سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 50

قبرستان ڊاهي پٽ ڪري قيمتي پٿر به پاڻ سان گڏ کڻي ويا ۽ هڏن کي سمنڊ ۾ اڇلايو ويو. اهو قبرستان گهاري ڪراچي روڊ جي ڪپ تي هو. هن کانسواءِ انهيءَ رستي جي ڪناري ٻيون به گهاڙي قبرون هيون جن تي چٽسالي جو بهترين ڪم ٿيل هو سڀني کي ختم ڪيو ويو.

رستي جي ساڄي هٿ تي سمنڊ جو خوبصورت ڪنارو اڃا بچيل آهي. پپري ۽ کاري واري ڍوري جي وچ ۾ هڪ بٺي ”هاٿار ڏر“ جي نالي سان آهي. انهيءَ بٺي تي وهندڙ برساتي ڍوري کي ”هاٿار ڍورو“ چيو وڃي ٿو. انهيءَ بٺي تي هاٿارن جا ڏَر (کڏ) هئا ۽ هاٿارن ۽ انهن جي ڏرن ڪري هن کي ”هاٿار ڏر“ جو نالو ڏنو ويو آهي.

هاٿار ڏر بٺُي جي سامهون پي. ٽي. اي فيڪٽري آهي. انهيءَ فيڪٽري واري جاءِ تي ”اڪن وارو ٻورو“ هوندو هو. ٻوري تي اڪ جام هوندا هئا جن جي ڪري ان کي اڪن وارو ٻورو چيو ويندو هو. ٻورو اڪن سميت ختم ٿي ويو. اڳتي رستي جي ساڄي هٿ تي کاري واري ڍوري لڳ ملير گڊي جي چوڪنڊي آهي جتي ست کن گهاڙي قبرون آهن جن جا پٿر ڊهي چڪا آهن. سامهون ٺهيل فيڪٽري جو ڪچرو انهيءَ قبرستان ۾ اڇلايو وڃي ٿو. منع ڪرڻ تي ڳوٺاڻن کي سرڪاري ڪم ۾ رنڊڪ وجهڻ جي الزام ۾ لاڪپ ڪيو وڃي ٿو.

قبرستان جي اوڀر پاسي ”جهڪي وارو ڍورو“ آهي. اڳتي چيلاٽي وارو پٽ ۽ ڍورو آهي. چيلاٽي ڍوري جي ڪپ تي سمنڊ ڪناري ”هنور واري بٺي“ تي شاهه حسن جي درگاهه آهي. هن خوبصورت علائقي جو نالو بدلائي ”ريش بيچ“ رکيو ويو آهي. هنور، شاهه حسن يا چيلاٽي بيچ رکڻ سان قيامت ته نه اچي ها. شاهه حسن درگاهه واري پوري علائقي کي ٻيلو به چوندا هئا. ڪنهن دور ۾ گهارو ڪريڪ سنڌو نديءَ جي هڪ ڇاڙ طور هتان وهندي هئي جنهن جي ڪري هي پورو علائقو وٽيجي تائين آباد هو جتي گهاٽا ٻيلا هوندا هئا.

اڳتي اسان جو سفر ڪچي رستي سان هو چيلاٽي کان پوءِ وٽيجي جون ڀٽون شروع ٿين ٿيون. جيڪو ڪراچي ۽ ٺٽي ضلعي جو دنگ آهي. ڀٽن کانپوءِ وٽيجي واري باغ جنهن کي سسئي وارو باغ به چيو وڃي ٿو حدون شروع ٿين ٿيون. ڀٽن کانپوءِ ڪار جو رستو نه هو ته اسان پنڌ ويران باغ جي نظاري لاءِ روانا ٿياسين. باغ جنهن لاءِ چون ٿا ته زمين تي جنت جو ٽڪرو هو. هڪ پاسي سمنڊ، ٻئي پاسي بُٺيون ۽ باغ جي وچان وهندڙ گهگهر نئين جنهن کي وٽيجي نئين به چيو وڃي ٿو. هاڻي هر پاسي کڏون ۽ کوٻا هئا. جتي ديوي ۽ لئي جا وڻ بيٺل هئا. سمنڊ ۾ گهگهر نئين ڪري هتي ڍنڍ واري صورتحال آهي. جتي ماڻهو پکين جي شڪار لاءِ ايندا هئا.

وٽيجي باغ (سسئي باغ) ۾ موجود هڪ پراڻو کوهه

وٽيجي جي باغ (سسئي باغ) جو تباهه ٿيل نظارو

 

وٽيجي جي ماڳ جي باري ۾ رچرڊ برٽن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ڏکويل ماٿريءَ“ ۾ لکي ٿو ته، ”اسان جو قافلو هاڻي وٽيجي ڏانهن پيو وڌي. ڪراچيءَ کان خشڪي واري سفر جي هڪ ٻي منزل آهي. وچ تي جابلو نئين جا پنج گهارا آهن. ٻين جي ڀيٽ ۾ وٽيجي ۾ ڪجهه وڌيڪ سهولتون موجود آهن. هتي هڪ پراڻي مسجد ۽ ڪاروان سراءِ به آهي. جتي اچي قافلا ترسندا آهن.“

رچرڊ برٽن ٻي منزل جو ذڪر ڪيو آهي. ڪراچي کان گهاري ويندي تن ڏينهن ۾ پهرئين منزل جمعدار جي لانڍي هئي ۽ جن پنج جابلو نئين جو ذڪر ڪيو آهي. اهي ڱانڱيارو، ٽيهر، ٻاڪراڻ، پپري ۽ گهگهر آهن.

پنڌ هلندا اسان هن ويراني ۾ هڪ ڦٽل کوهه تي آياسين. سلطان شاهه ٻڌايو ته اهڙن پنج کوهن جا آثار اڃا موجود آهن. جن مان ”ڪوش“ وسيلي پاڻي ڪڍي زراعت ڪئي ويندي هئي.

وٽيجي جو علائقو ڪراچي ۽ ٺٽي ضلعي جي سرحد تي آهي. هن علائقي جو گهڻو واسطو ڪراچي سان آهي، پر انتظامي لحاظ کان هي ضلعي ٺٽي ۾ شامل آهي. وٽيجي نئين ڪري هن کي وٽيجي چيو وڃي ٿو. هن جي سمنڊ ۾ ڇوڙ واري جاءِ تي هڪ خوبصورت باغ هوندو هو. جنهن ۾ بڙ، گدامڙي، پپر، نمن، کجين، انبن ۽ ٻين ميون جا وڻ هئا. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ گنگارام نالي هڪ هندو هو. هن باغ جي سار سنڀال لهندو هو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به گنگارام جي ڪوٺي جا آثار موجود هئا. آخري وقتن ۾ حاجي ڪرمي بلوچ هن جي سار سنڀال لهندو هو. ان ادب دوست شخص ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي وٽيجي گهرائي هتان جي لوڪ ادب کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪچهريون ڪرايون. ان باغ جي اتر اولهه طرف حاجي ڪرمي ڳوٺ ضلعي ملير ۾ اڄ به موجود آهي. ڪنهن زماني ۾ گهاري ويندڙ ميل پٿر تي وٽيجي جو فاصلو سنڌي ۽ انگريزي ۾ لکيل هوندو هو. هي تاريخي ماڳ هو جتي گهاري ۽ ٺٽي کان ايندڙ قافلا منزل ڪندا هئا. روايت اها به آهي ته محمد بن قاسم ديبل قبضي ڪرڻ وقت انهيءَ هنڌ ۾ خيما کوڙيا ۽ منزل ڪري اڳتي وڌيو. انهيءَ مان ان باغ جي قدامت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هتي مٺي پاڻيءَ جا کوهه موجود هوندا هئا، ان تي اهو نالو ڪيئن پيو ان لاءِ مقامي ماڻهو چون ٿا ته هن باغ جي آبادي لاءِ باقاعده ڪو نار نه هوندو هو. هتي مٺو پاڻي چند فٽن تي هوندو هو. پاسي مان وهندڙ نئين جي ڪري هي سرسبز ۽ شاداب هو. زمين وٽائين (آڏ واري) تي نالو وٽيجي پيو. وٽ واري زمين کي پاڻي ڏيڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. باراني طريقي سان به وٽ (آڏ) واري زمين تي پوک ڪئي ويندي آهي. هونءَ به اڄ تائين ٻهراڙيءَ ۾ جتي به نئين يا ڍورن ۾ صاف ۽ شفاف پاڻي وهندڙ هجي ان جاءِ کي به وٽن واري چيو وڃي ٿو. جڏهن سسئي ڀنڀور ڇڏي پنهونءَ لاءِ ڪيچ ڏانهن پنڌ نڪري پئي ته هن به پهرئين منزل ان باغ ۾ ڪئي ان ڪري هن باغ کي سسئي جو باغ چيو ويندو هو. قادر بخش ڪلمتي سسئي جون جيڪي منزلون ساريون تن ۾ وٽيجي تان لنگهي ضرور آهي پر منزل جو ذڪر ناهي. هي باغ گهاري ۾ ڪراچي واري پراڻي رستي تي آهي. جيڪو ڪراچي، لاهور ۽ ٻين بندرن ڏانهن ايندڙ تجارتي قافلن ۽ مسافرن جي منزل گاهه هو. هي باغ 1989ع تائين موجود هو، جنهن کانپوءِ هن تاريخي باغ کي ختم ڪيو ويو. هن جي تباهي ۾ پنهنجن جو هٿ آهي. سڀ کان پهرين ڪوسٽ گارڊ وارن هن باغ ۾ ڪئمپ قائم ڪري صدين کان قائم وڻن کي وڍڻ شروع ڪيو. هي باغ لوڪل بورڊ جي حوالي هئڻ ڪري ان جي سار سنڀال ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي حوالي ڪئي. پر ان جي سار سنڀال جي بجاءِ باقي بچيل وڻ به وڍرايا ويا. رهيل ڪسر وري ريتي بجري کڻندڙ مافيا پوري ڪئي. قلم 144 جي باوجود به پوليس جي نگراني ۾ هتان ريتي بجري چوري ڪري هن تاريخي باغ کي کنڊرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. اهو سمنڊ جي پاسي هئڻ ڪري اتي هڪ بهترين تفريح گاهه قائم ڪرڻ سان حڪومت کي چڱي آمدني ٿئي ها ته ان سان گڏ هي تاريخي باغ به بچي پوي ها، پر هاڻي اسان هن باغ کي ياد ڪري فقط ڳوڙها ئي ڳاڙي سگهون ٿا، وڌيڪ ڪجهه به نٿا ڪري سگهون.

 

فيبروري 1853ع ۾ چترڪار پاران ٺهيل وٽيجي جي پڙاءُ جو منظر

 

چيلاٽي واري علائقي کان اڳ ديهه پپري ڪراچي واري علائقي ۾ هڪ جاءِ تي ڇهه فٽ ڊگهو ۽ ٽي فٽ ويڪرو پٿر آهي جنهن کي سکئي واري روهي چيو ويندو آهي. اها روهي پٿر هاڻي اسٽيل سليگ ڊيم جي اندر اچي ويئي آهي. جتي لوهه جو ڪچرو جمع ڪيو وڃي ٿو. سلطان شاهه ٻڌايو ته روهي اڃان موجود آهي. پر اوڏانهن وڃڻ لاءِ انتظاميا کان اجازت وٺڻي پوي ٿي. ان لاءِ مشهور آهي ته سسئي ڀنڀور کان نڪري ساهيڙين کان موڪلائيو ساهيڙين وڃڻ کان منع ڪئي پر رواني ٿي ته مائي سسئيءَ جي تمام ويجهي سهيلي سکئي کيس وڃڻ لاءِ همٿايو. سکئي جو ذڪر ٺٽي جي عامل پرسومل جي سگهڙ پٽ جنهن جو نالو موريو فقير هو. هن سگهڙ مائي سسئي کي ڄمڻ کان وٺي زمين ۾ اندر گهڙڻ تائين ڳايو آهي. سندس 113 بيت آهن. جنهن جو هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو.

سسئي چيو ته سکئي کي ادي الله توهار

کنيم سور سکا ڪري ڏنا جي ڏاتار

گهوري، ٿيندس گهوٽ جي الله جي آڌار

هئي هئي هل هنبا ڪري، روئان زارو زار

جيڪس هيڻي ذات ڏسي جت ڇڏي وئين يار،

ڏيان باهه ڀنڀور کي دوست توهان ڌار.

مسجد ۽ ڌرم شالي جا آثار به موجود آهن. گهگهر وارو ڍورو جيڪو مورند ڳوٺ لڳ ٻن حصن ۾ ورهائجي ٿو. جنهن جي هڪ ڇاڙ جو نالو وٽيجي ۽ ٻئي جو نالو گهگهر ڍورو آهي. پير مجني واري قبرستان کان ٿورو پهرئين وٽيجي ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ٻئي حصا پاڻ ۾ ملي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. هتي هن جو نالو وٽيجي ڍورو آهي.

گهاري ڪراچي واري پراڻي گس تي جيڪو سمنڊ ڪناري آهي ۽ درگاهه شاهه حسن کانپوءِ ڀنڀور ۽ گهاري تائين مقامي ماڻهن جي استعمال هيٺ اهو حصو اڃا موجود آهي. انهيءَ واٽ تي ڌاٻيجي يونين ڪائونسل واري علائقي ۾ سسئيءَ جي نالي سان ٻه روهيون موجود آهن. اسان کي انهن تائين پهچڻو هو. پراڻي رستي جو وٽيجي وارو ٽڪرو خراب هو. تنهنڪري اسان گهگهر کان ڦري نيشنل هاءِ وي کان ڌاٻيجي وڃڻ لاءِ روانا ٿياسين.

ڌاٻيجي لڳ سمنڊ ڪناري سسئي جي روهي ۽ واٽ

 

چيلاٽي کانپوءِ کنڀين واري ويران پٽ ۾ هڪ پراڻو ڊٺل پٿر جو گهر هو جيڪو ديهه گهگهر ۾ آهي. سلطان شاهه ٻڌايو هتي جبلي ڀووي جو ڳوٺ هو ۽ انهن جون ٻنيون به هيون. پورٽ قاسم اٿارٽي انهن کي لڏايو آهي. اهو علائقو پورٽ قاسم هاڻي پرائيويٽ فيڪٽرين جي مالڪن کي وڪرو ڪري رهي آهي. جتي هاڻي ڪنٽري ڪلب آهي ان جي اتر پاسي واڻئي وارو ترا (تلاءُ) اڄ به موجود آهي جيڪو برساتن ۾ ڀرجي ويندو آهي. ساڪري جا گبول برساتن کانپوءِ مال ڪاهي لڏي اچي انهيءَ تلاءُ ۾ اجها اڏيندا آهن، جتي انهن جا ”رک“ آهن. ڇاڪاڻ ته هتي برساتن کانپوءِ مال جي چاري لاءِ گاهه جام ٿئي ٿو. هي علائقو هاڻي اسٽيل مل ۾ اچي ويو آهي.

گهگهر ڦاٽڪ تي ٺهيل سسئي پل جي ساڄي هٿ تي جيڪو رستو اسٽيل مل ۽ پورٽ قاسم ڏانهن وڃي ٿو. جنهن رستي کي اسان اسٽيل مل کان وٽيجي ڏانهن اچڻ لاءِ استعمال ڪيو اسان ٻيهر انهيءَ رستي تان علي خان ڀووي واري ترا (تلاءُ)، ڪنڊورائي واري ڪسي کان ٿيندا پير مجني (مزني) واري قبرستان تائين آياسين. اهو قديمي قبرستان گهگهر وارن ڀوون (ڪلمتين جو قبيلو) جو آهي. قبرستان ۾ ڪجهه گهاڙي قبرون آهن. هتي اسان کي هن علائقي جي تاريخ جو ڄاڻو ۽ سگهڙ پير بخش قيصراڻي ڀوو مليو. جنهن ٻڌايو ته ”قبرستان جي زمين قبضي لاءِ پورٽ قاسم اٿارٽي جا بلڊوزر فيڪٽري مالڪن جي اڳواڻي ۾ اسان کي گهڻو تنگ ڪيو آهي. قديم قبرستان جيڪو انگريزن جي دور ۾ سروي واري نقشي تي به چڙهيل آهي پر پوءِ به پورٽ قاسم اٿارٽي وارا مڃڻ لاءِ تيار نه آهن.“

الميو ئي ڄاڻي واڻي نه سمجهڻ جو آهي. خدا ڪري ائين نه ٿئي جو ڪڏهن اخبار ۾ اها خبر ڇپجي ته گهگهر ۾ پير مجني (مزني) واري تاريخي قبرستان کي پورٽ قاسم انتظاميه ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو.

سسئيءَ واري روهي لاءِ رستو ڌاٻيجي اسٽاپ کان اڳ ساڄي پاسي نڪري ٿو. هڪ روهي ”گهگهوٽ واري ڍوري“ جي ڪپ تي آهي. جڏهن ته ٻي روهي سسئيءَ واري ڍوريءَ جي ڪناري تي آهي. جتي پهچڻ لاءِ اسان رستو ڀلجي ريتي بجري کڻندڙ ڊمپرن ۾ وڃي ياسين جيڪي بيدرديءَ سان زمين مان مٽي کڻي پوري علائقي کي ڀڙڀانگ ڪري رهيا هئا. آئون، سلطان شاهه ۽ ڊرائيور عظيم عرف پنچهي، سسئيءَ وانگر ويراني ۾ ڀٽڪي رهياهئاسين ته هڪ جهونو مليو حال احوال کانپوءِ جهوني اسان کي ٻنهي روهين جو ڏس ڏنو. سج لهڻ تي هو. ڪنهن به هڪ روهي تائين پهچڻ ممڪن هو تنهن ڪري اسان گهاري پاسي لڳل سسئيءَ واري ڍوريءَ جي ڪپ تي لڳل ”روهي“ ڏانهن پنڌ روانا ٿياسين. انهيءَ قديم رستي جو اهو حصو سلامت هو. انهيءَ رستي تان سسئيءَ سميت ڪيترائي قافلا گذريا هوندا. سمنڊ ڪناري خوبصورت علائقو برساتي ڍورن، وڻن ۽ سمنڊ ڪنارو تمر جي وڻن ڪري وڌيڪ خوبصورت لڳي رهيو هو. هر پاسي خاموشي هئي. اسان سسئيءَ واري ڍوري پار ڪري مٿي چڙهياسين ته اسان کان اڳ ڊرائيور ۽ هتان جو هڪ ڳوٺاڻو وڏو چڪر ڪاٽي گاڏين واري رستي هتي پهچي چڪا هئا. پيچري جي ڪناري صدين کان لڳل پٿر جنهن تي چٽسالي به هئي. جيڪو صدين کان ”سسئي واري روهي“ نالي مشهور آهي. جنهن جي حفاظت اڃا تائين ڳوٺاڻا ڪندا اچن. اها پارت انهن کي وڏن کان ڪيل آهي.

روهي لاءِ مشهور آهي ته ڀنڀور کان نڪرڻ وقت سسئي جون ساهيڙيون سسئيءَ سان گڏ نڪتيون، ڪجهه ساهيڙيون هتان واپس ٿيون ۽ نشاني طور اها ”روهي“ هتي لڳائي واپس ٿيون. ڀنڀور هتان ست ميل اوڀر پاسي آهي. ڪجهه ساهيڙيون گهگهوٽ واري ڍوري تان واپس ٿيون ۽ انهن به نشاني طور هتي هڪ پٿر رکيو. جيڪا هن روهي کان ٻه ڪلوميٽر اولهه پاسي آهي. سسئيءَ جي خاص ساهيڙي سکئي ۽ ٻيون وٽيجي کانپوءِ چيلاٽي واري ڍوري کان پار واپس ٿيون ۽ سکئي هتي نشاني طور روهي لڳائي. جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري آيو آهيان. هن کان اڳتي سسئي اڪيلي رواني ٿي. سکئي واري روهي کان ڀنڀور 12 ميل پري آهي.

سج به ٿڪجي لهڻ تي هو ۽ اسان به واپس ورڻ جي ڪئي.انهيءَ دعا سان ته اهي بچيل نشانيون سلامت رهن.

اهي روهيون اسان جي تاريخي ورثن ۾ شامل آهن. انهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته سسئي ڪهڙي رستي سان ڀنڀور کان وندر ڏانهن ويئي هوندي. انهن ورثن جي حفاظت ضروري آهي نه ته ترقيءَ جي نالي ۾ انهن جو حشر به وٽيجي جي تاريخي باغ، ٻين تاريخي يادگارن جهڙو ٿي ويندو.

هينئر جتي اسٽيل مل آهي، اهو ديهه ٻاڪراڻ جو علائقو آهي. هن وقت جتي اسٽيل مل جو مين پلانٽ آهي، اتي چوڪنڊي طرز اڏاوت تي شيخ محمد جي نالي سان هڪ وڏو قبرستان هو. هن پوري قبرستان کي بلڊوزرن سان ختم ڪيو ويو. فقط ڪجهه قبرون بچي ويون آهن. جن کي اڃا تائين شيخ محمد قبرستان جي نالي سان ياد ڪيو وڇي ٿو. هي تاريخي قبرستان ڪراچي، گهاري پراڻي رستي تي 21 ميلن تي هو. ياد رهي ته ٻاڪراڻ، پپري، جوريجي برساتي ڍورن جا نالا آهن ۽ صدين کان انهن دريائن، نئين ۽ ڍورن جي ڪناري ڳوٺ آباد ٿيندا رهيا آهن. انهن ڍورن جي ڪناري تي به هر هنڌ پٿر جي دور يا ان کان اڳ واري دور جا آثار موجود آهن. آثار قديمه جا ماهر ٻاڪراڻ ۽ سڪڻ جي ڪناري تان مليل ٿانون لاءِ چون ٿا ته اهي آمري جي اوائلي تهن مان نڪرندڙ ٿانون جهڙا آهن. ان لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي نه ته اهي به اسٽيل مل واري قبرستان ۽ اورانگهي (اورنگي) واري ماڳ وانگر ختم ٿي ويندا، جتان آثار قديمه جي ماهرن ٺڪريون به هٿ ڪيون هيون، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته، اهو تاريخ کان اڳ جو ماڳ آهي. ٻاڪراڻ ۽ سڪڻ وارا ماڳ به ائين تباهه ٿي ويندا، جيئن ٻيا ماڳ تباهه ٿيا آهن.

لانڍي کان ملير ڏانهن ايندي ملير پل، جتي ٿڌو ۽ سڪڻ نئين، ملير نئين ۾ شامل ٿي سمنڊ ڏانهن وڃن ٿيون. جي اولهه پاسي گدڙ ڪالونيءَ جو علائقو آهي. اهو علائقو تپي لانڍي ۾ آهي. گدڙ ڪالونيءَ واري علائقي کي شيخ واري چيو ويندو هو، جتي پوءِ هندستان کان پناهه گيرن جا ڪٽڪ اچي لٿا، هن علائقي ۾ جهنگ هجڻ ڪري اتي گدڙ جام هوندا هئا ان ڪري هن علائقي کي گدڙ ڪالوني چوڻ شروع ڪيو ويو. هينئر ان جو سرڪاري نالو مظفرآباد آهي. جيئن شيخ واريءَ کي ماڻهن وساري ڇڏيو. هاڻي گدڙ به شينهن ٿي ويا آهن ۽ ايندڙ نسل کي فقط مظفرآباد ياد رهندو.

مشين ٽول فيڪٽري لڳ ريلوي ڦاٽڪ آهي. هن ڦاٽڪ کي حمات جا در چيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته هتي ريلوي ڦاٽڪ تي در هوندا هئا، جمع حمائتي پراڻو ڳوٺ هو، ان نسبت سان اهي حمايتي در مشهور هئا.

لانڍي ملير ايريا جو پورو علائقو ريڙهي ۽ واڳون ڏر تائين ٻڏي فارسي واري پٽ جي نالي سان مشهور هو، هي علائقو ٻڏي فارسي جو هو ۽ اڄ هن کي مختلف نالن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ اڄ اهو ٻڏو فارسي ۽ رئيس بچل خان، جنهن جو هتي ڳوٺ هوندو هو، سڀني کان وسري ويا آهن ۽ جيڪڏهن ياد به آهن ته به فقط جهونن کي، جن هتي رئيس بچل خان ۽ ٻڏي فارسي وٽ مزدوري ڪئي ۽ ڪچهريون ڪيون هيون.

جامعه ملير ڪراچي جي جاءِ تي گوڪل داس اسڪول هوندو هو. جتي آسپاس جي ڳوٺن جا ماڻهو اچي تعليم حاصل ڪندا هئا ۽ پوءِ گوڪل  داس کي جامعه ملير ۾ تبديل ڪري پنهنجي مسلمان هئڻ جو فرض پورو ڪيو ويو.

ملير کان ايئرپورٽ ڏانهن وائرليس گيٽ جي سامهون هن وقت ڇوٽاگيٽ جو اسٽاپ آهي. ڪنهن زماني ۾ هن کي موريو ڳوٺ اسٽاپ چيو ويندو هو. شايد موريو ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ هو، جيڪو هضم نه ٿي سگهيو ۽ اهو موريو مان تبديل ٿي ڇوٽاگيٽ ٿي ويو. اتي موريو خاندان جا ڪجهه گهر اڃا به موجود آهن، جيڪي ڪراچيءَ ۾ هلندڙ دهشتگردي ۽ بلڊرز مافيا جي تيز هوائن جو مقابلو ڪري رهيا آهن پر ڪيستائين؟ ڪراچي ايئرپورٽ سامهون نيشنل هاءِ وي تي ڪراچي شهر ڏانهن ويندي ساڄي هٿ تي ديوي جي وڻن جي جهنگ ۾ اڄ به هڪ مسجد قائم آهي هتي ڪاغذي بازار (بازار بلوچي ۾ ڳوٺ کي چئبو آهي) هوندو هو. ڪاغذي بازار لڳ وڏيري احمد ٻاپڙي ۽ عيسيٰ ٻري جا ڳوٺ به هتي هئا. انهن ٽنهي ڳوٺن کي 1950ع ۾ هتان اٿاريو ويو. وڏيري احمد ۽ عيسيٰ کي حاجي مريد بڪڪ وارن لالو کيٽ ۾ پنهنجي پاسي ۾ رهڻ لاءِ پٽ ڏنو. ڪاغذي بازار جا بلوچ ڪک پن ٿي ويا. انهن کي هتان سيڪيورٽي رسڪ ڪري اٿاريو ويو. حاڪمن جي سامهون اسان سنڌين جا ڳوٺ سڀ سيڪيورٽي رسڪ آهن.

ناٿاخان پل جي ڏکڻ پاسي وارو پورو علائقو ناٿاخان جو هو ۽ اتي ناٿا خان پنهور جو ڳوٺ هوندو هو. ناٿا خان پاڻ به مالوند ماڻهو هو. ڳوٺ وارا  پنهنجي زندگين مان مطئمن هئا. ڇاڪاڻ ته هتي بهترين چراگاهه هوندو هو، جتي انهن جو مال چرندو هو. ناٿا خان ميندي لڳل ڏاڙهيءَ سان ڊاج گاڏي ۾ چڙهي کير جي حساب ڪتاب لاءِ لي مارڪيٽ جي پڙي ڏانهن ايندو ويندو هو، ڀرپاسي ملير ندي مان صاف ۽ شفاف پاڻي وهندو هو. ڳوٺ جون ناريون پيئڻ لاءِ پاڻي ڀرڻ ملير نئين تي وينديون هيون، پوءِ ڏسندي ڏسندي سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. چراگاهن وٽ فليٽ ۽ ڪوارٽر ٺهي ويا. ملير ندي جو صاف ۽ شفاف پاڻي گدلو ٿي ويو. ناٿاخان ڳوٺ ڌارين جي حوالي ٿي ويو، هن ڏوهه ۾ اسان به برابر جا شريڪ آهيون. ان ڳوٺ وارا هن وقت الاجي ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهن؟ هتي اڃان شايد چند گهر هجن، باقي ٻين جي ڪا خبر ڪانهي.

ٽي هٽي وارو علائقو جتي خواجن جا ٽي دڪان هئا، جن مان هڪ مٺائيءَ جو، ٻيو کڙ بوسي جو ۽ ٽيون پرچون جو دڪان هيو، انهن ٽن دڪانن جي ڪري ئي اهو ٽي هٽ جي نالي سان مشهور هو. هٽ دڪان کي چيو ويندو آهي. بعد ۾ انهن کانسواءِ خاصخيلين جو به هڪ دڪان ٺهيو ۽ نومڙين پاران به هتي هڪ هوٽل کولي ويئي. لانڍي، ملير ۽ آسپاس جا ماڻهو اٺ گاڏين ۽ گڏهن تي کير، گاهه ۽ سبزي کڻي لي مارڪيٽ جي کير ۽ سبزي مارڪيٽ ڏانهن ايندي ويندي هتي اسٽاپ ڪندا هئا. چانهه پي ضرورت جو سامان وٺي پنهنجي منزل ڏانهن راهي ٿيندا هئا. ٽي هٽيءَ جي سامهون خواجن جا گهر ۽ پٽيل پاڙو هوندو هو، لياري ندي جي ڪناري هاڻوڪي ٽي هٽي پل کان لالو کيٽ ويندي ساڄي هٿ تي خاصخيلين جو ڳوٺ هوندو جنهن کي لياقت علي واري دور ۾ زوري اٿاري هتي هندستان مان آيل ماڻهن کي ويهاريو ويو. حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ، جان محمد بنديچو ڳوٺ جنهن جو پراڻو نالو ڏتو بنديچو هو. مستري الله ورائي جو ڳوٺ، عيسيٰ ڳوٺ، يعقوب جوکيو ڳوٺ ۽ بلوچن جا ڳوٺ الياس ڳوٺ، ناگمان ڳوٺ اڄ به موجود آهن. ٽي هٽي هاڻي تين هٽي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي.

ٽالپرن جي دور ۾ 1799ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي پنهنجي فيڪٽري جتي قائم هئي انهيءَ جاءِ تي 1840ع ۾ هڪ باغ قائم ڪيو ويو. 1860ع ۾ ڪراچي ميونسپلٽي هن کي عوامي باغ ۾ تبديل ڪيو ۽ ان جو نالو وڪٽوريه گارڊن رکيو ويو. جولاءِ 1934ع ۾ مهاتما گانڌي ڪراچي جي دوري دوران ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن گانڌي جي مان ۾ هتي دعوت ڪئي انهيءَ تقريب ۾ ان باغ جو نالو وڪٽوريه گارڊن مان تبديل ڪري گانڌي گارڊن رکيو. اڄڪلهه گانڌي گارڊن چڙيا گهر ۾ تبديل ٿي ويو آهي. جتي حسن لشڪري جو باغ هو حسن لشڪري ڳوٺ ۽ ساهو باغ اڃان موجود آهن پر سرسبز باغن جي بجاءِ وڏيون عمارتون ٺهي ويون آهن. گانڌي گارڊن جي سامهون وڏي ڪوٽ وانگر بلڊنگ نظر ايندي، جنهن تي لکيل آهي ”سيفي بلڊنگ 1930ع“ سيفي خواجي جي ڪري فاطمه گرلز ڪاليج کانپوءِ وارو علائقو رنڇوڙ لائين تائين سيفي نگر هو، پر هاڻي سيفي نگر. اسلام پورا ۾ تبديل ٿي ويو آهي. اسلام پورا جا وڏا وڏا بورڊ لڳايا ويا آهن ۽ فقط هڪ يا ٻن بئنڪن جي بورڊن تي سيفي نگر برانچ لکيل نظر اچي ٿو. رنڇوڙ لائين کانپوءِ گاهه منڊيءَ جو علائقو اچي ٿو. هن جو نالو درمسي واڙو هوندو هو، هتي هڪ وڏو واڙو ۽ پاڻيءَ جو حوض هوندو هو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به گهڻي عرصي تائين اهو علائقو درمسي واڙو هوندو هو پر هاڻي اهو گهاس منڊيءَ ۾ تبديل ٿي ويو آهي. درمسي جي واڙي ۾ گاهه وڪڻڻ جي پڙي به هوندي هئي. لي مارڪيٽ بس اسٽاپ لڳ نيپئر پوليس ٿاڻي جي سامهون پاڻيءَ جي لاءِ هڪ حوض هوندو هو، اتي هاڻي پيٽرول پمپ آهي. نيپئر پوليس ٿاڻي واري علائقي ۾ به مال جي پڙي هوندي هئي.

لي مارڪيٽ کان سٽي ڪورٽ ڏانهن ويندي نگار سينيما کان پوءِ نانڪ واڙو آهي، پر هن علائقي کي بعد ۾ ايندڙ ماڻهن هري مسجد جو نالو ڏيئي مسلمان ڪيو. سول اسپتال جي پوئين پاسي راجا مينشن جو علائقو آهي جتي راجا مينشن بلڊنگ ۾ پوليس ٿاڻو به انهيءَ نالي سان هوندو هو پر هن علائقي جو نالو تبديل ڪري عيد گاهه رکيو ويو ۽ پوليس ٿاڻو، جيڪو راجا مينشن پوليس ٿاڻو هوندو هو ان جو نالو به عيدگاهه پوليس اسٽيشن رکيو ويو آهي.

اها ان دور جي ڳالهه آهي. جڏهن بندر روڊ تي مٽي اڏامندي هئي، اين جي وي اسڪول کانپوءِ موليڏنو مسافر خانو هوندو هو. جيڪو 1887ع ۾ قائم ڪيو ويو هو. ان کانپوءِ غلام حسين خالق ڏنو هال، جيڪو 14 جولاءِ 1906ع ۾ ٺهيو، موليڏنو مسافر خانو ختم ڪري ان تي قبضو ڪري رهائش لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. گهڻي عرصي تائين اهو مسافر خانو بس اسٽاپ جي طور تي مشهور هو پر هاڻي مسافر خاني جو نالو به موليڏني وانگر ماڻهن جي دلين تان ميسارجي ويو يا ميساريو ويو آهي. ان جي سامهون ريڊيو پاڪستان کان وٺي اردو بازار ۽ هاڻوڪي رتن تلاءُ وارو پورو علائقو رتن تلاءُ هو، پر هن جي اڌ حصي کي اردو بازار ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ رتن تلاءُ هڪ ننڍي علائقي تائين سوڙو ٿي ويو آهي.

رام باغ جو علائقو جتي ڪنهن زماني ۾ تيرٿ آستان ۽ باغ هوندو هو. رتن تلاءُ وانگر انگريزن جي اچڻ کان اڳ هتي هڪ پاڻي جو چشمو ۽ تلاءُ هوندو هو، جنهن مان هن پوري علائقي جا ماڻهو پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪندا هئا ۽ ڍور ڍڳن لاءِ به پاڻي استعمال ڪندا هئا. هن علائقي لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته لنڪا کان هنگلاج ويندي رام، سيتا ۽ رام جو ڀاءُ لڪشمڻ هتي ترسيا هئا، جنهن جي ڪري اهو علائقو رام باغ جي نالي سان مشهور ٿي ويو. رام جو نالو اسان جي مسلمان ڀائرن کي پسند نه آيو، انهن رام کي آرام ڪرائي هن علائقي جو نالو آرام باغ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ تاريخي باغ جو حشر به اسان بُرو ڪري ڇڏيو آهي.

1850ع ۾ مسٽر بارٽل فريئر ڪمشنر مقرر ٿيو. هن جي نالي سان ميٽروپول هوٽل جي سامهون هڪ باغ جنهن ۾ فريئر هال ۽ لائبريري ٺهرائي وئي، ان هال جو نالو بدلائي صادقين گيلري ۽ لائبريري جو نالو لياقت لائبريري رکيو ويو آهي. ان باغ جو نالو بدلائي باغ جناح رکيو ويو آهي. بندر روڊ جي آخري ڇيڙي تي بولٽن مارڪيٽ آهي. ان زماني ۾ اهو ميونسپل جي صدر مسٽر بولٽن جي نالي تي ٺاهيو ويو. 87-1886ع ۾ هن کي وڌايو ويو. ورهاڱي کان اڳ لڪشمي ڪمپني جو مالڪ لالا لجپت راءِ هو. هن جي اڏاوت کانپوءِ 24 ڊسمبر 1938ع ۾ ننڍي کنڊ جي مشهور سياسي شخصيت مسز سروجني نائيڊو ان جو افتتاح ڪيو هو. جاءِ جي چوٽي تي لڪشمي ديوي جو مجسمو لڳل هو. ڪراچي جي ٻين مجسمن وانگر ورهاڱي کانپوءِ هن کي به هٽايو ويو. سونارو بازار صرافا بازار ۾ بدلجي ويو.

ڪلفٽن ۾ عبدالله شاهه غازي جي مزار جي سامهون واري گهٽي ۽ ڪلفٽن جي مرڪزي روڊ تي موهٽا پيلس آهي. هن اجڙيل جاءِ جي نئين سر مرمت ڪري هن کي خوبصورت بنايو ويو آهي. گلابي رنگ جي اها خوبصورت جاءِ جنهن جي چئني ڪنڊن ۽ مرڪزي دروازي جي ٻنهي پاسن کان ڇت تي چار گنبذن وارا مينار ۽ ڇت تي به خوبصورت ڇٽي جهڙا گنبذ آهن جنهن جي ڪري جاءِ نهايت خوبصورت ڏيک ڏيئي ٿي. هي آگري جو لال قلعي وانگر آهي. هن کي هڪ هندو شيو رام موهٽا 1933ع ۾ اڏيو هو. جنهن جو مقصد ائين هو ته موهٽا جي گهر واري اڪثر بيمار رهندي هئي. حڪيمن موهٽا کي چيو ته هن کي صبح کان شام تائين يعني هر وقت سمنڊ کان ايندڙ هوائن جي ضرورت آهي. جنهن لاءِ موهٽا پنهنجي بيمار گهر واريءَ لاءِ سمنڊ ڪناري اهو محل اڏيو. موهٽا پيلس جو نقشو آغا احمد حسين تيار ڪيو هو. انهيءَ شخص ڪراچي چئمبر آف ڪامرس ۽ هندو جيم خاني جي جاين جا نقشا به تيار ڪيا هئا پر موهٽا پيلس انهن کان وڌيڪ خوبصورت آهي. ان جاءِ ۾ موهٽا پاران اڪثر دعوتون به ٿينديون هيون جنهن ۾ شهر جا معزز ۽ معتبر ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا. موهٽا انهيءَ جاءِ ۾ سر آغا خان سلطان محمد شاهه جي دعوت ڪئي هئي. هن جاءِ تي اندر تهه خاني مان هڪ غار به ٻاهر سمنڊ ڏانهن ويندي هئي جيڪا هاڻي بند ٿي چڪي آهي. انهيءَ غار لاءِ محبوبن ۽ معشوقن جي ملڻ جا پراڻا قصا به لاڳاپيل آهن. هن جاءِ کي جيڪا موهٽا پيلس طور مشهور آهي. ان جو نالو بدلائي ”قصر فاطمه“ رکيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ورهاڱي کانپوءِ اها جاءِ فاطمه جناح کي الاٽ ڪئي وئي هئي. شيوارام جو تعلق بيڪانير سان هو. هن جو پيءُ گورڌن داس شهر جو امير ترين ماڻهو هو. کاري دري واري علائقي ۾ ڪپڙي جي مشهور مارڪيٽ گورڌن داس ڪلاٿ مارڪيٽ انهيءَ جوڙائي هئي. جنهن جو نالو تبديل ڪري اقبال ڪلاٿ مارڪيٽ رکيو ويو آهي.

جتي هينئر آگرا تاج ڪالوني ۽ بهار ڪالوني لياري ندي ڪناري آهن. هن پاسي هندوئن جو پراڻو مساڻ (شمشان گهاٽ) هيون. هندستان جي علائقي آگرا يو پي ۾ آيل پناهگيرن کي هتي وسايو ويو. تاج محل جيئن ته آگرا ۾ آهي انهيءَ ڪري انهيءَ جو نالو آگرا تاج ڪالوني رکيو ويو.

ورهاڱي کان اڳ ۾ گهڻين جاين تي انگريز، پارسي ۽ هندوئن جي اهم سماجي ۽ سياسي اڳواڻن جا مجسما لڳل هئا. ڪياماڙي لڳ انهيءَ جاءِ تي جتي پهرئين ڊسمبر 1847ع تي ڪراچي جي ماڻهن چارلس نيپئر کي الوداع ڪيو. هتي چارلس نيپئر جو پٿر جو مجسمو 1853ع ۾ يادگار طور لڳايو ويو. فريئر هال ۾ راڻي وڪٽوريا ۽ شاهه ايڊورڊ ستين جا مجسما لڳل هئا. اڇي سنگ مرمر جا اهي انتهائي خوبصورت مجسما هئا. راڻي جو مجمسو 1906ع ۾، جڏهن ته بادشاهه جو مجسمو 1916ع ۾ لڳايو ويو. وڪٽوريا روڊ (هاڻوڪي عبدالله هارون روڊ) ۽ اسٽريچن روڊ جي ميلاپ تي ڪراچي جي مشهور سماجي ڪارڪن ايڊلجي ڊنشا جو مجمسمو لڳل هو جنهن ۾ ان کي روايتي پارسي روپ ۾ ڏيکاريو ويو هو. مجسمو ڪراچي جي شهرين ان جي ياد ۾ ٺهرايو هو. ايڊلجي ڊنشا جي پٽ نادر شاهه ڊنشا جو مجمسو 1933ع ۾ فليگ اسٽاپ هائوس جي سامهون لڳايو ويو. جنهن جي پردي هٽائڻ واري تقريب 4 مارچ 1933ع ۾ ٿي. لڪشمي بلڊنگ تي لڳل لڪشمي جي ديوي جو مجسمو اسان جي ترقي ۽ مسلماني رستي ۾ رڪاوٽ هو. انهن کي هٽائي مسلمان ٿيڻ جو فرض پورو ڪيو ويو. مهاتما گانڌيءَ جو مجسمو ڪورٽ روڊ (ڪنگس روڊ) تي هاءِ ڪورٽ جي سامهون لڳل هو. اهو مجمسو انڊين مرچينٽس ايسوسيئيشن پاران لڳايو ويو هو. ڪنجي جو اهو مجسمو، مجسما سازي جي فن جو شاهڪار هو جنهن ۾ گانڌي کي هڪ صوفي طور پيش ڪيو ويو هو جنهن جي هيٺيان لکيل هو. ”مهاتما گانڌي – آزادي، سچائي ۽ اهنسا جو اشتهار.“

منگهي پير ۾ قبضو ڪيل ساڌو هيرانند ڌرم شالو

 

ڪراچي پارسي انسٽيٽيوٽ جي مرڪزي گيٽ تي جواهر لال نهرو جو پٿر جو ٺهيل هڪ مجسمو لڳل هو. اهي سڀئي مجسما جيڪي خوبصورت شاهڪار هئا. ورهاڱي کانپوءِ انهن کي اسلامي جذبي تحت هٽايو ويو.

لنڊا بازار ۾ لائيٽ هائوس سيمينا جي سامهون وارو علائقو گاڏي کاتي جي نالي سان مشهور آهي. ڪنهن دور ۾ ٽرامن کي به گهوڙا ڇڪيندا هئا، اتي گهوڙن جا وٿاڻ ۽ انهن جي پيئڻ جي پاڻي جا حوض هوندا هئا. گاڏي کاتي وارو علائقو دلي مسلم هوٽل ۽ پيپر مارڪيٽ سان مشهور ٿي ويو آهي. جنهن وقت سيلي وسلن سنڌ جو گورنر هو ته ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين پنهنجي ڪوششن سان چندو گڏ ڪري جيڪو لک رپيا ٿيو هو، ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي نوجوانن لاءِ هاسٽل ٺهرائي جنهن جو افتتاح سيلي ولسن ڪيو هو جنهن کي بعد ۾ سيلي ولسن مسلم هاسٽل به چيو ويو. ان هاسٽل جو نالو تبديل ڪري جناح ڪورٽس هاسٽل رکيو ويو آهي.

منگهوپير جي علائقي ۾ 1896ع ۾ گرم چشمي جي ويجهو 100 بسترن تي ٻڌل ساڌو هيرانند جي نالي سان ڪوڙهه جي علاج لاءِ اسپتال قائم ڪيو ويو، جيڪو ساڌو هيرانند ٽرسٽ قائم ڪيو هو. اسپتال سان گڏ ڌرم شالو ۽ مندر به هو. اسپتال اڄ به موجود آهي. هن جو نالو هاڻي منگهو پير جذام اسپتال رکيو ويو آهي. ساڌو هيرانند جو نالو ختم ڪيو ويو آهي. مندر ۽ ڌرم شالي تي قبضو ڪري گهر اڏيا ويا آهن.

ريڙهي لڳ سينهار تلاءَ جا نشان اڄ به موجود آهن. هن تلاءَ جي اندر ٽن کوهن جا نشان به آهن. ان کانسواءِ تلاءَ کان ٻاهر ستن کوهن جا نشان به آهن، جيڪي ڳاڙهين پڪين سرن سان ٻڌل آهن. اهي کوهه ۽ تلاءَ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ استعما ڪيا ويندا هئا. انگريزن جي اچڻ کان پوءِ تلائن کي پڪو ڪيو ويو. تاريخي کوهه ۽ تلاءُ مسلسل مٽي کڻڻ جي ڪري تباهه ٿي ويا آهن. ريڙهي ۾ وڏي پئماني تي سماجي تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن. پر انهن به تاريخي کوهن جي سار سنڀال لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي. اسان کي ان وقت خيال ايندو آهي جڏهن اهي مڪمل طور تباهه ٿي ويندا.

هاڪس بي (ٻلهيجي) ۽ اک ڦاٽو (پيرا ڊائيز پوائنٽ) جو ذڪر ڪري آيو آهيان، هتي فرينچ بيچ پڪنڪ پوائنٽ آهي، جيڪو اصل ۾ حاجي عبدالله ڳوٺ آهي. ڇاڪاڻ ته هن ڳوٺ لڳ انهن ڳوٺاڻن پاران اها پوائنٽ ٺاهي وئي آهي. جتي هٽ به آهن پر هن پوائنٽ کي حڪومت پاران سياحن لاءِ ڪتابچي ۽ فرينچ بيچ ۽ ڏنگيءَ ۾ عبدالله ڳوٺ لکيو ويو آهي.

ڪورنگي نمبر ڇهه ۾ هندستان کان لڏپلاڻ ڪري آيلن جي وڏي آبادي ۾ جمع ڳوٺ، علي اڪبر شاهه ڳوٺ، چشما ۽ ٻيا ڳوٺ اچن ٿا. جتي جمع ڳوٺ آهي ان پوري علائقي کي کاريون به چيو ويندو آهي پر هاڻي هن کي نمبر ڇهه چيو وڃي ٿو. علي اڪبر شاهه ڳوٺ جتي سنڌين جي وڏي آبادي رهندي هئي. ڪجهه سالن ۾ اهو پورو ڳوٺ بهارين ۽ بنگالين، جيڪي غير قانوني طور هتي آيا جي قبضي هيٺ اچي ويو آهي، انهن کي هتي رهائش لاءِ شناختي ڪارڊ ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون ويون آهن ۽ هاڻي علي اڪبر شاهه ڳوٺ کي بنگالي ڪالوني چيو وڃي ٿو.

انهن کانسواءِ هيٺين رستن ۽ جاين جا نالا تبديل ڪيا ويا آهن. جيڪي رڪارڊ طور هيٺ ڏجن ٿا:

پراڻو نالو

نئون نالو

بندر روڊ (مهاتما گانڌي روڊ)

ايم اي جناح روڊ

برنس روڊ

محمد بن قاسم روڊ

هيولاڪ روڊ

ايوان صدر روڊ

انگل روڊ

سرور شهيد روڊ

ڪچهري روڊ

ڊاڪٽر ضياءُ الدين روڊ

فريئر روڊ

شاهراهه لياقت

نيو هام روڊ

فخري ماتري روڊ

رام پارٽ روڊ

آدمجي دائود روڊ

مشن روڊ

باباءِ اردو روڊ

لارينس روڊ

نشتر روڊ

ڊرگ روڊ

شارع فيصل

وڪٽوريا روڊ

عبدالله هارون روڊ

مينسيلڊ روڊ

سيدنا برهان الدين روڊ

ڪلارڪ روڊ

شاهراهه عراق

ٽيلرام کيمچند روڊ

جي الانا روڊ

رام باغ روڊ

آرام باغ روڊ

هيرس روڊ

آغا خان روڊ

ميڪلوڊ روڊ

آءِ. آءِ چندريگر روڊ

وشوانات پٽيل روڊ

اسلم روڊ

امبئنڪمينٽ روڊ مٺو در، لي مارڪيٽ

نواب مهابت خان روڊ

پريم پٽلي لين

غازي سليمان اسٽريٽ

چندن لين

رابعا بصري لين

فريئر اسٽريٽ

ڊاڪٽر دائود پوٽو روڊ

پرنس اسٽريٽ

چاند بيبي اسٽريٽ

رامچندر اسٽريٽ

بابر اسٽريٽ

وڪٽوريا ميوزيم

اولڊ اسٽيٽ بئنڪ بلڊنگ

سيتا رام بلڊنگ

جي. ايم. بي. گرلس اسڪول برنس روڊ

ليکراج بلڊنگ

لال سنگهه گرون مل بلڊنگ (برنس روڊ)

حسن علي آفندي بلڊنگ

پنجائت هال

رچمنڊ ڪرافورڊ ڊسپينسري بندر روڊ

گورنمينٽ وٽنري هاسپيٽل

سيٺ شيوا رام ڪرکيا مل چيري ٽيبل ڊسپينسري کارو در

شفائي مطب

امرت ڪوٽ وال بلڊنگ مشن روڊ

سرڪار مدرسه عوام

ڪنهيا مهاوديالا پاٽ شالا فريئر روڊ ايس سي (صاحب سنگ چندا سنگ) لا ڪاليج

گورنمينٽ هوم اڪنامڪس ڪاليج فار وومين

سنڌ مسلم لا ڪاليج

يونين جيڪ ڪلب

سروسز ڪلب

نپيئرس بيرڪس

لياقت  بيرڪس

ڪنگس وي روڊ

ڪورٽ سنڌ

هوپ لاج بلڊنگ

سنڌ وائيلڊ لائيف بلڊنگ

نيپئر روڊ

مير ڪرم علي ٽالپر روڊ

ولڀ ڀائي پٽيل روڊ

نواب اسماعيل خان روڊ

واڌو مل اوڌا رام روڊ

طاهر يوسف الدين روڊ

نيو ڪوئنز روڊ

مولوي تميز الدين روڊ

انور ائٽري روڊ

آر. ڪياني روڊ

سمرٽ اسٽريٽ

راجا غضنفر علي خان روڊ

ساوٿ نيپئر روڊ

الطاف حسين روڊ

بارنيس اسٽريٽ

جميله اسٽريٽ

ديب چند اوجها روڊ

زيب النساءِ اسٽريٽ

موتي لال نهرو روڊ

جگر مراد آبادي روڊ

شاستري روڊ

ايس. ايم سيد روڊ

ڪناٽ روڊ

چوڌري محمد علي روڊ

گرانن روڊ

حسرت موهاني روڊ

هر چندراڻي روڊ

صديق وهاب روڊ

وڊ اسٽريٽ

ٽالپر روڊ

ڪنٽري ڪلب روڊ

يونيورسٽي روڊ

گارڊن روڊ

هز هائنس سر آغا خان-3 روڊ

اسيڪينڊل پوائنٽ روڊ

ڪلب روڊ

هردام رام روڊ

محمد علي بوگره روڊ

آتما داس پريتم داس روڊ

شاهه عبداللطيف روڊ

چيلو مل تلڪو رام روڊ (ڪلري)

شاهه ولي الله روڊ

پيريڊي پارڪ

علامه درس اسٽريٽ

پيٽل پارڪ

نشتر پارڪ

ٽڪنڊو پارڪ

عالمگير پارڪ

اڃان به گهڻا علائقا آهن، جن جا نالا تبديل ڪيا ويا آهن، گهڻن عمارتن جا نالا بدلايا ويا آهن. هتي قائم مساڻن، ڌرم شالائن، آشرمن ۽ مندرن کي تباهه ڪيو ويو انهن جو ڪو رڪارڊ ڪونهي.

هي چند مثال مون اوهان جي اڳيان پيش ڪيا آهن ڪجهه علائقن ۽ ديهن جي نالن جي تبديلي جو ذڪر ڪتاب جي ديهن ۽ تپن واري باب ۾ ڏنل آهي. مندرن جو ذڪر مندرن واري باب ۾ ڏنل آهي ۽ جيڪڏهن پوري ڪراچي جي سروي ڪئي وڃي ته اهڙن تبديل ٿيل سوين علائقن، ڳوٺن ۽ رستن جا نالا ملندا پر اسان ڪنهن به دور ۾ ان جو رڪارڊ رکي نه سگهياسين. اڃا دير نه ٿي آهي گهڻا جهونا اڃان به حيات آهن جن ڪراچي کي ٺهندي ڏٺو. انهن سان ڪچهري ڪري گذريل سئو سالن جي تبديليءَ جو رڪارڊ رکي سگهون ٿا ۽ انهن جي يادن جي آڌار تي پراڻي ڪراچي جي علائقن جا نقشا به جوڙي سگهون ٿا.

اسان هن معاملي ۾ هميشه رومانيت پسند رهيا آهيون. اسان ڪلاچي ۾ مورڙي جي بهادري جا قصا ور ور پيا ورجائيندا آهيون، پر ڪراچي اسانجي هٿن مان نڪتي وڃي ٿي ۽ نڪري به چڪي آهي پوءِ به اگهور ننڊ ۾ آهيون. پوءِ اسان هاءِ گهوڙا ڪنداسين، پر ان وقت گهڻي دير ٿي چڪي هوندي ۽ وقت اسان جي هٿان نڪري چڪو هوندو.

انهن علائقن ۽ جاين جي مون وٽ ان ڪري اهميت آهي جو اهي نالا تاريخ جي صفحن تي انهن نخلستانن وانگر آهن جن کي ڏسندي جديد تهذيب ۾ بگڙيل انسان جي اکين ۾ ٿڌاڻ جا جهرڻا لهي اچن ٿا. پر ظلم اهو آهي ته اسان انهن جاين ۽ علائقن جي حفاظت ڪري نه سگهيا آهيون، انهن جي بقا ضروري آهي. ائين نه ٿئي جو جڏهن ايندڙ نسل ڪتابن ۾ پڙهي انهي نخلستان تائين پهچي ته اهي نخلستان انهن لاءِ سراب نڪرن، چاهتون منتشر ٿي وڃن. اچو ته ايندڙ نسل جي چاهتن کي منتشر ٿيڻ کان بچايون، انهن نخلستانن کي سراب بنجڻ نه ڏيون.

پنهنجي وجود سان گڏ پنهنجي مالڪي جي تاريخي اهڃاڻ کي بچايون. انهن قديم نالن وارن علائقن کي ٻيهر جياريون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org