سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 45

ڪراچي جي ديهن جي دنيا

 

1843ع ۾ قبضي کانپوءِ انگريز حڪومت ڪراچي سميت پوري سنڌ زمين جي سروي جو ڪم شروع ڪيو. سنڌ ۾ زمين کي ديهن، تپن، تعلقن، محالن ۾ ورهايو ويو. ان ڪم لاءِ الڳ ادارو ”روينيو کاتو“ جوڙيو ويو. جيڪو اڄ به قائم آهي. هن کاتي جو هيڊ ڪواٽر حيدرآباد ۾ آهي. هر ديهه لاءِ الڳ نقشو جوڙيو ويو، جنهن ۾ ڳوٺن، جبلن، ندين، نئين، ڍورن، گسن، پيچرن، لڪن، ڍنڍن، پراڻن ماڳن جي نشاندهي ڪئي ويئي. سروي ۾ سرڪاري زمينن جو الڳ ريڪارڊ جوڙيو ويو. هن ڪم لاءِ انگريز آفيسرن، سروي جي ماهر، تپيدارن، ڪوٺارن ۽ مقامي ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪيون. ان ڪم ۾ ڪيترا سال لڳي ويا. مختلف علائقن ۾ ڪئمپون لڳائي هي ڏکيو ڪم مڪمل ڪيو ويو. ڏکئي ڪم جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته انگريزن کانپوءِ هن جديد دور ۾ به رهيل علائقن جي سروي جو ڪم نه ڪيو ويو آهي.

اها پوري تاريخ آهي جنهن لاءِ هڪ الڳ ڪتاب لکڻ جي ضرورت آهي. ايڏي وڏي ڏکئي ڪم کانپوءِ اسان ان جي ريڪارڊ کي سنڀالي نه سگهياسين. 2006ع وارن برساتن ۾ حيدرآباد جي روينيو سروي آفيس ۾ رکيل ريڪارڊ واري ڪمري جي ڇت ڪرڻ سبب پورو ريڪارڊ جنهن ۾ نقشا، ان وقت جي عملدارن جون لکيل ڊائريون ۽ ٻيو ريڪارڊ موجود هو ضايع ٿي ويو. بچيل ريڪارڊ کي اڃا به بچائي هن تاريخ کي محفوظ ڪرڻ گهرجي. پر اهو ڪم ڪير ڪري؟ ايڏي وڏي ريڪارڊ جي ضايع ٿيڻ جي ذميداري ڪنهن جي آهي؟ حڪومتي ادارن سميت ڪنهن وٽ به ان جو جواب ڪونهي. جنهن جو وڏو سبب اسان کي پنهنجي تاريخ سان دلچسپي گهٽ هئڻ آهي.

ڪراچيءَ ۾ سروي جو ڪم 1880ع ۾ شروع ڪيو ويو. ان ڪم لاءِ ٻين عملدارن کانسواءِ ڪامريڊ نذير چنا جو ڏاڏو خان محمد چنا به شامل هو. جيڪو هن ڪم دوران آگسٽ 1899ع ۾ ڪراچي ۾ طاعون (مها مري) جي وبا جي ڪري گذاري ويو. ڪراچي ۾ سروي جو ڪم 1927ع تائين مڪمل ڪيو ويو. هاڻوڪي ڪراچي ۾ 92 ديهون ۽ 10 تپا آهن ۽ تعلقو فقط هڪ ”ڪراچي“ آهي. تپن جو تعداد پهرئين گهٽ هو پوءِ آهستي آهستي گهرج مطابق انهن ۾ واڌارو ڪيو ويو.

ڪراچي جي سروي آفيس ۾ ريڪارڊ جي اڻ هوند، پراڻن نقشن جي نه ملڻ ڪري به ڏکيائي ٿيندي رهي. انهن ديهن مان گهڻن جي اصل ڪاپي نه هئڻ ڪري. گهڻن نقشن کي روينيو کاتي پاران ٽريسنگ ڪري انهن ۾ هاڻوڪي حساب سان ڦيرڦار ڪيو ويو آهي. پر پوءِ به غنيمت آهي. سروي ۽ روينيو کاتي مان ريڪارڊ حاصل ڪرڻ، نقشا حاصل ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي. اها خبر انهن کي هوندي جنهن جو واسطو روينيو کاتي سان پيو هوندو.

انهن نقشن، ڪچهرين ۽ جهونن کان ورتل معلومات کانپوءِ انهن 92 ديهن متعلق معلومات ڏيڻ جي مون ڪوشش ڪئي آهي. هن بابت مواد ته تمام گهڻو آهي پر هتي انهن جو مختصر ذڪر ڪندس. ٽوٽل ديهون 92 آهن. ديهه لال بکر کي بعد ۾ ٻن حصن ۾ ورهائي لال بکر ديهه چڪ نمبر هڪ ۽ لال بکر ديهه چڪ ٻه ڪيو ويو آهي انهن مان گهڻيون ديهون ڪراچي شهر ۾ اچي پنهنجي نالي سميت گمنامي ۾ هليون ويون آهن. انهن نقشن ۽ هاڻوڪي شهر ۾ وڏي تبديلي نظر اچي ٿي. ديهون جيڪي ٻهراڙيءَ تي ٻڌل آهن. ڪراچي جي ٻهراڙي تيزي سان مختلف رهائشي ۽ ٻين حڪومتي اسڪيمن ۾ اچڻ ڪري پنهنجو وجود وڃائي رهي آهي. پهرئين انهن ديهن جو احوال ڏجي ٿو جيڪي شهر ۾ اچي چڪيون آهن ۽ جيڪي شهر ۾ گم ٿي رهيون آهن. انگريزن سروي کانپوءِ ٻهراڙي ۽ ميونسپلٽي کي الڳ ڪيو ويو. ترقياتي ڪمن لاءِ ميونسپلٽي جي حدن ۾ ”ڪراچي ميونسپلٽي“ ۽ ٻهراڙيءَ ۾ ”ڪراچي لوڪل بورڊ“ هوندو هو.

ڪراچي جون مشهور نديون ۽ ڍورا

 

ڪراچي ٻهراڙيءَ وارو هاڻوڪو علائقو تعلقي ڪراچي ۾ هوندو هو. ڪراچي ضلعي ۾ هاڻوڪو ٺٽو ضلعو، بدين ضلعي جو جاتي تعلقو، ڄام شورو ضلعو ۽ شروع ۾ دادو ضلعو شامل هئا.آگسٽ 1901ع ۾ ڪراچي ضلعي جي تعلقن دادو، جوهي، سيوهڻ ۽ شڪارپور جي ستن تعلقن کي ملائي نئون ضلعو لاڙڪاڻو ٺاهيو ويو. نون ضلعن جي ٺهڻ سان انهن جون حدون الڳ ٿينديون ويون. 1948ع ۾ ٺٽو ضلعو ٺاهيو ويو ته ڪراچيءَ جون 37 ديهون ٺٽي ۾ شامل ڪيون ويون. باقي 55 ديهون ڪراچي سميت وفاقي حڪومت جي حوالي ڪيون ويون. 1963ع ۾ ٻيهر 37 ديهون ڪراچي ضلعي ۾ شامل ڪيون ويون. ون يونٽ ختم ٿيڻ کانپوءِ اهي ديهون ڪراچي ٻهراڙيءَ ۾ شامل ڪري ضلعي ڪائونسل ڪراچي (ڪراچي لوڪل بورڊ) کي ٻيهر منظم ڪيو ويو.

ڪراچي ميونسپلٽي جون حدون ڪراچيءَ ڏانهن گهاري ٺٽي روڊ کان ايندي، هاڻوڪي ڪارساز کانپوءِ ملير / ٺٽو ناڪو هوندو هو. خيام سينيما سان لڳ لسرڙي لڪي واري علائقي کانپوءِ، ملير نئين جيڪا گسري وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. اهو دنگ هوندو هو اهڙي نموني گورا قبرستان کانپوءِ وارو علائقو ميونسپلٽي ۾ شامل هو. ٻئي پاسي ٽي هٽي پل کانپوءِ ميوه شاهه، پراڻو گوليمار، گٽر باغيچو، شير شاهه تائين ميونسپلٽي ۾ شامل هئا باقي حسن اسڪوائر لڳ ملڪ پلانٽ ۽ منو ڳوٺ ۽ پراڻي سبزي کانپوءِ ميونسپلٽي جون حدون شروع ٿينديون هيون. ميونسپلٽي وارو علائقو ڪوارٽرس ۾ ورهايل هو جڏهن ته ڪراچي تعلقو ديهن ۽ تپن تي ٻڌل هو انهن ديهن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو. پهرئين انهن ديهن جو ذڪر جيڪي شهري علائقي ۾ اچي چڪيون آهن.

ديهه کاري لڪي:

 ورهاڱي کان اڳ لالو کيٽ کان منگهو پير جي جابلو سلسلي جي دنگ تائين پوري علائقي جو نالو کارڙي لڪي/ کاري لڪي هو. جنهن جي ڪري 1915ع ۾ جڏهن هن علائقي جو سروي مڪمل ڪيو ويو ته هن علائقي کي ديهه کاري لڪي جو نالو ڏنو ويو. منگهي پير کان ڪراچي شهر ڏانهن ايندي سامهون هڪڙو جابلو سلسلو آهي جيڪو اورنگي کان اچي منگهي پير کان اڳيان سورجاڻي ڏانهن وڃي ٿو. جاويدان سيمنٽ فيڪٽري جي سامهون درگاهه کان ايندڙ رستي سان ملي ٿو. انهيءَ رستي تي جاويدان ڏانهن ويندي ڊاڊڪس فيڪٽري جيڪا کاٻي هٿ آهي. انهيءَ پاسي جابلو سلسلي ۾ هڪ پراڻو لڪ آهي. جنهن کي ”کاري لڪي“ چيو ويندو آهي. انهيءَ کاري لڪي جي ڪري ديهه جو نالو به کاري لڪي رکيو ويو آهي. هتي هڪ کاري پاڻي جو چشمو هوندو هو جنهن جي ڪري آس پاس جي پوري مٽي به کاري ٿي ويئي هئي. شروع کان وٺي اها روايت آهي ته جزام يا خارش جا مريض جيڪي منگهي پير جي مختلف نڪرندڙ قدرتي گرم پاڻي جي چشمن تي جڏهن وينجهڻ لاءِ ايندا هئا. ته انهيءَ لڪ واري چشمي لڳ کاري مٽي کڻي پنهنجي جسم تي لڳائي پوءِ منگهي پير تي گندرف وارن گرم چشمن تي وينجهڻ لاءِ ايندا هئا. گرم پاڻي ۾ گندرف جو مقدار گهڻو هوندو آهي. خارش ۽ جزام جا مريض چڱا ڀلا ٿيندا آهن. مقامي ماڻهو اڄ به اها روايت جاري رکندا اچن. اهو لڪ هاڻي بند ٿي چڪو آهي پر ان جا نشان موجود آهن. کاري چشمي واري کوٻن ۾ اڄ به پاڻي بيٺل هوندو آهي. هاڻي انهيءَ جابلو سلسلي کان اڳتي جتي نصرت ڀٽو ڪالوني آهي اهو رستو استعمال ڪيو وڃي ٿو. هاڻوڪو رستو اصل ۾ هڪ برساتي ڍورو هو جنهن جو پاڻي به کاري لڪي کان ايندڙ کارڙي ڍوري ۾ ويندو هو. هاڻي جبلن کي ڪٽي ويڪرو ڪري رستو ٺاهيو ويو آهي.

کاري لڪي منگهي پير کان ڳجهڙي، صفوران، ملير، ابراهيم حيدري، واڳو ڏر، ريڙهي ۽ لانڍي ڏانهن ويندڙ پراڻو لڪ آهي ۽ اهو گس قديمي گس آهي. اورنگي کان وٺي هن پوري جبل کي ڪٽي گهر ۽ فيڪٽريون ٺاهيون پيون وڃن. اورنگي، منگهو پير ۽ هلڪاڻي وارا علائقا جابلو علائقا آهن. گهڻا جبل جاويدان سيمينٽ فيڪٽري جي سيمينٽ ٺاهڻ جي نظر ٿي ويا. انهيءَ لڪ وٽان کارڙي ڍورو جيڪو ديهه کاري لڪي جي نقشي ۾ موجود آهي. هاڻي هن کي سوڙهو ڪري گٽر لائين ۾ بدلايو ويو آهي. اهو ڍورو نقشي مطابق موسي گڊي جي ڳوٺ وٽ اچي ڳجهڙي ڍوري ۾ ڇوڙ ڪندو هو. نقشي ۾ موسو گڊو ڳوٺ کانسواءِ کنڊو ڳوٺ، خواستي بروهي ڳوٺن ۽ انهن جي پاسي ۾ کوهن جا نشان به ڏنل آهن. انهن کوهن مان ڳوٺاڻا پاڻي حاصل ڪري زراعت ۽ پيئڻ لاءِ استعمال ڪندا هئا. اهي سڀ مالوند ماڻهو هئا.

ديهه کاري لڪي جون حدون هڪ پاسي انهيءَ جابلو سلسلي تائين هيون. ٻئي پاسي ڳجهڙو ڍورو ديهه جو دنگ هو. جيڪو اوڀر پاسي هو. ڍوري کانپوءِ ديهه ڳجهڙي جون حدون شروع ٿين ٿيون. اتر پاسي ديهه ٻٻراڻو، اولهه پاسي اورنگي ۽ ڏکڻ پاسي ميونسپلٽي جون حدون هيون.

ورهاڱي کانپوءِ هندستان مان آيل مهاجرن کي هتي وسايو ويو. لياقت علي خان 100 ڪوارٽر نالي رهائشي اسڪيم شروع ڪئي. جيڪا اڄ به انهيءَ نالي سان آهي ۽ ائين کاري لڪي، ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد ۽ ٻين علائقن ۾ تبديل  ٿي ويو. ديهه کاري لڪي جيڪو تپي منگهي پير ۽ تعلقي ڪراچي ۾ آهي هاڻي فقط روينيو جي ريڪارڊ ۾ ۽ چند جهونن جي دلين ۾ وڃي بچيو آهي.

(2) ديهه ٻٻراڻو:

هي ديهه تپي منگهي پير تعلقي ڪراچي ۾ آهي. هاڻوڪي نيو ڪراچي وارو پورو علائقو ۽ نارٿ ڪراچي جو ڪجهه حصو ڪنهن دور ۾ ٻٻراڻو نالي مشهور هو. ڳجهڙي ڍوري کانپوءِ لياري نئين جي ڪپ تي سورجاڻي تائين هن پٽ ۾ ٻٻر جو وڻ گهڻو هوندو هو. جنهن جي ڪري هن علائقي کي ٻٻراڻو معنيٰ ”ٻٻرن وارو“ چيو ويندو هو. انهيءَ نالي سان مشهور ٿيو ۽ پوءِ انهيءَ نالي سان ديهه جو نالو ڏنو ويو. ڳجهڙي جي ڪپ تي هي علائقو سورجاڻي، مهيو، گڏاپ شورينگ، موئيداڻ، ڪنڊ ۽ ڌريجي کان ايندڙ مالوند ماڻهن جو گس هوندو هو. خميسو بروهي ڳوٺ به انهيءَ ديهه ۾ آهي. ٻٻر هڪ ذات جو به نالو آهي. ٻٻر ماڻهو جو به نالو آهي. پکي جو هڪ قسم جيڪو پنهنجو آکيرو مرلي جي شڪل جهڙو ٺاهيندو آهي. هن کي به ٻَٻَرُ چئبو آهي. پر هن ديهه تي نالو ٻٻر وڻ جي جهجهي تعداد هئڻ ڪري رکيو ويو.

(3) اڪيواري/ اڪيواڙي:

هاڻوڪي حسن اسڪوائر، نيشنل اسٽيڊيم، شانتي نگر، محمد علي سوسائٽي ۽ طارق روڊ واري علائقي ۾ اڪ جام هوندا هئا. جنهن جي ڪري هي پورو علائقو اڪين واري، معنيٰ ”اڪن وارو پٽ“ مشهور هو. جيڪو بعد ۾ بگڙجي اڪيواري ۽ اڪيواڙي ٿيو.

هن ديهه جون حدون پراڻي سبزي منڊي جي سامهون هاڻوڪي الهلال هائوسنگ سوسائٽي، آغا خان اسپتال، محمد علي سوسائٽي کان ريلوي لائين تائين ٻئي پاسي هاڻوڪي يونيورسٽي روڊ جيڪو هن وقت گڏاپ ۽ ٿاڻي بولا خان روڊ جي نالي سان مشهور هو. انگريزن هن رستي جو نالو ڪنٽري ڪلب روڊ رکيو ۽ ورهاڱي کانپوءِ انهيءَ رستي جو نالو يونيورسٽي روڊ رکيو ويو. شهر ڏانهن ويندي هن جي کاٻي پاسي، مدو ڳوٺ، سفاري پارڪ لڳ مولڙي جبل کان آمري ڍوري تائين ۽ اڳتي هلي ناٿا خان پل جي وچ تائين هن ديهه جون حدون آهن. سي او ڊي وارو فوجي علائقو، ڊالميا سيمينٽ فيڪٽري، عزيز ڀٽي پارڪ، شانتي نگر، گلشن اقبال جو يونيورسٽي روڊ جي شهر ڏانهن ويندي کاٻي پاسي وارو علائقو، اردو يونيورسٽي، نيپا، نيشنل اسٽيڊيم لڳ فوجي علائقي ۾ مشهور چاڪر ڦاهي جبل ۽ ان مان نڪرندڙ چاڪر ڦاهي ڍورو به هن ديهه آهن. جتي هڪ وطن پرست چاڪر خان کي 1839ع تي ڦاهي تي چاڙهيو ويو جنهن جا تفصيل ڪتاب جي بابا ”ملڪ مڙوئي منصور....“ ۾ ڏنل آهن. سرڪلر ريلوي لائين، ڊرگهه روڊ اسٽيشن کانپوءِ انهيءَ ديهه مان گذري اردو يونيورسٽي کانپوءِ ديهه ڳجهڙي جي حدن ۾ داخل ٿئي ٿو.

هي جابلو علائقو هو جنهن ۾ اڄ به ڪٿي ڪٿي ٽڪريون نظر اچن ٿيون. الهلال هائوسنگ سوسائٽي کان نيپا تائين هي علائقو ڪنهن دور ۾ زرعي علائقو هو. اڄ به عزيز ڀٽي پارڪ ۽ شانتي نگر جي ڀر ۾ ڪجهه حصن تي زراعت ڪئي ويندي آهي. جابلو علائقي جي هئڻ ڪري هتي ڊالميا سيمينٽ فيڪٽري لڳائي ويئي. جيڪا هاڻوڪي پاڪستان واري علائقي ۾ لڳجندڙ پهرئين سيمينٽ فيڪٽري هئي. جنهن لاءِ ملڪ جي ۽ پنجگور مان مزدوري لاءِ ماڻهو هتي آيا ۽ هميشه لاءِ هتي رهي پيا. مسڪان پاڙو ۽ بشير ڳوٺ انهن مزدورن جون آباديون آهن. ڊالميا وٽ ڳوٺ شعبان باغ (مجيد پاڙو) آهي جنهن جا ماڻهو اڄ به زراعت جي پيشي سان وابسطا آهن. شانتي نگر، مجيد پاڙو پراڻيون آباديون آهن. ڊالميا سيمينٽ فيڪٽري کان اڳ ۾ هتي اهي ڳوٺ ۽ شانتي نگر وارو علائقو هو باقي آبادي سيمينٽ فيڪٽري لڳڻ کانپوءِ اچي هتي آباد ٿي. هتي نهرو گيٽ به آهي جتي نهرو خطاب ڪيو هو ۽ انهيءَ کانپوءِ گيٽ کي نهرو گيٽ چيو ويو. ڊالميا سيمينٽ فيڪٽري کي ختم ڪري هتي رهائش لاءِ بنگلا اڏيا ويا آهن ۽ نهرو گيٽ کي نهرو ڳوٺ ۾ تبديل ڪيو آهي. ڪراچي جي پهرئين اوپن ۽ جديد سينيما ڊرائيوان به انهيءَ علائقي ۾ هئي جنهن ٽڪري تي اها سينيما هئي ان کي ختم ڪري مارڪيٽ ۽ رهائشي اسڪيمن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. نقشي ۾ ٻين ڳوٺن کانسواءِ ناٿا خان پل لڳ آمري ڍوري جي ڪپ تي پنهورن جا ٻه ڳوٺ ساجن ۽ سبحان ڏيکاريل آهن پر ورهاڱي کانپوءِ اهي ترقي جي رستي ۾ رڪاوٽ هئا. تنهن ڪري ٻنهي ڳوٺن کي اٿاريو ويو. جتي هاڻي علاؤالدين پارڪ ۽ سنڌ باد آهن اهي هندوئن جي ملڪيت ”پنجرا پور ٽرسٽ“ جا هئا. هتي ڳئون شالا به هو جن کي ختم ڪري اهي ٺاهيا ويا آهن.

ديهه اڪيواري مان ٽي قديم رستا گذرن ٿا. جيڪي نقشي ۾ ڏنل آهن جنهن مان ٻه رستا هاڻوڪي يونيورسٽي روڊ (گس ٿاڻو بولا خان) ڊرگهه روڊ (گهاري وارو گس) ٽيون رستو هاڻوڪو اسٽيڊيم روڊ جيڪو شانتي نگر وٽان ڊرائيوان سينيما لڳ ناٿا خان کان ايندڙ رستي سان ملي ٿو. اڳتي آمري ڍوري کانپوءِ ايئر پورٽ جي پويان ميمڻ ڳوٺ تائين ويندو هو. ڊرائيوان کان اڳتي اهو رستو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي. هڪ ٻيو رستو ناٿا خان جي ڳوٺ کانپوءِ هاڻوڪي فوجي سينٽر ۽ آغا خان اسپتال جي پويان کان ٿيندو جيل واري جاءِ تي گڏاپ ٿاڻي بولا خان واري رستي سان ملندو هو. ڪوٺ واري جبل کان هڪ رستو الڳ ٿي محمد علي سوسائٽي، هاڻوڪي ڪي سيم سي ڪمپليڪس کان قائداعظم جي مزار واري ٽڪري کان شهر ڏانهن ويندو هو. ڪنهن دور ۾ هي علائقو يونين ڪائونسل ڳجهڙي ۾ شامل هوندو هو ۽ ضلعي ڪائونسل جو حصو به هو. پر هاڻي نئين بلدياتي سيٽ اپ ۾ هي علائقو گلشن اقبال ٽائون ۾ شامل آهي. انگريزن جي دور ۾ هن ديهه جي اولهه پاسي ميونسپلٽي جون حدون، اوڀر پاسي ديهه صفوران، اتر اولهه پاسي ديهه ڳجهڙو ۽ ڏکڻ پاسي ديهه ڊرگهه روڊ جون حدون هيون. هي ديهه تپي سونگل ۽ تعلقي ڪراچي ۾ آهي.

(4) ديهه ڳجهڙو:

ڳجهڙي جي نالي اڄ به يونين ڪائونسل موجود آهي. جيڪا گڏاپ ٽائون ۾ آهي 10 سيڪڙو علائقو هن ديهه جو گڏاپ ٽائون ۾ آهي. 55 سيڪڙو گلشن اقبال ٽائون ۾، 20 سيڪڙو گلبرگ ٽائون ۾ آهي. 15 سيڪڙو علائقو لياقت آباد ٽائون ۾ آهي. ڳجهڙو ڍورو جيڪو ٻٻراڻي (نيو ڪراچي) کان وهي اچي لسٻيلي پل کان اڳ لياري ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. انهيءَ جي دنگ تائين ۽ ٻئي پاسي پراڻي سبزي منڊي منو ڳوٺ، عيسيٰ نگري کان يونيورسٽي روڊ تائين ويندي ڪراچي يونيورسٽي تائين جو علائقو ديهه ڳجهڙي ۾ اچي ٿو. سپر هاءِ وي زيرو پوائنٽ سهراب ڳوٺ کان مادل واري ڍوري لاسي ڳوٺ تائين علائقو ڳجهڙي ۾ آهي. ڪراچي يونيورسٽي اين.اِي.ڊي يونيورسٽي سهراب ڳوٺ، گبول ٽائون، واٽر پمپ، عزيز آباد، حسن اسڪوائر،الله دادا ڀانگريا ڳوٺ، سوئي گيس ٽرانسميشن، گيلاني ريلوي اسٽيشن، سنڌي هوٽل، غريب آباد، انچولي، عائشه منزل، گلشن چورنگي ۽ گلشن اقبال جو يونيورسٽي روڊ جي شهر ڏانهن ويندي ساڄي پاسي وارو علائقو انهيءَ ديهه ۾ اچي ٿو.

ڳجهڙي ڍوري جي ڪري هن علائقي جو نالو ڳجهڙو پيو. گهاري، ملير، ٿاڻو بولا خان، گڏاپ، درساڻي ڇني، موئيداڻ، ڌريجي، شورينگ، ڪنڊ، سورجاڻي، مهيو کان بندر ڏانهن ايندڙ گسن جي مرڪز ۾ هئڻ ڪري هميشه اهميت وارو علائقو رهيو آهي. لياري ندي جو گهڻو حصو ان ندي جي پاسي جتي بلوچن جو ڳوٺ آهي اڄ به کوهه ۽ ڪنڊي (حوض) موجود آهن. اهو علائقو 1990ع کانپوءِ به آباد هو. سهراب ڳوٺ ۽ مادل ڍوري وارو علائقو مال ۽ کير پڙي ڪري مشهور هو.

ڳجهڙي جي لفظي معنيٰ لڪل، ڳجهو، دل ۾ ڳالهه سانڍيندڙ ۽ پئسا لڪائي رکندڙ آهي. برساتن ۾ ڳجهڙو ڍورو جيئن ته ويجهي کان وهي ايندو هو. برسات پوندي ئي هي ماٺ ميٺ ۾ وهڻ شروع ڪندو هو. جنهن جي ڪري ڳجهي نموني ڪنهن کي به خبر نه هئڻ ڪري هي ڍورو پاڻي کڻي ايندو هو. ان جي انهيءَ صفت ڪري هن کي ڳجهڙو معنيٰ ڳجهو چيو ويو. جنهن جي ڪري ديهه جو نالو به ڳجهڙو رکيو ويو.

ديهه ڳجهڙي سهراب خان گبول سميت گبولن جا ڳوٺ شروع کان وٺي گهڻا آهن. سهراب خان گبول جنهن جي نالي سان سهراب ڳوٺ وارو علائقو مشهور آهي. ايوب جي بنيادي جمهوريتن واري نظام ۾ يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهي چڪو آهي. پراڻي نقشي ۾ جيڪو 1915ع ۾ ٺاهيو ويو ان ۾ ليمون گبول ڳوٺ، عظيم خان گبول ڳوٺ، بکر گبول ڳوٺ، محبت گبول ڳوٺ، احمد گبول ڳوٺ، الله داد ڀانگريو ڳوٺ، ڀانگريا ڳوٺ، حسن اسڪوائر لڳ ملڪ پلانٽ ويجهو ڳوٺ گڊن جو ڏيکاريل آهي. جيڪو منو ڳوٺ آهي. ملڪ پلانٽ به انگريزن جي وقت ۾ هتي لڳايو ويو مٿي ذڪر ڪيل تمام ديهن جا ماڻهو مالوند ۽ مائڙ هئا ۽ اهي انگريزن جي انهيءَ ملڪ پلانٽ کي کير پهچائيندا هئا. ميان ڳوٺ سواءِ احمد خان گبول جي سڀ موجود آهن. احمد خان گبول ڳوٺ سهراب ڳوٺ کان ابوالحسن اصفاني روڊ کان ايندي پهرئين سونگل ڍورو اچي ٿو هن کانپوءِ اڳتي ٻيو ڍورو اچي ٿو. انهيءَ جي ساڄي هٿ تي ڍوري جي ڪپ تي هوندو هو. انهيءَ ڍوري کي ڙهي وارو ڍورو چيو وڃي ٿو جيڪو هاڻي گٽر جو نالو آهي. ڪي. ڊي. اي جي پهرئين اسڪيم 16 ۽ 24 ۽ پاڪ بي.ڪ ڊبليو ڪواٽرس به هن ديهه ۾ آهن. ديهه ڳجهڙو تپي سونگل تعلقي ڪراچي ۾ آهي. سنڌ ۾ ڳجهڙي نالي تعلقي ڏوڪري ۾ هڪ ديهه جو نالو ۽ ڳجهڙي نالي تعلقي گونيءَ ۾ هڪ ديهه جو نالو به آهي.

(5) ديهه سونگل:

موکيءَ جي ڀيڻ سونگل جي نالي سان قائم ديهه مڪمل طور تي شهري علائقي ۾ اچي چڪي آهي. گڏاپ ٽائون ۾ سونگل نالي يونين ڪائونسل به آهي پر هن ديهه جو فقط ڪجهه حصو گڏاپ ٽائون ۾ آهي. باقي پوري ديهه گلشن اقبال ٽائون ۾ آهي سپر هاءِ وي کان حيدرآباد ويندي هوميو اسپتال کان نئين سبزي منڊي تائين وارو علائقو انهي ديهه ۾ اچي ٿو. ڪراچي يونيورسٽي کان پوءِ ايندڙ اسلامڪ سينٽر، اوجها سينٽوريم (ٽي. بي اسپتال)، جوهر ڪمپليڪس، پاڪستان ڪائونسل آف سائينٽيفڪ ريسرچ، سيتانگر، سچل ڳوٺ، ماروئڙا ۽ ٻيا ڳوٺ به هن ديهه ۾ آهن. ديهه سونگل تپي سونگل تعلقي ڪراچي ۾ آهي.

سونگل نالي هڪ ڍورو به انهيءَ ديهه مان گذري سهراب ڳوٺ بکر گبول وٽان گذري لياري ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هاڻي مختلف رهائشي اسڪيمن کي الاٽ ڪري هن ڍوري جي وجود کي ختم ڪيو پيو وڃي. سهراب ڳوٺ کان ابو الحسن اصفاني روڊ تي جيڪو پهريون ڍورو اچي ٿو اهو ئي سونگل ڍورو آهي. جنهن جي پيٽ ۾ کاٻي هٿ تي ابوبڪر شيخاڻي ميمڻ باڙا مارڪيٽ اڏي رهيو آهي. هن کان اڳتي هڪ ٻيو ڍورو جيڪو هاڻي گٽر نالو آهي جيڪو به سونگل واري علائقي مان اچي ليمون گبول وٽ لياري ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ديهه سونگل جي اوڀر پاسي ديهه ٿومينگ، ڏکڻ پاسي ديهه دوزان، اتر پاسي ٻٺي آمري ۽ اولهه پاسي ديهه ڳجهڙي جون حدون لڳن ٿيون ديهه جي نقشي ۾ هندوئن جو ڳئون شالا، پنجراپور، ڳوٺ گوهر خان ۽ ڳوٺ عبدالڪريم گبول به ڏيکاريل آهن.

(6) ديهه صفوران:

موکي جي هڪ ٻئي ڀيڻ صفوران نالي قائم هن ديهه ۾ ڳجهڙي وانگر قديم ڳوٺ گهڻا آهن. مولڙي جبل (ڪراچي يونيورسٽي جي سامهون سفاري پارڪ تائين) جي ڏکڻ پاسي کان جتي هاڻي گلستان جوهر وارو علائقو آهي کان وٺي ڪراچي ايئرپورٽ کان اڳتي ريلوي لائين تائين وارو علائقو انهيءَ ديهه ۾ اچي ٿو. اوڀر پاسي ريس ڪورس کان ماڊل ڪالوني ۽ اولهه ۾ نئين آمري جيڪو ناٿا خان پل هيٺان وهي ملير ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، جي دنگ تائين وارو علائقو انهيءَ ديهه ۾ اچن ٿا. مولڙي جابلو سلسلي مان ڪيهر وارو ڍورو، ڪسي وارو ڍورو، ٺوٽڪرين وارو ڍورو جيڪي سڀ گلستان جوهر ۾ آهن، وهي اڳتي وڃي آمري واري نئين ۾ شامل ٿين ٿا. آمري نئين ايئرپورٽ پويان پهلوان ڳوٺ وٽان هاڻي گٽر نالي جي شڪل ۾ اڄ به موجود آهي. پهلوان ڳوٺ کان اڳتي انهيءَ نئين ۾ آمري نئين ايئرپورٽ پويان پهلوان ڳوٺ وٽان هاڻي گٽر نالي جي شڪل ۾ اڄ به موجود آهي. پهلوان ڳوٺ کان اڳتي انهيءَ نئين ۾ آمري (گدامڙي) جا شاهي وڻ موجود هوندا هئا جنهن جي ڪري هن نئين کي آمري نئين چيو وڃي ٿو.

ديهه جي پراڻي نقشي ۾ ڏسبو ته رستو ايئرپورٽ وٽان آسو ڳوٺ ملير کان منگهي پير ڏانهن وڃي ٿو. جيڪو تمام پراڻو گس هو جيڪو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي. هڪ ٻيو رستو صفوران ڳوٺ کان ملير ڪينٽ کان ٿاڻي بولا خان ۽ گڏاپ ڏانهن وڃي ٿو. جيڪو موجود آهي پر ملير ڪينٽ جي ڪري ڪينٽ واري حصي مان هن کي بند ڪيو ويو آهي. پراڻي نقشي ۾ گهاري واري روڊ لڳ ايئر پورٽ ملير ڏانهن ويندي وائرليس ڪالوني کان اڳ ڳوٺ موريو خان ٻرو ۽ ان سان لڳ ڳوٺن جا نالا ته نه آهن پر لکيل آهي ٻرن ۽ گڊن جو ڳوٺ. هي ڳوٺ عيسيٰ ٻرو ۽ گل محمد گڊو هئا. جن کي 1949ع ۾ هتان اٿاريو ويو جيڪي پوءِ لالو کيٽ ۾ حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ جي لڳ وڃي ويٺا هئا. هتي اڄ به ديوي جي وڻن ۾ پراڻي مسجد موجود آهي. انهن ڳوٺن سان لڳ بلوچن جي آبادي ڪاغذي بازار به هيو. ان کي به لڏايو ويو. ايئرپورٽ جو پورو علائقو نبيل گبول جي ڏاڏي جي ملڪيت ۾ شامل هو. صفوران نئين جيڪو صفوران ڳوٺ ريس ڪورس وٽان وهي پهلوان ڳوٺ کانپوءِ آمري ڍوري ۾ ڇوڙ ڪري ٿي انهيءَ جي ٻنهي ڪپن تي نقشي ۾ جيڪي ڳوٺ ڏيکاريل آهن. انهن ۾ ڳوٺ شاهي گبول، ڳوٺ علي گبول، ڳوٺ بخش علي گبول، ڳوٺ علو گبول، ڳوٺ خان محمد گبول، ڳوٺ بنگو گبول انهيءَ ڳوٺ جي ڀر ۾ گبولن جو پراڻو مقام به نقشي ۾ ڏيکاريل آهي. ڳوٺ پير گڊو، قاسم گبول ، ڳوٺ اسماعيل -1، اسماعيل-2، ونگريون جو ڳوٺ ۽ ٻه ذڪرين جا ڳوٺ ڏيکاريل آهن. جن جا نالا ڏنل نه آهن. ذڪرين جو هڪ ڳوٺ رستم ۽ ٻيو جمع اڄ به موجود آهن. انهن مان گهڻا ڳوٺ موجود آهن. پر بلڊرز مافيا وارا روز انهن تي چڙهايون ڪري انهن کي اٿارڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. ڪجهه ڳوٺ ته انهيءَ مافيا جو شڪار ٿي ويا آهن جن کي ختم ڪرڻ ۾ بلڊرز مافيا سان گڏ ڳوٺ وارن جو به هٿ آهي. نقشي ۾ صفوران ڳوٺ کان اڳتي ٿاڻو بولا خان روڊ (ملير ڪينٽ روڊ) تي اکاڙي جا نشان به ڏيکاريل آهن.

ديهه صفوران تپي ڊرگهه روڊ ۽ تعلقي ڪراچي ۾ آهي. ديهه جي ڏکڻ پاسي ريلوي لائين (ڪراچي ڪوٽڙي)، ديهه ڊرگهه روڊ جي اوڀر پاسي ديهه ٿاڻو ۽ ديهه مهراڻ، اتر پاسي ديهه دوزان، اتر اولهه پاسي ديهه ڳجهڙو ۽ اولهه پاسي ديهه اڪيواري (اڪيواڙي) جون حدون ملن ٿيون.

(7) ديهه دوزان:

هي ديهه به موکي جي ستين ڀيڻ مان هڪ ڀيڻ دوزان جي نالي سان آهي. هي تپي سونگل تعلقي ڪراچي ۾ آهي. صفوران، سونگل، مهراڻ (ملير ڪينٽ) ٽوڙ، ٿڌي ديهن جي وچ ۾ هي ديهه به هائوسنگ اسڪيمن جي ڄار ۾ آهي. پوري ديهه جي زمين مختلف هائوسنگ اسڪيمن کي ڏني وئي آهي بچيل علائقي تي ڪينٽومينٽ بورڊ ملير جي اک آهي. هن ديهه جون حدون نئين سبزي منڊي سپر هاءِ وي تائين اڳتي هلي سچل رينجرز هيڊ ڪواٽر ۽ ملير ڪينٽ تائين لڳن ٿيون. ڳوٺ يار محمد جوکئي لڳ هن ديهه ۾ هڪ پراڻو ايئربيس به آهي جنهن کي انگريزن ٻي مهاڀاري لڙائي دوران استعمال ڪيو هو. انهيءَ پراڻي ايئر بيس ڪري ڪينٽومينٽ بورڊ ملير هن پوري ديهه تي دعويدار آهي. هي علائقو ديهه صفوران ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺاڻن جي مال لاءِ بهترين چراهه گاهه هوندو هو. ديهه جي گهڻي زمين ساتلاڻي جوکين جي ملڪيت آهي. جتي انهن جو پراڻو ڳوٺ وڏيرو يار محمد جوکيو موجود آهي. وڏيرو يار محمد جوکيو ورهاڱي کان اڳ ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر رهيو هو. گڏاپ جي ديهه لٽ ڪرمتياڻي کان وهي ايندڙ لٺ نئين ۾ ڇوڙ کانپوءِ آمري نئين جي نالي سڏيو ويندو آهي. اڳتي وڃي ناٿا خان پنهور ڳوٺ وٽان گذري ملير ندي ۾ ڇوڙ ڪندي آهي، پر نئين سبزي منڊي ۽ ٻين هائوسنگ اسڪيمن ڪري ديهه دوزان ۾ هن جو رستو بند ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي برساتن ۾ نئين جو سمورو پاڻي نئين سبزي منڊي جي آس پاس گڏ ٿئي ٿو.

(8) ديهه مهراڻ/ ميراڻ:

ملير ڪينٽ جو مڪمل علائقو ان ديهه ۾ اچي ٿو. هن ديهه ۾ به گهڻيون زمينون ساتلاڻي جوکين جون هيون. 1941ع ۾ ملير ڪينٽ ٺهڻ کانپوءِ انهن کي هڪ معاهدي تحت اجورو ڏنو ويندو هو. جيڪو هاڻي بند ڪيو ويو آهي. هن ديهه ۾ جوکين جا ڳوٺ هوندا هئا. اوڀر پاسي ان ديهه جون حدون ديهه ٿڌو، اتر پاسي ديهه ٽوڙ، اتر اولهه پاسي ديهه ٿومينگ، ڏکڻ پاسي صفوران ۽ اولهه پاسي ديهه دوزان سان ملن ٿيون. مهراڻ/ميراڻ ماڻهو جو نالو هو جنهن جي پويان هن ديهه جو نالو اهو پيو آهي.. ملير ڪينٽ جو فوجي علائقو تيزي سان رهائشي اسڪيمن ۾ تبديل ٿي رهيو آهي. ديهه مهراڻ تپي ملير تعلقي ڪراچي ۾ آهي.

مهراڻ سنسڪرت ۾ مها ساگر وڏي سمنڊ کي چيو وڃي ٿو. سنڌونديءَ جو هڪ قديم نالو به مهراڻ آهي. سنڌو کي اهو نالو آرين ڏنو ۽ عربن مشهور ڪيو.

(9) ديهه ڊرگهه روڊ:

ڊرگهه روڊ جو پراڻو نالو گهاري وارو گس هو ۽ هاڻوڪو نالو شاهراهه فيصل آهي. هن ديهه جون حدون ناٿا خان پنهور ڳوٺ کان شروع ٿي ريلوي لائين جي ڪناري هلندي گسري تائين وڃن ٿيون. ٻئي پاسي هن جون حدون ملير نئين جي ساڄي ڪپ کان جناح اسپتال ويجهو گورا قبرستان لڳ تائين آهن. ملير نئين جي ڇوڙ وارو هڪ حصو جيڪو گسري لڳ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هن کي بند ڪري ڊفينس هائوسنگ اسڪيم جي حوالي ڪيو ويو آهي. اڳتي هلي ملير نئين جو رخ وڌيڪ ڪورنگي ڪريڪ ڏانهن ڪيو ويو آهي. ملير نئين جو رخ تبديل ڪرڻ کان پوءِ هن جي خالي ٿيل پيٽ ۾ مٽي ڀري هتي بنگلا اڏيا ويا آهن. ناٿا خان ڳوٺ کان وٺي گسري لڳ سمنڊ تائين هن ديهه جون حدون آهن. پهرئين مهاڀاري لڙائي کانپوءِ هن علائقي کي فوجي علائقي ۾ تبديل ڪيو ويو. 1940ع تي هتي قائم ڳوٺن کي اٿاريو ويو. ناٿا خان ڳوٺ ڊرگهه روڊ ريلوي اسٽيشن لڳ نقشي ۾ هڪ چرچ، ويم گهر ۽ پوليس لائين ڏيکاريل آهن. جيڪي اڄ به موجود آهن. هڪ فوجي آفيسر ”ڊرگهه“ جي پويان ديهه جو نالو ”ڊرگهه روڊ“ رکيو ويو آهي.

(10) ديهه ڊهه:

جتي گهڻي واري هجي هن هنڌ کي ”ڊهه“ چيو وڃي ٿو. سمنڊ جي ڪناري ۽ ملير نئين سان لڳ هئڻ ڪري هتي واريءَ جون ڀٽون اڄ به آهن جنهن جي ڪري هن علائقي کي ڊهه چيو ويو ۽ جنهن جي ڪري پوري ديهه جو نالو ”ڊهه“ رکيو ويو.

هاڻوڪي قيوم آباد چورنگي کان وٺي ڪورنگي ڪريڪ ملير نئين جي ڇوڙ تائين وارو علائقو هن ديهه ۾ آهي. 1915ع واري نقشي ۾ چکرو ڳوٺ ۽ ڀنڀا خان ڪرمتي (ڪلمتي) ڳوٺ ڏيکاريل آهن. چکري ڍوري جي ڪري هن ڳوٺ جو نالو چکرو رکيو ويو. ابراهيم حيدري ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ وقت جيڪو ٻورو سمنڊ تائين وڃي ٿو. هن ٻوري تائين ديهه ڊهه جون حدون اچن ٿيون. آئل ريفائنري، ٻيون فيڪٽريون، ڀٽائي ڪالوني ۽ بنگالين جون ڪچيون آباديون جيڪي چکري ڳوٺ سان آهن. اهي به هن ديهه ۾ آهن.

(11) ديهه ڊگهه:

ملير نئين جي ڪپ تي مٽي جي ڊگهن (ڍيرن) ڪري هن جو نالو ”ڊگهه“ پيو. هي ديهه ملير نئين تي ٺهيل ريلوي پل وٽان شروع ٿي ريلوي لائين (ڪراچي ڪوٽڙي ريلوي لائين) ۽ ملير نئين جي ساڄي ڪپ تائين وچ وارو علائقو ناٿا خان پل تائين وڃي ٿو. ڪنهن دور ۾ هي ملير جو سرسبز ۽ شاداب علائقو هوندو هو. ملير نئين جي ڪنڌيءَ تي هئڻ ڪري هتي کوهن ۾ پاڻي جهجهو هوندو هو. ملير جي هن علائقي کي ڪنهن وقت گروڪل چيو ويندو هو. اڄ به جهونا ماڻهو جامعه ملير واري علائقي کي گروڪل چوندا آهن. جامعه ملير ڪاليج جتي ورهاڱي کان اڳ گوڪل داس پرائمري اسڪول هوندو هو. انهيءَ جو نالو تبديل ڪري جامعه ملير اسڪول رکيو ويو. مشهور گرانڊ هوٽل به انهيءَ ديهه ۾ هوندو هو جنهن کي ختم ڪري رهائشي اسڪيم ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. هوٽل جي هڪ ديوار 2006ع تائين قائم هئي.

انهيءَ علائقي ۾ قائداعظم رهڻ لاءِ زمين هاصل ڪئي هئي. نواب بهاولپور جو قمر هائوس، خان آف قلات جو قلات هائوس، جيڪو هاڻي بهوپال هائوس ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. بابا ولايت شاهه درگاهه، شهيد عبدالله مراد جو ڳوٺ صديق بلوچ، نور دين بلوچ ڳوٺ، بلباس بلوچ ڳوٺ، داد رحيم جدگال ڳوٺ، جمع بلوچ ڳوٺ، غلام محمد بلوچ، ملير ريلوي اسٽيشن، ملير هالٽ ريلوي اسٽيشن انهيءَ ديهه ۾ آهن. هن ديهه ۾ جامعه ملير لڳ تاريخي قبرستان جنهن ۾ چوڪنڊي طرز اڏاوت تي گهاڙي قبرون موجود آهن. ورهاڱي کانپوءِ پوري زرعي ايراضي ۽ خالي زمين ڄاڻائي ويئي. ڇاڪاڻ ته گهڻي زمين هندوئن جي هئي. انهن تي هندستان کان آيل مهاجرن کي ويهاريو ويو ۽ ائين سرسبز علائقو ختم ڪري ان علائقي کي به ”ڊرگهه“ لکن ٿا جيڪو درست نه آهي. هي علائقو ”ڊگهه“ آهي.

(12) ديهه ڦهائي:

هن جون حدون هڪ پاسي ابراهيم حيدري، ديهه ريڙهي ۽ اوڀر طرف ديهه شرابي (شرافي) سان ملن ٿيون. ڪورنگي انڊسٽريل زون جو ڪجهه حصو هن ديهه ۾ آهي. ورهاڱي کان اڳ هتي گبولن، پنهورن ۽ ڪلمتين جا ڳوٺ هوندا هئا. هاڻي به حاجي عمر بلوچ ڳوٺ، محبت خان، خدا داد گبول ڳوٺ ۽ ٻيا ڳوٺ موجود آهن. هي پورو علائقو ملير نئين جي برساتي پاڻي هيٺ اچڻ ڪري چراگاهه هوندو هو ۽ گهڻي زمين خانبهادر الله بخش گبول جي پيءَ خداداد گبول جي آهي. جنهن جي نالي پويان قائداعظم جي مزار لڳ خداداد ڪالوني آهي. هي پورو علائقو هندستان مان آيل مهاجرن جي آباديءَ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. هن وقت ڪورنگي ٽائون ۾ آهي. چراگاهون ختم ٿيون ته مالوند ماڻهن هي علائقو ڇڏي ڏنو. مائي ڦهائي جو نالو سڀني کان وسري ويو. ياد رهجي ويا آهن فقط ڪورنگيءَ جا مختلف نمبر جن ۾ رهن ٿا هندستان کان آيل مهاجر.

(13) ديهه شرابي (شرافي):

شرابي ديهه کي عام طور تي شرافي چيو وڃي ٿو. روينيو ريڪارڊ ۾ هن جو نالو شرابي آهي. هن ديهه ۾ به خداداد گبول جون زمينون گهڻيون هيون. هي پورو زرعي علائقو هو. اڄ به ملير نئين جي ڪناري زراعت ڪئي ويندي آهي. مختلف ڳوٺن ۽ رهائشي اسڪيمن وچ ۾ کجين، نمن، پپر، گدامڙي جا شاهي وڻ هن علائقي جي شادابي جي گواهي ڏين ٿا.

لانڍي کان ايندي ملير ريلوي پل کان ٿورو اڳتي کاٻي هٿ تي ملير نئين جي ڪناري کان ديهه ريڙهي تائين جو علائقو ان ديهه ۾ آهي. هن ديهه ۾ شرافي ڳوٺ لڳ ڪلمتي قبيلي جو هڪ پراڻو چوڪنڊي طرز تي قبرستان آهي جنهن ۾ خوبصورت چٽسالي واريون گهاڙي قبرون آهن. هن ديهه ۾ 35 کان مٿي گبولن، پنهورن، ڪلمتين، جوکين ۽ بلوچن جا ڳوٺ آهن. هن وقت هي ديهه لانڍي ٽائون ۾ شامل آهي. ڪورنگي صنعتي زون جو گهڻو ڀاڱو هن ديهه ۾ هجڻ ڪري هتي مزدوري لاءِ آيل پٺاڻن ۽ پنجابين جون ڪچيون آباديون به آهن. دائود چورنگي وارو علائقو جيڪو پٺاڻ اڪثريتي علائقو آهي اهو به انهيءَ ديهه ۾ آهي.

خدا دادا گبول لاءِ اها ڳالهه مشهور آهي ته جڏهن انگريزن جي دور ۾ زمين جي نيڪالي لاءِ نيلام ٿيندو هو ته هي سڀني کان وڌيڪ ٻولي ڏيئي زمين حاصل ڪري وٺندو هو. اکواڻي گبولن جي پاڙي سان تعلق رکندڙ خدا داد گبول وٽ پئسو جام هو. ايئر پورٽ ، ڳجهڙو، شرافي، ڦهائي، صفوران ۽ لياريءَ ۾ هن جون زمينون اڄ به آهن. اڳتي هلي انگريز سرڪار خدا داد گبول تي ٻولي ۾ حصو وٺڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي. خداداد گبول ديهه شرابي/ شرافي ۽ الله ڦهائي ۾ ملير نئين مان ڪسي ڪڍي کيٽ آباد ڪندو هو. گهڻي علائقي ۾ مڪئي ۽ لوسڻ پوکيندو هو. ڇاڪاڻ ته انگريز سرڪار جي پوليس، فوج، روينيو ۽ ٻين کاتن ۾ استعمال ٿيندڙ گهوڙن، اٺن ۽ گڏهن کي گاهه پهچائڻ جو ٺيڪو خداداد گبول وٽ هوندو هو. هي گهڻو ڪري شرابي واري علائقي ۾ رهندو هو ۽ هتي سندس مائٽن هن کي قتل ڪيو. هتان جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته، ”خداداد خان هميشه شراب جي نشي ۾ رهڻ ڪري ماڻهن هن علائقي کي جيڪا هن جي ملڪيت هئي. شرابي وارو علائقو چوڻ ڪري هي علائقو شرابي مشهور ٿيو.“ ديهه شرابي تپي لانڍي تعلقي ڪراچي ۾ آهي.

ديهه شرابي جي پراڻي نقشي ۾ هڪ ونگي ڏنل آهي جيڪا ملير نئين مان پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ايندي هئي اها ونگي شرابي ديهه کانپوءِ ڦهائي مان ٿي ابراهيم حيدري ۽ علي اڪبر شاهه ڳوٺ وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. هن جو هڪ حصو چکري کانپوءِ ديهه ڊهه مان گذري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. جنهن تي ڪور ونگي جو نالو پيو. ڪور بلوچي ۾ نئين کي چوندا آهن ۽ ونگي، ڪسي کي چئبو آهي. معنيٰ نئين مان ڪڍيل/نڪتل/ نڪتل ونگي/ ڪسي. جيڪا بعد ۾ بگڙجي ڪور ونگي مان ڪورنگي ٿي ويو اهو علائقو اڄ به انهيءَ نالي سان مشهور آهي ۽ سمنڊ جي کاڙين ۾ ڪورنگي ڪريڪ به مشهور آهي. ڪورنگي نالي ڪراچي ۾ ٽائون به آهي. ڪورنگي ٽائون، ڪورنگي ڪريڪ، ڪورنگي ٿرمل پاور، ڪورنگي انڊسٽريل زون مشهور آهن.

ڪورنگي سنڌي لغات موجب ننڍي ڦوٽي (ايلاچي) کي به چيو ويندو آهي. ڪنهن زماني ۾ هتي ايلاچي جي پوک ڪئي ويندي هئي تنهنڪري انهيءَ نسبت سان هن جو نالو ڪورنگي رکيو ويو هجي. پر ڪورنگي (نئين واري ونگي) واري ڳالهه ۾ وڌيڪ وزن آهي ۽ حقيقت به اها ئي آهي.

(14) ديهه ميٽاڻ:

هي ديهه تپي منگهي پير تعلقي ڪراچي ۾ آهي، جڏهن ڪراچي جا پنج ضلعا هئا ته هي ديهه ڪراچي اولهه ضلعي ۾ هو. هن ديهه جي ايراضي ايتري نه آهي. ڏکڻ ۾ اورنگي، اوڀر اتر ۾ ديهه هلڪاڻي ۽ اولهه ۾ ديهه مائي ڳاڙهي جا علائقا اچن ٿا. ديهه مواڇ جو ڪجهه حصو ڏکڻ پاسي هن سان ملي ٿو. ڪنهن وقت هن ديهه ۾ بروهين ۽ برفتن جا گهڻا ڳوٺ هوندا هئا. هاڻي ڪجهه وڃي بچيا آهن. پوري ديهه ۾ ڪچي آبادين جو ڄار وڇايل آهي. جنهن جي ڪري ديهه ۾ موجود ٽڪرين کي ختم ڪري ماڻهو زمين کي رهڻ لاءِ استعمال ڪن پيا. هتان جي مقامي ماڻهن ڪجهه پئسن جي لالچ ۾ ڪجهه ڌارين جي ڌونس ۾ اچي زمينون ڀڳڙن مٽ ڏيئي ڇڏيون. هڪ جابلو سلسلو ديهه هلڪاڻي ۽ ديهه اورنگي کان هن کي الڳ ڪري ٿو. اهو جبل ميٽ رنگو، ميٽوڙي آهي. جنهن ۾ ميٽ جا تهه به آهن. انهن مان وهي ايندڙ ميٽاڻ ڍوري جي ڪري هن ديهه جو نالو ميٽاڻ رکيو ويو آهي. برساتن ۾ جڏهن ٽڪري جو پاڻي انهيءَ ڍوري ۾ وهندو آهي ته هن جو رنگ به ميٽوڙي (ميٽ جي رنگ جهڙو) هوندو آهي. اهو ڍورو بين ڍورن سان ملي مائي ڳاڙي درگاهه لڳ حب ندي ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. اهو ڍورو لينڊ مافيا جي ڪري ختم ٿي رهيو آهي.

انهيءَ جابلو سلسلي جي ڪڇ مان هڪ قديم رستو ڪراچي کان لسٻيلي ڏانهن ويندو هو. اهو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اڄ به موجود آهي. هلڪاڻي ديهه کانپوءِ مائي ڳاڙهي درگاهه وٽان حب اُڪري اهو رستو لس ڏانهن وڃي ٿو. قديم پيچري جا نشان ديهه جي نقشي ۾ موجود آهن.

(15) ديهه اورنگهي/ اورنگي:

هي جابلو علائقو هو. جنهن جا ڪجهه جبل اڃا به بچيل آهن. ٻين جبلن ۽ ٽڪرين کي ختم ڪري رهائشي ڪالونيون ٺاهيون ويون آهن ۽ ڪجهه ٽڪرين تي گهر ٺاهي انهن جي خوبصورتي کي ختم ڪيو ويو. اهو جابلو سلسلو ديهه کاري لڪي، ديهه هلڪاڻي، ديهه منگهو پير ۽ ميٽاڻ کي هڪٻئي کان الڳ ڪري ٿو. اورنگي قديم ماڳ واري وسندي آهي. اورنگي جي ڪچي آبادي ايشيا جي سڀ کان وڏي ڪچي آبادي آهي. انهيءَ ڪچيءَ آبادي جي ڪري هتي ويٺل گهڻا ڳوٺاڻا لڏي ويا. هي علائقو ڪراچي کان لسٻيلي ڏانهن ويندڙ پراڻي لنگهه تي هوندو هو. هڪ قديم رستو مائي ڳاڙهي ۽ ٻيو بند مراد خان وٽان هلڪاڻي واري جابلو سلسلي جي ڪڇ مان ٿيندو، اورنگهي (اورنگي) جابلو سلسلي وٽان اچي ڳوٺ ٽوراڙ وٽ پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي اورنگي نئين پار ڪري اڳتي رڙب واري بٺي پار ڪرڻ کانپوءِ هڪ رستو لالو کيٽ ۽ ڳجهڙي ڏانهن ويندو هو. جڏهن ته ٻيو رستو لياري ندي پار ڪري بندر ڏانهن ويندو هو. هڪ ٻيو گس مائي ڳاڙهي کان رڙب بٺي جي ساڄي ڪپ کان ٿيندو گٽر باغيچي پراڻي گوليمار لڳ منگهي پير واري رستي سان ملندو هو. اورنگي نئين رڙٻ واري بٺي مان وهي نڪري ٿي جنهن ۾ ٻيا ننڍا ڍورا شامل ٿين ٿا. هڪ رستو هاڻوڪي نارٿ ناظم آباد (کاري لڪي) وٽان اورنگي نئين  پار ڪري منگهي پير ۽ اورنگي واري جابلو سلسلي کان (انٽر بورڊ آفيس واري علائقي کان) لوهارڪو لنگهه پار ڪري حب نئين ڏانهن ويندڙ ٻين رستن سان ملندو هو. انهن تمام گسن جا نشان / اهڃاڻ اورنگي ديهه جي پراڻي نقشي ۾ موجود آهن. اورنگي نئين برسات ۾ لياري، حب ۽ ملير نئين وانگر گهنا ڏينهن وهڻ ڪري انهن گسن کان ايندڙ ماڻهو ٽوراڙ وٽان هن برساتي نئين کي اورانگهي (پار ڪري) ڪراچي بندر/دڙٻو ڏانهن ايندا هئا. انهيءَ اورنگهڻ واري جاءِ ڪري هن نئين جو نالو اورانگهي پيو جيڪو بعد ۾ بگڙجي اورنگهي ۽ اورنگي ٿي ويو. اورانگهه معنيٰ اورانگهڻ ۽ ٻرهانگ آهي. اورانگهه معنيٰ ٻرهانگ وک يا ورانگهه آهي ۽ اورانگهه ”هه“ مٿان پيش آهي جي معنيٰ اچ وڃ جي جاءِ، لنگهڻ جو هنڌ لنگهه آهي ۽ اورانگهڻ ڪري هن جو نالو اورنگهي پيو ۽ هاڻي بگڙجي اورنگي ٿيو آهي. نقشي ۾ ڏنل ڳوٺ ٽوراڙ گڊو، بلوچ ڳوٺ کان اڳ بنارس چورنگي کان اورنگي ڪچي آبادي ڏانهن ويندي اورنگي نئين جي ڪپ تي اورنگي واري جبل جي ڪڇ ۾ هوندو هو. نارٿ ناظم آباد جو ڪجهه حصو، انٽر ميڊيئٽ بورڊ آفيس، پاپوش وارا علائقا هن ديهه ۾ آهن. سورجاڻي ۽ لوهارڪي لنگهه کان شهر ڏانهن ايندڙ گس تي هاڻوڪي عثمانيه ڪالوني ۽ نئين گوليمار جي وچ ۾ ”لانڍي“ به هئي جتي ايندڙ مسافر ۽ قافلا ترسندا هئا.

اورنگي راڳ جي ٽيويهن آوازن مان هڪ آواز کي به چيو ويندو آهي. ڪجهه بلوچ دانشورن جو چوڻ آهي ته ”اورنگي“ تي اهو نالو هور ونگي (مينهن/ برسات واري ونگي/ ڪسي) ڪري پيو. هو بلوچي ۾ برسات کي چيو وڃي ٿو. انهيءَ نئين جو نالو هور ونگي (برساتي ونگي/ ڪسي) هو. جيڪو بعد ۾ بگڙجي هور ونگي کان اورنگي ٿيو آهي.“

انهن سڀني ڳالهين مان اورانگهي واري ڳالهه ۾ وڌيڪ وزن آهي هور ونگي ۽ اورانگهڻ ٻنهي جو واسطو برسات ۽ پاڻي سان آهي. اورانگهڻ مان اورانگهي ۽ اورنگي ٿيڻ واري ڳالهه هتي جهونن وٽ گهڻو مشهور آهي ۽ هن ديهه تي نالو به انهيءَ ڪري پيو آهي. اورنگهي واري علائقي ۾ گهڻا برساتي ڍورا هوندا هئا جن مان هاڻي گهڻا بند ٿي چڪا آهن. جن تي گهر اڏي انهن کي هميشه لاءِ بند ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه گٽر نالين ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. انهن مان گهڻا ڍورا اورنگي نئين ۾ ڇوڙ ڪندا هئا ۽ ڪجهه ديهه مواڇ ۽ شير شاهه کانپوءِ سمنڊ ۾، ۽ لياري نئين ۾ ڇوڙ ڪن ٿا.

ديهه اورنگي تپي منگهو پير تعلقي ڪراچي ۾ آهي. هاڻي هي پورو علائقو اورنگي ٽائون ۾ شامل اهي. اڳ ۾ هي ضلعي ڪائونسل ڪراچي ۽ ضلعي ڪراچي اولهه ۾ شامل هوندو هو. بلوچ ڳوٺ، سميت ڪيترائي قديم ڳوٺ هن ديهه ۾ شامل آهن.

(16) ديهه گوند پاس:

هي ديهه ڪياماڙي ٽائون ۾ آهي ۽ گابو پٽ يونين ڪائونسل ۾ آهي. اڳ هي ديهه ضلعي ڪائونسل ڪراچي ۽ ڪراچي ضلعي اولهه ۾ هوندو هو. ديهه گوند پاسي تپي گابي پٽ ۽ تعلقي ڪراچي ۾ آهي. هن جون حدون شير شاهه کان شروع ٿي حب نديءَ تائين وڃن ٿيون. هن جو ڪجهه حصو بلديا ٽائون ۾ به آهي. جتي هاڻي بس ٽرمينل ٺاهيو ويو آهي. ديهه مائي ڳاڙهي ۽ ديهه مواڇ واري دنگ تي جيڪا بٺي آهي هن کان اڳتي هڪ ٽڪري آهي. پراڻي نقشي ۾ هن ٽڪري تي ”مقام گوند پاس“ لکيل آهي. مون اها ٽڪري 1998ع ۾ وزٽ ڪئي هئي. هتان جي جهونن جو چوڻ آهي ته اهو پراڻو قبرستان آهي. مائي ڳاڙهي ۽ گوند پاس جي دنگ تان جيڪو رستو حب پار ڪري وڃي ٿو انهيءَ گس لڳ پاڻي جو چڪرو گوند پاس نالي هو جيڪو نقشي ۾ به موجود آهي. پر سرزمين تي ختم ٿي چڪو آهي. گوند پاس معنيٰ گوند وارو لڪ به ٿي سگهي ٿو. پاس انگريزي ۾ لڪ کي چيو وڃي ٿو. پراڻي نقشي ۾ موچڪو مان هڪ رستو گوند پاس جي جبلن مان مائي ڳاڙهي ڏانهن وڃي ٿو. انهيءَ رستي تي لکيل آهي ”سروي روڊ ملٽري لاءِ.“ پهرئين مهاڀاري لڙائي وقت هتي فوجي ٽريننگ لاءِ به ايندا هئا. نادرن باءِ پاس هن ديهه مان گذري وڃڻ ڪري هتي زمين جي قيمت وڌي وئي آهي. جنهن جي ڪري قديمي رهڻ وارا ماڻهو تيزي سان زمينون وڪڻي رهيا آهن. ڪجهه زمينون حڪومت خالي ڪرائي رهي آهي. هن ديهه ۾ ڌارين جون اڻ ڳڻيون ڪچيون آباديون آهن. هتان جي ماڻهن جو چوڻ آهي ”گوند“ واري جبل ۽ ”لڪ“ ڪري هن کي گوند واري بٺي ۽ گوند وارو لڪ به چيو ويندو آهي. جنهن جي ڪري ان تي اهو نالو پيو. گوند هندوئون جي هڪ ذات جو به نالو آهي.

(17) ديهه مواڇ:

لياريءَ جي ميران ناڪي کان نڪرندڙ حب ندي روڊ انهيءَ ديهه جي وچان گذري وڃي ٿو. سڄڻ ۽ حسن خاصخيلي ڳوٺن، مواڇ ڳوٺ، قاسم شاهه درگاهه، مرشد هاسپيٽل جي حوالي سان مشهور ”مواڇ“ اصل ۾ ماڙيپور جي لوڻ کاڻ جي لڳ ميدان جو نالو آهي. انهيءَ ميدان جنهن جو نالو مواڇ/ مياڇ آهي. جنهن جي ڪري پورو علائقو انهيءَ نالي سان مشهور ٿيو. ديهه مواڇ/ مياڇ تپي گابو پٽ ۽ تعلقي ڪراچي ۾ آهي. هي ديهه يونين ڪائونسل گابو پٽ ڪياماڙي ٽائون ۾ آهي.

انگريزن جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو ته شهر جا واپاري خوجا ۽ ميمڻ ڳوٺ جا ميمڻ، گبولن سان گڏجي پناهه لاءِ حب مياڇ واري ميدان وت پهتا ته ٻري قبيلي جي ڪجهه ماڻهن رستي تي قافلي تي ڦر لاءِ حملو ڪيو. ان لڙائي ۾ ٻه گبول جيڪي قافلي جا سرواڻ هئا مارجي ويا. لياري (لسٻيلي) جي ويٺل شاعر جعفر نوتاڻي گبول هن واقعي تي بيت چيا. انهن مان ٻه بيت هيٺ ڏجن ٿا جنهن ۾ مواڇ کي مياڇ جو نالو ڏنل آهي.

ڪيا سون ڀيڙا ڪراچي تي، خوجا ميمڻ واپاري،

تن کي ڏناسين لاکيڻا لانچائي، ٻئي شير شڪاري،

قضا ڪلتاري، جو اچي ماريا مڙس مياڇ ۾.

ôô

ماريا مڙس مياڇ ۾ نرمل نوتائي

جڙ جنگ جعفر چئي، ڪو سنگتي نه هئن ساڻي،

نه ته ٻُرين ۾ ٻروچ چوءِ، هوند گهوٽين وڌي گهاڻي،

اها هُين اُهڃاڻي، ”هڻ هڻ“ وائي وات ۾.

(18-19) ديهه لال بکر 1 ۽ 2:

هي ديهه روينيو ريڪارڊ ٻن حصن چڪ نمبر هڪ ۽ چڪ نمبر ٻه ورهايل آهي. سينڊس پٽ ۽ ٻلهيجي وارو سامونڊي علائقو هن ديهه ۾ آهن. لال بکر ڀنڊ فقير جوکئي جي نالي سان واڳيل هي ديهه ماڙي پور کانپوءِ شروع ٿي سمنڊ ڪناري هلندي من جبل تائين وڃي ٿي. ٻلهيجي (هاڪس بي) جو سامونڊي ڪنارو هتي موجود هٽ، اک ڦاٽو (پيرا ڊائيز پوائنٽ) به ديهه لال بکر ۾ آهن. ڦاٽل اک وانگر جبل ۾ اهو سوراخ جيڪو پيرا ڊائيز پوائنٽ طور مشهور آهي. ڪراچي جي سڃاڻ آهي. سياحتي ڪتابچن ۾ اهو ڦوٽو گهڻن سياحن کي انهيءَ ڪناري اچڻ لاءِ هرکائيندو آهي. پر هاڻي جڏهن ڪو اڻ واقف سياح هتي پهچندو ته  ٿيل سوراخ کي ڏسي ضرور مايوس ٿيندو. ڇاڪاڻ ته سار سنڀال نه لهڻ ڪري جبل ۾ اهو سوراخ سمنڊ جي تيز لهرن ڪري، هن جو مٿيون حصو ختم ٿي ويو آهي. ڊهڻ واري اها ڳالهه 2001ع تي ٻه وڳي 50 منٽن جي آهي. هاڻي اڳ جي بجاءِ اهي ڏندن جا ٻه ڏاٺ لڳن ٿا. ديهه لال بکر ٻلهيجي کانپوءِ من تائين ديهه لال بکر چڪ جون حدون شروع ٿين ٿيون. ديهه من ۽ لال بکر کي ڌار ڪندڙ من جبل جيڪو سمنڊ جي اندر تائين هليو وڃي ٿو. اهو علائقو هر خوبصورت علائقي وانگر فوج جي حوالي آهي. هن جبل تائين ڪنهن کي وڃڻ جي اجازت نه آهي. لال بکر ڀنڊ فقير جي قبر منگهي پير واري پراڻي قبرستان ۾ آهي. هي ديهه تپي گابي پٽ ۽ تعلقي ڪراچي ۾ آهي. اڳ هي ضلعي ڪراچي اولهه ۽ ضلعي ڪائونسل ڪراچي ۾ هو. ميندياري ۽ لال بکر ديهن جي دنگ تي اوچي ٽڪري تي منارو ٺهيل آهي جنهن کي لال بکر جو منارو چوندا آهن. پراڻي نقشي ۾ به اهو موجود آهي. انهيءَ ٽڪريءَ مان نئين لال بکر وهي اچي نئين ”سون ڪي“ سان ملي اک ڦاٽي وٽ، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ٻيا به ڪيترائي ڍورا هن ديهه ۾ آهن. هي جابلو علائقو آهي ۽ ڪوهستان جو حصو آهي.

(20) ديهه من:

سامونڊي ڪناري ڊگهي ۽ اوچي خوبصورت جابلو سلسلي جي هڪ چوٽي من ڪري هن ديهه جو نالو ”من“ رکيو ويو آهي. حب نديءَ به 240 ميلن جو سفر طئي ڪري انهيءَ ديهه ۾ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري پنهنجو وجود وڃائي ٿي. مبارڪ ڳوٺ، منجهار، ٻٽ کوڙي وارا سامونڊي ڳوٺ هن ديهه ۾ آهن. هن ديهه جي ماڻهن جو گذر بسر مڇي مارڻ تي آهي. هي علائقو انتهائي خوبصورت ۽ ڏسڻ وٽان آهي. جتي سمنڊ صاف ۽ شفاف آهي. هاڻي فوجي هن علائقي کي حاصل ڪرڻ لاءِ نشان ۽ رستي تي هر اچڻ وڃڻ واري جي سڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ زنجير لڳائي ڇڏي آهي. ٻنهي پاسي جبل ۽ وچ ۾ سامونڊي ڪنارو هاڻي لڳي ٿو ته اسان جهڙن رولاڪن لاءِ بند ٿي ويندو. جتي هر ماڻهو جي دل ڪجهه گهڙيون گذارڻ لاءِ چوندي آهي. هاڻي هن دل کي سمجهائڻو پوندو ته علائقي تي بندوقن ۽ لانگ بوٽن جا پهرا لڳڻ وارا آهن. من جبل لڳ  حب جي ڇوڙ وارو هنڌ به آهي. جتي کڙڪ بندر هوندو هو. کڙڪ بندر جا اهڃاڻ هن وقت بلوچستان جي حدن ۾ آهن. سامهون سمنڊ ۾ هڪ ٻيٽ تي خوبصورت ٽڪري آهي. جتي ڪجهه قبرون به آهن. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته سورهيه بادشاهه پير پاڳارو هتي دفن ٿيل آهي. جنهن لاءِ تحقيق جي ضرورت آهي.

(21) ديهه ڇتارا:

هن ديهه جو نالو هميشه مونکي منجهائي وجهندو هو. ديهه ۾ منهنجي مائٽن جا به ڳوٺ آهن. ماهيگيري سان واسطو رکندڙ مائٽن جو هڪ ڳوٺ ديهه لال بکر ۾ به آهي. حب جي ڪناري هي ديهه به جابلو علائقي تي ٻڌل آهي. برساتي ڍورا وهي وڃي حب ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. مالوند ۽ ماهيگيري سان تعلق رکندڙ هي ماڻهو زندگي جي هر سهولت کان محروم آهن. ويندي پيئڻ جي پاڻي تائين هن ديهه ۾ پنج وڏا ڳوٺ آهن. ديهه جي نالي تي مون گهڻو غور ڪيو. هتان جي ماڻهن حب ڪناري جبل ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو ته هن جبل جو نالو ڇتارا آهي. جنهن جي ڪري هن ديهه جو نالو ”ڇتارا“ رکيو ويو آهي.

ڇٿ ڀالي جهڙي هڪ اوزار کي چئبو آهي جنهن سان ماهيگير مڇي ماريندا آهن. ڊگهي ڪاٺيءَ ۾ لڳل ڪنڊيدار سوئو مڇي کانسواءِ ٻئي شڪار ۾ ڀالي وانگر ڪم اچي ٿو.

انهيءَ جبل جي ڀر ۾ ويٺل ماڻهو انهيءَ اوزار جي شڪار جا ماهر هئا جيڪي حب ۽ سمنڊ ويجهو هئڻ ڪري انهيءَ اوزار سان مڇي ۽ ٻيو شڪار ڪندا هئا. اهو فن گهڻو ڪري انهن وٽ هو جنهن ڪري انهن کي ڇٿ وارا معنيٰ ڇٿ جي اوزار وارا چيو ويو. جيڪو پوءِ ڇتارا مشهور ٿيو. ڇٿا ڇڏائڻ. معنيٰ مٿي جا وار ڇڏائڻ کي به چيو ويندو آهي. ڇٿا مٿي جي وارن کي به چئبو آهي.

(22) ديهه الله ٻنو:

جوکين ۽ برفتن جي وچ ۾ هتي ئي حب جي ڪپ تي جنگ لڳي. برفتن وڏو حملو ڪيو. ڄام بجار جوکئي چيو ته ”هڪ پاسي بٺي ٻئي پاسي حب درياهه ۽ هي الله جو ٻنو“. ٻنو معنيٰ دنگ آهي. خاص ڪري زمين جي ورهاست مهل ٻنو ٺاهي دنگ الڳ ڪيو ويندو آهي. ٻئي قبيلا انهيءَ ٻني کان پنهنجي پنهنجي پاسي هوندا. ان ڏينهن کانپوءِ هن علائقي جو نالو الله ٻنو مشهور ٿيو ۽ ديهه جو نالو به الله ٻنو رکيو ويو. انهيءَ جنگ کي ”الله ٻني واري جنگ“ ۽ ”جهل واري جنگ“ به چئبو آهي. ڇاڪاڻ ته جنگ ۾ جوکين جو ثمر ۽ سامان ختم ٿي ويو. ثمر ۽ سامان اچڻ تائين انهن جهل جو ٻج ڏٿ طور کائي گذران ڪيو. تنهنڪري تاريخ ۾ هن کي ”جهل واري جنگ“ به چيو ويندو آهي. الله ٻنو ديهه جون حدون به حب ندي سان ملن ٿيون. هي ديهه تپي گابي پٽ، تعلقي ڪراچي ۽ ڪياماڙي ٽائون ۾ آهي.

(23) ديهه گابو پٽ:

ڪنهن ڳالهه تان جوکين ۽ ڪلمتين جي جنگ حب ندي جي ڪپ تي لڳي. پهرئين حملي ۾ گهڻا جوکيا مارجي ويا. باقي پندرنهن مڙس وڃي بچيا جيڪي پنهنجي بزرگ لال بکر ڀنڊ فقير وٽ آيا جيڪو درويش هو جنهن جو ذڪر لال بکر ديهه ۾ ڪيل آهي. لال بکر گهڻو نٽايو ته مون کي ڇڏيو آءٌ پاڻ دنيا کان پري ٿي ويٺو آهيان، پر جوکين کيس مدد لاءِ زور ڀريو، تڏهن چيائين ته ”سڀاڻي ڌئونرو (اڇو) گابو اچي ٻروچن جي لشڪر ۾ پوندو، جي ان کي جهليائون ته سوڀ سندن، پر جي گابو حب اُڪري ڀڄي ويو ته فتح اوهانجي ٿيندي. ٻئي ڏينهن ڌئونرو گابو ازغيبي اچي ٻروچن جي لشڪر ۾ پيو ٻروچ ان کي جهلي نه سگهيا. گابو حب اُڪري پار هليو ويو. جنگ لڳي ته ٻروچن کي شڪست ٿي. انهي ڌئونري گابي ۽ جنگ ڪري علائقي کي گابو پٽ معنيٰ گابي وارو ميدان چيو وڃي ٿو. تاريخ ۾ اها لڙائي ”گابي پٽ واري لڙائي“ طور مشهور آهي. ديهه جون حدون حب ندي تائين ملن ٿيون. گابو پٽ يونين ڪائونسل آهي ۽ تپو گابو پٽ به آهي.

(24) ديهه ميندياري:

هي ديهه الله ٻني سان گڏ حب ندي جي ڪناري آهي. هي ديهه به تپي گابي پٽ، تعلقي ڪراچي ۾ آهي. حب جي ڪناري هڪ جبل ۽ ان مان نڪرندڙ ڍوري کي ميندياري جبل ۽ ميندياري ڍورو چيو وڃي ٿو ۽ ديهه جو نالو به انهيءَ نسبت سان رکيو ويو آهي. هن ڍوري ۽ جبل تي خودرو بنيادن تي ٿيندڙ ميندي جا ٻوٽا موجود آهن جنهن جي ڪري هن کي ميندي واري چيو ويو. ميندياري معنيٰ به ميندي واري آهي. هي به جابلو علائقو آهي.

مينڌ هڪ ذات جو نالو به آهي ۽ مينڌ وهٽ جي ڳچيءَ ۾ سونهن لاءِ ٻڌل رنگا رنگي رسي کي به چئبو آهي. پر مينڌ ذات ۽ رسي جو واسطو هن ديهه سان نه آهي. هن ديهه جو واسطو خوشبو پکڙيندڙ ”ميندي“ سان آهي. جنهن جي رنگ جا چِٽ اڄ به هتان جي ماڻهن ۾ پسي سگهجن ٿا.

(25) ديهه موچڪو:

هي ديهه به حب ندي جي ڪناري تي آهي. حب ندي روڊ مواڇ کانپوءِ انهيءَ ديهه مان گذري حب ندي پار ڪري بلوچستان جي حدن ۾ داخل ٿئي ٿو. ڪراچي جي دنگ تي آخري چيڪ پوسٽ موچڪو چيڪ پوسٽ به هتي آهي. موچڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ چم رکندڙ ۽ چمڙي جي ڪم ڪندڙ ڌنڌي واري کي چئبو آهي. انهيءَ ڪم ڪندڙ کي موچي چيو ويندو آهي. لڳي ائين ٿو ته ڪنهن دور ۾ هتي چمڙي رڱڻ جو ڪم گهڻو ٿيندو هو تنهنڪري انهيءَ ڌنڌي جي نسبت سان هن علائقي کي موچڪو چيو ويو هجي. ڪوهستان ۾ گهگهر جو ٻوٽو گهڻو ٿئي ٿو ۽ هتي گهگهر ڇٺڻ جو ڪم گهڻو ڪري ماڇي ذات وارا ڪندا آهن هتي جبلن تي گهگهر جو ٻوٽو جهجهي تعداد ۾ ٿئي ٿو ماڇين جو هتي اچڻ ۽ هتي ٽڪري تي ديرو ڄمائڻ ڪري ان کي موچڪو معنيٰ ”ماڇين جو“ چيو ويو ماڇي مڇي شڪار ڪندڙن کي به چئبو آهي مڇي شڪار ڪندڙ قبيلا به صدين کان هتي رهن ٿا. جيڪو بعد ۾ بگڙجي ماڇڪي مان موچڪو ٿيو آهي. ”ڪو“ بلوچي ۾ جبل کي چيو وڃي ٿو. هتي رهندڙ بروهين جو چوڻ آهي ته موچ جبل جي ڪري هن کي موچ ڪو (موچ وارو جبل) چيو ويندو هو جيڪو اڄ به انهيءَ نالي سان مشهور آهي. جنهن جي ڪري هن علائقي جو نالو موچڪو آهي.

انهن ٽنهي ڳالهين مان مونکي ماڇڪو ۽ ماڇين واري ڳالهه وڌيڪ ويجهي لڳي ٿي. بلوچي ۾ موچ ڪو (موچ جبل) واري ڳالهه به انهيءَ تصديق لاءِ ڪافي آهي. ماڇ ڪو (ماڇين وارو جبل) به انهيءَ جي بگڙيل صورت آهي.

ديهه گوند پاس کان وٺي موچڪو تائين جن ديهن جو ذڪر ڪيو آهي هي سڀئي ديهون تپي گابي پٽ، تعلقي ڪراچي، يونين ڪائونسل گابو پٽ ڪياماڙي ٽائون ۾ آهن. هن يونين ڪائونسل جي هڪ پاسي سمنڊ ٻئي پاسي حب ندي آهي. هاڻوڪي نظام کان اڳ هي علائقو ضلعي ڪراچي اولهه ۾ هوندو هو. هي مڪمل جابلو علائقو آهي ۽ ڪوهستان جو حصو آهي. جتي باراڻي طريقي سان پوک ڪئي وڃي ٿي. حب ڊيم نه هئڻ ڪري جڏهن حب ۾ ٻارهو پاڻي وهندو هو ته هتي جر ۾ مٺو پاڻي هوندو هو. گاهه به جام هوندو هو. هتان جا ماڻهو گهڻو ڪري مالوند ماڻهو آهن. حب ڊيم اڏجڻ کانپوءِ ندي ۾ پاڻي بند ٿي ويو ته سمنڊ اڳتي وڌي آيو ته جر جو پاڻي کارو ٿي ويو گاهه سڪي ويو ته مالوند ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا. فطرت سان هٿ چراند جا نتيجا هميشه اهڙائي نڪرن ٿا.

هتان جي ماڻهن کي لڏائڻ، انهن جي زمينن تي قبضو ڪرڻ ۽ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ هاڪس بي هائوسنگ اسڪيم جو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي. ڳوٺن کي چار ديوارين ۾ قيد ڪيو ويو آهي. هاڻوڪي سرڪار هن اسڪيم ۾ ٻين اسڪيمن وانگر گهڻي دلچسپي ڏيکاري رهي آهي. لڳي ٿو هن خوبصورت جابلو علائقي جو انت به ڪراچي جي ٻين علائقن وانگر ٿي ويندو.

(26) ديهه مائي ڳاڙهي:

نادرن باءِ پاس کان ويندي هلڪاڻي کان پوءِ حب جي ڪناري هڪ درگاهه نظر ايندي. اها درگاهه بزرگ خاتون مائي ڳاڙهي جي آهي. جنهن تي هر سال هتان جا رند ميلو لڳائيندا آهن. هتي هڪ پراڻو قبرستان به آهي. مائي ڳاڙهي جي درگاهه ڪري هن ديهه جو نالو به مائي ڳاڙهي رکيو ويو. ان ديهه ۾ گهڻو ڪري بروهين، برفتن ۽ رند بلوچن جا ڳوٺ آهن. هن ديهه جو الميو به نادرن باءِ پاس ڪري ٻين ويجهڙ وارن ديهن جهڙو آهي. قديمي ماڻهو تيزي سان زمينون وڪڻي رهيا آهن. جيڪي سنڀالي ويٺا آهن انهن کي لينڊ مافيا حڪومت جا ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن بهاني اٿارڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن. هي ديهه تپي منگهي پير، تعلقي ڪراچي، يونين ڪائونسل منگهي پير، گڏاپ ٽائون ۾ آهي.

(27) ديهه هلڪاڻي:

هن ديهه جون حدون حب جي ڪپ کان شروع ٿي ديهه اورنگي جي جابلو سلسلي تائين اچن ٿيون. منگهي پير، اورنگي ۽ ديهه ميٽاڻ کي مختلف ٽڪريون هن ديهه کي ڌار ڪن ٿيون. ديهه ۾ 20 ڳوٺ آهن. ”مدينته الحڪمت همدرد يونيورسٽي“ انهي ديهه ۾ آهي. ڳوٺ رمضان بروهي ۽ زوبو بروهي جي سامهون جبلن مان هلڪاڻي ڍورو وهي حب ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ڪنهن دور ۾ ديهه جي گهڻي حصي تي حب مان پاڻي کڻي زراعت ڪئي ويندي هئي. اهو پاڻي بند مراد خان مان کنيو ويندو هو. لس ڏانهن ويندڙ هڪ پراڻو گس هتان ويندو آهي. حب ڊيم ٻڌڻ سان ٻين علائقن وانگر هلڪاڻي بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويئي. ڪراچي شهر ۾ زمين جي کوٽ، نادرن باءِ پاس ڪري هتان جي زمين سون ٿي پئي. لڪشمي ديوي هتان جي ماڻهن تي مهربان ٿي آهي. پر هن لڪشمي ديوي جي مهربانيءَ سان ڌرتي پيرن هيٺان نڪرندي وڃي ٿي.

(28) ديهه منگهو پير :

منگهو پير مزار جي ڪري هن ديهه جو نالو منگهو پير رکيو ويو. هي قديم آستان ۽ پراڻو ماڳ آهي. جنهن جو تفصيل سانج ذڪر ڪتاب جي منگهي پير واري مضمون ۾ ڪيل آهي. منگهي پير جو قبرستان تاريخي قبرستان آهي اڳ ۾ اڪيواڙي، ڳجهڙي ۽ گابي پٽ کان وٺي سڀني ڳوٺن جا ماڻهو پنهنجا مردا هتي اچي دفن ڪندا هئا. هتي برفتن، ميرن، ڪلمتين ۽ جوکين جون گهاڙي قبرون بهترين چٽساليءَ سان موجود آهن. پراڻي قبرستان جي گهڻي حصي تي قبضا ڪري گهر اڏيا ويا آهن. هندن جي تاريخ مندر، ڳئونشالا تي قبضو ڪيو ويو. منگهي پير جو ٿاڻو ڪراچي جي قديم ٿاڻن مان هڪ ٿاڻو آهي. منگهو پير لس، مڪران، حب ڌريجي، هنگول ۽ ٻين علائقن جو قديم مرڪز آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org