سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:35

ڪنهن به فاتح جي عظمت، شهرت يا ڏهڪاءَ جو دارومدار سندس ڪارنامن تي هوندو آهي. ٽئڪس يا محصول، جيڪو صلاح الدين عُشر جي صورت ۾ ماڻهن تي لڳايو اهو به سندس يادگار ڪارنامن مان هڪ هيو جيڪو هر عام توڙي خاص ماڻهن کي لازمي ادا ڪرڻو هوندو هو، ان حد تائين جو لاطيني ڪليسا جا پادري به اهو عشر ڀريندا هيا ۽ هي سلسلو هنن سڀني لاءِ بيحد فائدي مند ثابت ٿيو ۽ خاص طرح عيسائين ۽ روم جي وڏن پادرين ان جي دائري کي ڪئٿولڪ حڪمرانن تائين ڦهلائي ڇڏيو ته جيئن ان کي ڪليسا جي بهبود ۽ بهتريءَ لاءِ استعمال ڪري سگهجي(83). عيسائين کي عشر جي وصولي ۾ جيڪو مالي فائدو پيو، ان منجهان هاڻي سندن وڏو پادري فلسطين کي ٻيهر حاصل ڪرڻ جي تيارين ۾ مصروف ٿي ويو؛ صلاح الدين جي موت کان پوءِ عيسائين صليبي جنگين کي پنهنجن خطن، تحريرن، تقريرن، سفيرن ۽ پنهنجن پرچارڪن وسيلي خوب ڦهلايو ۽ هنن انوسينٽ (معصوم) ٽئين(84) ۾ قوي اُميد رکي ته اُهو هن پاڪ ڪم ۾ اڳڀرائي ڪندو. هو ذهين هو ۽ سندس جذبا جوان هيا، تنهن ڪري کيس پنهنجو اڳواڻ بڻايائون. هن نوجوان ۽ اُمنگون رکندڙ پادريءَ جي سربراهيءَ ۾ سينٽ پيٽر جا جانشين پنهنجي عظمت جي بلندين تائين وڃي پهتا، ۽ فقط ارڙهن سالن جي حڪمراني ۾ سندس حڪم بادشاهن ۽ شهنشاهن کي به هر صورت ۾ مڃڻو پوندو هو ۽ کيس ايترا اختيار مليل هيا جو هو کين ڊاهي ۽ ٺاهي به سگهندو هو، ۽ جڏهن ته ڏوهه ڪرڻ تي هو ماڻهن کي سزائون به ڏيندو هو ۽ ڪڏهن ته مهينا ۽ سالَ به ڪليسا ۾ عبادت ڪرڻ کان کين محروم ڪري ڇڏيندو هو. لئٽران جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ ڪليسائي ۽ دنياوي اختيارن جو استعمال ڪندي هن پاڻ کي اوڀر ۽ اولهه جي ملڪن جو حاڪم بنائي ڇڏيو هو. انگلينڊ جي جان سندس نمائندي جي پيرن ۾ پنهنجو تاج وڃي پيش ڪيو هو ۽ اهو معصوم جو ئي ڪمال هو ته هن ٻن اهم ڪارنامن جو بنياد رکيو هو جيڪو عقل ۽ انسانيت کان مٿاهون هو. يعني هڪ ته اهو فلسفو ته ماني ۽ شراب حضرت عيسيٰؑ جي جسم ۾ داخل ٿيڻ شرط سندس ’رَت ۽ سَت‘ ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا(*)، ٻيو ڪارنامو سندس هي هيو ته هن ڪئٿولڪ عيسائين جي برتري جو بنياد رکيو هو. سندس ئي آواز کي ڪنائيندي ماڻهن کيس سڏَ تي سڏ ڏنو ۽ اهو ئي سبب هو جو چوٿين ۽ پنجين صليبي جنگ لڙي وئي، پر هنگري جي بادشاهه کان سواءِ، ٻيا جيڪي به بادشاهه هيا سي هيٺئين درجي وارا ۽ غير نمايان هيا جن کي زيارتين جو اڳواڻ بنايو ويو هيو، فوجون به ضرورت پٽاندر نه هيون، تنهن ڪري انهن ڪوششن جا اثر پادري ۽ ماڻهن جي اُميدن سان مطابقت رکندڙ نه هيا. چوٿين صليبي جنگ جو رخ شام کان هٽائي قسطنطنيه طرف ڪيو ويو هيو ۽ لاطينين طرفان يونان يا روم جي شهنشاهت جي فتح، اسان جي ايندڙ بابَ جو اهم موضوع هوندو. پنجين صليبي جنگ ۾(85) ٻه لک فرئنڪَ نيل ندي جي اوڀر واري ڪناري تي پهچي ويا. کين اُميد هئي ته هو سلطان جي رهائش گاهه واري هنڌ يعني مصر ۾ رهندي، فلسطين کي جلد فتح ڪري وٺندا ۽ سورهَن مهينن جي گهيري کان پوءِ مسلمانن کي دارنيتا کي وڃائڻ جو افسوس ٿيو، پر عيسائين جي فوج، سندن نمائندي پيليجيَس جي غرور ۽ هٺَ واري روَيي سبب تباهه ٿي وئي، جنهن پوپ جي نالي جي آڙَ ۾ پاڻ کي جنرل بنائي ڇڏيو هو ۽ فرئنڪ، جيڪي اڳيئي مرڻينگ ٿي چڪا هيا، نيل جي پاڻي ۽ اوڀر جي ملڪن جي فوجن سان هر طرف کان گهيري ۾ اچي ويا هيا، پر جڏهن دارنيتا کي خالي ڪرايو ويو ته کين سلامتيءَ سان ڀڄڻ ۽ پٺتي هٽڻ جو رستو ملي ويو، جنهن ۾ زيارتين سان به ڪجھ رعايت ڪئي وئي ۽ ڪي تبرڪ به کين واپس ڪيا ويا جن ۾ اصل صليب پڻ شامل هئي. هن ناڪامي جا ڪيترائي سبب هيا جن مان هڪڙو اهو هو ته صليبي جنگيون هڪ ٻئي پٺيان وڙهيون ويون، ۽ جن ۾، ساڳي وقت تي، لِوونيا جي لامذهبن، اسپين جي مسلمانن، فرانس جي البيجينس ۽ سِسلي جي شاهي خاندان جي بادشاهن خلاف مُهم هلائڻ ۽ پرچار ڪرڻ جا سبب به شامل هيا(86). مذهب جي سلسلي جي اهڙين خدمتن ۾، ماڻهن کي روحاني سڪون کان سواءِ ڪجھ دنياوي انعامن اڪرامن جي به اُميد هئي، ان حد تائين جو وڏا پادري پڻ پنهنجي مقامي دشمنن خلاف پنهنجي جوش جذبي ۾ ايترا اڳتي وڌي ويا هيا جو هنن انعامن جي لالچ ۾ اچي پنهنجن شام وارن ڀائرن کي به وساري ڇڏيو هو ۽ اُنهن جي ڪا به سار سنڀال نه لڌي هيائون. آخري صليبي جنگين ۾ کين فوج جي ڪمان ڪرڻ ۽ ڪجھ ناڻي کي هٿ ڪرڻ جو موقعو مليو هو ۽ ڪجھ دليل باز وڏي سوچ کان پوءِ ان نتيجي تي پهتا آهن ته پلئينشيا جي پهرين ڪائونسل کان وٺي ائين ٿو محسوس ٿئي ته سڀئي معاملا ڄڻ هڪ سوچيل سمجهيل سازش جو نتيجو هيا جنهن ۾ روم جي شهنشاهت جو وڏو هٿ هيو، پر اهو شڪ غير فطري ۽ غير حقيقي ٿو معلوم ٿئي. سينٽ پيٽر جي جانشينن، انساني خصلتن، خوبين ۽ خامين جي رهبري ڪرڻ جي بجاءِ انهن جي پيروي ڪئي جنهن ۾ نه سندن دورانديشي شامل هئي ۽ نه هنن ماڻهن جي طور طريقن کي سمجهڻ يا پُرجهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کين وقت جي رائج وهمن وسوسن منجهان جيڪو به اڳيئي تيار ٿيل ميوو ملي ويو، ان تي ويهي گذارو ڪيائون ۽ اُهو ڪجھ هٿ ڪيائون جيڪو ٺهيل ٺُڪيل حالت ۾ کين ملي ويو، جنهن ۾ نه کين محنت ڪرڻي پئي نه سُور سهڻا پيا. لئٽران جي ڪائونسل ۾ معصوم ٽئين هڪ مشڪوڪ تجويز ڏني جنهن ۾ هن پنهنجي مثال ذريعي صليبين ۾ نئون جذبو جاڳائڻ چاهيو، پر جهاز جو پائلٽ پنهنجي اسٽيئرنگ کي ڇڏي نه سگهيو، نه وري فلسطين کي، روم جي پادري جي اُتي هجڻ جو ڪڏهن اعزاز نصيب ٿيو هو(87).

زيارتين جو پنهنجو وجود، سندن خاندان ۽ اُنهن جون ملڪيتون وڏي پادريءَ جي حفاظت ۾ رهنديون هيون ۽ هي روحاني ماڻهو پنهنجن حڪمن ۽ دڙڪن داٻَن ذريعي پنهنجي حڪمرانيءَ جي حق رکڻ جا دعويدار ٿي ويندا هيا ۽ ماڻهن کي حڪم ۽ هدايتون ڏيندا هيا ته کين ڇا ڪرڻو هو ۽ جيڪو عزم ۽ واعدا ڪري آيا هيا اُنهن کي هر صورت ۾ پورو ڪرڻو هو. فريڊرڪ ٻيو(88) جيڪو باربروسا جو پوٽو هو، اُهو لڳاتار ڪليسا جو شاگرد، ان جو دشمن ته ساڳئي وقت ان جي دشمنيءَ جو شڪار به رهيو هو. ايڪويهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي رکوالي معصوم ٽئين جي حڪمن جي فرمانبرداري ڪندي، هن صليب کڻڻ جي ذميداري قبول ڪئي، ۽ جڏهن سندس تاجپوشي ٿي ۽ شاهي تخت تي ويٺو ته پوءِ به ساڳيون ذميواريون پنهنجي سِر تي کنيائين ۽ جيروسلم جي وارثياڻيءَ(*) سان سندس شادي کيس هميشه لاءِ پابند ڪري ڇڏيو ته هو سندس پٽ ڪونراڊ جي بادشاهت جي حفاظت ڪندو. پر جيئن ئي فريڊرڪ جي عمر وڏي ٿي ۽ اختيار به وڌيا ته هُن پنهنجي جوانيءَ جي اُٻهرن فيصلن تي پڇتايو، سندس کُليل ذهن ۽ ڄاڻ، کيس وهمن وسوسن جي تصور ۽ ايشيا جي تاج پائڻ کان نفرت ڏياري؛ تنهن ڪري معصوم جي جانشينن لاءِ هاڻي سندس دل ۾ اڳين عزت يا احترام نه رهيو هو ۽ هينئر سندس خواهش اها هئي ته ڪنهن به صورت ۾ هو سِسلي کان ائلپس جبلن تائين اٽلي جي بادشاهت کي ٻيهر واپس ورائي سگهي، پر جيڪڏهن سندس هي منصوبو ڪامياب ٿئي ها ته پادرين جي حيثيت گهٽجي پراڻي سادگيءَ واري سطح تي پهچي وڃي ها، ۽ ٻارهن سالن جي دير ۽ بهانن کان پوءِ، هنن شهنشاهه تي ’لٺ ۽ چٺ‘ يعني منٿن ۽ دڙڪن ذريعي دٻاءُ رکيو ته وڌيڪ وقت وڃائڻ بدران هو فلسطين ڏانهن ڪاهي هلڻ جي وقت ۽ هنڌ مقرر ڪرڻ جو هڪدم فيصلو ڪري. سِسلي ۽ اپوليا جي بندرگاهن تي هن هڪ سؤ جهازن جي ٻيڙي جو بندوبست ڪيو، ته ساڳي وقت هڪ سؤ وڏا جهاز به تيار ڪيا ويا جيڪي ٻن هزار پنج سؤ سورمن کي اُتي پهچائيندا، جن ۾ سندن گهوڙا ۽ نوڪر چاڪر به هوندا؛ نئپلس ۽ جرمني لاءِ جيڪي جهاز رکيا ويا هيا اُنهن ۾ طاقتور فوجي سوار هيا، ۽ انگريز صليبين جو تعداد سٺ هزار جي لڳ ڀڳ هيو، پر ايترين وڏين تيارين جي باوجود هلڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي سُست رفتار سبب زيارتين جي جوش جذبن ۾ اڳين توانائي ختم ٿي وئي هئي ۽ سندن کاڌو خوراڪ به ختم ٿيڻ لڳو هو، ماڻهن جا وڏا هجوم، بُک ۽ بيمارين ۽ ڪجهه زيارتين جي قافلن جي ڇڏي وڃڻ سبب، تعداد ۾ گهٽبا رهيا ۽ ڪئلابريا جي سخت گرم اونهاري ۾ هنن شام جي مهم جا سانباها ڪري ڇڏيا. آخرڪار شهنشاهه برنڊوسيَم جي هنڌ تي ٻيڙن جا سڙهه کولرائي ڇڏيا جنهن ۾ فوج جا چاليهه هزار ماڻهو سوار هيا، پر هو سمنڊ ۾ ٽن ڏينهن کان وڌيڪ نه هلي سگهيو ۽ هڪدم پٺتي موٽيو ۽ سندس دوستن ان اُٻهرائپ جو سبب سندس طبيعت جي ناسازي ڄاڻايو آهي، پر سندس دشمنن هن تي ڄاڻي واڻي نافرمانبرداري ڪرڻ جو الزام لڳايو. پنهنجي عزم تي قائم نه رهڻ تي گريگري نائين، فريڊرڪ کي ملڪ نيڪالي جي سزا ڏئي ڇڏي؛ ۽ جڏهن هن چيو ته هو ايندڙ سال پنهنجو واعدو ۽ پنهنجي عزم جي تڪميل ڪندو ته پادري کيس ٻيهر ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي(89). هن صليب جي جهنڊي هيٺ پنهنجون خدمتون سرانجام ٿي ڏنيون پر اٽلي ۾ هن خلاف هن صليبي جنگ جي ترغيب ماڻهن کي ڏني وئي ۽ سندس واپسيءَ کان پوءِ کيس چيو ويو ته اُنهن تڪليفن جي معافي وٺي جيڪي سندس غلطين جي ڪري کيس ئي ڀوڳڻيون پيون هيون، فلسطين ۾ مذهبي محافظن طرفان جيڪي اڳ حڪم ناما جاري ڪيا ويا هيا اُنهن موجب سڀني کي هدايت ڪئي وئي هئي ته هن سان هر تعلق ٽوڙيو وڃي ۽ سندس حڪمن کي به هرگز نه مڃيو وڃي، ۽ پنهنجي ئي بادشاهت ۾ شهنشاهه کي مجبور ڪيو ويو ته سندس ئي ڪئمپ ۾ آئنده لاءِ جيڪي به فرمان جاري ٿين ته اُهي فقط الله يا وري عيسائي جمهوريه جي نالي ۾ جاري ڪيا وڃن. فريڊرڪ هڪ فاتح جيان جيروسلم ۾ داخل ٿيو ۽ پنهنجن ئي هٿن سان (ڇو ته ڪوبه پادري پاڻ ڪوبه ڪم نه ڪندو هو) هن مقدس مقبري تان تاج پنهنجن هٿن ۾ کنيو. پر اُتان جي بزرگ رکوالي هڪ منع نامو جاري ڪيو ته فريڊرڪ جي موجودگيءَ سبب ڪليسا جي بيحرمتي ٿي هئي ۽ اسپتال ۽ مندر جي معتبر ماڻهن سلطان کي صلاح وڃي ڏني ته موقعو مناسب ۽ وقتائتو هو ته جڏهن هو اُردن نديءَ تي پنهنجن محافظن کانسواءِ موجود هجي ته اوچتو مٿس وار ڪري کيس قتل ڪيو وڃي. مذهبي جنون ۽ تفرقي بازي جي اهڙي ماحول ۾ فتح ڪرڻ جو ڪو فائدو ڪونه هو ۽ حفاظت ڪرڻ به مشڪل ڪم هو، پر هڪ فائديمند صلحنامو وجود ۾ اچي ويو جيڪو مسلمانن جي پنهنجن اندروني اختلافن سبب عمل ۾ آيو هو ڇاڪاڻ ته اُنهن جي اڪثريت، فريڊرڪ جي ڪردار کان متاثر هئي ۽ اُنهيءَ جي حمايت ٿي ڪيائون. ڪليسا جي دشمنن تي، باغين ۽ فسادين سان سازباز سندن مهمان نوازي ڪرڻ ۽ ساڻن دوستي رکڻ جو الزام هو، اُهي عيسائي سڏرائڻ جا هرگز حقدار نه هيا، ڇو ته هنن پنهنجي زمين کي هڪ بيڪار رِڻ پَٽ ٿي ڪوٺيو ۽ سندن ذهن ۾ هڪ ملحداڻو خيال آيو ته جيڪڏهن يهوي (Jehovah) (عبراني زبان ۾ خدا تعاليٰ جو نالو) نئپلس جي بادشاهت جي حالت اچي ڏسي ها ته هو فلسطين کي، عيسائين جي سرزمين هئڻ جو شرف ڪڏهن به نه بخشي هيا. ان هوندي به فريڊرڪ، سلطان کان جيروسلم، بيٿليم، نذرٿ، ٽاير ۽ سِڊان کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. لاطينين کي، بهرحال اجازت ڏني وئي هئي ته اُهي ڀلي شهر ۾ رهن ۽ قلعا ٺاهي اُنهن کي مضبوط بڻائن؛ ساڳئي وقت عيسائين ۽ مسلمانن کي به شهري ۽ مذهبي آزادي جا پورا حق حاصل هيا، عيسائي مقدس مقبري تي وڃي عبادت ڪندا هيا، جڏهن ته مسلمان بيت المقدس(90) ۾ وڃي نماز پڙهندا هيا، هي اُها پاڪ جڳهه هئي جتان ﷴ مصطفيٰ (ﷺ) جن رات جي وقت معراج جو سفر شروع ڪيو هو. انصاف پسنديءَ جي هڪ جهڙي سلوڪ ۽ هڪ ٻئي کي خوشيءَ سان برداشت ڪرڻ جي روَين کي عيسائي جنونين نٿي سَٺو، تنهنڪري ڪافي ڪمزور دل مسلمان اتان ڇڏي هليا ويا توڙي جو بغير ڪنهن رتوڇاڻ جي صليبين جي هر خواهش کي پورو ڪيو ويو هيو، ڪليسائن کي بحال ڪيو ويو هيو، خانقاهن جي نئين سِر تعمير شروع ٿي چڪي هئي ۽ پندرهن سالن جي عرصي ۾ جيروسلم ۾ لاطينين جو انگ ڇهَن هزارن کان به مٿي هليو ويو هو. امن ۽ صلح جي هن سُٺي ماحول کي وحشي خوارزمين(91) جي هڪ وڏي لشڪر جي اوچتي حملي تباهه ڪري ڇڏيو. هي ڪئسپين سمنڊ جي ڀر ۾ رهندڙ ريڍار ۽ ٻڪرار هيا جيڪي مغلن يا تاتارين جي خوف کان ڀڄي شام ۾ ويا ۽ توڙي جو فرئنڪن، طب، حمص ۽ دمشق جي سلطانن سان اتحاد قائم ڪري ڇڏيو هو، تڏهن به اُهي هنن وحشين جي حملن ۽ ڪاهُن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيا هيا. جيڪو ڪجهه به سندن سامهون ايندو هو، ان کي هو پنهنجي ترار سان ڪَٽي ان جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندا هيا يا وري ماڻهن کي هو زوري ۽ زبردستيءَ سان گهِلي کڻي ويندا هيا ۽ کين پاڻ وٽ قيد ڪري ڇڏيندا هيا؛ ڪوبه فوجي قانون مٿن لاڳو نه ٿيندو هو ۽ فقط هڪڙي جنگ ۾ هنن شهر کي ڦُري تاراج ڪري ڇڏيو هو، مقدس مقبري جي بي حرمتي ڪئي هئي ۽ هر شيءِ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو هو، وحشي پڻي جا اهي منظر ڏسي لاطينين کي ترڪن ۽ مسلمانن جي شرافت ۽ رواداريءَ جو شِدت سان احساس ٿيو هو.

ستن صليبي معرڪن منجهان، آخري ٻه جنگيون فرانس جي بادشاهه لوئس نائين طرفان وڙهيون ويون هيون، جنهن جي آزادي مصر ۾ ۽ سندس زندگي آفريڪا جي سامونڊي ڪناري تي ختم ٿي هئي. سندس موت کان اٺاويهه سال پوءِ، کيس روم ۾ ولي يا بزرگ جو درجو ڏنو ويو، ۽ اوچتو سندس پنجهٺ معجزا ڪنهن ٻِرڙ مان ٻاهر نڪري آيا جن جي تصديق به هڪدم ڪئي وئي ته  هو واقعي هڪ شاهي بزرگ ۽ الله لوڪ انسان هيو(92). بهرحال تاريخ جي ورقن ۾ هن جي لاءِ وڌيڪ معتبر شاهديون مليون آهن ته هن جي شخصيت ۾ هڪ بادشاهه، هڪ سورمي ۽ هڪ سٺي انسان جون گڏيل وصفون موجود هيون، ۽ توڙي جو هو هڪ بهادر ۽ اَورچ انسان هيو پر سندس طبيعت ۾ انصاف ۽ رواداريءَ جاگُڻ هيا جن جو مظاهرو هو پنهنجي ذاتي توڙي عوامي سطح تي ڪندو رهندو هو، ۽ پنهنجي ڪردار ۾ هُو عام ماڻهن لاءِ هڪ مهربان پيءُ، پاڙيسرين لاءِ هڪ بهترين دوست ۽ بيدينن يا غير مذهبي ماڻهن جو سخت دشمن هيو. پر مٿس وهمن وسوسن جي اثر خطرناڪ حد تائين هيو(93) جنهن سندس دل ۽ ذهن کي گهڻو بگاڙي ڇڏيو هو، هو ان حد تائين هيٺ هليو ويو هو جو هن فرئنسز ۽ ڊومينڪ جي پِنڻ جهڙين بڇڙين عادتن کي به  نه رڳو اختيار ڪيو هو پر ان جي تعريف پڻ ڪئي هئي؛ هو پنهنجي مذهب جي مخالفن جو ڪٽر دشمن هيو ۽ وقت جا بادشاهه ٻه ڀيرا پنهنجي تخت تان هيٺ لهي کانئس روحاني فيض وٺڻ آيا هيا. هڪ اهڙو تاريخدان جيڪو راهبن واري سوچ رکندڙ هوندو ته اهو سندس گندي ڪردار کي به گهڻو ساراهيندو، پر هڪ معتبر ۽ بهادر جئائن وِل جيڪو لوئس جو دوست ۽ قيد ۾ سندس ساٿي هيو، فطرت جي قلم سان سندس تصوير لِيڪِي آهي ۽ هڪ غيرجانبدار انداز سان سندس خوبين ۽ خامين کي تصويري خاڪن ۾ ظاهر ڪيو آهي، جن مان اسان کي جيڪا معلومات ملي آهي ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته سندن نوڪر چاڪر اُنهن سان سچا نه هيا، جن جو تذڪرو اڪثر صليبي جنگين جي حوالي سان ڪتابن ۾ ايندو رهيو آهي، وچين دؤر جي بادشاهن ۾ لوئس نائين وڏيون ڪوششون ڪري تاج جي وقار کي بحال ڪيو پر هن جيڪو ڪجهه به ڪيو اُهو سندس پنهنجي گهر ۽ پنهنجي بادشاهت تائين محدود هيو پر سندس ڪوششون اڃا مشرق تائين اثرانداز نه ٿيون هيون، باقي سندس عزم سندس جذبن ۽ بيماريءَ جو گڏيل نتيجو هو ۽ اهوئي سبب آهي ته جنهن پاڪ عزم کي هن همٿايو ۽ اڳتي وڌايو هو، ته ان جو شڪار به خودئي ٿي ويو هو، مصر تي حملي ڪرڻ لاءِ، فرانس وٽ فوجن جي اڻاٺ ۽ سندس خزانا خالي هيا، هن قبرص جي سمنڊ کي ارڙهن سؤ بادبانن ذريعي اُڪاريو هو، جيڪڏهن وچٿرو حساب به لڳائجي ته ماڻهن جو تعداد پنجاهه هزار وڃي بيهندو، ۽ جيڪڏهن اسان سندس ئي بيان تي ويساهه ڪريون، جيئن مشرقي آڪڙبازي ۾ اڪثر ٿيندو آهي ته هن ساڍا نوَ هزار گهوڙيسوار ۽ هڪ لک ٽيهه هزار پيادل فوجين کي سمنڊ مان زمين تي لاٿو، جن جي طاقت جي زور تي هنن زيارتن جو شرف حاصل ڪيو(95).

پاڻ کي اسلحي سان محفوظ بنائيندي ۽ هڪ ڳاڙهو جهنڊو ڦڙڪائيندي،(*) لوئس ٽپو ڏيئي ڪناري تي وڃي پهتو، ۽ داميتا جو مضبوط شهر، جنهن ۾ سندس ابن ڏاڏن اڳ سورهن مهينن تائين گهيري کي قائم رکيو هو، پهرئين ئي حملي ۾ ڊڄندڙ ۽ ڪنبندڙ مسلمانن خالي ڪري ڇڏيو. پر داميتا سندس پهرين ۽ آخري فتح هئي، ۽ پنجين ۽ ڇهين صليبي جنگ ۾ ساڳئي جنگ جي ميدان تي ساڳين سببن ڪري ساڳيون تڪليفون کين پيش آيون هيون(96). هڪ موتمار دير کان پوءِ، جنهنڪري سندن ڪئمپ ۾ وبائي بيماريون پيدا ٿي پيون هيون، فرئنڪن سامونڊي ڪناري کان مصر جي گاديءَ جي هنڌ تي چڙهائي ڪئي ۽ ڪوشش ڪيائون ته ڪنهن طرح سان نيل ندي جي اڻ مدائتي ٻوڏ جو مقابلو ڪجي ڇاڪاڻ ته نيل جو ڌوڪيندڙ وهڪرو سندن قدمن کي اڳتي وڌڻ کان روڪي رهيو هو. سندن بهادر حاڪم جي نگرانيءَ ۾ فرانس جي اميرن ۽ نوابن هن خطري کان پنهنجي سخت ڪاوڙ ۽ بُڇان جو اظهار ڪيو؛ سندس ڀاءُ، جيڪو آرتوس جو امير هو، مسورا جي شهر تي اوچتو حملو ڪري پنهنجي بهادري جو مظاهرو ڪيو ۽ اُڏرندڙ ڪبوترن قاهره جي رهواسين کي پيغام پهچايو ته سندن سڀ ڪجهه ضايع ٿي ويو هو يا ختم ٿي چڪو هو. پر هڪ سپاهي، جنهن بعد ۾ تخت تي قبضو ڪري ورتو، ڀڄندڙ فوجن کي هڪ جڳهه تي گڏ ڪيو جڏهن ته عيسائين جا خاص جٿا ڪافي پٺتي رهجي ويا هيا، ۽ آرتوس مٿان حملو ڪري کيس قتل ڪيو ويو. حملي ڪندڙ تي لڳاتار يوناني باهه جو وسڪارو ٿي رهيو هو، نيل کي به مصر جي جهازن ذريعي ضابطي ۾ آندو ويو هو، عربستان جي کليل ميدانن سبب کاڌي خوراڪ جي رَسد کي روڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ روز بروز بيمارين ۽ ڏڪر جي حالتن ۾ اضافو ٿيندو رهيو، تنهنڪري موقعي کي غنيمت سمجهندي ڀڄڻ جي واٽ کي ضروري سمجهيو ويو پر صورتحال اهڙي هئي جو ڀڄڻ جو ڪو رستو ڪٿي به نه بچيو هو. مشرقي ليکڪن اها ڳالهه مڃي آهي ته لوئس جيڪڏهن ڀرپور ڪوشش ڪري ها ته ممڪن هو ته هُو ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿئي ها پر هن پنهنجي رعيت جي ماڻهن کي ڇڏڻ نٿي چاهيو؛ بهرحال ساٿين ۽ اميرن سميت کيس گرفتار ڪيو ويو؛ اُهي جيڪي خدمت ذريعي پنهنجي زندگي کي ڪارائتو نٿي بنائي سگهيا يا وري اُهي جيڪي پنهنجي آزادي کي خريد نٿي ڪري سگهيا، سڀني کي قتل ڪيو ويو ۽ قاهره جي ديوارن کي عيسائين جي سِرن يا سِسيُن سان سينگاريو ويو(97). فرانس جي بادشاهه کي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو، پر عظيم فاتح، جيڪو صلاح الدين جو پَڙپوٽو هو، پنهنجي شاهي قيدي ڏانهن پهرڻ لاءِ هڪ پُروقار لباس ڏياري موڪليو، ۽ دميتا(98) مسلمانن کي واپس ڪرڻ ۽ چار لک سون جا ٽڪرا کين ڏنڊَ طور ڏيڻ عيوض، سندس ساٿين ۽ سپاهين سميت کيس آزاد ڪيو ويو. وڻندڙ ۽ آسائش ڏيندڙ فضا ۾ نورالدين ۽ صلاح الدين جا بگڙيل پوٽا ۽ پونيرَ، يورپ جي مردانگي جي روايتن سان مقابلي ڪرڻ جهڙا نه رهيا هيا، اُهي پنهنجي غلامن جي هٿن ۾ هٿيار ڏسي خوش ٿيندا هيا يا وري پنهنجن مملوڪن سان خوش ٿيندا هيا جيڪي تاتاري ۽ سخت جان رهواسي هيا، جن کي سندن ننڍين عمرين ۾ شام جي واپارين خريد ڪيو هو ۽ جن کي سلطان جي محل ۾ تعليم ڏياري وئي هئي، پر مصر ۾ اوچتوئي اوچتو ڪي خطرناڪ درندا ڪٿان نڪري پيا جيڪي ڀوائتن جانورن جيان ٿي لڳا، ۽ ائين ٿي لڳو ته ماڻهو مارڻ ۽ ڌارين کي نشانو بنائڻ سندن ذميوارين ۾ شامل هيو، پر اُنهن پنهنجي محسن کي به نه بخشيو. فتحن جي غرور ۽ نشي ۾ مملوڪن توران شاهه کي به قتل ڪري ڇڏيو جيڪو پنهنجي خاندان جو آخري فرد هو ۽ وحشي قاتل اُگهاڙين ترارين سان قيدي بادشاهه جي ڪمري ۾ داخل ٿي ويا ۽ هنن پنهنجا هٿ سلطان جي قتل سان رنڱي ڇڏيا. پر لوئس جي مضبوط ارادن سبب هنن سندس عزت ڪئي(99)، هنن جي لالچ ۽ حرص، سندن ظلم ۽ جوش جي جذبن کي مات ڏئي ڇڏي ۽ نيٺ هڪ صلحنامو عمل ۾ آيو جنهن موجب فرانس جي بادشاهه کي، فوج جي تبرڪن سميت فلسطين وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. پر هن آڪري ۾ رهي پنهنجا چار سال اجايا گنوائي ڇڏيا، هو جيروسلم به نه وڃي سگهيو ۽ ڪنهن عزت يا وقار حاصل ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي وطن واپس ورڻ لاءِ به تيار نه هيو.

لوئس جي دل اندر، رکي رکي پنهنجي شڪست جي بدلي وٺڻ جا اُڌما ٿي اُٿيا جن نيٺ کيس جوش ڏياريو ۽ سورهن سالن جي آرام ڪرڻ ۽ سوچڻ کان پوءِ هو ستين ۽ آخري صليبي جنگ وڙهڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو. سندس مالي پوزيشن بهتر ٿي وئي، سندس بادشاهت جو دائرو وڏو ۽ وسيع ٿي ويو، ۽ جنگي جوڌن جو هڪ نئون نسل تيار ٿي چڪو هو، ۽ هو ڇهن هزار گهوڙيسوارن ۽ ٽيهه هزار پيادل فوج وٺي وڏي اعتماد سان مُهم تي روانو ٿيو، انتاڪيا جي نقصان کيس جلد رواني ٿيڻ لاءِ اُڪسايو هو، کيس اُميد هئي ته هو تيونس جي بادشاهه کي عيسائي بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو تنهنڪري هن آفريڪا جي سامونڊي ڪنارن طرف ڪُوچ ڪرڻ لاءِ سانباها ڪيا، جتي وڏن مال خزانن جي موجودگيءَ جي کيس سُڌ پئي، تنهنڪري هن مقدس ڌرتي ڏانهن پنهنجي سفر کي ڪجهه پوئتي ڪري ڇڏيو. پر سندس اُميدون تڏهن خاڪ ۾ ملي ويون جڏهن ماڻهن کي پنهنجي مذهب ڏانهن دعوت ڏيڻ جي سندس خواب پوري ٿيڻ بدران هن پاڻ کي هڪ گهيري ۾ وڪوڙيل ڏٺو، فرانس جا ماڻهو باهه جيان ٻرندڙ واريءَ ۾ تڙپي تڙپي مري ويا ۽ سينٽ لوئس پڻ پنهنجي تنبوءَ ۾ مري ويو، ۽ جيئن ئي هن پنهنجون اکيون پُوريون ته سندس پٽ جيڪو سندس جانشين به هيو، پنهنجن ساٿين کي ميدان ڇڏي ڀڄڻ ۽ پٺتي موٽڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو(100). هڪ ليکڪ پنهنجو مختصر جائزو هن طرح پيش ڪيو آهي: ’اهڙيءَ طرح هڪ عيسائي بادشاهه ڪارٿيج جي تباهه ڪارين جي ويجهو مري ويو، جيڪو ﷴ مصطفيٰ ﷺ جي اُمتين خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ پنهنجي گهران نڪتو هو ۽ هو اُهو هنڌ هو، جنهن جو تعارف ڊائڊو شام جي ديوتائن سان ڪرايو هو(101).

ان کان وڌيڪ بُري قانونسازي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، جنهن جو بنياد ناانصافي تي رکيل هجي ۽ جنهن ۾ ڪنهن به ملڪ جي مقامي ماڻهن کي دائمي غلاميءَ هيٺ رکيو ويو هجي ۽ هڪ طرفي حڪومت به اهڙن ماڻهن جي هجي جيڪي اڳ خود غلام ۽ ڌاريا هيا. مصر جي حالت پنج سؤ سالن کان ڪجهه اهڙي رهي آهي. بَحاري ۽ بورجي خاندانن(102) جا ماڻهو خود تاتاريءَ ۽ سرقاسين نسل جا هيا ۽ سندن چوويهن فوجي اڳواڻن جا جانشين سندن پُٽ نه پر سندن نوڪر چاڪر هيا. هو آزاديءَ جون وڏيون دعوائون ڪن ٿا، سليم پهرئين جو جيڪو معاهدو جمهوريه سان ٿيو هو،(103) ان موجب عثمانيه حڪومت جو شهنشاهه، اڃا تائين، ننڍي پئماني تي ئي سهي، مصر جي حڪومت کان روايتي ڏن وصول ڪري ٿو. امن اَمان جي مختصر وقفي ۾ ٻن حڪمران خاندانن کي ڦُرلُٽ ڪرڻ ۽ رت وهائڻ ۾ نمايان سمجهيو ويو آهي،)104) پر سندن تخت، ڀلي ڪيترو به لوڏن ۾ هجي، سندن حڪومت جو دائرو مصر، نيوبيا، عربستان، ۽ شام تائين پکڙيل هيو؛ سندن مملوڪ گهراڻي جي ماڻهن جو تعداد اٺ سؤ کان وڌي پنجويهه هزار گهوڙيسوارن ۽ هڪ لک ست هزار پيادل فوجين تائين پهتو هو جنهن ۾ ضرورت پوڻ تي ڇاهٺ هزار عرب فوجين جي مدد ڪرڻ جو واعدو پڻ ٿيل هو(105)، ايتري طاقت رکندڙ بادشاهه، پنهنجن سامونڊي ڪنارن يا حدن ۾ ڪنهن خود مختيار دشمن قوم کي هرگز برداشت نه ڪندا ۽ جيڪڏهن فرئنڪن جي تباهي چاليهن سالن تائين ملتوي ٿي وڃي ها ته اُهي سندن لُڏندڙ حڪومت، تاتارين جي حملن ۽ جنگجوُ زيارتين جي وقتي مدد جا شڪرگذار هجن ها، هنن ۾ انگريزي پڙهندڙ، ايڊورڊ جي نالي تي ضرور غور ڪندو جنهن پنهنجي زندگي ۾ صليب جو نشان پهريون ڀيرو پنهنجي پيءُ جي زندگي ۾ لڳايو هو. ويلز ۽ اسڪاٽلئنڊ جي مستقبل جو سوڀارو، فقط هڪ هزار فوجين جي اڳواڻي ڪندي آڪري کي گهيري مان آزاد ڪرائي، نذرٿ تائين ڪاهي ويو پر ان وقت وٽس نَوَ هزار فوجي هيا، پنهنجي چاچي رچرڊ جي نالي کي ٻيهر زندهه ڪيائين ۽ پنهنجي بهادريءَ سان ڏهن سالن جو صلحنامو حاصل ڪيائين، جتي هڪ جنوني قاتل مٿس حملو ڪيو،(106) توڙي جو کيس خطرناڪ زخم رسيا هيا پر پوءِ به ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. انتاڪيا(107) جي بيهڪ ڪجهه اهڙي هئي جو ان تي صليبي جنگين جو گهٽ اثر ٿيو هو، پر ان تي به آخرڪار قبضو ڪيو ويو ۽ بندوق دار يا ببارس هٿان کيس برباد ڪيو ويو، جيڪو مصر ۽ شام جو سلطان هو؛ لاطيني شهر کي مِٽايو ويو ۽ عيسائين جي پهرئين وڏي شهر کي ماڻهن کان خالي ڪرائي غيرآباد ڪيو ويو، هن ڪاروائيءَ ۾ سندن سترهن ڄڻا قتل ڪيا ويا ۽ سندن هڪ لک رهواسين کي قيد ڪيو ويو. سندن سامونڊي ڪنارن وارا شهر جيئن لائوڊيسيا، غبالا، طرابلس، بيريٽَس، سڊون، ٽايَر، ۽ جفا ۽ سندن مضبوط قلعا جيڪي اسپتالن ۽ مندرن ۾ ويندڙن لاءِ تعمير ڪرايا ويا هيا، قبضي ۾ ايندا ويا ۽ هاڻي فرئنڪن جو اهو حال هو جو هو فقط هڪ شهر يا آڪري جي سينٽ جان جي ڪالوني تائين محدود ٿي ويا جنهن کي ڪڏهن ڪڏهن بطليموس جي خطاب سان به ياد ڪيو ويندو آهي.

جيروسلم جي وڃائجڻ کان پوءِ، آڪري(108) جيڪو ستر ميلن جي مفاصلي تي هو، لاطيني عيسائين جو وڏو شهر بڻجي ويو، جنهن کي عاليشان عمارتن سان سجايو ويو هو ۽ جنهن ۾ پاڻي جمع ڪرڻ ۽ ماڻهن تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو ۽ حفاظت لاءِ ديوارن کي ٻِٽي تعمير ذريعي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو هو. ڀاڄوڪڙن ۽ زيارتين جي اچڻ سبب هن شهر جي آبادي ۾ لڳاتار اضافو ٿيندو رهيو، ٻين طرفن ڏي دشمنين سبب، اوڀر ۽ اولهه جي شهرن جو ڌنڌو ۽ واپار به هن شهر سان ٿيڻ لڳو ۽ مارڪيٽ ۾ هر قسم جي جنس ۽ هر ٻوليءَ جا ترجمان يا مترجم موجود هيا ته جيئن ته هن شهر ۾ مختلف قومن جا ماڻهو موجود هيا ته نتيجي ۾ هر برائي هتي جنم پئي ورتو ۽ ان کي هر طرف ڦهلايو ٿي ويو؛ حضرت عيسيٰؑ، توڙي حضرت ﷴ ﷺ جن جا پوئلڳ، مرد توڙي عورتون، جيڪي آڪري جا رهواسي هيا، سي سڀئي پنهنجن اخلاق عادتن ۾ بيحد بگڙي ۽ خراب ٿي چڪا هيا ۽ اهو به ڪنهن جي وَس ۾ ڪونه هو ته ڪنهن قانون ذريعي مذهب جي غلط استعمال يا اخلاق عادتن جي بگاڙ کي روڪي سگهجي. شهر جا حڪمران ته گهڻا هيا پر حڪومت ڪٿي به نظر نٿي آئي. جيروسلم ۽ قبرص جا بادشاهه جن جو تعلق ليوسگنن سان هيو، ان کان سواءِ انتاڪيا جو بادشاهه، طرابلس ۽ سڊون جا امير، وڏي اسپتال ۽ مکيه مندر جا مالڪ، ٽيوٽونڪ سلسلي وارا، وينس، جينئا ۽ پيسا جا ملڪ، مکيه پادري جو نمائندو، فرانس ۽ انگلينڊ جا بادشاهه، هر هڪ پنهنجا پنهنجا حڪم ويهي هلايا، سترهن ٽربيونلون يا ڪورٽون ٺاهيون ويون جن کي ماڻهن جي موت ۽ زندگي جا اختيار ڏنا ويا هيا، هر ڏوهيءَ کي پاڙي واري ڪنهن ڪوارٽر ۾ لڪائي ان کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، ۽ قومن جي هڪ ٻئي سان ساڙ ۽ حسد جي نتيجي ۾ ڪڏهن ڪڏهن تشدد ۽ رتوڇاڻ جا واقعا به ٿيندا هيا، ڪجھ شريرن صليب جي نشان جي بي حرمتي ڪئي ۽ ٻين وري پنهنجي گهٽ پگهاڙ جي پورائي ڪرڻ لاءِ مسلمانن جي ڳوٺن کي لٽڻ ڦرڻ شروع ڪري ڇڏيو، شام جي اڻويهن واپارين کي، جيڪي واپار جي خيال کان هتي آيا هيا(*)، انهن کي بيعزتو ڪري عيسائين طرفان کين ڦاهيءَ تي لڙڪايو ويو؛ جڏهن کانئن وضاحت گهري وئي ته اُنهن اطمينان بخش جواب نه ڏنا، جنهن سلطان خليل کي بدلي وٺڻ لاءِ آماده ڪيو، هن آڪري خلاف ڪاهه ڪئي، سٺ هزار گهوڙي سوار ۽ هڪ لک چاليهه هزار پيادل فوج جي اڳواڻي ڪندي ۽ اسلحي جي پوري ريل ڀري (جيڪڏهن آءٌ اهي لفظ استعمال ڪريان) هو روانو ٿيو، هڪ وڏي انجڻ هلائڻ لاءِ ڪاٺين جي هڪ وڏي ڍير کي هڪ سؤ وڏين گاڏين ۾ ڀريو ويو، ۽ شاهي تاريخدان ابوالفدا، جنهن هَما جي فوجين سان گڏ نوڪري ڪئي هئي، اُهو هن مقدس جنگ جو عيني شاهد هيو. فرئنڪن ۾ ڀلي ڪيتريون به برايون ڇو نه هجن، پر هنن هن موقعي تي وڏي مردانگيءَ جو مظاهرو ڪيو، پر اُنهن جي پنهنجن سترهَن اڳواڻن جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا، جنهن ڪري ڇڙوڇڙ ٿي وڙهيا ۽ سلطان جي فوجن کين هر طرف کان گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. ٽيٽيهن ڏينهن جي گهيري کان پوءِ، مضبوط ديوار کي مسلمانن آخرڪار ڊاهي ڇڏيو، هاڻي انجڻين جي طاقت استعمال ٿي لڳي؛ مملوڪن هاڻي هر طرف ڪاهون ۽ حملا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا ۽ سڄو شهر هن حملي جو شڪار ٿيل نظر ٿي آيو ۽ سٺ هزار عيسائي يا ته ماريا ويا يا کين قيد ڪيو ويو، مندرن ۽ خانقاهن جو دفاع وڌيڪ ٽن ڏينهن تائين ڪيو ويو پر اُنهن جي اڳواڻ کي هڪ تير لڳو ۽ هو مري ويو ۽ جيڪي پنج سؤ امير ۽ نواب ساڻن گڏ آيا هيا، اُنهن مان فقط ڏهه زندهه بچا هيا، ۽ اُهي اُنهن جي مقابلي ۾ وڌيڪ غمگين هيا جيڪي ترار جي ڌَڪ سان مارجي ويا هيا، ڇو ته زندهه رهي، کين وڌيڪ ذلتن ۽ مصيبتن کي مُنهن ڏيڻو پيو. جيروسلم جو بادشاهه بزرگ ۽ وڏي اسپتال جو مالڪ گڏجي سامونڊي ڪناري طرف ڀڳا، پر سمنڊ تارو تار ۽ مستيءَ ۾ هيو، ٻيڙيون يا جهاز اڻپورا هيا، ۽ ڪيترائي ڀاڄوڪڙ قبرص جي ٻيٽ تي پهچڻ کان اڳ ئي ٻڏي مري ويا، جنهن ڪري ليوسگنن کي فلسطين جي ضايع ٿيڻ کان پوءِ اطمينان نصيب ٿيو هوندو. سلطان جي حڪم تي ڪليسائن ۽ لاطيني شهرن جي قلعن کي ڊاهي انهن جي وجود کي ختم ڪيو ويو، باقي خوف يا لالچ کي ذهن ۾ رکندي مقدس مقبري کي عام ماڻهن توڙي زيارتين لاءِ کوليو ويو ۽ هاڻي سڄي سامونڊي ڪناري تي ڏکوئيندڙ ۽ اڪيلائيءَ واري خاموشي ڇانيل هئي جيڪا ڪيترن جُڳن تائين ماڻهن ۾ چؤٻول ۽ بحث مباحثن جو موضوع رهي(109).

باب اڻهٺيون

 

(حاشين بابت وضاحتون)

 

(1)              ائناڪمنينا، ايشيا مائنر ۾ پنهنجي پيءُ جي سوڀن بابت اسان کي ڪجھ ٻڌائي ٿي؛ (اليگزئڊ، xi,321-325، xiv,419) بوهيمنڊ ۽ ٽئنڪريڊ خلاف سليشيا ۾ سندس جنگ (صفحا 328-342) ايپيرَس جي جنگ جيڪا ڪافي اينگهه ڪري وئي هئي، (xii,xiii,345-406) بوهيمنڊ جو موت، xiv,419).

(2)             جيروسلم جي بادشاهن نالي ماتر مٿن ڀاڙيو هو ۽ هنن پنهنجن نقشن جي تاريخن ۾ (هڪڙو نقش بيٿليم جي ڪليسا ۾ اڃا به پڙهڻ ۾ اچي ٿو). هُن پنهنجو نالو ’وقت جو حاڪم‘ لکي پوءِ لکيو هو. (ڊوڪينج، جئائن وِل جا مضمون xxvii,319).

(*)    (ترڪن، کيس 1100ع ۾ قيدي بنايو هو).

(*)    (ائناڪمنينا).

(3)             ائناڪمنينا ٻڌائي ٿي ته، ڪاپي يا نقل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هن کي مئل ڪڪڙ سان گڏ بند ڪيو ويو هو ۽ پوءِ حيرت جو اظهار ٿي ڪري ته هڪ بربر پنهنجي قيد ٿيڻ ۽ بدبودار ڪڪڙ سان گڏ رهڻ کي ڪيئن برداشت ڪيو هو.

(4)             (ٿول مان نڪتل ڪي نشانيون) بازنطيني جاگرافي ۾ هن جو يقيني مطلب انگلينڊ آهي، ها اسان کي اعتماد مان ٻڌايو ويو آهي ته اسان جو هينري- I کيس اجازت نه ڏئي ها ته سندس بادشاهت ۾ ٻين فوجن جو گذر ٿئي ها. (ڊوڪينج، اليگزئڊ، ص 41).

(5)              صلح نامي جي ڪاپي (اليگزئڊ، xiii,406-416) اصلي ۽ اعتماد وارو دستاويز آهي، جنهن ۾ انتاڪيا شهر جي نقشي ملائڻ جي ضرورت باقي آهي ۽ اهو بيحد ضروري به آهي.

(6)             ايم، ڊي گائينس جي تحريرن کي ضرور پڙهيو وڃي ii,ii)) ۽ خاص طرح آئڪونيم، حلب ۽ شام جي سلجوقن جي تاريخ جو مطالعو ضرور ڪجي، پر شرط اهو آهي ته اهو مواد يونانين، لاطينين يا عربن کان هٿ ڪيو ويو هجي. آخري بيان ڪيل رُوم جي معاملن کان ڪجھ بي خبر رهيا آهن.

(7)             زينوفن، آئڪونيَم کي هڪ اسٽيشن طور بيان ڪيو آهي، ۽ اسٽرابو ان جو نالو اهڙو رکيو آهي جيڪو ڪافي مشڪوڪ ٿو لڳي. تنهن هوندي به سينٽ پال ان هنڌ تي بيشمار يهودي ۽ غير يهودي وڃي ڏٺا. ڪُتيجا جي بگڙيل نالي هيٺ، ان کي هڪ وڏو شهر ڄاڻايو ويو آهي جنهن ۾ هڪ ندي ۽ باغيچا پڻ آهن ۽ جنهن جو جابلو علائقي کان مفاصلو ٽن ليگن جيترو آهي پر اهو سڄو سينگاريل آهي (خبر ناهي ته ڇو؟) اُتي افلاطون جو مقبرو به آهي. (ابوالفدا، نقشا وغيره xvii,303) رزڪي ۽ شُلٽينس جي جاگرافي جنهن کي ابن سعيد مان ورتو ويو آهي.

(8)             پهرين صليبي جنگ جي مواد کي اڳتي ڪرڻ لاءِ ائناڪمنينا جو مطالعو ڪجي. (اليگزئڊ، xi,331، وغيره) ۽ البرٽ اڪئينِس جي اٺين ڪتاب کي به ضرور پڙهجي.

(9)             ڪونراڊ، III لوئيس، VII جي ٻي صليبي جنگ لاءِ ٽاير جي وليَم جو مطالعو ڪجي (xvi,18-29) فرنسنجن جي اوٺو، i,34-45,59,60) ۽ پئرس جي مئٿيو، (ميجر جي تاريخ، ص 68) اسٽروويَس، ڪارپس جي جرمني جي تاريخ، صفحا 372,373) جو ضرور مطالعو ڪجي. ان کان سواءِ فرئنسبيڪئريم جا مسودا ۽ ڊوشين، iv، نيسٽس (مينوئل ۾) i,4,5,6 صفحا 41-48 به مطالعي هيٺ آڻجن.

(10)         فريڊرڪ باربروسا جي ٽين صليبي جنگ لاءِ ڏسو اسحاق نسٽَس کي، انئنجل، (i,3-8,257-266) اسٽروويَس، (ڪارپَس جي جرمني جي تاريخ، ص 414) ۽ ٻه تاريخدان، جيڪي شايد تماشبينن ۾ شامل هيا. ٽئگينو، (i,406-416) جنهن کي اسٽروويَس ايڊٽ ڪيو. ان کان سواءِ ليڪٽيَن، (iii,ii,498-526) جو به ضرور مطالعو ڪجي جنهن کي بسنيج ايڊٽ ڪيو.

(11)          ائناڪمنينا ٻڌائي ٿي ته پويَن لشڪرن ۾ 40،0000 گهوڙي سوار، ۽ 100،000 پيادا هيا جيڪي نارمنڊي کان آيا هيا ۽ سندن اڳواڻ فلانڊرس جا ٻه ڀائر هيا. اها حيرت جي ڳالهه آهي ته يوناني، لاطيني بادشاهن جي نالن، ڪٽنبن، ۽ سندن دولت يا ملڪيت کان ناآشنا هيا.

(12)         ٽاير جو وليم ۽ پيرس جو مئٿيو هر هڪ فوجي جٿي جي تعداد کي 70،000 ڳڻائن ٿا.

(13)         سنئمَس غلط تعداد ڳڻايو آهي يعني 900،000.0 جنهن جي تصديق اوڊو ڊي ڊوئيگلو پڻ ڪئي آهي. ڊوڪينج ۽ سنئمَس تعداد کي ٿورو وڌائي 900556 ٻڌايو آهي. ته پوءِ ان انگ کي گهٽائڻ ۽ نامڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا 90,000/ تائين آڻڻ جي ڪوشش ڇو ڪئي وئي آهي؟ ته پوءِ وٽربو جي گاڊفري پئنٿين، ص xix مراتوري ۾ (vii, 462 حيرت مان چيو هو: (’جيڪڏهن تون سندن تعداد جو ٿو پُڇين، ته پوءِ ٻُڌ: فوجين جو انگ ڏهه لک هيو.‘)

(14)         البرٽ اسٽيڊ طرفان گهڻو مبالغو ڪيو ويو آهي (اسٽروويَم، ص 414) منهنجو حساب ڪتاب وٽربو جي گاڊ فري کان ورتل آهي ۽ انهن انگن اکرن ۾ ليوبيڪ جو آرنولڊ ۽ برنارڊ ٿيسار پڻ شامل آهن (169, 814) اصلوڪا ليکڪ خاموش آهن. مسلمانن اهو تعداد 200,000/- لکن کان 2,60,000/- ٻڌايو آهي. (بهاءُالدين، صلاح الدين ۾، ص 110)

(15)          منهنجو تجزيو اهو آهي ته ٻي ۽ ٽين صليبي جنگين ۾ ڪونراڊ ۽ فريڊرڪ جي رعيت جي ماڻهن کي يونانين ۽ مشرقي ماڻهن طرفان عالماني ڪوٺيو ويو آهي. سنئمم جا ليچي  زيڪي دراصل پولنڊ ۽ بوهيميا جا رهواسي آهن ۽ اهو فرينچن تي ڇڏيل آهي ته اُهي پاڻ وٽ جرمني وارن جو قديمي خطاب رکن ٿا يا نه.

(16)         ٻي صليبي جنگ ۾ نسيٽَس هڪ ٻار هو پر ٽين صليبي جنگ ۾ هو فلوپو پولِس جي وڏي عهدي تي فائز هو ۽ فرئنڪن خلاف ڪمان ٿي ڪيائين. البت سنئمس پنهنجي غرور ۽ تعصب سان ڀريل آهي.

(17)         فلاڊيلفيا جي رهواسين جي طور طريقن تي نسيٽَس الزام ٿو هڻي جڏهن ته هڪ نامعلوم جرمن پنهنجي ملڪي ماڻهن جي غرور واري روَيي تي تُهمت ٿو لڳائي، ’غلطي اسان جي هئي.‘ تاريخ شايد بهتر لڳي ها جيڪڏهن اسان ان ۾ اهڙا تضاد ڀريون ها. اهو بهرحال نسيٽَس آهي جيڪو اسان کي فريڊرڪ جي ڏکن جو داستان ٿو ٻڌائي.

(18)         سنئمس لاطيني زبان جو ترجمو پنهنجي انداز سان ٿو ڪري، ڊوڪينج وڏي محنت ڪري پنهنجي بادشاهه ۽ پنهنجي ملڪ کي ذلت کان بچائي ٿو ڇڏي. (ڏسو جئائن ول جا مضمون (xxvii, 317-320 لوئس بعد ۾ هڪ اهڙي ميٽنگ لاءِ زور ٿو ڀري جيڪا ’سمنڊ جي ڪنارن تي هڪ جهڙائيءَ جي شرطن‘ تي ڪئي وڃي، پر ائين نه ٿئي ته هڪڙا گهوڙي تي سوار هجن ۽ ٻيا پيرين پيادا هجن. هن سلسلي ۾ ڪجهه مسودا اهڙا آهن جن کي پڙهي کِل ٿي اچي.

(19)         (’آءٌ روم وارن جو شهنشاهه آهيان جڏهن ته هو رومانيا وارن جو شهنشاهه آهي.‘) (نامعلوم شخص جو جملو آهي، ڪئينِس، ص 512) يونانين جو عوامي توڙي تاريخي روپ عجيب قسم جو هيو، تنهن هوندي به سنئمَس تسليم ٿو ڪري ته شهنشاهه جو تڏهن مطلب هڪ ’بادشاهه‘ جو هوندو هو.

(*)    (جرمني جا ماڻهو).

(20)        معصوم-III جي تحريرن ۾ (xiii, 184) ۽ بهاءُالدين جي تاريخ ۾ (صفحا 129, 130) برداشت ڪرڻ بابت پادري ۽ قاضي جي تبصرن جو مطالعو ڪيو. (قاضي، هڪ اسلامي جج هوندو هو.)

(21)         ويڪسن جا نوابَ، فرانس جا بادشاهه هوندا هيا، جيڪي وري سينٽ ڊينِس جي خانقاهه جي پرچارڪ جا غلام يا مريد هوندا هيا. بزرگ جو خاص جهنڊو، جيڪو خانقاهه جي سرواڻ کان کين مليو هو، چؤرس نموني ۾ ڳاڙهي رنگ جو هو. ڳاڙهو رنگ ٻارهين کان پندرهين صدي عيسوي تائين فرانسيسي فوجن جي علامت رهيو هو. (ڊوڪينج يا جئائن ول، مضمون ۽ تحريرون (xviii, 244-253

(22)        ٻي صليبي جنگ بابت اصلي فرانسيسي تاريخ ’گيسٽا لوڊووِسي vii، آهي جيڪا دوشين جي چوٿين جُلد ۾ ڇپي هئي. ساڳئي جلد ۾ بادشاهه جا اصلي خط به شايع ڪيل آهن ته سندس وزير شگر جون تحريرون به ان ۾ شامل آهن. هي واقعي هڪ مستند تاريخ جا بهترين دستاويز آهن.

(23)        ڪئنِس، ص 517. هي ان درد جو داستان آهي جنهن اهو ڀوڳيو هو يا سورَ سَٺا هيا.

(24)        (’جهنگَ جا بيشمار وحشي ماڻهو جن کي هن وقت تائين ڪنهن به فتح نه ڪيو هو ۽ نه وري سندن ڪو اڳواڻ هو، بس هو ڄڻ رهزنن جي قوم هيا.‘) کين شڪست ڏيڻ تي ڪاگني جي سلطان کي شايد ڏاڍو مزو اچي ها. (نامعلوم، ڪئينِس، صفحا 518-517)

(25)         ڪئنيسيَس ٽئگينو ۽ بهاءُالدين جي گڏ ڪيل مواد ۾ هڪ نامعلوم ليکڪ جو مطالعو ڪيو، (صلاح الدين 120-119، باب 70) جنهن ۾ ڪاگني جي سلطان ڪِلج ارسلان جو ذڪر ڪيل آهي ته هو صلاح الدين ۽ فريڊرڪ کان ڊڄندو هو ته کانئن نفرت به ڪندو هو.

(26)        اها خواهش ته ٻن عظيم انسانن جي هڪ ٻئي سان ڀيٽ ڪجي. ڪيترن ليکڪن کي ترغيب ڏني آهي ته هو فريڊرڪ کي سڊنَس ندي ۾ ٻڏندي ڏيکارن ٿا، جنهن ۾ سڪندراعظم پڻ غير دورانديشي ڪندي غسل ڪيو هو. (ڪيو،ڪرٽ iii,4,5) پر شهنشاهه جي پنڌ ڪرڻ مان ائين ٿو لڳي ته اُها ندي ڪئليڪئڊنَس هئي جيڪا ايتري وڏي ته ڪانه هئي، البت اُها ڊگهي ضرور هئي.

(27)        مئرينَس سئنوٽَس، (1321ع) هڪ اصول جي ڳالهه ٿو ڪري ته: ’پادري اهو بوڇڻ زميني سفر ۾ نه اوڍيندو هو‘. هو قدرت جي مهربانيءَ سان ان اعتراض کي دور ٿو ڪري ۽ پهرين صليبي جنگ کان پنهنجي بُڇان جو اظهار ٿو ڪري. (سامونڊي سفر، ii,ii,i,37).

(28)        سينٽ برنارڊ جي باري ۾ مستند معلومات، سندس خود هن جي تحريرن ۾ ئي موجود آهي جنهن جو صحيح ڇاپو پيري مئبيليَن شايع ڪيو هو، ۽ جنهن کي 1750ع ۾ ٻيهر وينِس ۾ ڇَهن جُلدن ۾ ڇپرايو ويو هو. دوستيءَ ۾ جيڪو ڪجھ به يادگيرين جي سهاري تي لکجي ٿي سگهيو يا وهمن وسوسن ذريعي شامل ٿي سگهيو ٿي، اُهو سندس شاگردن ۽ عقيدتمندن طرفان ڇهين جُلد ۾ شامل ڪيو ويو آهي، يا جيترو ڪجھ به علم ۽ تنقيد جي زمري ۾ ماپي ٿي سگهيو، سو سمورو ڪجھ بينڊ ڪٽائين ايڊيٽر جي مُهاڳن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

(29)        ڪئروئڪس جنهن جو ٻيو نالو ائبسنٿ جي وادي آهي، اُها بار، سُراؤب جي جهنگلن سان گڏوگڏ شمپين ۾ آهي. سينٽ برنارڊ ته ڪليسا جي شان شوڪت کي ڏسي حيا ۽ شرم وچان ڳاڙهو ٿي ويو تنهن ڪري هن اچڻ  شرط لائبرري جي باري ۾ معلومات ورتي. مون کي خبر ناهي ته 800 ميوئڊس (پاڻياٺ جو ماپو) کي ڏسي هو خوش ٿئي ها جيڪو هيڊلبرگ کان به مٿي هليو ويو آهي. (XLVi,15-20).

(30)        سينٽ (بزرگ) جا مريد پنهنجي روحاني پيشوا جي عدم توجهي يا معصوم جي لاپرواهيءَ جو هڪ شاندار مثال ڏين ٿا. (iii,2,1232,vit,2da,16,45,1383) ’توڙي جو هُن لاسين ڍنڍَ جي ڪنارن سان سڄو ڏينهن پنڌ ڪيو، پر هن ان طرف ذري جيترو به توجهه نه ڏنو، ان حد تائين جو کيس اها خبر به ڪانه هئي ته هن ان کي ڏٺو به هيو. ڇو ته جڏهن ساڳي شام جو سندس ساٿي ڍنڍ جي خوبصورتيءَ بابت ڳالهائي رهيا هيا ته هن کانئن پڇيو ته اُها ڍنڍ ڪٿي ۽ ڪهڙي طرف هئي جنهن تي سندس سڀئي ساٿي ۽ مريد حيران ٿي ويا هيا‘. خبر ناهي ته پڙهندڙ سينٽ برنارڊ جي تعريف ڪندو يا نفرت، اُها سندس مرضي، باقي مون جهڙي ماڻهوءَ جي لائبرري جي دريءَ جي سامهون ان بي مثال قدرتي نظاري جهڙو منظر هئڻ ضروري آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org