سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:سنڌيءَ جو عروض

 

صفحو :8

رشيد احمد لاشاري

ڀل ڪري دل کي هجر سؤ ٽڪرا

تيز خنجر ڪڏهن مڏو نه ڪجي

فاعلاتن

مفاعلن

فعلن

ڀل ڪري دل

کـ هجر سو

ٽڪرا

 

فاعلاتن

مفاعلن

فعلن

تيز خنجر

ڪڏهه مڏو

نه ڪجي

مٿين مثال ۾ تيز جي ز تقطيع ۾ متحرڪ ٿي پئي.

7 – يائي لين جي پويان وارو ساڪن حرف: اهو يائي لين جي پويان وارو ساڪن حرف جڏهن مصرع جي وچ ۾ هوندو آهي ته تقطيع ڪرڻ وقت ساڪن حرف مان ڦري متحرڪ ٿي پوندو آهي، جيئن ته:

مولانا الله بخش اٻوجهو

سٻوجهي وڏا وقت پنهنجا وڃايا

انهي خير ۾ پير پنهنجا ڄمايا

فعولن

فعولن

فعولن

فعولن

سٻوجهي

وڏا وق

ت پهجا

وڃايا

اني خي

ر ۾ پي

ر پهجا

ڄمايا

مٿين مثال ۾ خير جي ر تقطيع ۾ ساڪن مان ڦري متحرڪ ٿي پئي.

ٻن ساڪن حرفن جو بيان

ساڪن حرف جي پويان هڪ ٻيو ساڪن حرف: حروفِ علت (الف – واءُ – ي) کانسواءِ جڏهن مصرع جي وچ ۾ هڪ ساڪن حرف جي پويان ٻيو ساڪن حرف سوائي نون معلن جي ايندو آهي ته تقطيع ڪرڻ وقت پهريون ساڪن حرف سڪون واري حالت سان قائم رهندو آهي ۽ ٻيو ساڪن حرف ڦري متحرڪ ٿي پوندو آهي، جيئن ته:

مولوي نورالدين ”نور“

هزارين مست آيا ميڪده ۾

پياري ڇڏ مئي گلفام ساقي

مفاعيلن

مفاعيلن

فعولن

هزاري مس

ت ا ا يا مي

ڪده مي

پياري ڇڏ

 مئي گلفا

م ساقي

مٿين مثال ۾ مست جو ٻيو ساڪن حرف ت تقطيع ۾ متحرڪ ٿي پئي.

ٽن ساڪن حرفن جو بيان

1 – ساڪن حرف جي پويان ٻه ٻيا ساڪن حرف: جڏهن مصرع جي وچ ۾ هڪ ٻئي پٺيان ٽي لڳاتار ساڪن حرف ايندا آهن ته سڀن کان آخر وارو ٽيون ساڪن حرف تقطيع ۾ شمار نه ڪبو آهي ۽ ٻيو ساڪن حرف ڦري متحرڪ ٿي پوندو آهي ۽ پهريون ساڪن حرف سڪون واري حالت سان قائم رهندو آهي، جيئن ته:

مخدوم زاده محمد امين ”فهيم“

توکي غيرن جي روبرو جاني

دوست محبوب يار ڇا چئجي

فاعلاتن

مفاعلن

فعلن

تو کـ غيرن

جـ رو برو

جا ني

دوس محبو

ب يا ر ڇا

چئجي

مٿين مثال ۾ دوست جي ت تقطيع ۾ شمار نه ڪئي وئي ۽ س ساڪن حرف مان ڦري متحرڪ ٿي پئي.

سليم ڳاڙهوي

مون کي هي درد ڏنو ڪنهن آهي

توکان اي دوست پڇڻ چاهيان ٿو

فاعلاتن

فعلاتن

فعلن

موک هي در

د ڏنو ڪهه

ا ا هي

توکي اي دو

س پڇڻ چا

يا ٿو

مٿين مثال ۾ پڻ ڏسبو ته دوست جي ت تقطيع ۾ شمار نه ڪئي وئي ۽ س ساڪن حرف مان ڦري متحرڪ ٿي پئي.

باب ڇهون

بحر هزج

هزج جي لغت ۾ معنيٰ آهي سريلو آواز يا ڳائڻ جو آواز. جيئن ته هن بحر ۾ موسيقيت تمام گهڻي آهي ۽ عرب ۾ اڪثر انهي وزن جا شعر ڳائبا آهن ان ڪري هن بحر جو نالو هزج رکيو ويو آهي، هن بحر جا زحاف مفاعيلن جي فروع ۾ ڄاڻايل آهن.

1 – هزج مثمن سالم: مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن.

ميرزا قاسم علي بيگ ”قاسم“

نه دولت جي تمنا ۽ نه حشمت جو هوس مونکي

عطا ڪر منهنجي دل کي يا الاهي عشق احمد جو

مفاعيلن

مفاعيلن

مفاعيلن

مفاعيلن

نه دولت جي

تمن نا ۽

نه حشمت جو

هوس موکي

عطا ڪر مهه

جـ دل کي يا

الاهي عش

ق احمد جو

سالم

سالم

سالم

سالم

مٿين تقطيع ۾ مونکي جو نون منهنجي جا ٻئي نون ۽ جي، جي ي ڪيرائڻ جائز آهي.

2 – هزج مثمن مسبغ: مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلان.

غلام احمد ”نظامي“

سچا سرور پرين پرور پيارا يا رسول الله

وسيلا بي وسيلن جا ڀلارا يا رسول الله

مفاعيلن

مفاعيلن

مفاعيلن

مفاعيلان

سچا سرور

پري پرور

پيارا يا

رسول الله

وسيلا بي

وسيلن جا

ڀلارا يا

رسول الله

سالم

سالم

سالم

مسبغ

مٿين تقطيع ۾ پرين جو نون ڪيرائڻ جائز آهي.

نوٽ: هزج سالم ۽ هزج مسبغ جو هڪ ئي غزل ۾ آڻڻ جائز آهي.

3 – هزج مثمن سالم محذوف الاخر يا مقصور الاخر: مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن فعولن.

ميرزا غلام رسول بيگ مقبل

حبيبِ ڪبريا فخرِ زمان آهي محمد

شهنشاهِ زمين و آسمان آهي محمد

مفاعيلن

مفاعيلن

مفاعيلن

فعولن

حبيبي ڪبـ

ريا فخري

زما ا اهي

محمد

شهنشاهي

زمينو ا ا

سما ا اهي

محمد

سالم

سالم

سالم

مخذوف

مٿين تقطيع ۾ حبيب جي ب، فخر جي ر، شهنشاه جي ه تي اضافت ايترو وڌائي پڙهي وئي جو ي جو آواز ڏنائين ان ڪري تقطيع ۾ حبيبي، فخري، شهنشاهي ڪري لکيا ويا، ۽ زمان ۽ آسمان جا نون ڪيرائڻ جائز آهن.

4 – هزج مثمن ابتر: مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن فع

مخدوم طالب الموليٰ

مزو ٿي جي وسي برسات ميخاني تي

صراحي رقص ۾ ٿي وجد ۾ پيمانو

مفاعيلن

مفاعيلن

مفاعيلن

فع

مزو ٿي جي

وسي برسا

ت ميخاني

تي

صراحي رقـ

ص ۾ ٿي وجـ

دم پيما

نو

سالم

سالم

سالم

ابتر

5 – هزج مثمن مقبوض: مفاعلن مفاعلن مفاعلن مفاعلن.

عبدالڪريم ”گدائي“

سياهه رات ختم ٿي ۽ روشني اچي وئي

سحر جي نوو جي گلن ۾ تازگي اچي وئي

مفاعلن

مفاعلن

مفاعلن

مفاعلن

سياهه را

ت ختم ٿي

ء روشني

اچي وئي

سحر جـ نو

ر جي گلن

م تازگي

اچي وئي

مقبوض

 مقبوض

مقبوض

مقبوض

مٿين تقطيع ۾ جي جي ي ڪيرائڻ جائز آهي.

6 – هزج مثمن مقبوض سالم: مفاعلن مفاعيلن مفاعلن مفاعيلن.

مخدوم زاده امين فهيم

دل و جگر کسي منهجا ڪري دغا ويو ڪيڏي

خبر لهي نه ٿو منهجي هو بي وفا ويو ڪيڏي

مفاعلن

مفاعيلن

مفاعلن

مفاعلن

دلو جگر

کسي مهجا

ڪري دغا

ويو ڪيڏي

خبر لهي

نه ٿو مهجي

هه بي وفا

ويو ڪيڏي

مقبوض

سالم

مقبوض

سالم

مٿين تقطيع ۾ دل و جگر جو واؤ عطف کي لام سان ملائي پڙهڻ ۾ لام متحرڪ ٿي پيو ۽ منهنجا ۽ منهنجي جا ٻئي نون ڪيرائڻ جائز آهن.

7 – هزج مثمن اشتر:فاعلن مفاعيلن فاعلن مفاعيلن

ميرزا سلطان حيدر بيگ

برقِ شعله زن چمڪي ابر اڄ خروشان آ

گرم هن گهڙي ساقي بزم دُرد نوشان آ

فاعلن

مفاعيلن

فاعلن

مفاعيلن

برق شعـ

ل زن چمڪي

ابر اڄ

خروشا اا

گرم هن

گهڙي ساقي

بزم دُر

دنو شا اا

اشتر

سالم

اشتر

سالم

مٿين تقطيع ۾ خروشان ۽ نوشان جا نون ڪيرائڻ جائز آهن.

8 – هزج مثمن اخرب: مفعول مفاعيلن مفعول مفاعيلن.

خليفو محمد عمر ”اختر“ هالائي

مان مردِ مجاهد ٿي دنيا کي مڃائيندس

شمشير شجاعت سان دشمن کي هٽائيندس

مفعول

مفاعيلن

مفعول

مفاعيلن

ما مرد

مجاهد ٿي

دنيا کـ

مڃائيندس

شمشير

شجاعت سا

دشمن کـ

هٽائيندس

اخرب

سالم

اخرب

سالم

مٿين تقطيع ۾ کي جي ي، سان جو نون، مڃائيندس ۽ هٽائيندس جا نون ڪيرائڻ جائز آهن.

9 – هزج مثمن اخرب مڪفوف سالم الاخر: مفعول مفاعيل مفاعيل مفاعيلن.

حڪيم فتح محمد ”سيوهاڻي“

هن عاشق پردرد کي بي درد ٿي تو ماريو

همدرد ٿين ها جيڪر ڪهڙو نه چڱو ٿي ها

مفعول

مفاعيل

مفاعيل

مفاعيلن

هن عاش

ق پردرد

کـ بي درد

ٿـ تو مارو

همدرد

ٿـ ها جيڪ

ر ڪهڙو نه

چڱو ٿي ها

اخرب

مڪفوف

مڪفوف

سالم

مٿين تقطيع ۾ کي جي ي، ٿي جي ي، ماريو جي ي، ٿين جي ي ۽ نون ڪيرائڻ جائز آهن.

نوٽ:هزج مثمن اخرب، مفعول مفاعيلن مفعول مفاعيلن ۽ هزج مثمن اخرب مڪفوف مفعول مفاعيل مفاعيل مفاعيلن جو هڪ ئي غزل ۾ آڻڻ صحيح آهي.

10 – هزج مثمن اخرب مڪفوف مخذوف الاخر مفعول مفاعيل مفاعيل فعولن

سيد احسن الهاشمي

ڪجهه فرق حقيقت ۽ بناوٽ ۾ ته آهي

زاهد جي تقدس کان سچي منهنجي ندامت

مفعول

مفاعيل

مفاعيل

فعولن

ڪجهه فرق

حقيقت ء

بناوٽ م

ته اا هي

زاهد جـ

تقدس کـ

سچي مهجـ

ندامت

اخرب

مڪفوف

مڪفوف

محذوف

مٿين تقطيع ۾ جيِ ي، کان جو الف ۽ نون، منهنجي جا ٻه نون ۽ ي ڪيرائڻ جائز آهن.

11 – هزج مثمن مڪفوف محذوف الاخر: مفاعيل مفاعيل مفاعيل فعولن.

ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل

تپِ هجر ته اي يار انهي من کي جلايو

ڀلا ڏس ته دلِ زار هي ڪنهن باغ بنايو

مفاعيل

مفاعيل

مفاعيل

فعولن

تپي هجر

ته اي يار

انهي من کـ

جلايو

ڀلا ڏس ته

دلي زار

هه ڪهه باغ

بنايو

مڪفوف

مڪفوف

مڪفوف

محذوف

مٿين تقطيع ۾ تپ جي پ ۽ دل جي لام تي اضافت ايترو وڌائي پڙهي وئي جو ’ي‘ جو ڪم ڏنائين ان ڪري تقطيع ۾ تپي ۽ دلي ڪري لکيو ويو - ۽ کي جي ي ۽ هي جي ي ۽ ڪنهن جا ٻئي نون ڪيرائڻ جائز آهن.

12 – هزج مثمن اخرب مڪفوف مقصور الاخر: مفعول مفاعيل مفاعيل مفاعيل.

شمس الدين بلبل

تن زيب توهانجي تي ڏني چست قبا سرخ

گل چاڪ گريبان ٿو رهي غم ۾ سدا سرخ

مفعول

مفاعيل

مفاعيل

مفاعيل

تن زيب

توا جي ته

ڏٺي چست

قبا سرخ

گل چاڪ

گريبا ٿـ

رهي غم م

سدا سرخ

اخرب

مڪفوف

مڪفوف

مقصور

مٿين تقطيع ۾ توهانجي جي هه ۽ نون، تي جي ي، گريبان جو نون، ٿو جو واؤ ڪيرائڻ جائز آهن.

نوٽ:- مٿين بحر نمبر 10 ۽ 12 جي وزن ۾ ٻئين، ٽئين ۽ چوٿين رڪن ۾ تسڪين اوسط جو زحاف لڳائي سگهجي ٿو ۽ ٻنهي جو هڪ غزل ۾ گڏ آڻڻ جائز آهي.

13 – هزج مثمن اخرب اهتم:-

مفعول مفاعيلن مفعول فعول

ميرزا غلام مصطفيٰ بيگ عاشق

منهنجي ٿي دعا يا رب هي جلد قبول

هروقت رهي دل ۾ بس عشق رسول

مفعول

مفاعيلن

مفعول

فعول

مهجي ٿـ

دعا يا رب

هي جلد

قبول

هر وقت

رهي دل ۾

بس عشق

رسول

اخرب

سالم

اخرب

اهتم

مٿين تقطيع ۾ منهنجي جا ٻئي نون، ٿي جي ي ڪيرائڻ جائز آهن.

14 – هزج مسدس سالم:- مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن.

علي محمد خالدي

عيان آهي عجب اسرار قدرت جو

سمايل راز ان ۾ آهه حڪمت جو

مفاعيلن

مفاعيلن

مفاعيلن

عيا ا ا هي

عجب اسرار

ر قدرت جو

سمايل را

ز ان ۾ ا ا

هه حڪمت جو

سالم

سالم

سالم

مٿين تقطيع ۾ عيان جو نون شمار نه ڪيو ويو آهي.

15 – هزج مسدس مقبوض:- مفاعلن مفاعلن مفاعلن.

ميرزا سلطان حيدر بيگ سلطان

هليو ويو غضب ڪري ڇڏي صنم

ٿيو ستم ٿيو ستم ٿيو ستم

مفاعلن

مفاعلن

مفاعلن

هلو ويو

غضب ڪري

ڇڏي صنم

ٿيو ستم

ٿيو ستم

ٿيو ستم

مقبوض

مقبوض

مقبوض

مٿين تقطيع ۾ هليو جي ي ڪيرائڻ جائز آهي.

16 – هزج مسدس مقصور الاخر:-

مفاعيلن مفاعيلن مفاعيل

فيض بخشاپوري

سروپا دست و بازو، دل، جگر بند

ڪمندِ زلف ۾ آ بند هر بند

مفاعيلن

مفاعيلن

مفاعيل

سروپا دس

ت بازو دل

جگر بند

ڪمندي زل

ف ۾ ا ا بن

دهر بند

سالم

سالم

مقصور

17 – هزج مسدس محذوف الاخر:- مفاعيلن مفاعيلن فعولن.

ميرزا قليچ بيگ

ڪريان تو تان سڄڻ آءُ سر فدا ڇا

محبت جو ڪو حق ٿيندو ادا ڇا

مفاعيلن

مفاعيلن

فعولن

ڪرا توتا

سڄڻ ا ا سر

فدا ڇا

محب بت جو

ڪ حق ٿيندو

ادا ڇا

سالم

سالم

محذوف

مٿين مثال ۾ ڪريان جي ي ۽ نون، آءُ جو همزو، ڪو جو واءُ ۽ ٿيندو جو نون تقطيع ۾ شمار نه ڪيا ويا آهن.

نوٽ:- بحر هزج مسدس محذوف مفاعيلن مفاعيلن فعولن ۽ بحر هزج مسدس مقصور مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن جو هڪ ئي غزل ۾ آڻڻ صحيح آهي.

18 – هزج مسدس اخرب مقبوض مسبغ:-مفعول مفاعلن مفاعيلان.

ميرزا فياض علي بيگ فياض

هر وقت ڪري ٿو سنگدل بيداد

الله سندم ڪندو سگهو ڪو داد

مفعول

مفاعلن

مفاعيلان

هر وقت

ڪري ٿـ سن

گدل بيداد

الله

سدم ڪدو

سگهو ڪو داد

اخرب

مقبوض

مسبغ

مٿين تقطيع ۾ ٿو جو واؤ، سندم جو نون ۽ ڪندو جو نون ڪيرائڻ جائز آهن.

19 – هزج مسدس اخرب مقبوض:-مفعول مفاعلن مفاعلن

ميرزا عباس علي بيگ عباس

ويران ڏسون پيا چمن سڄو

سي نقش و نگار سڀ ڦٽي ويا

مفعول

مفاعلن

مفاعلن

ويران

ڏسون پيا

چمن سڄو

سي نقش

نگار سڀ

ڦٽي ويا

اخرب

مقبوض

مقبوض

مٿين تقطيع ۾ ڏسون جو نون ڪيرائڻ جائز آهن.

20 – هزج مسدس اخرب مقبوض سالم الاخر:- مفعول مفاعلن مفاعيلن.

ميرزا فتح علي بيگ عارف

فرقت ۾ سڄي ڄمار پوري ٿي

حاصل نه ٿيو وصال دلبر جو

مفعول

مفاعلن

مفاعيلن

فرقت م

سڄي ڄما

ر پوري ٿي

حاصل نه

ٿيو وصا

ل دلبر جو

اخرب

مقبوض

سالم

21 – هزج مسدس اخرب مڪفوف مقصور:- مفعول مفاعيل مفاعيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org