سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:29

اُهي سردار، سرواڻ ۽ فوجي جيڪي مقدس مقبري ڏانهن ڪاهي هليا، آءٌ اُنهن لاءِ ايترو ضرور چوندس ته سڀئي جوش جذبي سان ڀريل هيا، هِن مهم کي جائز ٿي سمجهيائون، کين انعام ملڻ جي به لالچ هئي ۽ کين اهو به يقين هو ته خدا سندن مدد ڪندو. پر ساڳي وقت اهو به يقين اٿم ته ڪيترن جو ’فقط‘ اهو مقصد ڪونه هو ۽ ڪجھ ٻين جو وري ڪو ٻيو اصول هيو. مذهب جي جائز يا ناجائز روَين کي، جيڪي قومي ثقافت جو حصو بنجي ويندا آهن، عارضي طور روڪڻ ته شايد ممڪن هوندو آهي باقي اُهي ايترا مضبوط ۽ اڻٽر هوندا آهن جو اُنهن کي ان ثقافتي ورثي مان ڌِڪي ٻاهر ڪڍڻ ڪنهن جي به وَس ۾ نه هوندو آهي. جيڪڏهن بربرن جي ذاتي جنگين جي پس منظر کي ڏسجي ته لڳندو ته اُهي رت جي راند به کيڏندا هيا، شهواني شغلن کي به جاري رکندا هيا، ته عدالتي ڪُشتيون به وڙهندا هيا، اُتي ۽ اهڙن موقعن تي پادري توڙي امن امان قائم رکڻ جا ادارا، اَڻ اثرائتين ڀڀڪين ڏيڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪجھ به نه ڪري سگهندا هيا. اهو ڪم ته آسان آهي ته يونانين ۾ مابعدالطبيعاتي بحث ڇيڙي کين مشغول ڪري ڇڏجي، لاقانونيت ۽ آمريت جي ماريل مظلومن کي ڪنهن مڙهي يا خانقاهه ۾ موڪلي ڇڏجي، يا غلامن ۽ ڊڄندڙ بزدلن جي صبر جي تعريف ڪري اُنهن کي مقدس بنائي ڇڏجي يا وري جديد عيسائين جي انسانيت ۽ سندن ڀائيچاري جي عَلمبرداري قبول ڪري ڇڏجي. جنگ ۽ وزرش، فرئنڪن ۽ لاطينيُن جي حڪومتي ڪمزوري هئي، کين ڪفاري ادا ڪرڻ جو تاڪيد ان ڪري ڪيو ويو هو ته پنهنجي ساڳئي شوق ۽ جذبن کي اڳتي وڌائي اُنهن کي خوش ڪن ۽ ڀلي ڏورانهن ملڪن ڏي اڳتي وڌن ۽ اوڀر جي ملڪن ۽ قومن خلاف پنهنجون ترارون مياڻ مان ٻاهر ڪڍن. سندن فتح توڙي فقط ڪوشش به کين اَمر بڻائي ڇڏيندي ته اِهي ڪليسا جا سچا جنگي جوڌا هيا ۽ نِج نيڪي ڪڏهن به فوجي شان شوڪت جي اُميدن کان پُٺيري ٿي نٿي سگهي. يورپ جي ننڍي سطح جي جهڳڙن ۾، ڪنهن قلعي يا ڳوٺ تي قبضي ڪرڻ لاءِ به، اُهي پنهنجن دوستن ۽ هم وطني ماڻهن کي به مارڻ ۾ دير نٿا ڪن. اُهي پري وارن ۽ دشمن قومن خلاف ڪاهه ڪرڻ ۾ ڦُڙتي ڏيکارن ٿا جيڪي سندن ئي فوجن سان وفادار رهيا هيا(*)؛ هو پنهنجي تصور ۾ اڳيئي ايشيا جا حاڪم بڻجي ويا هيا ۽ نارمنس طرفان اپوليا ۽ سِسلي جي فتح، هڪ ذاتي طور مهم هلائيندڙ شخص جي اُميدن کي تمام مٿاهون ڪري ڇڏيو هيو. پنهنجي جدا حيثيت رکندڙ عيسائيت، مسلمان ملڪن جي آبهوا ۽ زرخيزي سندن فطري توڙي مصنوعي دولت کان يقيني طور تي متاثر ۽ مرعوب ٿي هوندي ته ساڳئي وقت حاجين جي قافلن، قصن ۽ سندن وڻج واپار به سندن توجهه ڇڪرايو هوندو. سادا ۽ جاهل ماڻهو جن ۾ وڏا توڙي ننڍا، شامل هيا، هرکائيندڙ داستانن تي اچرج ۾ پئجي ويندا هيا، مثال طور کين ٻڌايو ويندو هو ته هُتي اهڙيون زمينون آهن جتي کير ۽ ماکيءَ جون نهرون ٿيون وَهن، جتي کاڻيون ۽ خزانا آهن، سون ۽ هيرا آهن، ماربل جا محل آهن دالچيني جي وڻن جا خوشبودار جهُڳٽا ۽ لوبان جي دولت آهي. زمين تي موجود هن بهشت لاءِ هر جنگجو جوڌي پنهنجي ترار جي طاقت تي ٿي ڀاڙيو ته جيئن اهڙي حسين جڳهه تي هو وڃي خيما کوڙي جنهن کي هن پنهنجي تصور ۽ اندر جي خواهش موجب بيحد خوبصورت سمجهيو هو(30). سندن نوڪرن ۽ خادمن پنهنجي قسمت جو فيصلو الله تعاليٰ تي ڇڏي ڏنو هو ته ساڳي وقت سندن مالڪ تي به سندن ڀروسو هيو: ترڪي جي هڪ امير جي لُٽ ڦُر مان به کين ججهو مال ملي ويندو هو تنهن کان سواءِ اُتي شرابن جا به ڪيئي قسم ۽ ذائقا هيا ته يونان جي عورتن جي خوبصورتي جي ڪشش(31) وري نرالي هئي ۽ هي سڀ ڪشش ڪندڙ شيون فطري حسن جو حصو هيون، ۽ صليبي متوالن جي معمول کان مختلف هيون. هر هڪ کي آزاديءَ سان پيار هيو ۽ خاص طرح اُنهن بيشمار مظلومن کي وڏو جوش هو جيڪي سرداري يا وڏيرڪي نظام يا وري ڪليسائي ظلم جا ستايل هيا. هاري ناري توڙي شهري جيڪي ڪليسا جي غلاميءَ ۾() جڪڙيل هيا، پاڪ نشاني هيٺ، پنهنجي ظالم مالڪ کان ڀڄڻ جي تيارين ۾ هيا ۽ پنهنجي ڪٽنب سميت اُتي دائمي ديرا ڄمائڻ ٿي چاهيائون جتي آزاديءَ جون نعمتون موجود هجن. ويراڳين به خانقاهه جي نظم مان پاڻ کي آزاد ڪري ڇڏيو هو؛ قرضدارن وياج ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو پر قرض ڏيندڙن، قانون ڀڃيندڙن ۽ معاشري جي بدخواهه ماڻهن، جنهن ۾ هر ذات شامل هئي، قانون جي ديده دليريءَ سان ڀڃڪڙيءَ ٿي ڪئي ۽ پنهنجن ڏوهن جي سزائن کان ڪنهن به طريقي سان بچڻ ٿي چاهيائون(32).

هي مقصد وزندار ۽ گهڻا هيا، جڏهن اسان هِنن جي اهميت کي هر ماڻهوءَ جي ذاتي ذهني صلاحيت موجب پرکيو ته اسان کي ان جون گهڻيون شاخون نظر آيون، ۽ جن ۾ مثال ۽ فئشن جا تمام گهڻا انداز موجود هيا. سڀني کان اڳ پراڻو مذهب مٽائي نئون اختيار ڪندڙ ڪليسا جا سخت جوشيلا پرچارڪ ٿي ويا، هنن پنهنجون ڊيوٽيون ۽ ذميواريون پنهنجن دوستن ۽ پنهنجن ملڪي ماڻهن کي سمجهايون ۽ پنهنجي پاڪ عهد کي ٻيهر ورجايو ۽ جن اهو پرچار يا تقريرون بي دليءَ سان به ٻڌيون هيون ته اُهي به عيسائيت اختيار رکڻ وارن اُنهن جوشيلن جوانن ۾ شامل ٿي ويا جن عهد کي اڳ ۾ ئي قبول ڪري ڇڏيو هو. جنگجو نوجوانن تي طعنن، شڪن ۽ بزدليءَ جي تيرن جو وسڪارو شروع ٿي ويو، اهو شايد ان ڪري ڪيو ويو ته کين جوش ڏياريو وڃي؛ ۽ هاڻي مقدس مقبري تي وڃڻ جي خواهش هر نوجوان، ٻڍي ٻار، عورتن توڙي اپاهجن ۾ هڪ جيتري چاهَه سان جاڳي اُٿي جن پنهنجي طاقت جي بجاءِ جوش جذبن کي وڌيڪ اهميت ٿي ڏني ۽ جن شام جو پنهنجن ساٿين جي ڪاهلي ۽ بزدليءَ تي مٿن ٺٺوليون ٿي ڪيون، اُهي ئي ٻي صبح تي پنهنجن ساٿين کان به جذبن ۾ اڳرا نڪتا ۽ سندن ئي نقش قدم تي هلڻ لڳا. مهم جي اڻڄائيءَ جي ڪري اُميدون گهڻيون وڌي ويون هيون ۽ رستي جا خطرا گهٽجي ويا هيا. ترڪن جي سوڀن کان وٺي، حج تي سفر ڪرڻ جا رستا تباهه ٿي چڪا هيا، خود سرواڻن ۽ اڳواڻن کي ڀي رستن جي ڊگهائيءَ جي ڄاڻ ڪانه هئي ۽ نه وري کين اهو علم هو ته سندن دشمن ڪهڙن رستن تي آهن يا ڪهڙا رستا سفر لاءِ وڌيڪ محفوظ آهن ۽ ماڻهن جي بي وقوفي جي حد اها هئي جو جيڪو به پهريون شهر يا قلعو کين نظر ٿي آيو جنهن جي ڄاڻ اڳ کين ڪانه هئي ته اُنهن هڪدم ماڻهن کان پڇيو ٿي ته اهو جيروسلم ته نه هو؟ ان جي باوجود صليبي جنگ ۾ حصو وٺندڙ جيڪي ڪجھ دؤرانديش هيا ۽ جن کي اهو يقين ڪونه هو ته کين بهشتي کاڌو، جن ۾ تترن جهڙا پکي يا اُهو کاڌو جيڪو رڻ پٽ ۾ اسرائيلين کي مليو هو، ملندو، پاڻ کي قيمتي ڌاتن جو تحفو ڏنائون جيڪي هر ملڪ ۾ هر جنس جي نمائندگي ڪندڙ هوندا آهن. رستي جي خرچن کي رُتبن جي حساب سان ورهايو ويو هو، بادشاهن پنهنجن صوبن کي الڳ ڪري ڇڏيو هو(*) ۽ اميرن پنهنجون زمينون ۽ قلعا جدا ڪري ڇڏيا هيا ۽ هارين نارين پنهنجا مال ڍڳا يا هارپ جي سامان کي الڳ ڪري ڇڏيو. بيشمار ماڻهن طرفان معاوضي ادا ڪرڻ کان پوءِ ملڪيت جي اگهه کي هيٺ ڪيو ويو هو جڏهن ته هٿيارن ۽ گهوڙن جا اگهَه چوٽ چڙهي ويا هيا ڇاڪاڻ ته اُنهن جي گهُرج تمام وڌي وئي هئي ۽ خريدار اُنهن کي وٺڻ لاءِ بيچين هيا(33). جيڪي عقلمندي ڪندي پنهنجن گهرن ۾ رهيا اُنهن ۾ وبا جي بيماري ڦهلجي وئي ۽ حاڪمن، پنهنجن ئي خادمن جا علائقا حاصل ڪري ڇڏيا جيڪي کين ڀڳڙن جي مُٺ عيوض مليا ۽ جيڪي ڪليسا جا خريدار هيا اُنهن کي جيڪي پئسا ڏيڻا هيا، پنهنجي عبادتن ۽ دعائن سان موٽائڻ جو واعدو ڪري ڇڏيائون. صليب جي نشاني جيڪا گهڻو ڪري ڪپڙن مٿان سِبي ويندي هئي، ڪيترن جذباتي ماڻهن ان کي پنهنجي چمڙيءَ تي اُڪرائي ڇڏيو جنهن جي لاءِ يا ته گرم ٿيل لوهي سيخ يا وري نه ڊهندڙ مَسُ جو استعمال ڪيو ويو ۽ هڪ ويراڳي جنهن صليب جي نشاني پنهنجي سيني تي اُڪرائي هئي، اُهو عزت ۽ احترام حاصل ڪرڻ ۾ اُٻهرو هو ۽ اُهو فلسطين جو شاهوڪار ترين شخص ۽ ڪليسائي جاگير جو مالڪ هيو(34).

ڪلرمانٽ جي ڪائونسل ۾ زيارتين جي روانگي جي تاريخ 15 آگسٽ مقرر ڪئي وئي هئي، پر ڏينهن جي مقرري عام ماڻهن طرفان بغير ڪنهن سوچ ويچار ڪرڻ جي ڪئي وئي هئي ۽ آءٌ مختصر طور تي، سردارن ۽ سرواڻن جي ڪامياب مهم کان اڳ، اُنهن تڪليفن ۽ اذيتن جو ذڪر ڪندس جن منجهان زيارتين کي گذرڻو پيو هو. فرانس ۽ لورين جي سرحدن کان، بهار جي موسم ۾ لڳ ڀڳ سٺ هزار مردن ۽ عورتن جو قافلو صليبي پرچارڪ جي اڳواڻيءَ ۾ روانو ٿيو، مقدس مقبري ڏانهن ويندي ماڻهو نهايت جذباتي ٿي رهيا هيا. ويراڳي وٽ نه صلاحيت هئي ۽ نه اڳواڻي ڪرڻ جا وٽس اختيار هيا پر هو پنهنجن معتقدن جي چاهه ۽ ويساهه تي اڳتي وڌندو رهيو ۽ اهڙيءَ ريت سندن قافلو رائين ۽ دنيوب ندين جي ڪنارن کان گذري رهيو هو. سندن تعداد ۽ سندن گهُرجُن جلدئي کين هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ سندس نائب سُڃي والٽر، هڪ بهادر پر ضرورتمند سپاهي زيارتين جي سامهون واري جٿي جي ڪمان ٿي ڪئي جن جي حالت اها هئي جو وٽن اَٺ گهوڙي سوار ۽ پندرهن هزار پيادل زيارتي هيا. هڪ راهب گوڊسڪل ويراڳي پيٽر جي مثال جي پوئواري ڪندي سندس نقشِ قدم تي هلي رهيو هو جنهن جي تقرير جي نتيجي ۾ جرمني جي ڳوٺن مان پندرهَن کان ويهه هزار هاري ٻاهر نڪري آيا هيا. سندن قافلي جي پٺئين حصي کان ٻن لک ماڻهن کين اچي سوڙهو ڪيو جيڪي ماڻهن ۾ ڦوڳ جيان بيڪار ۽ احمق هيا جيڪي عقيدتمندن سان گڏجي سڏجي ويا ۽ بنا دير اُنهن قافلي وارن کي ڦُر لٽ ڪري تاراج ڪرڻ شروع ڪيو، هر طرف افراتفري پکڙجي وئي جنهن جو ناجائز فائدو وٺندي هنن شراب جي نشي ۾ ڌُت بڻجي زناڪاري به شروع ڪري ڏني. انهن ۾ ڪجھ نواب ۽ وڏي رتبي وارا ماڻهو به هيا جن وٽ ٽي هزار گهوڙا هيا ۽ بيشمار ماڻهو لُٽ جي مال جمع ڪرڻ ۾ لڳي ويا ۽ ٻين تي به زور ڀريو ويو ته اُهي به ان ۾ شامل ٿين پر سندن اصلي اڳواڻ هڪ ’قاز (پکي) ۽ هڪ ٻڪري‘ هيا جن کي هو اڳيان کنيون ٿي هليا ۽ جن جي لاءِ مانائتن عيسائين مشهور ڪيو هيو ته اهي ٻئي خدائي روح جو تَتُ هيا(35). هنن ۽ اهڙن ٻين مذهبي جوشيلن جي جٿن جي پهرين جنگ يهودين جي خلاف هئي جيڪي، سندن عقيدي موجب، خدا جي پٽ جا قاتل هيا. موسيل ۽ رائين جي وڻج واپار وارن شهرن ۾ سندن تعداد تمام گهڻو هو ۽ شهنشاهه طرفان سندن حفاظت جو به کين يقين ڏياريو ويو هيو ۽ اتان جي پادرين طرفان سندن مذهبي آزادي جي به کين اجازت مليل هئي(36). پر هزارين يهودين کي نه رڳو لٽيو ڦريو ويو پر سندن وڏي تعداد کي، وردون، ٽريوز، مينز، اسپائرس ۽ ورمس ۾ قتل ڪيو ويو، هر طرف ڏهڪاءُ ڦهلجي ويو ڇو ته هئڊرئن(*) طرفان اذيتن ملڻ کان پوءِ وري هي ٻيو موقعو هو جو ساڻن رت جي راند رچائي وئي هئي. باقي جيڪي رهيل هيا اُنهن کي پادرين جي مداخلت ذريعي بچايو ويو ۽ وڳوڙين طرفان سندن مصنوعي نوعيت جي ڳالهين کي مڃيو ويو پر ضِدي ۽ هٺيلن يهودين سندن توڙي عيسائين جي مڪاري وارين ڳالهين جي سختيءَ سان مذمت ۽ مخالفت ڪئي، پنهنجن گهرن کي بند ڪيائون، ۽ پنهنجي پاڻ کي، پنهنجن ڪٽنبن ۽ پنهنجي دولت کي يا ته ندين ۾ اڇلايائون يا ساڙي ڇڏيائون پر دشمنن جي ذلت آميز سلوڪ کان پاڻ کي بچايائون.

 

پهرين صليبي جنگ جا نتيجا- 1100ع

آسٽريا ۽ بازنطيني بادشاهت جي سرحدن جي وچ ۾ صليبي ماڻهن کي هنگري(38) ۽ بلغاريا جي ويران ۽ سنسان رڻ پٽن مان ڇهه سؤ ميلن جو واڌارو پنڌ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. زمين ڪارائتي آهي جنهن منجهان نديون پار ڪن ٿيون، پر ان زماني ۾ اُتي ڌٻڻون ۽ گهاٽا ٻيلا هوندا هيا جيڪي لڳندو هو ته خبر ناهي ڪٿان کان شروع ٿيا ۽ ڪٿي وڃي کُٽا يا ختم ٿيا، ۽ هي نظارو فقط تڏهن نظر ايندو آهي جڏهن انسان زمين جي مٿان رهڻ يا پنهنجي حڪومتي حق کان دستبردار ٿي ويندو آهي. ٻئي قومون مذهبي لحاظ سان عيسائيت طرف مائل هيون، هنگري تي مقامي بادشاهه حڪومت ڪندو هو جڏهن ته بلغاريا تي يونان جي شهنشاهه جو هڪ نائب حڪومت ڪندو هو پر ٿوري گهڻي ڳالهه تي ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي خوفناڪ طبيعت ۾ باهه جي تپش اچي ويندي هئي ۽ خاص طرح تي اهو موقعو تڏهن آيو جڏهن پهريَن زيارتين سندن ملڪن مان گذرندي هنن لاءِ گرٻڙ ۽ انتشار پيدا ڪيو. هنن ماڻهن ۾ زراعت جي پيشي جي ڄاڻ نه هئڻ جي برابر هئي ۽ سندن گهر ڪانن ۽ ڪاٺ جا ٺهيل هيا، جن کي ماڻهو ريڍارن ۽ شڪارين لاءِ جهنگل ۾ ڇڏي هليا ويندا هيا. هو کاڌي خوراڪ جون شيون ٻين ماڻهن کان رعب سان گهرندا هيا يا وري کانئن زوري زبردستيءَ سان وٺندا هيا ۽ هَٻڇ مان کائيندا هيا، پهريون جهيڙو تڏهن ٿيو جڏهن صليبين کين چيڙائي آپي مان ڪڍي ڇڏيو. پر پنهنجي ملڪ، جنگ ۽ نظم ۽ ضبط کان سندن مڪمل لاعلمي، سندن حيثيت کي ماڻهن اڳيان وائکو ڪري ڇڏيو هيو. بلغاريا جي يوناني مُنهندار، هنگري جي بادشاهه جي اشاري تي فوج جي ڪمان ٿي ڪئي، اٺين يا ڏهين نمبر وارن جنگجُو رعيت جي ماڻهن پنهنجن تير ڪمانن کي تحرڪ ۾ آندو ۽ پنهنجن گهوڙن تي سواريءَ جا سانباها ڪيا. سندن ارادا خطرناڪ ۽ مڪاري وارا هيا ۽ هنن پاڪباز لُٽيرن خلاف سندن رد عمل خطرناڪ ۽ خوني قسم جو هو(39). پناهه وٺندڙن مان ٽئين حصي تي ماڻهو اگهاڙا هيا جن ۾ راهب پيٽر به شامل هيو، اُهي سڀئي ٿريس جي جبلن ڏانهن کِسڪي ويا ۽ شهنشاهه، جنهن کي زيارتين لاءِ وڏي عزت هئي ۽ جنهن لاطيني ماڻهن جي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي هئي، کين خيريت ۽ حفاظت سان قسطنطنيہ پهچايو ۽ کين صلاح ڏني ته پنهنجن ڀائرن جي پهچڻ تائين انتظار ڪن. ڪجھ گهڙين لاءِ هنن پنهنجين غلطين ۽ نقصانن کي ويهي ورجايو پر جيئن ئي کائڻ پيئڻ ۽ پنهنجي خاطر تواضع کان واندا ٿي تازا توانا ٿيا ته ٻيهر پنهنجي محسن خلاف زهر اوڳاڇڻ شروع ڪيائون ۽ خاص طرح پنهنجي مهربان کي ڏنگَ هڻڻ شروع ڪيائون ۽ سندن ڦرمار به شروع ٿي وئي جن کان باغ باغيچا، محلات توڙي ڪليسائون به محفوظ نه رهيون. پنهنجي ذاتي بچاءَ لاءِ اليگزيَس کين لالچ ڏني ته هو باسفورس جي ايشيا واري طرف ڏي پهچي وڃن، پر سندن انڌي اُٻهرائيءَ سبب هنن اُها جڳهه به ڇڏي ڏني جيڪا کين ڏني وئي هئي، ۽ هو غلطي ڪري ترڪن خلاف ڪاهي ويا جن اڳيئي جيروسلم ڏانهن ويندڙ سڀئي رستا بند ڪري ڇڏيا هيا. راهب، جيڪو پنهنجي شرمندگيءَ کان واقف هيو، پنهنجي ڪئمپ کي ڇڏي قسطنطنيہ هليو ويو هيو ۽ سندس نائب يعني سُڃو والٽر جيڪو بهتر ڪمان ڪرڻ جي لائق هيو، هن ڪوشش ڪئي ته جهنگلين ۽ وحشين جي وڏي تعداد ۾ ڪا فضيلت ۽ ڪجھ دورانديشي ۽ نظم ۽ ضبط جو جذبو منجهن پيدا ڪري پر هو پنهنجين ڪوششن ۾ ناڪام رهيو. هو ٻين کان جدا فقط هن ڪري ٿيا هيا ته ڪنهن کي شڪار ڪري سگهن پر بدقسمتيءَ سان پاڻ سلطان جي حڪمت عمليءَ جو شڪار ٿي ويا. هڪ افواهه اُٿيو ته سندن ويجها ساٿي گاديءَ جي هنڌ ۾ لُٽ ڦر جي مال تي جهڳڙو ۽ فساد برپا ڪري رهيا هيا، ته سليمان پنهنجن خاص ماڻهن کي لالچ ڏني ته اُهي نائيسيا جي ميدان تي هيٺ لهي وڃن، هنن ائين ڪيو ۽ فسادي ترڪن جي نيزن ۽ تيرن جي وسڪاري هيٺ اچي ويا ۽ اُتي هڏن جو هڪ ڍير لڳي ويو(40)، اهڙيءَ طرح سندن ساٿين کي سندن شڪست جي جڳهه ٻڌائي وئي. پهرين صليبيُن منجهان، ٽي هزار اڳ ۾ ئي تباهه ٿي چڪا هيا، ۽ کين سخت ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پيو هو ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن هڪ شهر کي به لادينن کان آزاد نه ڪرائي سگهيا هيا، پر ان کان اڳ سندن ٻين وڌيڪ معزز ڀائرن ۽ سندن ساٿين پنهنجي مُهم جي تياري ڪري ڇڏي هئي(41).

يورپ جي ڪنهن به وڏي حاڪم پهرين صليبي جنگ ۾ ذاتي طور حصو نه ورتو. شهنشاهه هينري چوٿون، پنهنجي پادري جي حڪمن مڃڻ لاءِ تيار نه هيو، فرانس جو فلپ پهريون پنهنجين عياشين ۾ غرق هو، انگلنڊ جو وليَم رُوفَس پنهنجي تازي فتح کي ملهائي رهيو هو، اسپين جا بادشاهه اتان جي مسلمانن سان هڪ مقامي لڙائيءَ ۾ مصروف هيا، ۽ اتر ۾ اسڪاٽلئنڊ، ڊينمارڪ(42)، سئيڊن ۽ پولنڊ جا حاڪم ڏکڻ جي ملڪن جي دلچسپين ۽ اُنهن جي جذبن کان ناآشنا هيا، تنهن ڪري اُنهن پنهنجي لاتعلقي ڏيکاري هئي؛ جيڪي ننڍا ننڍا حاڪم يا بادشاهه هيا، اُنهن مذهبي روَين جي وڌيڪ ڪاڻ ٿي ڪڍي ۽ اُنهن جو تذڪرو چئن عنوانن هيٺ ايندو جنهن ۾ سندن نالا ۽ ڪردار به خود بخود اچي ويندا پر آءٌ ڳالهيون ورجائڻ بدران ان خيال جو آهيان ته فوجي هٿيارن جو استعمال ۽ ان جي لاءِ گهُربل همت عيسائي مهم ڪندڙ ماڻهن جو ڄڻ هڪ ورثو آهي. I جنگ توڙي امن ۾ سڀني کان پهريون رتبو بولن جي گاڊفري جو آهي، ۽ صليبين لاءِ اها ڪيڏي نه خوشيءَ جي ڳالهه هجي ها جيڪڏهن اُهي هن مڃيل سپوت جي اڳواڻي قبول ڪندي سندس پٺيان هلن ها، جيڪو چارليمئگني جو بيحد لائق نمائندو هيو ۽ جنهن سان هو عورتن جي شجري ۾ منسلڪ به رهيو هو. سندس پيءُ بولون جي نوابن جي خاندان منجهان هيو؛ لورين(43) جو هيٺيون صوبو برئبَنٽ سندس ماءُ کي ورثي ۾ مليل هيو ۽ شهنشاهه جي مهربانين سان، کيس پاڻ کي به نواب جو خطاب مليل هو جيڪو غلط طريقي سان آرڊينِس(44) جي سردارن ڏانهن منتقل ٿي ويو هو. هينري چوٿين جي خدمت ۾ ڪم ڪندي هن سڄي شهنشاهت ۾ پنهنجي ملڪ جو مان مٿاهون ۽ جهنڊي کي بلند رکيو، ۽ هڪ باغي بادشاهه رُوڊولف جي سيني ۾ پنهنجي هٿ سان نيزو کُپايائين: گاڊفري پهريون هو جيڪو روم جي ديوارن تي چڙهيو، ۽ سندس بيماري، سندس عزم ۽ شايد سندس پڇتاءُ ته هن پادري خلاف هٿيار استعمال ڪيا هيا، ان ڳالهه جي تصديق ٿي ڪئي ته هن ’مقدس مقبري تي وڃڻ جو جلد فيصلو ڪري ورتو هو پر هن اهو فيصلو هڪ زيارتي جي حيثيت جي بجاءِ ان کي ڇوٽڪاري ڏيارڻ خاطر ڪيو هو. سندس بهادريءَ سان گڏ وٽس دورانديشي ۽ اعتدال پسندي جون صلاحيتون هونديون هيون؛ سندس خدا پرستي توڙي جو سخت اصولن واري هوندي هئي پر ان ۾ اخلاص هوندو هو ۽ جڏهن سندس فوجي ڪئمپ ۾ وڳوڙي حالتون پيدا ٿيون ته هن پنهنجي رَويي ۾ خانقاهي وصفون ملائي ڇڏيون ته جيئن ماڻهن جي مزاج مطابق معاملي کي سلجهائي سگهجي. هو پنهنجي اهليت ۽ لياقتن ۾ پنهنجي دؤر جي ساٿي بادشاهن کان گهڻو مٿاهون هو پر حضرت عيسيٰؑ جي دشمنن جو پڪو دشمن هيو ۽ توڙي جو هو بادشاهي تخت تي، فقط پنهنجين ذاتي ڪوششن سان ويٺو هو، پر تڏهن به سندس نِج ۽ سچن جذبن جي تعريف سندس مخالف پڻ ڪندا هيا. بولن(45) جي گاڊفري سان سندس ٻه ڀائر گڏ هيا: ايوسٽيس وڏو، جيڪو بعد ۾ بولون جو تخت ڌڻي ٿيو، ۽ ننڍو بالڊوِن جيڪو هڪ مشڪوڪ ڪردار جو مالڪ هيو. لورين جو نواب، رائين جي ٻنهي پاسن ۾ مقبول شخص هو، ڄم ۽ تعليم جي لحاظ سان هو فرانسيسي توڙي ٽيوٽونڪ ٻئي ٻوليون چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو. فرانس، جرمني ۽ لورين جي اميرن، پنهنجن نوڪرن ۽ خادمن کي گڏ ڪيو ۽ ماڻهن جي هڪ اجتماعي طاقت جيڪا سندس اڳواڻيءَ ۾ اڳتي وڌي ان ۾ اسي هزار پيادا، ۽ ڏهه هزار گهوڙي سوار شامل هيا. II ڪلرمانٽ جي وڏي اجلاس کان ٻه مهينا پوءِ پئرس ۾ وڏي پئماني تي هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن ۾ هُو (Hugh)، جيڪو ورمئنڊوز جو نواب هو، ۽ جيڪو بادشاهن جي صف ۾، پنهنجي صلاحيت ۾ سڀني کان وڌيڪ نمايان هو، بادشاهه جي موجودگيءَ ۾ صليبي جهنڊو ان جي سپرد ڪيو ويو. پر عظمت جو لقب، سندس صلاحيتن ۽ دولت کان وڌيڪ  فرانس(46) جي بادشاهه جي ڀاءُ جي شاهي ڄَم سبب کيس ڏنو ويو. نارمنڊي جو امير رابرٽ، وليَم جو وڏي ۾ وڏو پٽ هيو جنهن جو لقب ’وليم- سوڀارو‘ هوندو هو، پر سندس پيءُ جي موت کان پوءِ، کيس انگلنڊ جي بادشاهت کان محروم ڪيو ويو هو ڇو ته ان ۾ هڪ ته سندس پنهنجي ڪاهلي جو هٿ هو، ٻيو وري سندس ڀاءُ روفَس جي روَين جو به هڪ سبب هيو. رابرٽ ۾ ڪا اهليت ڪانه هئي تنهن ڪري کيس بي عزتو ڪيو ويو هو ڇاڪاڻ ته هن جي طبيعت ۾ هلڪڙائي ۽ اجائي آڪڙ جون خاميون موجود هيون، هو گهڻو خوش فقط ان ڪري رهندو هو جو سندس گهڻو وقت عياشين ۾ گذرندو هو؛ ۽ سندس سخا ۽ فياضي به منفي قسم جي ان حد تائين هئي جو هو پاڻ ته سکيو هو پر ماڻهو ۽ ملڪ ٻئي سندس شاهه خرچين جي ڪري سُڃا ٿي ويا هيا؛ سندس بيجا رحمدليءَ سبب ڏوهه وڌي ويا هيا، آخر ۾ ائين کڻي چئجي ته هڪ خانگي انسان جا ظاهري طرح وڻندڙ گُڻ، هڪ حاڪم جي حيثيت ۾ اُن جا اَوگڻ بڻجي ويا. فقط ڏهن هزارن مارڪن (سِڪو) جي معمولي رقم جي عيوض هن نارمنڊي کي انگلنڊ جي غاصب(47) وٽ گروي رکي ڇڏيو هو، پر مقدس جنگ ۾ سندس روَيو توڙي ڪردار اهڙو هو جو ماڻهن کي رابرٽ ۾ هڪ مثبت تبديلي نظر آئي جنهن سبب، ماڻهن جو منجهس اعتماد، ڪنهن حد تائين بحال ٿي ويو. هڪ ٻيو رابرٽ به هيو جيڪو فلانڊرس جو مُنهندار هيو ۽ هي هڪ شاهي صوبو هيو جنهن هن صدي ۾ ٽي راڻيون، فرانس، انگلنڊ ۽ ڊينمارڪ کي ڏنيون هيون جن انهن ملڪن جا تخت سجايا هيا. سندس لقب ’عيسائين جي ترار ۽ نيزو‘ هو پر هڪ سپاهي جي ڪارنامن ۾ هن هڪ جنرل جون ذميواريون وساري ڇڏيون هيون. اسٽيفن، جيڪو چارٽريس، بلوئس، ۽ ٽرائز جونواب هو، پنهنجي وقت جي بادشاهن ۾ سڀني کان شاهوڪار هيو ۽ سندس قلعن جي تعداد کي سال جي ٽي سؤ پنجهٺ ڏينهن سان ڀيٽيو ويو آهي. علم ادب سان سندس ذهن سرشار هيو، ۽ سردارن جي اجلاس ۾، تقرير جي ماهر اسٽيفن(48) کي، سندن صدر جي جڳهه تي ويهاريو ويو. هي چار ماڻهو فرانس، نارمنڊي ۽ برطانيه جي ٻيٽن جا ليڊر هيا پر سندن اميرن جي لسٽ جن مان هر هڪ وٽ ٽي يا چار شهر هوندا هيا، جيڪي ان وقت جو هڪ تاريخدان تبصرو ڪندي چوي ٿو ته: ’ٽراجن جي جنگين جي لسٽ کان به گهڻا هيا،(49) III فرانس جي ڏکڻ ۾، پاءِ جي بشپ اڌيمر کي ڪمان ڏني وئي هئي، جيڪو پوپ جو نمائندو هو، ان کان سواءِ ريمنڊ جيڪو سينٽ گائيلز ۽ ٽولوز جو نواب هو اُن، ناربون جي امير کي وڏا لقب عطا ڪيا هيا ۽ پراوينس کي پڻ اميريءَ جو لقب ڏنو هو. پهريون هڪ معزز نائب پادري هو ۽ هو دنيا توڙي عقبيٰ جي لاءِ نهايت ئي نيڪ فطرت شخص هو. جنهن جو ذڪر بعد ۾ ڪيو ويو آهي اُهو بهادر ويڙهاڪ هيو جيڪو اسپين جي مسلمانن سان جنگيون وڙهي چڪو هو. جنهن پنهنجي جهُرندڙ عمر کي، نه فقط ڇوٽڪاري لاءِ پر مقدس مقبري جي دائمي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. سندس تجربي ۽ دولت کيس عيسائي دنيا ۾ وڏي رتبي تي رسائي ڇڏيو هو، ۽ جن جي تڪليفن ۽ اذيتن کي هو اڪثر ڪري دور ڪندو رهندو هو. پر هن لاءِ اهو وڌيڪ آسان هو ته لامذهبن کان به پنهنجي تعريف ۾ ڪجھ جملا ڳالهرائي وٺي بجاءِ ان جي جو پنهنجي رعيت جي ماڻهن ۽ سندس ٻين ساٿين جي محبت کي حاصل ڪري سگهي. سندس سٺين خاصيتن تي سندس تيز طبيعت، هٺ، هوڏ، حسد ۽ ضد جون اوڻايون ڇانئجي ويون ۽ توڙي جو هن پنهنجي ورثي جو گهڻو حصو الله جي راهه ۾ خرچ ڪري ڇڏيو، تڏهن به سندس نيڪي ۽ خدا پرستي ماڻهن جي نظر ۾، حرص ۽ لالچ سان ڀريل هئي(50)، سندس ڳوٺاڻن ماڻهن(51) ۾ واپاري ذهن جي بجاءِ جنگي لاڙو گهڻو هو، اهڙن ماڻهن سان ڀريل شهرن ۾ آورن ۽ لئنگئيڊاڪ(52) اچي وڃن ٿا ته ساڳئي وقت برگنڊي يا آرلس جي بادشاهتن جا نوڪر چاڪر به شامل آهن. ڀرپاسي واري ملڪ اسپين مان، هن سخت جان ماڻهن کي گڏ ڪيو، ۽ جيئن هو قافلي سوڌو لومبارڊي مان گذري رهيو هو ته اٽلي وارن جو هڪ وڏو هجوم سندس جهنڊي هيٺ اچي ويو ۽ هاڻي سندس ماڻهن جو تعداد هڪ لک گهوڙي سوار ۽ ٻيا بيشمار ماڻهو پيادل ٿي هليا. جيڪڏهن پنهنجو نالو داخل ڪرائيندڙن ۾ ريمنڊ سڀني کان پهريون پر منزل ڏي هلڻ وارو آخري شخص هيو ته ان جي دير ڪرڻ کي ان ڪري معاف ڪري سگهجي ٿو ته هن مهم لاءِ سندس تياريون سڀني کان وڏيون هيون ۽ سندس اهو ارادو يا پڪو واعدو هو ته سندس طرفان هيءَ دائمي الوداعي واري مهم هوندي. IV بوهيمنڊ جو نالو جيڪو رابرٽ گسڪارڊ جو پٽ هو، اُتي اڳيئي مشهور هو ڇاڪاڻ ته هو يونان جي شهنشاهه(*) جي خلاف ٻه ڀيرا فتح حاصل ڪري چڪو هيو پر سندس پيءُ جي وصيت جي ڪري هو فقط ٽرينٽم جي ميونسپالٽي جي حدن تائين سوگهو ٿي ويو هو ۽ ٻيو ته اوڀر ۾ سندس کٽيل ٽرافيون به کيس ياد هيون، پر پوءِ اوچتو هڪ افواهه کيس جاڳائي ڇڏيو هو ته فرانسيسي زيارتين جو قافلو اتان گذري رهيو هو. اها فقط نارمن سردار جي خوبي آهي ته سندس پاليسي سدائين دورانديشي واري هوندي آهي ۽ جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي مذهبي جنونيت موجود نه هوندي آهي. سندس سٺو ڪردار ان ڳالهه مان پڌرو آهي ته هن وڏي پادري جي ارادن بابت مخفي گفتگو ڪئي هئي جنهن جي تائيد به پاڻ جوش جذبي ۽ ڪجھ حيرت مان ڪئي هيائين، ڄڻ ماڻهن کي اهو تاثر ٿي ڏنائين ته کيس ڪنهن ڳالهه جي خبر ئي ڪانه هئي. املفي جي گهيري وقت، سندس مثال ۽ ڳالهين ٻولهين جي ڪري گڏيل فوج ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي وئي هئي، پر ان موقعي تي هن بنا دير پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ اُنهن منجهان ڪيترن خواهشمندن کي صليب جا نشان ٺاهيندو ڏيندو ويو ۽ بنا دير قسطنطنيہ ۽ ايشيا وڃڻ جي تياري ڪيائين جنهن ۾ ساڻس ڏهه هزار گهوڙي سوار ۽ ويهه هزار پيادا ماڻهو گڏ هيا. نارمن قوم جا ڪيترائي بادشاهه هن بهادر جنرل سان گڏ هليا ۽ سندس سؤٽ ٽئنڪريڊ(53) به اُنهن منجهان هڪڙو هيو، پر هو هن مقدس جنگ جو هڪ ادنيٰ خادم هيو. ٽئنڪريڊ جي بلند ڪردار ۾ هڪ مڪمل سردار(54) جون خوبيون نمايان نظر اچن ٿيون، جيڪو بهادريءَ جي علامت آهي ۽ جنهن سبب سخا ۽ درگذر ڪرڻ ماڻهن کانئُس سکيو ۽ سماجي ڪمن ۾ به سندس عظيم ڪردار رهيو جيڪو رڳو سکڻي فلسفي کان هزار دفعا بهتر ۽ عملي طريقو آهي يا ائين کڻي چئجي ته بهتر ٿيندو ته سندس عملي ڪردار ان مذهب کان گهڻو بهتر آهي جنهن ۾ ڪو تحرڪ نه هجي.

چارليمئگني ۽ صليبي جنگين جي وچ واري دؤر ۾ اسپين، نارمنڊي ۽ فرانس جي ماڻهن ۾ هڪ انقلاب آيو هو جيڪو آهستگيءَ سان وڌندو يورپ جي سڀني ملڪن تائين پهچي ويو هو. پيادل فوج ۾ خدمت ڏيڻ جو درجو گهٽ ٿي ويو هو جيڪو ڄڻ عام ماڻهن جو پيشو ٿي ويو هو، پر گهوڙي سوار فوج، سڀني فوجن ۾ مٿاهين ۽ فوج جي اصل طاقت سمجهي ويندي هئي، ۽ عزت وارا نالا جيئن ’ميل‘ يا ’سپاهي‘ فقط معزز ماڻهن لاءِ مخصوص ٿي ويا هيا(55) ۽ اُهي ئي گهوڙي سوار فوج ۾ شامل هيا جن کي امير يا نواب جو خطاب ملندو هو، سردارن ۽ سرواڻن، جن حاڪميت جي اعليٰ اختيارن تي ڌاڙو هنيو هو، پنهنجن صوبن کي ننڍن ننڍن اميرن ۾ ورهائي ڇڏيو هيو ۽ ننڍن اميرن وري وڌيڪ ورهاست پنهنجن خادمن، خادمن جي غلامن ۽ ٻين گهٽ درجي جي ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏي هئي ۽ فوجي طبقو يا وري اُهي جيڪي رتبي ۾ سندن هڪ جهڙا هيا يا مٿاهين يا گهوڙي سوار طبقي سان تعلق رکندا هيا، هارين يا ننڍن شهرن جي رهواسين کي نفرت جي نگاهه مان ڏسندا هيا، نه رڳو ايترو پر کين انسان به نه سمجهندا هيا. هو پنهنجي خانداني ۽ مٿاهين درجي واري ڄَمَ تي فخر ڪندا هيا. تنهن ڪري رشتيداري يا پنهنجو تعلق به اُنهن سان رکندا هيا جيڪي ساڻن برابري ڪندڙ هجن، يا وري اُهي اهميت فقط پنهنجن اُنهن پُٽن کي ڏيندا هيا جيڪي کين درجَنن جي حساب سان ٻار پيدا ڪري سندن نِج پيڙهيءَ ۾ واڌارو ڪري سگهن ۽ جن تي ڪو داغ نه لڳي سگهي يا کين ڪو مِهڻو ملي سگهي ته فقط اهڙو اولاد وڏن لقبن ماڻڻ جو حقدار رهندو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪو عام ماڻهو به بهادريءَ جا ڪارناما ڏيکاري پنهنجي ترار جي زور تي وڏن ماڻهن ۾ شامل ٿي ويندو هو ۽ نئين نسل جي پيءُ ٿيڻ جو شرف حاصل ڪندو هو. ڪو سردار جيڪڏهن ماڻهن سان سهڻو ورتاءُ ڪندو هو ته يورپ جا جنگجُو حڪمران، سندس تاج تخت جي مقابلي ۾، سندس ذاتي ڪردار ۽ روَيي کي وڌيڪ اهميت ڏيندا هيا. پوءِ هڪ سادي تقريب ٿيندي هئي، جنهن جا آثار ٽئسيٽَس يا جرمني(56) جي ٻيلن ۾ ملن ٿا، اُميدوار کي، جنهن جي ڪجھ آزمائش اڳ ئي ٿي چڪي هوندي هئي، ترار حوالي ڪري کيس گهوڙي سواري جي ترغيب ڏني ويندي هئي ۽ سندي ڳِٽي يا ڪلهي تي هٿ رکي هلڪو ڌَڪ هنيو ويندو هو جيڪو سندس لاءِ ڪجھ بي عزتي ۽ ڪجھ للڪار جي علامت هوندو هو ۽ هر اُميدوار تي اها قانوي پابندي هوندي هئي ته اهو هلڪو ڌَڪ کيس صبر سان برداشت ڪرڻو پوندو هو. پر وهم وسوسا قومي توڙي ذاتي زندگي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندا هيا، مقدس جنگين ۾، فوج ۽ هٿيارن جي اداري کي پاڪ سمجهيو ويندو هو ۽ بهادريءَ جي خوبين جي حقن کي پادريت جي اختيارن سان ملايو ويو هو. غسل ڪرائڻ ۽ اڇو ڪپڙو پهرائڻ، پاڪ غسل، جي اڻ وڻندڙ ڪاپي ۽ پراڻي روايت هئي، جڏهن هو پنهنجي ترار ڪنهن قربان گاهه کي ارپيندو هو، ته مذهب جا وزير ان کي ’رحمتي ترار‘ ڪوٺيندا هيا، سندس استقبال ڪرڻ جي تيارين ۾ جوش ۽ مذهبي رنگ هوندو هو. ماڻهو سندس آڌرڀاءُ کان اڳ روزا رکندا هيا ۽ هن جي آمد جا منتظر رهندا هيا. نيٺ هڪ ڏينهن اهڙو ايندو هو جو کيس ’جوڌي يا سورمي‘ جو لقب عطا ڪيو ويندو هو ۽ ارپنا هن ريت ٿيندي هئي: ’سينٽ جارج ۽ سينٽ مائيڪل جو سورمو، الله جي راهه ۾‘. هن رسم کان پوءِ کيس قسم کڻايو ويندو هو ته هو پنهنجون ذميواريون پوري ايمانداريءَ سان ادا ڪندو ۽ پنهنجي شاندار مثال ذريعي عوامي اعتماد کي حاصل ڪندو ڇو ته اهو عوام ئي هوندو جيڪو سندس قسم جو محافظ هوندو ته هن ان سان ڪيتري وفاداري ڏيکاري هئي. خدا ۽ عورتن جي سپوت جي حيثيت ۾ (خبر ناهي مون کي ڄڻ ٻن مختلف نالن کي هڪ ٻئي سان ملائيندي شرم ٿو اچي) هو سچ ڳالهائڻ جو وچن ڪندو هو ته هُو حق جي ڳالهه جي حمايت ڪندو، ڏکارن ۽ اذيتن ۾ آيل ماڻهن جون تڪليفون دور ڪندو ۽ هر هڪ سان سندس روَيو دوستاڻو هوندو، هڪ اهڙو رويو جيڪو قديمي ماڻهن ۾ ذري گهٽ اَڻ لڀ هوندو هو، لادينن جو پيڇو ڪندو رهندو ۽ عيش عشرت جي لالچن کي سختيءَ سان ٺڪرائيندو، ۽ هر ڏکئي ۽ خطري جي وقت ۾ هو پنهنجو سورمي هئڻ جو ڪردار ادا ڪندو جيڪو ماڻهن کي خود بخود محسوس ٿيندو. پر ان جذبي جي خلاف ورزي اڻ پڙهيل سورمي کي چيڙائي ڇڏيو، ۽ هو امن ۽ تهذيب جي سرشتي کان نفرت ڪرڻ لڳو ۽ پاڻ کي هر ڳالهه جو اڪيلو جج سمجهي رهيو هو ته ساڳي وقت هن اهو به عزم ڪيو ته جن به کيس تڪليفون پهچايون هيون يا ايذاءُ رسايا هيا انهن سڀني کان انتقام وٺندو ۽ هاڻي هو سِول سوسائٽي جي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي فخر محسوس ڪندو ته فوجي نظم ۽ ضبط جي پرواهه نه ڪندو. ان هوندي به بربرن جي کَهُري ۽ اڍنگي طبيعت ۾ ڪجھ بهتري آڻڻ ۽ اعتماد، انصاف ۽ انسانيت کي بحال ڪرڻ ۾ هن جون خدمتون پوءِ به تعريف لائق رهيون جيڪي ماڻهن کي محسوس به ٿيون. قومي تعصب جي سختي ۾ نرمي اچي وئي، ۽ مذهب توڙي هٿيارن جي شعبن ۾ پڻ واضح بهتري آئي جنهن جي عيسائي دنيا ۾ پڻ کلئي دل ۽ ذهن سان آجيان ڪئي وئي. ٻاهرين ملڪن ۾ هر ڪم توڙي زيارتن ۾ ۽ مقامي سطح تي جنگجُو مَشقن ۾، هر ملڪ جي ويڙهاڪن ۾ هن جذبي کي عام ڪيو ويو ۽ غير جانبدار نظريي موجب گاٿن جي مقامي راند روند کي، قديمي زمانن جي بين الاقوامي اولمپڪ راندين تي وڌيڪ ترجيح ڏني وئي(57). کلئي عام نمائش يا نظارن جي بجاءِ، جن سان يونانين جي طور طريقن ۾ بِگاڙ اچي ويندو هو ۽ جن ۾ ڪنوارين ڇوڪرين يا بزرگ عورتن کي اسٽئڊيم ۾ وڃڻ کان روڪيو ويندو هو، پر هاڻي شاندار طريقي جون لسٽون ٺهڻ لڳيون جن ۾ فقط وڏن خاندانن جون اَلهڙ حسينائون شامل هونديون هيون ۽ سوڀ ماڻيندڙ بادشاهه، اُنهن جي نازڪ ۽ نفيس هٿن مان، پنهنجي بهادري، همت ۽ مردانگيءَ جا انعام وصول ڪندا هيا. ڪشتي توڙي مُڪي بازي جي مقابلن ۾ ڏسبو هو ته اُنهن جو هڪ سپاهي سان ڪو تعلق ڪو نه هو پر جيڪي اهڙي قسم جا مقابلا فرانس توڙي اوڀر ۽ اولهه جي ٻين ملڪن ۾ ٿيندا هيا، اُنهن ۾ ان فن بابت پوري تصوير پيش ڪئي ويندي هئي ۽ مقابلا به ڪافي دلچسپ هوندا هيا. دوبدو مقابلا هجن ۽ عام يا دستوري ويڙهه واري راند هجي. هڪ لنگهَه يا قلعي جي حفاظت ڪيئن ڪجي ان جي باقاعدگيءَ سان اهڙي ته ريهرسل يا مشق ڪرائي ويندي هئي جو اصل ۽ نقل ۾ فرق مٽجي ويندو هو ۽ جنگين جي مشق به اهڙي ته ڪمال واري هوندي هئي جو بنهه محسوس ئي نه ٿيندو هو ته اصلي جنگ هئي يا فقط سکيا لاءِ ڊرامائي منظر ڪشي هئي ۽ اهڙن مقابلن جو فيصلو گهوڙي سوار ۽ نيزي بازي جا منظر گڏجي ڪندا هيا. هڪ جوڌي لاءِ نيزو هڪ خاص ۽ اصلي هٿيار هوندو هو ۽ سندس گهوڙو به وڏو، قداور ۽ جسماني طاقت رکندڙ خاص نسل وارو هوندو هو، پر هي جنگي گهوڙو، جيستائين پنهنجي سامهون ڪو اوچتو خطرو نه ڏسندو هو ته ان وقت تائين ان کي سندس رکوالو ڪاهي هلندو هو ۽ هو خاموشيءَ سان تيستائين هڪ ننڍي گهوڙي(*) تي چڙهندو هو جيڪو آسان وکون کڻي هلندو هو. سندس مٿي جو حفاظتي ٽوپلو ۽ سندس ترار. ڄنگهن لاءِ حفاظتي بند يا سندس ڍال وغيره کي بيان ڪرڻ ڪجھ عجيب لڳندو پر آءٌ ايترو ضرور چوندس ته صليبي جنگين جي وقت ۾ زرهه پائڻ ۾ ايتري پيچيدگي نه هوندي هئي جيڪا بعد ۾ پيدا ڪئي وئي، ۽ سيني تي هڪ ڳري شيلڊ پائڻ جي بجاءِ هڪ هلڪو زرهه- بند پاتو ويندو هو جيڪو سيني جي حفاظت لاءِ ڪافي هوندو هو. جڏهن سندن ڊگها نيزا هڪ جڳهه تي کُپي ويندا هيا ته ان وقت ئي جنگي جوڌا پنهنجن گهوڙن کي اَڙي هڻي دشمن طرف وڌندا هيا ۽ ترڪن توڙي عربن جي گهوڙي سوار فوج کي مجال نه ٿيندي هئي ته اُهي سندن طوفاني رفتار اڳيان بيهي سگهن. هر سورمي سان جنگ جي ميدان ۾ هڪ خادم گڏ هوندو هو پر اُهو به اهڙو هوندو هو جيڪو ڄم جي حوالي سان خانداني نسل سان تعلق رکندڙ هجي ته ساڳي وقت خيالن ۾ به پنهنجي مالڪ سان ٺهڪندڙ هجي، ساڻس گڏ تير انداز ۽ ٻين هٿيارن وارا ماڻهو هوندا هيا ۽ چار، پنج يا ڇَهه سپاهي اهڙي ترتيب سان رکيا ويندا هيا ته جيئن نيزي بازي جي حملي کي مڪمل فوجي انداز ۾ آڻي سگهجي. پاڙي وارين بادشاهتن يا مقدس ڌرتي خلاف مُهمن ۾ مرڪزي اهلڪار گهڻا ڪم نه آيا، باقي جيڪي پاڻ هُرتو سورمن جي خدمت لاءِ مقرر هيا يا وري سندن پوئلڳ هيا جيڪي يا ته نج جذبي هيٺ خدمت ڪري رهيا هيا يا ممڪن آهي ته اُنهن کي ڪنهن انعام اڪرام يا ڪنهن واعدي جي لالچ ۾ خريد ڪيو ويو هجي. هر جنگي جٿي جي تعداد کي ان جي طاقت، دولت ۽ ان جي اڳواڻ جي شهرت کي نظر ۾ رکي مقرر ڪيو ويندو هو. ان جٿي جي اڳواڻ جي سڃاڻپ سندس جهنڊو، زرهه جي خاص پوشاڪ ۽ جنگ لڳڻ تي هڪ خاص ”رَڙ“ هئي ۽ يورپ جا جيڪي قديمي خاندان هيا اُهي اهڙن ڪارنامن ۾ پنهنجي نج خاندان جي ثابتي ڳولي خوش ٿيندا هيا. همت جي هن خانداني تصوير پيش ڪرڻ کان پوءِ، مون تي زور پئجي ويو آهي ته صليبي جنگين جي ڪهاڻيءَ مان آءٌ هڪدم هن يادگار اداري(58) جا سبب ۽ ان جا اثر اوهان کي ٻڌايان.

اهڙيون فوجون ۽ سندن سپاهي ته وري اهڙائي تعريف لائق سندن اڳواڻ هوندا هيا جن صليبي نشان پائي ڇڏيا هيا ته جيئن مقدس مقبري جو ڇوٽڪارو ٿي سگهي. جيئن ئي عام ماڻهو هيڏي هوڏي ٽريا ۽ سندن غير موجودگي جي احساس کين ذهني آسودگي ميسر ڪئي ته هنن هڪ ٻئي کي همٿايو ۽ هڪ ٻئي سان ڳالهيون ٻولهيون ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ هڪ ٻئي تي زور ڀريائون ته گڏجي پنهنجا واعدا وَچن پاڙن ۽ مقدس مقبري ڏانهن بنا دير روانا ٿين. سندن زالون ۽ ڀيڻيون به هن خطري واري سفر ۾ ساڻن گڏ هيون ۽ اُنهن جي به خواهش هئي ته زيارت جو شرف حاصل ڪيو وڃي، هنن پنهنجو کڻڻ جهڙو سامان يا ڳهَه ڳٺا چاندي ۽ سون مان ٺهيل پيتين ۾ کنيا هيا، بادشاهن، اميرن ۽ نوابن کوڙ سارا شڪاري ڪتا ۽ بازَ به گڏ کنيا هيا ته جيئن اُهي فرصت جي وقت شڪار ڪرڻ ۾ ڪم ڏين ۽ کين وِندرائي سگهن. ماڻهن ۽ گهوڙن جي هيڏي ساري وڏي لشڪر کي کاڌو خوراڪ مهيا ڪرڻ ۽ گذارو ڪرڻ مشڪل ٿي پيو هو، تنهن ڪري هنن پنهنجين پنهنجين فوجن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هر هڪ جٿي پنهنجو پنهنجو رستو اختيار ڪيو ۽ سڀني جي هڪ ٻئي سان ملڻ جو هنڌ قسطنطنيہ جي اوسي پاسي ۾ طئي ٿيو جتان اُهي گڏجي اڳتي وڌندا ۽ ترڪن خلاف پنهنجي محاذ آرائي جي شروعات ڪندا. ميوز ۽ موسيل جي ڪنارن کان، بولن جي گاڊفري جرمني، هنگري ۽ بلغاريا جو سڌو سنئون رستو ورتو ۽ سندس حڪم هيٺ سڄو قافلو اڳتي ڌوڪيندو رهيو، ۽ هر کنيل قدم، سندس دورانديشي ۽ اعليٰ ڪردار جو ثبوت پيش ڪري رهيو هو. هنگري جي سرحد تي کيس عيسائين ٽن هفتن تائين روڪي ڇڏيو هو ڇو ته کين صليب جو نالو يا گهٽ ۾ گهٽ ان جو غلط استعمال ڏاڍو خراب ٿي لڳو. هنگري جي ماڻهن جا زخم اڃا تائين تازا هيا جيڪي پهريَن زيارتين کين رسايا هيا، ۽ هاڻي سندن وارو هو ته اُهي کين پناهه نه ڏين ۽ نه وري سندن حفاظت ڪن ۽ هي هنن لاءِ مناسب موقعو هو ته کين رسايل زخمن جو پورو بدلو ساڳي قوم جي سُورمي کان وٺن ڇاڪاڻ ته سندس مقصد به ساڳيو ئي هيو جيڪو کين تڪليف پهچائيندڙن جو هيو. پر مقصدن ۽ واقعن جي پوري تور تَڪ ڪري ۽ انهن کي چڱيءَ طرح جاچي جوچي، نيڪ ۽ سٺي سيرت رکندڙ امير پنهنجن نالائق ڀائرن جي زيادتين تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ سندس ٻارهَن نائبن، جيڪي امن جا پيغامبر هيا، پنهنجن ماڻهن کي عرض ڪيو ته زيارتين کي امن ۽ سڪون سان گذرڻ ڏنو وڃي. سندن شڪ شبها دور ڪرڻ لاءِ گاڊفري پاڻ تي اعتماد ڪندي ۽ پنهنجي ڀاءُ کي اعتماد ۾ وٺندي، هنگري جي بادشاهه ڪارلومن سان مخاطب ٿيو جنهن سندن مهمان نوازيءَ جو سادگي پر خلوص مان بندوسبت ڪيو هو. هاڻي سندن صلح نامو به ٿي ويو جيڪو مقدس ڪتاب کي وچ تي رکي ڪيو ويو، ۽ جيڪو اعلان ٿيو ان ۾ دشمنين کي ختم ڪرڻ جو سمجهوتو ٿيو ۽ لاطيني سپاهين کي اڳ جيڪا اجازت مليل هئي ته جيڪو کين وڻي اهو ڪن، ان کي ختم ڪيو ويو. آسٽريا کان بلغراد تائين هنن هنگري جي ميدانن تي پنڌ ڪيو جنهن ۾ نه ته کين ڪا تڪليف پهتي ۽ نه هنن ڪنهن کي ڪو ايذاءُ رسايو ويو ۽ جيڪا ڪارلومن سان سندن ويجهائي رهي ۽ جنهن تي پنهنجن فوجين ۽ گهوڙي سوارن نظر ٿي رکي، هڪ اهڙو احتياط هو، جيڪو سندن دوستيءَ لاءِ گهٽ پر سندس سلامتيءَ لاءِ وڌيڪ ڪارگر هيو. اُهي سِيو ندي جي ڪناري تي پهتا، ۽ جيئن ئي ندي کي اُڪاريائون، ته هنگري جي بادشاهه اُنهن ماڻهن کي ڇڏي ڏنو جن کي هن اڳ يرغمال بنايو هو ۽ سندن روانگي وقت سندن مُهم جي ڪاميابيءَ لاءِ پنهنجين نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيائين. ساڳئي اخلاق ۽ نظم ۽ ضبط سان گاڊفري بلغاريا جي جهنگلن مان گذري ٿريس جي سرحدن تائين پهتو ۽ پنهنجي پاڻ کي مبارڪون ڏنائين ته هُن، هِن زيارتي ۽ ڪٺن سفر جو پهريون مرحلو ذري گهٽ مڪمل ڪري ورتو هو جنهن ۾ ڪنهن به عيسائي مخالف يا دشمن لاءِ کيس ترار استعمال ڪرڻ جي ضرورت پيش نه آئي هئي. لومبارڊي کان ڪافي خوشگوار سفر طئي ڪندي. ريمنڊ، پنهنجن ڳوٺاڻن ماڻهن جي لشڪر سان گڏ ٽُورن کان عقيليا تائين چاليهن ڏينهن جو سفر ڊالمئٽيا(59) ۽ اسڪلئوونيا جهڙن وحشي ملڪن مان خير خوبيءَ سان طئي ڪيو. موسم اها هئي جو سدائين ڪوهيڙ ڇانيل رهندو هو، زمين پٿريلي ۽ علائقو ويران هيو، مقامي ماڻهو اڪثر ڪري ڀاڄوڪڙ ۽ دشمنيءَ تي مائل رهندا هيا، پنهنجي مذهب کان بي خبرا ۽ حڪومت کان پاسيرا رهندا هيا، اُنهن، زيارتين کي کاڌو خوراڪ ڏيڻ يا سندن رهبري ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جيڪي زيارتي پنهنجن ٽولن کان ڇڄي ڇڙوڇڙ ٿي ويا هيا اُنهن کي قتل ڪري ڇڏيائون ۽ رات ڏينهن پنهنجي امير جي سار سنڀال لهندا هيا جنهن کي پنهنجي حفاظت جو سدائين اونو رهندو هو ڇاڪاڻ ته هن ڪجھ قيدي لٽيرن کي سخت سزائون ڏنيون هيون، باقي کيس اسڪوڊرا(60) جي بادشاهه سان ڪيل صلح نامي جي ڪا پرواهه ڪانه هئي. دُرازو ۽ قسطنطنيہ جي وچ ۾ سندس قافلي کي يونان جي شهنشاهه جي هارين ۽ سپاهين پاران روڪيو ته نه ويو پر سخت پريشان ڪيو ويو، ۽ ساڳي نرمي واري پريشان ڪندڙ دشمني ٻين قافلن جي اڳواڻن سان پڻ جاري رکي وئي جيڪي اٽلي جي ڪنارن کان روانا ٿي ائڊرئٽڪ کان گذري رهيا هيا. بوهيمنڊ وٽ فوجون ۽ جهاز ٻئي هيا، ان کان سواءِ وٽس نظم ۽ ضبط ۽ دورانديشي هئي ۽ سندس نالي کي ايپيرس ۽ ٿيسلي ۾ هرگز وساريو نه ويو هو. رستي ۾ جيڪي به کيس مشڪلون يا رڪاوٽون پيش آيون، اُنهن کي سندس فوجي طريقي جي ڪردار ۽ ٽئنڪريڊ جي بهادريءَ سبب، خوش اسلوبيءَ سان مُنهن ڏنو ويو ۽ جيڪڏهن نارمن بادشاهه هوشياريءَ سان يونانين کي بچايو ته هن پنهنجن سپاهين کي هڪ ڪافراڻي قلعي(61) جي ڦرلُٽ ذريعي نڙيءَ تائين ڀري ڇڏيو هو. فرانس جي اميرن بنا ڪنهن رِٿ يا تجويز جي اڳتي وڌڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ۽ هونئن ئي سندن قوم کي ڪاهلي ۽ سُستيءَ جا طعنا ملندا ئي رهندا آهن. عظيم هُو (Hugh the Great) جيڪو ٻن رابرٽس منجهان هڪ هو ۽ چارٽريس جو اسٽيفن، ائلپس کان اپوليا تائين خوشحال ملڪن منجهان گذريا، ۽ داد ڏيندڙ ڪئٿولڪ عيسائين ۾ هڪ مذهبي عقيدتمندي کين نظر آئي: هنن روم جي وڏي پادري جا پير چُميا، ۽ سينٽ پيٽر جو سونو جهنڊو فرانس جي بادشاهه جي حوالي ڪيو ويو(62). پر هن فرمانبرداري ۽ خوشيءَ جي دؤري ۾، کانئن موسم جو احوال پڇڻ وسري ويو ته اُها سازگار هئي يا نه، ۽ ٻيو ته انهن رستي جي رهبري جو به معلوم نه ڪيو، سياري جي موسم اجائي ضايع ٿي وئي هئي ۽ سندن فوجي ٽڙي پکڙي ۽ اٽلي جي شهرن ۾ بگڙي ويا هيا. هنن پنهنجا پنهنجا رستا جدا ڳولي لڌا جن ۾ نه ته سلامتيءَ جي ضمانت هئي نه سندن شان شوڪت جي، ۽ بيبي مريم جي جشن، جنهن کي (Feast of Assumption) چوندا آهن ۽ اهو ڏينهن 15 آگسٽ تي ملهائبو آهي) کان نوَن مهينن جي اندر، سڀئي لاطيني بادشاهه ان ڏينهن تي قسطنطنيہ پهتا هيا جيڪو اربن مقرر ڪيو هو. پر ورمئنڊوز جي امير کي هڪ قيدي جي شڪل ۾ آندو ويو، سندس بهترين جهاز سامونڊي طوفان ۾ تباهه ٿي ويا، ۽ هو خود، اليگزيَس جي ٻين عملدارن هٿان قيدي بڻجي ويو، هڪ اهڙو قدم کنيو ويو جيڪو قومن جي بين الاقوامي قانون جي خلاف هو. تنهن هوندي به بادشاهه هُو جي آمد جو، چئن ۽ ويهن (يعني چوويهن) اميرن طرفان اعلان ڪيو ويو جنهن کي سوني زرهه پاتل هئي جنهن شهنشاهه کي حڪم ڏنو ته لاطيني عيسائين جي جنرل جو احترام ڪيو وڃي جيڪو بادشاهن جي بادشاهه جو ڀاءُ هيو(63).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org