سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:28

باب ستوَنجاهون

(حاشين بابت وضاحتون)

(1)                               آءٌ سندس ڪردار ۽ تاريخ لاءِ ڊي هربيلاٽ جو شڪرگذار آهيان (محمود غزنوي ۽ مشرقي واقعا، صفحا 537-533) ايم.ڊي گائينس (هُنن جي تاريخ (iii, 155-173 ۽ اسان جو هم وطن ڪرنل اليگزينڊر ڊؤ (i, 23-83) پنهنجي ڪتاب ’هندستان جي تاريخ‘ جي پهريَن ٻن جُلدن ۾ اهو تاثر ٿو ڏئي ته هن ڄڻ ’فارسي فرشتا‘ جو ترجمو ڪيو هو پر سندس شوخ ۽ رنگيني واري تحرير ۾ اهو آسان نه آهي ته اصل تحرير يا ترجمي ۾ فرق کي ظاهر ڪري سگهجي.

(2)                             ساسانين جي بادشاهت جو سلسلو 125 سال هليو يعني 874ع کان 999ع تائين جنهن دؤران ڏهن بادشاهن حڪومت ڪئي. سندن هڪ ٻئي پٺيان تخت تي ويهڻ ۽ آخرڪار سندن بربادي جي سلسلن جي مطالعي ڪرڻ لاءِ ايم.ڊي گائينس جي تيار ڪيل شجري کي ڏسو. (هُنن (Huns) جي تاريخ- i, 404-406) اُنهن کان پوءِ غزنوين جو گهراڻو شروع ٿيو (1183-999ع) ڏسو (i, 239-240) هن جيڪا قومن جي ورهاست ڪئي آهي، ان ۾ وقت ۽ هنڌن بابت ڪجهه مونجهارو آهي.

(3)                             ’غرنا‘ باغات کان محروم آهي، اهو بهرحال هڪ واپاري منڊي ۽ خاص طرح هندستان جي ڌنڌي ۽ ڏيتي ليتي جو وڏو مرڪز آهي.‘ (ابوالفدا جي جاگرافي کي ڏسو، باب xxiii، صفحو 349. رزڪي، ڊي.هربيلاٽ، ص 364. ان شهر کي جديد سياحن اڃا تائين نه ڏٺو آهي.

(4)                             بغداد جي خليفي جي سفير هڪ عربي يا ڪالدي ٻوليءَ جو لفظ ڳولي ڪڍيو جنهن جو مطلب سائين يا مالڪ هو (ڊي.هربيلاٽ، ص 825) پر ان جو مطلب يارهين صدي جي بازنطيني اديبن طرفان ’اڪيلو بادشاهه يا بادشاهن جو بادشاهه‘ جو به ڪڍيو ويو آهي ۽ سولڊئنَس جو نالو يوناني ۽ لاطيني ٻولين ۾ تڏهن ورتو ويو جڏهن اُهو غزنويُن کان ٿيندو سلجوقن وٽ پهتو هو ۽ ان کان پوءِ ايشيا ۽ مصر جي اميرن تائين ان ساڳئي نالي سفر ڪيو هو. ڊوڪينج (مضمون- xvi، جئائن وِل، صفحا 246-238) فارس جي قديم بادشاهت ۾ اهو مشڪل ڪم آهي ته سلطان جو لقب اُنهن ۾ ڳولجي، پر ان سلسلي ۾ شاهديون به معتبر نه آهن، ڪانسٽئنٽائن جي مقصدن ۾ (ii, 11) جيڪا زونارس اڳڪٿي ڪئي آهي ۽ خسرو جو نمونو تيار ڪيو آهي، اُهو (جيئن هو تسليم ٿو ڪري) ساساني ڇهين سان مشابهت نٿو رکي، پر ان جي بجاءِ سندس مشابهت آئڪونيمَ جي سلجوق تيرهين (xiii) سان ٿي وڃي ڀيچي. (ڊي. گائينس هنن (Huns) جي تاريخ (i, 426

(5)                              ’فرشتا دو‘ (هندستان جي تاريخ، (i, 49 جنهن ۾ هندستان جي فوج ۾ هڪ بندوق جو ذڪر ڪيل آهي. پر، جيئن ته آءٌ اسلحي جي وقت کان اڳ استعمال ڪرڻ ۾  (1008ع) گهٽ يقين رکان ٿو ته منهنجي خواهش آهي ته پهريون ان تحرير جي صداقت جي ڇنڊڇاڻ ڪريان ۽ پوءِ فرشتا جي علمي ڄاڻ بابت معلومات کي يقيني بڻايان جيڪو آخري صديءَ ۾ مغلن جي درٻار ۾ رهندو هو.

(6)                             قِنوج يا قَنُوج جي بيهڪ 270.3 ويڪرائي ڦاڪ ۽ 800.13 ڊگهائي ڦاڪ تي آهي. ڏسو ڊي ائنوِل (قديم انڊيا، صفحا 62-60) جنهن کي ميجر رينيل پنهنجي هندستان جي نقشي تيار ڪرڻ جي ڪمال جي يادگيرين ۾، صفحا 43-37) کوجنا ڪندي وڌيڪ صحيح بڻايو آهي. 300 سونارا، 30,000 دڪان، ۽ 60،000 سازندن جا ٽولا وغيره (ابوالفدا، جاگرافي جا نقشا، XV، ص، 274، دو، i,16) ڪجھ مبالغي واري ڳالهه ٿي لڳي جنهن کي گهٽ ڪرڻ جي گهڻي گنجائش موجود آهي.

(7)                             يورپ جا بت پرست، فرشتا چوي ٿو (دي، i,66) وڌيڪ ابوالفدا جو مطالعو ڪيو (صفحو، 272) ۽ رينيل جي هندستان جي نقشي کي به ڏٺو وڃي.

(*)     (ڪشش ڪندڙ).

(†)     ڪورٽ يا ڪائونسل جتي سلطان ماڻهن کي انصاف جا فيصلا ٻڌائيندو هو.

(8)                             ڊي- هربيلاٽ (مشرقي واقعا، ص 527) ان جي باوجود جيڪي اکر اسان کي ملن ٿا، اُهي دل واري ٻولي جي ترجماني نٿا ڪن ۽ نه وري ماڻهن جي جذبن يا مقصدن کي بيان ڪن ٿا.

(9)                             مثال طور هڪ ياقوت يا ماڻڪ جنهن جي تورَ چار سؤ پنجاهه مثقال (اسلامي تور جو ماپو) (دو، i,53) يا ڇهه پائونڊ ٽي آئونس هئي ته ان وقت اوتري تور جي دهلي (هندستان) ۾ سترهَن مثقالن جي هئي (ٽيورنيئَر جا سامونڊي سفر، ii,280). اها حقيقت آهي ته مشرقي ملڪن ۾ جيڪي به رنگين پٿر ٿين ٿا، اُنهن کي ياقوت، ماڻڪ يا مرجان ڪوٺيو وڃي ٿو. (ص 355)، ۽ ٽيورنيئَر ڪجھ وڏي سائيز جا ۽ وڌيڪ قيمتي پٿر ڏٺا هيا جيڪي سندس خيال ۾ ڳهن زيورَن جهڙا هيا ۽ اُهي اسان جي عظيم بادشاهه جا هيا، جيڪو زمين تي سڀني بادشاهن کان وڏو بادشاهه آهي.

(10)                       (i,65) ٻڌايو ٿو وڃي ته قنوج جي حاڪم وٽ 2500 هاٿي هيا. (ابوالفدا، جاگرافي، XV ص، 274) هندستان جي اهڙن قصن منجهان پڙهندڙ منهنجي ڪتاب جي پهرئين جلد کي پڙهي پوءِ پاڻ وٽ ضروري ترميمون ڪري ڇڏي، (ص، 226) يا وري ان وضاحت کان پوءِ هنن قصن کي صحيح ڪري ڇڏي. (گبن هتي اٺين باب جي حاشيي نمبر 49 جو حوالو ٿو ڏئي).

(11)                        ريڍارن ۽ ڌنارن جي رهڻي ڪهڻي بابت هيءَ مناسب ۽ فطري تصوير ڏسو. جيڪا وليمَ لکي آهي جيڪو ٽائر جو مکيه پادري هيو. (i,vii، گيسٽاڊي ۾، صفحا 633-634) ۽ هڪ سٺو تجزيو تاتارين جي حسب نسب ۽ سندن تاريخ ۾ پڻ ڪيو ويو آهي. (صفحا 535-538).

(12)                      ترڪمانن جي پهرين لڏپلاڻ ۽ سلجوقن جي مشڪوڪ اصل نسل بابت ايم- ڊي گائينس جي هُنن (HUNS) جي تاريخ جو مطالعو ضرور ڪجي. (Tom-i، تنهن کان سواءِ نقشا ۽ تاريخوار واقعا به ڀيٽجن. v,tom-iii,vii,ix-x) تنهن کان سواءِ ڊي- هربيلاٽ جي مشرقي واقعن تي به هڪ نظر وجهجي. (صفحا، 799-802,897-901) ايلماسن (عرب مسلمانن جي تاريخ، صفحا 331-333) ۽ ابوالفراجيَس، (بادشاهن جي تاريخ، صفحا 221-222).

(*)     (وڏي مرتبي وارا ماڻهو، حڪمران).

(13)                      دو، (هندستان جي تاريخ، i,89,95-98) مون هي ٽڪرو، فارس جي رهڻي ڪهڻي کي پيش ڪرڻ واسطي، نقل ڪيو آهي، پر مون کي شڪ ٿو پوي ته ڪنهن اڻ ڄاتل سبب ڪري. فرشتا جي اسلوب کي اوسيَن سُڌاري بهتر ڪري ڇڏيو آهي.

(14)                      هربيلاٽ جا زنديق (ص 1028) ۽ دو جا دِنداڪا (i,97) شايد ابوالفدا جا دِندانڪن آهن (جاگرافي، ص 345، رزڪي) خراسان جو ننڍو شهر مارتي کان فقط ٻن ميلن جي مفاصلي تي آهي ۽ اوڀر جي ملڪن ۾ ڪپهه جي پيداوار ۽ صنعت سازي لاءِ مشهور آهي.

(15)                       بازنطيني تاريخدان (سيڊرينَس، ii,766-767، زونارَس، ii,255، نائيسفورَس برينيَس، ص 21) وقت، هنڌ، نالن، ماڻهن، سببن ۽ واقعن بابت مونجهارو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. يونانين جي جهالت ۽ سندن چُڪُون (جيڪي مان اوهان کي ٻڌائڻ کان سواءِ رهي نه سگهندس)… شايد سيگزرس ۽ عظيم سائرس جي قصي بيان ڪرڻ ۾ شايد ڪجھ ماڻهن کي شڪ ۾ مبتلا ڪري ڇڏي، ڇو ته اهو قصو سندن قابل ۽ تقرير جي ماهر ابن ڏاڏن کين ٻڌايو هو.

(16)                      ولرم، (ٽائر، i,7,633) تيرن سان ڪرشما ڏيکارڻ تمام قديمي ڪرتب آهي ۽ اوڀر جي ملڪن ۾ گهڻو ئي مشهور آهي.

(17)                      ڊي هربيلاٽ، ص 801، تنهن هوندي به سندس نسل جي ڀاڳ بخت جي باوجود، سلجوق، وڏي افراسياب، جيڪو تُوران جو شهنشاهه هو، جي خانداني شجري جو چوٽيهون فرد وڃي ٿيو (ص 800) چنگيز خان جي تاتاري پيڙهيءَ خوشامد ۽ افسانن کي نئون رنگ ڏنو، ۽ تاريخدان ميرخوند سلجوقن جي نسل کي الن ڪواهه سان ٿو وڃي ملائي جيڪا ڪنواري ماءُ هئي. (ص 801، ڪالم 2). جيڪڏهن اُهي ساڳيا ابوالغازي بهادر خان وارا زلزوت آهن (نسلن جي تاريخ، ص 148) ته پوءِ اسان سندن حمايت ۾ هڪ تاتاري بادشاهه جي مانائتي شاهدي پيش ڪنداسين جيڪو چنگيز خان، النڪواهه، يا النڪُو ۽ اوگز خان جي نسل مان آهي.

(18)                      لفظ جي ٿورڙي بگڙڻ تي، طغرل بيگ مان يونانين لنگرولي پڪس کڻي ٺاهيو. سندس حڪومت توڙي ڪردار بابت ڊي هربيلاٽ اسان کي خلوص مان تفصيلي احوال ڏنو آهي. (مشرقي واقعا، صفحا 1027-28) ۽ ڊي- گائينس (هنن HUNS) جي تاريخ، iii,189-201).

(19)                      سيڊرينَس، ii,774-775) زونارَس (ii,257)، مشرقي واقعن ۽ حالتن جي دستوري ڄاڻ رکندي، هو سفير کي قانون لاڳو ڪندڙ عملدار ٿا ڪوٺين، بلڪل ائين جيئن مکيه پادري سنسيلَس، خليفي جو جانشين هئڻ سان گڏ وزير پڻ هيو.

(20)                    ٽايَر جي وليمَ کان مون ترڪن ۽ ترڪمانن جي هڪ انفراديت هٿ ڪئي آهي جيڪا مناسب ۽ مشهور آهي. نالا ساڳيا آهن، ۽ ماڻهوءَ جو واڌارو پرسِڪ ۽ ٽيوٽونڪ پهاڪن يا اصطلاحن ۾ ساڳيو آهي. جيمس ڊي وٽري جي لهجي وارا اشتقاق چند ناقد استعمال ڪندا هوندا هيروسول جي تاريخ، (i,ii,1061) جيڪي ترڪماني زبان منجهان آهن جن ۾ گڏيل سڏيل نسلن جي ماڻهن جو تذڪرو آيل آهي.

(21)                      هُنن جي عمومي تاريخ، (iii,165-167) ايم- ڊي گائينس، ابوالمحاسن جو حوالو ٿو ڏئي، جيڪو مصر جو تاريخدان هيو.

(*)     (بغداد جا خليفا).

()      (مصر جا خليفا).

(22)                    ’مشرقي واقعا‘ جو مطالعو ڪيو جنهن ۾ عباسين، قاهر ۽ قائم جون تحريرون موجود آهن ته ساڳئي وقت ان ۾ ايلماسن ۽ ابوالفراجيَس جا تاريخي واقعا به ملن ٿا.

(23)                    هن تقريب کي ملهائڻ لاءِ آءٌ ايم- ڊي گائينس جو شڪرگذار آهيان (iii,197-198) ته ساڳئي وقت اُهو وڏو مصنف وري بونداري جو احسان مند آهي جنهن سلجوڪ جي تاريخ عربي زبان ۾ لکي هئي (v,365) مونکي، بهرحال سندس عمر، سندس ملڪ ۽ هن جي ڪردار جي ڪا به خبر ناهي.

(24)                    (’ساڳئي سال طغرل مري ويو … هو رحمدل بادشاهه هيو، دورانديش ۽ ڏاهو حڪمران هو، جنهن ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي دٻدٻي جو خوف ڀري ڇڏيو هو ته جيئن ٻيا بادشاهه سندس فرمانبرداري ڪن ۽ ساڻس لَهه وچڙ ۾ اچن ۽ هن سان خط و ڪتابت جو سلسلو به جاري رکن‘). ايلماسن (عرب  مسلمانن جي تاريخ، ص 342).

(*)     شهنشاهه نائيسفورَس- II 963-969ع).

()      شهنشاهه جان- I زميسِس، (969-976ع).

()      شهنشاهه باسل II، (976-1025ع).

(25)                     ترڪن ۽ رومين جي وچ ۾ لڳل هنن جنگين ۾، عمومي طور تي زونارَس، سيڊرينَس ۽ سيلزِس، جنهن سيڊرينَس جي ڪم کي جاري رکيو هو، جي لکيل تاريخن جو مطالعو ڪيو ۽ ان کان سواءِ نائيسفوريس برينيَس سيزر جي تاريخ کي به ڏسو، هنن مان پهريان ٻه ويراڳي يا جوڳي هيا، پويان ٻه وري وڏا مدبر هيا، بهرحال يوناني ڪجھ اهڙا ئي هيا جو سندن هلڻ چلڻ ۽ ڪردار مان ڪڏهن هڪڙي کي ٻي کان جدا ڪرڻ يا سڃاڻڻ مشڪل ٿيو پوي. اوڀر وارن لاءِ مون بهرحال ڊي هربيلاٽ تي گهڻو ڀاڙيو آهي (پهرين سلجوقن جا عنوان ڏسو) ته ساڳي وقت ايم- ڊي گائينس کان به رهبري حاصل ڪئي اٿم ڇو ته سندس تفصيل پڻ اعتبار جوڳا هوندا آهن. (هُنن HUNS) جي تاريخ، iii,x).

(26)                    (’ترڪن ۾ اهو افواهه عام ڦهلجي ويو هيو ته ترڪن جي قوم هڪ وڏي طاقت ذريعي تباهه ۽ برباد ٿي ويندي ۽ اُها طاقت مئسيڊان جي اليگزينڊر (سڪندر) جيتري وڏي هوندي جڏهن هن فارس وارن کي تباهه ڪيو هو‘). سيڊرينَس، ii,791، جاهل ۽ ڀورڙا ماڻهو جلد اهڙين ڳالهين تي اعتبار ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ترڪن، عربن کان ايسڪانڊر ڊاڪارنين جي روايت کي چڱيءَ طرح سمجهي ورتو هو. (ڊي- هربيلاٽ، صفحا 317 وغيره).

(*)     گِبن سندن مذهبي گمراهيءَ جو باب 47هين ۾ ذڪر ڪيو آهي).

(27)                    (’اُهي جيڪي آئيبيريا (جارجيا) ميسوپوٽئميا، ۽ آرمينيا ۾ رهن ٿا ۽ جيڪي يهودين جي نستوري ۽ لاديني فرقيواريت ۾ يقين رکن ٿا‘).سيلزِس ۽ سيڊرينَس (ii,834) جن جي مشڪوڪ ڪوشش، مون کي ڪنهن به شڪ يا گمان ۾ مبتلا نه ڪندي ۽ نه وري مون کي اهو گمان ذهن ۾ ويهندو ته هن ئي نستوري فرقيواريت کي جنم ڏنو آهي. هو اڪثر ڪري ’خدا جي غضب، ڪاوڙ ۽ سخت ناراضگيءَ‘ بابت ڳالهائيندو رهندو آهي ۽ هي اهڙيون صفتون آهن جيڪي، مون کي شڪ ٿو پوي ته، هڪ ’مڪمل ذات‘ لاءِ ڌاريون ۽ بيگانيون آهن پر سندس مذهبي ڪٽرپڻو خود اها ڳالهه قبول ٿو ڪري ته اُنهن کي پوءِ بنياد پرست رومين طرفان جلد فارغ ڪيو ويو هو.

(28)                    جيڪڏهن جارجيا جي رهواسين جا نالا يونانين کي معلوم هجن ها (اسٽرٽر، بازنطيني يادگيريون، (ٽام، iv) ته پوءِ آءٌ سندن زراعت کان اُهي حاصل ڪيان ها ته ڄڻ اُهي هيروڊوٽس جا سيٿيا جا هاري ناري هيا. (iv,18,289 جنهن کي ويسلنگ ايڊٽ ڪيو) پر اها ڄاڻ فقط صليبي جنگين کان پوءِ ملي سا به وري فقط لاطينين کي. (وٽرئيڪو، هيروسول جي تاريخ، 79,1095). ۽ مشرقي واقعا، (ڊي- هربيلاٽ، ص 407) ۽ اها معلومات يقيني طور تي ڪپاڊوشيا جي سينٽ جارج کان حاصل ڪئي وئي هئي.

(29)                    موشيم (ڪليسائي تاريخ، ص 632) ان کان سواءِ چارڊن جا سفر ناما پڻ ڏسو (i,171-175) جن ۾ هنن خوبصورت ماڻهن پر هڪ بيڪار ۽ نالائق قوم جا طور طريقا ۽ رهڻي ڪهڻي کي ڏسو. هن سلسلي ۾ وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ايم- ڊي گائينس طرفان تيار ڪيل سندن شجرو ڏسو جيڪو ڏاڏي آدم کان وٺي اڄ ڏينهن تائين وٽن موجود آهي (i,433-438).

()      (شهنشاهه ڪانسٽئنٽائن، x جي بيوهه جنهن 1059 کان 1067ع تائين حڪومت ڪئي).

()      (ايندڙ سال ۾).

(30)                    شهر جو ذڪر ڪانسٽئنٽائن پورفروجينيَنٿَس (شاهاڻي انتظام، ii,44,119) ۾ ڪيو آهي ۽ يارهين صدي جي بازنطينين پڻ ان جو تذڪرو ڪئنزڪرتي جي نالي ۾ ڪيو آهي ته ٻين وري ٿيوڊوسوپولس جو نالو وٺي ڪجھ مونجهارو پيدا ڪيو آهي، پر ڊيلسلي، پنهنجن حاشين ۽ نقشن ذريعي ان مونجهاري کي سلجهائي ڇڏيو آهي. ابوالفدا (جاگرافي ۽ نقشا، xviii، صفحو 310) مالاسگرڊ کي ننڍڙو شهر ٿو ڄاڻائي جنهن کي ڪارن پٿرن سان تعمير ڪيو ويو هو ۽ جنهن ۾ پاڻي به هوندو هو، پر ان ۾ وڻ ڪونه هيا.

(31)                      ’يونان جا اُوذي (اسٽرٽر، بازنطيني يادگيريون، iii,923-948) مشرقي ماڻهن لاءِ خاص آهن. (هنن جي تاريخ، iii,113,ii,522 وغيره) اُهي دنيوب ۽ وولگا ندين تي ظاهر ٿيندا آهن جيڪي آرمينيا، شام ۽ خراسان ۾ آهن ۽ ائين ٿو لڳي ته اهڙو نالو سڄي ترڪمان قوم سان لاڳو ڪيو ويو هو.

(32)                    ارسيليَس (زونارَس جو رسيليَس) کي سسلي جي نارمن فاتحن ۾ جعفري ملاترا طرفان گهڻو مٿاهون ڏيکاريو ويو آهي ۽ سندس ذات يا لقب بهلول هيو ۽ اسان جا پنهنجا تاريخدان اسان کي ٻڌائيندا ته بهلول نارمنڊي کان آيا هيا يا دُرهم کان ۽ جن برنارڊ جو قلعو به ٺهرايو هو ۽ اسڪاٽلئنڊ جي هڪ ملڪيت جي وارثياڻيءَ سان شادي ڪيائون وغيره. ڊوڪين، ۽ نه نائيسفورَس برينيمَ II نمبر 4) محنت ڪئي آهي ته جيئن صدر بهلول کانئُس خوش ٿئي جنهن جي پيءُ فقط هڪ لباس جي بدلي ۾ پنهنجي ترار جو سؤدو ڪري ڇڏيو هو.

(33)                    ايلماسن (صفحا 343-344) گهوڙن جو هڪ امڪاني تعداد ٿو ٻڌائي جنهن کي ابوالفراجيَس گهٽائي 15000 ڪري ڇڏيو آهي (ص 227) ۽ ايم- ڊي هربيلاٽ ان کي ويتر گهٽ ڪري 12000 ڪري ٻڌايو آهي. پر ساڳئي ايلماسن شهنشاهه جي لاءِ 300,000 ماڻهن جو تعداد ٻڌايو آهي جنهن جي لاءِ ابوالفراجيَس هينئن ٿو چوي: (’هن وٽ فقط 100,000 ماڻهو، گهڻا گهوڙا ۽ شان شوڪت هيو‘). يونانين، بهرحال ڪو به تعداد نه ٻڌايو آهي.

(34)                    بازنطيني ليکڪن سلطان جي موجودگيءَ بابت واضح طور ڪجھ به نه ٻڌايو آهي، هن پنهنجون فوجون هڪ کدڙي جي حوالي ڪري ڇڏيون هيون، ۽ پاڻ هڪ مفاصلي تي خاموش ٿي ويهي رهيو هو. ڇا هيءَ ڳالهه جهالت يا حسد جو نتيجو آهي يا وري ان ۾ ڪا صداقت به آهي؟

(35)                     هو سيزر جان ڊيوڪس جو پٽ هو جيڪو شهنشاهه ڪانسٽئنٽائن جو ڀاءُ هيو. (ڊوڪينج، بازنطيني قصا ص 165) نائيسفورس برينيَس هن جي ڪردار جي تعريف ٿو ڪري ۽ هن جي غلطين تي پرده پوشي ٿو ڪري. (i,30,38,ii,53) تنهن هوندي به هو رومين سان پنهنجي دشمنيءَ جو اقرار ٿو ڪري. (’هو شهنشاهه کان ڪجھ قدر پُٺيرو هيو‘).سيلزِس سدائين غداريءَ جو ذڪر کليل لفظن ۾ ٿو ڪري.

(36)                    جن حالتن ۽ واقعن کي اسان سيلزِس، ۽ ڪانسٽئنٽائن مناسِس ۾ پڙهي ۽ شڪ ڪريون ٿا، اُنهن کي نائيسفورس ۽ زونارَس دورانديشيءَ مان نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي.

(37)                    ڏَن يا جزيي کي اوڀر جي ماڻهن تسليم ڪيو آهي. ٻيا يوناني هن معاملي تي خاموش آهن پر نائيسفورَس برينيَس جرئت ڪندي ٻڌائي ٿو ته (’اُهي شهنشاهت جي مان شان کان هروڀرو وڏا نه هيا‘). ۽ شهنشاهه شرمناڪ صلح نامي جي بجاءِ موت کي قبول ڪرڻ وڌيڪ پسند ڪري ها.

(38)                    رومنَس ڊايوجينس جي شڪست ۽ سندس قيدي بنجڻ کي جان سيلزِس ۾ پڙهي سگهجي ٿو جنهن جو حوالو سيڊريني ڏنو آهي. (ii,835-843) زونارَس ii,281-284، نائيسفورَس برنيَس، I,25,32 گليڪاس، صفحا 325-357، ڪانسٽئنٽائن مناسِس، ص 134، ايلماسن، عرب مسلمانن جي تاريخ، صفها 343-344، ابوالفراجيَس، بادشاهن جي تاريخ، ص 227، ڊي- هربيلاٽ، صفحا 102-103 ايم- ڊي گائينس، iii,207-211) منهنجي پراڻن تعلقن کان سواءِ، ايسلماسن، ابوالفراجيَس، هُنن (HUNS) جي تاريخ جي ليکڪ ابوالفدا جو به خوب مطالعو ڪيو آهي ته وري سندس ئي ٻي همعصر بينشوناهه جنهن خليفن بابت گهڻو ڪجھ لکيو هو، ان کي به هن نظر هيٺ آندو آهي، تنهن کان سواءِ مصر جي ابوالمحاسن ۽ آفريڪا جي نوائري جو به مطالعو ڪيو ويو آهي.

(39)                    هن دلچسپ موت جو احوال اسان کي هربيلاٽ ڏنو آهي (صفحا 103-104) ته ساڳئي وقت ايم- ڊي گائينس به ان باري ۾ اسان کي معلومات ڏني آهي. جيڪا مشرق جي هڪ ليکڪ تان ورتل آهي. (iii,212-213) پر ٻنهي پنهنجين تحريرن ۾ اُهو روح نه ڀريو آهي جهڙو ايلماسن جو انداز آهي. (عرب مسلمانن جي تاريخ، صفحا 344-345.

(40)                    وڏي شهرت واري هڪ نقاد (ڊاڪٽر جانسن) جنهن پوپ جي ڪتبن جو جائزو وڏي غور سان ورتو آهي، اُهو شايد هن زبردست تحرير تي ڦڏو ڪري ته ’مارو جي تِلافي‘ ڇو ته پڙهندڙ مارو وٽ، ڪتبي پڙهڻ کان اڳ ۾ ئي پهچي چڪو هوندو.

(41)                      مشرقي واقعن ۾ مالڪ شاهه جي حڪومت جي باري ۾ تفصيل ڏنل آهن. (صفحا 542-544,654-655) ۽ هنن (HUNS) جي عمومي تاريخ ۾ (iii,214-224) گهڻو ورجاءُ، مسودي جون درستگيون وغيره. تاريخدان منهنجي رهبري نه ڪن ها ته آءٌ مشرقي دنيا جي معاملن ۾ هڪ انڌي جيان هجان ها.

(42)                    سر وليم جونس جي لکيل نادر شاهه جي تاريخ، ۽ شاعر عمق، انوَري ۽ راشدي جا مقالا ۽ مضمون جيڪي مشرقي واقعن ۾ ڄاڻايل آهن اُنهن جي آخر ۾ هڪ دلچسپ گفتگو بيان ٿيل آهي، ان جو مطالعو ضرور ڪجي.

(43)                    سندس نالو خضر خان هيو. سندس صوفا سيٽ جي چؤڌاري چار بئگون پيل هيون ۽ جيئن ئي هن شاعري ٻڌڻ شروع ڪئي، ته هو سون ۽ چانديءَ جي ٽُڪرن جون مُٺيون ڀريندو شاعرن ڏانهن اُڇليندو ويو. (ڊي- هربيلاٽ ص 107) ممڪن آهي هي سڀ ڪجھ سچ هجي، پر مان اهو نٿو سمجهي سگهان ته هُن مالڪ شاهه جي دؤر ۾ ٽرنسوڪسيانا يا ايشيا مائنر ۾ حڪومت ڪيئن ڪئي يا خضر خان، مالڪ شاهه کان طاقت ۽ دٻدٻي ۾ اڳتي ڪيئن وڌي ويو. منهنجو خيال آهي ته يارهين صديءَ جي شروعات (پڄاڻي هرگز نه) سندس حڪومت جي اؤج وارو زمانو هو.

(44)                    ڏسو چارڊن کي، سامونڊي سفر ۾ (ii,235).

(45)                     جلال ديني دؤر (جلال الدين- يعني ايمان جي مضبوطي، اهو مالڪ شاهه جي گهڻن خطابن منجهان هڪڙو خطاب هو ۽ اهو لقب کيس 15 مارچ 1079 (471هه) ۾ مليو هو. ڊڪاٽر هائيڊ، فارسين ۽ عربن جون اصلي شاهديون پيش ڪيون آهن. (16,200-21).

(46)                    هوءَ فارس وارن جي شاهيءَ کي هينئن ٿي بيان ڪري: (’سُڃائي ۽ ڀينگيائيءَ کان به وڌيڪ بدتر‘). ائناڪمنينا، مالڪ شاهه جي حڪومت جي خاتمي جي وقت فقط نوَن سالن جي هئي ۽ جڏهن هوءَ سندس قتل جو ذڪر ڪري ٿي ته هوءَ سلطان کي وزير سمجهي غلط فهميءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿي. (اليگزيَس vi,177-178).

(47)                    اهو ايڏو ته اڻ چٽو هيو جو فقط ايم- ڊي گائينس ئي ان کي نقل ڪري سگهيو. (i,244,iii,i,269 وغيره) اهو ڪم سلجوقن يا ڪرمانن جي تاريخ بابت هيو جيڪو مشرقي واقعن ۾ ڄاڻايل هيو. انهن سڀني گهراڻن جو ڏِيئو ٻارهين صدي عيسوي جي آخر تائين وسامي چڪو هيو.

(48)                    ٽيوَرنيئَر فقط اڪيلو سياح هو جنهن ڪرمان کي ڏٺو هو ۽ اُهو گاديءَ جي هنڌ کي هڪ تباهه ٿيل ڳوٺ ٿو ڪوٺي جيڪو اصفحان کان پنجويهن ۽ اورمَس کان ستاويهن ڏينهن جي مسافري جيتري پنڌ تي هو ۽ اهي رستا سرسبز ۽ زرخيز خطي منجهان ٿي گذريا. (ترڪي جا سامونڊي سفر هڪ نظر ۾، صفحا 107-110).

(49)                    ائناڪمنينا اسان کي ٻڌائي ٿي ته ايشيا مائنر جا ترڪ وڏي سلطان جي سفيرن جا حڪم مڃيندا هيا (اليگزيَس vi,170) ۽ سليمان جي ٻن پٽن کي سندس گهر ۾ روڪيو ويو هيو. (ص 180).

(50)                     هن اظهار جو حوالو پيٽِٽ ڊي لاڪروئڪس طرفان اسان تائين پهتو آهي (واءِ، ڊي گينجسڪئن، ص 161) جيڪو فارس جي ڪنهن شاعر طرفان بيان ڪيل آهي.

(51)                       ايشيا مائنر جي فتح تي، ايم- ڊي گائينس، ترڪ يا عرب ليکڪن کان ڪا به مدد نه ورتي آهي جيڪي رُوم جي سلجوقن کي بي نقاب ڪري ٿا ڇڏين. يوناني وري پنهنجي شرم کي لِڪائڻ ۾ پورا آهن. تنهن ڪري اسان کي ڪجھ اِشارا سيلزِس کان وٺڻا پوندا. (صفحا 860,863) ۽ نائيسفورَس برينيَس (صفحا 88,91-92,103-104) ۽ ائناڪمنينا (اليگزيَس، صفحا 168,91-92 وغيره).

(*)     (مائيڪل- vii ڊيوڪَس، شهنشاهه، 1071-1078).

(*)     (اليگزيَس- I ڪومنيَس، شهنشاهه 1081-1118).

(†)     (رابرٽ گِسڪارڊ، اپُوليا جو نارمن حاڪم).

(52)                     رُوم جو احوال ئي اهڙو آهي جنهن کي هيئتن بيان ڪيو آهي جيڪو آرمينيا جو تاريخدان هيو جنهن جي تاتارين بابت تاريخ روميسيو ۽ برگران وٽ ملي سگهي ٿي. (ڏسو ابوالفدا کي، موسمن بابت سندس جاگرافي، xviii، صفحا 301-305).

(53)                     (گِبرٽ ائبٽ، تاريخ، هيروسول i,468) اها ڳالهه عجيب ٿي لڳي ته موجوده دؤر ۾ اسان ساڳين ماڻهن منجهان هڪ جهڙا ماڻهو ڳوليون. (’اهڙو ڪو به ظلم ڪونه هو جيڪو ترڪن طرفان ماڻهن سان نه ڪيو ويو هجي، ۽ اُنهن سپاهين جيان جيڪي ڪنهن به شهر کي تباهه ڪرڻ وقت وحشي بڻجي وڃن ٿا ۽ هر ان ماڻهوءَ تي هٿ کڻن ٿا جيڪو به سندن خيال يا تصور ۾ اچي ٿو ۽ سندن اها دعويٰ آهي ته هنن ڪو به چڱائيءَ وارو ڪم نه ڪيو آهي؛ ڪيترن ئي سپاهين (گهوڙي سوارن) يهودين جي عبادت گاهن جي مذهبي پيشوائن سان نهايت ئي ذلت آميز سلوڪ ڪيو ۽ يونان جا پادري به سندن غير انساني سلوڪ کان محفوظ نه رهيا‘). (بئرن ڊي ٽاٽ جون يادگيريون، ii,193.

(54)                     شهنشاهه توڙي پادري ترڪن جي ڪئمپ جو احوال ائين بيان ڪن ٿا ڄڻ ته اُهي ٻئي اُتي موجود هيا. (’مائرن کي قابو ڪري، اُنهن جي ڌيئرن جي موجودگيءَ ۾ ڪيترن ماڻهن اُنهن سان زنا ڪئي ۽ سندن ڌيئُن کي ويتر مجبور ڪيو ويو ته اُهي ڳائڻ ۽ نچڻ ٽپڻ ۾ ساڻن شريڪ ٿين. هن گندي ڪم کان پوءِ ڌيئرن سان به ساڳي زيادتي ڪئي وئي‘).

(55)                      ڏسو انتاڪيا (ائنٽئڪ) ۽ سليمان جو موت ائناڪمنينا ۾. (اليگزيَس، vi,165-169) جنهن ۾ ڊوڪينج جا حاشيا به شامل آهن.

(56)                     ٽايَر جو وليَم (i,9-10,635) ترڪن جي سوڀن بابت مستند پر افسوسناڪ احوال ٿو ٻڌائي.

(57)                     فلانڊرس جي ڪورٽ ڏي لکيل هڪ خط ۾، اليگزيَس پنهنجي مرتبي ۽ ڪردار کان به گهڻو هيٺ يا نيچائيءَ طرف هليو ٿو وڃي؛ پر تنهن هوندي به ڊوڪينج سندس نيچائي واري رَويي تي اعتراض نٿو ڪري. (اليگزئڊ، صفحا 335 وغيره) جنهن کي ائبٽ گِبرٽ پنهنجي هڪ جملي ۾ بيان ڪيو آهي جيڪو سندن همعصر تاريخدان هيو. يوناني متن هاڻي نٿو ملي، هر مترجم يا ڪاپي ڪندڙ شايد ئي گبرٽ سان متفق ٿئي (ص 475) ’اهو منهنجن لفظن ۾ بيان ڪيل آهي‘.

(58)                     حرقل (هيراڪليَس) کان صليبي جنگين تائين، جيروسلم جي تاريخ جو بهترين ذخيرو ٻن تحريري ٽڪرن ۾ محفوظ آهي جيڪي ذخيم پڻ آهن ۽ اُنهن جو مصنف وليم- ٽاير جو مکيه پادري آهي (i,1-10,xviii,5-6) جيڪو گيسٽا ڊي جو وڏو مصنف ڀي آهي. ايم- ڊي گائينس هڪ عالماڻي تحرير لکي آهي. (نقش و نگار جي اڪيڊمي، xxxvii,467-500).

(*) 637 عيسوي ۾ هڪ رڻ پٽ کي اُڪاريو ته جيئن جيروسلم جي پيش پوڻ کي ملهائي سگهي.

(59)                     ٽاير جي وليم جي لاطينيت ڪنهن به صورت ۾ نفرت جوڳي نه آهي پر 490 سالن جا تفصيل لکندي، يعني جيروسلم جي وڃائڻ کان پوءِ ٻيهر ان کي حاصل ڪرڻ تائين جو عرصو، هو حقيقت کان ٽيهه سال اڳتي هليو ويو آهي.

(†)     (ان سان تعلق رکي ٿو).

(60)                    مقدس سرزمين سان چارليمئگني جي رابطن ۽ واسطن لاءِ ايگنهارڊ جو مطالعو ڪيو (16,79-82) ڪانسٽئنٽائن پورفروجينيٽس (شاهي انتظام، ii,20,80) ۽ پاگي، (تنقيد ٽام 800,iii عيسوي، نمبر 13-15).

(*)     (خليفو، 786-809ع).

(61)                      خليفي کيس پورا حق ۽ سهولتون ڏنيون: ’اَملفي جي سلڇڻن ۽ دوستي لائق ماڻهن ڏانهن منسوب، جيڪي ڪارآمد سامان پهچائن ٿا‘. (گيسٽا ڊي، ص 934) وينِس کان مصر ۽ فلسطين ڏانهن واپار ذريعي اُهو لقب تيستائين نٿو ملي سگهي جيستائين اسين فرانسيسي ماڻهوءَ جو اهو کِلڻ جهڙو ترجمو پيش ڪريون جنهن غلط فهميءَ مان سرڪس جا ٻه طبقا (وينيٽي يا پراسيثي) هڪ ٻئي سان بدلائي ڇڏيا هيا.

()      (هڪ خدا ۾ يقين ڪرڻ وارا، هتي اهو اشارو فقط مسلمانن لاءِ آهي).

(62)                    جيروسلم جي عربي ۾ لکيل تاريخ (آسيمن، مشرقي واقعا، i,628,iv,368) خليفي ۽ تاريخدان جي لادينيت جو اعتراف ڪري ٿي، تنهن هوندي به ڪئنٽاڪزين ان معاملي جي سچائيءَ جي تصديق ڪرڻ لاءِ ان کي مسلمانن ڏانهن رجوع ٿو ڪري ته ساڳي وقت معجزي جي سچائيءَ لاءِ به سندن تصديق جو طلبگار ٿئي ٿو.

(63)                    ڪليسائي تاريخ تي هڪ مضمون ۾، عالم فاضل موشيم فريبڪاري واري معجزي تي جدا روشني وڌي آهي. (ii,214-306).

(64)                    مالسمبري جو وليمَ (iv,ii,209) جوڳي برنارڊ جي سفرنامي جو حوالو ٿو ڏئي جنهن جيروسلم کي 870ع ۾ چڱيءَ طرح وڃي ڏٺو هو ان معجزي جي تصديق هڪ ٻي زيارتي شخص به ڪئي آهي جيڪو موشيم کان عمر ۾ ڪجھ سال وڏو هو؛ پر موشيم جو پڪو خيال آهي ته ان معجزي کي چارليمئگني جي موت کان پوءِ فرئنڪن پاڻ ايجاد ڪيو هو.

(65)                     اسان جا سياح (سئنڊز ص، 134) ٿيوناٽ (صفحا 621-627) مانڊريل (صفحا 94-95) وغيره به هڪ ڌوڪي ۽ وڏي فريبڪاريءَ کي بيان ڪن ٿا. البت ڪئٿولڪ عيسائي اڃا تائين فيصلو نه ڪري سگهيا آهن ڇاڪاڻ ته جيئن اهو ڌوڪي وارو معجزو ختم ٿيو ته اٽڪلون ۽ چالبازيون شروع ٿي ويون.

(66)                    اوڀر جا ماڻهو خود ان فريبڪاريءَ کي تسليم ڪن ٿا ۽ ان ۾ سڌاري آڻڻ يا ان جي حقيقت کولڻ تي زور ڀَرن ٿا. (ڊي شوئليئَر آرويڪس جون يادگيريون، ii,140) يوسف ابو دکني (مصري عيسائين جي تاريخ، باب 20) پر مان موشيم سان گڏجي ان جو طريق ڪار بيان نه ڪندس. اسان جا سياحَ، نئپلس ۾ سينٽ جئنوئرِس جي رَت جي معاملي ۾ ناڪام ٿيا آهن (جنهن لاءِ چيو ٿو وڃي ته رت، پاڻي ٿي ويو هو).

()      (خليفو، 996-1021ع).

(67)                    ڏسو ڊي هربيلاٽ کي (مشرقي واقعا، ص 411) ريناڊوٽ (سردارن ۽ پادرين جي تاريخ، اليگزيَس، صفحا 390,397,400-401) ايلماسن (عرب مسلمانن جي تاريخ، صفحا 321-323) ۽ مئري (صفحا، 384-386) مصر جي هڪ تاريخدان جنهن جو عربيءَ مان جرمن زبان ۾ ترجمو رزڪي ڪيو هو، ان جو ترجمو وري منهنجي هڪ دوست مونکي ذاتي طور ڪري ٻڌايو هو.

(68)                    ڊروُزن جو مذهب، سندن ئي جهالت ۽ منافقت ۾ لڪل رهيو آهي. سندن ڳجها اصول ۽ مَتا انهن جي خاص ماڻهن تائين محدود ٿين ٿا جيڪي غور ۽ فڪر واري زندگي گذارن ٿا. باقي جيڪي جاهل ۽ جهنگلي ڊروز آهن، اُهي عام انسانن کان مختلف نظر ايندا آهن ۽ مذهبي طرح نه مسلمانن سان ملندا آهن ۽ نه وري پاڙي جي عيسائين سان سندن رابطو رهندو آهي. ڪجھ ٿورو گهڻو، جيئن اُهي آهن، وري به محنتي نيبهر وٽ ڏسي سگهجي ٿو (سامونڊي سفر، ii,354-357) ۽ اُنهن جو احوال ايم- ڊي والني جي سفرنامي جي ٻي جلد ۾ پڙهي سگهجي ٿو.

(*)     (معجزاتي شُعلو).

(69)                    ڏسو گلابر، (iii,7) ۽ بئرونيَس ۽ پاگي جا واقعا 1009ع.

(70)                    (’بيشمار ماڻهو هڪ ۽ ساڳئي وقت تي پنهنجي مسيحا جي مقبري تي جيروسلم ۾ وڃي گڏ ٿيا ۽ اڃا به وقفي سان گڏ ٿيندا رهيا، ماڻهن جي ايڏي ۽ ايتري وڏي تعداد جو ڪنهن کي به اُميد يا انديشو ڪونه هو، هيٺئين طبقي جا ماڻهو… وچين ڪلاس جا ماڻهو… بادشاهه ۽ نواب… قومي اڳواڻ، ڪيتريون ئي معزز عورتون… ۽ مسڪين ۽ غريب ماڻهو سڀئي هڪ جڳهه تي وڃي گڏ ٿيا. اُنهن مان گهڻن ماڻهن جي اها خواهش هئي ته پنهنجي وطن ڏانهن موٽي وڃڻ کان بهتر اهو هو ته هن مقدس سرزمين تي مري وڃن‘). گلابر، iv,6 فرانس جي تاريخدانن جو گلدستو، (x,50).

(*)     (زيارتي).

(71)                      گلابر (iii,1) ڪٽونا (هنگري جي تنقيدي تاريخ، i,304-311) ان ڳالهه جو جائزو ٿو وٺي ته ڇا سينٽ اسٽيفن جيروسلم ۾ واقعي هڪ خانقاهه تعمير ڪئي هئي؟

(72)                    بئرونيَس (1064ع، نمبر 43-56)، اِنگلفس، مئرئينَس ۽ لئمبريٽس جي تحريرن جو ڪافي ڪامياب ترجمو ڪيو آهي.

(73)                    ڏسو ايلماسن (عرب مسلمانن جي تاريخ، صفحا 349-350 ۽ ابوالفراجيَس (خاندانن جي بادشاهت، ص 237 جنهن کي پوڪوڪ جي مقابلي ۾ لکيو ويو). ايم- ڊي گائينس (هُنن (HUNS) جي تاريخ iii,i,215-216) جنهن ۾ ابوالفدا ۽ نوائري جون شاهديون ۽ نالا ڏنا ويا آهن.

(74)                    ايثار عزيز جي معرڪي کان (469هه، 1076ع) آرتڪيُن جي نيڪاليءَ تائين (1096ع). تنهن هوندي به ٽاير جي وليم (i,6,633) جو خيال آهي ته جيروسلم اٺٽيهن سالن تائين ترڪن جي حڪمرانيءَ هيٺ رهيو هو ۽ هڪ عرب تاريخدان، جنهن جو حوالو پاگي ڏنو آهي، اندازو ٿو لڳائي ته شهر کي خارض ميان تباهه ڪري ڇڏيو هو جيڪو بغداد جي خليفي جو هڪ جنرل هيو، 463هه، 1070ع). هي اڳيون تاريخون، ايشيا جي تاريخ سان گهڻي ڀاڱي مطابقت نٿيون رکن ۽ مون کي يقين آهي ته 1064ع تائين (قاهره جي) ’شاهي بابل‘ جو ڌاڪو اڃا تائين فلسطين ۾ ڄميل هيو. (بئرونيَس، 1064ع، نمبر 56).

(75)                     ايم- ڊي گائينس (هُنن (HUNS) جي تاريخ، i,249-252).

(76)        ٽاير جو وليَم (i,8,634) جنهن وڏي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن عيسائين جي شڪايتن کي وڏو ڪري ۽ وڌائي پيش ڪري. ترڪ هر زيارتيءَ کان هڪ سون جو ٽڪرو وٺندا هيا؛ (۽ هي ٽئڪس ترڪن طرفان فقط عيسائي واپارين تي مڙهيو ويندو هو) جيڪو فرئنڪن جي مٽاسٽا موجب 14 ڊالرن جو آهي، بهرحال يورپ کي ان ٽئڪس کان ڪا به شڪايت ڪانه هئي.

 

باب اٺوَنجاهون

 

پهرين صليبي جنگ جي شروعات ۽ ماڻهن جو تعداد- لاطيني بادشاهن جو ڪردار- قسطنطنيـﮣ طرف سندن پيش قدمي- يوناني بادشاهه اليگزيَس جي پاليسي- فرئنڪن طرفان نائيسيا، انتاڪيا ۽ جيروسلم جي فتح- مقدس مقبري جو ڇوٽڪارو- گاڊفري بولَن جيروسلم جو پهريون بادشاهه- فرانسيسي يا لاطيني بادشاهت جا ادارا.

ترڪن طرفان جيروسلم جي فتح کان ويهه سال پوءِ اميئينَس جي رهواسي ۽ هڪ ويراڳي پيٽر، مقدس مقبري جي زيارت وڃي ڪئي جيڪو فرانس ۾ پڪار ڊي(1) جي صوبي ۾ آهي. عيسائين کي جيڪي اذيتون مليون هيون اُنهن کيس غمگين بنائي ڇڏيو هو ۽ اُنهن سان همدرديءَ جا منجهس جذبا جاڳي پيا، هن پنهنجي وڏي مذهبي پيشوا سان حال ونڊيو ۽ ڏکوئيندڙ صورتحال تي ساڻس گڏجي ڳوڙها ڳاڙيا ۽ کانئُس معلوم ڪيو ته يوناني بادشاهن کان، اوڀر جي ملڪن جي لاءِ مدد وٺڻ جو ڪيترو امڪان هيو. سندس مذهبي چڱي مڙس، ڪانسٽئنٽائن جي جانشينن جا عيب ۽ اوڻايون ويهي ڳڻايون پر ويراڳي پيٽر ساڻس هنن لفظن سان مخاطب ٿيو: ”آءٌ يورپ جي جنگجُو قومن کي تنهنجي حق ۾ اُٿاريندس‘. ۽ يورپ، ويراڳيءَ جي سڏ تي اُميد افزا موٽ ڏني. بزرگ سندس جوش جذبي تي حيران ٿيو پر پوءِ جلدئي کيس اعتماد وارا پر شڪايتن سان ڀريل خط لکي ڏنائين ۽ جيئن ئي هو باري جي خطي ۾ پهتو ته پيٽر روم جي وڏي پادريءَ آڏو جهُڪيو ۽ کيس پيرن تي چميون ڏنائين. هو قد جو ننڍو ۽ سندس مُنهن مُهانڊو بُڇان ڏياريندڙ هيو پر سندس اکين ۾ چَمڪ ۽ هوشياري هئي ۽ سندس تقرير ۾ شعله بيانيءَ جا ايترا ته عنصر موجود هيا جو جيڪو به کيس ٻُڌندو هو ته ضرور متاثر ٿيندو هو(2). هو هڪ معزز گهراڻي ۾ پيدا ٿيو هو (ڇو ته اسان هاڻي جديد اصطلاح استعمال ڪنداسين) ۽ هن فوجي تربيت بولون جي نوابن جي ڇپَر ڇانوَ هيٺ حاصل ڪئي هئي جيڪي پهرين صليبي جنگ جا سپوت هيا. پر هن جلد ئي ترار کي خير باد چيو ۽ دنيا توڙي دنياداري کي به ڇڏي ڏنائين ۽ جيڪڏهن اهو سچ آهي ته سندس گهر واري، ڀلي کڻي سٺي خاندان جي هئي، پر حقيقت اها آهي ته هوءَ وڏي عمر جي ۽ بيحد بُڇڙي هئي، تنهن ڪري هن سندس بسترو ڇڏي هڪ خانقاهه ۾ وڃي رهڻ شروع ڪيو ۽ ان فيصلي ڪرڻ ۾ کيس ڪا به زحمت ڪانه ٿي. ڪجھ وقت کان پوءِ هن خانقاهه کي به ڇڏي ڏنو ۽ راهبن جي ديري تي وڃي رهيو. سادگي واري اڪيلائيءَ ۾ هو ڳري هڏائون پڃرو ٿي ويو هو پر سندس اندر جو انسان وڌيڪ توانا ۽ طاقتور ٿي ويو. هو جيڪو ڪجھ چاهيندو هو ته اهو خود بخود ٿي ويندو هو ۽ جنهن ڳالهه جي خواهش ڪندو هو ته اُهو سڀ ڪجھ هو خوابن ۾ ڏسندو هو ۽ جلوَن ۾ پَسندو هو. زيارت جو هي طلبگار جيروسلم کان جڏهن واپس موٽيو ته مذهبي جنوني ٿي ويو؛ پر جيئن ته هو پنهنجي وقت جي ديني چريائپ ۾ سڀني کان اڳتي هو، پادري اربن- ٻئي، پيغمبرن جيان سندس استقبال ڪيو، سندس منصوبن جي واکاڻ ڪيائين۽ انهن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ساڻس واعدو ڪيائين ته هو جنرل ڪائونسل ۾ سندس منصوبن جي پوئواريءَ ۾ سندس مدد ڪندو ۽ کيس همٿايائين ته ’مقدس ڌرتي‘ جي ڇوٽڪاري لاءِ پنهنجون ڪوششون ڀلي تيز ڪري ڇڏي. وڏي پادري طرفان سندس تعريف ڪرڻ ۽ کيس همٿائڻ تي، هن جا حوصلا اڳي کان به بلند ٿي ويا ۽ هن مذهبي پرچارڪ مختلف خِطن جو سفر ڪيو جنهن ۾ خاص نمايان اٽلي ۽ فرانس جا صوبا هيا. هو تمام معمولي ۽ ٿورڙو کاڌو کائيندو هو، سندس عبادتون ڊگهيون ۽ خلوص واريون هونديون هيون، ۽ خير خيرات ۾ جيڪو به مال زر کيس هڪڙي هٿ ۾ ملندو هو ته بنا دير اُهو سندس ٻي هٿ کان غريبن مسڪينن ڏانهن هليو ويندو هو؛ سندس مٿو ۽ پير اُگهاڙا هوندا هيا ۽ سندس هڏائين پڃري جهڙو ٿورڙو جسم کَدر جهڙي ڪپڙي سان اوڍيل رهندو هو، هن کي هميشه هڪ وزني صليبي نشان پاتل هوندو هو جنهن جي هو نمائش ڪندو رهندو هو ۽ جنهن گڏهه تي هو سواري ڪندو هو، اُها به ماڻهن جي نظر ۾ مقدس هوندي هئي ڇاڪاڻ ته هو ان مٿان سواري تڏهن ڪندو هو جڏهن الله جي راهَه ۾ کيس ڪو ڪم ڪرڻو هوندو هو. هو بيشمار ماڻهن آڏو مذهبي پرچار ڪندو رهندو هو يعني ڪليسائن، ڳلين، گهٽين ۽ رستن تي بيهي ماڻهن کي سمجهاڻيون ڏيندو هو، شاهي محلات توڙي ماڻهن جي گهرن ۾ وڃڻ جي کيس عام اجازت هئي، ۽ هر خاص توڙي عام سندس تقريرون ٻڌي پڇتائيندا هيا ۽ گناهن کان توبهه تائب ٿيندا هيا. جڏهن هو مقامي ماڻهن توڙي فلسطين جي زيارتين جي تڪليفن ۽ ڏکن جي منظر ڪشي ڪندو هو ته هر سنگدل به موم ٿي رحمدليءَ تي مائل ٿي ويندو هو ۽ روئي ڏيندو هو؛ ۽ جڏهن هو پنهنجن دؤر جي ويڙهاڪن کي پنهنجي ملڪ جي حفاظت ۽ پنهنجي محبتن کي بچائڻ لاءِ تقرير ڪندو هو ته ماڻهو ڪاوڙ ۽ غيرت جي جذبن سان ڀرجي ويندا هيا؛ نفاست جي فن ۽ ٻوليءَ کان سندس ناواقفيت جو ازالو سندس ٿڌن ساهن، ڳوڙهن ۽ جذبن جي ٻاهر اچڻ ذريعي ٿي ويندو هو ۽ جيڪڏهن ڪٿي سندس دليل اڻپورا هوندا هيا ته پوءِ هو حضرت عيسيٰؑ ۽ سندس ماءُ جي خدمت ۾ وڏي واڪي پر عاجزيءَ مان التجائون ڪندو هو، ان سان گڏ هو جنت جي فرشتن ۽ درويشن کي به ٻاڏائيندو هو جن سان سندس گفتگو جو ذاتي سلسلو جاري رهندو هو. اٿينس جا وڏي ۾ وڏا تقرير جا ماهر به سندس تقرير جي فصاحت بلاغت تي ريسون ڪندا هيا ۽ هي ڳوٺاڻو ۽ گهٽ پڙهيل جوشيلو شخص ماڻهن جي دلين ۾ جذبات اُڀارڻ ۾ مهارت رکندو هو ۽ عيسائي دنيا وڏي بي چينيءَ مان پنهنجي وڏي ۾ وڏي پادري جي هدايتن ۽ سندس حڪمن جي منتظر رهندي هئي.

گريگري ستين(*) جي فراخ دليءَ واري جذبي اڳيئي يورپ کي ايشيا جي خلاف مسلح ڪري ڇڏيو هو ۽ سندس جذبن جي خوشبوءَ جو واس اڃا تائين سندس خطن مان ماڻهن کي ايندو رهندو آهي. ائلپس جبل جي ٻنهي پاسن کان پنجاهه هزار ڪئٿولڪ عيسائين، سينٽ پيٽر(3) جي جهنڊي هيٺ پنهنجا نالا داخل ڪرايا هيا ۽ سندس جانشين سندس ارادن بابت انڪشاف ڪيو ته اِهو لشڪر مسلمانن خلاف وڙهڻ لاءِ تيار ٿيو هو جيڪي سندس نظرن ۾ خراب، ناپاڪ ۽ ﷴ ﷺ جن جا پوئلڳ هيا. پر ڪاميابيءَ جي صورت ۾ مان شان ماڻڻ ۽ ناڪاميءَ جي صورت ۾ مِهڻا ملڻ جي سڄي ذميداري اَربن، ٻئي()(4) تي هئي جيڪو عيسائين جي لاءِ ڪارآمد ۽ وفادار شخص هيو. هن اوڀر جي ملڪن جي فتح حاصل ڪرڻ جي مهم شروع ڪري ڇڏي، جڏهن ته روم جي گهڻي حصي تي نه رڳو سندس مخالف گبرٽ روينا جو قبضو هو پر هن ڪيترن شهرن جي قلع بندي به ڪرائي ڇڏي هئي. اربن سان سندس مخالفت فقط پادريت جي منصب جي اعزاز ماڻڻ لاءِ هئي. هن اها به ڪوشش ڪئي ته جيئن اولهه جي ملڪن ۾ اتحاد ٿي وڃي جڏهن ته ڪيترا بادشاهه ڪليسا مان نيڪالي ملڻ تي عوام توڙي پنهنجي ديوَل کان ڪٽجي چڪا هيا ۽ اهو ڪم هن پاڻ ۽ سندس ابن ڏاڏن، شهنشاهه ۽ فرانس جي بادشاهه خلاف شروع ڪيو هو. فرانس جي فلپ پهرئين()، پنهنجي خلاف نفرتن کي صبر سان برداشت ڪيو ڇو ته هن، پنهنجي بدنامي واري زندگي ۽ هڪ فاحشه عورت سان شادي ڪري، ماڻهن جي نفرت وارن رَوين کي ڄڻ پاڻ دعوت ڏني هئي. جرمني جي هينري چوٿين(*) پنهنجي مٿاهين درجي جي حق کي ورجايو ۽ پنهنجن پادرين کي مُنڊي ۽ خاص لَڪڻ عطا ڪيو. پر شهنشاهه جي ڌُر کي نارمنس جي فوجن ۽ نوابزادي مٿلدا(*)(*) اٽلي ۾ تباهه ڪري ڇڏيو ۽ پراڻي جهيڙي ۾ زهر ان وقت اوتيو ويو جڏهن سندس پٽ ڪونراڊ پيءُ جي خلاف بغاوت جو علم بلند ڪيو ته وري سندس زال(5) جي بي شرمائيءَ به زخمن تي لوڻ ٻُرڪيو جڏهن ڪانسٽنس ۽ پليسينشيا جي پئنچاتن ۾ سندس زال بيشمار ڀيرا زناڪاريءَ جو ڏوهه باسيو جنهن ۾ سندس مڙس جو به هٿ هيو جنهن ۾ رَنَ پنهنجي توڙي پنهنجي مڙس جي عزت کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو هو(6). اربن جو مقصد يا ارادا ايترا ته مشهور هيا ۽ سندس اثر رسوخ ايترو ته وسيع هيو جو جنهن ڪائونسل جو اجلاس هن پليسينشيا ۾ سڏرايو هو(7)، ان ۾ اٽلي، فرانس، برگنڊي، سوابيا ۽ بوَئريا جي ٻن سوَن پادرين کان سواءِ چار هزار مذهبي ماڻهن ۽ ٽيهه هزار عام خاص عوام هن ميڙ ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ جيئن ته ڪيڏي به وڏي ڪليسا ۾ عوام جو هيڏو سارو هجوم ماپي نه سگهي ها ته ستن ڏينهن جي ڪانفرنس کي هڪ کليل ميدان تي منعقد ڪيو ويو جيڪو شهر جي بلڪل ويجهو هيو. يونان جي شهنشاهه اليگزيَس ڪمنينَس جي سفيرن جو تعارف ڪرايو ويو ته جيئن اُهي پنهنجي حاڪم جي تڪليفن کي بيان ڪن؛ هوڏانهن قسطنطنيہ طرفان به خطرو موجود هو جيڪو سمنڊ جي سنهي پٽيءَ ذريعي ٻن حصن ۾ ورهايل هو جنهن مان هڪ تي فاتح ترڪن جو قبضو هو جن کي عيسائيت جي نالي کان به چِڙ ايندي هئي ۽ اُهي عيسائين جا سخت دشمن هيا. ٻاڏائڻ واري انداز ۾ هنن تقرير شروع ڪئي ۽ لاطيني بادشاهن جي خوشامد ڪرڻ شروع ڪيائون ۽ عاجزيءَ مان کين عرض ڪيائون ته پنهنجي مذهبي پاليسيءَ کي نظر ۾ رکندي هو ڀرپور ڪوشش ڪن ته جيئن بربرن (مسلمانن) کي ايشيا جي حدن مان تڙي ڪڍن، پر جي ڍَرَ ڏني وئي ته هو ويتر يورپ تي به قابض ٿي ويندا. پنهنجن اوڀر وارن ڀائرن جي ڏکوئيندڙ داستانن ۽ سندن تڪليفن جي بيان تي، ماڻهن جي سڄي ميڙ کان اوڇنگارون نڪري ويون ۽ سڀئي زارو قطار روئي رهيا هيا ۽ ڪيترن جوشيلن ته هن موقعي تي پنهنجي تُرت تياري جو ارادو ڏيکاريو ته دشمنن خلاف هڪدم ڪاهي هلجي، يوناني سفيرن کي واپس وڃڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ کين يقين ڏياريو ويو ته سندن تڪليفن جو جلد ازالو ڪيو ويندو جيڪو کين مطمئن ڪري ڇڏيندو. فلسطين جي ڇوٽڪاري جي منصوبي سان گڏ قسطنطنيہ جي مدد ڪرڻ جو پروگرام به ذهن ۾ رکيو ويو، پر هن سلسلي ۾ اربن دورانديشي ڪندي آخري فيصلي کي تيستائين ملتوي ڪرڻ جو مشورو ڏنو جيستائين اهڙو ڪو ٻيو اجلاس ڪوٺايو وڃي، جنهن جي تاريخ جو به پاڻ اعلان ڪيائين ته ساڳئي سال خزان جي موسم ۾ فرانس جي ڪنهن شهر ۾ اهو ميڙاڪو ٿيندو. ’جيڪا وچ ۾ وٿي پوندي‘، اربن پنهنجي تقرير ۾ چيو، ’ان ۾ ماڻهن جا جوش جذبا وڌندا‘. پنهنجي قوم جي سپاهين(8) تي کيس بجا طور تي ناز هو جيڪي پنهنجي نالي ۽ ناموس کي اڃا مٿاهون ڪندا ۽ پنهنجي عظيم سپوت چارليمئگني(9) جي بهادريءَ جي نقش قدم تي هلندا، جنهن مشهور تُرپِن(10) جي معرڪي ۾ ’مقدس سرزمين‘ کي فتح ڪرڻ جو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو هو. فرانس جي ڪنهن شهر ۾ اجلاس سڏرائڻ ۾ اربن جو هڪ ذاتي مقصد به هو. هو پاڻ به فرانس جو رهواسي ۽ ڪلگني(*) جو ويراڳي هيو، ۽  پنهنجي ملڪ جو پهريون ماڻهو هو جيڪو سينٽ پيٽر جي تخت تي ويٺو هو. هِن پادري پنهنجي صوبي توڙي پنهنجي ڪٽنب کي ڪافي اڳتي وڌايو هو، تنهن ڪري هن سوچيو هو ته ان کان وڌيڪ ٻي وڏي خوشي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته هو وڏي شان مان سان پنهنجي ملڪ جو ٻيهر چڪر لڳائي اچي جتي هن پنهنجو ننڍپڻ مسڪينيءَ جي حالت ۾ گذاريو هو.

اها ڳالهه ممڪن آهي ته اچرج جهڙي لڳي ته روم جي پادري، فرانس جي وچ ۾ هڪ اهڙي عدالت قائم ڪري ڇڏي جتان هن بادشاهه جي خلاف لعنت ملامت جو وسڪارو شروع ڪري ڇڏيو پر اسان جو تعجب شايد جلد ختم ٿي ويندو ڇاڪاڻ ته اسان يارهين صدي جي فرانس جي بادشاهه لاءِ انصاف واري راءِ رکون ٿا(11). فلپ- پهريون، هُو ڪئپٽ جو پوٽو هو جيڪو پنهنجي قوم جو پايو وجهندڙ هيو، جنهن چارليمئگني جي پيڙهي جي زوال کان پوءِ، پئرس ۽ آرليَنس جي سندس موروثي ملڪيتن کي شاهي لقب عطا ڪيو هو. هڪ محدود دائري ۾ وٽس دولت ۽ دٻدٻو ضرور هيو، پر فرانس ۾ مجموعي طرح هو توڙي سندس جانشين دستوري وڏيرن يا سردارن کان مٿي ڪجھ به نه هيا جن وٽ سٺ کن معززين ۽ سرواڻ هيا جيڪي پاڻ به خودمختيار ۽ موروثي طاقت رکندڙ هيا(12) ۽ اُهي سڀني قانونن ۽ قاعدن کان نفرت ڪندا هيا ۽ نه وري اسيمبلين ۾ يقين رکندا هيا ۽ جڏهن هنن پنهنجي حاڪم جي نافرماني ڪئي ته ان جو بدلو کين اهو مليو جو سندن ادنيٰ نوڪرن چاڪرن به سندن حڪمن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڪلرمانٽ ۾ جيڪي آوَرن(13) جي نواب جون حدون هيون، مکيه پادري فلپ جي ناراضگي جي پرواهه ڪرڻ بغير اُهو سڀ ڪجھ ڪندو هو جيڪو ڪجھ هو چاهيندو هو ۽ جيڪا ڪائونسل هن ان شهر ۾ ٺاهي هئي اُها پلاسينشيا جي پئنچائت(14) يا گڏجاڻيءَ کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هئي. سندس عدالت ۽ روم جي ڪليسا جي نمائندن جي ڪائونسل کان سواءِ، کيس تيرهَن مکيه بشپن ۽ ٻه سو پنجويهن پادرين جي حمايت حاصل هئي، نائب پادرين جو تعداد چار سؤ ٻڌايو ويو آهي ۽ ڪليسا جي فادرس تي بزرگن جون مهربانيون هونديون هيون ۽ ان دؤر جا ڊاڪٽر يا عالم سندن رهنمائي ڪندا رهندا هيا. سندس طرفان ڪوٺايل گڏجاڻيءَ ۾(15)، پاڙي وارين بادشاهتن کان وڏي تعداد ۾ جنگجُو قسم جا سردار، سرواڻ ۽ نواب شريڪ ٿيا ۽ سڀئي، جيڪي هزارن جي تعداد ۾ هيا ۽ نومبر جي مهيني ۾ هنن هڪ وڏي ميدان تي پنهنجي رهڻ جا تنبو لڳائي ڇڏيا هيا، بيحد سَرها ۽ پُر اُميد هيا. ڪائونسل جو اجلاس اَٺ ڏينهن هليو جنهن ۾ ڪافي لاڀائتا ۽ سُڌارن وارا فيصلا ٿيا جيڪي سندن پنهنجن طور طريقن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ هيا؛ ۽ ننڍين ننڍين ذاتي قسم جي جنگين يا جهيڙن جهڳڙن کي سختيءَ سان نِنديو ويو ۽ ’جنگ کي ترڪ ڪرڻ(16)‘ (TRUCE OF GOD) جي عهدنامي تي پابند رهڻ جو سڀني کان واعدو ورتو ويو جنهن ۾ هفتي جي چئن ڏينهن ۾ جنگ ڪرڻ جي سخت منع هوندي آهي، عورتن ۽ پادرين جي حفاظت ڪرڻ جو ذمو ڪليسا کي سؤنپيو ويو ۽ هارين نارين ۽ واپارين کي وڌيڪ ٽن سالن تائين حفاظت جو يقين ڏياريو ويو جيڪي اڳ فوجي ڦُرلُٽ جو شڪار ٿيا هيا. پر قانون، ڀلي ڪيترو به مقدس ۽ سخت ڇو نه هجي، ماڻهن جي پراڻن طور طريقن ۾ هڪدم انقلابي تبديلي نٿو آڻي سگهي ۽ اربن جي پرخلوص ڪوششن جي به ايتري تعريف نٿي ڪري سگهجي ڇو ته هن به جاکوڙ ڪئي ته جيئن مقامي جهيڙن جهڳڙن جي فضا کي ڪجھ ٿڌو ڪري ماٺار ۾ آڻجي ته جيئن جنگ جا شعلا ائٽلانٽڪ کان فرات تائين نه ڦهلجي وڃن. پلاسينشيا جي گڏجاڻيءَ کان پوءِ ڪيترائي افواهه اُٿي پيا جيڪي سفر ڪندا مختلف ملڪن تائين پهچي ويا ۽ خاص طرح اُتان واپسيءَ تان مذهبي ماڻهن هر ضلعي ۾ اها خبر پهچائي ته بس ’مقدس ڌرتي‘ جو ڇوٽڪارو جلد ٿيڻ وارو آهي ۽ جڏهن وڏي پادري ڪلرمانٽ جي وچ شهر ۾ مُناري تي چڙهي تقرير ڪئي ته سندس فصاحت بلاغت کي وڏن دانائن ۽ سخت منتظر ماڻهن وڏي غور سان ٻُڌو. سندس موضوعَ واضح هيا، سندس لفظن ۾ ڪاوڙ ۽ گرمي هئي ۽ ائين ٿي لڳو ته ڪاميابي يقيني هئي. ڳالهائڻ جي ماهر جي تقرير دؤران هزارين ماڻهن رڙيون ڪندي ۽ هڪ آواز ۾ پُڪاري کيس موٽ ڏني: ’الله به ائين ٿو چاهي، الله به ائين ئي ٿو چاهي(17)‘، ’تحقيق خدا جي به ساڳي مرضي آهي‘. پادري وراڻيو ۽ ”اڄ کان پوءِ هي نعرو اوهان مان هر هڪ جي زبان تي هجڻ گهرجي ۽ ان نعري کي، جنهن ۾ ’مقدس روح‘ شامل آهي، خاص طرح جنگ جي دؤران بار بار دهرايو ۽ ورجايو وڃي ته جيئن حضرت عيسيٰؑ جي متوالن ۽ چاهيندڙن جو جوش جذبو عروج تي پهچي وڃي ته سندن همت ۽ جرئت به زوران زور ٿي وڃي. حضرت عيسيٰؑ جي صليب جو نشان اوهان جي ڇوٽڪاري جي ضمانت آهي. تنهن ڪري ان کي سدائين پاڻ تي پاتل رکو ۽ ان کي هرگز نه لاهيو، ۽ هي هڪ ڳاڙهو ۽ رت سان ڀريل صليبي نشان آهي جيڪو اوهان جي سينن ۽ ڪُلهن تي نمايان هئڻ گهرجي جنهن مان اوهان جي دائمي ارپنا ۽ اڻ موٽ جذبن جي ترجماني ٿيندي“. وڏي پادري جي تقرير کي پسند ڪيو ويو ۽ سندس هدايتن تي فورن عمل ڪيو ويو، ڪيترن مذهبي توڙي عام ماڻهن پنهنجن ڪپڙن تي صليب جا نشان(18) لڳرائي اُنهن کي پائڻ شروع ڪيو ۽ پادريءَ تي زور ڀريائون ته هو جنگ لاءِ اڳتي وڌي ۽ هو سندس پٺيان هلندا. پر گريگري جي جانشين دورانديشي ڪندي هن خطرناڪ اعزاز کي حاصل ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ ته کيس خدشو هو ته ائين ڪرڻ سان ڪليسا ۾ ڌڙا بندي ٿي ويندي ته ساڳي وقت سندس ڌنارڪي زندگي ۾ پڻ خلل پوندو؛ جوشيلي ميڙ جي ماڻهن کي نرميءَ مان سمجهائيندي چيائين ته انهن منجهان ڪيترائي ماڻهو، پنهنجي جنس، عمر، ڪنهن نقص يا پيشي جي لحاظ سان جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ جا اهل نه آهن، تنهن ڪري اوهان جي لاءِ بهتر اهو آهي ته پنهنجين عبادتن، دعائن ۽ خير خيرات ذريعي پنهنجن ضرورت مند ڀائرن جي مدد ڪريو. هن پنهنجا قانوني اختيار اڌيمر جي حوالي ڪري ڇڏيا جيڪو پاءِ جو پادري هيو ۽ جيڪو هتان جي ماڻهن ۾ پهريون معتبر ماڻهو هو جنهن کي صليب جي نشان سان نوازيو ويو هو. هتان جا جيڪي ٻيا معتبر ۽ معزز ماڻهو هيا اُنهن ۾ سڀني کان مٿڀرو، ٽولُوز جو امير ريمنڊ هيو جنهن جي سفيرن، ڪائونسل جي وڏي گڏجاڻيءَ ۾، سندس غير حاضريءَ جو ڪو جائز سبب ڄاڻايو هو ۽ پنهنجي مالڪ سان وفاداريءَ جو عزم ڪيو هو. پنهنجن گناهن جي اعتراف ۽ اُنهن جي معافي ملڻ کان پوءِ، صليب جي پوئلڳن کي هلڪي تنبيهه ڪرڻ بعد کين حڪم ڏنو ويو ته هو پنهنجي دوستن ۽ ملڪ جي ماڻهن کي دعوت ڏين ڇاڪاڻ ته ’مقدس سرزمين‘ ڏانهن ڪاهڻ جو پروگرام هڪ سالياني جشن کان پوءِ طئي ڪيو ويو هو ۽ ايندڙ سال جي پندرهين آگسٽ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي هئي(19).

 

مسلمان ۽ عيسائين جون صليبي جنگيون

تشدد جي ترغيب، انساني فطرت ۾ شايد هاڻي ايتري ته شامل ٿي وئي آهي جو ٿورڙي چِڙ يا ڪاوڙ تي به ماڻهو آپي کان ٻاهر نڪري ٿو وڃي، حالانڪه ڏٺو وڃي ته هي نهايت اعتراض جوڳو حق آهي، پر اهو قومن جي وچ ۾ جهيڙي جهڳڙي ۽ آخرڪار جنگين جي صورت ۾ وڃي ٿو دنگ ڪري. پر هڪ مقدس جنگ جو نالو توڙي ان جي نوعيت ئي نرالي آهي جنهن تي گهڻي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان ان ڳالهه تي به اعتبار نه ڪنداسين ته امن جا محافظ سواءِ ڪنهن سبب جي ڪنهن انسان جي خلاف ترار مياڻ مان ڪڍندا ۽ تباهي مچائيندا، سواءِ ان جي جو مقصد نِج ۽ سچو هجي، جهيڙو يا جنگ جائز هجي ۽ ضرورت اَڻٽر هجي. ڪنهن به عمل جي پاليسي ڪنهن تجربي جو نچوڙ هوندي آهي، پر عمل ڪرڻ کان اڳ اسان جو ضمير پوريءَ طرح مطمئن هئڻ گهرجي ته جيڪو ڪم اسان کي ڪرڻو آهي اُهو جائز ۽ انصاف جي تقاضائن مطابق هئڻ گهرجي. صليبي جنگين جي دؤر ۾، اوڀر توڙي اولهه جي عيسائين کي چيو ويو هو ته هو قانون ۽ انصاف جي پاسداري ڪن ۽ سندن مقصد ۽ مؤقف جائز هجڻ گهرجي، پر، سندن پاڪ ڪتاب يعني انجيل جي مسلسل غلط استعمال سبب سندن دليلن تي ڌُنڌ ڇانئجي ويو هو يا ٻين لفظن ۾ اُنهن ۾ ايترو وزن نه رهيو هو، پر ان جي باوجود اُهي پنهنجي مذهب جي حفاظت ڪرڻ جي پنهنجي فطري حق تي زور ڏيندا رهيا ۽ هو ’مقدس ڌرتي‘ تي به پنهنجو حق ڄمائيندا رهيا ته ساڳئي وقت لادين ٽولن توڙي مسلمانن جي روَين جي به شڪايت ڪندا رهيا جن کي هو پنهنجو دشمن سمجهندا هيا(20). I پنهنجي جائز حفاظت جي حق ۾ اسان جا شهري ۽ روحاني اتحادي اچي وڃن ٿا ۽ ان حق جي استعمال ڪرڻ جو دارومدار خطري جي وقت ۾ هوندو آهي ۽ ان خطري جو اندازو هر طرف جي جائزن وٺڻ کان پوءِ ٿيندو آهي يعني دشمن جي طاقت توڙي ڪدورت ڪيتري وڏي آهي. مسلمانن تي هڪ زهريلي ۽ هاڃيڪار عقيدي يا نظريي جي تهمت مڙهي وئي آهي ته ’هر غير مذهب کي پنهنجي ترار جي زور تي تباهه ڪرڻ سندن فرضن ۾ شامل آهي‘. پر لڳي ٿو ته هي الزام جيڪو، جهالت ۽ عيسائين جي مذهبي ڪٽرپڻي جو نتيجو آهي، قرآن ان کي بلڪل رد ڪري ڇڏيو آهي، ته ساڳئي وقت مسلمان فاتحن جي تاريخ به شاهد آهي جنهن ۾ سندن حڪومت ۾ عيسائين کي مڪمل مذهبي آزادي مليل هئي ته ساڳي وقت گهمڻ ڦرڻ، کين برداشت ڪرڻ توڙي قانوني حقن جي استعمال ۾ به هو پوريءَ طرح آزاد هيا. پر ساڳي وقت ان ڳالهه کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته اوڀر جون ڪليسائون، سندن سخت قسم جي حڪومت ۾، مايوسي ۽ نراسائيءَ جو شڪار رهيون آهن ۽ ٻيو ته امن هجي يا جنگ، اُهي (مسلمان) پنهنجي عالمي شهنشاهت کي قائم ڪرڻ ۽ ان تي پنهنجي دعويٰ ڄمائڻ لاءِ حربا هلائن ٿا ۽ ان کان سواءِ جيئن ته سندن مذهب ۾ بنياد پرستي گهڻي آهي ته سندن مذهب اختيار نه ڪرڻ واريون قومون پنهنجي مذهب يا آزادي گنوائڻ جي مسلسل خطري ۾ رهن ٿيون. يارهين صدي عيسوي ۾، ترڪن جي فاتح فوجن، اهڙن نقصانن جو انديشو اڃا وڌائي ڇڏيو هو. هنن ٽيهن سالن کان به گهٽ عرصي ۾ ايشيا جي بادشاهتن کي شڪستون ڏئي پنهنجي تابع ڪيو هو ۽ اُنهن بادشاهن جو دائرو جيروسلم کان هيلسپانٽ تائين وسيع هيو؛ ساڳيو حال يونان جي شهنشاهت جو هيو جيڪا سندن خوف کان ڪَنبي رهي هئي ۽ تباهيءَ جي ڪناري تائين پهچي چڪي هئي. ان کان سواءِ، سندن ڀائرن لاءِ همدرديءَ جو جذبو پنهنجي جاءِ تي، پر حقيقت اها آهي ته لاطينين کي قسنطنطيہ جي حمايت ڪرڻ جو حق به هيو ته سندن دلچسپي به هئي، جيڪو اولهه جي ملڪن لاءِ وڏي ۾ وڏي رُڪاوٽ هيو ۽ حفاظت جو حق اهو آهي ته حملي جي اُلارَ کي نه رڳو روڪجي پر ان کي ڌِڪي، پٺتي هٽائي ۽ ناڪام بڻايو وڃي.

 

پهرين ۽ ٻين صليبي جنگ

هن سٺي مقصد کي شايد ٿورڙي مدد ۽ همدردي سان به حاصل ڪري سگهجي ها پر اسان جا ماٺيڻا دليل، بيشمار ميزبانن ۽ ڏورانهن علائقن کي حاصل ڪرڻ جي حڪمت عملي کان شايد پنهنجي دعويٰ ختم ڪري ڇڏين، ڇو ته اهڙن سببن جي ڪري ايشيا سخت متاثر ٿيو هو ۽ يورپ جي وڌندڙ آباديءَ کي به ڌڪ رسيو هو. II فلسطين، لاطينين جي سلامتي يا سندن طاقت وڌائڻ لاءِ ڪجھ به نٿي ڪري سگهيو ۽ فقط مذهبي جنون ئي هڪ اهڙو هٿيار هو جنهن کي بهانو بڻائي ان ڏورانهين صوبي کي فتح ڪرڻ لاءِ جواز پيدا ڪري پيو سگهجي. عيسائين کي پڪ هئي ته سندن ’ڇوٽڪاري ڏيارڻ‘ واري جي رت وهڻ کان پوءِ، مقدس ڌرتيءَ تي سندن اڻ مِٽ دعويٰ جا دروازا بند ٿي ويا هيا؛ تنهن ڪري هاڻي کين پنهنجو حق گهرڻو ۽ مقدس فرض نڀائڻو هو ته جيئن پنهنجي پراڻي ورثي کي ناجائز قابضن کان بچائي سگهن جن سندن مقبري جي بي حرمتي ڪئي هئي ۽ سندس پوئلڳن ۽ زيارتين کي اذيتون رسايون هيون. اهو چوڻ بلڪل اجايو ٿيندو ته حضرت عيسيٰؑ جي قانون نافذ ٿيڻ کان پوءِ جيروسلم جي اهميت يا فلسطين جي تقدس ۾ ڪمي آئي آهي يا ان جو خاتمو ٿي ويو هو؛ ۽ عيسائين جو خدا ڪو مقامي ديوتا ناهي ۽ ڪئلوَري (جتي حضرت عيسيٰؑ کي صليب تي چاڙهيو ويو هو) توڙي حضرت عيسيٰؑ جي پينگهي ۽ سندس مقبري جي واپسي کي يقيني  بڻايو ڀي وڃي تڏهن به انجيل جي اخلاقي اصولن جي ڀڃڪڙي جي تلافي هرگز نه ٿي سگهندي. اهڙا دليل، وهمن وسوسن جي شِيهي جهڙي مضبوط ديوار کي به اورانگهي ٿا وڃن، ۽ هڪ مذهبي ذهن، ڳجهن رازن ۽ معجزن جي مقدس مرتبي کي آسانيءَ سان ڇڏي نه سگهندو. III مذهبي جنگيون، جيڪي دنيا جي گولي تي هر موسم ۾ لڙيون ويون آهن ۽ جن جو دائرو هڪ طرف مصر کان لائيوونيا تائين ته ٻي طرف پيرو کان هندستان تائين هيو، اُنهن کي ڪجھ لچڪدار اصولن جي حمايت جي ضرورت آهي. اهو هڪ اندازو لڳايو ويندو آهي ۽ اُن تي يقين به ڪيو ويندو آهي ته مذهبي اختلاف دشمني ڪرڻ لاءِ هڪ جائز سبب هوندو آهي؛ ۽ عيسائين ۾ اهو به عقيدو هوندو آهي ته جيڪي به سندن نظرن ۾ غير مذهب آهن اُنهن سڀني کي ڀلي صليب جي وارثن هٿان قتل ڪرايو وڃي، ته ساڳي وقت اهو به چيو ويندو آهي ته دشمنين ۾ به وقار قائم رکڻ يا ٻي کي معاف ڪرڻ بهتر حڪومت ڪرڻ جو نسخو ۽ رحم جو بهترين مثال آهي. پهرين صليبي جنگ کان چار سؤ سالن کان به اڳي، جرمني ۽ عربستان جي بربرن رومي شهنشاهت جا اوڀر توڙي اولهه جا صوبا لڳ ڀڳ ساڳئي وقت ۽ ساڳئي طريقي سان هٿ ڪيا هيا. وقت ۽ عهدنامن عيسائي فرئنڪن جي سوڀن کي پڪو پختو ڪري ڇڏيو هو پر سندن رعيت جي ماڻهن توڙي سندن پاڙيسري ملڪن جي نظرن ۾ مسلمان بادشاهه سندن ڀيٽ ۾ وڌيڪ آمر ۽ غاصب هيا، تنهن ڪري سندن خواهش هئي ته جنگ ذريعي يا جهيڙن جهڳڙن سان غير قانوني قابضن کي قانون جي جنگ ذريعي ٻاهر ڪڍيو وڃي(21).

جيئن ته عيسائين جي رهڻي ڪهڻي ۾ ڪجھ نرمي آئي هئي ته سندن پڇتاءُ جي نظم ۽ ضبط(22) کي لاڳو ڪيو ويو هو ۽ جيئن سندن گناهن جو تعداد وڌندو ويو ته انهن جي تدارڪ يا علاجن ۾ به واڌارو ايندو ويو. اوائلي ڪليسا ۾، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجن گناهن جو سچائيءَ سان اعتراف ڪندو هو ته ان جو ڪفارو خود بخود ادا ٿي ويندو هو. يورپي تاريخ جي وچئين دؤر ۾ پادري ڪنهن ڏوهاريءَ کان آڏي پڇا ڪندا هيا ۽ کيس مجبور ڪندا هيا ته هو پنهنجن خيالن، لفظن ۽ عملن جو پورو تفصيل کين ٻڌائي ۽ سڀ ڪجھ ٻڌڻ کان پوءِ کيس ٻڌائيندا هيا ته ڪهڙن شرطن تي الله ساڻس راضي ٿي سگهي ٿو يا پرچي سگهي ٿو. پر جيئن ته اهڙن اٽل اختيارن مان پادري ڪو ناجائز فائدو وٺي ٿي سگهيا ۽ ملزم سان زيادتي ٿيڻ جو انديشو هيو، تنهن ڪري هڪ باقاعدگي واري نظم ۽ ضبط جو سرشتو تيار ڪيو ويو جنهن ذريعي هاڻي روحاني ججن کي سندس مقدر جو فيصلو ڪرڻو هو. قانون جو هي طريقو يونانين طرفان ايجاد ڪيو ويو هو، سندن ندامتي طريقن(23) جو ترجمو ڪري اُنهن کي لاطيني ڪليسا ۾ پڻ رائج ڪيو ويو هيو ۽ چارليمئگني جي وقت ۾ هر ضلعي جي مذهبي ماڻهوءَ کي هڪ خاص ڪوڊ ڏنو ويو هو جنهن کي هو جاهلن ۽ اڻ گهڙيل ڄَٽن کان دورانديشي ڪندي لِڪائيندا هيا. ڏوهن ۽ سزائن جي هنن خطرناڪ فيصلن ۾، هر ڪيس جو ويراڳين پاران هڪ اندازو لڳايو ويندو هو ۽ هر اختلاف جو جائزو ورتو ويندو هو؛ ڪجھ گناهه اهڙا به هوندا هيا جن تي معصوميت ڪڏهن به شڪ نه ڪري ها ۽ ٻيا وري اهڙا به هيا جيڪي دليلن ۽ عقل ذريعي اعتبار ۾ اچڻ جوڳائي نه هيا؛ باقي ٻيا عام قسم جا گناهه جيئن ڪنوارين سان زنا يا عام زناڪاري، ڪوڙا قَسم کڻڻ، مقدس جاين جي بي حرمتي، ڦُر لُٽ ۽ قتل وغيره جو ڪفارو پڇتاءُ يا توبهه تائب ٿيڻ سان ٿي ويندو هو پر اُنهن جو دارومدار به گناهن جي نوعيت تي هو، اهڙيءَ طرح اهو ڪفارو چاليهن ڏينهن کان ستن سالن جي عرصي تائين به اينگهه ڪري ويندو هو. پنهنجي نفس ڪُشي جي هن عرصي ۾، روزن رکڻ ۽ عبادت ڪرڻ سان، مريض کي شفا ملندي هئي ۽ مجرم جي سزا معاف ٿي ويندي هئي ان دؤران کيس ڪپڙا اهڙا پائڻا پوندا هيا جن کي ڏسي ٻين کي سندس ڏک ۽ پڇتاءُ واري ڪيفيت محسوس ٿئي ۽ هو نماڻائي ۽ بي وسيءَ مان دنياداري جو وهنوار ڇڏي ڏيندو هو ۽ سماج کان ڪٽيل رهندو هو. پر جيڪڏهن هنن قانونن جي پابنديءَ ۾ سختي ڪجي ها ته هوند بادشاهن جا محل توڙي سندن ڪئمپون ماڻهن کان خالي ٿي وڃن ها ۽ خود شهر به ويران ٿي وڃن ها؛ اولهه جا بربر اهڙيون ڳالهيون ٻڌي خوف ۾ ڊڄڻ ۽ ڪنبڻ لڳندا هيا، پر ڪڏهن ڪڏهن فطرت اصولن خلاف جنگ جوٽيندي آهي ۽ مئجسٽريٽن اهڙي صورتحال ۾ ڪوششون ورتيون ته جيئن پادريت جو پراڻو نظام بحال ٿئي پر کين ڪاميابي حاصل ڪانه ٿي. پڇتاءُ يا توبهه تائب ٿيڻ جي اصول کي مڪمل عملي جامو پهرائڻ ذري گهٽ ناممڪن هيو؛ مثال طور زناڪاري جا واقعا روزاني معمول جو حصو بڻجي چڪا هيا، تنهن کان سواءِ انسان جي انسان هٿان قتل جا واقعا به عام ٿي چڪا هيا ته مطلب اهو ٿيو ته هڪ وقت تي ڪيترن ئي ماڻهن کي قتل ڪرڻو هو جيڪو ناممڪن هيو؛ تنهن ڪري هر ڏوهه جي جدا حيثيت هئي ۽ ان جي نوعيت مطابق ان جو حل ڳولڻو هو؛ ۽ لاقانونيت ۽ ڏوهن جي دؤر ۾، هڪ معمولي گنهگار به، کيس مليل سزا جو قرض ٽن سؤ سالن ۾ به شايد لاهي نه سگهي ها. اهڙيءَ طرح ڪفاري ادا ڪرڻ کان ڪيٻائڻ يا ڏيوالپڻي جي مظاهري ڪرڻ جي صورت ۾ ٻيو طريقو به موجود هو: هڪ سال لاءِ پڇتاءُ يا ڪفاري جي بدلي ۾، چانديءَ جون ڇَويهه سالِڊي(24) (ان وقت جو رائج سڪو) جيڪي چئن پائونڊ اسٽرلنگ جي برابر هيون، اميرن کي ڏيڻيون پونديون هيون ۽ غريبن يا محتاجن لاءِ فقط ٽي سالِڊي يا نَوَ شلنگ ڏيڻا پوندا هيا ۽ اها خير خيرات هڪدم ڪليسا جي استعمال لاءِ منتقل ٿي ويندي هئي ۽ اهو ناڻو جيڪو گناهن کان ڇوٽڪاري لاءِ گڏ ٿيندو هو اُهو حڪومتن لاءِ آمدني جو وڏو ذريعو بڻجي ويو جنهن سان حڪومت توڙي ڪليسا شاهوڪار ٿي ويا. ٽن سؤ سالن يا ٻارهن سؤ پائونڊن جو قرض ايترو ته وڏو هو جو اهو وڏي ۾ وڏي شاهوڪار کي به سُڃي ڀينگيي ڪرڻ لاءِ ڪافي هيو، جيڪڏهن ڪنهن وٽ سون ۽ چاندي گهٽ هوندي هئي ته ان جي بدلي ۾ هو پنهنجي زمين گِروي رکندو هو؛ ۽ هن سلسلي ۾ ٻن بادشاهن پيپِن ۽ چارليمئگني طرفان فراخ دليءَ سان عطيا يا خير خيرات ڏني وئي ته جيئن سندن روحن کي ڇوٽڪارو ملي وڃي. شهري قانون ۾ هڪ اصطلاح کي ايجاد ڪيو ويو ته: ’جيڪو به ماڻهو پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري قرض نه لاهي سگهي ته اُهو پنهنجي جسم ذريعي ادا ڪري؛ تنهن ڪري ويراڳين ڦٽڪن لڳائڻ جي عمل کي جاري ڪيو جيڪو هڪ سستو پر تڪليف ڏيندڙ عمل يا بدلو هيو. هڪ عجيب ۽ حيران ڪندڙ حساب ڪتاب موجب هڪ سال جي گناهن جي ڪفاري جي بدلي ۾ ٽي هزار ڪوڙا يا ڦٽڪا هڻڻا پوندا هيا(25)، ۽ لوهي شيلڊ واري(ص26) مشهور ويراڳي سينٽ ڊومِنڪ جو اهڙو دماغ ۽ اهڙو صبر هيو ته ڇَهن ڏينهن ۾ سندس انگ تڏهن هڪ سؤ ڦٽڪن تائين ٿي پهتو جڏهن هو ٽي لکَ ڦٽڪا هڻي چڪو هوندو. (هي هڪ عجيب معمو آهي جنهن جي خبر فقط ان راهب يا ويراڳيءَ کي ئي هوندي، سنڌيڪار). سندس مثال جي پوئواري مردن توڙي عورتن طرفان پوريءَ طرح ڪئي وئي ڇو ته هر هڪ کي پنهنجن گناهن جو ڪفارو ادا ڪرڻو هو. جيئن ته هڪڙي جي بدلي ۾ ٻيو اها قرباني ڏئي پئي سگهيو ۽ جنهن جي اجازت به هئي ته نظم ۽ ضبط جو سختيءَ سان پابندي ڪرڻ وارو شخص پنهنجي محسن يا محسنن جي کاتي جا ڦٽڪا پنهنجي پُٺيءَ تي لڳرائي ٿي سگهيو(27). يارهين صدي عيسوي ۾ ’کيسي ۽ انسان‘ طرفان گناهن جي ڪفاري ادا ڪرڻ جي دستور ماڻهن کي ڪافي حد تائين مطمئن ڪري ڇڏيو هو. آفريڪا ۽ اسپين جي عرب مسلمانن خلاف، فوجي خدمت جي اجازت اربن- ٻئي جي ابن ڏاڏن طرفان ڏني وئي هئي. ڪلرمانٽ جي ڪائونسل ۾ ان پادري اُنهن ماڻهن لاءِ مڪمل رعايت ۽ معافي جو اعلان ڪيو جيڪي صليب جي جهنڊي هيٺ پنهنجو نالو داخل ڪرائيندا ته اُنهن سڀني جا گناهه خود بخود معاف ٿي ويندا، نه رڳو اهو پر کين ڪليسائي رسيد به ملندي ته سندن گناهن جو مڪمل ڪفارو ادا ٿي ويو هو(28). موجوده زمانن جو سرد فلسفو شايد اهڙا پائدار اثر ڇڏڻ جي قابل ئي نه رهيو آهي جهڙا اثر اڳ اُنهن گناهگارن ۽ مذهبي جنونين تي ڇڏيا هيا. پنهنجي مرشد يا اڳواڻ جي سڏ تي، لُٽيرا، خوني ۽ انسانن جا قاتل هزارن جي تعداد ۾ اُٿي پيا ته جيئن پنهنجن روحن لاءِ ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهن ۽ جيڪي بي دين يا ملحد هيا اُنهن کي به قائل ڪيو ويو ته پنهنجن گناهن جو ڪفارو ائين ادا ڪن جيئن سندن عيسائي ڀائرن ڪيو هو؛ ۽ هر طريقي جي ڏوهاري ۽ هر مرتبي واري ماڻهو گناهن جي ڪفاري لاءِ سخت شرطن قبول ڪرڻ کان هرگز نه ڪيٻايو. ڪو به ماڻهو صاف نه هيو، ڪو به خطائن کان آجو ڪو نه هو ۽ ڪو به گناهن کان پاڪ نه هو، پر اُهي جيڪي الله جي انصاف ۽ ڪليسا آڏو گهٽ خطاڪار هيا ته اُهي دنياوي توڙي دائمي مهربانين جا حقدار هيا. جيڪڏهن اُهي ختم ٿي ويا يا ماريا ويا ته لاطيني مذهبي ماڻهو بغير ڪنهن سوچ لوچ ڪرڻ جي کين شهادت جو درجو ڏيندا(29) ۽ سندن مقبرن کي سينگاريندا، پر جي هو بچي اڳتي نڪري ويا ته اُهي بنا دير جي جنت جو انعام حاصل ڪندا ۽ جي ان ۾ دير ٿي ته ان جو معاوضو به جدا کين ڏنو ويندو. اُنهن خدا جي پُٽ لاءِ پنهنجي رت جي قرباني ڏني هئي جنهن پنهنجي جان جو نذرانو پنهنجن ماڻهن جي ڇوٽڪاري لاءِ ڏنو هو؛ هنن صليب کي پنهنجي هٿ ۾ کنيو ته وڏي اعتماد سان پنهنجي مالڪ سان وڃي مليا. سندس قدرت يا روحاني طاقت پاڻهئي سندن سلامتيءَ کي يقيني بڻائيندي، شايد سندس ظاهري ۽ معجزاتي طاقت سندن پاڪ ڪم جي سلسلي ۾ اُنهن جون مشڪلاتون دور ڪندي. الله تعاليٰ جو پاڇو ۽ سندس طاقت جو ٿنڀو اسرائيلين کان ٿيندو مقدس ڌرتيءَ تي پهچي چڪو آهي. ڇا عيسائي اڃا به اها اُميد نه ڪندا ته نديون خودبخود کين رستو ڏينديون؛ ته مضبوط شهرن جون ديوارون اُنهن جي توتارن وڄڻ تي ڊهي پونديون ۽ سج پنهنجي رفتار ڇڏي وچ رستي تي رڪجي ويندو ته جيئن سڀني لامذهبن جي تباهي ۽ بربادي مڪمل ٿي وڃي؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org