سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:سنڌيءَ جو عروض

 

صفحو :17

باب اٺون

چند ضروري اصطلاحن جي تعريف

اصطلاح

تعريف

بند

مخمس، مسدس، ترجيع بند، ترڪيب بند وغيره جو هڪ جزو جيڪو مخمس ۾ 5 مصراعن جو، مسدس ۾ 6 مصراعن جو ۽ ترجيع بند، ترڪيب بند ۾ مساوي تعداد جي مصراعن جو ٿئي ٿو.

بندش

شعر جي لفظن جي نشست و ترتيب جنهن مان شعر جي حسن و قبح تي اثر پوندو هجي.

بيت

ڪنهن به هڪ شعر کي بيت چئي سگهجي ٿو خواه اُن جون ٻئي مصراعون مقفيٰ هجن يا غير مقفيٰ ۽ کڻي اُهو ڪهڙي به صنف نظم سان تعلق رکندو هجي.

تخلص

اُهو نالو جيڪو شاعر پنهنجي لاءِ پنهنجي شعرن ۾ ڪتب آڻي.

تخميس

پنهنجي يا ڪنهن ٻي جي شعر تي ٽي ٽي مصرعون لڳائي مخمس چوڻ.

تخيل        (يا تخئيل)

(لغوي معنيٰ، خيال ۾ آڻڻ يا خيال پيدا ڪرڻ) اصطلاح ۾ اهو مطلب آهي ته شاعر پنهنجي قوتِ فڪري سان ڪو اهڙو خيال  پيدا ڪري جنهن کي معمولي ذهن وارا ماڻهو پيدا ڪري نه سگهن.

حسن مطلع (يا زيب مطلع)

غزل ۾ هڪ مطلع کان پوءِ ٻيو مطلع

خمريات

شراب جي تعريف جا شعر

خيال بندي (يا نازڪ خيالي)

ڪلام ۾ مشڪل ۽ پيچيده استعارن ۽ تشبيهن جي ذريعي معنيٰ ۾ نزاڪت ۽ دقت پيدا ڪرڻ.

دولخت

اهڙو شعر جنهن جي ٻنهي مصراعن ۾ ربط نه هجي

ذوالمطالع

اهڙو قصيدو جنهن ۾ متعدد مطلع هجن.

سوقيانه

اهڙا شعر جن ۾ اخلاق کان ڪريل بازاري لفظ يا خيالات ڪتب آندا وڃن. (سوق بعمنيٰ بازار).

زمين غزل (يا طرح)

غزل جي بحر ۽ رديف و قافيه جو مجموعي نالو.

ساقي نامه

اهڙا شعر جن ۾ ساقي سان خطاب ڪري شراب طلب ڪيو وڃي ۽ شراب جي تعريف ڪئي وڃي.

سراپا

اهڙا شعر جن ۾ معشوق جي نهَن کان وٺي چوٽي تائين اعضاء، هار سينگار، قد و قامت ۽ لباس وغيره جي حُسن جي تعريف ڪئي وڃي.

طنزيات

مذاق آميز طنزيه اشعار، طنز مان اِها مراد آهي ته ڪنهن شخص يا جماعت جي نقصن جو اظهار اهڙي نموني سان ڪيو وڃي جو اُن شخص يا جماعت جي تڪليف جو باعث هجي ۽ خود طنز ڪرڻ واري کي اُن کان مسرت يا خوشي حاصل ٿي.

غزل مسلسل (يا غزل مضمون واحد)

اهڙو غزل جنهن جي شعرن ۾ اول کان وٺي آخر تائين هڪ باهمي تعلق هجي.

فراقيه

اهڙا شعر جن ۾ معشوق سان فراق ۽ جدائي جو بيان موثر لفظن ۾ ڪيو وڃي.

في البديهه (يا مرتجل)

اهڙا شعر جي ڪنهن خاص موقعي تي فوراً بغير ڪنهن غور و فڪر جي چيا وڃن.

قسميه

اهڙا شعر جن ۾ لفظ ”قسم“ بار بار اظهار قسم يا واسطي ڏيارڻ لاءِ ڪتب آندا وڃن.

مبتذل

ڏسو سوفيانه

مدح

اهڙا شعر جن ۾ ڪنهن جي تعريف ڪئي وڃي.

مرصع نگاري

اهڙا شعر جن ۾ هڪ مصرع جو هر لفظ ٻي مصرع جي مقابل لفظن جو هم وزن هجي.

مرقع نگاري

اهڙو نظم جنهن ۾ ڪنهن قدرتي منظر (آبشار، دريا، پهاڙ ۽ جهنگل) يا صبح، شام، معرڪئهِ جنگ وغيره جي تصوير لفظن ۾ هوبهو چٽيل هجي.

مصرع

اَڌ بيت يا اَڌ شعر خواه اُهو پورو مطلب شعر جو اَدا ڪندو هجي يا نه ڪندو هجي.

مصرع طرح

گهڻو ڪري اُن کي چون ٿا جا مشاعرن ۾ هم طرح غزلن تي طبع آزمائي جي لاءِ ڏني وڃي ٿي.

مهمل

بي معنيٰ شعر، اهڙا شعر جي محض لفظن جا مجموعه هجن ۽ ڪا مربوط معنيٰ نه رکندا هجن.

نظم غير مقفيٰ

اهڙو نظم جنهن ۾ وزن ته هجي پر قافيه نه هجي.

هفت بند

آئمه جي شان ۾ اهڙو ستن بندن جو نظم جنهن جي هر هڪ بند جي شعرن جو تعداد برابر هجي.

علم عروض جي لفظن ۽ اصطلاحن جي انگريزي ۽ فارسي ۾ فرهنگ

الف وصل

Conjuntiuve or unpronounced Alif

اشباع

Prolongation of a vowel

اعتراض (حشو)

Padding pleonasm

باطني (ي) مفاعيلن =

مني بيدل = من بيدل

As in

Hidden or latent (ي)

بحر

براعة الاستهلال (حسن مطلع)

Metre

Beauty of Exordium

بند

Stanza

بهاريه

Spring poem

بيت

Couplet, Verse, Sticho

بيت راجع

Refrain

تاثير (ڪلام)

Pathos

تاريخ

Chronogram

تخلص

Pen-name, Pseudonym(name)degnesre

تخييل

Imagination, Ideality

تذڪره

Lives of the poets, Memoirs

ترانه (رباعي)

Quatrain

ترجيح بند

Returu tie, Poem with a refrain

ترڪيب بند

Composit tie, Strophe

تقطيع

Scansion

حسن مقطع

Beauty of conclusion

خبن

Dropping the second letter of مستفعلن

خرب مفاعيلن

Dropping the first and the last letter of

خرم

Dropping the first letter of مفاعيلن

خروج

A letter added to وصل (which see)

خطاب

Apostrophe

خلاصه

Epitome

خمسه

Quintet

خمريات

Wine-poems

دائره

Circle

متفقہ

Uniform circle

دائره مجتلبہ

Transferred circle

دائره مشتبہ

Doubtful circle

دائره مختلفہ

Different circle

دائره منفرده

Unitary circle

دائره موتلفہ

Allied circle

ذو بحرين

Having two metres, double metres

ربيعيہ

Spring poem

رجز (مثمن سالم)

A metre consisting of مستفعلن

رجوع

Contradiction

رديف

The word repeated at the end of a verse

رڪن

Foot of a verse

رڪن سالم

Perfect rukn رڪن

رڪن غير سالم (مزاحف

Imperfect rukn

ساڪن

Quiescent

سالم

Entire, perfect

سبب (عروض)

Cord

سبب خفيف

A word or a syllable of which the second letter is ساڪن as مل و گل

سبب ثقيل

A word or a syllable having two letters both متحرڪ as گلِ سرخ

سجع

Concordance, harmonious cadence

سراپا

Capapie, personal delineation

شتر

Dropping the م and ي of مفاعيلن

شعر

Couplet verse

شڪايت روزگار

A poem complaining of the vicissitudes of the times

شڪل

Combination of خبن and ڪف

شهر آشوب

An inveetive against the people of a town

صدر

First foot of the first مصرع as apposed to

ضرب

عروض
Second foot of the second مصرع as opposed to

عجز يا ضرب

ابتدا

Last rukn of the second hemistich as apposed to

عروض

ابتدا

Last foot the first hemistich as apposed to صدر (Prosody)

عروضي

Prosodian

غزل

Ode

غير مقفيٰ نظم

Blank verse, heroie

فاصله (عروض)

Stay

فاصله صغريٰ

 

 

A word or a Syllable consisting of four letters

The first three of which are متحرڪ as شکنم و صنما

فاصله ڪبريٰ

 

 

A word or a syllable consisting of five letters the first four of which are متحرڪ as شکنمش

فخريہ

Boasting verse or poem

فرافيه

Separation poem

فرد

Unitary or single verse

قبض

Dropping the fifth letter(ي) in مفاعيلن

قصر

Dropping the last letter (ن) of مفاعيلن

قصيده

Purpose poem, panegyric

قصيده گو

Panegyrist

قطع

Dropping the last three letters of a rukn     as (اتن) of (فاعلاتن)

قطعه

Fragmentary poem

ڪامل بحر

(Lit complete, perfect) a metre consisting of (متفاعيلن)

ڪسف (يا ڪشف)

Dropping the final letter (ت) of (مفعولات)

ڪف

Dropping the lost quiescent letter (ن) of مفاعيلن

متلون (ذوبحرين)

Veriegated, Chamelion

مثلث

Triplet, tercet

مثنوي

Double-rhyme, couplet poem

محبوب

A rukun in which the process of جب has taken place

مجدوع

A rukn in which the process of جدع has taken place

مجزو

A verse in which both the ضرب & عروض are dropped

محذوف

Apocopated, impertect

مخبون

A metre in which the process of خبن has taken place

مخمس

Fine – some

مدح موجہ

Implied praise

مربع

Four – some, quatrain

مرثيه

Threnody, elegy

مزاحف

Imperfect

مسبغ

A rukn in which the process of تسبيغ has taken place

مستزاد

Increment poem

مسجع

Rythmed

مسدس

Six some, hexastich

مسبط

Multiple poem

مشڪول

 

A rukn in which the process of شڪل has taken place

مضارع

Similar

مطلع

Opening verse

مطوي

 

A rukn in which the process of طي has taken place

معما

Riddle, enigma

مقصور

A rukn in which the process of قصر has ta

مقطع

Concluding verse

مڪفوف

A rukn in which the process of ڪف has taken place

ملڪ الشعرا

Poet – laureate

موقوف

A rukn in which the process of وقف has taken place

ن غنه

Nasal ن

نحر

Droppong the first two sababs also the final letteras from مفعولات

نظم

Verse

نعت

Praise of the prophet

واسوخت

A Aburning or retaliatory poem

وافر (مثمن سالم)

A meter consisting of مفاعلتن

وتد

Lit, a peg

وتد مقرون يا مجموع

 

 

 

A word or a syllable havin three letters the first two of which are متحرڪ as چمن

وتد مفروق

 

 

A word or a syllable having three letters of which the middle one is ساڪن And the firs & third are متحرڪ as بزم شاه

وقف

Dropping the حرڪت of the last letter

هتم

Combination of حزف and قصر

هجو

Satire, Iampoom

هجو مليح

Implied Satire

هزج (مثمن سالم)

A meter consisting of مفاعيلن

هزل

Macaronic

هزليات

Obscene poems, Facetiac

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

قطعهء تاريخ به حساب زبرو بينات طبع ڪتاب هذا نتيجهء فڪر، ميرزا عباس علي بيگ ”عباس“

صد مرحبا ڪتاب عجب لاجواب ٿيو

درِ صفا کان هن ۾ گهڻو آب و تاب ٿيو

فرزند ارجمند سڪندر علي سندم

دربان بارگاهِ رسالت ماب ٿيو

تصنيف ڪيل عروض تي هنجو ڇپيوڪتاب

ملڪِ ادب ۾ شڪر خدا ڪامياب ٿيو

بس حسنِ انتظام کان بيحد حسين ٿيو

بي مثل بينظير عجب انتخاب ٿيو

با اهتمامِ خاص ٿيو ان طرح طبع

جنهن جي ڏسڻ سان هر هڪ خوش شيخ و شاب ٿيو

تحرير و لوح و ڪاغذِ عمده جي ماسوا

خوبيون تمام هن ۾ جمع، لاجواب ٿيو

ظاهر روش ٿي فصلِ ڪتابت مان صاف صاف

هر باب هنجو گلشنِ رضوان جو باب ٿيو

هر لفظ ٿيو نهالِ تر و تازهء چمن

هر حرف زيب فصل بهارِ گلاب ٿيو

ٿيو دؤر مهر و ماه جو گردون تي جنهن طرح

قائم جهان ۾ هن جو ائين آب و تاب ٿيو

القصه نظم و نثر سندي آسمان جو

بي داغ لازوال اِهو آفتاب ٿيو

جوهر شناس اهل زبان قدردان علم

سڀ ٿا چون عجيب هي عمده ڪتاب ٿيو

زير نظر ٿيڻ سان چوي دل ٿي مرحبا

مداح هن جو هر ڪوئي عالي جناب ٿيو

هر خاص و عام لاءِ ڏسي هن ۾ فائدو

چئي هر ڪو ڪارِ خير هي ڪارِ ثواب ٿيو

هن روشنيءَ طبع رسا جي ته فيض کان

ملڪِ سخن ۾ هر ڪوئي اڄ فيضياب ٿيو

نقشِ سند ٿيو نظم جي دفتر ۾ هي زبان

هن جي صفت جي حد نه وري ڪو حساب ٿيو

سن زبر بينات ۾ ”عباس“ هينئن چيم

”ميزانِ شعر روحِ ادب هي“ ڪتاب ٿيو

زبر   بينه

          1406 هه

ماخذ

فارسي ڪتاب

1 – المعجم في معائيير اشعار العجم

- از شمس الدين محمد بن قيس الرازي

2 – دبير عجم

- از مولوي اصغر علي روحي

3 – غياث اللغات

- از ملا غياث الدين

اردو ڪتاب

1 – شعر العجم

- از مولانا شبلي نعماني

2 – زر ڪاملِ عيار

- ازمظفر علي اسير

3 – مرآة الشعر

- ازشمس العلماء مولوي عبدالرحمان دهلوي

4 – بحر الفصاحت

- از مولوي نجم الغني

5 – چراغ سخن

از ياس يگانه عظيم آبادي

6 – سفير سخن

- از ڪوثر لکنوي

7 – شاعري ڪي ڪتاب

- ازخواجه محمد عبدالروف عشرت لکنوي

8 – اردو ڪا عروض

- از نواب فصاحت جنگ
بهادر جليل

9 – معيار البلاغت

- از منشي پرشاد

10 – آئينئه بلاغت

- از مرزا محمد عسڪري

11- شعر و قافيه

- از صوفي وارثي ميرٺي

12 – حدائق البلاغت (ترجمه)

- از مولانا محمد ادريس

13 – حدائق البلاغت (ترجمه)

- از صهبائي

14 – حدائق البلاغت (ترجمه)

- از خديجه شجاعت علي

15 – رياض البلاغت

- از مولوي عبدالحميد خان

16 – امير العروض

- از بزمي انصاري

17 – ڪيفيه

- از ڪيفي

18 – فن شاعري

- از چوڌري محمد شريف   شوخ لاهوري

19 – فڪر و فن

- از حڪيم مولانا انجم فوقي

20 – تفهيم البلاغت

- از سرور اڪبر آبادي

21 – نسيم البلاغت

- از مولوي حافظ سيد جلال الدين احمد جعفري

22 – تسهيل البلاغت

- از پروفيسر عبدالسلام

23 – قواعد العروض

- از غلام حسين ’قدر‘بلگرامي

سنڌي ڪتاب

1 – علم بديع ۽ علم عروض

- ميرزا قليچ بيگ

2 – رهنمائي شاعري

- از ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل

3 – رياض بلاغت

- از حاجي محمود صاحب خادم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org