سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جو درياهي لهجو

 

صفحو :8

درياھي مڇين مارڻ جا رڇ

 

مڇي مارڻ لاءِ مھاڻا رڇ ڪم آڻيندا آھن. اھي ڪيترن ئي قسمن جا ٿيندا آھن. مڇي مارڻ لاءِ بئراجن ۾ ھڪ رڇ وجھندا آھن، جنھن کي پٽو چوندا آھن. بئراج يا واھھ ۾ وچ تي ھڪ ٻھ ڪيرا (ڊگھا ڪلا) کوڙي رڇ جو ھڪ پاسو ڪناري جي ھڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين وچين ڪلن يا ڪيرن ۾ ٻڌندا آھن. رڇ جو ھيٺيون پاسو جنھن طرف پاڻيءَ جو وھڪرو ھوندو آھي، ان طرف زمين تي وڇائي ڇڏيندا آھن. ٿوري عرصي کان پوءِ ھيٺين رانءَ کي ڇڪ ڏيندا تھ مڇي رڇ جي وچ ۾ ڦاسي پوندي ۽ پوءِ اھا ڪڍي ڪناري تي اڇليندا ويندا. ان رڇ کي ڇڪ ڏيڻ واري عمل کي ’مٺِ ڏيڻ‘ چوندا آھن.

·        ڊانگھرو: ملاح ڊانگھري رڇ ذريعي ڪنارن سان مڇي ماريندا آھن. ڊانگھري کي ٻنھي پاسن کان ڪاٺيون ٻڌندا آھن، جن ۾ ھڪ ھمراھھ ھڪ پاسي ۽ ٻيو ٻئي پاسي ڪاٺين ۾ ھٿ وجھي، رڇ کي ڪنھن دٻي يا ڪناري ۾ ڦيرائيندا آھن. ڊانگھرو ننڍي پاڻيءَ ۾ ڦيرائي سگھبو آھي.

·        نڙو: ھي رڇ ٩، ١٠ فوٽ ڊگھو ۽ اڍائي ٽي فوٽ ويڪرو ٿيندو آھي. نڙو ڪناري تي ھڪ پاسي ٻڌي ڇڏيندا آھن يا جنھن درياھھ، ڍنڍ يا دٻي ۾ نڙو وجھندا آھن، ان ۾ ڪو لڪڙو يا ڪيرو کوڙي ھڪ پاسي اٽڪائيندا آھن، باقي سڄي نڙي کي کلئي پاڻيءَ ۾ ڇڏيندا آھن. پاڻيءَ جي مٿاڇري تي ڦرندڙ مڇي نڙي ۾ ڦاسندي آھي. اڳ ۾ اڪ جا تاندورا يا تندون ڪڍي نڙا ٺاھيندا ھئا، پر ھاڻي ريشمي تار مان ٺاھيندا آھن. اڪثر رڇ ريشمي تار مان ٺاھيندا آھن. اڳي سٽ ڪم ايندو ھو، ھاڻي پلاسٽڪ بھ ڪم اچي ٿي. پلاسٽڪ جي رڇ ۾ وڌيڪ مضبوطي ٿئي ٿي.

·        گھائو: گھائو وڏو رڇ آھي، جنھن ۾ کٿا يا جھوليون ٿينديون آھن. گھائو ڇڪبو رھبو آھي ۽ مڇي کٿن ۾ پوندي ويندي آھي. گھائي رڇ ۾ ھيٺينءَ رانو ۾ لوھھ پيل ھوندو آھي رانو ۾ لوھھ جا ڇلا وڌا ويندا آھن، گھائو مضبوط رڇ ٿيندو آھي.

·        پنت: ھي رڇ ضرورت آھر ھڪ سؤ والن کان مٿي بھ ٿي سگھي ٿو. پنت مٿان دڦا يا تنبيون ٻڌل ھونديون آھن، جيڪي رڇ جي مٿيئن رانءَ کي مٿي جھلي بيھنديون آھن. پنت درياھھ توڙي ڍنڍن ۾ وجھندا آھن.

·        ڄارو: ھي گول رڇ ٿيندو آھي، جيڪو ڊونڊيءَ يا ھڙھئي تي مٿي بيھي پاڻيءَ ۾ اڇلبو آھي، جنھن جي ھيٺين گول رانون ۾ لوھا ڇلا پيل ھوندا آھن. اڪثر ملاح مڇيءَ جي سير ڏسي ان مٿان ڄارو اڇليندا آھن، رڇ کي ڄار بھ چئبو آھي، پر ڄارو رڇ جو ھڪ قسم آھي. لطيف سائينءَ سر ڪاموڏ ۾ ڄار لفظ ڪم آندو آھي.

ميءَ ھٿ ۾ مڪڙي، ڄام ھٿ ۾ ڄار،

سارو ڏينھن شڪار، ڪينجھر ۾ ڪالھھ ھو.

ڄار اڇلڻ کان اڳ ۾ مڇي موٽائڻ لاءِ ڪاٺ جو ٺھيل گول ٽڪرو اڇلبو آھي، جنھن کي چپو چئبو آھي. ڪڏھن ملاح رڇ ڇڪي مڇيءَ کي اچي ڪنھن ڪوڀال يا ڪناري ۾ سوڙھو ڪندا آھن. اتي رڇ بيھاري، ان جي ڪيرن ۾ پراڻا يا نوان رڇ پاڻيءَ کان ٽي چار فوٽ مٿي ٻڌندا آھن. ان ھيٺئين رڇ جي مٿان (جنھن کي مھاڻا ٻيڙا چوندا آھن) پٿرن واري رڇ ۾ گودا ٺاھيندا آھن، جن ۾ مڇي ٽپ ڏيندي وڃي ڦاسندي آھي.

·        سيري رڇ: ھي رڇ ڪنبَن ۽ وڏين ڍنڍن ۾ ھٿن يا ٻيڙين تي لاھيندا آھن. ھيٺئين پاسي جي رانو کي لوھھ پيل ھوندو آھي. درياھھ جي ڪنب يا ڍنڍن ۾ ڪاٺ ۽ دڙا ٿيندا آھن ۽ رڇ ڇڪڻ ۾ جيڪڏھن ڪٿي دڙي يا ڪاٺ ۾ ڦاسندو آھي تھ ملاح (ٽوٻا) ٽٻي ھڻي دڙي مان ڇڏائي اڳتي ڇڪيندا آھن. ائين رڇ کي آھستي آھستي اڳتي سيريندا ۽ ڇڪيندا ھلندا آھن، ان ڪري ان رڇ کي سيريءَ جو رڇ چئبو آھي.

·        ٽنبُ: ڍنڍ يا ڪنب- ڪوڀال ۾ رڇ ڇڪي ڪناري جي قريب آڻي مڇيءَ کي ڄڻ تھ بند ڪندا آھن. ھڪ پاسي ڀن ٺاھيندا آھن. جيڪڏھن مڇي ٽپا ڏئي رڇ ٽپي ويندي آھي تھ پوءِ مٿان رڇ جا ٽڪر ٽنب جي مٿان اٽڪائيندا آھن، جن کي پٿرا چئبو آھي.

·        ڀن: ٽنب جي پنئتل واري پاسي ڪيرن ۾ گول رڇ پٿاريندا آھن. ان جي مٿان کنڌي پٿري جيان لڳائيندا آھن، جنھن کي پٿرو ۽ کنڌي- کيڙ بھ چوندا آھن. مڇي رڇ کي لڳي، ڀن طرف سرندي ڀن ۾ پھچندي آھي ۽ ان کي ٻاھر نڪرڻ لاءِ جاءِ نھ ملندي آھي. سنڌيءَ ۾ ڀن، ٻن محاورن سان ڪم آڻبو آھي:

(١) وڃي ڀن ۾ پؤ، اسان جو ڇا؟

(٢) ”فلاڻي جا گھڻائي ڀن ڀريا اٿئون“- يعني چٽيون ڀريون اٿئون.

·        ڄاري: ھي رڇ ننڍي پاڻيءَ ۾ گھمائبو آھي. اڪثر ڪترو رڇ ننڍن پاکن وارو ڏياري يا ڄاري ۾ ڪم آڻبو آھي.

·        ونجھر: ھي رڇ پکين ڦاسائڻ لاءِ ڪاٺ جي ڪيرن يا لکن ۾ ٻڌي ڇڏيندا آھن. پرديسي پکين کي اڏام وقت رڇ يا ونجھر ڏسڻ ۾ نھ ايندو آھي ۽ اھي لھڻ يا اڏڻ مھل رڇ ۾ ڦاسي پوندا آھن. ونجھر رڇ ۾ مڇي بھ ڦاسائي ويندي آھي.

·        پاکو رڇ: جنھن رڇ جا اکا وڏا ٿيندا آھن ان کي پاکو رڇ چوندا آھن. وڏا پاکا خاص ڪري وڏيءَ مڇيءَ لاءِ ھوندا آھن. رڇ ٺاھڻ لاءِ ملاحن وٽ ڪاٺ جون پٽيون، ٻن، ٽن يا وڌيڪ انچن جون ھونديون آھن. ان ماپ جو ھرھڪ اکو ھڪ جيڏو ٿيندو آھي.

·        ڪترو يا ڪاترو رڇ: ننڍي مڇي مارڻ لاءِ ننڍي اکي وارو رڇ استعمال ڪيو ويندو آھي، ان کي ڪترو يا ڪاترو رڇ چئبو آھي. ھن رڇ مان دءِ يعني ننڍڙي مڇي نھ نڪري سگھندي آھي، گھاتو، ھي رڇ سمنڊ ۾ ننڍيءَ مڇيءَ لاءِ ڪم آڻيندا آھن.

·        مٺِ وارو رڇ: بئراج يا ڇنڊڻ ۾ پٽا لڳايا ويندا آھن، جن کي مٺِ وارو رڇ چوندا آھن، ڇو تھ مٺ ڏيڻ سان رڇ جي ور ۾ مڇي ڦاسندي آھي ۽ رڇ کي قدري مٿي کڻي مڇي ڪڍي وٺندا آھن.

·        اوجھاڻي: اوجھاڻي، درياھھ جو ڊگھو رڇ آھي. اوجھاڻي جو رڇ پلن مارڻ ۾ گھڻي مدد ڪندو آھي. اوجھاڻي ۾ اڳ مٿينءَ رانو ۾ تنبيون ٻڌندا ھئا، ھاڻي پلاسٽڪ جا دڦا ٻڌندا آھن. اوجھاڻيون ڊونڊين يا بتيلن تي کڻي درياھھ ۾ وجھندا آھن ۽ وري ڪڍندا بھ بتيلن تي آھن. ھڪ ئي دس ۾ اوجھاڻيءَ ۾ سوين پلا ڦاسندا آھن.

ڪوٽڙي بئراج جي پھرين سالن ۾ پل تي جڏھن پلو وڪبو ھو تھ اجھاڻيون ڀرجي وينديون ھيون. ايترو پلو تڙن تي پھچندو ھو، جو منشي يا سوپريا چوندا ھئا: ”ھڻ گولي معنيٰ ٻھ ٽي روپيا- ملھھ ڪٿين.“

·        ڪڙھي: ڪڙھي بھ رڇ جو قسم آھي، ھي رڇ ڇھن پاون ۾، ڪاٺ جي گول منر سان ھڪ ئي فاصلي تي ٻڌل ھوندا آھن. ٽن چئن فوٽن ۽ ٦- ٧ فوٽن جي قطر وارا رڇ ڪڙھيءَ جي پاون جي ھيٺان ٻڌل ھوندا آھن. انھيءَ ننڍي رڇ جو وچ، مارت (مڇي ماريندڙ) پاون جي مٿئين پاسي جھليندو آھي، پوءِ گوڏي سٿر جيڏي پاڻيءَ ۾ ڪڙھي ھڻندو ھلندو. مڇي کنڊ، يعني ڪڙھيءَ (ڄار) کي لوڏيندي تھ وچ ڪڙھي جو کڻي ڦٽي ڪندو، پوءِ ڪڙھيءَ جا پاوا گپ ۾ کوڙي ڪڙھيءَ جي ڄاريءَ مٿان ھٿ گھمائي ڏسندو. ھٿ کي مڇي لڳنديس تھ ان کي وٺي ڪھھ ۾ وجھندو آھي. ڪڙھي ٻانڌن تي پيھيءَ مٿان ملاح کڻي وھندو آھي. اھي ٻانڌا چڙھھ ۾ بھ لڳندا آھن ۽ لاٿ پاڻيءَ جي ڇڄڻ ۾ بھ لڳندا آھن، ڇوتھ چڙھھ ۾ پاڻي واھن ڏي وھندو آھي. مڇي سير ڪري ھلندي آھي. درياھھ جي انھن ڳارن ۾ جتان مڇي وھندي آھي، ان کي رڇ سان بھ جھلائيندا آھن. مڇي سير ڪري ھلندي تھ ٽپ ڏئي مڇيءَ مٿان ڪڙھي ھڻندا ۽ مڇي ڦاسائيندا.

·        ڪڙھھ: وڏين ڪڙھين کي ڪڙھھ چوندا آھن. ڪڙھھ سان ملاح ڪنارن سان پلا بھ ماريندا آھن. ننڍي ڪڙھيءَ جا پاوا وڏي مڇي ڀڃي وجھندي آھي، ان ڪري ملاح وڏي مڇي مارڻ لاءِ ڪڙھھ ڪم آڻيندا آھن. جيڪڏھن ڄاريءَ جا پاکا ويڪرا ٿيندا آھن تھ ڪڏھن ڪڏھن وڏي مڇي ڦاسي پوندي آھي. سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ پھاڪو ڏيندا آھن. ’ويٺا ھئا تھ اچي ڪڙھي پين‘ يعني ڦاسي پيا!

·        سبھي يا سبوھي: ھيءُ رڇ خاص پلن لاءِ ھوندو آھي، جنھن جو بيان اڳ ڪري چڪو آھيان.

ننڍي مڇي جھول سان ماريندا آھن. ننڍي پاڻيءَ ۾ ھڪ ماڻھو چادر جھڙي ڪپڙي جي ھڪ پاسي جا ٻئي پلاند ھٿ ۾ جھليندو آھي ۽ ٻيو ماڻھو ٻئي پاسي جا پلاند جھليندو آھي.

شاھھ سائينءَ جھول جي اِجھو ھيئن ڳالھھ ڪئي آھي:

ائين نھ مرن مڇ، جيئن جھينگا پائين جھول ۾،

سٻر ڌار سمونڊ جا، رانوان رنگي رڇ،

ھي ٿئي ڇاڙھون ڇڇ، اڃا اوڙاھھ اڳي ٿيو!

·        ٻج جو رڇ: ھيءَ رڇ سنھو ڪترو ٺاھبو آھي، جنھن ۾ ننڍي مڇيءَ جو ٻج ڦاسائبو آھي، جيڪو تلائن ۾ وجھبو آھي. مڇيءَ جي ٻج جو واپار، وڏي نفعي وارو واپار آھي. ننڍي ٻج واري ھڪ مڇي پنجن کان ١٠ روپين ۾ ملندي آھي، جيڪي ماڻھو ٻج وارا ننڍا ھٿرادو ڊيم ٺاھي مڇي پالين ٿا، تن کي ھي ٻج ڄڻ سستو پوي ٿو.

·        ڄانگھي سان مڇي مارڻ: ملاح ننڍي پير ٻوڙ پاڻيءَ ۾ مڇيءَ کي تڙ ڪري، رانون ويڪريون ڪري، ڇلپو ھڻي ڪناري سان ويھي ڦاسائيندا آھن. ڄانگھيءَ ۾ پاءَ کان اڌ سير جيتري مڇي ماري ويندي آھي.

·        ٻاڙو ڪرائي مڇي مارڻ: دٻن ۾ جڏھن پاڻي ننڍو مريئي پِنيءَ جيترو ٿيندو آھي، تھ پنج ست ماڻھو پاڻيءَ ۾ تڪڙا ڦيرا ڏئي پاڻي ميرو ڪندا آھن. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ مڇي منھن ڪڍندي آھي تھ ان کي لٺين سان بھ ماري سگھندا آھن.

·        ڇتِ: اوائلي دؤر ۾ ڏڦي مثل لوھھ جي ڇتِ سان، جنھن ۾ ڪاٺ جو چار پنج فوٽ ڳن ھوندو ھو، مڇي ماريندا ھئا. مڇي ٿورا پٺا ڪڍندي ھئي تھ ڇت ھڻندا ھئس. مھاڻا ڇت سان وڏيون مڇيون بھ ماري سگھندا ھئا. ڇت رڇ کان اڳي جي ايجاد آھي ۽ لوھھ جي پھرين دؤر ۾ ڪم آندي ويندي ھئي. ان کان اڳي مڇيءَ جو شڪار ڪندڙ پٿرن جي اوزارن سان مڇي ماريندا ھئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org