظريو محنت سان بيان ڪيل آھي. ان جو مطالعو ڪرڻ سنڌي زبان جي طالبن ۽ عاشقن کي، ليکڪ جي ڏنل دليلن جي روشنيءَ ۾ ڪرڻ کپي. آءٌ سندس موقف ورجايان ٿو تھ: ”سنسڪرت سنڌيءَ جي ڄائي آھي.“

ڀارت ۾ جن ماھرين لسانيات ھن ڏس ۾ يا ٻوليءَ جي گرامر ۽ ٻين پھلوئن تي ڪم ڪيو آھي، انھن ۾ جيرام داس دولت رام، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، لڇمڻ خوبچنداڻي، پوپٽي ھيراننداڻي، ليلو رچنداڻي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. سنڌ ۾ سنڌي زبان جي بڻ بنياد بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا جو نظريو آھي. ھن خاص طور ڊاڪٽر رابرٽ ڪالڊويل جي گرامر جي آڌار تي سنڌيءَ کي غيرآريائي زبان قرار ڏنو ۽ انھيءَ آڌار تي ڪالڊويل جي ڪتاب وارا دليل ڏنائين. سندس تحقيق موجب سنڌيءَ جو شجرو ھن ريت بيٺو:

               توراني ٻولي

موھن جي دڙي واري ٻولي

دڙاوڙي         بروھڪي       سئندو

                        قديم سنڌي

                        وچئين دور واري سنڌي

 

 

 

ھاڻوڪي سنڌي (١٦)

ماھرن جي ھنن چئن اصل نسل وارن نظرين مان ڪنھن کي بھ رد ڪرڻ جي حيثيت ۾ نھ آھيان. منھنجا ڪي دليل ھن ريت آھن تھ ماھرن کي متعلقھ ٻوليون مڪمل طور اچڻ کپن. ھتي سڄو ممڻ سنسڪرت جي سر تي متل آھي تھ ڀيٽ لاءِ سنسڪرت اچڻ کپي. ڪتابن مان لفظ، عدد ۽ جملا نقل ڪري ڏيڻ سان ڳالھھ اڌوري رھندي. جي قبول آھي تھ بھ سنسڪرت، جي رد آھي تھ بھ سنسڪرت! جي ماءُ آھي تھ بھ سنسڪرت، جي ڌيءَ آھي تھ بھ سنسڪرت! ۽ وري ڀيڻ بھ ويچاري سنسڪرت!!

آءٌ سنسڪرت کي اکيون بند ڪري ٻولين جي ماءُ سڏڻ نٿو گھران، پر قبول ڪرڻ/ نھ ڪرڻ لاءِ اھڙن دليلن جي گذارش ڪريان ٿو تھ ھر صورت ۾ سنسڪرت (ھڪ مئل زبان ئي سھي) سکڻ کان پوءِ ڪا ڳالھھ وثوق سان چئي سگھبي. سنسڪرت لپيءَ سميت سکڻ کان پوءِ پنھنجا ڪجھھ تاثرات مثالن جي صورت ۾ ڏيئي، آءٌ ھن باب جي پڄاڻيءَ تي اچان ٿو. ٻولين ۾ اسمن (Nouns) جي ڏي وٺ گھڻي کان گھڻي ٿئي ٿي. اثر ۽ رابطي (Language in Contact) جي ڪري اھڙا ثر وٺندڙ انگريزي اسمن، ٽيبل، چيئر، گلاس، مئجسٽريٽ، جج، ايڊووڪيٽ، اپيل، سمريءَ سميت، اسم وٺي چڪا آھيون. اِھا ڳالھھ فطري آھي. سنسڪرت ۽ ان جي عروج وارا بھ ڪي اسم سنڌيءَ ۾ آھن. جھڙوڪ:

سنت- ٿنڀا (سٿمبا)، انم (ان)، ھرڻ، سمندر، وسمي (عجب)، ڪڪڙ، راتري، پلولم (پل – ڪسي)، لڀي، آلس (آرس)، پروت (پربت، جبل)، مارگ (مارڳ، رستو) پار (بار) ڪپھھ (کوھھ)، ور (ڦيرو) ونم (وڻ) مڻيھ (مڻيو)، وايو (واءُ، ھوا).

فعل بھ سنڌيءَ سان ربط ۾ آھن. ڪن جو واسطو ھنديءَ سان آھي. مثلا: پچتي (پچائڻ- رڌڻ) ڌاوتي (ڊوڙڻ)، نمتي (سلام)، اِڇ (اِڇا ڪرڻ) ۽ پٿتِ (پڙھڻ) وغيره. ڪي فعل ھندي ۽ سنڌيءَ ۾ سنسڪرت جي حوالي سان ھڪجھڙا آھن.

سنسڪرت ۾ عدد بھ ٽي آھن. عربيءَ ۾ بھ ايئن آھي. ھتي ٻولين جا خاندان ٻھ آھن، پر عدد ٽي آھن: واحد- تثنيھ ۽ جمع.

ھن ھيٺ لفظن (اسم، صفت ۽ فعل وغيره) جي ھڪ چونڊ فھرست پيش ڪجي ٿي، جنھن ۾ سنڌي ۽ سنسڪرت جي ڀيٽ پسي سگھجي ٿي:

ونگھھ (وگھن، رڪاوٽ)، انڪه (انگ)، چِتم (دل)، پسي (پسڻ)، وستي (وسڻ، ھجڻ)، وانر (باندر) ھس (کلڻ)، سوسره (سس)، سيله (سالو)، پؤتري (پوٽي)، دوھترا (ڏوھٽو) دوھتري (ڏوھٽي) لجا (لڄ)، الوڪا (چٻرو، الو)، سره (مٿو)، جھوا (ڄڀ)، ڪيس (وار)، انڌاه (انڌو)، پنجره (پڃرو) مڪره (مانگر مڇ)، ويرم (وير)، ڀوڳ (وندر)، دوش (ڏوھھ)، لوڀ (لوڀ)، لوڀي (لوڀي)، ڪڪتي (ڪڪڙ، مادي) آشا (آشا)، مانو (ماڻھو)، بڀڪشتھ (بُک)، ڊرگھم (ڊگھو)، داسي (داسي)، سوامي (سوامي، سائين) جن (ڄڻو)، بندي (بندي، قيدي)، ڊنڍه (ڏنڊ، سزا)، دکت (ڏکويل)، نندا (نندا، گلا، مذمت)، ڇايا (ڇايا، ڇانو، پاڇو)، پاپم (پاپ) ڊنڍاه (ڏنڊو)، بِجم (ٻج)، چور (چور) چوريم (چوري)، آديھ (اڄ) ۽ پِيڙا (پيڙا).

ھنن چونڊ لفظن تي بھ ويچار ڪرڻ کپي. ھنن مان اِھو معلوم ٿي سگھي ٿو تھ قديم ۽ موجوده سنڌيءَ سان سنسڪرت جو لاڳاپو ضرور آھي ۽ تشڪيل ۾ ڪردار بھ.

حوالا:

١- آڏواڻي، ڀيرومل مھرچند، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌي ادبي بورڊ، ١٩٥٦ع، ص ص ٢-٣.

٢- ’قديم سنڌ‘، سنڌي ادبي بورڊ پاران ١٩٥٧ع ۾ شايع ٿيو. ھي ڪتاب ڪاڪي ١٩٤٤ع ۾ تيار ڪيو ھو. ان کي ٽن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪيائين. جنھن ۾ عرب دؤر جي ابتدا تائين احوال اچڻو ھو. اھا خبر نھ آھي تھ باقي ٻھ جلد وٽس ئي رھيا يا بورڊ کي ڏنا ھئائين.

٣- قديم سنڌ، ديباچو، ص ٦.

٤- ايضا، ص ٧.

٥- ايضا، ص ١٠.

٦- آقاي سعيد نفيسي، ديوان ڪامل اميرخسرو، ڪتابفروشي محمد حسين علمي، تھران، ١٣٤٣، ص ٧.

٧- ڊاڪٽر ذبيح لله صفا، مقالو: ”تاريخ دو ھزار وپانمد سالھ شاھھ نشانھيءَ ايران“، انتشارات راديو ايران، تھران، ١٣٣٨، ص ص ٥٦- ٥٧ ۽ ٥٨.

٨- سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص ص ١٧- ١٨.

٩- سچل سرمست جو رسالو، سنڌي اديبن جي سھڪاري سنگت، حيدرآباد، ١٩٧٨ع، ص ٥.

١٠- سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص ٣١.

١١- بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي، ١٩٩٩ع، ص ١.

١٢- ايضا، ص ٣٣.

١٣- ايضا، ص ص ٣٢- ٣٣

١٤- سراج، سنڌي ٻولي، عظيم پبليڪيشن، حيدرآباد، ١٩٦٤ع، ص ٤ (پيش لفظ).

١٥- ايضا، ص ٥٩.

١٦- الانا، غلام علي (ڊاڪٽر)، سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، ١٩٧٤ع، ص ١١٦.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com