سيڪشن:تاريخ

ڪتاب: روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو

باب:

صفحو: 1

روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو (ڀاڱو ٻيو)

 

ترتيب: عنايت بلوچ

 

ڇپائيندڙ پاران

 

هيءُ ڪتاب برطانيه جي جڳ مشهور محقق ايڊورڊ گِبن جي تاريخي ڪتاب
 
THE DECLINE AND FALL OF THE ROMAN EMPIRE جو سنڌي ترجمو آهي. هن ڪتاب کي برطانيه جي وڪٽورين دور ۾ تاريخ نويسيءَ جي هڪ عظيم شاهڪار طور تسليم ڪيو ويو ۽ هن ڪتاب جو شمار دنيا جي عظيم ڪتابن ۾ ٿيڻ لڳو. هن اهم ۽ تاريخي ڪتاب جو سنڌي ترجمو سنڌي ادب جي نامياري ليکڪ ۽ شاعر محترم عنايت بلوچ صاحب وڏي محنت سان سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري هڪ عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.

سنڌي ادبي بورڊ شروع کان ئي ادب، تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت تي اعليٰ درجي جا معياري ڪتاب شايع ڪندو رهيو آهي ۽ ان کان علاوه پرڏيهي ادب جي ڪيترن ئي معياري ڪتابن جا سنڌي ۾ ترجما ڪرائي ۽ انهن اهم ۽ معلوماتي ڪتابن کي شايع ڪري بورڊ پاڻ ملهايو آهي. پرڏيهي ادب جي تاريخي ڪتابن مان ”روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو“ هڪ اهم ۽ بين الاقوامي شهرت يافته ڪتاب آهي، جنهن جو پهريون ڀاڱو ڊسمبر 2010ع ۾ بورڊ طرفان ڇپجي منظرِعام تي آيو ۽ هاڻي هن عالمي سطح جي تاريخي ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو آئون پنهنجي  ايامڪاريءَ ۾ اداري طرفان شايع ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. جنهن لاءِ آئون جناب مخدوم جميل الزمان صاحب چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ، جو تهدل سان شڪر گذار آهيان، جنهن پنهنجي مفيد مشورن سان منهنجي رهنمائي ڪري اشاعتي مرحلي کي آسان ڪيو.

اميد آهي ته، اسان جو هيءُ پيار ڀريو پورهيو پڙهندڙن وٽ مانُ لهندو.

 

16- ذوالقعد 1433هه                                                           الهڏتو وگهيو

4- آڪٽوبر 2012ع                                                             سيڪريٽري

سنڌيڪار پاران

 

”روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو“ جو ٻيو جُلد مهربان پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو پيو وڃي، جنهن جي هر باب جي اهميت، هڪ تاريخي حقيقت جي آئيني مثل آهي جنهن ۾ روم جي شهنشاهت جي صدين جي تاريخ کي چڱيءَ طرح ڏسي ۽ پسي سگهجي ٿو، پر هن سڄي ڪتاب جو باب پنجاهون، جيڪو طويل ترين ۽ تفصيلي باب آهي، جي نرالي خصوصيت ۽ تمام وڏي اهميت آهي ڇاڪاڻ ته هن باب ۾ اسلام جي مذهب، قرآن پاڪ جي تعليم ۽ ختم المرسلين  جيڪو شايد گهٽ ڪتابن ۾ اهڙي انداز سان لکيل هجي. ٻنهي جهانن جي وارث ۽ وسيلي، ڪارڻي ۽ رحمت اللّعٰلمين لاءِ، هن ڪتاب جو مصنف ايڊورڊ گِبن، جيڪو هڪ ڪئٿولڪ عيسائي هيو، باب پنجاهين ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار هن ريت ٿو ڪري:

”حضرت موسيٰؑ توڙي حضرت عيسيٰؑ جن جي مذهبي عقيدي ۽ تعليم موجب، مستقبل جي پيغمبر جي آمد تي هر طرف خوشيءَ جي لهر ڇانيل هئي، جيڪو اُنهن کان به وڌيڪ ناميارو ۽ عظيم هوندو، ۽ اهڙيءَ طرح جيڪو واعدو انجيل پاڪ ۾ ڪيل هو ته هڪ ”شفا ڏياريندڙ مقدس روح“ ايندو يا وري روح القدس کان اڳ پنهنجون نشانيون نروار ڪندو ته ”اُهو واعدو عظيم ﷴ مصطفيٰ جن جي روپ ۾ سندن آمد تي پورو ٿيو جيڪو سڀني پيغمبرن کان مٿاهون، عظيم تر ۽ ختم المرسلين يا الله جو آخري پيغمبر آهي.”

ساڳئي باب ۾ ايڊورڊ گِبن اسان جي پياري پيغمبر، جيڪو خوبين جي کاڻ هو، جي واکاڻ خوبصورت لفظن ۾ هن طرح بيان ڪئي آهي:

” ڪشش ڪندڙ هوندي هئي جو ماڻهو کين داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهندا هيا. سندن پُروقار طريقو، رعبدار نظرون، منهن مبارڪ تي سدائين مٺڙي مُرڪ، سندن سونهن واري ريش مبارڪ ۽ سندن من موهيندڙ چهرو جنهن جو اثر هر ماڻهوءَ جي روح تائين پهچندو هو. زندگيءَ سان تعلق رکندڙ هر ڪم ۾ سنجيده ۽ بااخلاق هوندا هيا ۽ هر ماڻهوءَ سان مهرباني سان پيش ايندا هيا، غريبن ۽ مسڪينن ڏانهن ڀرپور توجهه ڏيندا هيا ۽ اُنهن جا مسئلا وڃي معلوم ڪندا هيا ۽ ماڻهن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ سِڌا سنوان ۽ کُليل هوندا هيا. سندن يادگيريءَ جي صلاحيت تعريف لائق هئي، سندن ذهانت آسان ۽ سماجي ڀلائي واري هئي. سندن خيالن جي پهچ تمام بلندي واري، سندن راءِ واضح، کليل ۽ فيصلائتي هوندي هئي ۽ خيالن کي عملي جامو پهرائڻ جي منجهن پوري صلاحيت هوندي هئي……“

گِبن نه رڳو دنيا جي آخري ۽ اولوالعزم پيغمبر ﷺ جي تعريف ٿو ڪري پر خود عيسائي هوندي به عيسائي مذهب تي خاص طرح ٽِن جي ايڪي (تثليث جي نظريئي) جي حوالي سان ڪڙي تنقيد ٿو ڪري. باب پنجاهين ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو:

”اسرائيل جو نسل هاڻي انسانن وارو نه رهيو هو ۽ دنيا جا مذهب، نئين پيغمبر جي نظرن ۾، ان نُقطي تي قصوروار ضرور هيا جن الله تعاليٰ جي پاڪ ذات کي پُٽ، ڌيئرون يا ساٿي ڏئي ڇڏيا هيا. مذهب ۾  فتنو پيدا ڪندڙن جو هڪ گروهه عربستان ۾ به پيدا ٿي ويو هو جن بيبي مريم پاڪ کي ديوي جو لقب ڏنو هو ۽ ’ٽِن‘ جو مونجهارو پيدا ڪيو هو جيڪو خدائي وحدت جي اٽل حقيقت جي اصول جي نفي ڪري ٿو. انهي عقيدي مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته اهڙو عقيدو رکندڙَ، ٽن هڪ جهڙن خدائن کي دنيا اڳيان پيش ڪن ٿا ۽ حضرت عيسيٰ ؑ  جيڪو هڪ انسان هو، کي الله جو پٽ ڪري ڄاڻائن ٿا. پر ﷴ ﷺ جن جو مذهب اهڙي ڪنهن به شڪَ يا مونجهاري کان آجو ۽ پاڪ آهي ۽ قرآن، الله پاڪ جي وحدانيت جي شاندار شاهدي ڏئي ٿو. هڪ اهڙو فيلسوف، جيڪو خدا جي وجود کان به انڪاري آهي، اُهو به شايد ﷴ ﷺ جن جي عقيدي کي مڃڻ ۾ دير نه ڪندو - هڪ اهڙو اُتاهون فلسفو جيڪو شايد اسان جي ذهني سطح کان به گهڻو مٿڀرو آهي.“

” قرآن  پاڪ  الله  تعاليٰ  جو  نِـــــج  ڪلام  آهي.“

هن سلسلي ۾ گِبن اسان کي هينئن ٿو ٻڌائي:

 سندن پنهنجي ذات توڙي سندن سڀني عقيدتمندن کي يقين هو ته قرآن تخليق ڪيل نه پر اصل ۽ دائمي هو جيڪو الله پاڪ جو ڪلام ۽ سندس اصلي جوهر مان نڪري دنيا ۾ نازل ٿيو هو ۽ جيڪو روشنيءَ جي قلم سان لکجي، دائمي فرمانن جي صورت ۾ انسان ذات آڏو آيو هو.“

مطلب ته هن جُلد جو باب پنجاهون وري وري پڙهڻ وٽان آهي جنهن ۾ عربستان جي تاريخ، جاگرافي، عربن جي رهڻي ڪهڻي ۽ تهذيب تمدن، اسلام جي اُتاهن اصولن، ۽ حضور پاڪ ﷺ جن جي رسالت، پنجتن پاڪ، چئن پاڪ خليفن ۽ ٻين اسلامي عظمت جي منارن بابت دليلن سان گڏ مفيد معلومات پڻ ڏني وئي آهي.

هن جلد جي باب ستونجاهين ۾ گِبن، هندستان جي فاتح محمود غزنوي توڙي مجموعي طور مسلمان مجاهدن جو ذڪر ڪهڙن نه خوبصورت لفظن ۾ ڪيو آهي: ”ڀلي موسمون ڪيڏيون به خراب ڇو نه هجن، يا جبل ڀلي ڪيتري به اوچائيءَ وارا هجن، نديون ڀلي وڏيون ۽ ويڪريون هجن، صحرا ۽ رِڻ پٽ ڀلي ويران هجن ۽ دشمنن جا ڀلي ڪيڏا به وڏا لشڪر ڇو نه هجن ۽ ڀلي مخالفن جي فوج ۾ هيبتناڪ هاٿي هجن جيڪي جنگ ۾ وڙهڻ جي ڪيڏي به مهارت ڇونه رکندا هجن، پر مسلمان مجاهد ڪنهن به خوف خطري کان ڊڄڻ ۽ هيسجڻ وارا هرگز نه هيا. غزني جي سلطان، سڪندراعظم جي فتحن کي به مات ڏئي ڇڏي هئي.“

ساڳئي باب ۾ ترڪيءَ جي ٻن عظيم حڪمرانن جن کي سلطان چيو ويندو هو، جو ذڪر ڪيو ويو آهي. پهريون اَلپ ارسلان ۽ ٻيو مالڪ شاهه آهي. مالڪ شاهه جو ذڪر ڪندي گِبن لکي ٿو: ”اهڙي وقت ۾ جڏهن يورپ سخت جهالت ۽ جهنگلي پڻي جي اونداهين ۾ غرق هو، تڏهن ايشيا جي شهرن ۾ روشنيون ۽ رونقون موجود هيون ۽ اهو ڪارنامو ترڪ فاتحن جي علم ۽ ڄاڻ جو گهٽ پر سندن حلم ۽ فرمانبرداريءَ جو وڌيڪ آهي. سندس حڪومت جي دؤر ۾ امن امان بحال رهيو ۽ رعيت جا ماڻهو بيحد سکيا ستابا هيا. ايشيا جي شهرن کي مسجدن، محلاتن، ڪاليجن ۽ اسپتالن جي تعمير سان سينگاريو ۽ سنواريو ويو. سلجوقن جي دؤر ۾ زبان توڙي فارس جي علم ۽ ادب کي ٻيهر جياريو ويو ۽ فلڪيات جي ماهرن جي مشاورت سان ڪئلينڊر کي صحيح ڪيو ويو.“

هن جُلد جي ٻن بابن يعني اٺونجاهين ۽ اوڻهٺئين ۾ صليبي جنگين جو تفصيل سان ذڪر ٿيل آهي. مسلمانن جي عظيم سپوت ۽ نورالدين زنگي جي ڪمانڊر صلاح الدين ايوبي جو ذڪر ڪندي گِبن لکي ٿو:

’صلاح الدين سادگيءَ سان زندگي گذاريندو هو، طبيعت ۽ سُڀاءُ ۾ وڻندڙ ۽ پنهنجن ملازمن ۽ نوڪرن سان به صبر ۽ سهڻي ورتاءَ سان پيش ايندو هو. سندس ڪردار ايڏو ته عظيم هو جو عيسائي به کيس عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسندا هيا. جرمني جو شهنشاهه پڻ سندس دوستيءَ تي ناز ڪندو هو. يونان جي شهنشاهه ساڻس ايڪو ڪيو ۽ قريبي رشتا بحال ڪري ڇڏيا. جيروسلم جي فتح سندس شهرت کي، هوا جي صورت ۾ اوڀر ۽ اولهه جي ملڪن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هر طرف ڦهلائي ڇڏيو هو. پرهيزگاريءَ ۾ هو پنهنجي پياري پيغمبرؐ جي ڀرپور پيروي ڪندو هو، عقيدت ۽ عمل ۾ هو پڪو مسلمان هو. انسانيت جي عظيم ڪارنامن سبب صلاح الدين جو ڪردار، اسان کان سندس تعريف ۽ محبت جي تقاضا ٿو ڪري.‘

ساڳي وقت گِبن، نورالدين زنگي جي به بيحد تعريف ڪئي آهي ۽ ٻين ڪيترن ئي مسلمان سپهه سالارن جي زندگين جا احوال هن جُلد ۾ آيل آهن، جن جي مطالعي سان پڙهندڙ جي دلچسپي ويتر وڌي ويندي.

29- مئي، 1453ع جو ڏينهن، دنيا جي اهم تاريخن ۾ هڪڙو يادگار ڏينهن هو جڏهن ترڪيءَ جو جوشيلو ۽ جذبن سان ڀرپور سلطان محمّد-II، عيسائين جي وڏن لشڪرن ۽ سندن اتحادين جي گڏيل طاقت کي جنگ جي ميدان ۾ کليل شڪست ڏيئي قسطنطنيہ جو حاڪم بڻجي ويو. هن جنگ جو داستان دلچسپ ۽ حيران ڪندڙ آهي جيڪو باب اٺهٺئين ۾ تفصيل سان بيان ڪيل آهي.

ڪتاب جي هن حصي ۾ پيار ۽ محبت جا دل وندرائيندڙ قصا به آهن جن کي مصنف ٻه سؤ ٽيهه- چاليهه سال اڳ جي شايد حياداريءَ واري دؤر ۾ ڪافي نرم لهجي ۽ ڌيمي رنگ ۾ بيان ڪيو آهي. باب پنجٽيهين ۾ هڪ ڇوڪري آنريا جي پيار جا داستان پڙهڻ وٽان آهن جيڪا مختلف مردن جي ڀاڪُرن کان گذرندي آخرڪار هُنن (HUNS) جي ظالم ۽ جابر بادشاهه اٽيلا جي راڻي بڻجي وڃي ٿي. اٽيلا اهڙو ته جابر شخص هو جنهن جي تڪبر جي سلسلي ۾ هڪ چوَڻي گهڻي مشهور ٿي هئي ته: ”جنهن به زمين جي ٽڪري تي اٽيلا جي گهوڙن جا سُنبَ لڳا هوندا ته اُتي گاهه ٻيهر ڪڏهن به نه ڦُٽو هوندو.“

هن جلد جي باب ستٽيهين ۾ راهبن، سنياسين ۽ خانقاهي زندگي گذارڻ وارن جا داستان بيحد دلچسپ ۽ انوکا آهن. هي اُهو گروهه هو جن دنيا دولت کي ترڪ ڪري خوشين ۽ عياشين کي ڇڏي ڏنو هو، شراب نوشي، گوشت کائڻ ۽ شادين ڪرڻ کي به ڇڏي ڏنو هيائون. پنهنجي تَن بدن کي تسيا ۽ سزائون ڏيڻ شروع ڪيائون ۽ ظاهري پيار ۽ عشق جي جذبن کان ڄڻ آجا ٿي چڪا هيا ۽ اندروني ۽ روحاني خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ تڪليفن، ڏکن ۽ اذيتن ۾ گذارڻ لڳا ۽ تارڪ الدنيا ٿي رڻ پٽ وڃي وسايائون، جتي ظاهري دنيا وارن کان ڪوهين دور ٿي اڪيلائيءَ جي زندگي گذارڻ لڳا.

جڏهن مون هي داستان پڙهيو ته مون کي لاکيڻي لطيف جو سُر رامڪلي ذهن تي تري آيو جنهن جي هرهڪ بيت ۾ اهڙن ئي سنياسين ۽ ويراڳين جي تصوير هوبهو چِٽيل آهي. نموني طور هتي فقط هڪ بيت لکان ٿو:

بُک وڌائون بگرئين، جوڳي ڪندا جُڃ،

طلب نه رکن طعام جي، اوتيو پين اُڃ،

لاهوتين لطيف چئي، من ماري ڪيو مُڃ،

سامي جهاڳي سُڃ، وَسنئون کي ويجها ٿيا.

اڃا به تمام گهڻيون ڳالهيون، گهڻا داستان ۽ ڪيئي قصا آهن جنکي ڪتاب ۾ تفصيل سان پڙهڻ ۾ پڙهندڙ کي وڌيڪ لطف ايندو ۽ ڪتاب جي مڪمل مطالعي لاءِ سندس دلچسپي ويتر وڌي ويندي.

گِبن پنهنجي ڪتاب جي ايڪهترئين يا آخري باب ۾ روم جي شهنشاهت جي تباهيءَ جا ڪيترائي ڪارڻ ڄاڻايا آهن جن مان سڀني کان وڌيڪ زوردار سبب رومين جي اندروني خانه جنگين، اختلافن ۽ بربرن ۽ عيسائين جي لُٽ مار کي ڄاڻايو ويو آهي. گِبن لکي ٿو: ”هر اُها شئي يا نقش نگار جا لاجواب ۽ نادر نمونا جيڪي ان وقت کڻي سگهڻ جهڙا هيا، جيئن ديوتائن ۽ سورمن جا مجسما، مهانگا ڳهَه زيوَر جن تي چٽسالي ٿيل هئي ۽ جن کي پتل مان ٺاهي اُنهن کي سون ۽ چانديءَ جي جڙاوَت سان سينگاريو ويو هيو، اُهي ناياب ۽ اَملهه فنپارا، فاتحن، جنونين، بربرن ۽ عيسائين جي لوڀ ۽ لالچ جي ور چڙهي ويا.“

روم جي تباهيءَ تي ان وقت جي تاريخدان ۽ اديب پيٽرارچ ڪيڏو نه خوبصورت لکيو آهي:

”اي روم! مون کي تنهنجي تباهيءَ جي منظرن کي ڏسي خوشي فقط انڪري ٿئي ٿي ته تنهنجي برباديءَ ۾ به تنهنجي عظمت جا آثار ڪيڏا نه نمايان آهن.“

اڳتي هلي پيٽرارچ لکي ٿو:

”روم جي تبرڪن ۽ سندس عظمت جي نشانين ڏي نهاريو! نه وقت جو وهڪرو ۽ نه بربرن جا حملا سندس برباديءَ جي دعويٰ ڪري سگهيا، پر اهو ڪارنامو سندس پنهنجن شهرين سرانجام ڏنو ۽ سندس پنهنجي ڌرتيءَ جي پُٽن ان کي تباهه ڪيو، افسوس جو اڄ نئپلس، جيڪو ماربل جي ٿنڀن ۽ ديوارن سان سينگاريل هوندو هو ۽ جنهن جي چانئٺ ۾ اندر داخل ٿيڻ کان پوءِ شاندار مندر نظر ايندا هيا، اڄ اُتي هر طرف ويراني ۽ خاموشي آهي ۽ اهو منظر بيحد ڏکوئيندڙ، مجرماڻو ۽ شرمندگي وارو آهي.“

ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته چند ٻين عظيم تهذيبن وانگر روم جي تهذيب جو ڌاڪو به ملڪن ۾ مشهور هو، پر چوندا آهن ته هر ڪمال کي زوال ضرور ايندو آهي ته روم جي تهذيب به زوال پذير ٿيندي ٿيندي نيٺ ختم ٿي وئي. هاڻي فقط ان جي قديمي عظمت جون ڳالهيون ڪرڻيون آهن جيڪي فلمن ۾ ڏيکاريون ۽ ڪتابن ۾ لکيو ويون آهن.

روم جي زوال ۽ خاتمي تي انگريزي توڙي ٻين ٻولين ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن پر سڀني کان وڌيڪ مستند گِبن جي هن ڪتاب کي مڃيو ويو آهي. جيڪو ورلڊ ڪلاسڪس ۾ پڻ شامل آهي. مون کي بهرحال خوشي آهي، ته روم جي شهنشاهت جي زوال ۽ خاتمي تي، پهرئين سنڌي ترجمي پيش ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪري رهيو آهيان جنهن ۾ مون کي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن سائين مخدوم جميل الزمان صاحب جي ڀرپور همت افزائي ۽ بورڊ جي موجوده سيڪريٽري جناب الهڏتي وگهيي جو پورو تعاون حاصل رهيو آهي.

اُميد ته سنڌ جا ماڻهو توڙي ٻين ملڪن جا رهندڙ سنڌي هن تاريخي ڪتاب کي چاهه سان پڙهندا.

وما توفيقي الابالله!

پينٽ هائوس، ايس.ايم ريزيڊنسي،

گرين هومز، قاسم آباد، حيدرآباد (سنڌ)

علم جو طالب

عنايت بلوچ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org