سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:سنڌيءَ جو عروض

 

صفحو :13

بحر مجتث

اجتثات جي لغوي معنيٰ آهي ڪنهن شئي جو پاڙ کان پٽي ڪڍڻ. جيئن ته هن بحر جي مسدس کي بحر خفيف مان ڪڍيو ويو آهي انڪري هن بحر جو نالو مجتث رکيو ويو آهي يعني بحر مجتث بحر خفيف جي پاڙ مان نڪتل آهي. بحر خفيف ۾ ٻن فاعلاتن جي وچ ۾ مستفعلن هوندو آهي تنهن کي جيڪڏهن فاعلاتن جي اڳيان رکبو ته بحر مجتث مسدس ٺهي پوندو. هاڻي مٿي ذڪر ڪيل بيان مان ظاهر ٿيو ته مجتث اصل ۾ مسدس جو نالو آهي ليڪن مجازاً مثمن کي چيو وڃي ٿو. هن بحر ۾ رڪن مس تفع لن منفصل ڪتب ايندو آهي. هن بحر جا ارڪان سالم مستفعلن فاعلاتن مستفعلن فاعلاتن آهن.

1 – مجتث مثمن مخبون: مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلاتن.

مخدوم طالب الموليٰ

موافقت ۾ عناصر جي گر نفاق نه ٿي ها

فراقِ روح جو قالب سان اتفاق نه ٿي ها

مفاعلن

فعلاتن

مفاعلن

فعلاتن

موافقت

م عناصر

جـ گر نفا

ق نه ٿي ها

فراق رو

ح جـ قالب

سـ اتفا

ق نه ٿي ها

مخبون

مخبون

مخبون

مخبون

مٿين شعر جي تقطيع ۾ جي، جي ي، جو، جو واؤ ۽ سان جو الف ۽ نون ڪيرائڻ جائز آهن.

2 – مجتث مخبون مشعث سالم: مفاعلن مفعولن مفاعلن فعلاتن.

ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل

اڳي هئي ته تون بي چين و بيقرار هميشه

ٻڌاءِ ته ڇو اي دل هاڻ اضطراب نه آهي

مفاعلن

مفعولن

مفاعلن

فعلاتن

اڳي هئي

ته تـ بي چي

ن بيقرا

ر هميشه

ٻڌاء ڇو

اي دل ها

ڻ اضطرا

به نه ا ا هي

مخبون

مشعث

مخبون

مخبون

مٿين تقطيع ۾ تون جو نون ڪيرائڻ جائز آهي.

نوٽ:- بحر مجتث مثمن مخبون ۽ بحر مجتث مثمن مخبون مشعث سالم جو هڪ ئي غزل ۾ آڻڻ جائز آهي.

3 – مجتث مثمن مخبون مقصور: مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلات.

ميرزا امام علي بيگ ”علي“

اگر شراب جون موجون ٿين سراب ۾ نانگ

خطر شعاع کان جهومي ته آفتاب ۾ نانگ

مفاعلن

فعلاتن

مفاعلن

فعلات

اگر شرا

ب جـ موجو

ٿين سرا

ب م ناگ

خطي شعا

ع کـ جهومي

ته ا ا فتا

ب م ناگ

مخبون

مخبون

مخبون

مقصور

مٿين تقطيع ۾ خط جي ط تي اضافت ايترو وڌائي پڙهي وئي جو ي جو آواز ڏنائين انڪري تقطيع ۾ خطي لکيو ويو ۽ جون ۽ موجون جا نون ۽ کان جو نون ڪيرائڻ جائز آهن.

4 – مجتث مثمن مخبون محذوف: مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن.

شمشيرالحيدري

چمن ۾ ڪنهنجو هي ڏسجي ٿو انتظار اڃا

حياتِ لاله و گل آهي اشڪبار اڃا

مفاعلن

فعلاتن

مفاعلن

فعلن

چمن ۾ ڪهه

جـ ه ڏسجي

ٿـ انتظا

ر اڃا

حيات لا

ل و گل ا ا

هه اشڪبا

ر اڃا

مخبون

مخبون

مخبون

مخبون محذوف

مٿين تقطيع ۾ ڪنهنجو جا ٻئي نون ۽ واءُ، هي جي ي، ٿو جو واءُ ۽ آهي جي ي شمار نه ڪئي وئي آهي.

5 – مجتث مثمن مخبون مقصور مشعث: مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلات.

شمس الدين بلبل

رهان ٿو سيم بدن جي خيال ۾ سيماب

فراقِ يار ۾ دل کي هجي فراري حيف

مفاعلن

فعلاتن

مفاعلن

فعلات

رها ٿـ سي

 م بدن جي

خيال ۾

سيماب

فراق يا

رم دل کي

هجي فرا

ري حيف

مخبون

مخبون

مخبون

مقصور مشعث

مٿين تقطيع ۾ رهان جو نون، ۽ ٿو جو واءُ، ڪيرائڻ جائز آهن.

6 – مجتث مخبون محذوف مقطوع: مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن.

شيخ عبدالحليم ”جوش“

شفق ۾ آهي نه ڪو مهرو ماه ۾ آهي

اوهانجو حسن ته منهنجي نگاه ۾ آهي

مفاعلن

فعلاتن

مفاعلن

فعلن

شفق ۾ اا

هه نه ڪو مهـ

ر ماه ۾

اا هي

اوا جـ حس

ن ته مهجي

نگاه ۾

ااهي

مخبون

مخبون

مخبون

محذوف مقطوع

مٿين تقطيع ۾ اوهانجو جي هه، نون ۽ واءُ ۽ منهنجي جا ٻئي نون شمار نه ڪيا ويا آهن.

نوٽ:- مٿيان چارئي بحر ساڳئي هڪ غزل ۾ گڏ آڻڻ جائز آهي.

بحر طويل

هن بحر جو طويل نالو ان ڪري رکيو ويو جو عروضي اول، هن کي وڏو ڪو بحر وضع نه ڪيو هو. هن جا اصلي رڪن فعولن مفاعيلن فعولن مفاعيلن آهن.

1 – طويل مثمن سالم: فعولن مفاعيلن فعولن مفاعيلن.

مخدوم زاده محمد امين فهيم

نه ڪر تون خطاڪاري نه ڪر تون جفاڪاري

خدا هر ڪنهين ۾ ٿيو خدا هر ڪنهين ۾ ٿيو

فعولن

مفاعيلن

فعولن

مفاعيلن

نه ڪر تو

خطا ڪاري

نه ڪر تو

جفاڪاري

خدا هر

ڪهي ۾ ٿو

خدا هر

ڪهي ۾ ٿو

سالم

سالم

سالم

سالم

مٿي تقطيع ۾ تون جو نون، ڪنهين جا نون ۽ ٿيو جي ي ڪيرائڻ جائز آهن.

2 – طويل مثمن سالم مقبوض:فعولن مفاعيلن فعولن مفاعلن.

مخدوم طالب الموليٰ

بيان حال دل جو يار سان مون نه هو ڪيو

گلا ٿي عبث منهنجي ته هو با وفا نه هو

فعولن

مفاعيلن

فعولن

مفاعلن

بيا حا

ل دل جو يا

ر سا مو

نـ هو ڪيو

گلا ٿي

عبث مهجي

ته هو با

وفا نه هو

سالم

سالم

سالم

مقبوض

مٿين تقطيع ۾ بيان جو نون، سان ۽ مون جا نون ۽ منهنجي جا نون ڪيرائڻ جائز آهن.

بحر مديد

مديد جي لغت ۾ معنيٰ آهي دراز، ڊگهو، ڇڪيل. جيئن ته هن بحر جي رڪن سباعي ۾ اڳيان ۽ پويان وتد مجموع جو هڪ هڪ سبب ڇڪيل آهي انڪري هنکي مديد چيو وڃي ٿو. هنجا اصلي رڪن فاعلاتن فاعلن فاعلاتن فاعلن آهن.

1 – مديد مثمن سالم: فاعلاتن فاعلن فاعلاتن فاعلن.

مخدوم زاده امين فهيم

هجر ۾ تنهنجي سڄڻ حال ابتر ٿي ويو

آءُ جاني هاڻ ڪا طاقتِ فرقت نه ٿي

 

فاعلاتن

فاعلن

فاعلاتن

فاعلن

هجر م تهـ

جي سڄڻ

حال ابتر

ٿي ويو

ا ا ء جاني

هاڻ ڪا

طاقتي فر

قت نه ٿي

سالم

سالم

سالم

سالم

مٿين تقطيع ۾ طاقت جي ت تي اضافت ايترو وڌائي پڙهي وئي جو ي جو آواز ڏنائين انڪري تقطيع ۾ طاقتي لکيو ويو ۽ تنهنجي جا نون ڪيرائڻ جائز آهن.

2 – مديد مسدس سالم مقطوع مسبغ:- فعلاتن فاعلن فعلان.

مخدوم طالب الموليٰ

خاڪ ۾ ملندي ٿيس برباد

دل لڳائڻ جو مليو ڇا داد

فاعلاتن

فاعلن

فعلان

خاڪ ۾ ما

دي ٿيس

برباد

دل لڳائڻ

جو ملو

ڇا داد

سالم

سالم

مقطوع مسبغ

مٿئين تقطيع ۾ ملندي جو نون ۽ مليو جي ي ڪيرائڻ جائز آهن.

بحر سريع

سرعت جي لغوي معنيٰ آهي جلدي ڪرڻ يا تڪڙ. جيئن ته هن بحر ۾ وتد مجموع جي نسبت سبب خفيف سان زياده آهي انڪري جلدي پڙهيو وڃي ٿو.انڪري هن بحر کي بحر سريع چيو وڃي ٿو. هن جا اصلي رڪن مستفعلن مستفعلن  مفعولات آهن.

1 – بحر سريع مسدس سالم: مستفعلن مستفعلن مفعولات.

ميرزا قربان علي بيگ ”قربان“

صبح و مسا منهنجو سڻي تون فرياد

مولا علي مشڪلڪشا ڪر امداد

مستعلن

مستفعلن

مفعولات

صبحو مسا

مهجو سڻي

تو فرياد

مولا علي

مشڪلڪشا

ڪر امداد

سالم

سالم

سالم

مٿين تقطيع ۾ صبح جي ح تي اضافت ايترو وڌائي پڙهي وئي جو ي جو آواز ڏنائين انڪري تقطيع ۾ صبحو لکيو ويو ۽ منهنجو ۽ تون جا نون ڪيرائڻ جائز آهن.

2 – سريع مسدس مخبون مڪسوف: مستفعلن مستفعلن فعولن.

ميرزا امام علي بيگ ”علي“

شان جمال ڪبريا محمد

حسن ازل نور خدا محمد

مستفعلن

مستفعلن

فعولن

شاني جما

لي ڪبريا

محمد

حسني ازل

نوري خدا

محمد

سالم

سالم

مخبون مڪسوف

مٿين تقطيع ۾ شان جي نون، جمال جي لام، حسن جي نون ۽ نور جي ر تي اضافت ايترو وڌائي پڙهي وئي جو ي جو آواز ڏنائين انڪري تقطيع ۾ شاني، جمالي، حسني ۽ نوري لکيو ويو.

3 – سريع مسدس مطوي موقوف: مفتعلن مفتعلن فاعلات يا فاعلان.

مخدوم طالب الموليٰ

لوحِ جبين نيمهء ماهِ تمام

ماه ڪري جنهنکي جهڪي ٿو سلام

مفتعلن

مفتعلن

فاعلات

لوح جبي

نيم ء ما

هي تمام

ماهه ڪري

جهه کـ جهڪي

ٿو سلام

مطوي

مطوي

مطوي موقوف

مٿئين تقطيع ۾ ماه جي هه تي اضافت ايترو وڌائي پڙهي وئي، جو ي جو آواز ڏنائين انڪري تقطيع ۾ ماهي لکيو ويو ۽ نيمه جي هه جبين ۽ جنهن جا نون ۽ کي جي ي ڪيرائڻ جائز آهن.

4 – سريع مسدس مطلوي مڪسوف:- مفتعلن مفتعلن فاعلن.

مصنف

دل نه کسي منهنجي دغا يار ڪر

بهر خدا ڪجهه ته وفا يار ڪر

مفتعلن

مفتعلن

فاعلن

دل نه کسي

مهجـ دغا

يار ڪر

بهر خدا

ڪجـ ته وفا

يار ڪر

مطوي

مطوي

مطوي مڪسوف

مٿئين تقطيع ۾ منهنجي جا نون ۽ ڪجهه جي هه ڪيرائڻ جائز آهن.

5 – سريع مسدس مطلوي مقطوع مجدوع: مفتعلن مفعولن فاع.

ميرزا ڪاظم رضا ”ڪاظم“

يار سگهو لهه منهنجي سار

هجر ڪيو تنهنجي بيمار

مفتعلن

مفعولن

فاع

يار سگهو

لهه مهجي

سا

هجر ڪيو

تهجي بي

مار

مطلعي

مقطوع

مجدوع

مٿئين  تقطيع ۾ منهنجي ۽ تنهنجي جا نون ڪيرائڻ جائز آهن.

6 – سريع مسدس مطوي مقطوع منحور:مفتعلن مفعولن فع.

شيخ محمد ابراهيم ”خليل“

عشق جي ديواني هي دل

ابرو ڪئي پڻ جان بسمل

مفتعلن

مفعولن

فع

عشق جـ دي

واني هي

دل

ابر ڪئي

پڻ جا بسـ

مل

مطوي

مقطوع

منحور

مٿين تقطيع ۾ جي، جي ي، ابرو جو واؤ ۽ جان جو نون ڪيرائڻ جائز آهن.

بحر خفيف

خفيف جي لغوي معنيٰ آهي هلڪو. هن بحر ۾ هر وتد مجموع کي سبب خفيف گهيريو بيٺا آهن. يعني ٻنهي پاسي سبب خفيف ۽ وچ ۾ وتد مجموع آهي. انڪري هن بحر کي خفيف چون ٿا جو هن ۾ سبب خفيف زياده آهن. هن جا اصلي رڪن فاعلاتن مستفعلن فاعلاتن آهن. انهيءَ بحر ۾ مستفعلن منفصل ڪتب اچي ٿو.

1 – خفيف مسدس مخبون: فاعلاتن مفاعلن فاعلاتن.

مصنف

يار پنهنجي کي خواب ۾ مون ڏٺو اڄ

نور حق جو حجاب ۾ مون ڏٺو اڄ

فاعلاتن

مفاعلن

فاعلاتن

يار پهجي

کـ خاب ۾

مو ڏٺو اڄ

نور حق جو

حجاب ۾

مو ڏٺو اڄ

سالم

مخبون

سالم

مٿين تقطيع ۾ پنهنجي جا ٻئي نون ۽ مون جو نون شمار نه ڪيو ويو آهي.

مثال ٻيو: فعلاتن مفاعلن فعلاتن.

مخدوم طالب الموليٰ

دلِ مضطر سڪي پئي ته گهڻو پر

نه نظر ٿي اچي وصال جي صورت

فعلاتن

مفاعلن

فعلاتن

دل مضطر

سڪي پئي

ته گهڻو پر

نه نظر ٿي

اچي وصا

ل جـ صورت

مخبون

مخبون

مخبون

نوٽ: هن بحر جي وزنن ۾، صدر ابتدا، خواه فاعلاتن سالم هجي يا فعلاتن مخبون هجي، جائز آهن.

ٽيون مثال: فاعلاتن مفاعلن فعلاتن

مخدوم زاده خليق الزمان

چرخ جو روز انقلاب ٿئي ٿو

پر ڪڏهن ڪونه ڪامياب ٿئي ٿو

فاعلاتن

مفاعلن

فعلاتن

چرخ جو رو

ز انقلا

ب ٿئي ٿو

پر ڪڏه ڪو

نه ڪاميا

ب ٿئي ٿو

سالم

مخبون

مخبون

مٿين تقطيع ۾ ڪڏهن جو نون شمار نه ڪيو ويو آهي.

2 – خفيف مسدس مخبون مشعث: فاعلاتن مفاعلن مفعولن.

شيخ محمد ابراهيم خليل

بزم ۾ عشق جو افسانو هو

پر رڳو هت نه ڪوبه ديوانو هو

فاعلاتن

مفاعلن

مفعولن

بزم م عشـ

ق جو ته افـ

سا نو هو

پر رڳو هتـ

نه ڪوبه ديـ

وا نو هو

سالم

مخبون

مشعث

مٿين ٻن وزنن جو ڪنهن هڪ شعر ۾ گڏ آڻڻ جائز آهي.

3 – خفيف مسدس مخبون مقصور: فاعلاتن مفاعلن فعلات.

مير عبدالحسين خان سانگي

مونکي مهرو نه ڏي منهن تي جواب

بيحيائي نه آهي يار صلاح

فاعلاتن

مفاعلن

فعلات

مو کـ مهرو

نه ڏي مهن

ته جواب

بيحيـ ئي

نه اا هه يا

ر صلاح

سالم

مخبون

مقصور

مٿين تقطيع ۾ مونکي جا نون ۽ ي ۽ تي جي ي ڪيرائڻ جائز آهن.

4 – خفيف مسدس مخبون مقصور مشعث: فاعلاتن مفاعلن فعلات.

آخوند محمد قاسم

دل سندم جا سدا رهي مشتاق

من ڏسي دوستن سندو ديدار

فاعلاتن

مفاعلن

فعلات

دل سدم جا

سدا رهي

مشتاق

من ڏسي دو

ستن سدو

ديدار

سالم

مخبون

مقصور مشعث

مٿين تقطيع ۾ سندم جو نون ۽ سندو جو نون ڪيرائڻ جائز آهن.

5 – خفيف مسدس مخبون محذوف: فاعلاتن مفاعلن فعلن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org