سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 44

يهودي جا عبادتگاهه ۽ قبرستان:

ڪراچي ۾ يهودين جا ٻه قبرستان آهن. جن مان هڪ حاجي ڪئمپ ۾ جيڪو بني اسرائيل قبرستان جي نالي سان مشهور هو. جيڪو پراڻي حاجي ڪئمپ جي ڏکڻ اولهه پاسي هو. جتي يهودين جون 100 قبرون هيون. 1907ع واري سنڌ گزيٽيئر ۾ 1901ع واري ڳڻپ موجب ڪراچي ۾ 428 يهودي هئا. يهودين جو ٻيو قبرستان ميوا شاهه ۾ هڪ الڳ چار ديواري ۾ موجود آهي. جتي هڪ قبر مسٽر سلومون ڊيوڊ جي گهر واري شيلو جي آهي. سلومون ڊيوڊ ڪراچي ۾ ميونسپل سرويئر ۽ يهودي ڪميونٽي جو صدر هو. ان قبر تي تاريخ وفات 27 اپريل 1903ع ۽ عمر 56 سال لکيل آهي. هن چار ديواري ۾ سڀ کان پراڻي قبر 1901ع واري تاريخ جي آهي هن کان اڳ مري ويندڙ يهودين کي پراڻي حاجي ڪئمپ واري بني اسرائيل قبرستان ۾ دفن ڪيو ويندو هو. هتي يهودين جي هڪ مذهبي اڳواڻ سلومون اوومر داڪر Slolmon Omer Daker (1930-1861) جي قبر به آهي.

ڪراچي ۾ يهودي گهڻو ڪري لارينس ڪوارٽر ۾ رهندا هئا ۽ هتي جوبلي مارڪيٽ ۽ هوتي مارڪيٽ ويجهو يهودين جي عبادت واري جاءِ سيناگاگ (Synagogue)هئي جتي هاڻي رهائشي پلازا ٺاهيل آهي.

بهائين جو قبرستان گلستان جاويد به هڪ چار ديواري ۾ ميوا شاهه قبرستان ۾ آهي ۽ بهائين جي عبادت واري جاءِ گرو مندر تي لسٻيلي روڊ تي نور ڪاليج واري گهٽي ۾ ڪاليج جي سامهون بهائي ڪميونٽي مرڪز ۾ آهي. هي مرڪزي عبادت گاهه آهي. باقي بهائي پنهنجي گهر ۾ عبادت ڪندا آهن. بهائين جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻ ڪجهه رهجي ويل منظر واري باب ۾ پڙهندا.

ميوا شاهه قبرستان ۾ يهودين جي قبرستان جو هڪ منظر

 

واڳوئن جون قبرون:

ڪراچي کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هتي واڳوئن جا ٻه قبرستان آهن. هڪ واڳو ڏر جي ٽڪري تي جتي ٽي سئو کان مٿي واڳوئن جون قبرون آهن. انهن مان تازو ڪجهه قبرن کي پڪو ڪري بزرگن جا نالا ڏنا ويا آهن. ٻيو قبرستان منگهي پير ۾ هو جنهن تي قبضو ڪري هن کي ختم ڪيو ويو. هاڻي واڳوئن کي مرڻ کانپوءِ واڳوئن جي تلاءُ جي چار ديواري ۾ دفن ڪيو وڃي ٿو.

پيرن ۽ بزرگن جا درگاهه ۽ تڪيا:

ڪئپٽن هارٽ 1838ع ۾ جڏهن ٽالپرن جي دور ۾ ڪراچي جو دورو ڪيو هو ته پنهنجي رپورٽ ۾ هن ڪراچي شهر ۾ 13 پيرن ۽ بزرگن جي درگاهن جو ذڪر ڪيو هو. پر هاڻي ڪراچي ۾ انهن جو انگ 150 کي ويجهو آهي. انهن مان ڪجهه بزرگ 1947ع جي ورهاڱي جي پيداوار آهن. انهن مان اڪثريتي درگاهن جو ديدار مون پاڻ ڪيو آهي. ڪجهه معلومات ڪتابن مان به حاصل ڪئي وئي آهي. گهڻن بزرگن خواب ۾ اچي بشارت ڏني هئي ته هو ان هنڌ پوريل آهي، هن کي ظاهر ڪيو وڃي. گهڻن بزرگن جي باري ۾ هتي ويٺل متولين کي به ڄاڻ نه آهي. انهن بزرگن جي مزارن تي هفتيوار هزارين عقيدت مند سلام لاءِ ايندا آهن. گهڻن مزارن تي لنگر جو انتظام هوندو آهي. جيڪي سرهندي وارن ماڻهن پاران ڪيو ويندو آهي. هزارين ماڻهن جو روزگار انهن درگاهن سان ٻڌل هوندو آهي ۽ هزارين فقيرن، موالين ۽ بيروزگار ماڻهن جي کاڌي جو بندوبست انهن درگاهن تي آهي. معذرت سان لکڻو ٿو پوي ته گهڻن درگاهن تي منشيات جو ڪاروبار عروج تي آهي. جنهن ۾ متولي ۽ سنڀاليندڙکان وٺي وڏا سرڪاري عملدار ملوث آهن. گهڻا درگاهه اوقاف کاتي جي حوالي آهن پر انهن درگاهن جي پيتين ۾ پوندڙ لکين رپين جو ڪو حساب ڪتاب ڪونهي. جنهن ۾ متولي، اوقاف کاتو ۽ پوليس جا عملدار حساب ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن. انهن درگاهن جا گادي نشين انتهائي طاقتور آهن انهن جي طاقت جو سرچشمو پوليس اهلڪار ۽ منشيات جي ڌنڌي ۾ ملوث مضبوط ماڻهو آهن. جنهن جي ڪري انهن جي هڪ هٽي ۽ بدمعاشي کي روڪڻ عوام ۽ عام ماڻهو جي وس جي ڳالهه نه آهي. انهن درگاهن تي ايندڙ عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍ جا داستان ڪڏهن ڪڏهن اخبارن جون زينت بڻجندا آهن. پر وڏن ماڻهن جي وچ ۾ پوڻ ڪري ڳالهه ختم ٿي ويندي آهي. غريب، پورهيت طبقي ۽ عقيدت مندن جي عقيدت جو فائدو انهن چند گادي نشينن ۽ سرڪاري اهلڪارن کي حاصل هوندو آهي.

هر درگاهه تي بزرگ جي ڪرامتن کي وڌائي پيش ڪرڻ جو ڄڻ ته مقابلو لڳو پيو آهي. انهن ڏند ڪٿائن ۽ من گهڙت ڪهاڻين تي ٻڌل بزرگن جي باري ۾ لکيل ڪتاب به انهن درگاهن ۾ موجود آهن. وڏي پيماني تي هن پروپئگنڊه ۾ سچ ڪٿي گم ٿي ويو آهي. جنهن جي ڳولڻ واري تي ڪفر جي فتويٰ جاري ڪري هن کي واجب القتل قرار ڏنو ويندو آهي. هڪ واقعو بيان ٿو ڪريان جنهن جو تعلق ويجهي ماضي سان آهي.

منهنجو هڪ مائٽ جيڪو شرافي جي ڳوٺ حاجي شاهه علي ۾ مسجد جو پيش امام هو جنهن جو اصل نالو ملا محمد هو پر هو ملا لاغر جي نالي سان مشهور هو. کل ڀوڳ وارو هي زندهه دل ماڻهو پيش امام هوندي به هر ماڻهو سان رلي ملي ويندو هو. هن ٻڌايو ته 14 سالن جي عمر ۾ هو ايئر پورٽ لڳ ڊرگ روڊ واري قبرستان تي جيڪو روڊ سان لڳ آهي. هو هڪ قبر تي ويهي رهيو. ملير ۽ شرافي کان ايندڙ ماڻهو گهڻو ڪري سبزي ڍوئيندڙ اٺ گاڏين وارا هن جي ويهڻ کانپوءِ هتي پئسو رکي ويندا هئا ۽ انهن پئسن مان هو فلمون ڏسندو هو. ڪجهه سالن کان پوءِ هڪ پٺاڻ اها قبر ان کان 150 سئو رپين ۾ خريد ڪئي ۽ هاڻي هتي وڏي درگاهه آهي ۽ هو پٺاڻ جيڪو پنڌ آيو هو. هاڻي ڪراچي جو وڏو ٽرانسپورٽر آهي ۽ هاڻي درگاهه هن جي اولاد جي حوالي آهي ۽ مون وارو مائٽ مفلسي ۾ گذاري ويو. هن واقعي جا اکين ڏٺا شاهد اڄ به موجود آهن.

ميوا شاهه جي باري ۾ عجيب غريب ڪهاڻيون ڳنڍيل آهن. جنهن جي پويان ڪراچي جو مشهور ميوا شاهه قبرستان آهي. جنهن جي باري ۾ لياري جي مشهور دانشور مرحوم يوسف نسقندي مون سان ڪچهري ڪندي ٻڌايو ته، ”هن جا وڏا چوندا هئا ته ميوا شاهه جنهن جو نالو ڪبير شاهه هو. لياري ۾ تعويذ ڏيڻ، ڦيڻي ڪرڻ وارو ڪم ڪندو هو ڇاڪاڻ ته مزدوري جو ڪم ڪرڻ ان لاءِ ڏکيو هو. اهڙا ماڻهو هميشه اهڙن پورهيت ماڻهن جي وسندين جو رخ ڪندا آهن جتي زندگي جي ڪا سهولت نه هوندي آهي. هن  پنهنجو هڪ حلقو ٺاهيو هو جيڪي هر مرحلي ۾ وڃي ان جي ڪرامت جي تعريف ڪندا هئا. گهڻن الزامن کانپوءِ انگريزن هن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو. ڇاڪاڻ ته طاقتور ٿيڻ کانپوءِ ان جا ماڻهو بدمعاشي ڪندا هئا.“

پر جڏهن هن جي قبر تي وڃبو ته ٻي ڪهاڻي اوهانجي انتظار ۾ هوندي آهي ته، ”هن جو اصل نالو سيد عبدالڪبير ولد سيد عباس آهي ۽ هي 1715ع ۾ افغانستان جي ڪنڙ صوبي ۾ پيدا ٿيو. بخاري سيد آهن ۽ سندس خاندان جو تعلق حضرت علي سان ملي ٿو ۽ افغانستان ۾ فوج ۾ جرنيل جي عهدي تي فائز هو ۽ خانداني ميون جا باغ هئا. باغ جي ملڪيت تان جهيڙي سبب هڪ مٽي جي ديوار تي چڙهي ڪراچي آيو.“ اها ديوار بقول قبر تي ويٺل مجاور جي چاڪياڙي ۾ اڃا به موجود آهي جنهن جي مٽي سان ماڻهو صحتياب ٿين ٿا. ڪراچي ۾ رهڻ دوران سفيد جبي ۾ ملوث هوندو هو ۽ هر وقت بندوق ڪلهي تي لٽڪيل رهندي هيس. وڌندڙ شهرت ڪري برطانيا حڪومت کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو. جيل ۾ بند هوندي به ماڻهن هن کي ٻاهر هلندي ڦرندي ڏٺو. برطانيا جي سرڪار هن کي ڪاري پاڻي جي سزا ڏني. جڏهن پاڻي جي جهاز ۾ هن کي اوڏانهن وٺي وڃي رهيا هئا ته نماز جي وقت پاڻي جي جهاز ۾ نماز پڙهڻ جي اجازت نه ملڻ ڪري پاڻ مصلو کڻي جهاز کان ٻاهر سمنڊ جي سڻح تي مصلو وڇائي نماز پڙهيائون. نماز مان فارغ ٿي هڪ وڏي مڇي تي سوار ٿي ڪراچي واپس آيا. انهيءَ مڇي جا ڪنڊا مزار جي ديوار اندر موجود آهن. ڊولفن مڇي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ميوا شاهه سمنڊ مان هن تي سواري ڪري واپس لياري آيو. هن جا هڏا هڪ شيشي جي الماري ۾ قبرستان واري چار ديواري ۾ رکيل آهن. 1865ع ۾ وفات ڪيائين ته لياري ندي جي ڪناري واري قبرستان ۾ دفن ڪيائون ان ڏينهن کانپوءِ ان قبرستان جو نالو ميوا شاهه قبرستان آهي.“ ميوا شاهه جي قبر تي درگاهه نه آهي. چار ديواري ۾ ٻين قبرن سان گڏ جتي ان جي مائٽن جون قبرون آهن ۽ غازي عبدالقيوم جي قبر سندس پيراندي تي آهي. ميوا شاهه هتي بلوچن ۾ شادي ڪئي. جنهن جي پونئرن مان گهڻا مشهور اديب، شاعر، ڳائڻا ۽ صحافي گذريا آهن. جن بلوچي ادب جي وڏي خدمت ڪئي. اسان سڀني جو پيارو دوست نادر شاهه عادل صحافي، بلوچي ٻولي جي مشهور شاعره بانل دشتياري، مشهور بلوچي شاعر حضرت شاهه ٻين جو تعلق ميوا شاهه جي خاندان سان آهي. اها چار ديواري جتي ميوا شاهه دفن آهي هتي خاندان وارا دفن آهن.

ميوا شاهه قبرستان ۾ موجود ميوا شاهه جي قبر

 

لي مارڪيٽ کان چاڪيواڙي ڏانهن ويندي هشت چوڪ کان اڳ ساڄي هٿ تي ميوا شاهه جي حويلي اڄ به موجود آهي.

هي ۽ ان جهڙيون گهڻيون ڪهاڻيون انهن درگاهن بابت مشهور آهن. جن تي لکڻ لاءِ هڪ پوري ڪتاب جي ضرورت آهي. انهيءَ جي باوجود گهڻا خدا جا نيڪ ٻانها ۽ بزرگ به آهن. جن جي محبت، علم ۽ تقويٰ لکين انسانن کي پنهنجو گرويد بنايو ۽ علم ۽ عمل جي روشني سان ماڻهن کي فيضياب ڪيو. قديم تاريخ کان وٺي سنڌ اوليائن، پيرن فقيرن ۽ صوفين جو مسڪن رهي آهي. سنڌ جي خوبصورت سرزمين بهادر سپوتن کانسواءِ صوفين، پيرن ۽ فقيرن جي سرزمين به آهي. جن مان گهڻن سنڌ ۾ ماڻهن کي مذهبي ڪٽرپڻي کان هميشه پاسيرو ررکيو.

پر هن ڪاروباري زماني ۾ انهن جي پرک مشڪل آهي.

هيٺ ڪراچي جي بزرگن، پيرن، فقيرن ۽ صوفين جي مزارن ۽ درگاهن جي لسٽ ڏجي ٿي. جن ۾ گهڻن تي روزانو سوين ماڻهو سلام ڀرڻ لاءِ ايندا آهن ۽ ڪن جون درگاهون ميلن وقت آباد ٿينديون آهن. ڪوشش اها آهي ته سڀني درگاهن جي لسٽ هتي ڏجي. پر پوءِ به ممڪن آهي ته ڪجهه نالا رهجي به ويا هجن.

نمبر

نالو

هنڌ

1

حضرت عبدالله شاهه غازي

ڪلفٽن: پيدائش 98هه مدينو شريف- وفات 151هه ڪراچي

2

حضرت سخي سلطان پير منگهو

منگهو پير

3

حضرت سيد قطب عالم شاهه بخاري (وڏو پير)

عيدگاهه بندر روڊ- دريافت 1849ع

4

حضرت اسماعيل شاهه

عيدگاهه بندر روڊ: پيدائش 1819ع کارو در- وفات 1929ع

5

حضرت قاتل شاهه (مير محمد احمد صديق)

عيدگاهه بندر روڊ

6

حضرت ميوا شاهه (سيد عبدالڪبير)

ميوا شاهه قبرستان: پيدائش 1715ع افغانستان- وفات 1865ع ڪراچي

7

بچل شاهه بخاري (مستان شاهه)

گاڏي کاتو بندر روڊ

8

حضرت سيد عبدالرحمان شاهه

بندر روڊ

9

حضرت سيد يوسف شاهه

منهوڙو

10

سيد پير غائب شاهه

ڪياماڙي ڀٽا وليج

11

نور شاهه غازي (اڇي قبر)

بمبئي بازار کارودر

12

سيد ڇٽن شاهه غازي

آغا خان روڊ کارو در

13

سيد محمد شاهه سبزواري

آغا خان روڊ کارو در

14

معصوم شاهه بخاري

کارو در

15

سيد قادر شاهه

کارو در

16

سيد جمال شاهه

کارو در

17

پير حسن شاهه

جوڙيا بازار کارو در

18

سيد ابراهيم شاهه

وزير مينشن کارو در

19

حضرت سيد زنده شاهه (ظاهر شاهه)

کارو در

20

حضرت مسڪين شاهه بخاري

جوڙيا بازار پهول چوڪ

21

مصلح الدين شاهه

کوڙي باغيچو بولٽن مارڪيٽ

22

شيدي بابا

موسيٰ لين مٺو در لياري

23

غريب شاهه

ڪنڀار واڙو لياري

24

بيبي ميران ماءُ

شيدي وليج روڊ مارڪيٽ

25

عمر شاهه ولي

کتري مسجد لي مارڪيٽ

26

سيد احمد شاهه مشهدي

نانڪ واڙو

27

سيد امام شاهه بخاري

نانڪ واڙو

28

سيد حاجي پير

ڀيم پورو

29

سيد قطب ظهور شاهه

ڀيم پورو

30

حضرت سيد محمد ابراهيم شاهه

ڀيم پورو

31

حضرت سيد امام شاهه بخاري غازي

ڀيم پورو

32

سيد قرار شاهه

پهول چوڪ کجهور بازار

33

حضرت جمن شاهه

لارنس روڊ گارڊن

34

حضرت محمد عمر نعيمي

ناظم آباد

35

سيد محمد نظم برخيا

نارٿ ناظم آباد

36

سيد طاهر اشرف

حاجي مريد ڳوٺ لالو کيٽ

37

حضرت مهتاب شاهه بخاري

سولجر بازار: پيدائش 1835ع وفات 1914ع

38

سيد علي مست

ماڙيپور روڊ لياري ندي ڇوڙ لڳ

39

سيد شير شاهه

شير شاهه وليج مورڙو قبرستان

40

سيد صالح شاهه

شير شاهه وليج مورڙو قبرستان

41

سيد حيدر شاهه

ڪورنگي ڪنٽونمينٽ ابراهيم حيدري

42

ابراهيم شاهه

چڪرو ڳوٺ ابراهيم حيدري روڊ

43

سيد قاسم شاهه

ابراهيم حيدري

44

سيد جمن شاهه

ابراهيم حيدري

45

سائين پيرو شاهه

ريڙهي مياڻ

46

ابراهيم شاهه

ريڙهي مياڻ

47

سائين عنايت

چشما ڳوٺ

48

سائين اسماعيل شاهه مست بخاري

ابراهيم حيدري

49

علي اڪبر شاهه

علي اڪبر شاهه ڳوٺ ابراهيم حيدري

50

حضرت خواجا سيد محمد حسن شاهه

قائد آباد لانڍي

51

الحاج عبدالواحد صابري

ڪورنگي-1 قبرستان

52

ڪنڊو شاهه بابا

ڪورنگي-5 قبرستان

53

عبدالحفيظ قادري

شاهه فيصل ڪالوني عظيم پورو

54

سيد نور علي شاهه بخاري

حاجي گل محمد ڪلمتي ڳوٺ شرافي لانڍي

55

نوگزو بابا

حاجي گل محمد ڪلمتي ڳوٺ شرافي لانڍي

56

سيد هاشم شاهه

حاجي شاهه علي بلوچ ڳوٺ شرافي لانڍي

57

ممتاز احمد رحماني چشتي قادري قلندري

ممتاز نگر ملير ڪالوني پيدائش 1927ع دهلي، وفات 1403هه ڪراچي

58

حافظ محمد يوسف علي سليماني (1959ع ۾ پاڪستان آيو)

پيدائش 1889ع راجستان- وفات 1975ع ڪراچي

59

حضرت مير محمد عمر شاهه صديق چشتي نظامي

قائدآباد لانڍي

پيدائش 1901ع دهلي-1947ع ۾ ڪراچي ۾ آيو.

وفات 1971ع

60

محبت شاهه وارثي احرام پوش

محبت نگر ملير نيشنل هاءِ وي- پيدائش 1867ع يو- پي ڀارت. 1947ع ۾ ڪراچي ۾ آيو. وفات 1967ع

61

سيد عبدالله شاهه نوراني

ڪورنگي-1 لڳ چڪرو ڳوٺ

62

سيد عبدالرحيم باز محمد قتلاني قادري

غازي بروهي ڳوٺ ملير سٽي- وفات 1959ع

63

حضرت باون شاهه

ميمڻ ڳوٺ روڊ شفيع وليج ملير

64

حضرت سائين بابا ولايت شاهه

لڳ بهاول پور هائوس ملير- 1947ع ۾ پاڪستان آيو، پيدائش 1842ع پاني پت ڪرنال- وفات 1957ع

65

سائين مهر علي شاهه مست بخاري

اولڊ ٿاڻو ملير، وفات 1379هه

66

سيد حاجي شاهه

نيشنل هاءِ وي ويجهو جوڳي موڙ لانڍي

67

حضرت ابراهيم شاهه

ٿڌي نئين جي ڪناري سومار اسماعيل ڳوٺ لڳ

68

الحاج سيد غلام جهانيان شاهه

اسماعيل ڪنڊاڻي ڳوٺ ملير

69

حضرت پير بالا شاهه

مٺو در قبرستان

70

سيد در محمد شاهه

پنهور محلو ميمڻ ڳوٺ

71

سيد محمد علي شاهه بخاري

ميمڻ ڳوٺ

72

بيبي مايون

ملير ندي ڪناري ميمڻ ڳوٺ

73

سيد سونهارو شاهه

ڊملوٽي روڊ ملير ڪينٽ ٿڌي نئين لڳ

74

سيد يوسف شاهه

رضا محمد ڳوٺ درساڻو ڇنو

75

سيد حسن شاهه

رشين بيچ ٻيلو، پپري بن قاسم ٽائون

76

سمندري بابا

لنڪ روڊ ديهه ڊانڊو گهگهر

77

پير ضيا احمد سرهندي

پير ڳوٺ لانڍي

78

شهيد احمد شاهه جيلاني

شاهه فيصل ڪالوني، ملير شبانه سينيما ويجهو

79

مصري شاهه بخاري

صديق ڳوٺ ڊرگهه ملير

80

بابا محمد فيض رسان

دلبود ڳوٺ، دلبود قبرستان ملير

81

سائين ڇتن شاهه

درساڻو ڇنو

82

سيد عنايت شاهه

جامعه مليه

83

علاءُ الدين قادري طرطوسي

ملير سٽي

84

بابا عبدالرحمان شاهه لڌيانوي

سعود آباد ملير

85

سيد يعقوب شاهه

ملير هالٽ

86

شاهه محمد سليمان رضا

ڪالوني گيٽ قبرستان ڊرگ روڊ ايئرپورٽ جي سامهون

87

سيد شمسار شاهه بخاري

ڪالوني گيٽ قبرستان

88

بي بي مريم بخاري

ڪراچي ايئر پورٽ لڳ

89

خواجا سراج الدين نظامي

قائد آباد لانڍي

90

معصوم شاهه بخاري

ڊرگ روڊ اسٽيشن لڳ

91

حاجي حافظ احمد حسين نقشبندي

ڊرگ روڊ اسٽيشن لڳ

92

حضرت خواجا سيد محمد حسن شاهه

قائدآباد لانڍي

93

سيد احمد علي شاهه

عمار ياسر سوسائٽي ملير

94

سيد عثمان شاهه

گڏاپ روڊ ديهه ڪونڪر

95

حضرت علم علي شاهه جيلاني قادري قلندري

گڏاپ سٽي گڏاپ- وفات 2004ع

96

حضرت بابا خدن شاهه

گڏاپ سٽي گڏاپ

97

حضرت علي شاهه

نيو ڪونڪر گڏاپ روڊ

98

شاهه مريد

موکي کارو روڊ ديهه شاهه مريد

99

سيد ابراهيم شاهه

موکي کارو روڊ ديهه شاهه مريد

100

نور شاهه

موکي روڊ ويجهو شاهه مريد درگاهه

101

سيد عبدالڪريم شاهه

ٺارو مينگل ڳوٺ سونگل

102

سيد عثمان شاهه

معين بڪڪ ڳوٺ موئيداڻ

103

سلطان محمد شاهه

واڻ ڪنڊ قبرستان ديهه واڻ ڪنڊ گڏاپ

104

مائي ڳاڙهي

ديهه مائي ڳاڙهي عبدالله رند ڳوٺ حب ندي منگهو پير

105

سيد جليل شاهه جاني

گرم چشمو منگهو پير

106

سيد قاسم شاهه

مواڇ

107

حضرت عنايت شاهه

بولٽن مارڪيٽ کارو در

108

مصري شاهه

کديجي سپر هاءِ وي

109

قلندر بو

پنهور محلو ميمڻ ڳوٺ

110

سيد اسماعيل شاهه

ويجهو گوري فارم ميمڻ ڳوٺ

111

سيد جمن شاهه

سپر هاءِ وي ويجهو ناگوري سوسائٽي

112

سيد حاجي پير مجنون

حاجي پير مجنون قبرستان گهگهر

113

سيد ڪمال شاهه

لڳ ڱانڱيارو ڍورو وسند ڳوٺ

114

حضرت بابا شمس الدين اوليا

ميوا شاهه حسن اوليا وليج

115

حضرت سيد مولانا محمد علي شاهه جيلاني

ميوا شاهه حسن اوليا وليج

116

حضرت بابا اجميري شاهه

ميوا شاهه ويجهو گٽر باغيچو

117

سيد معصوم علي شاهه

ميوا شاهه قبرستان

118

سيد مشتاق احمد چشتي قلندري

ميوا شاهه قبرستان

119

سيد محمود علي شاهه نقشبندي

ميوا شاهه قبرستان

120

سيد مقبول شاهه بخاري پاني پت والي

ميوا شاهه قبرستان

121

حضرت سيد بُهلي شاهه پير ڪوڙهيا

ميوا شاهه قبرستان

122

بابا سلطان شاهه

ميوا شاهه قبرستان

123

سيد شيخ جمال الدين المعروف سيد جمن شاهه

سومار ڪنڊاڻي ڳوٺ ملير

124

مائي خديجا بي بي

ڪراچي ايئر پورٽ پي ايم ٽي لڳ

125

حضرت سيد خواجا نواب احمد

منو ڳوٺ گلشن اقبال

126

سيد وجاهت علي شاهه مست بخاري

ميوا شاهه قبرستان

127

سيد معصوم شاهه

ميوا شاهه قبرستان

128

سيد ماڻڪ شاهه

ميوا شاهه قبرستان

129

سيد هاشم شاهه بخاري

سليمان ڳوٺ پي آءِ پي ڪالوني

130

بابا محمد شاهه

دائود ڳوٺ ملير

131

حضرت نانا سرڪار

منگهو پير قبرستان

132

بابا عبدالمالڪ سرهندي

ابراهيم حيدري قبرستان

133

مائي ستيون

منگهو پير قبرستان

134

مائي منگينلڌي درويشياڻي بنت در محمد باريچو

منگهو پير قبرستان

135

سائين محمد صادق فقير

منگهو پير قبرستان

136

بابا رحيم الله حميدي

ماڊل ڪالوني قبرستان

137

سيد آصف شاهه

واڳو ڏر- ريڙهي مياڻ (وفات 18 شوال 1200هه)

138

سيد اڪبر بابا

واڳو ڏر- ريڙهي مياڻ

139

سيد رستم شاهه

واڳو ڏر- ريڙهي مياڻ

140

سيد شهنشاهه

واڳو ڏر- ريڙهي مياڻ

141

بابا بوري سيد نور محمد شاهه

نيشنل هاءِ وي گهگهر

142

جيلاني بابا

گلستان جوهر

143

سخي حسن

سخي حسن قبرستان ناظم آباد

144

حضرت نصير الدين لاهوتي شاهه

پاپوش نگر قبرستان ناظم آباد

145

حضرت جهانگير علي شاهه جلالي

پاپوش نگر قبرستان ناظم آباد

146

حضرت واحد علي شاهه

مين روڊ نارٿ ناظم آباد

تڪيا/ آستان

1) شاهه عبداللطيف ڀتائي جو تڪيو

گڏاپ

2) سيد عثمان شاهه غازيءَ جو تڪيو

ذڪريا ڳوٺ ٽول پلازه سپر هاءِ وي

3) حضرت شاهه محمد جو تڪيو

پاڪستان هوٽل سامهون ويجهو سمو بلوچ ڳوٺ ميمڻ ڳوٺ روڊ ملير

4) سيد بابا حاجي پير شاهه جو تڪيو

ڪوهي ڳوٺ لانڍي ملير

5) آستانو غريب نواز

دائو ڳوٺ ملير

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org