سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 47

(71) ديهه کَرکُرو:

دُنبا ڳوٺ ۽ ٿڌي نئين کانپوءِ حيدرآباد ويندي سپر هاءِ وي تي ٻنهي پاسي لنڪ روڊ پل تائين هن ديهه جون حدون لڳن ٿيون. کَرکُرو ڍورو جيڪو دُنبا ڳوٺ کان ميمڻ ڳوٺ ويندي پولٽري اسٽيٽ کان پهرئين اچي ٿو ۽ ٿڌي نئين ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هي پٽ جيڪو کريري برش وانگر پٿريلو آهي. هي علائقو ائين پٿريلو هئڻ ڪري هن کي کَرکُرو چيو ويندو آهي. هن ديهه ۾ ڪجهه علائقن ۾ زراعت به ڪئي ويندي آهي. ٿڌي نئين جي ڪپ تي تاريخي ”راڌن ملڪن“ وارو قبرستان ناگوري ڊيري فارم لڳ گهاڙي قبرن وارو قبرستان، ڊملوٽي کوهه نمبر 9،8 ۽ سيد جمن شاهه درگاهه هن ديهه ۾ آهن. هي ديهه تپي ڪونڪر تعلقي ڪراچي يونين ڪائونسل درساڻي ڇني ۾ آهي.

(72) ديهه بازار:

هي ديهه تاريخي ماڳن مڪانن جي ڪري مشهور آهي. الله ڏني جا آثار، نٿالي وارو ڪوٽ، ڪافرن جون قبرون، ڊملوٽي جا ست کوهه انهيءَ ديهه ۾ آهن. جن جا تفصيل ڪتاب جي مختلف بابن ۾ ڏنل آهن. ملير نئين جي ڪناري تي هئڻ ڪري هي زراعت لاءِ اڄ به مشهور علائقو آهي. لنگهيجي نئين جڏهن هن ديهه جي علائقي ۾ داخل ٿئي ٿي ته هن کي بازار نئين چيو وڃي ٿو. بازار بلوچي جي ڳوٺ کي چيو وڃي ٿو. هي علائقو گهاري، ٺٽي، درساڻي ڇني، حب، گڏاپ، لس ڏانهن ويندڙ پراڻن گسن جي گذر گاهه ۽ منزل طور مشهور هو. صدين کان هي حملا آورن، قافلن ۽ مسافرن جي منزل هئڻ واري جاءِ هئڻ ڪري تاريخي حيثيت رکي ٿي. هن جي ويجهو ديهه اميلاڻو به اهڙو ئي هڪ تاريخي ماڳ آهي. هي ديهه تپي درساڻي ڇني تعلقي ڪراچي ۽ يونين ڪائونسل درساڻي ڇني ۾ آهي.

(73) ديهه اميلاڻو:

سپر هاءِ وي کان لنڪ روڊ جي شروع کان ملير نئين ۽ سپر هاءِ وي جي حيدرآباد ڏانهن ساڄي هٿ تي ملير نئين جي ڪاٺوڙ پل تائين هن ديهه جون حدون لڳن ٿيون. هتي به تاريخي ماڳ پولٽري فارمن لاءِ الاٽ ڪري هن کي تابهه ڪيو ويو آهي. زرعي علائقو آهي. مدينا ۽ جده هوٽل به انهيءَ ديهه ۾ آهي. ڪاش ”اميلاڻو“ نالي به ڪا هوٽل هتي قائم ٿئي.

جامع سنڌي لغات موجب لاڻي يا لاڻو، ٻوٽي جو هڪ قسم آهي هن جا ست قسم ٿيندا آهن. آوت لاڻي يا اُشڪ لاڻي، مِٺي لاڻي يا گهرو لاڻي، کاري لاڻي، ڪونٽي لاڻي، پٽ لاڻي يا گڏهه لاڻي، چوٽي لاڻي يا ڦسر لاڻي هن کي ساڙي کار ٺاهين ٿا ۽ ڀاڄيءَ طور به ڪم اچي ٿو.

لاڻو ڪلراٺي زمين ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ گاهه جو قسم آهي جيڪو اڪثر اٺ چاري طور استعمال ٿئي ٿو. اميلاڻي جو لاڳاپو به انهيءَ ٻوٽي/گاهه سان آهي. جنهن جي ڪري هن علائقي جو نالو اميلاڻو مشهور ٿيو آهي يا ته هي اميراڻو معنيٰ شاهاڻو، اميرن وارو علائقو رهيو هجي. جيڪو بعد ۾ ”ر“ ۽ ”ل“ ۾ بدلجڻ ڪري اميراڻو مان اميلاڻو ٿيو هجي.

هي ديهه تپي درساڻي ڇني، تعلقي ڪراچي، يونين ڪائونسل درساڻي ڇني ۽ گڏاپ ٽائون ۾ آهي.

(74) ديهه چوهڙ:

لنڪ روڊ کان اسٽيل مل ڏانهن ويندي ملير نئين کان سڪڻ نئين تائين ٻنهي پاسي هن ديهه جون حدون آهن. هي زرعي علائقو آهي پر هاڻي هتي هيلٿ سٽي قائم ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. هتان جي زميندارن ۽ ڳوٺاڻن کي لڏائڻ جا نوٽيس ڏنا ويا آهن. نيسلي ملڪ پلانٽ لنڪ روڊ تي انهيءَ ديهه ۾ هو. جنهن کي ڪورٽ جي نوٽيس وسيلي بند ڪيو ويو آهي. سنڌ مدرسا بورڊ جو قائداعظم پبلڪ اسڪول ۽ ڪاليج به انهيءَ ديهه ۾ آهن.

چوهڙ ماڻهو جو نالو آهي جنهن جي نالي پويان هن ديهه جو نالو ”چوهڙ“ رکيو ويو آهي. هي ديهه تپي درساڻي ڇني تعلقي ڪراچي، يونين ڪائونسل درساڻي ڇني گڏاپ ٽائون ۾ آهي.

هن ديهه مان ڳوٺ حسين بلوچ کان اڳيان ملير نئين مان هڪ ڪسي درساڻي ڇني، کاکڙ ۾ زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ کوٽي ويئي هئي. جيڪا ”ڪسي کيم چند واري“ جي نالي مشهور آهي. کيم چند اها ڪسي کوٽائي هئي. پراڻي ديهه واري نقشي ۾ اها ڪسي موجود آهي. هن ديهه جون حدون سڪڻ نئين تائين آهن. گهاري، ڌاٻيجي، آبدار کان هڪ پراڻو رستو هن ديهه مان گذري ڪاٺوڙ ۽ گڏاپ ڏانهن وڃي ٿو. جيڪو به ديهه جي نقشي ۾ موجود آهي. ڳوٺ رضا محمد جوکيو ۽ نواز علي جوکيو تائين هن ديهه جون حدون لڳن ٿيون. اوڀر پاسي آبدار واري ڍوري، ديهه آبدار هن ديهه کي الڳ ڪن ٿا. اها ڍوري آبدار جي جبلن مان وهي سڪڻ نئين  ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هن ديهه ۾ گهاڙي قبرون به آهن جيڪي نقشي ۾ به ڏيکاريل آهن.

(75) ديهه آبدار:

آب+دار معنيٰ پاڻي روڪڻ يا جهلڻ واري جاءِ. هتي ڪنهن دور ۾ جبلن کان لهي ايندڙ پاڻي کي روڪي تلاءُ يا کيٽ ٺاهيا ويا هئا. انهيءَ پاڻي روڪڻ ۽ جمع ٿيڻ کي بلوچي ۽ فارسي ۾ آبدار چيو ويندو آهي. جنهن جي ڪري ديهه جو نالو آبدار رکيو ويو آهي. سڪڻ نئين جيڪا ديهه آبدار ۽ ڊانڊو ديهه واري دنگ جي جبلن تان وهي اچي ٿي. جيڪو ٻنهي ديهن جو دنگ به آهي. ۽ اهو دنگ بن قاسم ۽ گڏاپ ٽائون ۾ آهي. هن ديهه جون حدون اوڀر پاسي ٺٽي ضلعي سان ملن ٿيون. هن ديهه ۾ آبدار ڍوري کانسواءِ، اُڀائي وارو ڍورو، کٽي وارو ڍورو به وهي اچي آبدار سان ملن ٿا.

(76) ديهه درساڻو ڇنو:

هي به هڪ پراڻو ماڳ آهي. هتي درس ڏيڻ وارن جا ڇنا (جهوپڙا) هوندا هئا. تنهنڪري هن کي درساڻو ڇنو معنيٰ درس ڏيڻ وارن جو ڇنو چيو ويندو هو. جنهن جي ڪري هن ديهه جو نالو به اهو ئي رکيو ويو. آهي درس ڏيڻ وارا اڄ به درس سڏائين ٿا ۽ هتي رهن ٿا. هتي سيد يوسف شاهه جي درگاهه لڳ جوکين ۽ ٻروچن جو قديمي قبرستان موجود آهي. پهرئين هي ديهه يونين ڪائونسل ڪونڪر جو حصو هو. هاڻوڪي نظام ۾ هن کي درساڻي ڇني يونين ڪائونسل ۾ شامل ڪيو ويو آهي. درساڻو ڇنو تپو به آهي جيڪو تعلقي ڪراچي ۾ آهي. هي ديهه اتر اولهه پاسي ملير نئين سان، اولهه ڏکڻ پاسي سڪڻ نئين سان ملي ٿو. انهن ٻنهي نئين جي وچ۾ هئڻ ڪري هتي زراعت ڪئي ويندي آهي. زراعت لاءِ پاڻي کوهن وسيلي حاصل ڪيو ويندو آهي.

(77) ديهه ملهه:

ميمڻ ڳوٺ وارو پورو علائقو انهيءَ ديهه ۾ آهي هن ديهه جون حدون اوڀر پاسي ملير نئين سان ۽ اولهه پاسي ٿڌي نئين سان ملن ٿيون. ڏکڻ پاسي ديهه ٿاڻو، اتر پاسي ديهه کَرکُري جون حدون ملن ٿيون. ملهه ڪوهستاني واري علائقي ۾ ملهه پهلوان کانسواءِ، پاڻي کڻي وڃڻ واري هٿراڌو ننڍي واهه کي به ”ملهه“ چيو وڃي ٿو. ٻهراڙيءَ جو اهم واپاري مرڪز ”ميمڻ ڳوٺ“ هن ديهه ۾ آهي. هي ديهه يونين ڪائونسل ”مراد ميمڻ“ گڏاپ ٽائون ۾ آهي. ديهه تپي ڪونڪر ۽ تعلقي ڪراچي ۾ آهي. گڏاپ ٽائون جي آفيس، ڪراچي ٻهراڙيءَ جي پهرئين ڊگري ڪاليج مراد ميمڻ“ گڏاپ ٽائون ۾ آهي. ديهه تپي ڪونڪر ۽ تعلقي ڪراچي ۾ آهي. گڏاپ  ٽائون جي آفيس، ڪراچي ٻهراڙيءَ جي پهرئين ڊگري ڪاليج مراد ميمڻ ڊگري سائنس ۽ ڪامرس ڪاليج، سيڪنڊري اسڪول مراد ميمڻ (جتان مون ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو هو) سگا پاران ٺهندڙ انڊسٽريل زون، گڏاپ ٿاڻو (هاڻي ميمڻ ڳوٺ ٿاڻو) ٽيليفون ايڪسچينج هن ديهه ۾ آهن. ڪراچي جي ٻهراڙي ۽ ٺٽي لاءِ هتان گاڏيون نڪرن ٿيون. ڄام آف ملير ڄام مراد علي خان جو ڳوٺ به انهيءَ ديهه ۾ آهي. ڄام مراد علي جوکين جو سردار آهي جنهن جو گهر به هتي آهي.

(78) ديهه ٿاڻو:

انگريزن جي دور جي پراڻي ٿاڻي (اولڊ ٿاڻو) ڪري هن ديهه جو نالو ٿاڻو رکيو ويو. هن کي ”حشر پڙهه“ بلوچي ۾ ”داسيرو پڙهه“ به چيو ويندو آهي. مهر علي شاهه مست بخاري جو مزار به هتي آهي. جنهن جي پاسي ۾ عاشوري ۾ گڏ ٿي، پٽڻ واري هنڌ کي ”حشر پڙ“ چيو وڃي ٿو. هن ديهه جون حدون ڪراچي ايئر پورٽ تائين وڃن ٿيون. ملير ٽائون پورو انهيءَ ديهه ۾ آهي. 1975ع کانپوءِ ٿڌي نئين جي ساڄي ڪپ وارو علائقو ماڊل ڪالوني تئين ٻئي پاسي ڪراچي ڪوٽڙي دائود ڳوٺ، دلبود ڳوٺ، بچل ڳوٺ، غريب آباد، مولرام ڪمپائونڊ، ملير مندر، باون شاهه، دلبود جو تاريخي قبرستان، ماڊل ڪالوني سڀ هن ديهه ۾ آهن. جيڪو پورو زرعي علائقو هو پر هتي ورهاڱي کانپوءِ ايندڙ مهاجرن جي وڏي تعداد کي آباد ڪيو ويو. هاڻوڪي بلدياتي نظام ۾ ملير ٽائون مڪمل انهيءَ جي هڪ حصي تي قائم ڪيو ويو آهي. ٿڌيءَ نئين جي کاٻي ڪنڌي وارو حصو ٻهراڙيءَ ۾ شامل ڪري اولڊ ٿاڻو يونين ڪائونسل جوڙيو ويو هو ۽ 2001 واري نئين بلدياتي نظام ۾ اولڊ ٿاڻي يونين ڪائونسل کي ختم ڪري نئين ٺهندڙ يونين ڪائونسل مراد ميمڻ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هي ٻهراڙيءَ جي سياست جو اهم مرڪز آهي. بلوچستان جي قوم پرست پارٽين کان وٺي سنڌ جي قوم پرست پارٽين، وفاق پرست پارٽين، اسلامي پارٽين جا يونٽ هتي موجود آهن. هن کي ٻهراڙيءَ جو ”پينٽاگان“ چيو وڃي ٿو. هي ڪنهن دور ۾ مڪمل زرعي علائقو هو پر ريتي بجري مافيا هن علائقي کي تباهه ڪيو. اڃان به ٿوري گهڻي زراعت ٿيندي آهي. ملير ۽ ٿڌي جي ڪناري هئڻ ڪري اصل ملير هي علائقو آهي. جتي جا شاهي باغ مشهور هئا جتي واندڪائي نه هئي ڪم ڪار گهڻو هو ته سياست به نه هئي. جڏهن سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو ته واندڪائي ٿي جنهن سياست کي جنم ڏنو. هي ديهه تپي ملير، تعلقي ڪراچي ۾ آهي. ملير نئين تي ٺهندڙ هٿراڌو ڍنڍ  انهيءَ ديهه ۾ آهي.

(79) ديهه ڪوٽيرڙو:

هن ديهه کانپوءِ جن به ديهن جو احوال ايندو اهي سڀ هاڻوڪي بلدياتي نظام هيٺ بن قاسم ٽائون ۾ آهن. 14 آگسٽ 2001ع کان اڳ ۾ اهي ديهون ضلعي ڪائونسل ڪراچي ضلعي ملير ۾ هيون. گهگهر ڏانهن ويندي لنڪ روڊ تي سڪڻ نئين کانپوءِ ٻنهي پاسي ديهه ڪوٽيرڙي جون حدون لڳن ٿيون. هتي جابلو ۽ ميداني علائقا آهن. واٽر ۽ سيوريج بورڊ جو فلٽر پلانٽ ۽ ڪالوني هن ديهه ۾ آهن.

اڳ ۾ ڪتاب جي ڪوهستان واري باب ۾ لکي آيو آهيان ته جابلو تر جا رهاڪو پنهنجن قديم جاين، ماڳن ۽ اهڃاڻن کي جيڪي ڪنهن سڃاڻپ ۾ نه اچن انهن کي ”ڪوٽيرڙو“ يا ”ڪوٽيڙو“ سڏيندا آهن. هي ماڳ به ماضي ۾ اهڙن اهڃاڻن ڪري مشهور هو تنهنڪري هن کي به ڪوٽيرڙو چيو ويو ۽ پوءِ ديهه جو نالو به انهيءَ لاڳاپي سان رکيو ويو. هي ديهه تپي درساڻي ڇني تعلقي ڪراچي ۾ آهي.

(80) ديهه جوريجي:

گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون وارا علائقا انهيءَ ديهه ۾ اچن ٿا. گلشن حديد بن قاسم ٽائون ۾ يونين ڪائونسل به آهي. هن گلشن جو نالو جيڪڏهن جوريجي هجي ها ته قيامت نه اچي ها. حديد واري اوپري نالي کان جوريجي ۾ ڪيتري نه پنهنجائپ آهي. پر منصوبا سازن کي خبر هئي ته هتي اوپرا ماڻهو ايندا، انهن کي جوريجي وارو نالو هضم ٿئي يا نه ٿئي. جنهن جي ڪري اڳ ۾ انهن ان جو نالو گلشن حديد رکيو. پر يونين ڪائونسل جو نالو ته جوريجي هجڻ گهرجي ها جنهن مان قدامت جو اندازو ٿئي ٿو.

جهور جو وڻ

 گهاري ڏانهن ويندي کاٻي هٿ تي لنڪ روڊ کان اڳتي ملير ڊيولپمينٽ جي نيو ملير هائوسنگ اسڪيم جو گهڻو حصو به هن ديهه ۾ اچي ٿو. ڏکڻ پاسي ڪراچي ڪوٽڙي ريلوي لائين جي دنگ تائين هن جون حدون آهن. هن علائقي ۾ جهور جو وڻ گهڻي تعداد ۾ ٿيندو هو. جنهن جي ڪري هن علائقي جو نالو جهوريجي معنيٰ جهورن جي، جهورن واري پيو. جيڪو بعد ۾ بگڙجي جهوريجي مان جوريجي ٿيو. جهورن جي هن علائقي سان جتي هتان جي مالوند ماڻهو جا مال چرندا هئا، اٺن جا وڳ هلندا هئا هاڻي ته جَورُ (ظلم- انڌير) ڪيو ويو آهي. هي علائقو قديمي ماڻهن کان کسجي ڦرجي چڪو آهي.

(81) ديهه کاکڙ:

هي ديهه تپي لانڍي تعلقي ڪراچي ۽ يونين ڪائونسل لانڍي بن قاسم ٽائون ۾ آهي. درساڻي ڇني کانپوءِ ملير نئين ۽ سڪڻ نئين وارو علائقو هن ديهه ۾ آهي. هي زرعي علائقو آهي. کاکڙ نالي تعلقي بدين ۾ هڪ ديهه ۽ ڳوٺ جو به نالو آهي. کاکڙ ”ڙ“ تي پيش سان جامع سنڌي لغات ۾ معنيٰ تيل ۾ تريل وڏو گول ٿيل پاپڙ يا کينچو ڏنل آهي. هتان جي جهونن جو چوڻ آهي هي علائقو ملير ۽ سڪڻ جو پيٽ ۾ هو جيڪو پوءِ ٻنهي ندين جي هٽڻ ڪري ظاهر ٿيو. انهيءَ ظاهر ٿيل زمين کي ”کاکڙ“ چيو وڃي ٿو. جنهن جي ڪري ديهه جو نالو به ”کاکڙ“ رکيو ويو.

(82) ديهه کانٽو:

هي ديهه به تپي لانڍي، تعلقي لانڍي ۽ يونين ڪائونسل لانڍي بن قاسم ٽائون ۾ آهي. هن ديهه ۾ وڏين آبادين وارا ڳوٺ آهن. ڪنهن وقت ۾ هي زرعي علائقو هو پر هاڻي فيڪٽرين ۽ ننڍن مارڪيٽن ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي. هتي رهائشي اسڪيمون ۽ ڪچيون آباديون ٺهي رهيون آهن. نيشنل هاءِ وي جي لانڍي کانپوءِ ٻنهي پاسي اسٽيل ٽائون شپ کان پهرئين تائين وارو علائقو هن ديهه ۾ اچي ٿو. ڪراچي کان ڪوٽڙي ڏانهن ويندڙ ريلوي لائين تي ٽيهر واري موري ديهه ٻاڪراڻ ۽ ديهه کانٽو جي دنگ تي آهي. ٽيهر ڍورو، ٻاڪراڻ ۽ ديهه ڱانڱياري کي ڌار ڪري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. اهو ڍورو جوريجي مان وهي وڃي ٿو. کانٽي ديهه جو ڪجهه حصو ريلوي لائين جي پار به آهي. جيڪو بن قاسم ٽائون جي نئين ٺهندڙ يونين ڪائونسل ڪيٽل ڪالوني ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

کانٽي واري ڪسي جي ڪري هن ديهه جو نالو کانٽو رکيو ويو آهي. سڪڻ مان نڪتل اها ڪسي کانٽي ۽ لانڍي تائين پاڻي کڻي وڃڻ ۽ زراعت لاءِ ڪم ايندي هئي. کانٽو، ڪسي، بند، ڍوري، کڏ يا کوٻي کي چيو ويندو آهي. زمين کي کانٽي ڪرڻ، چيرڻ، ڪسي ڪڍڻ، واهه ڪڍڻ وارن لفظن ۾ استعمال ٿئي ٿو.

ضلعي لسٻيلي ۾ کانٽو ۽ پورالي نئين گڏجي ٽٽياڻ جو ڍورو ٿين ٿا. جيڪا اٿل ۽ لياري جي وچ تي آهي. هن کانسواءِ کانٽو نالي ديهه تعلقي جاتي ۾ به آهي. بدين ضلعي جي انهيءَ ديهه تي اهو نالو هڪ کاري ڍنڍ جي ڪري پيو آهي. هتي وڏي کڏ هوندو هئي جنهن کي کانٽو چيو ويندو آهي. سمنڊ جي کاري پاڻي جي ڀرجڻ سان هتي ڍنڍ ٺهي پيو جنهن جي ڪري هن کي ”کانٽو ڍنڍ“ ۽ علائقي کي ديهه کانٽو چيو ويندو آهي.

بن قاسم ٽائون، پوليس ٽريننگ سينٽر، رزاق آباد، شاهه لطيف ٽائون، ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون، نيشنل هاءِ وي تي تاريخي چوڪنڊي قبرستان، ملير ضلعي جيل، ٻارن جو جيل، درگاهه پير ڪوهي هن ديهه ۾ آهن.

(83) ديهه سنهڙو:

هي ديهه تپي لانڍي تعلقي ڪراچي يونين ڪائونسل لانڍي ۾ آهي. هي زرعي علائقو آهي ملير ۽ سڪڻ نئين جي ڪناري تي آهي حاجي شيدي ڳوٺ، ڄام ڪنڊو هن ديهه ۾ شامل آهي. سڪڻ نئين جو کاٻو پاسو لاشاري ڳوٺ کان، موسيٰ جوکيو ڳوٺ تائين وارو علائقو هن ديهه ۾ اچي ٿو. سنهي ليڪ وانگر هئڻ ڪري هن ديهه تي ”سنهڙو“ نالو رکيو ويو. تعلقي ميرپور خاص، تعلقي سانگهڙ ۽ تعلقي گهوٽڪي ۾ به انهيءَ نالي سان ديهه موجود آهن.

(84) ديهه لانڍي:

لانڍي تپو به آهي جيڪو ڪراچي تعلقي ۾ آهي. يونين ڪائونسل لانڍي جنهن ۾ ديهه لانڍي جو گهڻو حصو شامل آهي. بن قاسم ٽائون ۾ آهي. لانڍي نالي سان ٽائون به آهي. لانڍي ديهه جون حدون گهاري ڏانهن ويندي ملير ريلوي پل جي ساڄي هٿ تائين ملير نئين جي کاٻي ڪپ جو ڪجهه علائقو دائود چورنگي تائين هن ديهه ۾ شامل آهي.

ريلوي لائين کان ڏکڻ پاسي وارو علائقو لانڍي ٽائون ۾ شامل آهي. قائدآباد، عمر ماروي ڳوٺ، لانڍي ريلوي اسٽيشن به هن ديهه ۾ شامل آهي. پر اهي علائقا بن قاسم جي نئين ٺهندڙ يونين ڪائونسل قائدآباد ۾ شامل آهن. هتي گلستان سينيما کانسواءِ اداڪار ڪمال ايراني جي ڀيڻ پاران ٺاهيل سينيما مهر، جيڪا هاڻي بند آهي کانسواءِ نرگس ۽ لالا زار سينيما به انهيءَ ديهه ۾ آهن. هن وقت نيشنل هاءِ وي جو کاٻو پاسو سڪڻ تائين خالي هو فقط هتي ونگي تي ٻه ڳوٺ هئا. آل ون فيڪٽري وٽان جيڪو رستو سڪڻ نئين تي پل پار ڪري لانڍي جي ڳوٺن ڏانهن وڃي ٿو. نظر محمد صالح محمد، فقير محمد، ڪلري ٻيا ڪيترائي ڳوٺ هن ديهه ۾ شامل آهن. ڪلري ۽ ٻيلي وارو علائقو زراعت ڪري ۽ خوبصورت باغن ڪري اڄ به مشهور آهي. هاڻي سڪڻ نئين جي ٻنهي ڪنارن تي پير سرهندي ڳوٺ تائين غير قانوني قائم ٿيندڙ فيڪٽريون لڳي رهيون آهن. هتي ڪچين آبادين کانسواءِ قديم ڳوٺ به آهن. پاڪستان جو مشهور فلم اداڪار ڪمال ايراني مرحوم به انهيءَ ديهه ۾ رهندو هو. جتي ان جو خاندان اڄ به رهائش پذير آهي.

گهاري ڏانهن ويندي ڪلهوڙن جي دور کان بعد ۾ انگريزن جي دور تائين هتي جمعدار جي لانڍي هئي. جنهن جو احوال رچرڊ برٽن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ڏکويل ماٿري“ جنهن جو ترجمو عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي. جنهن جو ذڪر هن ريت ڏنو آهي.

”هي جمعدار جي لانڍي آهي. ڏکڻ سنڌ ۾ هي مثالي ڳوٺ آهي، هتي پاڻي لاءِ کوهه موجود آهن. کاڌي پيتي ۽ ٻين شين جي گهرج آهر پورائي لاءِ ٻه چار هٽ آهن. ٻه ٽي لانڍيون آهن. جن مٿان ڇانو جي مقصد لاءِ تڏا توئنريون وڇايون ويون آهن. هتي اناج، مٺايون، سايون ڀاڄيون ۽ گيهه جام ملي ٿو. ان کانپوءِ ڪچن گهرن جي هڪ وڏي  قطار آهي. جن مٿان ڪک پن، تڏا ۽ توئنريون رکي مڙئي مٿي ڇانو ڪئي وئي آهي.“

هي سفر رچرڊ برٽن 1843ع يا 1844ع ۾ ڪيو هو. جمعدار جي لانڍي سڪڻ نئين جي ڪنڌي تي ملير ڊسٽرڪٽ جيل کان ٿورو پهرئين هاڻوڪي الله ڏني پنهور جي ڳوٺ جي ويجهو هئي. هيءَ ڪراچي (دڙٻو) ۽ هن کان اڳتي فارس، عراق ۽ مصر ڏانهن ۽ هتان هندستان، پنجاب وڃڻ وارن لاءِ ڪجهه ساهي پٽڻ، رات گذارڻ جي جاءِ هئي. گهاري، ٺٽي ۽ بدين کان به ماڻهو دڙٻي بندر وڃڻ لاءِ هتي ڪجهه وقت آرام ڪري پوءِ اڳتي ويندا هئا.

يونين ڪائونسل لانڍي ۾ پوري ديهه ڪونهي 70% سيڪڙو حصو لانڍي يونين ڪائونسل ۾ آهي. باقي شهري علائقي ۾ شامل آهي.

قائدآباد جي پوئين پاسي ملير نئين مان هڪ ونگي رئيس بچل خان جي هئي. جنهن سان ملير نئين جي ڪناري وارو علائقو ديهه شرابي (شرافي) تائين آباد ڪندو هو. مقامي ماڻهن وٽ اهو علائقو اڄ به ونگي وارو علائقو مشهور آهي. هاڻي اهو گٽر نالي ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. دائود مل جيڪا پهرئين مل هتي لڳائي وئي ته سرحد جا پٺاڻ مزدوري لاءِ هتي آيا ۽ هي پورو علائقو انهن جي اڪثريتي علائقي ۾ تبديل ٿي ويو.

(85) ديهه ڊانڊو:

هي جابلو علائقو آهي سڪڻ جي ساڄي ڪناري تي قائم آهي. هن ديهه جي اوڀر پاسي ٺٽي ضلعي جون حدون ملن ٿيون. سمندري بابا جي درگاهه ۽ پاڪ لينڊ سيمينٽ فريڪٽري هن ديهه ۾ آهن. هن ديهه جو ڪجهه حصو لنڪ روڊ سان فوجين کي الاٽ ڪيو ويو آهي جتي ٽريننگ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي. اهي زمينون هتان جي ڳوٺاڻن جون هيون. هتي گهڻو ڪري سالار جوکين جا ڳوٺ ۽ انهن جون زمينون آهن. سڪڻ نئين واري ڪناري زراعت ڪئي ويندي آهي. هي ديهه يونين ڪائونسل گهگهر، بن قاسم ٽائون ۾ آهي، تپي درساڻي ڇني ۽ تعلقي ڪراچي ۾ آهي.

ڊانڊو لاڙ ۽ ڪوهستان ۾ جهُڪيل، پوڙهي ۽ ڪمزور ڍور کي چوندا آهن. ڀڳل دلي ۽ ڀانڊي کي به ڊانڊو چيو ويندو آهي. هتي ٽڪرين ۽ جبل ۾ ڀانڊا (ڦٽل غار) گهڻا هوندا هئا تنهنڪري هن علائقي کي ڊانڊو چيو ويو، پوءِ انهيءَ نالي سان مشهور ٿيو.

(86) ديهه گهگهر:

هن ديهه جون حدون پاڪ لينڊ سيمينٽ فيڪٽري کان شروع ٿي سمنڊ تائين وڃن ٿيون. گهگهر نئين ديهه گهگهر ۽ ڌاٻيجي جي دنگ تان وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سسئي پل کانپوءِ ٺٽي ڏانهن ويندي پهرئين جيڪا نئين اچي ٿي اها گهگهر نئين آهي. گهگهر نئين ”ڳوٺ مورند“ لڳ ٻن حصن ۾ ورهائجي ٿي. هڪ حصي جو نالو وٽيجي نئين ۽ ٻئي حصي جو نالو گهگهر نئين آهي. وٽيجي لڳ ٻيهر هڪ ٿي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. هن کان پوءِ ٺٽي ضلعي جون حدون شروع ٿين ٿيون. هن ديهه ۾ ڀووا جيڪا ڪرمتي قبيلي جي شاخ آهي ۽ گبول گهڻا رهن ٿا. هتان جون زمينون پورٽ قاسم جي نالي تي حاصل ڪري مقامي ماڻهن کي هتان بيدخل ڪيو ويو ۽ هاڻي پورٽ قاسم پاران اهي زمينون ڳري اگهه تي فيڪٽري وارن کي الاٽ ڪيون پيون وڃن. جنهن سان هتان جا ماڻهو جيڪي انهن زمينن تي ٻني بارو ڪري، مال ڌاري گذر سفر ڪندا هئا بيروزگار ٿي ويا آهن. هي جابلو علائقو آهي. گهُگهُر جهجي تعداد ۾ هئڻ ڪري هن علائقي کي گهُگهُر چيو ويو جيڪو بعد ۾ بگڙجي گهَگهَر ٿي ويو. گهگهر يونين ڪائونسل به آهي ۽ بن قاسم ٽائون ۾ آهي. هي تپي درساڻي ڇني تعلقي ڪراچي ۾ آهي. هاڻوڪي بلدياتي نظام کان اڳ هي درساڻي ڇني يونين ڪائونسل ۾ شامل هو.

(87) ديهه ڌاٻيجي:

ڌاٻيجي يونين ڪائونسل ٺٽي ۾ آهي. پر ديهه ڌاٻيجي کي 1963ع کانپوءِ ڪراچي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ٺٽي ضلعي ٺهڻ کان اڳ هيءَ ڪراچي تعلقي ۾ هئي. هي جابلو علائقو آهي. گهگهر کانپوءِ ڌاٻيجي شهر کان ٿورو اڳتي تائين ريلوي لائين جي کاٻي پاسي وارو علائقو هن ديهه ۾ شامل آهي. ديهه جي اوڀر اتر پاسي ٺٽي ضلعي جون حدون لڳن ٿيون. اولهه پاسي ديهه گهگهر آهي. هي ديهه يونين ڪائونسل گهگهر، بن قاسم ٽائون، تپي درساڻي تعلقي ڪراچي ۾ آهي. ڌاٻ لاڙ ۽ ڪوهستان ۾ ڦٽل کڏ ۽ کوهه کي چيو ويندو آهي. ڌاٻ جي معنيٰ ڦٽل کوهه يا ڦٽل کڏ واري جاءِ آهي. ڌاٻو ڪرڻ، منزل ڪرڻ ۽ ساهي کڻڻ کي به چيو ويندو آهي. ڌاٻو ڏيڻ، دٻاءُ وجهڻ ۽ دڙڪو ڏيڻ کي به چيو ويندو آهي پر هن جاءِ تي اهو نالو ”ڌاٻ“ ڦٽل کڏ، کوهه جي ڪري پيو آهي.

(88) ديهه پپري:

هن ديهه جو گهڻو حصو پورٽ قاسم ۾ هليو ويو آهي. جنهن جي ڪري هتان ڳوٺاڻن کي اٿاريو ويو آهي. هي ديهه يونين ڪائونسل گهگهر، بن قاسم ٽائون، تپي درساڻي ڇني ۽ تعلقي ڪراچي ۾ آهي. ريلوي لائين کان سمنڊ ڪناري تائين هن جون حدون آهن. پپري جي نالي جي حوالي سان ٻه روايتون مشهور آهن. جن مان هڪ اهو ته پپري ڍوري ۾ پپر جي وڻن جي گهڻي تعداد ۾ هئڻ ڪري هن کي پپري چيو ويو. هن جو پراڻو نالو تاريخ ۾ پپر آهي. جيڪو بعد ۾ بگڙجي پپري ٿيو آهي.

ٻي روايت هي ته پپر خان گبول جي ڪري هن تي نالو پپري پيو آهي. هن پپر خان گبول جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي مرتب ڪيل ڪتاب جنگ ناما ۾ به آيل آهي. ڪلهوڙن جي لشڪر جڏهن ڪلمتين تي چڙهائي ڪئي ته ڪلمتين سان سندس ڀائر راج گبول ۽ ٻيا گڏ هئا. ڪلهوڙن پاران ڪلمتين جي ملڪ تي ساليانو ٽيهه گورا ٻڌا ته اُهي ڏين. بعد ۾ جڏهن غلام شاهه حڪمران ٿيو ته هن پنجاهه روپيا گوري جي حساب سان گهريا. اُن وقت گوري جو ملهه ڏهه روپيا هو، سو ڪلمتين قبول نه ڪيو ۽ بنا ماني کائڻ جي ڪلهوڙن جي ڪچهريءَ مان اُٿي آيا. انهيءَ تي ڪلهوڙن لسٻيلي جي حاڪم ملڪ پاهڙ خان ڏانهن مصلحت لاءِ لکيو. پاهڙ خان چيو ته ”انهن تي ڪٽڪ چاڙهي ختم ڪريو.“ پوءِ خداآباد مان 18 هزار جو ڪٽڪ چڙهيو. انهن ملير تي چڙهائي ڪئي. ان وقت ملير ڪلمتين جو مرڪز هو. هن جنگ ۾ ملير جي ٻين قومن به ڪلمتين جو ساٿ ڏنو. شاعر ٿوهر گڊي همٿ وڌائڻ لاءِ بيت چيا، هن جنگ ۾ پپر نالي هڪ گبول به حصو ورتو. جيڪو تازو پرڻيل هو. جيڪو جنگ ۾ مارجي ويو. هن جنگ ۾ ٻروچن جا گهڻا مڙس مارجي ويا پر ڪلهوڙن جي آڻ نه مڃيائون. شاعر ٿوهر گڊي هن واقعي تي بيت چيا انهن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا جن ۾ پپر جو نالو آيل آهي ڪلهوڙن جي لشڪر جو اڳواڻ جمالين جو سردار عالم خان هو ۽ ملير ۾ ڪلمتين جو سردار حيدر خان هو.

آئي ملهه ملير تان، ڪا گهل وڏي گهوڙن

سو ”حيدر“ نه چري توڙي لک مڙن

آئي ڀوئجي ڀڄڻا، اسين پڻ طعنا ڏيون کي تن

عهدي ”عالم خان“ سان، ڪئي جُلهه جمالين.

”پپر“ پرچائي ڪڍيو، اڳاٽو عهدين

تنهن گهوٽيي اوڇيا گهر مان، ٿا وڳا وير چون،

ٻاڳ، ٻڇيڙو، ٻانڌاڻو، ٻهڪو ڪيو ٻيڙن.

 

اها ڪمزور راويت آهي ڇاڪاڻ ته هن لڙائي وقت ۽ هن کان گهڻو اڳ هن علائقي جو نالو ”پپر“ يا پپري هو. پپري تي اهو نالو پپر جي وڻ جي جهجهي تعداد هئڻ ڪري پيو. پپري معنيٰ پپر وارو علائقو پپري ڍورو ۽ کاري وارو ڍورو، کاري ڊهي وارو پٽ به انهي ديهه ۾ آهن، جتي هوڙن بيهارڻ جو مياڻ هو. هن ديهه ۾ به جبل ۽ ٽڪريون آهن. هن جي ڏکڻ پاسي سامونڊي علائقو آهي. جتي شاهه حسن جي درگاهه سمنڊ ڪناري آهي. جنهن لڳ اسٽيل مل جي رشين (روسين) جي اچڻ ڪري رشين بيچ چيو ويو. هتي هاڻي فيڪٽريون ٺهي ويون آهن. شاهه حسن لڳ کاري واري ڍوري تي چوڪنڊي طرز جو قديمي قبرستان آهي جنهن تي خوبصورت چٽسالي ٿيل آهي. پر فيڪٽرين جي وچ۾ اچڻ ڪري ڪنهن به وقت ان کي ختم ڪيو ويندو انهن ماڻهن وٽ تاريخ کان وڌيڪ زمين جي قيمت آهي. ڇاڪاڻ ته تاريخ انهن ماڻهن جي ڪانهي ۽ بدقسمتي سان اها تاريخ اسان جي آهي. انهيءَ چوڪنڊي جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته مباڪاڻي گبولن جو وڏو حاجي نالي هو انهن جو گڊرو (گڊو) ملير نالي سو به ڏاڍو مڙس هو. ڪنهن ڳالهه تان انهن ۾ جهيڙو ٿي پيو. گبول ملير جون مينهون ڪڍي ڪاهي ويا. ملير ست مڙس چونڊ ڪري واهر لاءِ پويان نڪتو. کاري واري ڍوري لڳ شاهه حسن درگاهه جي سامهون کاري جو ڍورو ۽ کاري واريون ڀٽون آهن. هتي گبولن تي ڪڙ ڪيا. ملير ۽ حاجي سميت ٻنهي پاسن جا 10 مڙس مارجي ويا. اهي قبرون انهن جون آهن. جنهن تي هاشم گڊري جيڪي بيت چيا انهن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا.

وڃيو مير ملير مان، حاجي مينهون ڪاهي

جن مينهن مان منگهيو. ڏُڌيون، تن ساريون ٿي سعيي

پيئڻ پر وجو پير تي چُريا گڊرا رند رمائي

پٽ ندو پيءَ ملير، ڳائوٺي ڳالهائي.

ôô

ملير ميهي سانهه جئن آيو هاٿنگ حاجيءَ ڏي

سانهن سڱ اڙائيا، وڙهن واري ٿي

مانجهي ملير، مهٽيو وڌئين گڊرو راهه ڪري.

 

(89) ديهه ٻاڪراڻ:

هي ديهه مڪمل طور اسٽيل مل ۾ اچي ويو آهي. هتان 12 ڳوٺ جيڪي ڀئون (ڪلمتين جو پاڙو)، گبولن ۽ سيدن جا هئا اٿاريا ويا. هتي به شيخ محمد نالي تاريخي قبرستان هو. جنهن ۾ گهاڙي قبرون هيون چوڪنڊي طرز تي انهن تي خوبصورت چٽسالي ٿيل هئي. انهن کي بلڊوز ڪيو ويو. ٻاڪراڻ جون حدون هڪ پاسي سمنڊ سان ٻئي پاسي پراڻو رستو هن ديهه جي وچان نڪري پپري ڏانهن ويندو هو. ٻاڪراڻ نئين ديهه پپري ۽ ٻاڪراڻ کي الڳ ڪري ٿو. اڄ به سمنڊ لڳ تمرجا بچيل وڻ خوبصورت ڏيک ڏئي رهيا آهن. ٻاڪراڻ تي اهو نالو ٻاڪري مال جي هتي جهجهي تعداد ۾ هئڻ ڪري پيو. سٺن ڏينهن ۾ هتي ماڻهن وٽ ٻاڪرو، ڳائو مال جام هوندو هو. ڪوهستان ۽ جابلو علائقي ۽ ٻئي پاسي سمنڊ جي ڪناري هئڻ ڪري چارو گهڻو هوندو هو. ملير ڳاڙهي ڳئون به اصل انهيءَ علائقي جي پيداوار آهي. اڄ به هتان جي ماڻهن وٽ مال خاص ڪري ٻاڪرو مال گهڻو آهي. انهيءَ ٻاڪري مال جي گهڻي تعداد هئڻ ڪري هن علائقي جو نالو ”ٻاڪراڻ“ پيو.

ٻاڪراڻ ٻيڙا تن جي اصطلاع موجب اتر اڀرندي جي ڪنڊ کان لڳندڙ واءُ کي به چيو وڃي ٿو. هي ديهه تپي درساڻي ڇني، تعلقي ڪراچي ۽ بن قاسم ٽائون ۾ آهي.

(90) ديهه ڱانڱيارو:

ملير ڊسٽرڪٽ جيل کانپوءِ ساڄي هٿ تي ڪراچي ڪوٽڙي ريلوي لائين جي ساڄي پاسي کان سمنڊ تائين هن ديهه جون حدون لڳن ٿيون. ڀينس ڪالوني وارو پورو علائقو انهيءَ ديهه ۾ آهي، مشين ٽول فيڪٽري ۽ جمع حمائتي ڳوٺ ان ديهه ۾ آهن. هي ديهه تپي لانڍي، تعلقي ڪراچي، يونين ڪائونسل ريڙهي بن قاسم ٽائون ۾ آهي. 14 آگسٽ 2001ع کان اڳ هي لانڍي يونين ڪائونسل ضلعي ملير ۾ هو. ڱانڱياري ڍوري جي ڪري هن علائقي کي ڱانڱيارو چيو ويو آهي. اهو ڍورو رزاق آباد کانپوءِ ٽيهر ڍوري کان پهرين اچي ٿو ۽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ڀينس ڪالوني ڏانهن ويندي ريلوي ڦاٽڪ کي اڳ ۾ حمائتين جا در چيو ويندو هو. ماهيگيري سان واسطو رکندڙ جت بلوچن جو ڳوٺ لٺ بستي جيڪو سمنڊ ڪناري آهي. ديهه ريڙهي ۾ آهي. هن ديهه جي دنگ تي آهي. ديهه جي نقشي ۾ لٺ بستي ڳوٺ کان سمنڊ ڪناري ٻاڪراڻ ڏانهن ويندي ٻورو ڏنل آهي. ڱانڱياري ڍوري جي ويجهو هڪ ٽڪري به ڏنل آهي. گهاري جو پراڻو رستو، جمعدار جي لانڍي کانپوءِ حمائتي جي در ۽ جمع حمائتي ڳوٺ جي کاٻي پاسي کان نقشي ۾ موجود آهي جيڪو ڱانڱيارو ۽ ٽيهر ڍورو پار ڪري ٻاڪراڻ ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ هاڻوڪي اسٽيل مل، پورٽ قاسم کان سمنڊ جي ڪناري وڃي ٿو. ٽيهر وارو ڍورو جوريجي مان وهي اچي اسٽيل مل پار ڪري پورٽ قاسم لڳ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هاڻوڪو رستو ريلوي لائين جي کاٻي هٿ تي آهي. آلون فيڪٽري جي سامهون جيڪو رستو ريڙهي ڏانهن وڃي ٿو اهو به نقشي ۾ ڏيکاريل آهي. انهيءَ رستي هڪ گٽر نالي کي پار ڪبو جيڪو ”اڀراڻي ڪمل واري ڍوري“ هئي.

ڀينس ڪالوني ۽ مختلف فيڪٽرين ڪري هتي ڌارين جون ڪچيون آباديون گهڻيون ٺهي ويون. هن ديهه جو ڪجهه حصو جنهن ۾ ڀينس ڪالوني، مشين ٽول فيڪٽري، ليبر اسوائر کان دائود چورنگي تائين ريلوي لائين جي ڏکڻ پاسي يونين ڪائونسل ڪيٽل ڪالوني ۾ شامل ڪيو آهي. ڪيٽل ڪالوني يونين ڪائونسل به بن قاسم ٽائون ۾ شامل آهي.

غوث علي شاهه جڏهن سنڌ جو وڏو وزير هو ته ڱانڱياري ۾ آفيسرن، ريٽائر فوجين ۽ ڪامورن کي پولٽري ۽ ڊيري لاءِ زمينون ڀڳڙن مٺ تي الاٽ ڪيون ويون. هن علائقي ۾ اڄ به لينڊ مافيا زمين تي قبضو ڪرڻ وڏن پارٽين سان وڪڻڻ ۾ مصروف آهي. ريلوي جي زمين کان وٺي سمنڊ تائين پوري زمين انهن جي لپيٽ ۾ آهي.

ڱانڱيارو تي اهو نالو ڱانڱي جي ٻوٽي جي ڪري پيو. ڱانڱيارو ڍوري ۾ ڱانڱي ڍوري ۾ ڱانڱي جو ٻوٽو گهڻي تعداد ۾ هئڻ ڪري هن کي ڱانڱيارو چيو ويو معنيٰ ڱانڱي وارو. جنهن جي ڪري هي پورو علائقو ڱانڱيارو مشهور ٿيو. ڱانڱي ۾ هيڊي رنگ جون ڱانڱيون ٿين ٿيون جيڪي سوادي هجن ٿيون.

فيبروري 2007ع ۾ مون جڏهن سائين سلطان شاهه ساقي ڱانڱياري ڍوري جو دورو ڪيو ته باقي هن جو ڪجهه حصو بچيل هو جنهن مان فيڪٽرين  جي گٽر جو پاڻي وهي رهيو هو. اهو ڍورو جيڪو چوڪنڊي قبرستان واري ٽڪري تان وهي اچي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هن جو گهڻو حصو بند ڪري مٿي ڀرائي هن تي اڏاوتون شروع ڪيون ويون آهن. باقي سمنڊ پاسي ڪجهه حصو بچيل آهي. ڱانڱياري ديهه ۾ هڪ ٻيو ڍورو ”ليڙين وارو“ به آهي. هن کي ليڙين وارو هن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هنگلاچ ويندي جڏهن ياتري هتان گهاري ڪراچي واري پراڻي گس تان ويندا هئا ته انهيءَ ڍوري لڳ وڏن لئي ۽ پپر جي وڻن جي ڇانو هيٺ آرام ڪري اڳتي وڌندا هئا ۽ هتي وڻن تي مرادن پوري ٿيڻ لاءِ ڪپڙي جون ليڙون ٻڌندا هئا ۽ انهن ليڙن (ڪپڙن جي ٽڪرن) ڪري هن ڍوري جو نالو ليڙين وارو ڍورو مشهور ٿيو.

سمنڊ لڳ جتي ڱانڱيارو ڍورو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو کاٻي هٿ تي لئي جي وڻن جي جهڳٽي ۾ بابا ڪمال شاهه جي درگاهه آهي. جنهن جو مجاور واحد بخش بلوچ آهي. سمنڊ جو اهو حصو ڪناري ۾ جابلو سلسلي ۽ مٽي جي ڀٽن ڪري خوبصورت آهي. سمنڊ جي کاري پاڻي لڳ درگاهه جي کوهه ۾ پاڻي مٺو هو.

(91) ديهه ريڙهي:

هي ديهه تپي لانڍي تعلقي ڪراچي ۾ آهي ۽ يونين ڪائونسل به آهي. جيڪو بن قاسم ٽائون ۾ آهي. هن يونين ڪائونسل ۾ ديهه ريڙهي جو ڪجهه حصو ۽ ديهه ڱانڱياري جو ڪجهه حصو شامل ڪيو ويو آهي. ريڙهي سمنڊ ڪناري ماهيگيري جي قديمي وسندي آهي. هتي مڇي مياڻ به آهي. هي ديهه سمنڊ جي ڪناري ابراهيم حيدري تائين آهي. هن ديهه سان اوڀر پاسي ديهه ڱانڱيارو، اولهه پاسي ديهه شرابي (شرافي) جون حدون ملن ٿيون دائود چورنگي کان سڌو رستو جيڪو سمنڊ ڏانهن وڃي ٿو. هتي رستي تي لانڍي واري علائقي کانپوءِ ساڄي هٿ تي جيڪو فوجي علائقو ۽ ڱانڱياري جو ڪجهه علائقو ملائي يونين ڪائونسل مظفرآباد ٺاهي هن کي لانڍي ٽائون ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اڳتي علي بروهي ڳوٺ يونين ڪائونسل ريڙهي ۾ آهي.

ديهه/ريڙهي مياڻ ڳوٺ جو هڪ منظر

 

دائود چورنگي کان ريڙهي ڏانهن ويندي علي بروهي ڳوٺ کان پهرئين هڪ گٽر نالو اچي ٿو. اهو گٽر نالو نور محمد جي ڪسي آهي. جيڪا 1915ع واري ديهه ريڙهي جي نقشي ۾ به ڏنل آهي. انهيءَ ڪسي وسيلي نور محمد ۽ ڀڊو فارسي هتي زراعت ڪندا هئا ۽ ڪسي جو پاڻي اڳتي هلي ابراهيم حيدري ڳوٺ لڳ ڍوري ۾ ڪرندو هو. اڄ به انهيءَ ڪسي مان وهندڙ گٽر جي پاڻي تي زراعت ڪئي وڃي ٿي. سمنڊ ڪناري کان مٿي ٽڪري تي ديهه ريڙهي جي پوري علائقي ۾ هاڻي ڪچيون آباديون ٺهي ويون آهن. ڪجهه علائقي تي فيڪٽريون ٺهي ويون آهن.

سمنڊ جي ڪناري واري ڳوٺن کي پورٽ قاسم اٿارڻ لاءِ نوٽيس ڏنا آهن. پورٽ قاسم جي اها دعويٰ آهي ته ابراهيم حيدري ڳوٺ کان گهگهر تائين سامونڊي ڪنارو هن جي ملڪيت آهي. ريڙهي ۾ تاريخي مقام واڳو ڏر موجود آهي. واڳو ڏر ۽ ريڙهي جي پاسي جبلن مان اڄ به پاڻي جا چشما وهن ٿا. اڳ ۾ جڏهن هي علائقو صاف سٿرو هو، ملير مان نڪرندڙ ڪسيون/ ونگيون هن جي ويجهو وهي وينديون هيون ته انهن چشمن جو پاڻي صاف ۽ صحت بخش هو. هاڻي انهن ڍورن ۽ ڪسين ۾ گٽر جو پاڻي وهي ٿو ته انهن چشمن جو پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار ٿي ويو آهي. پر ڳوٺاڻا مجبور ٿي اهو استعمال ڪن ٿا. سلاٽر هائوس، سنڌ الڪيز، رتو ڪوٽ هن ديهه ۾ آهن. ريڙهي رتو ڪوٽ ۽ واڳو ڏر تي تفصيل ڪتاب جي ملير ۽ ڪراچي جي تاريخ وارن بابن ۾ ڏنل آهي. ريڙهي تي اهو نالو ڪيئن پيو. اها تحقيق طلب ڳالهه آهي. تاريخ ۾ ريڙهي بندر جو ذڪر ملي ٿو ۽ خيال اهو آهي ته اهو ئي ريڙهي مياڻ/ بندر ئي ريڙهي مياڻ آهي. جامع سنڌي لغات ۾ ريڙهي معنيٰ بانبڙو، سرڪو، گسرو ”ننڍي ٻار جو“، سرڻو، هڪ بيماري جو قسم ڏنل آهي. انهن لفظن سان ريڙهي مياڻ جو ڪو تعلق نظر نٿو اچي. البته ڪنهن به شيءِ جي ڪناري کي ”ريڙهه“ چئبو آهي. فروٽ جي سنهي ڦار کي به ”ريڙهه“ چئبو آهي. زمين جي پٽي، ڪپڙي جي لينگهه کي به ”ريڙهه“ چئبو آهي. هي به سمنڊ ڪناري ٻوري جي ڪڇ تي ريڙهي مياڻ کان هڪ پراڻو رستو جيڪو واڳو ڏر کان ديهه ڦهائي، ديهه ڊرگهه، ڳجهڙي، کاري لڪي کان ٿيندو، منگهي پير تائين وڃي ٿو. جن ديهه مان اهو رستو گذري ٿو سڀني ديهن جي پراڻي نقشي ۾ اهو ڏنل آهي. منگهو پير جي واڳو واري آستان جو ريڙهي جي واڳو ڏر سان پراڻو تعلق رهيو آهي. اها واٽ هن جي نشاني آهي.

(92) ديهه ابراهيم حيدري:

ديهه ابراهيم حيدري تپي لانڍي، تعلقي ڪراچي ۾ آهي. هي يونين ڪائونسل به آهي ۽ بن قاسم ٽائون ۾ شامل آهي. اها ڪراچي جي ماهيگيرن جي سڀ کان وڏي وسندي آهي. ٻن بزرگن ابراهيم شاهه ۽ حيدر شاهه جي ڪري هن ڳوٺ جو نالو ابراهيم حيدري پيو آهي. ابراهيم حيدري جو پراڻو ڳوٺ سنڌو جي ڇاڙ (ڪريڪ) تي آباد هو. سمنڊ ۾ اچڻ ڪري اها جاءِ ختم ٿي ويئي آهي. ديهه ڊهه ۽ ابراهيم حيدري کي نقشي ۾ جبل ابراهيم حيدري الڳ ڪري ٿو. پر هاڻي هن جبل جو وڏو حصو هتان جي بااثر ماڻهن ڪٽي، مٽي کڻائي هتي پلاٽنگ ڪري ماڻهن کي آباد ڪيو آهي. اسي واري ڏهاڪي ۾ ڳوٺ جي آس پاس خاص ڪري علي اڪبر شاهه ڳوٺ ۾ بنگالين کي ويهاريو ويو . جنهن جا نتيجا هاڻي ڳوٺ وارا ڀوڳي رهيا آهن. سمنڊ تي آهستي آهستي انهن جو ۽ افغانين جو ڪنٽرول  ٿيندو پيو وڃي. جن کي جيءُ ۾ جاءِ ڏيڻ، پئسا وٺي پلاٽ ڏيڻ وارا اسان جا پنهنجا ماڻهو هئا. هي ديهه سامونڊي ڪناري تي آهي. اتر پاسي ديهه ڦهائي، ديهه شرابي، اولهه پاسي ديهه ڊهه، اوڀر اتر پاسي ديهه ريڙهي جون حدون ملن ٿيون. ديهه جي هڪ حصي تي ڪورنگي ڪريڪ ڪنٽونمينٽ قائم آهي. حيدر شاهه جو مقبرو انهيءَ فوجي علائقي ۾ آهي.

اها آهي مختصر ڪٿا ڪراچي جي 92 ديهن جي، جن مان گهڻيون ديهون شهر ۾ اچي پنهنجو وجود وڃائي چڪيون آهن ۽ ٻيون تيزي سان شهري علائقن، ڪچين آبادين، فيڪٽرين، مختلف رهائشي، ترقياتي اسڪيمن کان سواءِ ڇانوڻين ۾ تبديل ٿي رهيون آهن. ڪو وقت ايندو جو ديهن جو وجود ختم ٿي ويندو. ڇاڪاڻ ته ديهون ڪراچي جي ٻهراڙي ۾ هيون ۽ ٻهراڙي جا اهڃاڻ آهن. ڪراچي ٻهراڙي ختم ڪري هڪ ضلعو ڪراچي ٺاهي انهن ديهن جي اهميت کي ختم ڪيو ويو آهي. انگريزن جي دور کان ڪراچي تعلقو جيڪو ديهن تي ٻڌل هو ٻهراڙي جو علائقو هو. جڏهن ته شهري علائقو جيڪو ميونسپلٽي ۽ ڇانوڻين تي ٻڌل هو هتي ڪوارٽرز هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org