سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:24

(‡)    (ممڪن طريقي سان).

(1)              هنن حڪمن يعني حج، نماز، روزا، خيرات ۽ وضو ڪرڻ يا پاڻ کي پاڪ رکڻ، کي مراڪي، فارس ۽ عربستان جي ديني عالمن کان حاصل ڪيو آهي. (پروڊرومَس iv,9-24) مراڪي ڪنهن حد تائين الزام ڏيندڙ آهي ۽ چارڊن وٽ هڪ فيلسوف واريون اکيون آهن ۽ ريلنڊ هڪ انصاف پسند طالب علم هو جنهن وسيع دنيا جو سفر پڻ ڪيو هو. ٽورنفورٽ جي چوڏهين خط ۾ ليونٽ جا سامونڊي سفر (ii,325-360 آڪٽئوو ۾) بيان ٿو ڪري ته هن تُرڪن جي مذهب جو مطالعو ڪيو هو.

(2) (سيل جو قرآن- 9,153) عيسائين جي مذمت ٿو ڪري ته هنن پنهنجن پادرين ۽ ٻاوَن کي الله کان پوءِ ٻي نمبر جو رتبو ڏئي ڇڏيو هو، تنهن هوندي به مراڪي- (پروڊرمَس iii,69,70) پادرين جي عبادت ۽ جيڪي حوالا هنن قرآن مان ابليس يا شيطان بابت ڏنا آهن، کي درگذر يا معاف ٿو ڪري ڇڏي. ياد رهي ته ابليس کي بهشت مان تڙايو ويو هو ڇاڪاڻ ته هن حضرت آدمؑ کي سجدي ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.

(3)             قرآن- (5,94) ۽ سيل جو حاشيو جيڪو جلال الدين ۽ البداوي جي ڪتابن جو حوالو ٿو ڏئي، ڊي- هربيلاٽ چوي ٿو ته ﷴ ﷺ راهبيت يا خانقاهيت جي مذمت ڪئي هئي ۽ فقيرن ۽ درويشن جا پهريان لشڪر هجري سن 300 کان پوءِ نڪري نروار ٿيا هيا. (مشرقي واقعا- صفحا 292,718).

(4)             ٻِٽي منع نامي کي ڏسو. (قرآن- 2,25,5,94) هڪڙو هڪ قانون ساز جي حيثيت ۾ ۽ ٻيو هڪ مذهبي جوش جذبي رکندڙ جي حوالي سان. مقصدن تي پرائيڊيڪس روشني وڌي آهي.- صفحا 62,64) ۽ سيل جو ڪتاب (بنيادي گفتگو- ص 124).

(5)              مراڪي حسد مان (پروڊرومَس- iv,33) روم جي ڪئٿولڪن لاءِ ڪشادي ذهن سان سندن خير خيرات ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. مثال طور: پندرهن عاليشان اسپتالون کلي ويون آهن جيڪي هزارين مريضن ۽ زيارتين جي علاج ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويون آهن، پندرهن سؤ نرسن کي هر سال خدمتن ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي، مردن توڙي عورتن جي ڀلائي لاءِ ڇاوَنجاهه اسڪول کوليا ويا آهن، ڀائيچاري ۽ برادريءَ جي بنيادن تي هڪ سؤ ويهه مرڪز کوليا ويا آهن ته جيئن اُهي پنهنجين برادرين جون تڪليفون دور ڪري سگهن، وغيره. لنڊن جي فياضي اڃا به گهڻي آهي، پر منهنجو اهو نظريو آهي ته مذهب کان وڌيڪ انسانيت جو وڌيڪ حق آهي.

(*)    (جوش، جذبو).

(6)             هيروڊوٽس جو مطالعو ڪيو. (ii,123) ۽ اسان جي ديسي ۽ ملڪي ماڻهو سر جان مارشل کي پڙهو. (واقعا- ص 46) ۽ ساڳئي ليکڪ (صفحا 254-274) جون اُهي تحريرون به ڏسو جيڪي دوزخي خِطن لاءِ لکيل آهن يعني جيئن اُنهن کي يونانين ۽ مصرين طرفان لکيو ويو آهي يا وري قديم زماني جي شاعرن جيئن اُنهن کي بيان ڪيو آهي.

(7)             قرآن- (2,259 وغيره) (سيل- ص- 32، مراڪي- ص 97) هڪ زبردست معجزي جو بيان ڪن ٿا جنهن ماڻهن جي تجسُس کي مطمئن ڪري ڇڏيو هو ۽ حضرت ابراهيمؑ جي مذهب ۾ سندن يقين پختو ٿي ويو هو.

(8)             ريلنڊ جو چوڻ آهي ته ﷴ ﷺ مذهب جي سڀني منڪرن جي مذمت ٿو ڪري ﷴ ﷺ جو مذهب- صفحا 128-142) ته شيطانن کي آخرڪار نه بچايو ويندو. (صفحا 196-199) ته بهشت ۾ رڳو جسماني يا مادي آسائشون نه هونديون. (صفحا 199-205) ۽ عورتن جا روح لافاني آهن. صفحا 205-209).

(9)             البداوي- سيل، قرآن- (9,164) ڀلي ڪو مٽ مائٽ هجي پر جي اُهو ڪافر يا مشرڪ آهي ته ان جي لاءِ ﷴ ﷺ موجب دعا نه گهرڻ جائز آهي ۽ اهو ئي پيغمبرؐ توڙي حضرت ابراهيمؑ جو مذهب آهي جنهن پنهنجي پيءُ کي به الله جو دشمن سڏيو هو. تنهن هوندي به حضرت ابراهيمؑ (9,116) مراڪي جي چوڻ موجب ii,317) يقينن هڪ نيڪ انسان هو.

(*)    (مذهبي جوش جذبو).

(10)         قيامت جي ڏينهن توڙي جنت دوزخ جي ڄاڻ لاءِ قرآن جو مطالعو ڪيو. (2,25,56,78 وغيره) ان سان گڏ مراڪي جي زهريلي پر علمي ترديد به ڏسو (جيڪا سندس حاشين ۽ پروڊرومَس ۾ آيل آهي- iv,78,120,122 وغيره) ۽ سيل صفحا- (76,173) ماگي جي اصلوڪي عقيدي کي، سندس دفاع ڪندڙ ڊاڪٽر هائيڊ اڻچٽي ۽ مشڪوڪ نموني سان بيان ڪيو آهي. (مذهب جي تاريخ 33, 402-412-، اڪسَن 1760ع) هڪ مضمون جنهن جو عنوان ﷴ ﷺ آهي، بيل ٻڌايو آهي ته ذهانت ۽ فلسفو صحيح معلومات پهچائڻ کان ڪيڏا نه سمجهه کان پري آهن.

(11)          پيغمبر ﷺ جي تاريخ تي اچڻ کان اڳ ۾ اهو مون تي لازم آهي ته آءٌ ان جي شاهدي پيش ڪريان. قرآن جي لاطيني، فرانسيسي ۽ انگريزي ترجمن کان اڳ تاريخي ڳالهين جو ذڪر اچي ٿو ۽ ٽي مترجم يعني مراڪي- (i,10,32) سئوَري- (i,1-248) ۽ سيل (بنيادي گفتگو- صفحا 33-56) پنهنجي مصنف جي ڪردار ۽ ان جي زبان جو چڱيءَ طرح مطالعو ڪيو هو. ڊاڪٽر پرائيڊيڪس ڪافي ڪجھ لکيو آهي.  ستون ڇاپو لنڊن 1718) پر سندس مخالفت ۽ ذلت واري خواهش ته ڪنهن به طرح سان هو ﷴ  علم کي بگاڙي ۽ بيهودو بنائي ڇڏيو آهي ۽ سندس ذهني صلاحيتن کي به مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو آهي. ڊي- هربيلاٽ جو مضمون (مشرقي واقعا- ص- 598-603) گهڻو ڪري نوويري ۽ مِرڪانڊ مان کنيو ويو آهي، پر اسان جو اعتماد وارو ۽ بهترين رهبر فقط گئگنيئَر آهي جيڪو فرانس جو رهواسي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ مشرقي زبانن جو پروفيسر آهي. ٻن اهم تحريرن ۾ (اسماعيل ابوالفدا، هن وڏي وضاحت سان، ابوالفدا ۽ الجنابي جي عربي ۾ لکيل متن جو ترجمو ڪيو آهي. پهرين تحرير هڪ مهذب بادشاهه بابت آهي جيڪو شام ۾ هَما جي هڪ واديءَ ۾ رهندو هو. (1332-1310ع) ڏسو گئگنيئَر (پريفئٽ ۾ ابوالفدا) ۽ ٻي تحرير هڪ سادي ۽ ڀورڙي ڊاڪٽر بابت آهي جنهن مڪي جو سفر 1566ع ۾ ڪيو هو. (ڊي- هربيلاٽ ص 397، گئگنيئَر- iii,209-210) هي منهنجا ذاتي رايا آهن پر مهربان پڙهندڙ وقت جي نزاڪت کي سامهون رکندي ضرور بابن کي ورهائيندا ۽ اُنهن کي اطمينان سان پڙهندا. تنهن هوندي به آءٌ ايترو ضڙور چوندس ته ابوالفدا ۽ الجنابي جديد تاريخدان آهن ۽ اُهي پهرين صدي هجري جي ليکڪن کي يقينن پسند نه ايندا.

(12)         يونانين کان پوءِ، پرائيڊيڪس (ص- 8) شڪ واري ڳالهه ٿو ڪري، ڄڻ ته هو سندن خادم يا صلاحڪار جي حيثيت ۾ ساڻن گڏ رهندو هو (صفحا 272 وغيره) ۽ اڳتي هلي بيبي خديجه جي عظيم خيالن ۽ حب الوطني بابت اسان کي ٻڌائي ٿو ته ساڳي وقت اُنهن شيدائين جي باري ۾ به ڄاڻ ڏئي ٿو جيڪي شروعات ۾ مسلمان ٿيا هيا.

(13)         (وزير، بار کڻڻ وارو، ڍوئيندڙ وغيره) ۽ هن عام ماڻهوءَ جو نالو ملڪ جي وڏن وڏن ماڻهن لاءِ هڪ مثال يا استعارو بنجي ويو. گئگنيئَر، ابوالفدا- ص 19) مون ڪوشش ڪئي آهي ته عربي جي محاورن ۽ اصطلاحن کي ائين استعمال ڪريان جيئن اُهي ان زبان ۾ ڪتب اچن ٿا، تنهن ڪري لاطيني يا فرانسيسي زبانن مان ترجمي ڪرڻ وقت مون محاورن جي اصل شڪل کي محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

(*)    (اندازو لڳايو ويو).

(14)         برداشت ڪرڻ جي سلسلي ۾ قرآن جون آيتون يا سورتون تاڪيد سان نازل ٿيل آهن ۽ تمام گهڻيون آهن. (257,16,129,17,54,45,15,50,2,39,88,21) جن تي مراڪي ۽ سيل جا حاشيه پڻ آهن. هيءَ خصوصيت ئي اهڙي آهي جيڪا عالمن جي شڪن شبهن کي دور ڪرڻ لاءِ ڪافي ٿيندي ته اهي سورتون مڪي يا مديني مان ڪنهن هڪ هنڌ تي نازل ٿيون هيون.

(15)          قرآن جو مطالعو ڪيو. خاص طرح سان (7,123,124 وغيره) ۽ ساڳي وقت عربن جي روايتن کي به ڏسو. (پوڪوڪ، اسپيسيمين- صفحا 35-37) ثمود قبيلي جي آثارن مان ظاهر ٿو ٿئي ته اُهي ننڍي قد جا ماڻهو هيا. هي آثار مديني ۽ دمشق جي وچ تي لڌا ويا آهن. (ابوالفدا، عربستان جو بيان- صفحا 43-44). هن قبيلي جو لاڳاپو اوائلي دنيا جي ٽروگلوڊائيٽس سان منسوب ٿيڻ جو انديشو ظاهر ڪيو ويو آهي. (مڪيلس- لوٿ- صفحا 131-134) مصر ۾ کوجنائون- ii,48 وغيره)

(16)         حضرت يعقوب جي وقت ۾، لادينيءَ جي ڏوهه تي عرب مئجسٽريٽ سزائون ڏيندا هيا. (31,26-28). مون کي ان معزز مئجسٽريٽ يا سرواڻ جو ٻڌي شرمساري ٿي ٿئي (صفحا 650-651، جنهن کي مڪيلس ايڊٽ ڪيو آهي ۽ جنهن جي باري ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر جا خط پڻ آهن. (صفحا 15-53) جيڪو پنهنجي سرواڻي يا بزرگي جي روايتن جي پاسداري ٿو ڪري.

(17)         ڊي- هربيلاٽ (مشرقي واقعا ص 445) هو ﷴ ﷺ جن جي هجرت جي باري ۾ هڪ خاص تاريخ جو حوالو ڏئي ٿو.

(18)         هجري سَن کي ٻي خليفي حضرت عمرؓ قائم ڪيو هر جنهن کي عيسائي شهيدن جي ڪئليندڙ جي طرز تي لاڳو ڪيو ويو هو. (ڊي- هربيلاٽ ص 444) ۽ اهو سن عيسوي سن جي حساب سان جمعي جو ڏينهن 16 جولاءِ 622ع وڃي ٿو بيهي. (ابوالفدا-  22-23,45-50) ۽ اُلگ بيگ جو ڇاپو (عربن جا ڪارناما- 1,8,10 وغيره).

(19)         اسلام جي تبليغ ڪرڻ کان وٺي هجرت تائين ﷴ ﷺ جن جي زندگي جو احوال ابوالفدا جي تحرير ۾ ڏسي سگهجي ٿو. الجنابي طرفان (صفحا 187-134) وقف ڪيا ويا آهن. پر ان ڪم کان وري ابوالفدا بُڇان ڏيکاري آهي.

(*)    (ظاهر ٿيو يا ظاهر ڪيو ويو).

(20) ڪيو آهي. (صفحا 30,33,40,84) ۽ گئگنيئَر- (i,342 وغيره 349 وغيره، ii,323 وغيره).

(21)         پرائيڊيڪس- لڳايو آهي ته هن ٻن يتيمن کي ڦُريو هو جيڪي هڪ رازي يا ڊکڻ جا پٽ هيا، هڪ اهڙو بيهودو الزام جيڪو هن 1130ع کان اڳ شايع ٿيل هڪ عربي ڪتاب مان ڳولي ڪڍيو هو، پر ايماندار گئگنيئَر (جنهن جي پٺڀرائي ابوالفدا به ڪئي آهي ص- 53) ٻڌايو آهي ته النَجار جي لفظ مان هنن ڌوڪو کاڌو هو، جنهن جو مطلب هڪ اڻ ڄاتل ڌنڌي جو نه پر عربن جي هڪ عزت واري قبيلي جو آهي. زمين جي بربادي واري حالت کي ابوالفدا چڱيءَ طرح بيان ڪيو آهي ۽ سندس مانائتي مترجم البخاري اهو ثابت ڪيو آهي ته الجنابي قيمت ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي جيڪا نهايت مناسب هئي ۽ اها آڇ احمد بن يوسف کان آئي هئي جنهن جي ادائيگي سخي مرد ابوبڪر صديقؓ ڪئي هئي. اهڙيءَ طرح پيغمبرؐ تي جيڪو فضول الزام لڳو هو ان جي تلافي ٿي وئي.

(22)        الجنابي. (گئگنيئَر- ii,246,324) ’مُهر ۽ مِمبر‘ کي، الله جي پيغمبر ﷺ جا احترام وارا تبرُڪ يا نشانيون ٿو ڪوٺي ۽ سندن گهر جي نقشي کي ابوالفدا جي تحريرن منجهان هٿ ڪيو ويو آهي. (44،85).

(23)        قرآن جو اٺون توڙي نائون باب کُليل، چِٽا ۽ زوردار آهن ۽ مراڪي (پروڊرومَس iv,59-64) اُنهن تي وڌيڪ روشني وڌي آهي.

(24)        ڊيوٽر نامي جا ڏهون ۽ ويهون بابَ، جن بابت جوشُئا ۽ دائود جا تبصرا لکيل آهن، هاڻوڪن عيسائين طرفان اطمينان جي بجاءِ خوف سان پڙهيا ويندا آهن، پر پادري توڙي يهودي معلم ڪليسائيت جي ڍنڍوري کي بار بار دهرائيندا رهيا آهن. (سيل- بنيادي گفتگو- صفحا 142-143).

(25)         ابوالفدا ﷴ ﷺ جي احوال ۾- ص 156) پيغمبرؐ جي ذاتي اسلحي خاني ۾ نوَ تراريون، ٽي چُهنبدار نيزا، ستَ ڀالا، هڪ ترڪش يا تيردان، ٽي تيرڪمان، ست ڍالون، ٽي شيلڊون ۽ ٻه مٿي جي بچاءَ جا هيلميٽ هيا، (گئگنيئَر- iii,328,334) ۽ وٽس هڪ وڏي سائيز جو جهنڊو ۽ ڪارو بئنر (ص- 335) ۽ ويهه گهوڙا هيا. (ص- 322 وغيره). فوجي بهادريءَ بابت سندن قول حديثن ۾ موجود آهن. (گئگنيئَر- ii,88,337).

(26)        جنگ بابت ﷴ ﷺ جي قاعدن قانونن جي موضوع تي وڏي عالم ريلنڊ هڪ جدا مضمون لکيو آهي (مختلف مضمون- ٽام- iii، مضمون- x، صفحا 3-53).

(*)    (صورت، خيال).

(27)        تقدير يا مقدر جو فلسفو، جنهن تي ڪجھ مذهب هڪ ٻئي کي نِنديندا رهندا آهن، قرآن ۾ سختيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي. (3,52,53,4,70 وغيره) جنهن بابت سيل جا حاشيا- (17,413) جن ۾ مراڪي پڻ شامل آهي، موجود آهن. ريلنڊ- مذهب- ص 61-64) ۽ سيل (بنيادي گفتگو- ص 103) وڏن عالمن ۽ ڊاڪٽرن جي خيالن جي نمائندگي ڪن ٿا، جن ۾ ڪجھ سياحن، جو اعتماد يا تُرڪن جو گم ٿيندڙ يا ٽمڪندڙ اعتماد به شامل آهي.

(28)        الجنابي (ان سان گڏ گئگنيئَر- ii,9) ستر يا اسي گهوڙن جو ذڪر ٿو ڪري، ۽ اُحد جي جنگ کان اڳ ٻن موقعن تي هو ٽيهن (ص- 10) ۽ 500 (ص- 66) سپاهين جي فوج جو ذڪر ٿو ڪري. تنهن هوندي به اُحد جي جنگ ۾ مسلمانن وٽ ٻن کان وڌيڪ گهوڙا نه هيا. (هي انڪشاف ابوالفدا جو آهي (جيڪو ﷴ ﷺ جي احوال ۾ موجود آهي). پهاڙي صوبي ۾ اُٺن جو تعداد تمام گهڻو هو پر گهوڙا خوشحال عربستان ۾ تمام گهٽ هوندا هيا.

(29)        بدر- حنين مديني کان ويهن ۽ مڪي کان چاليهن ميلن تي آهي ۽ مصر طرفان يا ان طرف ايندڙ ويندڙ قافلن جي رستي جي مٿاهين هنڌ تي آهي ۽ حاجي سڳورا هر سال پيغمبرؐ جي فتح جو جشن ملهائيندا آهن جنهن ۾ چراغان پڻ ڪندا آهن.

(30)        جنگ جي دؤران جنهن جڳهه تي ﷴ ﷺ جن کي حفاظت ۾ رکيو ويو، ان کي گئگنيئَر بيان ڪيو آهي  ۽ اُهو هنڌ ڪاٺ جي هڪ جهوپڙي هئي جنهن کي هڪ دروازو هو. ساڳئي عربي لفظ کي رزڪي پڻ بيان ڪيو آهي. (مسلمانن جا واقعا- ابوالفدا- ص 23) فرق فقط ان اهم لمحي جو آهي جنهن سان مترجم توڙي سپوت جي مان ۾ اضافو ٿئي ٿو. مون کي افسوس ٿو ٿئي ته رزڪي پنهنجي ئي محنت ڪش دوست کي سزا ٿو ڏئي. (سندس ڪوششن جو طريقو عجيب آهي ته سمورا صفحا درستگيءَ سان ٺيڪ ٿي سگهن ٿا، پر هو عربيءَ جو ايترو ڄاڻو نه آهي ۽ وٽس تنقيدي تجربي جي به ڪمي آهي). رزڪي- ص 228، ابوالفدا- (سيرا تبولي لپسي 1766).

(*)    کيس ڪمزور ڪيائين).

(31)         قرآن ۾ جيڪي ٽڙيل پکڙيل ڳالهيون آهن (3,124,125,89) اُنهن مطابق تبصري نگارن تعداد گهٽ وڌ ٻڌايو آهي. مثال طور: 1000، 3000، يا 9000 فرشتا ٻڌايل آهن، ۽ اُنهن منجهان تعداد ننڍي ۾ ننڍو به هجي تڏهن به اُهو ستر قريشن کي مارڻ لاءِ ڪافي آهي. (مراڪي- اهڙو تعداد جنهن کي منهنجون گنگهار اکيون به ڏسي سگهن. (مراڪي- ص 197) اُهي لفظن کي رڳو بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهن. (باب 8،16) ’تون نه، پر الله تعالي‘. (ڊي هربيلاٽ- مشرقي واقعا صفحا 600-601).

()    (سندس آمدني جو حصو جيڪو هو خير، خيرات ۾ ڏيندو هو).

()    (طنبورو يا رباب).

(32)        جاگرافي- نيو بينِسس- (ص 47).

(33)        قرآن جي ٽئين سيپاري ۾ (صفحا 50-53) جنهن ۾ سيل جا حاشيا به شامل آهن، پيغمبرؐ اُحد جي جنگ ۾ شڪست جي باري ۾ ڪجھ ڪمزور جواز پيش ڪيا آهن.

(34)        قريشن جي ٽن جنگين يعني بدر، اُحد ۽ خندق بابت ابوالفدا جو مطالعو ڪيو. (صفحا 56-61,64-69,73-77) گئگنيئَر ii,23-45,70-96,120-139) هن ۾ ڊي- هربيلاٽ جا مضمون ۽ الماسن جا حاشيا به شامل آهن. (عرب مسلمانن جي تاريخ 7-6) ۽ ابوالفراجيَس- (شهنشاهتون، ص- 102).

(*)    عبادت ڪرڻ ۾ جنهن جڳهه سان ﷴ ﷺ جو واسطو پيو، اُها هر حال ۾ مڪي سان تعلق رکندڙ هئي).

(35)         ڪئنوڪا جي يهودين، نزارين، قريشين ۽ خيبر جي قبيلن خلاف ﷴ ﷺ جي جنگين جي احوال کي ابوالفدا قلمبند ڪيو آهي. (صفحا 61,71,77,87 وغيره) ۽ گئگنيئَر ii,61-65,107-122,139-148,268-294).

(36)        ابو رافع، جيڪو ﷴ ﷺ جن جو خادم هو، جي لاءِ چيو ٿو وڃي ته هن پاڻ ۽ ستن ٻين ماڻهن پوءِ ڪوشش ڪئي ته گيٽَ کي چوري يا کڻي سگهن پر ان ڪوشش ۾ هو سڀئي گڏجي به ڪامياب نه ٿي سگهيا. (ابوالفدا- ص 90) ابو رافع عيني شاهد هو پر ابو رافع جي لاءِ شاهدي ڪير ڏيندو؟

(37)        الماسِن، يهودين جي ملڪ نيڪالي بابت تصديق ٿو ڪري. (عرب مسلمانن جي تاريخ- ص- 9) ۽ عظيم الطبري (گئگيئَر- ii,285). ان جي باوجود نيبهُر (عربستان جي تـذڪري ۾- ص- 324 تي) ٻڌائي ٿو ته يهودي مذهب ۽ قرطي مذهبي طريقي جا پرچارڪ اڃا تائين خيبر جي قيبلن ۾ موجود آهن.

(38)        مڪي جي ننڍي ٿيڻ جي احوال کي ابوالفدا قلمبند ڪيو آهي (صفحا 84,87,97-100,102-111) ۽ گئگنيئَر ii,209-245,309-322,iii,1-58) الماسِن- (عرب مسلمانن جي تاريخ- صفحا 8-10) ابوالفراجيَس- (شهنشاهتون- ص- 103).

(*)    (روم جو جنرل 155-186 ق-م).

()    (ماريَس جو دشمن 138-178 ق-م).

()    (پيشنگوئي ڪرڻ).

(39)        مڪي جي فتح کان پوءِ، والٽيئر تصور ٿو ڪري ته ﷴ ﷺ ڪي وڏا ڏوهه ڪيا هيا. شاعر اهو به مڃي ٿو ته تاريخ جي سچائي سندس خيالن جي حمايت هرگز نٿي ڪري ۽ فقط الزام ٿو لڳائي ته جيڪو به سندس ملڪ سان ’الله جو نالو وٺي، جنگ ٿو لڳائي ته اُهو ڪجھ به ڪري ٿو سگهي‘. (والٽيئر xv,282) اهو قول نه ته عقلمندي وارو آهي نه وري ان ۾ ڪنهن به قسم جو فلسفو موجود آهي: جيڪي عظيم سپوت يا قومن جي مذهبن جا اڳواڻ آهن، اُهي يقينن عزت ۽ احترام لائق آهن. مون کي ٻڌايو ويو آهي ته پئرس ۾ جيڪو ترڪيءَ جو سفير هو ان کي هن موضوع تي اجايو بدنام ڪيو ويو هو.

(*)    (ڪمايائين يا حاصل ڪيائين).

(40)        اسلام جا عالم اڃا تائين ان مونجهاري ۾ آهن ته مڪي کي جنگين ذريعي ننڍو ڪيو ويو هو يا اهو ڪن آفتن ذريعي گهٽيو هو. (ابوالفدا- ص 107، گئگنيئَر) ۽ هيءَ زباني ڪلامي اختلاف ائين ئي آهن جيئن اسان جي فاتح وليَم بابت ٿيا هيا.

(41)         عربستان جي خطي مان عيسائين کي خارج ڪندي، حجاز جو صوبو يا ڳاڙهي سمنڊ سان جهاز راني هڪ مسئلو ٿي پيو. چارڊن (سامونڊي سفر iv,166) ۽ ريلنڊ (مختلف مضمون iii-51) خود مسلمانن کان به وڌيڪ سخت آهن. عيسائين کي موشا ۽ گيدا جي سامونڊي بندرن تي وڃڻ ڏنو ويندو آهي ۽ اهو فقط مڪو ۽ ان جون حدون آهن جتي ڪافرن يا لادينن جي وڃڻ تي پابندي مڙهيل آهي. (نيبهُر- عربستان جو احوال- صفحا 308-309) عربستان جا سامونڊي سفر- (i,205,248 وغيره).

(42)        ابوالفدا (صفحا 112-115) گئگنيئَر (iii,67,88) ڊي هربيلاٽ (ﷴﷺ).

(43)        طائف جي گهيري، توڙي ڦُرلُٽ جي احوال کي ابوالفدا قلمبند ڪيو آهي. (صفحا 117-123) ۽ گئگنيئَر iii,88,iii) اهو جنابي آهي جيڪو داز جي قبيلي جي انجڻن ۽ انجنيرن جو تذڪرو ڪري ٿو. طائف جو زرخيز بندر حقيقت ۾ اڳ شام سان لاڳاپيل هوندو هو پر پوءِ وڏين ٻوڏن سبب اهو ٽڪرو عربستان سان ملي ويو.

(*)    (اهڙا سپاهي جن کي جنگ ۾ گهيري ڪرڻ جي تعليم ۽ سکيا ڏني ويندي آهي.

(*)    (کـَڏ کوٽڻ وارا، دشمني جي ارادي سان).

(44)    (صفحا 121-133) گئگنيئَر (iii,119-219) الماسن (صفحا 10-11) ابوالفراجيَس (ص- 103). نائين هجري کي سفارت خانن جو سال ڪوٺيو ويو. (گئگنيئَر ابوالفدا ص- 121).

(45)         متعصب الجنابي جي ڀيٽ ٻين به اوترن ئي معتصبن يعني يونانين، سان ڪريو. گئگنيئَر ii,232-255) ٿيوفينس (صفحا 276-278) زونارَس (ii,xiv,86) ۽ سيڊرينَس (ص 421).

(46)        مُوتيٰ جي جنگ جي تفصيل معلوم ڪرڻ لاءِ ابوالفدا جو مطالعو ڪيو. (صفحا 100-102) ۽ گئگنيئَر (ii,327-343) ٿيوفينس خالد بن وليد جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته کيس ’الله جي ترار‘ ڪوٺيو ويندو آهي.

(47)        تبوڪ جي حملي جو ذڪر اسان جي عام تاريخدانن ڪيو آهي، جيئن ابوالفدا ۽ گئگنيئَر ﷴﷺ جو احوال- iii,147,163) پر اسان کي ان بابت وڌيڪ ثبوت قرآن مان مليو آهي. (9,154,165) جنهن ۾ سيل جا عالماڻا حاشيه ۽ مدلل متن شامل آهن.

(48)        اَئلا جي ماڻهن جي حقن جي دستاويز جي تصديق احمد بن يوسف ڪئي آهي جنهن جو مصنف لِبري اسپلينڊ وَرم (گئگنيئَر ابوالفدا سان گڏ (ص- 125) آهي؛ پر ابوالفدا خود توڙي الماسِن (عرب مسلمانن جي تاريخ ص- 11) توڙي جو کيس خبر آهي ته  امن ۽ محبت جو آهي، سال 1630ع ۾ سونيتا پئرس ۾ شايع ٿيو جنهن ۾ ﷴ  قبول به ڪيو ويو ته ان کان سلماسيَس ۽ گروٽيَس بُڇان به ڪئي هئي. هاٽنگر، بهرحال ان جي صداقت تي شڪ ٿو ڪري. (مشرق جي تاريخ، ص 237) رِناڊوٽ مسلمانن تي زور ٿو ڏئي ته هو پنهنجي رضامندي جو اظهار ڪن (سردارن جي تاريخ، ص 169) پر موشيم (ڪليسائي تاريخ، ص 244) ۾ سندن راءِ کي اجايو ٿو سڏي پر مجبوريءَ ۾ پوءِ به مڃي ٿو وٺي. ان جي باوجود ابوالفراجيَس ﷴ ﷺ جي نستورين سان صلحنامي جو ذڪر ٿو ڪري. (آسيمان، مشرقي واقعا، ii, 418) پر ابوالفرا جيَس يعقوبي قبيلي جو مکيه پادري هو.

(49) يونانين بيان ڪيو آهي جنهن کي هاٽنگر جي تعصب آسانيءَ سان هضم ڪري ڇڏيو آهي. (مشرق جي تاريخ، صفحا 11-10) پرائيڊيڪس ۽ مراڪي (ٽام- ii، القرآن، صفحا 763-762) اهڙا لقب، ته ’ويڙهيل يا ڍڪيل‘ هو، جيڪي قرآن جي ٻن سورتن ۾ آهن (74-73) اُنهن جي تشريح ايتري حد تائين نٿي وڃي سگهي، مسلمان تبصري نگارن جي خاموشي يا اڻڄاڻائي، ٻين جي فيصلائتي انڪار ڪرڻ جي مقابلي ۾ وڌيڪ مانائتي آهي. جنهن کي اوڪلي به تسليم ڪيو آهي. (عرب مسلمانن جي تاريخ، i, 301) (گئگنيئَر ۽ ابوالفدا، ص 92

(50)         زهر ڏيڻ کي جيڪو (ذلت وارو عمل هو ڇاڪاڻ ته اهو سندن پيغمبري ڄاڻ ۽ علم کي آزمائڻ لاءِ ڏنو ويو هو) پيغمبرؐ جي ويجهن عقيدتمندن پڻ مڃيو آهي. ابوالفدا (ص 92) ۽ الجنابي (گئگنيئَر سميت، ii, 286-288)

(51)          يونانين توڙي لاطيني ماڻهن هڪ فضول ۽ حماقت واري ڪهاڻي گهڙي ورتي آهي ته مڪي ۾ ﷴ ﷺ جو لوهه جو ٺهيل روضو هوا ۾ لڙڪيل يا اڏيل آهي، جنهن ۾ پٿر به اوتري وزن ۽ طاقت وارا استعمال ٿيل آهن۔  هن ڳالهه ۾ ڪنهن به فلسفي ۾ وڃڻ جي ضرورت نه آهي، ڇاڪاڻ جو اهو چوڻ ڪافي آهي ته: (1) پيغمبرؐ جي تدفين مڪي ۾ ڪانه ٿي هئي، (2) مديني ۾ سندن روضو مبارڪ، جنهن جي زيارت لاءِ لکين ماڻهو سڄي دنيا کان ڪهي ايندا آهن، هيٺ زمين تي ٺهيل آهي. (ريلنڊ، ﷴ ii, 19,209-211) گئگنيئَر .

(52)         الجنابي هڪ حاجيءَ جون بيشمار ذميواريون ڳڻائي ٿو جڏهن هو پيغمبرؐ جي روضي يا سندس ٻين ساٿين جي زيارت ڪري ٿو ۽ پوءِ هو فيصلو ڪري ٿو ته سندس عقيدتمندي انهن عملن سان عين مشابهت رکي ٿي جيڪي مٿس فرض ڪيا ويا آهن، عالم ۽ ڊاڪٽر ان ڳالهه تي ورهايل آهن ته مڪي يا مديني مان ڪهڙو هنڌ وڌيڪ شاندار آهي.

(53)         ابوالفدا ۽ گئگنيئَر چڱيءَ طرح بيان ڪيو آهي. جيڪي ذاتي ۽ مخفي حالتون هيون انهن جي خبر فقط بيبي عائشهؓ، حضرت عليؓ ۽ حضرت عباسؓ جي پٽن تائين محدود هئي ۽ جيئن ته اُهي مديني ۾ رهندا هيا ۽ پيغمبرؐ جي لاڏاڻي کان پوءِ به ڪيترا سال زندهه هيا ته اُنهن ممڪن آهي ته ڪجهه مقدس قصا حاجين جي ٻي ۽ ٽئين نسل کي ٻڌايا هجن.

(54)         عيسائين نهايت ئي اُٻهرائپ ۾ ﷴ ﷺ سان هڪ ڪبوتر کي منسوب ڪيو آهي جيڪو جنت مان هيٺ لٿو هو ۽ سندس ڪنَ ۾ اچي ڀُڻ ڀُڻ ڪئي هيائين. جيئن ته هي معجزو گروٽيَس طرفان بيان ڪيو ويو آهي (عيسائين جو مذهب) سندس عربي مترجم پوڪوڪ جيڪو هڪ عالم هو، مصنفن جي نالن بابت  پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ گروٽيَس تسليم ڪيو هو ته ان معجزي جي ته مسلمانن کي به خبر ڪانه هئي. ان امڪان کان ته مبادا ان تي ماڻهو طنز ڪن ۽ کِلن، تنهنڪري ان عربي ترجمي کي غائب ڪيو ويو، پر ان جي باوجود به ان قصي کي لاطيني ٻوليءَ جي متن ۾ ڪافي جڳهه ملي. (پوڪوڪ، اسپيسيمين، عربستان جي تاريخ، 187-186) ريلنڊ،

(55)         (هي اُهو ڪجهه آهي جيڪو منهنجي ننڍپڻ ۾ مون سان شروع ٿيو: آءٌ هڪ اهڙو آواز ٻُڌان ٿو جيڪو جڏهن به مون کي سڏي ٿو ته اُهو ڪجهه ڪرڻ کان مون کي روڪي ٿو وٺي جيڪو آءٌ ان وقت ڪرڻ چاهيان ٿو، ۽ مون کي ڪڏهن به وري ان کي ڪرڻ لاءِ اُڪسائي نٿو). افلاطون (دفاع ۾) سقراط (122-121 19، جنهن کي فِشر ايڊٽ ڪيو) هڪ ڄاتل سڃاتل مثال جنهن تي سقراط پنهنجي گفتگو ۾ زور ٿو ڏئي جنهن ۾ ٿيگس به شامل آهي (افلاطون (اوپيرا، i, 128-129 جنهن کي هينري اسٽيفن ايڊٽ ڪيو)، پر اهو انسانن جي دورانديشي يا دور رَس نگاهه کان به اڃا اڳڀرو آهي ۽ هن فيلسوف جي فطري ۽ قدرتي ذهني وسعت کي زينوفن جي اهم تحرير ’يادگيريون‘ ۾ چِٽيءَ طرح بيان ڪيو ويو آهي. افلاطون جي شيداين جي خيالن کي سِسرو تفصيل سان بيان ڪيو آهي، (قدرتي منظر، (i, 54 ته وري ساڳئي موضوع کي مئڪيمَس پڻ چوڏهين ۽ پندرهين مقالي ۾ واضح طور بيان ڪيو آهي. (صفحا 172-153 جن کي ڊئِوس ايڊٽ ڪيو).

(*)    (حضرت نوحؑ )

(56)         وڏن جُلدن جي تحريرن ۾ والٽيئر، پيغمبرؐ جي وڏي عمر ٿيڻ تي کين هڪ فقير يا درويش سان سندن ڀيٽ ٿو ڪري، جنهن پنهنجي ڳچيءَ مان سڀ ڳَٽ لاهي پنهنجن ساٿين ۽ دوستن جي ڪنن ۾ وجهي ڇڏيا آهن.

(57)         گئگنيئَر پنهنجي غير جانبداري واري قلم سان پيغمبرؐ جي انسانيت وارن قانونن جو ذڪر ڪري ٿو.

(58)   ۽ ابوالفد جي ڪجهه بابن جو مطالعو ڪيو، ان کانسواءِ سندن کاڌي خوراڪ (iii, 285-288)، سندن ٻارن (صفحا 289-189) سندن بيبين يا گهروارين (صفحا 303-290) بيبي زينب سان سندن شادي (ii, 152-160) بيبي ماريه سان سندن شادي (صفحا 309-303) ۽ بيبي عائشهؓ سان سندن پيار، (صفحا 199-186) وغيره شامل آهن. پوين ٽن سلسلن بابت اصل مواد چوڏهين، ٽيٽهين، ۽ قرآن جي ڪجهه ٻين سورتن ۾ آيل آهي، ان کان علاوه سيل جي تبصري ۾ پڻ موجود آهي. پرائيڊيڪس ۽ مراڪي (پروڊورومَس، القرآن، (iv, 49-59 تعصب منجهان پيغمبر جي ڪمزورين بابت مبالغي کان ڪم ورتو آهي.

(59)         ’محبت ۽ پيار جا جذبا ٻنهي طرفن کان اعتبار ڪرڻ کان ٻاهر آهن.‘ اميئينَس مارسيلينَس (xiv, 4)

(60)        سيل (بنيادي گفتگو، صفحا 133-137) شادي ۽ طلاق جي قانونن کي ورجايو آهي، ۽ جنهن به سيلڊن جو ڪتاب ’اُڪسر، هيبريڪا‘ پڙهيو هوندو ته اُهو يهودين جي قانونن يا رواجن کي به آسانيءَ سان سڃاڻي وٺندو.

(61)         هڪ يادگار صورتحال ۾ خليفي حضرت عمرؓ فيصلو ڪيو ته فرضي يا اندازي واري شاهدي بيڪار ۽ فضول آهي، تنهنڪري چار شاهد هجن ۽ چئني پنهنجين اکين سان ائين ڏٺو هجي جيئن ڪو ’قلم مُس ڪپڙي‘ ۾ پيل هوندو آهي. (ابوالفدا، مسلمانن جا واقعا، ص 71)

(نوٽ: نمبر 162 کان 164 تائين حاشيا هتي ڏنل نه آهن ڇاڪاڻ ته اصل متن ۾ اهو حصو مصنف طرفان نازيبا بيان سبب ترجمي مان خارج ڪيو ويو آهي).

(165)     ابوالفدا 17-16 گئگنيئَر.

(166)    عربستان جي تاريخ جو خاڪو ڊي.هربيلاٽ جي تحرير مشرقي واقعن منجهان حاصل ڪيو ويو آهي (جنهنجو عنوان آهي، ابوبڪر، عمر، عثمان علي (رضي الله عنهم) ابوالفدا، ابوالفرا جيَس ۽ ايلماسن (جن ۾ هجري سالن جو تذڪرو موجود آهي) ۽ خاص طرح جنهن ۾ اوڪلي جا حوالا (عرب مسلمانن جي تاريخ، (i, 1-10, 115-122, 229, 2498, 363, 372, 378-391) ۽ سندس سموري ٻي جلد مان به ورتل آهن: تنهن هوندي به اسان کي احتياط ڪرڻو آهي ڇو ته دشمن قبيلن جون ڏکيون روايتون موجود آهن ۽ اُنهن روايتن تي تڏهن وڌيڪ ڌُنڌ ڇانئجي وڃي ٿو جيڪڏهن اطلاع جا ذريعا مٽبا رهن ٿا، سينٽ جان چارڊن انهن قصن کي نهايت خيال سان لکيو آهي، جن ۾ جديد فارس وارن جون ننڍيون ننڍيون غلطيون به شامل آهن.

(167)    اوڪلي (پنهنجي تحرير جي ٻي جُلد جي پڄاڻيءَ تي) 169 جملن جو انگريزي ترجمو پيش ڪيو آهي، جن  کي هن هٻڪندي هٻڪندي حضرت عليؓ سان منسوب ڪيو آهي. جيڪو ابوطالب جو پٽ آهي. سندس مهاڳ هڪ مترجم جي جوش جو مظهر آهي، تنهن هوندي به اهي جملا هڪ خصوصيت جي تصوير ٺاهن ٿا، توڙي جو اُهي انساني زندگي جي ڪجهه اونداهي تصوير پيش ڪن ٿا.

(168)    اوڪلي (عرب مسلمانن جي تاريخ، (i, 5-6 هڪ عربي ۾ لکيل مُسودي مان حوالو کڻي ٻڌائي ٿو. بيبي عائشهؓ، پيغمبرؐ جن جي جڳهه تي پنهنجي پيءُ جي نعم البدل هئڻ جي خلاف هئي. هيءَ حقيقت جيڪا پنهنجي جڳهه تي ناممڪن ۽ اڻ ٿيڻي لڳي ٿي، ابوالفدا، الجنابي توڙي البخاري ان طرح توجهه نه ڏنو آهي. امام بخاري، بهرحال بيبي عائشهؓ کان هڪ حديث جو حوالو ڏنو آهي .

(169)    خاص طرح پنهنجي دوست ۽ سؤٽ عبدالله جيڪو حضرت عباس جو پٽ هو ۽ جنهن جو موت 687ع ۾ ٿيو هو، اُهو مسلمانن جو وڏو عالم هو. ابوالفدا ٻڌائي ٿو ته هن اُنهن موقعن کي دهرايو هو جن ۾ حضرت عليؓ سندس سُٺي مشوري تي ڏيان نه ڌريو هو. (ص 76 زرڪي)  ۽ جنهن مان هو نتيجو هيءُ ٿو ڪڍي: ”اي اميرالمومنين! ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته تون وڏو طاقتور ۽ شير خدا آهين. پر تون ڪنهن جي صلاح مشوري ڏي توجهه نه ٿو ڏين، ۽ توکي هن دنيا جي معاملن جي به گهٽ خبر آهي‘.

(170)    مون کي شڪ ٿو پوي ته ٻه تجربيڪار شخص ابوالفرا جيَس ص- 115، اوڪلي- i,371) شايد سندس صحيح صلاحڪار نه هيا پر سندس ٻه اڳيان خليفا يعني حضرت ابوبڪر صديق ۽ حضرت عمر فاروقؓ يقيني طور تي سندس صلاحڪار هيا.

(171)     فارسين جي فرقه بندي يا مذهبي ڦوٽ کي گذريل صدي جي سڀني سياحن بيان ڪيو آهي، خاص طرح سان سندن آقا چارڊن ۽ نيبهُر جي ٻي ۽ چوٿين جُلد ۾ اهڙو تذڪرو آيل آهي توڙي جو ان جي صداقت ۽ اهميت ايتري نه آهي، پر کين اهو فائدو ضرور آهي جو هنن گهڻو پوءِ يعني 1764 ۾ لکيو آهي (عرب جا سامونڊي سفر ii,208-233) جڏهن نادر شاهه پوري قوم جي مذهب مٽائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي هئي. (سندس فارسي تاريخ ڏسو جنهن جو سر وليم جونس فرانسيسي زبان ۾ ترجمو ڪيو آهي (ii,5-6,47-48,144-155) کي پسند نٿا ڪن.

(172)    فارس وارا حضرت عمرؓ کي پسند نٿا ڪن. جڏهن هو ڪو تير اڇلائن ٿا ته رڙ ڪري چَون ٿا: ”شال هي تير عمر (حضرت عمرؓ ) جي سيني مان پار ٿي وڃي“. (چارڊن جا سامونڊي سفر- ii,239-240,259 وغيره)

(*)    (سُني)

(173)    لياقت ۽ اهليت جي هن معاملي کي ريلنڊ اجاگر ڪري ڇڏيو آهي. ۽ هڪ سُنيءَ جو هڪ دليل جنهن کي اوڪلي (عرب مسلمانن جي تاريخ، (ii, 230 ۾ بيان ڪيو آهي. حضرت عليؓ خلاف بُرو ڀلو ڳالهائڻ جي روايت کي خود بنواُميه وارن چاليهن سالن گذرڻ کان پوءِ ختم ڪري ڇڏيو هو (ڊي.هربيلاٽ، ص 690) ۽ ڪجهه ماڻهو تُرڪن ۾ اڃا به اهڙا آهن جيڪي هن خلاف بدشد ڳالهائن ٿا (چارڊن جا سامونڊي سفر، (iv, 46

(174)    سفين جي ميدان جو تذڪرو ڊي.ائنول ڪيو آهي. (دجله ۽ فرات، ص 29)

(175)     ابوالفدا جيڪو هڪ اعتدال پسند سُني آهي. حضرت عليؓ جي تدفين جي باري ۾ مختلف خيالن جو ذڪر ٿو ڪري پر سندس مقبرو ڪوفي ۾ ٿو ٻڌائي. جنهن کي ماڻهو سندس شهرت سبب عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ جتي بيشمار ماڻهو زيارت لاءِ پڻ وڃن ٿا.‘ هن عدد کي نيبهُر هينئن ٻڌايو آهي ته هر سال 2000 ماڻهو مرن ٿا ۽ 5000 جيئرا اُتي رهن ٿا. (ii, 208-209)

(176)    فارس جا جيڪي به آمر آزاد الدولت کان وٺي (977ع، ڊي.هربيلاٽ، ص- 95، 59، 58) نادر شاهه (1743ع نادر شاهه جي تاريخ، (ii, 155 تائين رهيا آهن، اُنهن سڀني حضرت عليؓ جي روضي کي دولت ذريعي پئي سينگاريو ۽ سنواريو آهي. مقبرو ٽامي جو ٺهيل آهي جنهن کي سونو پاڻي ڏنل آهي، جيڪو ڪيترن ئي ميلن کان سج جي روشني تي چمڪندو نظر ايندو آهي.

(177)    مشهد علي جو شهر، جيڪو ڪوفي کان پنجن کان ڇهن ميلن ۽ بغداد کان هڪ سؤ ويهن ميلن جي پنڌ تي آهي، جديد جيروسلم جي سائيز جي ڏيک جهڙو آهي.. مشهد حسين جيڪو اڃا وڏو ۽ وڏي آبادي وارو شهر آهي، سو ٽيهن ميلن جي مفاصلي تي آهي.

(*)    (هڪ وڏي طاقت)

(178)    آءٌ هن موقعي تي، ٽئسيٽَس جي زبردست ۽ اثرائتي اظهار جو سليقو کانئس اُڌارو وٺندي اوهان کي ٻڌايان ٿو ته: ”شهنشاهت جو راز هينئن پڌرو ٿيو هو ته هڪ شهنشاهه روم کان سواءِ ٻي هرهنڌ تي پيدا ٿي سگهي ٿو.“

(*)    (هيراڪليس (حرقل) ۽ خسرو-II صدي جي شروعات ۾)

(179)     مون اوڪلي جي دلچسپ داستان کي مختصر ڪيو آهي. (ii, 170-231) اهو ڊگهو ۽ تفصيلي آهي پر سڄو سارو ڏکوئيندڙ آهي جنهن ۾ جيڪي حالتون گذريون هيون اُنهن کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي.

(180)    نيبهُر جيڪو ڊين جي نالي سان مشهور آهي، (عربستان جا سامونڊي سفر وغيره (ii, 208 شايد يورپ جو اڪيلو سياح آهي جنهن مشهد علي ۽ مشهد حسين جي سفر ڪرڻ جي جرئت ڪئي آهي. ٻئي مقبرا ترڪن جي انتظامي ڪنٽرول هيٺ آهن جيڪي فارس جي لادينن جي عقيدت تي به ٽئڪس مڙهين ٿا ۽ کين برداشت ٿا ڪن. امام حسينؑ جي ورسيءَ جي موقعي تي جيڪو هر سال ميلو مچي ٿو، ان کي هڪ سياح سر جان چارڊن خوبصورتيءَ سان بيان ڪيو آهي ۽ مون سندس سدائين تعريف ڪئي آهي.


§ (نوٽ: منهنجي خيال ۾ تاريخدان الجنابي جو اهو بيان سراسر غلط آهي ته مسلمان عالم ان ڳالهه تي ورهايل آهن ته مڪي يا مديني مان ڪهڙو هنڌ وڌيڪ شاندار آهي، اهو نقطو عالم اِسلام ۾ ڪڏهن به ۽ ڪنهن به ماڻهوءَ هن وقت تائين نه اُٿاريو آهي. (سنڌيڪار)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org