سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 7

ميرن کي سواءِ ڪراچي مان ٽيڪس اوڳاڙڻ جي ٻي ڪا به دلچسپي نه هئي. ماڻهن تي ٻيڻا ٽيڪس لڳائي انهن کي هيڻو ڪيو ويو هو. انهن جي ترقي ۽ سهولتن لاءِ ميرن پاران ڪجهه به نه ڏنو ويندو هو. شهر ۾ ڪو به رستو صحيح نه هو تمام گهٽيون گندي پاڻي ۽ گٽر جي ڍير ۾ تبديل ٿيل هئا. صفائي جو ڪو به انتظام نه هو. شهر کان بندر تائين هڪ ميل جو رستو مڪمل ڌٻڻ هو.

جڏهن ميرن هتي انگريزن کي واپاري ڪوٺي کولڻ جي اجازت ڏني ان وقت ۽ جڏهن ناٿن ڪرو ڪراچي ۽ سون مياڻي جو سروي ڪري رهيو هو. هتان جي ماڻهن احتجاج ڪيو پر ميرن انگريزن جي ڏنل سوکڙين جي لالچ ۾ سڀ ڪجهه ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو.

ٻئي پاسي ڪراچي تي گورنر ۽ نواب جيڪي به ميرن پاران مقرر ڪيا ويا انهن مان گهڻا ڌاريا ايران کان آيل هئا ۽ جيڪي سنڌي يا بلوچ مقرر ڪيا ويا انهن جو به واسطو ڪراچي سان نه هو. انهن کي هن شهر سان گهٽ ۽ پنهنجي اختيارن ۽ ٽيڪسن پاسي وڌيڪ ڌيان هو. ڇاڪاڻ ته هي شهر انهن جو نه هو. هو فقط پگهار تي هتي مقرر هئا. جيڪڏهن مير شروع کان شهر جو انتظام هتان جي ماڻهن جي حوالي ڪن ۽ گورنر ۽ نواب هتان جا ماڻهو مقرر ڪن ها ته انهن جي دلچسپي شهر جي ترقي ۽ حفاظت پاسي وڌيڪ هجي ها. انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ هتان جي عام ماڻهن جي واپارين ۽ ملاحن جو پاڻ ۾ هڪ اڻ ڏٺو اتحاد قائم هو جنهن جي اڳواڻي ڀوڄواڻي سيٺ ڪري رهيا هئا ته اهي هر ڏک سک ۾ ڪراچي واسين سان گڏ هئا.

ڪراچي ۾ شروع ۾ جيڪي به گورنر مقرر ڪيا ويا اهي سڀ ايراني شيعا هئا. ڪراچي ۾ رهندڙ مسلمانن جي اڪثريت سني فرقي سان تعلق رکندڙ هئي. هن فيڪٽر به ڪراچي جي ماڻهن کي ميرن کان پري ڪيو.

مير جيئن ته بلوچ نسل سان تعلق رکندڙ هئا پوري سنڌ وانگر ڪراچيءَ ۾ به هتان جي ٻين ذاتين جي ماڻهو ائين سمجهيو ته اها انهن جي حڪومت نه آهي ۽ ان کان پري هئا.

جڏهن انگريزن پهريون ڀيرو سنڌونديءَ مان پنهنجون فوجون اماڻڻ جي اجازت گهري هئي. ته سنڌ جي ماڻهن انهيءَ گهُر جي مخالفت ڪئي هئي. پر ميرن انهن جي مخالفت کي ڪا اهميت نه ڏني هئي.

ميرن جي پوئين چوياري ۾ هر مير جو قبلو ۽ هر مير جا خواهش الڳ هئا. مير نصير خان جيڪو مير مراد علي جو پٽ هو انگريزن جو بهترين دوست هو ۽ هر وقت انگريزن جي ها ۾ ها ملائڻ وارو هو. ٻئي پاسي هو افغانستان جي اڳوڻي شاهي خاندان جو به سٺو دوست هو. هن جو فرزند مير نور محمد خان وري پنجاب جي سک راجا رنجيت سنگهه جو دوست هو. مير محمد خان جيڪو مير غلام علي جو فرزند هو. هر وقت انگريزن کي ياد ڏياريندو هو ته سندس والد انهن جو خير خواهه هو، جنهن جي بدلي ۾ سنڌ جي پوري حڪومت هن جي حوالي ڪرڻ ۾ مدد ڪئي وڃي. مير صوبيدار به تخت جو دعويدار هو. جڏهن انگريزن جا نمائندا انهن ميرن سان ملندا هئا ته هو هڪٻئي جون گلائون ڪندا هئا. خيرپور ۽ ميرپور خاص وارا مير پنهنجي الڳ دنيا وسائي ويٺا هئا. مٿين سڀني ڳالهين جي ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ويڇو وڌندو ويو.

سنڌ جي عام هندوئن سان به ميرن جو ورتاءُ سٺو نه هو. هو فقط واپاري هندوئن کي عزيز رکندا هئا. عام هندوئن کي گهوڙن تي چڙهڻ ۽ زمين خريد ڪري جاگير حاصل ڪرڻ جي اجازت نه هئي. تنهنڪري سنڌ جو هي وڏو طبقو به اڪيلو، ويڳاڻو ۽ ميرن جي حڪومت کان ڪٽيل هو. مير عوامي ماڻهو نه هئا. انهن جون پاڙون عوام ۾ نه هيون ۽ هو سردارن تي پاڙي سنڌ تي حڪومت ڪندا هئا. عوام به ڳرن ٽيڪسن، حڪومت پاران سهولتيون نه ملڻ ڪري حڪومت جي هر ڪاروهنوار کان پاسيرا هئا. ڪوبه حملو ڪندڙ چاهي هو افغاني هجي، سک هجي يا انگريز، گهران ڪاوڙجي ڪجهه ماڻهن جو لشڪر وٺي سنڌ تي حملو ڪري ۽ هتان جي فصلن کي باهه ڏيئي، ڀينگ ڪري، ميرن کان ڏن وٺي واپس ويندو هو، پر مير انهن سان مقابلي ڪرڻ بجاءِ انهن کي ڏن طور وڏي رقم ڏيئي موڪليندا هئا. جنهن جي ڪري به عوام ۾ هميشه عدم تحفظ جو خطرو رهندو هو. جيڪڏهن ڪٿي ماڻهن پنهنجي منهن مقابلو ٿي ڪيو ته ميرن پاران بجاءِ انهن جي همت وڌائڻ جي انهن کي سزائون ڏنيون وينديون هيون. جنهن جا مثال ڪراچي تي ناٿن ڪرو تي حملو، ٺٽي ۾ هڪ نوجوان نوحاڻي بلوچ جو انگريزن هٿان قتل، گدوبندر واري گدام تي حملو يا بولان ڏانهن ويندي جڏهن سنڌ جي سرحد تي ڪجهه نوجوانن فوج تي حملو ڪيو ته انهن  نوجوانن کي گرفتار ڪري انهن جي وڏن وارن کي هڪٻئي سان ٻڌي نراڙن تي گوليون هڻي اڏايو ويو. اهو سڀ ڪجهه هڪ انگريز جان ڪين ڪيو. پر مير خاموش هئا ۽ انهن نوجوانن جي گرفتاري ۾ انگريزن جي مدد ڪئي. ميرن ۾ عام ماڻهن لاءِ ناانصافي، انهن جي پنهنجي اندر جي لالچ ۽ سستي جي ڪري حڪومت پاسي ڪو ڌيان نه ڏيڻ، ترقي ۽ ڀلائي لاءِ سوچڻ بجاءِ سڄو ڏينهن شڪار ڪرڻ ڏانهن دلچسپي هئي.

مٿين سڀني ڳالهين جي ڪري ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ هڪ خاموش نفرت موجود هئي ۽ انهن سڀني واقعن، حادثن ۽ ميرن واري سنڌ جي سماجي بيهڪ سان عام ماڻهن کي ڪا دلچسپي نه هئي. جڏهن انگريزن ڪراچي تي قبضو ڪيو ته خاموش رهي ڪري هتان جي ماڻهن ميرن خلاف پنهنجي نفرت جو بدلو ورتو. هو انگريزن جي اچڻ تي ڀوڄواڻي سيٺن وانگر خوش نه هئا پر ميرن جي حڪمراني مان به ته انهن کي ڪو فائدو نه هو، تنهنڪري ڪراچي جي ماڻهن خاموش تماشائي بڻجڻ قبوليو. اڳتي هلي انهن انفرادي طور مهاڏو اٽڪايو پر هڪ منظم قوت ۽ اڳواڻي نه هئڻ ڪري انهن کي وقتي طور ناڪامي ٿي.

انگريزن جي قبضي وقت مهاڻن جي هن وسندي جي آبادي 14 هزار جي لڳ ڀڳ هئي. هتي ظاهري طور ميرن جي حڪمراني هئي پر عملي طور انگريزن جو قانون هلندڙ هو. انگريزن ڪراچي کي هڪ فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو فوج جو خرچ به مير ڀريندا هئا. انهيءَ دوران هڪ واقعي ۾ مير چاڪر خان هڪ انگريز ڪيپٽن هيڊ کي قتل ڪيو ته ميرن هن جي گرفتاري ۾ انگريزن جي مدد ڪئي. ميرن جي انتظام هوندي به انگريزن جي فوجي عدالت ۾ چاڪر تي ڪيس هلايو ويو ۽ هن کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي. (تفصيل باب ”ملڪ مڙوئي منصور...“ ۾ ڏنل آهي).

علامتي طور تي فوجي قبضي کان فورن پوءِ سول اختيار گورنر کي ڏنا ويا. جنهن جي ماهوار پگهار 130 رپيا هئي. برطانيه جي قبضي کان اڳ ڪراچيءَ ۾ حڪمران مختلف ٽيڪسن کانسواءِ آفيم ٻاهر موڪلڻ ڪري مالدار ٿي چڪا هئا. جنهن لاءِ بندر تي ٻيڙيون موجود هونديون هيون. آفيم پهاڙي رستي کان اٺن وسيلي آندو ويندو هو. آمدني جو هڪ وسيلو شهر جو اڪيلو (لائسنس ڏنل) جوا خانو هو. ان کانسواءِ بندر تي ٽيڪس جنهن کي شيرني چيو ويندو هو ۽ ٻاهران آيل سامان چاهي هو ٻيڙين وسيلي هجي يا خشڪي رستي جنهن تي مختلف چنگي ناڪن تان جنهن ۾ ميرا ناڪو، ملير ناڪو، ٺٽو ناڪو مشهور هئا چنگي ورتي ويندي هئي. ملير ۽ حب جي علائقي ۾ زراعت تي ڍل وصول ڪيو ويندو هو. مڇي مارڻ تي به ٽيڪس وصول ڪيو ويندو هو.

انگريزن قبضي کان پوءِ جا خانو بند ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته سج لهندي ئي انگريز فوجي جوا خاني پهچندا هئا. جتي پوري رات انهن جي ڌماچوڪڙي متل رهندي هئي. جنهن تي انگريزن اهو جوا خانو بند ڪيو ته پوءِ اهو ڪاروبار گهرن ۽ گهٽين ۽ ڳجهن اڏن تي شروع ٿيو. آفيم تي ٽيڪس لڳائي ويئي. اهو سڀ ڪجهه قبضي وقت ٿيندڙ معاهدي جي خلاف ورزي هئي. انگريز جهنگ جو شينهن هو وڻي آنا لاهي وڻي ٻچا ڏي. هنن کي چوڻ وارو ڪو به نه هو.

مارچ 1839ع ۾ لارڊ آڪلينڊ ڪراچي واري معاهدي کي پاسيرو رکي ڪمپني جي سڪي کي قانوني حيثيت ڏئي ڇڏي ۽ ٽالپرن کي پابند ڪيو ته هو انگريزن جي اجازت کانسواءِ ڪنهن به غير ملڪي اڳواڻ سان ڪو به معاهدو نه ڪن. 1841ع تائين مختلف معاهدن وسيلي ٽالپرن جا سڀ اختيار ختم ڪيا ويا. اندروني ويڙهه ۽ محلاتي سازش جي ڪري ٽالپر ڪجهه نه ڪري سگهيا. عياشين جي ڪري انهن جون صلاحيتون ختم ٿي چڪيون هيون. انگريز باقي سنڌ تي قبضي لاءِ پوري رٿا بندي ڪري ڇڏي.

انگريزن جي قبضي وقت نائون مل ڪراچي کان ٻاهر هو ۽ آگسٽ 1841ع ۾ هو واپس ڪراچي آيو هو. ٻه سال ڪراچي کان ٻاهر ڪرنل پوٽنجر ۽ ڪرنل آئوٽرام سان گڏ هو. نائون مل کي بعد ۾ سندس خدمتن جي بدلي ۽ هندستان جي گورنر جنرل سئو رپيا ماهوار سياسي پينشن تي مقرر ڪيو. قبضي وقت ڪراچي ۾ هنري پريڊي جيڪو هن وقت ڪيپٽن هو. فوج جي کاڌ خوراڪ کاتي جو اڳواڻ ۽ ڇانوڻيءَ جو مئجسٽريٽ هو. ڪرنل اسپلر فوج جو سالار ۽ نائب سياسي اهلڪار ليفٽيننٽ ميلني هئا.

ڪراچي ٻاهرين ملڪن جي سياحن جي نظر ۾:

ٽالپرن جي دور ۾ وڌ ۾ وڌ ٻاهرين ملڪن جي سياحن ۽ سرڪاري عملدارن واپارين جي حيثيت سان ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ پنهنجن سفرنامن ۾ ان جو ذڪر ڪيو انهن سياحن ۽ سرڪاري عملدارن جي لکڻين جون چند جهلڪيون هيٺ ڏجن ٿيون جنهن مان ڪراچي جي ان وقت جي حالت ۽ سماجي زندگي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

رچرڊ برٽن انگريزن جي قبضي وقت ڪراچيءَ جو دورو ڪيو. برٽن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ڏکويل ماٿريءَ“ ۾ لکي ٿو ته، ”هي شهر مٽي جي ننڍن ۽ وڏن سوڙهين ۽ اوندهه گهرن جو شهر آهي جنهن جون گهٽيون به سوڙهيون ۽ اونداهيون آهن. جن مان گڏهه به مس گذري سگهندو. ڪپڙن سبڻ لاءِ درزيءَ جو نالو نشان ڪونه ملندو. گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو بندوبست اهو آهي ته اهو پنهنجي پاڻ ئي سڪي ويندو آهي. گهر ڌياڻي گهر جي اها شيءِ گهر جي ٻاهران اڇلي ڇڏيندي آهي، جيڪا کيس گهر ۾ نه وڻندي آهي. صفائي جو ڪم پکي ۽ ڪتا انجام ڏيندا آهن. هتي گندگيءَ کي صاف ڪرڻ لاءِ ڀنگي مقرر نه آهن. اهڙي بدبوءِ ته اڻ کٽ آهي جنهن جي ڍونڍ جي ڌپ نڪ کي پئي ساڙيندي آهي.“

هو وڌيڪ لکي ٿو ته، ”هتان جا ماڻهو به ساري جڳ کان نرالا آهن سندن منهن مهانڊا به نيارا ۽ ايرانين سان ملندڙ جلندڙ، رنگ هندستاني، مرداڻي وجاهت جو مڪمل نمونو، هتان جا گهڻا ماڻهو مهاڻا آهن جن جو ڌنڌو مڇي ڦاسائڻ آهي. هن ذات جا مرد سارو ڏينهن پيا ڇنل ڄارن کي ڳنڍيندا آهن. سندن عورتون مڇي کڻي گندي پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ پيون صاف ڪنديون آهن يا وري پنهنجن اگهاڙن مٿن تي وڏو بار کڻي گهرن ڏانهن ورنديون آهن. انهن جي شڪل شباهت ڏسڻ سولو آهي. هي عورتون ڪجهه سخت جان ٿينديون آهن. بازار ۾ گهمڻ وقت منجهن پردي جو رواج ڪونه آهي. ڳالهائڻ ۾ بي حجاب آهن ۽ توهان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي رک رکاءَ جو اظهار ڪونه ڪنديون اوڀر ۾ هن قسم جي آزادي اچرج جهڙي آهي.“

منهوڙي جي باري ۾ برٽن لکي ٿو ته، ”منهوڙي جو قلعو هڪ اوچيءَ ڀٽ تي اڏيو ويو آهي. سندس ڀتيون اوچيون آهن. هن قلعي جي هڪ مناري تي لائيٽ هائوس به آهي. هي ماڳ ان مشهور ملڪ جو ڏاکڻيون حصو آهي. سامونڊي کاهيءَ جي وٽ تمر جا گهاٽا ۽ ساوا وڻ آهن. انهيءَ پس منظر ۾ ويران ۽ خشڪ ٽڪريون ڏسجن ٿيون. اهو نهايت خوبصورت منظر آهي. ٽڪريون سمنڊ جي مٿاڇري کان 130 فٽ اوچيون ۽ اڀڪپريون آهن. ميل کن ڊگهيون آهن. هي ٿاڪ ڊگهي ۽ گهاٽي گاهه سان ڍڪيو پيو آهي. ڪراچي هتان کان ٻه ميل پري آهي. هي شهر اسان جي نئين مصر جو نئون اسڪندريا آهي.“

مسٽر هينري پوٽنجر جنهن جي صلاح تي ڪراچي تي حملو ڪيو ويو. پنهنجي سفرنامي ”سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر ۾“، ٽالپر جي دور جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. سڀ کان پهرئين هينري پوٽنجر جنوري 1809ع ۾ هڪ برطانوي مشن جي سلسلي ۾ سنڌ جو دورو ڪيو هو. هو لکي ٿو ته ”هي شهر سنڌ جي ڏکڻ اولهه ڇيڙي تي آهي. هاڻي هي ڪجهه سالن ۾ سنڌ جو اهم بندرگاهه بڻجي ويو آهي. جيڪو گهڻو محفوظ آهي. 1797ع ۾ ٺهيل پناهه گاهه (قلعو) بندرگاهه ۾ داخلا کي روڪڻ لاءِ نهايت مناسب آهي. جيڪڏهن هن تي بهترين توبون رکيون وڃن ته بندرگاهه ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اهم رڪاوٽ ثابت ٿيندو. قلعو ڪٿي ڪٿي ڪمزور آهي. ڪٿي ڪٿي پنجن ۽ ڇهن ميٽرن کان مٿي ڪونهي هي نهايت مٿي ۽ محفوظ پڻ آهي.“

هو وڌيڪ لکي ٿو ته، ”1813ع ۾ ٽالپر هتي گهر ڳڻپ ڪرائي جنهن مطابق ڪوٽ اندر ڪل 3250 گهر هئا. ان کانسواءِ ڪوٽ کان ٻاهر ڪجهه جهوپڙيون به آهن جيڪي هن ڳڻپ ۾ شامل نه آهن. هن وقت شهري آبادي وقتي طور رهڻ وارن کانسواءِ 13 هزار آهي. شهر ۾ اڪثريت هندوئن جي آهي. جيڪي وڏي پيماني تي واپار ڪن ٿا. ڪراچي جي چنگيءَ جي وصولي به هندوئن جي حوالي آهي. 1809ع ۾ ڪراچي جي سرڪاري خزاني ۾ جيڪا آمدني ٿي اها 99 هزار رپيا يعني 12375 پائونڊ ساليانو هئي. هاڻي اها هڪ لک 30 هزار رپيا ٿي آهي. ڪراچي جي سطح هموار آهي. هتي هڪ ٻه کوهه ڏٺا ويا آهن جنهن جي ڀرپاسي وڻن جون قطارون هيون. اسان کي ٻڌايو ويو ته اڳيان ڪراچي جي پاسي واري جهنگ ۾ گدڙ، لومڙي، سوئر، هرڻ ۽ ٻيا ڪيترائي جانور ٿين ٿا.“

مسٽر آءِ. اين. ايلن پڻ ٽالپرن جي دور ۾ ڪراچيءَ جو دورو ڪيو هو، هو لکي ٿو ته، ”ڪراچيءَ جي پهرئين ڏيک انتهائي غير وڻندڙ آهي. هي شهر مٽيءَ جي ناهموار دڙن ۽ ڀٽن تي واقع آهي. هر پاسي مٽي ئي مٽي آهي. ٻٻر جا وڻ جهجهي تعداد ۾ آهن. هي غريب انسانن جي وسندي آهي. جتي گهڻي تعداد ۾ گندگي آهي. لياري ندي جا ٻئي پاسا انتهائي سرسبز آهن. هن پٽي تي باغ پڻ آهن. هن پوري خطي ۾ فقط اهو ئي علائقو آهي جيڪو نظرن کي فرحت بخشي ٿو.“

ڪمانڊر ڪارليس پنهنجي رپورٽ “Memories on the Bay Harbour and Trade of Kurrachee.” جيڪا 1838ع ۾ سندس سروي رپورٽ تي ٻڌل آهي تنهن ۾ لکي ٿو ته:

”ٽالپرن جي دور ۾ ڪراچي مصروف بندرگاهه بڻجي ويئي. 1830ع ۾ اندازن 100 واپاري جهاز ڪراچي جي بندرگاهه سان لاڳاپيل هئا. اهي جهاز ڪراچي کان واپاري سامان بمبئيءَ، گوادر، دمن، ڪالي ڪٽ، مسقط ۽ چين کڻي ويندا آهن. واپسي ۾ هتان واپاري وکر کڻي ڪراچي ايندا آهن.“ ڪارليس وڌيڪ لکي ٿو ته، ”ڪراچي هڪ ننڍو شهر آهي. هتي پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ آهي. شهر بندرگاهه جي اوڀر ۾ واقع آهي. ڪراچي شهر لاءِ ٺهيل پناهه گاهه نهايت خراب حالت ۾ آهي. هن ۾ جڳهه جڳهه تي سوراخ آهن. جن کي ماڻهو ٻاهر اچڻ وڃڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا. هن ڪوٽ تي 40 توپون رکيل آهن. اهي سڀ ننڍيون ۽ استعمال لائق نه آهن. قلعي کان ٻاهر به شهر جيترائي گهر آباد آهن. ڪراچي گهڻو ڪري مهاڻن تي ٻڌل آهي. ڪراچي جا پراڻا رهاڪو جيڪي ڪلاچو قبيلي سان تعلق رکن ٿا. پناهه گاهه کان ٻاهر آباد آهن. انهن جي دعويٰ آهي ته ڪراچي جي بستي انهن جي بزرگن جي آباد ڪيل آهي، جيڪا هاڻي ترقي ڪري شهر جي شڪل اختيار ڪري ويئي آهي.“

1832ع ۾ ڪرنل پوٽنگر ڪراچيءَ جي حالتن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، ”ڪراچي جي بستي کان منهوڙي تائين ڪو رستو نه آهي پورو علائقو ڌٻڻ آهي. آبادي گهڻو ڪري مهاڻن ۽ ملاحن جي آهي هتان جا پراڻا رهاڪو ڪلاچو چوائن ٿا. ميرن پاران هتي ٻه حاڪم مقرر هئا. حسن بن بچو خان ۽ ٻيو منهوڙي جو ڪمانڊر خير محمد آهي.“

ڪئپٽن هارٽ 1838ع ۾ لکي ٿو ته، ”ڪراچي شهر ۾ 21 مسجدون، 13 درسگاهه ۽ 34 مندر هئا. شهر ۾ 9000 هزار هندو ۽ 4850 مسلمان رهندا هئا. 250 عارضي ماڻهو رهندا هئا. مسلمان عورتون فارسي ۽ عربي زبان پڙهنديون آهن. سستائي جو زمانو هو ڪراچي ۾ لوڻ جو اٺ هڪ روپئي ۾، چانور ڏهه آنا مڻ، ڪڻڪ هڪ رپئي ۾ اڍائي مڻ ملندي هئي. ان وقت ميرن وٽ 30 سامونڊي جهاز 100 واپاري ٻيڙيون هيون. انهن جي حفاظت منهوڙي قلعي کان ڪئي ويندي هئي.“ ڪئپٽن هارٽ وڌيڪ لکي عو ته، ”ڪراچي شهر 30 کان 35 ايڪڙن تي ٻڌل آهي. شهر کي چئني پاسن کان پناهه گاهه آهي. شهر ۾ هندو ۽ مسلمان گڏ رهن ٿا. انهن جي معاش جو وسيلو بندرگاهه آهي. پناهه گاهه جي ٻاهر غريب طبقو آباد آهي. جن ۾ اڪثريت مهاڻن جي آهي.“

اليگزينڊر ايف. بيلي پنهنجي ڪتاب: Kurrachee past, present and future vol:1 ۾ لکي ٿو ته، ”ڪراچي جي پسگردائي ۾ ملير جو علائقو سرسبز ۽ شاداب آهي پر هتي ڪڻڪ جي پوک نه ڪئي ويندي آهي. اصل ۾ آبادگار ٽيڪس جي ٻوجهه سبب ڪڻڪ اپنائيندا نه آهن. ڪڻڪ پوکڻ جي صورت ۾ انهن کي پيداوار جو ٽيون حصو ٽيڪس طور ڏيڻو پوندو آهي. هي ٽيڪس ايترو وڌيڪ آهي جو هن جي ادائيگي کان پوءِ آبادگارن لاءِ ڪجهه به نه بچندو آهي. ان جي ابتڙ ميون ۽ ڀاڄين تي ڪو ٽيڪس نه هوندو آهي. جنهن جي ڪري ملير جا آبادگار ان پاسي ڌيان ڏيندا آهن ڪراچي جا گهڻا آبادگار بلوچ آهن.“

جناب رضوان احمد پنهنجي ڪتاب ”جناح پونجا“ ۾ هڪ جرمن سياح جي حوالي سان لکي ٿو ته، ”ٽالپرن جي دور ۾ ڪراچي شهر جي ڀرپاسي هڪ مٽي جي پناهه گاهه ٺهيل هئي. اها ايتري ويڪري هئي جو ٻه ڍڳي گاڏيون سولائي سان اچي وڃي سگهن ٿيون. ان جا ٻه دروازا آهن. هڪ مٺو در ۽ ٻيو کارو در انهن دروازن تي پوليس چوڪيون پڻ قائم آهن. شهر جا گهر مٽي ۽ پٿر ۽ ڪاٺ جا ٺهيل آهن. هتي کجي جي وڻن کانسواءِ آمري ۽ ڪيلي جو فصل جام ٿئي ٿو. کاري در جي سامهون سمنڊ جي اندر پيدا ٿيندڙ ٻوثا بيٺل هئا. جن ۾ اڇا ۽ گلابي گل لڳل هئا. جيڪي نهايت خوبصورت نظارو پيش ڪري رهيا هئا.“

ڪيپٽن ليوپولڊ، ”ٽريولز ان انڊيا“ ۾ لکي ٿو ته، ”ٽالپرن جي دور ۾ منهوڙي تي قلعي کانسواءِ هڪ اڇي گنبذ واري مسجد به هئي. هن مسجد کي پورٽر به پنهنجي ڪراچي جي دوري دوران ڏٺو هو. بندرگاهه ۽ شهر تائين وچ ۾ پاڻي آهي. بندرگاهه کان شهر تائين رستو ڌٻڻ ۽ گپ مان گذري ويندو هو. جڏهن سمنڊ جو پاڻي چڙهيل هوندو هو ته ٻيڙين کي ڪناري کان مٿي چار سئو گز جي فاصلي تي روڪيو ويندو هو.“

انهن سياحن کانسواءِ ڪئپٽن ايسٽوڪ ۽ ٻين ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ ڪراچي متعلق پنهنجا تاثرات قلم بند ڪيا. هن کاسواءِ ناٿن ڪرو جهڙو جاسوس ۾ ڪراچي جي شهر ۽ بندر جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. انگريزن جي قبضي کان پوءِ اڻ ڳڻين مورخن ۽ سرڪاري آفيسرن ڪراچي بابت لکيو آهي ته انهن لکڻين مان ڪراچي واري شروعاتي دور جي بيهڪ جي خبر پئجي ٿي.

 

چارلس نيپئر جو سنڌ ۾ اچڻ:

سنڌ جي فتح وقت هندستان جو گورنر جنرل لارڊ ايلنبرو ايليو هو. انگريزن جي اصل مرضي هئي ته ايلنبرو جهڙو سخت پاليسي اختيار ڪندڙ ئي ماڻهو سنڌ کي حاصل ڪري سگهندو. لارڊ ايلنبرو انهيءَ ڪم کي چڱي طرح نڀايو. لارڊ ايلنبرو ميرن سان وڙهڻ ۽ زير ڪرڻ لاءِ هڪ فوجي جنرل چونڊيو. جنهن کي سڄي سنڌ ۾ فوجي ۽ سياسي اختيار ڏئي موڪليو ويو. اهو شخص تاريخ ۾ سرچارلس نيپئر Sir Charls Napier جي نالي سان مشهور آهي. 10 سيپٽمبر 1842ع ۾ چارلس نيپئر ”زنوبيا“ جهاز وسيلي ڪراچي پهتو ۽ 19 سيپٽمبر 1842ع تي هي حيدرآباد پهتو جتي شاهي مهماني هن جو انتظار پئي ڪيو. نيپئر انتهائي مڪار ۽ ظالم شخص هو. هن ڪوڙ، ٺڳي ۽ دوکي سان سنڌ کي حاصل ڪيو. ڪوڙن رپورٽن جي آڌار تي هن پنهنجو ڪيس مضبوط ڪيو.

نيپئر جي سياسي ڪمشنر ميجر آئوٽرام کيس جارحانه ڪارروائي کان ان کي روڪيندو ايندو هو. گورنر جنرل لارڊ ايلنبرو ۽ نيپئر جي بديانت ارادن بابت هندستان ۽ انگلينڊ جي اخبارن ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. لڙائي کان پوءِ آٽوٽرام جڏهن بمبي موٽي ويو ۽ گورنر سان مليو ۽ کيس نيپئر جي زيادتين کان واقف ڪيائين. نيپئر پنهنجي مقصدن جي حاصلات لاءِ گهڻين ڳاليهن کان گورنر کي به پاسيرو رکيو هو.

سنڌ جي قبضي کان پوءِ نيپئر جي ڀاءُ وليم نيپئر پنهنجي ڀاءُ جي بچاءَ ۾ آئوٽرام کي ميرن جي دوستي ڪري بدنام ڪرڻ لاءِ هڪ ڪتاب ”سنڌ جي فتح“ لکيو. آئوٽرام ان جو جواب پنهنجي مشهور ڪتاب Conquest of Sind a Commentary ۾ ڏنو. هن کانسواءِ ڪئپٽن ايوسٽڪ پنهنجي مشهور ڪتاب Dry Leaves from young Egypat (نئين مصر جا پراڻا ورق) ۾ سمورين حقيقتن بابت لکيو آهي ۽ نيپئر جي حرڪتن کي بي نقاب ڪيو آهي. جنهن تي انگريزن جو پاڻ ۾ اخبارن ۾ هڪ بحث شروع ٿيو. ”ڏي جواب وٺ جواب“ جو سلسلو شروع ٿي ويو. انهن سڀني ڳالهين مان جن جو اعتراف انگريزن مورخن ۽ سياسي عملدارن ڪيو ته ڪوڙن تهمتن جي بنياد تي ميرن سان ڏٺي وائٺي، ارهه زورائي ڪئي وئي هئي. سنڌ جي قبضي کان پوءِ انهن ميرن کي به قيد ڪيو ويو. جيڪي انگريزن جا دوست ۽ همدرد هئا.

نيپئر جڏهن سنڌ ۾ آيو ته ميرن سان ڦٽائڻ لاءِ مختلف حيلا بهانا پئي ڪيا. هن ميرن جي پاڻ ۾ اندروني اختلافن جو خوب فائدو ورتو. حيدرآباد جي ميرن ۾ به خيرپور جي ميرن وانگر پاڻ ۾ اندروني اختلاف هئا. ميرن کي جڏهن انگريزن جي ٺڳي جي خبر پئي ته گهڻي دير ٿي چڪي هئي. ٽالپرن سان معاهدا ٿيندا رهيا ۽ ٽٽندا رهيا. ٽالپرن کان انگريز رعايتون وٺندا رهيا انهن حاصل ٿيندڙ رعايتن جي اهميت اها هئي ته هر ممڪن طريقي سان سنڌ تي قبضو ڪجي.

15 فيبروري 1843ع تي حيدرآباد ۾ موجود برطانيا جي ريزيڊنٽ ميجر آئوٽرام جي گهر تي ڪجهه سنڌ پرستن حملو ڪيو. جنهن تي ڪجهه ماڻهو مارجي ويا ۽ ڏهه زخمي ٿيا. ميرن هن واقعي کان لاعلمي ڏيکاري. پر چارلس نيپئر هن واقعي کي بهانو بنائي 28000 جو لشڪر وٺي 17 فيبروري 1843ع تي صبح سوير ڦليلي جي ڪپ وٽ مياڻي جي ميدان ۾ پهتو. سامهون ميرن جو لشڪر هو. جنهن لاءِ ڪن تاريخدانن جو خيال آهي ته انهن جو تعداد 22 هزار، ڪن جو خيال آهي، 17000 هزار ته ڪنهن 5000 هزار ظاهر ڪيو آهي. انگريز جديد هٿيارن ۽ 12 توبن سان ليس هن وقت دنيا جي هڪ بهترين فوج هئي. جنگ جي شروعات ٿي. هي آزاد سنڌ جي آخري لڙائي هئي. ٻنهي پاسي باهه وسي رهي هئي. هڪ طرف دنيا جي تربيت يافته ۽ منظم جنگي حڪمت عملي کان واقف فوج هئي ۽ هن جي مقابلي ۾ ڪا فوج نه پر وطن تان قربان ٿيندڙ جلدي ۾ گڏ ڪيل عام ماڻهن جو ٽولو هو. انگريز  هڪ مقصد تحت جنهن ۾ سنڌ ۽ هن جي دولت کي ڦٻائڻ لاءِ وڙهي رهيا هئا. ٻئي پاسي پنهنجي وطن تي جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ وارا هئا. هو ٿورا هئا پر بهادري سان وڙهيا. بهادر تلوار جا ڌڻي ان وقت جي جديد بندوقن ۽ توبن سامهون بيهي نه سگهيا. ۽ پروانن وانگر قربان ٿيندا ويا. جنهن جو اعتراف چارلس نيپئر جهڙي ظالم ماڻهو به ڪيو.

سج لٿي کان اڳ ٽالپر جي فوج کي شڪست ٿي 5000 هزار سنڌي وطن تان قربان ٿي به وطن بچائي نه سگهيا. نيپئر سنڌ حاصل ڪئي. هن جنگ ۾ خيرپور جي ميرن سميت گهڻا سنڌي خاموش هئا ۽ انگريزن جا حامي هئا. انهيءَ خاموشي جو نتيجو انهن کي اڳتي هلي ڀوڳڻو پيو. مير محمد جيڪو لشڪر جو سپهه سالار هو وڙهندي شهيد ٿي ويو. هڪ آزاد وطن غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙجي ويو. ٻن ڏينهن کان پوءِ نيپئر قلعي جو دورو ڪيو مير نصير، آخوند بچل ۽ ديوان مٺا رام گڏ هئا. هن قلعي کي لٽڻ جو حڪم ڏنو. جنهن ۾ زنان خاني کي به نه بخشيو ويو. عورتن کان زيور لهرايا ويا، ميرن جي هر گهر کي لٽيو ويو. ميرن جي عورتن قلعي مان ڀڄي وڃي ٻين جاين ۾ پناهه ورتي. لٽ جو مال جي قيمت اٽڪل ارڙهن ڪروڙ هئي. فتح جو جشن ملهايو ويو.

پر سنڌ ۾ اڃا جنگ ختم نه ٿي هئي ملڪ جي مختلف حصن ۾ ڇڙو ڇڙ سنڌين انگريزن تي حملا جاري رکيا. نواب احمد خان لغاري ۽ مشهور جرنيل هوش محمد شيدي (قنبراڻي) 24 مارچ تي 5000 فوج وٺي دو آبي (ڌٻي) تي انگريزن جو مقابلو ڪيو. انهيءَ جنگ ۾ هوش محمد (هوشو شيدي) مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون جو نعرو هڻي شهادت ماڻي ۽ تاريخ ۾ هميشه لاءِ امر ٿي ويو. هن جنگ ۾ به ميرن کي شڪست ٿي. سنڌ جي قسمت جو ستارو گردش ۾ اچي چڪو هو.

ڪراچي ۾ برطانيا حڪومت جا ٻه عملدار ڪرنل بوليو Col: Boileau ۽ ڪيپٽن پريڊي ڊيوٽي سرانجام ڏيئي رهيا هئا. 17 فيبروري تي جڏهن سج لٿي مهل ميرن کي شڪست ٿي ته ڪراچي ۾ رام باغ واري علائقي ۾ انهيءَ ڏينهن هڪ فقير کي ماڻهن وڏي واڪي چوندي ٻڌو ته مياڻي ۾ انگريزن کي فتح حاصل ٿي آهي ۽ ميرن کي شڪست ملي آهي. ميرن کان سنڌ هميشه لاءِ نڪري وئي.“ حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته انهن ڏينهن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هڪ سوار کي ڇٽيهه ڪلاڪ لڳندا هئا ۽ ڪراچي ۾ موجود انگريز عملدارن کي ڪا به خبر نه هئي. مياڻي ۾ ڇا ٿيو آهي ۽ هن الله لوڪ کي خبر پئجي وئي هئي. تنهن تي سيٺ نائون مل ۽ انگريز عملدارن اصل ڳالهه معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ شخص ”جادو“ کي منگهي پير ۽ گڏاپ واري رستي کان حيدرآباد احوال وٺڻ لاءِ موڪليو. ان وچ ۾ اڌ رات جو هڪ جاسوس نيپئر جو حڪم کڻي ڪراچي پهتو ته ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي نالي ۾ ڪراچي تي بنا دير قبضو ڪيو وڃي. ان جو انتظام سنڀاليو وڃي. اهو حڪم نيپئر مياڻي جنگ شروع ڪرڻ کان اڳ ئي موڪليو هو.

ڪراچي ۾ 16 فيبروري 1843ع ۾ پوري شهر ۾ اهو خوف ڦهلجي ويو هو ته ميرن پاران ملير جي ٽن طاقتور قبيلن جي سردارن جنهن ۾ جوکين جو ڄام مهر علي، برفتن جو سردار ملڪ احمد خان ۽ ڪلمتين جو ملڪ ابراهيم خان کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ڪراچي تي حملو ڪن. 16 فيبروري تي انهن قبيلن جا ماڻهو جڏهن ڪراچيءَ تي حملي لاءِ هاڻوڪي ايئر پورٽ واري جاءِ تي پهتا انهن کي خبر پئجي وئي ته ڪراچي تي انگريزن قبضو ڪيو آهي ۽ اها افواهه به ڦهلائي وئي ته ميرن کي شڪست ٿي آهي. اها افواهه هن وقت ڦهلائي وئي جڏهن مياڻي جو محرڪو اڃا شروع نه ٿيو هو.

ڪراچي جي آس پاس رهندڙ انهن قبيلن کي ٽالپر حاڪمن کان هڪ ڳجهو پيغام موڪليو ويو  هو ته مياڻي واري فيصله ڪن جنگ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي تي حملو ڪيو وڃي ۽ گوريلا جنگ جي شروعات ڪئي وڃي. ان زماني ۾ انهن پٺتي پيل علائقن ۾ هڪ منظم فوج ۽ اعليٰ فوجي ڪمان يا سپريم ڪمانڊر جو تصور نه هو. هنن قبائلين وٽ جنگ لاءِ فوجي قوت نه هئي. گڏيل قيادت جي به کوٽ هئي ۽ وقت سر هدايتون نه ملڻ ڪري ۽ ڇڙو ڇڙ هئا. انهن قبيلن شهر ۾ رهندڙ پنهنجن ماڻهن ڏانهن اهو ڳجهو منصوبو موڪليو، جيڪو ظاهر ٿي پيو ۽ سيٺ نائون مل کي هن جي خبر پئجي ويئي ۽ جنهن اچي انگريزن سان حال اوريو. پوءِ انگريزن انهن قبيلن تي فوجي ۽ نفسياتي وار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اها افواهه مياڻي جي جنگ کان الڳ اڏائي وئي ته ميرن کي شڪست ٿي آهي. ڪراچي تي انگريزن ڪنٽرول حاصل ڪري ۽ هڪ وڏي فوجي لشڪر سان حيدرآباد ڏانهن روانا ٿيڻ وارا آهن. انهن قبيلن وٽ ڪا حڪمت عملي نه هئي شهر سان انهن جو رابطو نه هو. انهن وٽ جاسوسي جو ڪو نظام نه هو ۽ انهن افواهن کي جاچڻ لاءِ انهن وٽ ڪو وسيلو نه هو ۽ ائين اهي مونجهاري جو شڪار ٿيا. ملير ۾ گڏجاڻي کان اڳ هڪ فوجي جٿو انگريزن پاران موڪليو. تنهن تي انهن قبيلن بهتري هن ۾ سمجهي ته پنهنجن گهرن ڏانهن وڃڻ گهرجي. ان ڳالهه جي خبر دير سان انهن کي پئي انهن سان ٺڳي ڪئي وئي هئي نه ميرن هٿيار ڦٽا ڪيا هئا ۽ نه ئي ڪراچي ۾ ڪا وڏي فوج لٿل هئي. وقت گذري چڪو هو ۽ ان وچ ۾ مياڻي ۾ ميرن کي شڪست ٿي ۽ ڪراچي ۾ انگريزن جي حڪمت عملي ڪامياب ٿي.

17 فيبروري 1843ع ۾ مياڻي واري معرڪي جي ڏينهن ڪراچي تي انگريزن جي قبضي جو احوال نائون مل هيٺين ريت بيان ڪيو آهي.

”18 فيبروري 1843ع ۾ آئون اشنان ڪري اڃا مس کاڌي تي ويٺو هوس ته نوڪر آيو جنهن ٻڌايو ته ڪيپٽن پريڊي ٻاهر بيٺل آهي ۽ اوهان کي گهرائي رهيو آهي. آئون ان سان ملڻ ويس ته ان چيو مون سان گڏ هلو جڏهن اسان فليگ اسٽاف وٽ پهتاسين ته ٽالپر حڪمرانن جا ٽي اهلڪار ويٺل هئا. انهن کي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيو ويو. جڏهن اسان جوڙيا بازار هاڻي جتي آهي، اتي پهتاسين ته منهنجا ملازم هڪ گهوڙي ۽ هڪ اٺ سان تيار بيٺا هئا. پريڊي گهوڙي تي چڙهي هڪ پاسي ويو پنجن ڇهن منٽن کان پوءِ واپس آيو ته ان سان گڏ توپ خانو ۽ سپاهي هئا. اسان ٻيهر شهر ڏانهن روانا ٿياسين. اڳيان ميرن جا اهلڪار هئا. ڪيپٽن پريڊي انهن کي هيٺ لهڻ جو حڪم ڏنو. انهن کان هٿيار ڦريا ويا. هتي انهن جي جاءِ تي انگريز سپاهي مقرر ڪيا ويا. پوءِ اسان چاوڙي (ٽائون هال) ڏانهن روانا ٿياسين جتي ميرن جو جهنڊو جنهن کي ڇهه ست ڳاڙهيون ۽ اڇيون پٽيون هيون لهرائي رهيو هو. پريڊي جي حڪم تي اهو لاٿو ويو ۽ ان جي جاءِ تي ”يونين جيڪ“ لهرايو ويو. چاوڙي تي جيڪي ڪاغذ ۽ کاتي جا پنا هئا انهن کي سيل ڪيو ويو ۽ اهي منهنجي حوالي ڪيا ويا. اعلان ڪيو ويو ته، ”ڪراچي هاڻي انگريزن جي قبضي ۾ اچي وئي آهي ۽ سيٺ (نائونمل) جي حوالي ڪيو ويو آهي.“

سنڌ جو پهريون فوجي گورنر سر چارلس نيپئر

 

هن کان پوءِ پوري شهر ۾ پڙهو گهمايو ويو. ديوارن تي قبضي جا نوٽس لڳايا ويا. گورنر حسن بن بچو، خير محمد نظاماڻي ۽ حاجي الله رکيو انگريزن جي سامهون پيش پيا ۽ ائين مياڻي جي جنگ ختم ٿيڻ سان ڪراچي تي انگريزن مڪمل قبضو ڪيو. پوري فوج کي شهر ۾ مختلف جاين تي بيهاريو ويو. جنگي جهاز ويلزلي مان ڇٽل توپ جي گولي منهوڙي جي قلعي کي نقصان ته پهچايو پر اهو گولو ڪراچي لاءِ ترقي ۽ تعمير جو پيغام بڻجي آيو. ڪراچي ۾ ترقياتي ڪمن ۾ تيزي آئي ماهيگيرن، مالوند ماڻهن ۽ زراعت پيشا ماڻهن جي وسندي ۾ نئين ثقافتي يلغار ۽ صنعتي انقلاب جو وهڪرو تيزيءَ سان نئين منزل ڏانهن وڌيو جتي انڊويورپين طرز اڏاوت ان جي منتظر هئي.

سر چارلس نيپئر 10 آگسٽ 1847ع تي استعفيٰ پيش ڪئي. سنڌ جي فتح جي بدلي ۾ ”سر“ جو خطاب ملندڙ چارلس نيپئر پهرئي آڪٽوبر 1847ع تي سنڌ جا وڻ ڇڏي ڪياماڙي کان سامونڊي جهاز رستي مصر روانو ٿيو. هتي ان لاءِ هڪ الوداعي گڏجاڻي جو بندوبست ڪيو ويو هو. جنهن ۾ هي تاريخي جملو چيو هو ته،

“You will beta glory of the east, Would that I could come again to see you, Kurrachee in your grandeur”

(ڪراچي هڪ ڏينهن تون مشرق جي راڻي ٿيندينءَ اي ڪراچي جڏهن تون شهرت جي بلندين تي رسين ته منهنجي خواهش آهي ته آئون توکي هڪ ڀيرو ڏسان.)

چارلس نيپئر کي ڪراچي ڏسڻ جي خواهش پوري نه ٿي ۽ 1851ع ۾ فوت ٿي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org