سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:سنڌيءَ جو عروض

 

صفحو :12

مخدوم زاده امين فهيم

ڇا چئجي هو ڪهڙو هو

انقصّه ڪجهه اهڙو هو

فعلن

فعلن

فعلن

فع

ڇا چئـ

جي هو

ڪهڙو

هو

القصـ

صہ ڪجهه

اهڙو

هو

مقطوع

مقطوع

مقطوع

محذوذ

10 – متدارڪ مسدس مخلع:فاعلن فاعلن فعل.

مخدوم زاده خليق الزمان

اي صنم تون ٻُڌاءُ اڄ

هاڻ تو ساڻ ڇا ڪجي

فاعلن

فاعلن

فعل

اي صنم

تو ٻُڌا

ء اڄ

هاڻ تو

ساڻ ڇا

ڪجي

سالم

سالم

مخلع

مٿين تقطيع ۾ تون جو نون ڪيرائڻ جائز آهي.

بحر منسرح

انسراح جي لغوي معنيٰ آهي ڪپڙا لاهڻ ۽ هن بحر ۾ ڪڏهن اهڙو اختصار ٿئي ٿو جو شاعر صرف ٻن رڪنن مستفعلن ۽ مفعولات تي سٺو بيت ٺاهيو ڇڏن ۽ انهي اختصار جي ڪري هن بحر جو نالو منسرح رکيو ويو آهي. هن بحر جو اصلي وزن مستفعلن مفعولات مستفعلن مفعولات آهي. هن بحر جا زحاف مستفعلن ۽ مفعولات جي فروغ ۾ ڏيکاريل آهن.

1 – منسرح مثمن مطوي موقوف:مفتعلن فاعلات مفتعلن فاعلات.

مير حسن علي خان ٽالپر حسن

شاهِ فلڪ بارگاه خسروِ انجم سپاه

دين ۽ دنيا جا شاه توتي صلوات و سلام

مفتعلن

فاعلات

مفتعلن

فاعلات

شاه فلڪ

بارگاه

خسروان

جم سپاه

دينء دن

يا جـ شاه

توت صلا

تو سلام

مطوي

مطوي موقوف

مطوي

مطوي موقوف

مٿين تقطيع ۾ جا جو الف، توتي جي ي، ۽ صلوا جو واؤ ڪيرائڻ جائز آهن.

2 – منسرح مطوي مڪسوف:مفتعلن فاعلن مفتعلن فاعلن.

مير حسن علي خان ٽالپر حسن

لاش کي پامال ٿي شام جي لشڪر ڪيو

خيمئهِ سادات ۾ شور قيامت جو هو

مفتعلن

فاعلن

مفتعلن

فاعلن

لاش کـ پا

مال ٿي

شام جـ لشـ

ڪر ڪيو

خيم ء سا

دات ۾

شور قيا

مت جـ هو

مطوي

مطوي مڪسوف

مطوي

مطوي مڪسوف

مٿي تقطيع ۾ کي جي ي، جي جي ي ۽ جو جو واؤ ڪيرائڻ جائز آهي.

نوٽ:- بحر منسرح مثمن مطوي موقف يا مڪسوف جو هڪ ئي غزل ۾ آڻڻ جائز آهي.

3 – منسرح مثمن مطوي مجدوع:مفتعلن فاعلات مفتعلن فاع.

ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل

لطف خزان يا بهار ڇو نه اٿس ياد

هاڻ ڪري پيئي شور بلبل ناشاد

مفتعلن

فاعلات

مفتعلن

فاع

لطف خزا

يا بهار

ڇو نه اٿس

ياد

هاڻ ڪري

پي ء شور

بلبل نا

شاد

مطوي

مطوي موقوف

مطوي

مجدوع

مٿين تقطيع ۾ خزان جو نون، پيئي جي آخر واري، ي جو ڪيرائڻ جائز آهي.

4 – منسرج مثمن مطوي موقوف مڪسوف اخر:- مفتعلن فاعلات مفتعلن فاعلن.

مخدوم طالب الموليٰ

دل ۾ ڪنهين جو خيال ڏسجي ته ڪيسين رهي

سر ۾ هوائي وصال ڏسجي ته ڪيسين رهي

مفتعلن

فاعلات

مفتعلن

فاعلن

دل م ڪهي

جو خيال

ڏسجـ ته ڪي

سي رهي

سر م هوا

ئي وصال

ڏسجـ ته ڪي

سي رهي

مطوي

مطوي موقف

مطوي

مطوي مڪسوف

مٿين تقطيع ۾ ڪنهن جا ٻئي نون، ڏسجي جي ي، ڪيسين جو نون، ڪيرائڻ جائز آهن.

5 – منسرح مثمن مطوي منحور:- مفتعلن فاعلات مفتعلن فع.

مخدوم طالب الموليٰ

آهي نه فتنه جو عطر جنهن کان ته ڊپ ٿي

بُو هي گلن جي ته آه خوف نه ڪر ڪو

مفتعلن

فاعلات

مفتعلن

فع

ا ا هه نه فت

نہ جـ عطر

جهـ کـ ته ڊپ

ٿي

بو هه گلن

جي ته ا ا ه

خوف نه ڪر

ڪو

مطوي

مطوي موقوف

مطوي

منحور

مٿين تقطيع ۾ جنهن جا ٻئي نون، کان جو الف ۽ نون، هي جي ي ڪيرائڻ جائز آهن.

6 – منسرح مسدس مطوي:- مفتعلن فاعلات مفتعلن.

مخدوم زاده امين فهيم

نالهء دل نا رسا ٿيو يار تئين

ٿي نه رسائي ته گلعذار تئين

مفتعلن

فاعلات

مفتعلن

نال ء دل

نا رسا ٿـ

يار تئي

ٿي نه رسا

ئي ته گلعـ

ذار تئي

مطوي

مطوي موقف

مطوي

مٿين تقطيع ۾ ناله جي هه، ٿيو جي ي ۽ واوُ ۽ تئين جو نون ڪيرائڻ جائز آهن.

7 – منسرح مسدس مطوي مقطوع:مفتعلن فاعلات مفعولن.

ميرزا عباس علي بيگ ”عباس“

اک ۾ ته مئي جو خمار آهي اڄ

سچ ٿو چوان  مونکي توتي شڪ آهي

مفتعلن

فاعلات

مفعولن

اک م ته مي

جو خمار

ا ا هي اڄ

سچ ٿـ چوا

موک توتـ

شڪ ا ا هي

مطوي

مطوي موقف

مقطوع

مٿين تقطيع ۾ مئي جو همزه، ٿو جو واؤ، چوان جو نون، مونکي جو نون ۽ ي، توتي جي ي ڪيرائڻ جائز آهن.

بحر بسيط

بسيط جي لغت ۾ معنيٰ آهي وسيع، ڪشادو، وڇايل، جيئن ته هن بحر جي ارڪان ۾ پهرين سبب وڇايل آهي ۽ پوءِ وتد مجموع آهي انڪري هنکي بسيط چيو وڃي ٿو. هن جا سالم رڪن مستفعلن فاعلن مستفعلن فاعلن آهن. هن بحر جا زحاف مستفعلن ۽ فاعلن جي فروع ۾ ڄاڻايل آهن.

1 – بسيط مثمن سالم:مستفعلن فاعلن مستفعلن فاعلن.

ميرزا قربان علي بيگ ”قربان“

مشڪلڪشا پيشوا مولا علي مرتضا

حاجتروا رهنما مولا علي مرتضا

مستفعلن

فاعلن

مستفعلن

فاعلن

مشڪلڪشا

پيشوا

مولا علي

مرتضا

حاجتروا

رهنما

مولا علي

مرتضا

سالم

سالم

سالم

سالم

2 – سبيط مثمن مخبون:مفاعلن فعلن مفاعلن فعلن.

مصنف

پساء شڪل وري صنم برائي خدا

هي آ سوال سندم گلا رهي نه ذري

مفاعلن

فعلن

مفاعلن

فعلن

پساء شڪ

ل وري

صنم برا

ء خدا

هـ ا ا سوا

ل سدم

گلا رهي

نه ذري

مخبون

مخبون

مخبون

مخبون

مٿين تقطيع ۾ هي جي ي ۽ سندم جو نون ڪيرائڻ جائز آهن.

3 – بسيط مثمن سالم و مخبون:مستفعلن فعلن مستفعلن فعلن.

ميرزا ڪاظم رضا بيگ

تو در سوال سندم شام و سحر هي ٿيو

ڪر تون نه يار دغا ڪر تون نه يار جفا

مستفعلن

فعلن

مستفعلن

فعلن

تو در سوا

ل سدم

شامو سحر

هه ٿيو

ڪر تو نه يا

ر دغا

ڪر تو نه يا

ر جفا

سالم

مخبون

سالم

مخبون

مٿين تقطيع ۾ سندم جو نون، هي جي ي ۽ تون جو نون ڪيرائڻ جائز آهن.

4 – بسيط مسدس مطوي: مفتعلن فاعلن مفتعلن.

ميرزا امام علي بيگ ”افسر“

غير تي تنهنجو ٿيو لطف و ڪرم

مون تي رهيو روز شب ظلم و ستم

مفتعلن

فاعلن

مفتعلن

غيرت تهـ

جو ٿيو

لطف ڪرم

موت رهو

روز شب

ظلم ستم

مطوي

سالم

مطوي

مٿين تقطيع ۾ تي جي ي، تنهنجو جا ٻئي نون، مون جو نون، تي ۽ رهيو جي ي ڪيرائڻ جائز آهن.

5 – بسيط مسدس مخلع:مستفعلن فاعلن فعولن.

مخدوم طالب الموليٰ

بحرِ سخا رهنما محمد

ابرِ عطا پيشوا محمد

مستفعلن

فاعلن

فعولن

بحري سخا

رهنما

محمد

ابري عطا

پيشوا

محمد

سالم

سالم

مخلع

مٿين تقطيع ۾ بحر سخا ۽ ابر عطا کي ايترو وڌائي پڙهيو ويو جو ي جو آواز ڏنائين.

6 – بسيط مسدس سالم:مستفعلن فاعلن مستفعلن.

ميرزا مراد علي بيگ ”ٻڍل“

شاهِ عرب شاهدين فخر زمن

حسنِ ازل سربسر نور خدا

مستفعلن

فاعلن

مستفعلن

شاهي عرب

شاهه دي

فخري زمن

حسني ازل

سربسر

نوري خدا

سالم

سالم

سالم

مٿين تقطيع ۾ شاه جي ه، فخر جي ر، حسن جي نون ۽ نون جي ر تي اضافت ايترو وڌائي پڙهي وئي جو ي جو آواز ڏنائين انڪري تقطيع ۾ شاهي، فخري، حسني ۽ نوري لکيو ويو ۽ شاهدين جو نون ڪيرائڻ جائز آهي.

بحر مقتضب

اقتضاب جي لغت ۾ معنيٰ آهي وڍيل يا ڪنهن شئي مان نڪتل، ڇاڪاڻ ته هي بحر منسرح مان ٺاهيو ويو آهي. يعني منسرح جو عڪس آهي. انڪري هن بحر جو نالو مقتضب رکيو ويو آهي. هن بحر جا اصلي ارڪان مفعولات مستفعلن مفعولات مستفعلن آهن. هن بحر جا زحاف مفعولات ۽ مستفعلن جي فروع ۾ ڏيکاريل آهن.

1 – مقتضب مثمن سالم:مفعولات مستفعلن مفعولات.

مصنف

ڇو زلف دوتا ۾ ڪرين هاڻي شانه مطلق نه ٿو

وارن کي پريشان ڏسي دل آشفته ٿي اي صنم

مفعولات

مستفعلن

مفعولات

مستفعلن

ڇو زلفي د

تا ۾ ڪري

هاڻي شان

مطلق نه ٿو

وارن کي پـ

ريشا ڏسي

دل ا ا شفت

ٿي اي صنم

سالم

سالم

سالم

سالم

مٿين تقطيع ۾ زلف جي ف تي اضافت ايترو وڌائي پڙهي وئي جو ي جو آواز ڏنائين انڪري تقطيع ۾ زلفي لکيو ويو ۽ دوتا جو واءُ، پريشان جو نون ڪيرائڻ جائز آهي.

2- مقتضب مثمن مطوي:فاعلات مفتعلن فاعلات مفتعلن.

مخدوم طالب الموليٰ

يار بي وفا ۾ ته اُميد وصل ڪابه نه ٿي

شوخ دلربا ۾ ته اُميد وصل ڪابه نه ٿي

فاعلات

مفتعلن

فاعلات

مفتعلن

يار بي و

فا م ته اُم

ميد وصل

ڪابه نه ٿي

شوخ دلر

با م ته اُم

ميد وصل

ڪابه نه ٿي

مطوي

مطوي

مطوي

مطوي

3 – مقتضب مثمن مخبون مطوي:فعولات مفتعلن فعولات مفتعلن.

مخدوم زاده محمد امين فهيم

سوا تنهنجي رشڪِ پري وڻي ٿو ته سير چمن

ڪنڊو گل ٿي دل کي سندم ڏئي ٿو زياده الم

فعولات

مفتعلن

فعولات

مفتعلن

سوا تهجـ

رشڪ پري

وڻي ٿو نه

سير چمن

ڪڊو گل ٿـ

دل کـ سدم

ڏئي ٿو ز

ياد الم

مخبون

مطوي

مخبون

مطوي

مٿئين تقطيع ۾ تنهنجي جا ٻئي نون، ڪندو جو نون، ٿي جي ي، سندم جو نون ۽ زياده جي ه ڪيرائڻ جائز آهن.

بحر مضارع

مضارع جي لغوي معنيٰ آهي مشابهت رکندڙ. ڇاڪاڻ ته ڪن جو چوڻ آهي ته هي بحر، بحر منسرح سان مشابهت رکي ٿو ۽ وري ڪي چون ٿا ته بحر هزج سان مشابهت رکي ٿو. انڪري هن بحر کي مضارع چيو وڃي ٿو. هن بحر ۾ رڪن فاع لاتن منفصل ڪتب ايندو آهي. هن بحر کي مسدس ٺاهڻ وقت مفاعيلن جي بجائي فاعلاتن کي ڪيرائيندا آهن.

1 – مضارع مثمن مڪفوف مقصور:- مفاعيل فاعلات مفاعيل فاعلات.

مصنف

دلِ تيرهء خراب رڳو ڏسو هي آب و تاب

نه چؤ هنکي ماهتاب ٿيو رشڪِ آفتاب

مفاعيل

فاعلات

مفاعيل

فاعلات

دلي تير

ئي خراب

رڳو ڏس هه

ا ا ب تاب

نه چو هنکـ

ماهتاب

ٿيو رشڪ

ا ا فتاب

مڪفوف

مڪفوف

مڪفوف

مقصور

مٿين تقطيع ۾ تيره جي هه، هي جي ي، آب و تاب جي وچ وارو واء ۽ هنکي جي ي شمار نه ڪئي وئي آهي ۽ دل جي لام ۽ تيره جي همزه تي اضافت ايترو وڌائي پڙهي وئي جو دلي ۽ تيرئي جو آواز ڏنائين.

2 – مضارع مثمن مڪفوف محذوف:- مفاعيل فاعلات مفاعيل فاعلن.

مخدوم زاده محمد امين فهيم

ٿيو استخوان پارهء اخگر بجا سندم

انهي کان سڙي پوي نه هي تنهنجو دهان هما

مفاعيل

فاعلات

مفاعيل

فاعلن

ٿيو است

خان پار

ء اخگر بـ

 جا سدم

اني کاس

ڙي پوي نه

هه تهجو د

ها هما

مڪفوف

مڪفوف

مڪفوف

محذوف

مٿين تقطيع ۾ استخوان جو واءُ، پاره جي هه، سندم جو نون، انهي جي هه، کان جو نون، هي جي ي، تنهنجو جا ٻئي نون ۽ دهان جو نون شمار نه ڪيا ويا آهن.

3 – مضارع مثمن اخرب مڪفوف: مفعول فاعلات مفاعيل فاعلاتن.

ميرزا گل حسن، احسن ڪربلائي

سيني تي انڪري ته ٿيو داغ آرسي جي

پاڇو انهي تي آهه پيو رشڪ ماه جو اڄ

مفعول

فاعلات

مفاعيل

فاعلاتن

سيني تـ

انڪري تـ

ٿيو داغ

ا ا رسي جي

پاڇو ا

ني ته ا ا هه

پيو رشڪ

ماه جو اڄ

اخرب

مڪفوف

مڪفوف

سالم

مٿئين تقطيع ۾ تي جي ي ۽ انهي جي هه شمار نه ڪئي وئي آهي.

4 – مضارع مثمن اخرب: مفعول فاع لاتن مفعول فاعلاتن.

مخدوم طالب الموليٰ

معيارِ حرّيت آهه اسلام جو تمدن

هر ملڪ حريت ۾ سڪّو روان اسانجو

مفعول

فاعلاتن

مفعول

فاعلاتن

معيار

حرريت ا ا

اسلام

جو تمددن

هر ملڪ

حرريت ۾

سڪڪور

وا اسا جو

اخرب

سالم

اخرب

سالم

مٿين تقطيع ۾ آ هه جي هه، روان ۽ اسان جا نون ڪيرائڻ جائز آهن.

5 – مضارع مثمن اخرب مسبغ:- مفعول فاعلاتن مفعول فاعليان.

سيد احسن الهاشمي

بلبل تي انقدر ڪر جور و جفا نه صيياد

بگڙي ڪٿي چمن ۾ تنهنجي هوا نه صيياد

مفعول

فاعلاتن

مفعول

فاعليان

بلبل ته

انقدر ڪر

جور و جـ

فا نه صيّاد

بگڙي ڪ

ٿي چمن ۾

تهجي هـ

وا نه صيّاد

اخرب

سالم

اخرب

مسبغ

مٿئين تقطيع ۾ تي جي ي، تنهنجي جا ٻئي نون ڪيرائڻ جائز آهن.

نوٽ:- مضارع اخرب ۽ مضارع اخرب مسبغ جو هڪ ئي غزل ۾ گڏ آڻڻ جائز آهي. انکانسواءِ ڪن شعرن ۾ ڪنهن مهل حشو به مسبغ ايندو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته سالم ۽ مسبغ گڏي آڻڻ جائز آهي.

6 – مضارع مثمن اخرب مڪفوف مقصور:- مفعول فاعلات مفاعيل فاعلات.

شيخ اياز

بي ڪيف آ فضاي گلستان ڪڏهن ته آءُ

اي موسم بهارِ گريزان ڪڏهن ته آءُ

مفعول

فاعلات

مفاعيل

فاعلات

بي ڪيف

ا ا فضاء

گلستاڪ

ڏه ته ا ا ءُ

اي موس

مي بهار

گريزاڪ

 ڏه ته ا ا ءُ

اخرب

مڪفوف

مڪفوف

مقصور

7 – مضارع مثمن اخرب مڪفوف محذوف: مفعول فاعلات مفاعيل فاعلن.

مخدوم طالب الموليٰ

آهي ازل کان حسن پرستي نصيب ٿي

ميء حسن جي خمار کان مستي نصيب ٿي

مفعول

فاعلات

مفاعيل

فاعلن

ا ا هي ا

زل کـ حسن

پرستي نـ

صيب ٿي

مي حسن

جي خمار

کـ مستي نـ

صيب ٿي

اخرب

مڪفوف

مڪفوف

محذوف

مٿين تقطيع ۾ کان جو الف ۽ نون، ميء جو وچ وارو همزه شمار نه ڪيو ويو آهي.

نوٽ: بحر مضارع اخرب مڪفوف مقصور ۽ بحر مضارع اخرب مڪفوف محذوف جو هڪ ئي غزل ۾ گڏ آڻڻ جائز آهي.

8 – مضارع مثمن اخرب سالم مقصور: مفعول فاعلاتن مفعول فاعلات.

سيد فاضل شاهه

تارڪ طمع تڙي ٿا لالچ ڪڍن لطيف

جو في قبول ڪن ٿا جنجال ڪاڻ جوف

مفعول

فاعلاتن

مفعول

فاعلات

تارڪ ط

مع تڙي ٿا

لالچ ڪ

ڍن لطيف

جو في قـ

بول ڪن ٿا

جنجال

ڪاڻ جوف

اخرب

سالم

اخرب

مقصور

9 – مضارع مثمن اخرب سالم محذوف: مفعول فاعلاتن مفعول فاعلن.

ميرزا گل حسن احسن ڪربلائي

مطلق رکي نه ٿي ڪو تاب عتاب دل

پهلو ۾ ٿي وئي اڄ مثل ڪباب دل

مفعول

فاعلاتن

مفعول

فاعلن

مطلق ر

کي نه ٿي ڪو

تبلي ء

تاب دل

پهلو م

ٿي وئي اڄ

مثلي ڪ

باب دل

اخرب

سالم

اخرب

محذوف

مٿين تقطيع ۾ تاب جي ب ۽ مثل جي لام تي اضافت ايترو وڌائي پڙهي وئي جو ي جو آواز ڏنائين انڪري تقطيع ۾ تابي ۽ مثلي لکيو ويو.

10 – مضارع مثمن اخرب مڪفوف مسلوخ: مفعول فاعلات مفاعيل فاع.

ميرزا علي بخش ڪوثر

اک مان وهي ٿو خونِ جگر يار هاڻ

دل مان ٿي نڪري آهه شرر بار هاڻ

مفعول

فاعلات

مفاعيل

فاع

اک ما و

هي ٿ خون

جگر يار

هاڻ

دل ما ٿ

نڪر ااهه

شرر بار

هاڻ

اخرب

مڪفوف

مڪفوف

مسلوخ

مٿين تقطيع ۾ مان جو نون، ٿو جو واءُ ۽ ٿي جي ي شمار نه ڪئي وئي آهي.

11 – مضارع اخرب مڪفوف مطموس:مفعول فاعلات مفاعيل فع.

ميرزا غلام مصطفيٰ بيگ عاشق

بدنام هنجي عشق ڪيو انقدر

عزت وئي وقار ويو زر وئي

مفعول

فاعلات

مفاعيل

فع

بدنام

هنجـ عشق

ڪيو انقـ

در

عززت و

ئي وقار

ويو زر و

ئي

اخرب

مڪفوف

مڪفوف

مطموس

مٿين تقطيع ۾ هنجي ۽ وئي جي ي ڪيرائڻ جائز آهي.

نوٽ:- فاع لاتن منفصل جا جيڪڏهن ٻئي سبب خفيف ۽ عين ڪيرائبي ته باقي فا بچندو جنهن کي فع سان بدلايو وڃي ٿو. اِهو زحاف طمس آهي. جنهن کي مطموس چيو ويندو آهي.

12 – مضارع مسدس سالم:مفاعيلن فاعلاتن مفاعيلن.

مخدوم زاده خليق الزمان

کسي منهنجي دل نه مون سان دغا تون ڪر

خدارا ڪجهه يار مون سان وفا تون ڪر

مفاعيلن

فاعلاتن

مفاعيلن

کسي مهجي

دل نه مو سا

دغا تو ڪر

خدارا ڪجه

يار مو سا

وفا تو ڪر

سالم

سالم

سالم

مٿين تقطيع ۾ منهنجي جا ٻئي نون، مون ۽ سان جا نون ۽ ڪجهه جي هه ڪيرائڻ جائز آهن.

13 – مضارع مسدس مڪفوف مقصور: مفاعيل فاعلات مفاعيل.

ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل

نه ڪر هاڻ ظلم يار نه بيداد

متان عرش تي رسي نه هي فرياد

مفاعيل

فاعلات

مفاعيل

نه ڪر هاڻ

ظلم يار

نه بيداد

متا عرش

تي رسي نه

هه فرياد

مڪفوف

مڪفوف

مقصور

مٿين تقطيع ۾ متان جو نون ۽ هي جي ي ڪيرائڻ جائز آهي.

14 – مضارع مسدس مڪفوف محذوف: مفاعيل فاعلات فعولن.

ميرزا علي متقي بيگ

گهران ٿو دعا ته يار ملي اڄ

سندم دل سندو قرار ملي اڄ

مفاعيل

فاعلات

فعولن

گهرا ٿو د

عا ته يار

ملي اڄ

سدم دل س

دو قرار

ملي اڄ

مڪفوف

مڪفوف

محذوف

مٿين تقطيع ۾ گهران، سندم ۽ سندو جا نون شمار نه ڪيا ويا آهن.

15 – مضارع مسدس اخرف مڪفوف: مفعول فاعلات مفاعيلن.

ميرزا فياض علي بيگ ”فياض“

پردو هٽيو جو هن رخ روشن تان

ٿي ويو گمان سج جو زماني کي

مفعول

فاعلات

مفاعيلن

پردو هه

ٽو جـ هن ر

خ روشن تا

ٿي وو گـ

مان سج جـ

زماني کي

اخرب

مڪفوف

سالم

مٿين تقطيع ۾ هٽيو جي ي، جو، جو واو، تان جو نون، ويو جي ي، گمان جو ن ڪيرائڻ جائز آهن.

16 – مضارع مسدس اخرب مڪفوف مسبغ: مفعول فاعلات مفاعيلان.

مخدوم زاده محمد امين فهيم

مونتي نگاهِ لطف ڪري اڄ خاص

مئي جو ڀري پيار پيالو يار

مفعول

فاعلات

مفاعيلان

مو تي ن

گاه لطف

ڪري اڄ خاص

مي جو ڀـ

ري پيار

پيالو يار

اخرب

مڪفوف

مسبغ

مٿين تقطيع ۾ مون جو نون ۽ مئي جو وچ وارو همزه شمار نه ڪيو ويو آهي.

17 – مضارع مسدس اخرب مڪفوف مقصور: مفعول فاعلات مفاعيل.

ميرزا قربان علي بيگ ”قربان“

هر بار چشم مان ٿا ڪرن اشڪ

آهي وسيو نه ابر گهر بار

مفعول

فاعلات

مفاعيل

هر بار

چشم ما ٿـ

ڪرن اشڪ

ا ا هي و

سو نه ابر

گهر بار

اخرب

مڪفوف

مقصور

مٿين تقطيع ۾ مان جون، ٿا جو الف، وسيو جي ي ڪيرائڻ جائز آهي.

18 – مضارع مسدس اخرب مڪفوف محذوف: مفعول فاعلات فعولن.

ميرزا فتح علي بيگ ”فتح“

محبوب ڪردگار محمد

سلطان نامدار محمد

مفعول

فاعلات

فعولن

محبوب

ڪردگار

محمد

سلطان

نامدار

محمد

اخرب

مڪفوف

محذوف

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org